سنگسار
ٽي ڌيئرون انهن کي ڏسي ڪڻس زندگي عذاب محسوس ٿيندي
هئي. ڪيتريون مڃتائون مڃيون هئائين، پر هڪڙي به نه
مُئي، ٽئي جيئريون جاڳنديون وڻ جيان وڌنديون ٿي
ويون ۽ پٽ هڪ به نه ٿيس، جنهن جي ڪڻس ڏاڍي سڪ هئي.
جوڻس کي پيو گاريون ڏيندو هو، ”نڀاڳيءَ ٽي بلائون
ڄڻي رکيون آهن، پٽ ڄڻيندي ڄڻ پيٽ ٿي ڦاٽس.“ جوڻس
جي به پئي دانهن پوندي هئي، ”مئو ڪنگلو هٿ ۾ ٽڪو
به نه لڀيس جو کڻي ٽي پهر ماني کائون. فلاڻن فلاڻن
جون ته زالون ڏس، ڪيئن پيون جرڪن. مڙسن سان فلمون
ڏسن ۽ گهمن ڦرن. هڪڙو منهنجو ڀاڳ ڦٽو هو، جو توساڻ
پلاند اٽڪايو اٿم.“ هوءَ روئندي ويندي هئي ته
مائٽن کي به پٽيندي ويندي هئي، جيڪي پاڻ ته مري
ويا، سندس پلاند مئي ڪنگلي سان اٽڪائي ويا.
جوڻس آڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي، جيڪي چار پيسا گڏ ڪندي
هئي، سي به ڦري وڃي نشو پتو ڪندو هو ۽ جڏهن موٽندو
هو تڏهن ڄڻ ساڻس گڏ قيامت اچي ويندي هئي. جوڻس کي
رتوڇاڻ ڪري ڇڏيندو هو ۽ هو ٽئي طوفان ۾ آيل ڪکن
جيان پيون ڏڪنديون هيون ۽ پوءِ جيڪر انهن مان ڪا
هڪڙي سڏڪي پوندي هئي ته قيامت جو عذاب ويتر وڌي
ويندو هو.
جيل جو ڊپ نه هجيس ها ته انهن چئني کي اڦٽ ماري
ڇڏي ها، پر جيل کان ڊڄندو هو. اڳ به سال کن جيل
ڪمائي آيو هو. اتي جيڪر ڪنهن ڳالهه جو سک هئس ته
اهو. جو اتي اهي ٽي-چار بلائون نه هيون. هڪ واري
جوڻس پل لاءِ آئي به ته، اهڙي ته جٺ ڪيائينس جو
هوءَ وري نه موٽي. جيل ۾ ڪڻس ڪم ڪرڻو پوندو هو. بس
انهيءَ ڪري هو جيل کان ڊڄندو هو.
جنهن رات هو گهر نه موٽندو هو، نشي ۾ ڪنهن به فٽ
پاٿ تي پئجي رهندو هو. انهيءَ رات هو ٽئي ڪيڏيون
نه پر سڪون ٿي وينديون هيون، ڄڻ ڪنهن سوريءَ تي
ٽنگيل کي زندگيءَ جو پيغام ڏئي ڇڏجي، پر انهيءَ
رات به سندن ماءُ هوريان هوريان پئي سُڏڪندي هئي.
بدن تان ڪپڙا لاهي پئي ڦٽ ڌوئيندي ۽ سيڪيندي هئي.
ڪارا نيرا نشان ڏسي پئي روئيندي پٽيندي هئي.
ڪجهه ڏينهن کان مڙس جي نڪري وڃڻ کان پوءِ وٽس هڪ
ٻيو مرد ايندو هو.
انهيءَ جي اچڻ کان اڳ سينگار پکا ڪندي هئي. فلمي
گانا جهونگاريندي هئي. سستي قسم جي خوشبوءَ هڻندي
هئي ۽ جڏهن اهو ٻيو مرد ايندو هو، ته ٻئي ڄڻا
ڪوٺيءَ جو در بند ڪيو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا هوندا
هئا ۽ هو ٽئي ڄڻيون در تي پهرو ڏينديون هيون.
پريان پيءُ جي سائيڪل کي ايندو ڏسنديون هيون ته
ڊوڙي وڃي ماءُ کي ٻڌائينديون هيون. ماءُ ته نڪري
ايندي هئي ۽ هو دري ٽپي هليو ويندو هو. هوءَ جهٽ
جهٽ ڪري ڪپڙا مٽائيندي هئي، پر جڏهن سندس مڙس اندر
گهڙندو هو ته ڪٿان نه ڪٿان عطر جي خوشبوءَ اچي
ويندي هئس. وارن مان ڇڪيندي چوندو هو، ”ڪهڙو يار
آيو هيئي جو گهر ۾ خوشبو پکڙي پئي آهي.“ ۽ هوءَ
ڊوڙي وڃي طاق تان قرآن پاڪ کڻندي هئي.“ آءٌ ڦٿڪي
مران جو تو کان سواءِ ڪو ٻيو آيو هجي.“ پوءِ هن کي
ته مارڻ جو بهانو گهربو هو، سو جوڻس کي رتو ڇاڻ
ڪري رکندو هو.
۽ هو جو ايندو هو ته هنن ٽنهي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه
کڻي ايندو هو. گڏيون، چوڙيون، واليون ۽ اهي شيون
هنن کي ايڏيون وڻنديون هيون، جو ڪڇنديون ڪونه
هيون. ڪڻن هو وڻندو ڪو نه هو، پر ماءُ کان پڇنديون
هيون، ”امان هي ڪير آهي؟“ ته پوءِ ڳراٽي پائي
چوندي هئن ته، ”چاچو سليم آهي، پڻهين کي متان
ٻڌايو ڇوريون! نه ته مئو پاڻ کي ماري وجهندو.“
هوءَ نه به چوي ها، ته به هو ماٺ هجن ها، جو پيءُ
ته اوري به نه اچڻ ڏيندو هون. ڳالهائڻ جو ته تصور
۾ به ڪو نه هون. پوءِ هڪ ڏينهن اجهو اچان ٿي چئي،
هوءَ چاچي سليم سان ائين وئي جو سج لهي ويو؛ پر
هوءَ نه موٽي. ڪڻن اڪيلائپ کان ڊپ ٿيو ته هڪٻئي کي
ڀاڪر پائي روئڻ لڳيون. انهيءَ رات سندن پيءُ به نه
آيو ۽ نه ماءُ وري. اُنداهي ۾ زندگيءَ جا ڀوت هنن
ڏانهن وڌڻ لڳا. ٽنهي جون دانهون آڪاس کي ڇهڻ
لڳيون. پر ڪوئي به نه آيو ۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن
سندن پيءُ آيو. نشي ۾ ٿاٻڙجندو، اڱڻ ۾ بيٺي رنڀ
ڪيائين، ”ڪٿي آهي هوءَ ڀڙوي.“ هنن ٽنهي جو ساهه
سندن نڙين ۾ گهٽجڻ لڳو. ماءُ جي پتيءَ جو عذاب به
هاڻي ڪڻن سهڻو هو.
”ڪٿي آهي؟“ هن جي اکين مان باهه وسڻ لڳي. ”چاچا
سليم سان وئي آهي.“
ننڍيءَ سگهه ساري. بس انهيءَ ڳالهه تي هو مڇرجي
پيو. وڌيڪ ڳالهه نه ٻڌائين ۽ ٽنهي کي هڻي ڦٽي
ڇڏيائين. پوءِ ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳالهه پکڙجي وئي
ته جوڻس سليم ٻيڙيءَ واري سان ڀڄي وئي.
جوڻس ته ڀڄي وئي جيڪا ڪڻس هٿن جو پورهيو ڪري ٽڪا
ڏيندي هئي. ڪمائڻ جو افعال منجهس ڪونه هو. اٽلو
جوڻس ٽي بلائون ڳچيءَ ۾ ڇڏي ويس هنن ٽنهي کي اڃان
تائين ماءُ جو اوسيئڙو هو. گهر جي در تي ٽئي ڄڻيون
ماءُ جي راهه پيون تڪينديون هيون. پاڙي جا ٻار
انهن کي ڏسي ڇيڙيندا هئا. ”اوهان جي ماءُ ڀڄي
وئي.“ ۽ اهو ٻڌي هو روئي ڏينديون هيون، ڄڻ ڪنهن
گار ڏئي ڇڏي هجين. هيسيل ايڏيون جو وڙهي به ته نه
سگهنديون هيون. گهٽيءَ مان ڪو لگهندو هنن کان
پڇندو هو، ”ماڻهين ڪيڏانهن وئي ڇوريون.“ ”ڀڄي وئي
چا چا سليم سان“ جيڪو دنيا کان ٻڌو هئائون، سو ئي
چونديون هيون، پر اهو چوندي به ٽنهي جي ميرين اکين
۾ لڙڪ اچي ويندا هئا ۽ پڇڻ وارو ٽهڪ ڏئي اڳتي وڌي
ويندو هو.
سال کن ۾ وڏيءَ ته روپ ئي مٽائي ڇڏيو. ساڳي ماءُ
جهڙي. ماڻس وانگر ٻنهي ننڍين کي سيني سان لاتو
هيائين ۽ سندس نئون روپ ڏسي آڙي پاڙي جا ڇورا پيا
در آڏو سيٽيون وڄائيندا هئا. فلمي گانا پيا
ڳائيندا هئا. سندس پيءُ ته آڌي رات جو پيو ايندو
هو. پئسو کيسي ۾ نه هئس، نشو پتو ڪٿان ڪري. لالٽين
جي ميراڻ جهڙي روشنيءَ ۾ هوءَ ڪڻس زيبو محسوس
ٿيندي هئي. ڪڻس ائين لڳندو هو، ڄڻ هوءَ به ڀڄي
ويندي. ڪڻس ڌيءَ کان نفرت محسوس ٿيندي هئي. ”
حرامزادي ساڳي ماءُ جهڙي.“ نشي جي طلب وڌي ويندي
هئس.
۽ جڏهن نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا هئس ۽ مولوءَ آڏو وات
مان گگ ڳڙي پيس، ”هڪڙو راڪيٽ مولو. الله قسم عمر
سڄي دعا ڪندوسانءِ.“ ٻئي هٿ مولوءَ آڏو کڻي
ٻڏايائين. مولو ٽهڪ ڏئي کلي پيو، ”دعائن جو ٻوڙ
رڌيندس ڇا؟“
”سچي مولا عليءَ جو قسم ٽڪو به نه اٿم کيسي ۾.“
روئڻ هارڪو ٿي پيو.
”ڇو جوڻهين ڀڄي وئي ڇا؟“ مولو کلڻ لڳو، هئڊا ڏند
ڪڍ ي.
”ها يار ڀڄي وئي“. نشي جي لالچ ۾ ڪڻس غيرت به نه
آئي.
”اڃا مال اٿئي کيسي ۾.“ مولوءَ اک ڀڳي.
”ڪٿي يار، اهڙو نصيب ڪٿي؟“ هن ٿڌو ساهه ڀريو. سندس
ڳالهه تي مولو ڀوت جيان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
”آءٌ ٻڌايانءِ“ کلندي کلندي چيائين.
”ٻڌاءِ!“ سندس اکيون به اُميد ۾ جرڪڻ لڳيون،
جيتوڻيڪ نشي جي طلب سندس سَنڌ ٽوڙي ڇڏيا هئا.
”ٻڌو اٿم تو وارين ٽن ٻيرين مان هڪ پچي وئي آهي.“
مولوءَ جي اکين ۾ گندگي ڀرجي آئي.
هو پل اپل لاءِ ڇرڪي پيو اندر ۾ دک جو، ڪاوڙ جو
زهر ڀرجي آيس پر ٻئي پل سندس اندر جو لالچي مرد
جاڳي پيو، جنهن کي چرس جي هڪڙي گولي کپندي هئي.
جنهن کي مارفيا جي انجيڪشن جي گهرج هئي. سندس اندر
جي گندگيءَ مان جنم ورتل سڀئي ڀوت ڪر موڙي اٿي
بيٺا.
رات جو هو موٽيو، ته هوءَ جاڳي پئي. ڪجهه اڳ شام
جو رنو هئائين، جو اکيون اڃان به آليون هيس. سندس
ئي پاسي ۾ هو ٻئي ستيون پيون هيون. مانيءَ لاءِ
روئي روئي ستيون هيون ۽ هن کي بک جي شدت ۾ ننڊ نٿي
آئي پيءُ کي ايندو ڏسي سندس بدن ڪنبڻ لڳو.
”جاڳين پئي؟“ پڻس جي لهجي ۾ خوشامد هئي. هوءَ چپ
رهي.
”آءٌ نوڪري ڳولهڻ ويو هئس. اها ئي خوشامد، ڪوڙ ۽
لوڀ، پر هوءَ چپ به حيران به!
”نوڪري ملي وئي اٿم بلقيس!“ وات مان گگ ڳڙي پيس ۽
بلقيس کي ڄڻ ويساهه نه پئي آيو.
” تولاءِ به نوڪري ڳولهي اٿم.“ پڻس جي اکين ۾ لالچ
ليئا پائڻ لڳي، جنهن کي سندس ذهن سمجهي نه پئي
سگهيو.
”نوڪري ڪندينءَ نه؟“ هو ويجهو هليو آيو.
”توکي اُتي نوان ڪپڙا ملندا ماني ملندي.“ ڪپڙن ۽
مانيءَ جو ٻڌي بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. پر
اڃا به چپ هئي.
”ڪندينءَ نه؟“
”هائو.“ ڌرتيءَ جي پاتال ماڻ ڄڻ آواز آيو.
”اُٿي هينئر هلون.“ عجيب ڪروڌ پڻس جي چهري تي
پکڙجي آيو هو.
وراڻيءَ ۾ بلقيس خاموش اکين سان ڀينرن ڏانهن
نهاريو. هو سندس مطلب سمجهي ويو. چيائين، ”هي
ستيون پيو هجن، آءٌ توکي ڇڏي اجهو ٿو اچان. هنن
لاءِ ماني به وٺي ايندس.“
ڪيڏو پيار هو، هن جي لهجي ۾ بلقيس کي پل اپل لاءِ
ڄڻ ٻئي جهان ملي ويا. هوءَ هڪدم اٿي بيٺي.
”جُتي ته پاءِ،“ هن جا اُگهاڙا پير ڏسي پڻس چيو.
هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، ”جُتي آهي ڪانه.“
”چڱو اُتي نئين جتي به ملي ويندءِ.“ هڪ وار وري
بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. هن ٻيهر ننڍين
ڀينرن ڏانهن ڏٺو ۽ پڻس سان گڏ ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر
هن جي بخت جهڙي ونداهي هئي.
رات جو الائي ڪهڙو پهر هو، هوءَ نوَن ڪپڙن، ماني ۽
جتيءَ جا خواب ڏسندي، مولوءَ وٽ پهچي وئي. زندگيءَ
جي ڪنهن به روپ کان واقف نه هئي، جو ڪجهه سمجهي
سگهي ها. پڻس کيس پنجاهه روپين ۾ مولوءَ وٽ وڪڻي،
سڀاڻي اچڻ جو چئي هليو ويو.
بک کان هن جو ساهه پئي نڪتو. هوءَ روئڻ لڳي.
”ڇو ٿي روئين؟“ نشي ۾ ڀاري آواز.
”بک لڳي آهي.“ هوءَ روئندي رهي. هن کي بند ڪوٺيءَ
۾ گهُٽ ٿي رهي هئي. ڪڻس اها ته خبر هئي ته نوڪريءَ
۾ ٿانوَ ٻهاري ڪبي آهي يا ڪپڙا ڪڙا ڌوئبا آهن، پر
هي نوڪري هن کي سمجهه ۾ نه پئي آئي، جنهن ۾ هوءَ
جهول کٽ تي اگهاڙي جسم سان پئي هئي، سيءَ کان، بک
کان، ڊپ کان هن جو بدن ڏڪي رهيو هو.
مولوءَ اخبار ۾ ويڙهيل ڪباب کوليو، بلقيس جي اکين
۾ ستارا جرڪڻ لڳا. ”ڪباب کائيندينءَ؟“ مولوءَ هٿ ۾
ڪباب کڻندي چيو. هن بک وچان بي صبريءَ ۾ ڪنڌ
ڌوڻيو.
”اچي وٺ.“ بلقيس هٿ وڌايو، پر ان کان اڳ مولو
کلندي ڪباب واپس اخبار تي رکي ڇڏيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ
لڳو... هوءَ روئڻ لڳي. ”اچي ڀلا وٺ.“ هن وري ڪباب
وڌايو، بلقيس هٿ وڌايو، پر اڳي جيان هن ٽهڪ ڏئي
ڪباب واپس رکي ڇڏيو. مولو ننڍي هوندي ڪتن ۽ ٻلين
کي ائين سڪائيندو هو ۽ ٽهڪ ڏيندو هو ۽ جڏهن سندس
نپايل ڪتا ۽ ٻليون زبان ڪڍي پير چٽيندا هئا، تڏهن
انهن جي وات ۾ هڏا ۽ ڇيڇڙا وجهند هو. هو چوندو هو،
”الله سائين ڪتيءَ کي زال جي روپ ۾ به خلقيو آهي.“
”اچي وٺ ڪباب.“ هن ڪباب وڌايو ۽ بلقيس هٿ وڌائڻ
چاهيو.....
”ترس، پهرين منهنجا پير چٽ.“
بلقيس سندس ڳالهه سمجهي نه سگهي. هن هر ظلم سَٺو
هو، پر اهو ظلم نه سَٺو هئائين.
”پير چٽ ته سڀ ڪباب ڏيندوسانءِ.“ هوءَ کٽ تان هيٺ
لهي آئي. انهن ڪبابن جي حصول لاءِ هوءَ سڀ ڪجهه
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. سندس اگهاڙو جسم مولوءَ جي
مٽيءَ ۾ لٽيل پيرن تي نمي ويو. هن جي زبان مولوءَ
جي پيرن جي گندگي چٽڻ لڳي. مولوءَ جا ٽهڪ ڪوٺيءَ ۾
چؤڌاري گونجي رهيا هئا. بلقيس ڪنڌ کڻي مولوءَ
ڏانهن نهاريو، ڄڻ چئي رهي هجي، ”هاڻ ته ڪباب ڏي.“
مولوءَ هڪڙو ڪباب کيس ڏنو. سندس اکيون جرڪڻ لڳيون.
هڪڙي پل ۾ ڪباب ڳڙڪائي ڇڏيائين.
”پير چٽ ته ٻيو ڪباب ڏيندوسانءِ.“ هن مولوءَ جا
پير چٽڻ شروع ڪيا. مولو کلندو رهيو، ڪباب ڏيندو
رهيو ۽ جڏهن اهو تماشو ختم ڪيائين ته هن جي جسم کي
ٿڏو هڻي چيائين، ”ڀيڻيان ڏاڍي سٺي نسل جي ڪتي
آهي.“
سج اڀرئي پڻس آيو. هن کي نه ئي نوان ڪپڙا مليا، نه
ئي جُتي! پر انهن سڀني کان اُتم ڪباب هئا، جيڪي
مولوءَ ڪڻس ڏنا هئا. ڪيترن ڏينهن جي بک وسامي وئي
هيس. پر جڏهن پڻس سندس آڏو آيو، ته اتي ٻارهن سالن
جي بلقيس ڪانه هئي. زيبوءَ جهڙي عورت ويٺل هئي.
اهڙي عورت جنهن جو پيٽ ته ڀريل هجي، پر سندس بدن
جو هر حصو لُٽجي چڪو هجي ۽ هينئر جنهن جي دل ۾
سموري ڪائنات جو زهر اوتجي آيو هجي، جيڪا هڪ رات
۾ چند ڪبابن جي حصول لاءِ معصوم ڇوڪريءَ مان عورت
بڻجن تائين جو سفر ڪري چڪي هجي. جنهن هڪ رات ۾
زندگيءَ جا سمورا تجربا ڪري ورتا هجن. پڻس انهيءَ
عورت سان اکيون ملائي نه پئي سگهيو.
هو ٻئي ماٺ ۾ هئا. هلندي مهل مولوءَ ايندڙ رات
لاءِ ويهه روپيا ايڊوانس ڏنا، هوءَ پيرن اگهاڙي
آئي پيرين اگهاڙي وئي پئي. سندس سنَڌ سنڌ ساڻو ٿي
پيو. هوءَ هلندي ٿاٻڙي پئي ۽پڻس خوش هو، ٽي
ڌيئرون!
ڪڻس پنهنجي زندگي بيحد روشن نظر پئي آئي. اڄ پٽ نه
هئڻ جو ڪڻس ڪوبه ڏک ڪونه هو. هاڻ چرس جو حصول ۽
مارفيا جون سُيون هن جي لاءِ بيحد آسان هيون. ڪڻس
دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو بلقيس لڳي، ۽ هوءَ چپ
هئي. راتوڪي سڄي رات سندس ذهن ۾ زهر جيان پکڙجي
آئي هئي. هوءَ گهر پهتي ته سندس ٻئي ڀينرون اڱڻ ۾
ويٺي رنيون.
پڻس پنچ روپيا مانيءَ لاءِ ڏئي هليو ويو. ويندي
ويندي هن کي رات جو تيار ٿي ويهڻ لاءِ چئي ويو.
پنج روپيا هن جي مُٺ ۾ سڏڪڻ لڳا. راتوڪي رات سندس
چوڌاري رقص ڪرڻ لڳي.
”ادي تون ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟“ هڪ ڀيڻ پڇيس. هوءَ
ڄڻ ڌرتيءَ جي پاتال مان نڪري آئي.
”ڪيڏانهن وئين هئينءَ؟“ ٻيءَ پڇيو، پر سندس چپ نه
کليا.
”تو رات ماني کاڌي هئي ادي!“ ڀيڻس ڄڻ سندس ڦٽن تي
مرچ ٻُرڪي ڇڏيا سندس اندر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو.
”تو رات ماني کاڌي هئي؟“ ڀيڻس وري پڇيو. هن
هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو، پر چپ رهي.
”ڇا کاڌو هيئي ادي؟“ هنن ٻنهي جي اکين ۾ رشڪ ۽
حسرت جا پاڇولا ليئا پائڻ لڳا.
”ڪباب“ هن جي اندر مان سُڏڪو اُڀريو.
”ڪباب!!“ هنن ٻنهي جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ”اسان
ته ڪجهه نه کاڌو هو ادي.“ هنن جي اکين ۾ لڙڪ اچي
ويا.
”تون اڄ رات جو به ڪباب کائڻ ويندينءَ؟“ هنن پڇيو.
هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”اسان کي به وٺي هلجانءِ ادي. اسين به ڪباب
کائينديوسين.“ هنن جي انهيءَ ڳالهه هن جي اندر ۾
عذاب ڀري ڇڏيو. هوءَ ڇرڪي پئي. اکيون کڻي ڏٺائين،
ڪڻس ائين لڳو ڄڻ سندس ٻئي ڀينرون عورتون بڻجي ويون
هجن. هڪڙيءَ رات ۾ عورت بڻجڻ واريون عورتون! هن جي
بدن جي هر حصي تي مولوءَ جي هٿن جا نشان هجن ۽ هو
ڪبابن لاءِ مولوءَ جي پيرن جي گندگي چٽي رهيون
هجن. سندس اندر ۾ ڪجهه ڀُرڻ لڳو. اکين ۾ باهه ٻرڻ
لڳس. ڪيترا طوفان هن جي ننڍڙي ذهن ۾ آيا ۽ لنگهي
ويا. هن جي اندر جي دنيا تباهه ٿيڻ لڳي. هوءَ
اوچتو پنچ روپيه مُٺ ۾ ڀيڙي اٿي بيٺي.
”ڪيڏانهن ٿي وڃين ادي؟“ پر هو چپ رهي.
”ڪباب وٺڻ ٿي وڃين؟“
”ها“ هن جي آواز ۾ زهر هو، هوءَ ٻاهر نڪري وئي.
آئي ته هٿن ۾ گاسليٽ جي بوتل هيس. هن جي هٿن ۾
ڪباب نه ڏسي هو مايوس ٿي پيون. پوءِ اميد مان
پڇيائون.
”گاسليٽ ڇو آندو اٿئي ادي؟“ ۽ هوءَ چپ رهي.
”گهر ۾ ڪباب ٺاهيندينءَ.“ هوءَ چپ رهي. گاسليٽ کٽن
تي، ڪپڙن تي، ۽ سڄي ڪمري ۾ هاري ڇڏيائين.
”ڇا ٿي ڪرين ادي؟“ هو حيران هيون. هن دراندران بند
ڪري ڇڏيو. هنن ٻنهي کي الائي ڇو خوف محسوس ٿيڻ لڳو
۽ پل کان پوءِ چؤڌاري باهه جا ڀوت رقص ڪرڻ لڳا
بلقيس اکيون پوري ڇڏيون. هنن ٻنهي جون رڙيون
چؤڌاري گونجڻ لڳيون ۽ بلقيس ڪنن ۾ آڱريون وجهي
ڇڏيون.
”ادي باهه وساءِ ادي، ادي،“ هو هن کي آزيون ڪرڻ
لڳيون، پر هوءَ ته ڄڻ اندر ئي اندر فنا ٿي وئي
هئي.
فوٽ پاٿ
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي ته هن ننڍڙي پتڪڙي وجود کي
بصران فٽ پاٿ تي جنم ڏنو هو. گهور اونداهي تنهن ۾
دوُر ميونپسالٽيءَ جي بلب مان ايندڙ ميرانجهڙي
روشني بصران جي وجود تي پي پئي. اونداهه ۾ دائيءَ
کي ڏاڍي تڪليف پئي ٿي ۽ هن به ته ڄڻ ڄمڻ جو نانءُ
ئي نه پئي ورتو. دائيءَ خار ۾ چيو: ”حرام جو ٻار
ڄڻڻ ڀي ڪو سولو آهي.“ بصران تڪليف ۽ شرمندگيءَ جي
شدت ۽ بدناميءَ جي خوف کان نه دانهن ڪئي ۽ نه جواب
ڏنائين.
سرد رات جي سرد واءَ کان هن جو وجود هوريان هوريان
ڏڪيو پئي. ڪيڏي مهل هلڪڙي دانهن ٿي ڪيائين. فٽ پاٿ
تي ستل فقيرياڻين ۽ ٻين ڪنڌ کڻي بصران ڏي نهاريو ۽
اونداهه ۾ هڪ آواز اُڀريو.
”بصران ڪڄا ڄائو؟“
”ڌوڙ“ دائيءَ خار منجهان وراڻي ڏني .
”ڏسجئين ڌيءَ ڄڻيندي.“ ٻيو آواز اُڀريو.
”سابه ماءُ تي ويندي.“
”ها جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.“
بصران جي تڪليف ۽ شرمندگيءَ جي شدت جو احساس ويتر
وڌي ويو. هوريان هوريان وري ماٺ پکڙجي وئي.
دائيءَ ڀڻڪي چيو: ”هڪڙي ته اونداهه لڳي پئي آهي.
ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي ....“
”گناهه اونداهه ۾ ئي ٿيندا آهن، سوجهرو هوندو ته
سڄي دنيا ڏسندي.“ اوندهه ۾ ڪنهن جواب ڏنو.
”مان ماچيس ٻاريان ماسي.“ ٻانهي ٻيڙيءَ جو اڌڙ
جيڪو هن فٽ پاٿ تان ئي لڌو هو، دکائيندي چيو.
”ها ابا ٻار ته سهي.“ دائيءَ وراڻي ڏني.
”نه مون کي شرم ٿو اچي.“ بصران احتجاج ڪيو.
”ڀلا شرم ٿو اچيس! ڪارو منهن ڪندي شرم اچنئي ٿو؟“
هن جي وراڻي ڏيڻ کان اڳ تيلي جو سوجهرو ٿيو، ٻانهو
شود پائيءَ سان تيلي ٻاريندو رهيو. هن شرم کان
ٻانهن اکين تي رکي ڇڏي ۽ جڏهن روئڻ جو آواز اُڀريو
ته هو ڇرڪي پئي. ٻانهن کڻي ڏٺائين، دائي جي هنج ۾
اگهاڙو ۽ پتڪڙو وجود هو. رائون رائون پئي ڪيائين،
ڄڻ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏئي رهيو هجي. فٽ پاٿ تي
ستل، انڌا، لولا، منڊا ۽ بيمار جسم رڙهي اوريان
هليا آيا، ”ڇا ڄائو؟“ ڪيترا آواز اڀريا.
”ڇوڪري.“ دائي جو آواز بصران کي ڏاري ويو. هوءَ هن
جي وائون وائون مان ئي سمجهي وئي ته اها ڌيءَ
هوندي. ڪو ڪپڙو به ته ڪونه هو جنهن ۾ هن پتڪڙي
وجود کي ويڙهجي. بصران پاڻ به ته اڌ اگهاڙي هئي،
سندس ڪپڙا ڇيهون هئا. ٽڪو ٽڪو پنندي هئي، سو
مانيءَ ڳڀي تي هليو ويندو هو، پوءِ هن لاءِ ڇا آڻي
ها. پتڪڙو وجود سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو، ڪنهن رستي تي
پيل اخبار جا ڪاغذ کنيا ۽ هن جي ڌيءَ کي ويڙهي
ڇڏيو. ڪاغذن جي آسانگي تي هو کن پل لاءِ ماٺ ٿي
وئي.
”هاڻ ڪيڏانهن ڪيانس؟“ دائيءَ بصران جي ڪن ۾ سرٻاٽ
ڪيو. بصران کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي ته اها ڄاڻ ئي
ڪا نه هئي ته هن جو پيءُ ڪير آهي؟ ڪيترا سارا هئا؟
سيٺ عمر ڀائي! وڏيرو جمال خان! رئيس الله ڏنو!
صوبيدار! پوليس وارو! پٽيوالو! دڪان وارو! چمڪندڙ
موٽرن وارو! وڏي بنگلي وارو! ۽ يا الائي ڪيترا
هئا. هر رات نئون راهي، ڪهڙي خبر اها ڪنهن جي دَيا
هئي. |