سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: جلاوطن

باب: --

صفحو :12

هو ڪموءَ ساڻ، تکيون تکيون وکون کڻندو هن جي در تائين آيو هو. ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو هو. اڄ هن ڳوڻ جي ڳڙکي کان ليئا نٿي پاتا، نه ئي اڄ هن لاءِ جوا ٿي هلي. هوءَ پٽ تي ويهي منهن مٿا پٽي رهي هئي. تڪليف کان اکين مان درياهه وهندو ٿي ويس. ڦٿڪي رهي هئي. بادشاهه کي ڪسجندڙ ڪڪڙ ياد اچي ويا هئا. هن جون ٽنگون ست ڇڏينديون ٿي ويون. بادشاهه هن کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي سراپجي ويو هو. پريءَ جو اڇو اجرو ماس سڙي رک ٿي ويو هو. ڪوبه ته نشان باقي نه رهيو هئس. ڪالهوڪي حسن جو ڀوائتو چهرو، ڪموءَ کي ڪِرڀ اچي وئي. نڙيءَ ۾ اٽڪيل ٿڪ ائين پٽ تي اڇلائي هنيائين، ڄڻ پريءَ جي ڀوائتي چهري تي اڇلائيندو هجي ۽ ڪيترا گلاب هئا، جيڪي بادشاهه جي دل ڌرتيءَ تي ڦهليا پيا هئا. ماڻهو آهستي آهستي ڪچي پٽ تي پيرن جا انيڪ نشان ڇڏي هليا ويا. ڪو چوي، ”چڱو ٿيو، اهڙين عورتن جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.“ ڪنهن کي ساڻس همدردي هئي. ”ويچاري، ويچاري.“ جا لقب ٿي مليس. ڪنهن نفرت منجهان ٿي چيو، ”هاڻ ڪير هن ڏائڻ تي پيسا وڃائيندو؟“ بس بادشاهه هو جيڪو بيٺو رهيو. دل چاهيو هئس ته مست ٿي ائين نچي، جو گهمندڙ ڌرتيءَ جو گولو بيهي رهي.

شيدي بادشاهه همباشا

شيدي بادشاهه همباشا

جيڏانهن پير، تيڏانهن خير.

پر هو بيٺو رهيو. پير تپي ٽامو ٿي ويا هئس. هو ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو. هوءَ رڙندي رهي. بادشاهه ڀاڪرن ۾ ڀري اُٿاريو هئس ۽ کٽ تي آڻي ليٽايو هيائينس. دلي مان پاڻي اوتي، جڏهن هن جي سڙيل چپن تي آڻي رکيو هيائين.

”ڪير آهين؟“ هوءَ ڄڻ سُڏڪي.

هو چپ رهيو، ڪابه ورندي ڪانه ڏني هيائين.

”ڪير آهين تون؟“

”آءٌ بادشاهه...“ پريءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو هو. بي نور ٿي ويل اکين اندر انيڪ طوفان اچي گڏ ٿيا هئس. سڀ ڪڻس ڇڏي هليا ويا هئا، بس بادشاهه هو، جيڪو سندس ويجهو، بيحد ويجهو بيٺو هو، جيڪو ڪيترا ڀيرا سندس بند دروازي تان موٽي ويو هو. ڪارو ڪوجهو شيدي، دنيا جي ڏتڙيل قوم جو ڏتڙيل فرد.

”بادشاهه!“ هوءَ ڀڻڪي.

”هون....“ بادشاهه جي دل ڌڙڪڻ لڳي.

”منهنجي شڪل هاڻ ڪهڙي ٿي وئي آهي؟“ هوءَ سُڏڪي.

”تمام سهڻي.“ هن جي سڙيل، ڀوائتي چهري تي بادشاهه پنهنجيون ڪاريون، بي ڊوليون آڱريون رکي ڇڏيون هيون. جڳن جي ناڪام خواهش، هن جو خوبصورت چهرو ڇهڻ جو خواب، جنهن جي ساڀيان هن زوريءَ قدرت جي هٿن مان ڦري هئي.

”مون کان ڊپ ڪونه ٿو ٿينئي، بادشاهه؟“

”نه.“

”نفرت به نه؟“

”نه.“ بادشاهه جي لهجي ۾ جيت جو گهرو نشو هو.

هو ڪيتري دير هن جي سيرانديءَ ويٺو رهيو، چپ چاپ.

”بادشاهه.......“ ڪنهن مهل هوءَ ڀڻڪي هئي.

”هون....“ جيت جو اهو ئي اٿاهه نشو.

”مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين؟“

”نه.“ هن ٻيهر پنهنجيون آڱريون هن جي چهري تي کڻي رکيون هيون، ڄڻ هن جا ڦٽ ٺارڻ چاهيندو هجي. من ۾ جيڪو چور هئس، سو جيت جي نشي ۾ گم ٿي ويو هو. انهيءَ رات، پريءَ جي در جي سامهون جوا به ڪانه هلي هئي. انهيءَ رات آڌيءَ تائين ڪموءَ، بادشاهه جو انتظار ڪيو هو. پر بادشاهه باک ڦٽيءَ کان پوءِ به ڪونه موٽيو هو. ڪموءَ کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اڄ کان پريءَ جي گهر تي به هن ”تاج محل“ نانءُ رکيو آهي.

۽ جڏهن پريءَ جا ڦٽ سُڪي ويا هئا، تڏهن ڪنهن بيحد خوبصورت لمحي ۾، جڏهن هو پريءَ جو هٿ پڪڙي گهٽيءَ ۾ نڪتو هو، تڏهن گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ ويٺل ڪموءَ ۽ سندس ساٿين، تاڙين جي لئي تي، بي سُرن آوازن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو.

شيدي بادشاهه همباشا

شيدي بادشاهه همباشا

جيڏانهن پير

تيڏانهن خير

شيدي ...... بادشاهه ... همبا.... شا .... شيدي .... بادشاهه .... شيدي .... بادشاهه .... ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا.

 

جلاوطن

جڳن کان من ۾ واسو ڪيل اڻپورو سپنو، اڄ به جڏهن هانوَ تي هُري ايندو اٿم ته ويٺي ويٺي لڱ سمورا ڪانڊارجيو وڃنم. چؤواٽي تي سنگسار جي رسم، زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ زوريءَ گهليو وڃنم، حضرت عمر فاروق رضه جي دور ۾.

دنيا ۾ سڀ کان پهرين آدم جي روپ ۾ تون خلقيو ويو هئين ۽ مان تنهنجي پاسراٽيءَ مان حوا جي نالي سان. ائين تنهنجو ۽ منهنجو، حاڪم ۽ محڪوم وارو ناتو ڄڻ ازل کان هو جُڙيو. سو پوءِ توکي يا پنهنجي ازلي هيڻائيءَ کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان. ننڍي هوندي کان ٻڌو جو هئم: ”عورت (حوا) جو وجود جڙيو مڙد (آدم) لاءِ ته جيئن هن جو نسل وڌي ۽ هو دنيا ۾ اڪيلائپ محسوس نه ڪري.“

آيل جي پيٽ کان قبر جي گهور اونداهين تائين مان انهيءَ محڪوم قوم وانگر هيس، جيڪا بغاوت ته ڪرڻ چاهي ٿي، پر جنهن وٽ هٿيار نه هجن.

حويلي شريف جي پوتر ديوارن کان چڪلي جي سوڙهين گهٽين تائين، شريف زاديءَ کان رنڊي بڻجڻ تائين جو اڙانگو سفر.

مان، پاڪ گهر سمان، ٻاهران ڪارو غلاف اوڍيل، اندران ڪاري پٿر جون باادب ديوارون ۽ تو انهن ديوارن کي محض ان ڪري سجدو نه ڪيو، جو مان جڙي هئس تنهنجيءَ پاسراٽيءَ مان ۽ مون بنا توکي پرکڻ جي ان لاءِ سجدو ڪيو هو، جو اهو ثواب ته ملائڪن به کٽيو هو.

توکان ڌار ٿي، سڀ کان پهرين مون پنهنجي نئين سال واري ڊائريءَ جي پهرين جنوريءَ واري ڪالم ۾ لکيل پنهنجا ئي لفظ ته، ’عورت آهي پاڪ گهر سمان. هن جو ٻاهريون غلاف به پوتر، هن جون اندريون ديوارون به مقدس’ ڳاڙهي مس ڀريل پين سان ڪاٽي ڇڏيا هئم، جيتوڻيڪ ان لمحي پنهنجو اندر ٻن حصن ۾ اڌواڌ ٿيندو ڀانيو هئم.

محبوبيت جي جنگ ۾ تنهنجو پاسو ڳرو رهيو يا منهنجو؟ تڏهن ته ان جي ڪٿ ڪري نه سگهيا هئاسون، پر هاڻ ائين ڀاسندو اٿم ڀانءِ ٻئي پاسا تڇ هئا. بدن جي فطري خواهش کي محبت جهڙو نالو ڏجي به ڇو؟ هونئن به جڏهن تون ۽ مان جڙيا هئاسون (آدم ۽ حوا جي نالي سان)، هڪ ٻئي جي فطري جسماني خواهشن جي تڪميل لاءِ يا اهو خلا پُر ڪرڻ لاءِ، پوءِ دنيا ۾ اچي محبت جو ڪوڙو سانگ ڇو رچائجي؟ جڏهن ته محبت ڪبي آهي پنهنجي پاڻ سان. سو محبت جي اها تند ڪم از ڪم تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ته نه هئي (اهو راز به مون تي هاڻ فاش ٿيو). باقي بدن جا رشتا، سي پنهنجي سموري خوبصورتيءَ ۽ بدصورتيءَ سميت، سٽ ڏئي اڌواڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙو حصو تو ڏانهن ۽ ٻيو مون ڏانهن هليو آيو. تون، تو واري حصي کي مون کان سواءِ، انيڪ عورتن جي انگ انگ ۾ سانڍيندو اچين (جو اها به آهي تنهنجي ازلي فطرت) مون، مون وارو حصو ايٽم بم سان ائين اجاڙي ڇڏيو، جو ڪوبه نشان سَگهو نه ڇڏيو اٿم.

۽ اها تنهنجي پهرين شڪست آهي.

اڄ مان، مريم حسين، توکان منڪر ٿي ٿيان، بنا ڪنهن معافي نامي جي.

اڄ مان، مريم حسين، توسان شرڪ ٿي ڪيان پنهنجي برابريءَ جو.

اڄ مان، تنهنجي حاڪميت کان بغاوت ٿي ڪيان.

توکان پوءِ، مون پاڻ، پاڻ کي بشارت ڏني هئي ته گهٽ ۾ گهٽ توکي مريم حسين! آدم جي نسل جي واڌاري لاءِ ناهي موڪليو ويو. تون سنڌ جي اُداس ڌرتيءَ تي ڪنهن مقدس ڪتاب سمان نازل ڪئي وئي آهين. تون مريم حسين، ”شاهه جي رسالي“ جو پهريون بيت آهين.

پر ٿيو ائين جو ڪنهن به منهنجي بشارت تي ’ثم آمين‘ نه چيو. مون کي وشال نيري آسمان تان حڪم مليو ’ڪن‘ ۽ مون بيحد خلوص سان ڪنڌ نوائي ڇڏيو ’فيڪون‘ اڳيان. پوءِ مون کي پير ڪڙيون پارائي، زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ عمر فاروق رضه جي دؤر ۾ آندو ويو. تون منهنجو جنمن جو ساٿي، منهنجي هر گناهه ۾ هڪ جيترو شريڪ، جنت مان گڏجي تڙجي نڪتاسون، پر هيٺ ڌرتيءَ تي مون هر گناهه جي سزا هيڪلي سر ڀوڳي، بنا تنهنجي امداد جي ۽ اها منهنجي لاءِ ڪائين شڪست هئي. پر مان، جنهن هر شڪست بنا جنگ جوٽڻ جي قبولي ورتي، اڄ پنهنجي بي نانءِ جيت جو اعلان بنا جنگ جوٽڻ جي ڪيان ٿي.

ننڍي هوندي سيدن جي حويليءَ ۾، ڏاڏيءَ بيبيءَ وٽ نورنامو ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ ويندي هئس ته گهران ئي پنهنجو سڄو بدن (جنهن ۾ اڃا هو نه ڪو رنگ ۽ نه ئي هو ڪو روپ) ململ جي وڏيءَ ويڪريءَ پوتيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي ائين ويندي هئس ته جيئن وارن جي ڪا تند نه نظر اچي، جيئن بدن جي جوڙ سمجهه ۾ نه اچي.

’رنون! نامحرمن جي نظر بدن تي پئجي ويوَ ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.‘ ڏاڏي بيبيءَ کي ته به وار نظر اچي ويندا هئا، بدن جي جوڙ سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. تڏهن ته پريان کان ئي اکيون ڪڍندي هئي ۽ اهڙا انيڪ ڀوَ من ۾ وجهندي هئي. ’زال جي بدن ۾ شيطان لڪل هوندو آهي، رنون نه ويهنديون ڪريو نامحرمن جي سامهون.‘ مٿي تان پوتي تِرڪي پئي، چپن تي اٽڪي پيوَ ڪنهن سؤٽ جو، ماسات جو نالو ته ڏاڏي بيبيءَ يڪدم هڪدل ڪندي هئي. سو ائين پنهنجي بدن کان ئي نفرت ٿي پيم، جنهن جي اندر (ڏاڏي بيبيءَ جي ڳالهه کان پوءِ) هر پل شيطان ويٺل ڀاسندو هئم. ’نامحرم اهو آهي، جنهن سان نڪاح جائز آهي.‘ ۽ مون پنهنجو پاڻ، پاڻ تي ئي حرام ڪري ڇڏيو. مريم جي پوترتا، رت جي هر بوند ۾ پکڙجي وئي ۽ مون بند اکين اندر من ئي من ۾ ان پوترتا جي آجيان ڪئي هئي.

حرام ۽ حلال جي اها خوني جنگ انداهين راتين ۾ به جاري هئي، اونداهين راتين ۾ اڱڻ ۾ ستي ستي، جي اوچتو اک پٽجي پئي ۽ نظر سڌو وڃي پوي سيدن جي حويليءَ جي بُرجن تي (جن تي مون اونداهين راتين ۾ به نور وسندي ڏٺو هو) ته لڱ سمورا ڪانڊارجيو ويندا هئم. برجن جي جاءِ تي ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو اڀري ايندو هو. ’رنون، بدن ڍڪي ويهنديون ڪريو، نه ته شيطان جي پليت نظر پئجي ويندانوَ‘ ۽ مان بستري مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهندي هيس. اجرڪ ۾ پاڻ کي ڍڪي ڇڏيندي هئس ۽ پوءِ ننڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موڪلائي ويندي هئي.

پنهنجو پاڻ مون لاءِ اهڙو ماڻڪ بڻجي ويو، جيڪو لڪائي به نه سگهجي ۽ اُڇلائي به نٿو سگهجي. باٿ روم ۾ وهنجندي، ڪپڙا مٽائيندي، من ۾ واسو ڪيل ڀوَ جون ڀاونائون ڀانءِ سَر تي ڪو نامحرم ٽنگيو بيٺو هجي. ”ملائڪ قيامت جي ڏينهن ڏنڀ ڏينداوَ.“ ڏاڏي بيبيءَ جي لفظن جو پڙلاءُ، تڏهن هر نماز کان پوءِ چپن تي هڪڙي ئي دعا اٽڪي پوندي هئم: ”الله! مون کي نامحرم جي پليت نظر کان بچائي.“ پر هاڻ، ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي وٺ وٺان ۾، اوچتو ڪنهن لمحي جيڪر پل اپل لاءِ الله جي سار اچي به ويم ته ڪا به دعا نه سُجهندي اٿم. ويساهه جو اٿم ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندم. ’سوچيندي آهيان ته جيڪر تون به اتي هجين ۽ ڪم از ڪم اها سزا مون سان گڏ ڀوڳين، جو هن جڳ ۾ ته مون کي هر گناهه جي اوڙاهه ۾ هيڪلو اڇلايو اٿئي.‘

’الحمد‘ پڙهندي جڏهن ’اهدنا الصراط المستقيم‘ تي پهچندي هيس ته ڏاڏي بيبي انيڪ وار مون کان ورجارائيندي هئي، اها سٽ. ’اهدنا الصراط المستقيم، ’اهدنا الصراط المستقيم.‘ منهنجو آواز اوچو ٿي ويندو هو ۽ ڏاڏي بيبيءَ جون عينڪ جي فريم ۾ سمايل اکيون بند. تڏهن ان سٽ جي معنيَ به نه ايندي هئم ۽ اڄ جڏهن اچيم ٿي، تڏهن ’صراط المستقيم‘ گهڻو، گهڻو پويان رهجي ويو. موٽڻ جا سڀئي رستا بند ٿي چڪا ۽ هاڻ ائين ڀاسندو اٿم، ڀانءِ جڳن کان پئي هلان پلصراط تي ۽ ان پلصراط تي مون وارا سڀئي گس وڃن ٿا دوزخ ڏانهن.

جنم جنم جي اها خوني جنگ، جنهن ۾ جيت سدائين تنهنجي حصي ۾ آئي ۽ شڪست بڻي منهنجو ڀاڳ. مٿو ڍڪيان ته به مان، بدن لڪايان ته به مان، نظرون هيٺ ڪري هلان ته به مان ۽ ملائڪ ڏنڀ ڏيندا سي به مون کي ۽ تون! تون ته ازل کان ئي مون کان اُتم رهئين. سجدي جي لائق ۽ قابل احترام! پوءِ ان شڪست کي به پنهنجو ڀاڳ ڇو نه چوان، جيڪا ازل کان ڪرم ۾ لکيل هجي.

سيدن جي حويلي ۽ ڏاڏي بيبيءَ کان ساٿ تڏهن ٽٽو، جڏهن مون ’قرآن پاڪ‘ ۽ ’نورنامو‘ پڙهي پورو ڪيو. هڪ ڏينهن ڏاڏي بيبيءَ کان موڪلائي، سندس فتوائون ۽ ’الصراط المستقيم‘ جي پوتر دعا، من ۾ سانڍي ڪنهن بيحد پياري ساروڻيءَ سمان، حويليءَ مان نڪري آيس.

۽ پوءِ مون قد ڪيو، روپ مٽايو، امان گيهه جا ڍڪ ڀرايا هئم ۽ ائين نصيحتون ڪيون هيائين ته هاڻ زندگيءَ ۾ سنڀالي سنڀالي وکون کڻجئين ۽ مون کي وڪوڙي ويون هيون ڀوَ جون ڀونائون، جو محسوس ڪيو هئم ته اتي اچي ’الصراط المستقيم‘ جو دڳ ختم ٿو ٿئي ۽ پلصراط جو دڳ شروع ٿو ٿئي ۽ سپنا جيڪي سدائين قرآن پاڪ جي آيتن وانگر مقدس رهيا، تن جو روپ مٽايو ته ويا ٿي پراسرار ٿيندا، ڀانءِ ڪنهن جهوني عبادت گاهه ۾ اوچتو بد روحن واسو ڪيو هجي. اڃا مس ذهن ۾ ڪنهن نامحرم جو اڻ چٽو خاڪو اُڀرندو هو ته چپن تي اٽڪي پوندي هئم ’آيت الڪرسي‘ ۽ نظر سڌو وڃي پوندي هئم سيدن جي حويليءَ تي. ائين حرام ۽ حلال جي انهيءَ خوني جنگ ۾ مان اندر ئي اندر مرندي به رهيس ۽ جيئندي به رهيس.

مان ڄڻ ڪنهن عبادت گاهه جي چائنٺ بڻجي وئي هيس. جت پڃ ۽ پاپ ٻئي پڌرا ٿي پون ۽ منهنجي اندر جي هرڪا ديوار اُوچي، بيحد مضبوط، ڀانءِ هرڪا ديوار هجي چين جي ديوار.

پر هڪ وار، نيٺ اهي اوچيون ۽ بيحد مضبوط ديوارون لڏي ويون ۽ وڏا وڏا گهارا پئجي ويا هئا، انهن ۾.

بند دروازي جي سيرَ مان مون تي ڪائنات جو سڀ کان وڏو راز پهريون ڀيرو فاش ٿيو، کن پل ۾ ئي سڀڪجهه وسري ويو هئم. آيت الڪرسي، سيدن جي حويلي، ڏاڏي بيبيءَ جو پهرو ۽ ’اهدنا الصراط المستقيم‘. زندگيءَ جا سمورا گس پلصراط بڻجي ويا.

ڪائنات جو سڀ کان وڏو راز – (؟)

ادي مهروءَ کي ڏسي ورتو هئم (بند دروازي جي سيرَ مان)، ادا خالق سان. ادي مهروءِ جي وات تي ادا خالق جو هٿ رکيل هو ۽ دانهون مون ڀانيون هيون نڙيءَ ۾ گهٽبيون. اکيون نڪري آيون هئس. مون کي ٻاڪري عيد تي ڪسندڙ حلال جانور ياد اچي ويا هئا. رت جو درياهه، گهرو ۽ اٿاهه.

ادي مهرو ۽ ادا خالق جو ته نڪاح به نه پيل هو. بنان نڪاح جي ادا خالق ڪڻس شايد پاڻ لاءِ حلال ڪري ڇڏيو هو. ڀلا جيڪا شيءِ پاسراٽيءَ مان جڙي هجي، انهيءَ کي لوئڻ ۽ کوئڻ لاءِ حرام ۽ حلال جي ڳڻپ ڇو ڪجي؟ جيڪا شيءِ هجي ئي نسل جي واڌاري لاءِ، اڪيلائپ جو احساس مٽائڻ لاءِ، ته پوءِ انهيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرمٽ وٺڻ ضروري آهي ڇا؟ ڪا ٽويوٽا ڪار ته ڪانهي، جنهن لاءِ پرمٽ وٺجي.

پر سچ پڇين ته مون سنڌ ۾ ٽويوٽا ڪار جي به ائين بي حرمتي ٿيندي ڪونه ڏٺي آهي. مريم وانگر پوتر موٽرون. سنڌ ۾ سموري پوترتا موٽرن جي حصي ۾ آئي ۽ سنڌ جي عورت ٽٽل ڦٽل ۽ موئن جي دڙي جي کنڊرن سمان.

بنا نڪاح جي ادا خالق ادي مهروءَ کي پاڻ لاءِ حلال ڪيو هو، پر نوَن مهينن جي ڪشالي ڪاٽڻ کان پوءِ، اهو ننڍڙو پسون جيڪو ادي مهروءَ جو بدن چيري، ڪنهن انقلابي تحريڪ سمان نڪري نروار ٿيو، انهيءَ جو نالو اجتماعي طور ’حرامي‘ رکيو ويو.

ادي مهروءَ تي زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ثابت ٿيو هو، سو سنگسار جي رسم نڀائڻ کان اڳ ادي مهروءَ پنهنجو انت آندو. زندگيءَ جي انهن لمحن ۾ مون کي ِاها ڪَل پئي ته ان کان اڳ جو پيار سنگسار جي رسم نڀائين، ڇو نه پاڻ پنهنجو سنگسار ڪجي ۽ پنهنجن ئي هٿن سان صليب تي پاڻ کي ٽنگي ڇڏجي.

ادا خالق تي زنا جو ڏوهه ثابت ئي نه ٿيو. ڀلا اهو حرامي ٻالڪ ادا خالق جو بدن چيري ته نڪتو نه هو. ها، شايد اتي اچي پلصراط وارو گس شروع ٿيو هو. ادي مهروءَ جي مرڻ واري رات رلهيءَ جي اندران، اکيون پوريو مئل مئل پئي هيس ۽ انيڪ نامحرم ٿوهر جي ڪنڊن سمان بدن وڪوڙي ويا هئم. ڪابه دعا ياد نه آئي هئم. ڀلا هجان ها ڪنهن مير پير جي ڌيءَ ته سڀڪجهه بيحد معمولي ڀاسيم ها، پر تون ته ڄاڻين ٿو اسان ننڍين ذاتين وارا، وچولي طبقي جا ماڻهو، سڄي زندگي عزت جي حصول لاءِ پيا ناڪام لانگ مارچ ڪندا آهيون، سو اسان وٽ جي اهڙا هاڃا ٿين ته حويلين جي ڪوٽن ۾ دفن ٿيڻ بدران گهٽين ۾ بينرن وانگر ٽنگيا ويندا آهن.

انهيءَ رات ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا ۽ هوائن جو شور وڌي ويو هو. پاسي واري ڪمري ۾ ادي مهروءَ جو لاش پيو هو. ’حراميءَ‘ کي دائي خبر ناهي ڪهڙيءَ حالت ۾ اڇلائي آئي هئي، پر هن جي روئڻ جو آواز، منهنجي رت جي هر بوند ۾ پڙلاءُ بڻجي سڄي رات گونجندو رهيو. مون تي جي ڪائنات جا وڏا وڏا راز بلڪل اوچتو فاش ٿي پيا هئا،  تن مون کي هڪ ئي رات ۾ اجاڙي ڇڏيو.

ان رات، دلهيءَ جي اندر مون ۾ وڏا وڏا خوني انقلاب اچي ويا هئا. ڀانيو هئم ڄڻ مان هجان ادي مهرو. ادا خالق منهنجو بدن لويو ۽ کويو هجي. منهنجي رت جي هر هڪ بوند چوسي هجي ۽ منهنجو ماس پٽيو هجي. ڄڻ زنا جو ناقابلڪ معافي ڏوهه به مون تي ئي ثابت ٿيو هجي. مان ئي چؤواٽي تي سنگسار ٿي هجان ۽ اهو ننڍڙو پسون، منهنجي رت جي بوند مان جڙيو هجي. نوَن مهينن جو ڪشالو ڪاٽي مون ئي هن کي تخليق ڪيو هجي.

سو ائين پلصراط جو دڳ شروع ٿيڻ کان اڳ، زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ، ڪنهن نامحرم جي هٿن جي ڇهاءُ کان اڳ ئي، تخليق جو سمورو ڪرب محسوس ڪري ورتو هئم. ڪائنات جو سڀ کان خوبصورت ڪرب، تخليق جو ڪرب، خالق بڻجڻ جو اتم احساس. ڀانيم رت جي هر بوند ۾ ديپڪ راڳ، ڀانيم انيڪ گلاب ٽڙي پيا هجن منهنجي رت جي هر بوند ۾.

خوشبو؛ تيز خوشبو، سڄو بدن، سمورو روح واسجي ويو هئم. رلهيءَ جي اندر مان سڄي خوشبو ئي خوشبو بڻجي ويس. خوشبوءِ ۾ واسجي ويس. ملائڪن جي ڏنڀ ڏيڻ جو ڊپ، پر پوءِ به اها خوشبو هر شيءِ تي ڳري هجي. صراط المستقيم سڄو خوشبوءِ ۾ واسجي ويو، پلصراط سڄو خوشبو، دوزخ جي باهه جا اُلا خوشبو، جنت جي خوشبوءِ کان به تيز خوشبو.

۽ اها رات مون پل پل اهو ڪرب سَٺو هو. انيڪ وار ماءُ بڻيس، انيڪ عيسيٰ مون جنم ڏنا. تنهنجي پاسراٽيءَ مان جڙڻ کان وٺي هيل تائين مان اهو ڪرب بيحد خلوص سان ڀوڳيندي ٿي اچان، جو مان جڙي ئي آدم جي نسل جي واڌاري لاءِ آهيان نه. اهو انقلاب من ۾ سانڍي، وڏي خوني جنگ جوٽڻ کان پوءِ شهر اچي وسايم، ايم. اي جي ڊگريءَ لاءِ.

عزت جي ڦاٽل ڊگريءَ ۾ علم جي ڪاغذي ڊگريءَ جي چَتي ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش. زنده رهڻ به ته منهنجي هڪڙي ناڪام ڪوشش ئي ته آهي نه. اها به ته ناڪام ڪوشش آهي جو گهران نڪرجي هڪڙي اسٽيشن جي ٽڪيٽ پرس ۾ رکي، ۽ ٽرين لاهي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ اسٽيشن تي. زندگي سڄي غلط اسٽيشين تي لهندي چڙهندي گذري وئي ۽ هاڻ ته ماڳ تي رسڻ جي ڪلپنا به ختم ٿي وئي. پرس ۾ رکيل ٽڪيٽ تي لکيل لفظ به مٽجي ويا.

توسان تعارف به ته غلط اسٽيشن تي منهنجو پهريون ڀيرو لهڻ هو. تعارف ته توسان ’ڪن فيڪون‘ کان ئي هو، تون آدم جي نالي سان ۽ مان حوا جي نالي سان. پر هتي اچي ڪهڙا ڪهڙا ته ويس مٽاياسون، پر اندر جو ازلي روپ سو مٽجي ئي نه سگهيو. توکي ائين اُمالڪ آڏو ڏسي لڱ ڪانڊارجي ويا هئم.

’نامحرم جي نظر بدن تي پئجي وئي ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.‘

۽ مون بدن ڍڪڻ لاءِ ٻئي هٿ پوتيءَ ۾ وڌا هئا. تون ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئين.

”بلڪل سنڌ جي روايتي عورت آهين، جيڪا نامحرم کي ڏسي پوتيءَ ۾ پاڻ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهي.“

پر منهنجي من ۾ ته واسو هو ڏاڏي بيبيءَ جو.

”نڪولو ميڪاولي چئي ويو آهي ته: شرم محض حوصلي جي گهٽتائيءَ جو نالو آهي.“ ڏاڍي گهري چوٽ هئي.

حوصلو؛ جيڪو ڪنهن به دور ۾ مون ۾ نه هو، جي هجي ها ته توسان بغاوت جي جُڳ ۾ پراڻي ڪلپنا جي تڪميل نه ڪريان. سچ ٻڌايانءِ ته برسات جي ان ڀنل رُت جي پهرئين پل ۾، جڏهن توسان تعارف ٿيو هو، مون کي پل اپل لاءِ تاريخ جون خوني جنگيون ياد اچي ويون هيون. پهرين مهاڀاري جنگ، ٻي مهاڀاري جنگ. رت جو وهندڙ گهرو درياهه، جنهن جي هُن پار تون بيٺو هئين ۽ هن پار مان.

”ڇا ٿي سوچين؟“ ڇرڪي، موٽي آئي هيس. في الحال ان ٽڪر ۾ امن ۽ آشتيءَ جو واسو هو، جنهن ۾ تون ۽ مان بيٺا هئاسون. چاهيو هئم ته پنهنجي چؤڌاري دائرو ٺاهي ڇڏيان ته جيئن ان دائري جي اندر تون ڪڏهن به اچي نه سگهين. صدين تائين دائري جي ٻاهران جوڳ وجهيو ويٺو هجين، پر دائرو ٺهي نه سگهيو ۽ قيامتون اچي ويون، تو سميت دائري جي اندر.

اها سڄي رات ننڊ نه آئي هيم. ان رات سيءَ نه هو، پر مان سڄي ڏڪي رهي هيس. اندر ئي اندر سڄي سراپجي وئي هيس. خبر ناهي ڪنهن مٿان گرم گرم سوڙ وجهي ڇڏي هئي. تپجي پيس 104 ٿرماميٽر جي فتويٰ.

ڏاڏي بيبي سڄي رات سپنن ۾ ايندي رهي. مان سوڙ جي اندران زور زور سان الحمد پڙهڻ لڳيس. ’اهدنا الصراط المستقيم‘ ڀانيم ته منهنجو آواز ڏڪي رهيو آهي.

’قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندا‘. نامحرم اهو آهي، جنهن سان نڪاح جائز آهي.

ننڍي هوندي جي مريم، زور زور سان ’نورنامو‘ ۽ ’قرآن پاڪ‘ پڙهڻ لڳي. ڏاڏي بيبيءَ جون نصيحتون، نيزا ۽ ڀالا کنيو دل نگر ۾ رقص ڪرڻ لڳيون. نيٺ ايڏي خوني جنگ کان پوءِ مان هارائجي ويس. مون دائرن جون ليڪون ڊاهي ڇڏيون. پنهنجي ازلي شڪست آڏو ڪنڌ نوائي ڇڏيم. مان سڄِي واسجي ويس، تنهنجي خوشبوءَ مان. ڏاڏي بيبيءَ جي اچڻ جا سڀئي دروازا بند ڪري ڇڏيم.

ڇڪبي ويس، ڇڄندي ويس، ڀُرندي ويس.

ٻئي ڏينهن به تپ ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو هئم. منهنجي روم ميٽ به هلي وئي هئي. مان هيڪلي کٽ تي پئي هيس. هلڪي هلڪي خوشبو اڃا تائين چئني طرف پکڙيل هئي. اکيون پٽيم. اُڃ جو احساس هو جيڪو رڳ رڳ ۾ پکڙجي آيو هئم. سج دريءَ ۾ لهي آيو هو. الاءِ ڪائون پهر هو جو روم ميٽ به موٽي آئي ته به اڪيلائپ جو احساس نه گهٽيو. الاءِ ڇو اکيون ڀرجي آيون هئم.

”ڇا ٿيو مريم؟“

”-“ چپ چورڻ چاهيم، پر سوچيم ڇا ڳالهائيندس؟ ڪي ڪي ڳالهيون محض ان ڪري چئي نه سگهبيون آهن، جو Ego جا اوچا ڪوٽ اڳيان اچي ويندا آهن. ائين به جنهن شيءِ کان پري رهڻ جو سبق ننڍي هوندي کان سکيو هئم، ڪيئن ٻڌايان ها ته اڄ اها شيءِ منهنجي اندر ۾ واسو ڪري وئي آهي. اڃا به من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ No Parking جو بورڊ لڳل هو.

”شروع شروع ۾ هر ڪنهن کي گهر ياد ايندو آهي، پر هوريان هوريان سڀ ٺِيڪ ٿي ويندو.“ هن ڀانيو ته شايد گهر جي سار آئي اٿم. مان چپ رهيس. اندر ئي اندر ڀُرندي رهيس. هوءَ ڳالهائيندي رهي، هن جو آواز ڄڻ پري کان اچي رهيو هو.

ٽي راتيون؛ زندگيءَ جون بيحد ايذائيندڙ راتيون. ڀوَ جون ڀاونائون. مان گناهه ۽ ثواب جي وچ ۾ لٽڪندي رهيس. دوزخ ۽ جنت جي وچ ۾ ڀٽڪندي رهيس. اهي بدن جون فطري خواهشون هيون يا محبت جو احساس؟ انهيءَ جي ڪٿ ڪرڻ تڏهن بيحد ڏکيو هو. هاڻ سمجهان ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ محبت ته ڪانه هئي.

اسان بدن جي فطري خواهشن کي محبت جو ڪوڙو نالو ڏئي اندر جو گند لڪائڻ چاهيندا آهيون، نه ته محبت جي جنگ ۾، هڪٻئي جي جسمن جي حصول جو نظريو ڇو هر شيءِ تي ڀاري هوندو آهي؟ محبت ۾ هر شيءِ کان وڌيڪ هڪٻئي جا جسم ڇو ايڏا پرڪشش هوندا آهن، سو جيڪر معاملو جسماني خواهشن جي تڪميل جو ئي آهي ته پوءِ بستري ۾ ساڻ ڪنهن جو به بدن هجي، ڇا ٿو فرق پوي؟

زندگيءَ جا سمورا هاڃا سهڻ کان پوءِ جيڪي تجربا حاصل ڪيم، انهن مان هڪ اهو ته دنيا ۾ بهرحال محبت کان وڌيڪ اهم ٽن وقتن جي ماني آهي، سو انهن ٽن راتين ۾، تنهنجي حصول جو نظريو هر شيءِ تي ڳرو هو. هر خواهش جو اهڃاڻ تون هئين. ڪيڏي احساس شڪستگي سمائجي آئي هئي مون ۾.

ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان پوءِ مان روم مان ٻاهر نڪتيس. سموري ڪائنات بدليل بدليل لڳي هئم. منهنجي پنهنجي Identity ختم ٿي وئي هئي.

۽ پوءِ تنهنجو هٿ پڪڙي، رستن تي Walk ڪندي زندگيءَ جي انهن لمحن کي ڪيڏو نه اهم ڀائيندي هيم. اهي پل سموريءَ زندگيءَ جو حاصل بڻجي ويا هئم.

”سنڀالي سنڀالي وکون کڻجئين، مريم حسين!“ منهنجي روم ميٽ، هڪ ڏينهن منهنجين اکين ۾ ائين ليئو پاتو هو، جو سڄي سراپجي وئي هيس. اڙي! اهي لفظ اڳ به ته ڪڏهن ٻڌا هئم. گهڻا ڏينهن اڳ امان چيو هئم: ”هاڻ زندگيءَ ۾ سنڀالي وکون کڻجئين.“ ڇا ڇا نه ياد اچي ويو هئم. سيدن جي حويليءَ جا اوچا ۽ مقدس برج، ”نامحرم جي نظر بدن تي پئجي وينداوَ ته قيامت ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.“ ”زال جي بدن ۾ شيطان لڪل هوندو آهي، نه ويهنديون ڪريو نامحرمن جي سامهون.“ مان اندر ئي اندر هيسجي ويس. منهنجي روم ميٽ ڪنهن ايماندار جج جيان مون کي گهوري رهي هئي. ڏڪڻي ورائي وئي هئم. گيان ڌيان ۾ گم، مان اُمالڪ ڇرڪي پيس.

ٽپ..... ٽپ. برسات اندر ئي اندر پوڻ لڳي. مان سڄي پُسي ويس برسات جي بوندن ۾. اهو سڀ ڪجهه جيڪو وسري ويو هئم، سو سٽ ڏئي هانوَ تي هُري آيو هئم.

”مريم حسين، اسان عورتون انهن غريب ماڻهن وانگر آهيون، جيڪي جهاز جو سفر افورڊ نه ڪري سگهندا آهن، پر ان سفر جا سپنا ضرور ڏسندا آهن ۽ جيڪر خوشنصيبيءَ سان چڙهي به پون ته ماڳ تي رسڻ کان اڳ انهن جا جهاز ڪرئش ٿي ويندا آهن. تون به خيال ڪجئين ته مريم حسين My dear friend تون به جنهن جهاز ۾ سفر ڪري رهي آهين، ڪٿي اهو به ماڳ تي رسڻ کان اڳ ڪرئش ٿي نه پوي.“ ڪيڏو زهر هو هن جي لهجي ۾. مان اندر ئي اندر ڀُرندي رهيس.

”بڪواس نه ڪر.“ ڀت ڏانهن پاسو ورائي اکيون پوري ڇڏيون هئم. پر هوءَ ڏاڏي بيبيءَ جو روپ ڌاري منهنجي اندر ۾ ٿي گهڙندي آئي.

”اسان عورتون، مردن لاءِ بيحد خوبصورت جاپاني رانديڪا آهيون. پر جاپاني رانديڪا ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن. جان! وقت کان اڳ ٽٽي پوندا آهن.“

زهر جو درياهه، گهرو ۽ اٿاهه. مون ڪنڌ ورائي هن ڏانهن نهاريو، هن جو چهرو منهنجين اکين ۾ سج جي گولي وانگر چڀڻ لڳو. منهنجيون اکيون پاڻ ئي پاڻ پورجي ويون. پري، ڪنهن عرب شاگردياڻيءَ جي روم مان، قاهره ريڊيو تان ام ڪلثوم ڳائي رهي هئي. لفظ نه سمجهيا هئم، پر ائين ڀانيو هئم ڄڻ درد جون صدائون هيون، جيڪي چار سُو پکڙبيون ٿي ويون. زندگي ٻه – واٽي تي اچي بيهي رهي هئي. ايترا سارا دک، هيڪلي سر ڪيئن ڀوڳيا؟ زندگيءَ جا اهي پل ڪيڏا ايذائيندڙ هئا. منهنجيون اکيون پوسرڻ لڳيون هيون. مون دريءَ کان ٻاهر وشال نيري آسمان ۾ خدا ڏانهن نهاري من ئي من ۾ دعا گهري هئي: ’منهنجا رب زندگيءَ جا سمورا هاڃا، هن لمحي مون تي ظاهر ڪري ڇڏ.‘ مان اندر ئي اندر پُسندي رهيس، سروم دکم، دکم.

سڄي رات جي خوني جنگ کان پوءِ اها ئي ازلي شڪست. لمحي لمحي جي اها شڪست تڏهن پنهنجي جيت ڀانئي هيم. من جا مامرا ڇو ايڏا الجهيل ٿيندا آهن، جو اونداهيون به روشنيون ڀاسنديون آهن. روشنيون ئي روشنيون. زندگي سڄي پيرس جو شهر بڻجي وڃي ۽ پوءِ اهڙي سمي جيڪر ڪو ايٽم بم وشال نيري آسمان تان نازل ٿئي ۽ اهو ئي پيرس، هيروشيما بڻجي وڃي ته؛ شايد ان کان وڏو ڪو هاڃو دنيا ۾ نه هجي.

حالتن سان Compromise ۽ اهي حالتون ڪهڙيون هيون؟ منهنجو تنهنجي پويان جنمن جو ڀٽڪڻ. ڪيڏو پاڻ کي سمجهايم ته مريم حسين! ائين نه ٿئي جو تنهنجو جهاز ماڳ تي رسڻ کان اڳ ڪرئش ٿي پوي. ڏس مريم حسين! ڪٿي تنهنجو انجام به ادي مهروءَ وارو نه هجي.

ڪيڏي ڪوشش ڪيم، پر ننڍي هوندي ٻڌو هئم ته ازل کان جيڪو ڪجهه ڪرم ۾ لکيل هجي، سو مٽجي ناهي سگهندو ۽ مون کي ته ڪرم ۾ لکيل ليک ريٽڻ جي عادت ئي ڪانه هئي.

”توکي ڏسي مريم حسين! مون کي ڪا آسماني مقدس آيت ياد اچي ويندي آهي.“

ايڏو وڏو اعزاز. سرخرو ڪيئن نه ٿيان ها ڀلا. مقدس آسماني آيت جو نالو ڏئي هڪ وار چيئي: ’خبر اٿئي مقدس آيتون چمڻ جو ڪيڏو ثواب آهي؟‘ پوءِ جڏهن مقدس آسماني آيت کي چميو هيئي، تڏهن اندر ۾ خوشبو ئي خوشبو پکڙجي وئي هئي، اگربتيءَ جي پراسرار خوشبو، لوبان جي خوشبو. خوشبو، جيڪا قبرستانن مان ايندي آهي. پنهنجو پاڻ ڪيڏو نه پراسرار ڀاسيو هئم.

رات جو ستي ستي اک پٽجي پيم: ”چهري تي نامحرم جي پليت چپن جو ڇهاءُ.“ ’قيامت جي ڏينهن تنهنجي چهري کي دوزخ جي باهه ۾ ساڙيو ويندو، مريم حسين!‘

اگربتيءَ ۽ لوبان جي خوشبو تيز ٿي وئي. سڄو روم واسجي ويو هو. سمورو روم بڻجي ويو هو قبرستان ۽ قبرستان جي هن پار نظر اچي رهيا هئا، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج.

پڙهه ’اهدنا الصراط المستقيم، صراط الذين‘ مون من ئي من ۾ اهي لفظ ورجايا.

ان رات منهنجي روم جي لائٽ آف هئي، پر سج جهڙي روشني پکڙيل هئي چار سو. خبر ناهي اها روشني گناهه جي هئي يا ثواب جي؟ گناهه ۾ به ته ڏاڍي روشني ٿيندي آهي. چانڊوڪيءَ رات جهڙي ٿڌي روشني، جيڪا رڳ رڳ ۾ عجيب سحر پکيڙيو ڇڏي. روشني، جنهن ۾ اگربتي ۽ لوبان جي پراسرار خوشبو هجي. ڀلا انسان جا احساس، پڪاسو جو برش ته ناهن جنهن سان ڪوبه روپ جڙي ته ساراهه جوڳو هجي. پاڻيءَ جو هڪڙو ڇنڊو پوڻ سان رنگ ته پکڙجي سگهن ٿا، روپ جي سندرتا به ته ختم ٿي سگهي ٿي نه.

پاڻيءَ جو اهو هڪڙو ڇنڊو، جيڪو مٿان اچي پيو هئم ۽ رنگ سمورا پکڙجي ويا هئم. روح جي حيوانيت ۽ بدن جي پوترتا ٻه اهڙا رنگ آهن، جن کي Plus ته ڪري سگهي ٿو، پر Minus نه.

سو نتيجو (؟) شڪست؛ اها ئي ازلي شڪست.

”خبر اٿئي ماڻهو ڇا پيا چون؟“ دريءَ وٽ رکيل ڪئڪٽس جي ٻوٽي وٽ بيٺل منهنجي روم ميٽ جو چهرو، ڏاڏي بيبيءَ جو روپ ڌاريو بيٺو هو. گهٻرائي اکيون پوري ڇڏيون هئم.

”ڇا ٿا چون؟“ بي انت سانت کان پوءِ الاءِ ڪيئن چپ چوريا هئم.

”اهو ئي، جيڪو چوڻ جو حق هنن کي ازل کان آهي.“ سرد واءُ اندر پر پکيڙي رهيو هو، هن دريءَ جا طاق بند ڪري ڇڏيا هئا.

”چون ٿا ته مير آصف علي خان، هڪ ئي وقت ٻن مرسيڊيز ڪارن جو مالڪ، ڪنهن ڏينهن توکي انهن ڪارن هيٺان چيڀاٽي، ڪنهن ٻئي دڳ هليو ويندو ۽ مس مريم حسين! توکي گهر واپس وڃڻ لاءِ ڪا رڪشا به نه ملندي.“

”ماڻهو مون کان سڙن ٿا.“ چيو ته هئم، پر اندر ئي اندر سڄي سراپجي وئي هيس، هُن جي ايڏي خوفناڪ ڳالهه کان. ڄڻ هن ٽين مهاڀاري جنگ جي اڳڪٿي ڪئي هجي.

ڪنهن بيحد شريف ماڻهوءَ وانگيان، اسان عورتون به سڄي زندگي اهو هڪڙو جملو ’ماڻهو ٿا چون‘ زهر جي ڪساري ڍُڪ سمان نڙيءَ کان هيٺ لاهينديون رهيون آهيون. من مڃي نه مڃي، اندر ۾ ڪيڏو به ڍونڍ ڀريل هجي، پر پوءِ به زندگي سڄي شرافت جي ڪوڙي خول اندر ٻوساٽبا رهون.

سو اڄ به انهيءَ هڪڙي جملي ’ماڻهو ٿا چون‘ کان ائين هيسجي ويندي آهيان، جيئن ننڍي هوندي، جنن ۽ ڀوتن جي خيال کان سڄي سراپجي ويندي هيس.

مقدس آيتون چمڻ جو ثواب به تو پل پل ڪري کٽيو. ’ننهن کان چوٽيءَ‘ تائين اُڀريل ٿوهر جا ڪنڊا ۽ سڀئي گس، دوزخ ڏانهن ويندس. ’حوا جي بدن جو سڀ کان وڏو حقدار آدم آهي.‘

سو ڪنهن اعليٰ درجي جي اديب وانگيان تنهنجا سڀئي حق ۽ واسطا قائم رهيا ۽ منهنجا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ.

زندگي جڏهن هئي ئي ڇپيل پروگرام تحت؛ پوءِ احتجاجي نعرن ۽ بينرن جو فائدو؟ ۽ پوءِ ٿيو ائين جو هڪ ڀيرو اهو جهاز، اُمالڪ ڪرئش ٿي پيو، جنهن ۾ مان، مس مريم حسين سفر ڪري رهي هيس. ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو.

سرءُ جي انهيءَ بيمار ۽ اُداس نما شام جي آخري لمحن ۾، جڏهن هوٽل جي روم 22 مان ٻاهر نڪتي هيس ته پل اپل لاءِ جلا وطنيءَ جو احساس ٿيو هئم. لڏپلاڻ جو احساس. ماضيءَ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جي پيڙا. رڳ رڳ ۾ ڍونڍ جي ڌپ ڀرجي آئي هيم. پليتائي ۽ پاڪائيءَ جي صليب تي لٽڪيل مان.

بستري تان اٿڻ مهل چاهيو هئم؛ چاهيو هئم ته ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ اڳيان بيهي، هڪڙي ٿڪ اڇلايان پنهنجي چهري تي، جنهن تي انيڪ ڳاڙها ۽ نيرا داغ پکڙجي ويا هئا، ڪارنهن جا ٽِڪا پيشانيءَ تي سجايل.

امان چوندي هئي ته نياڻين جي پيشانين تي نور وسندو آهي. نور جو ڪو ننڍڙو ترورو به ته نه رهيو هو منهنجي پيشانيءَ تي. ڪپڙا پاتل هئم، پر ڇا ڪپڙا پائڻ سان اندر جي ننگائپ ڍڪجي سگهجي ٿي؟ جڏهن اگهاڙپ اسان جي چهرن مان ئي ٿي بَکي ته پوءِ ڪپڙن مان اگهاڙپ ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڇو؟.

رستي تي نڪري آئي هيس، سگريءَ ۾ ٻرندڙ ٽانڊن سمان، نس نس ٻري رهي هيم. تنهنجي چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ سمان هوريان هوريان دُکي رهي هيس. فردوس سئنيما وٽان اچي بس پڪڙي هئم. نستو نٻل بدن سيٽ تي ڇڏي اکيون پوري ڇڏيون هئم ۽ بند اکين ۾ گهڙي آيون انيڪ ساروڻيون. سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج. ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو. ’اهدنا الصراط المستقيم‘ جون صدائون. اکين ۾ ڀانيم ڪنهن مرچن لپ ڀري ڇڏي هئم. ائين ڀانيو هئم، ڀانءِ اجهو هينئر، هن لمحي، جنت مان تڙجي نڪتي هجان. تڙجڻ جو اهو احساس ڪيڏو ڏنڀيندڙ هو. ڄامشوري ڏانهن ڊوڙندڙ بس ۾ پاڻ کي دلاسا ڏنا هئم ته مريم حسين! تون حوا، آدم جو خوبصورت رانديڪو، آدم جي نسل جي واڌاري جو ذريعو، آدم جي نفس جي تڪميل. پوءِ مريم حسين! جيڪا شيءِ هجي ئي لوئڻ ۽ کوئڻ لاءِ، انهيءَ جو ايڏو غم ڇو؟ تون (حوا) ته آهين آدم جي بستري جو شو پيس، پوءِ ان هاڃي تي ايڏو ماتم ڇو؟.

شايد اکين ۾ ڪجهه ڀرجي آيو هو، جو ڀر ۾ ويٺل ڪنهن ڇوڪريءَ پڇيو هو روئڻ جو سبب ۽ اهو به ڪيڏو نه واهياتپڻو آهي، جو من ۾ سانڍڻ جهڙا دک چؤواٽي تي پڌرا ٿي پون ۽ پوءِ جيڪر مان هن کي ٻڌائي به ڇڏيان ها ته؛ اجهو، هينئر، هن لمحي، مان پنهنجي بدن جي سموري پوترتا مير آصف علي خان جي کيسي ۾ ڇڏيو پئي اچان، ته پوءِ به هوءَ ڳراٽي پائي منهنجو دک ونڊي ها؟ ڪيڏي تڇ محسوس ٿيان ها هن کي. انهيءَ ئي پل، سنگسار نه ڪري ها مون کي! ۽ پوءِ چؤواٽي تي بيهي پڪاري پڪاري به چوي ها ته: لوڪو! اچو هن کي زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ سنگسار ڪريو.

چؤواٽي تي اندر جي اگهاڙپ ظاهر ڪرڻ به ته ڪيڏو ڏکيو آهي. سو ٽاريندي چيو هيومانس ته تپ مان اٿي آئي آهيان، مٿو پيو ڦريم ۽ هوءَ ڪيتري دير منهنجي انڪار جي باوجود به منهنجي مٿي کي زور ڏيندي رهي هئي. سوچيو هئم ته جيسين تائين هڪ ٻئي تي اسان جا عيب ثواب ظاهر نٿا ٿين، تيسين تائين اسان هڪ ٻئي لاءِ ڪيڏا اُتم ۽ قابل احترام هوندا آهيون.

هاسٽل ۾ اچي کٽ تي پاڻ ڇڏي ڏنو هئم، پري ڪنهن روم مان رکيو رکيو ٿي ٽهڪن جا آواز اُڀريا. روڊ تي بسن جي هارنن جا آواز ۽ هيٺ ڪنهن اوچن سُرن ۾ پئي ڪو فلمي گانو ڳايو. پل اپل لاءِ اڪيلائپ جو احساس ورائي ويو هئم. کليل دريءَ ۾ اچي بيٺي هيس، اکيون پوري ڇڏيون هئم ۽ پريان ڪٿان آواز ٿي اڀريو، بلي شاهه جي ڪافي جو:

اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري،

سَنجي بن وچ لٽي سائيان، چور شنگ ني گهيري.

بن وچ لٽي سائيان، بن وچ لٽي سائيان، چور شنگ نه گهيري، اندر خواب وڇوڙا هويا، اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري.

’قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندا.‘

سڄي سراپجي ويس. ايڏي وڏي سزا، هيڪلي سر ڪيئن ڀوڳبي، مريم حسين؟.

اندر جا هاڃا، شايد چهري تي ميل جو پٿر هوندا آهن. چهري تي شايد اندر جي قيامت جا پوسٽر لڳل هوندا آهن، تڏهن ته جو گڏبو هئم. پڇندو هئم: ”توکي ڇا ٿيو آ، مريم حسين!“.

ڀوَ جا ڀاوَ. بائيبل ۾ پڙهيو هئم ته: اوهان جا گناهه نيٺ به اوهان کي ڳولهي لهندا. ائين ڀاسندو هئم ڀانءِ ڪنهن پل، اُمالڪ ڪاريڊور ۾ هلندي اهي گناهه اچي ڳچيءَ کان جهليندا؟ ڪاري گائونَ جي اندر، ويڙهيل سيڙهيل لڱ سمورا ڪانڊارجي ويندا هئم. مُڙي مُڙي پويان نهاريندي هيس.

تون شايد سمجهي نه سگهين ته ان ڏوهاريءَ جي ڪهڙي حالت هوندي، جنهن کي ڪنهن لمحي به موت جي سزا ملڻي هجي. ڪنهن دهشت پسند گروهه جي ليڊر جيان انڊر گرائونڊ (Underground) رهڻ به ته ڏکيو هو، جو مان ته بهرحال هيس، سنڌي معاشري ۾، وچولي طبقي جي بيحد عام ڇوڪري.

ڪيئن نه ايڏو وڏو هاڃو لڪائڻ چاهيو هئم. پر ماڻهن جي اکين جي گهور به وئي ٿي تکي ٿيندي. ماڻهو اسان جي اندر جي اونهائين تائين ڪيئن اچي رسندا آهن؟ هٿن جون آڱريون صرف گنهگارن تي کڻڻ لاءِ تخليق ٿيون آهن؟ کنيل آڱريون اکين ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان چڀنديون ڀانيون هئم.

رات جي گهور اونداهي ۾ سڄي هاسٽل جي لائٽ آف ٿي وئي هئي. تڏهن اونداهي ۾ منهنجي روم ميٽ جو آواز اڀريو هو: ”زندگيءَ جي ان موڙ تي بيهي ڇا ٿي محسوس ڪرين مريم!“

جيڪر ان لمحي پل اپل لاءِ ئي سهي لائٽ آن ٿي وڃي ها ته شايد هوءَ منهنجي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇولا به ڏسي سگهي ها. ”ڪهڙو موڙ ٿي چوين؟“ سندس ڳالهه لنوائڻ چاهي هيم.

”اهو ئي موڙ، جڏهن اوچتو جهاز ڪرئش ٿي پوي ۽ گهر واپس وڃڻ لاءِ ڪا رڪشا به نه ملي.“

”پر مان هر حالت ۾ گهر واپس ويندس.“ ڀانيو هئم ته منهنجو آواز هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.

”ڪهڙو گس وٺي ويندينءَ؟“

”جنهن گس تان آئي هيس.“ پر ان ڳالهه جو ته اڃا پاڻ کي ئي يقين نه ڏياريو هئم.

”ڏکيو آ مريم حسين. اسان سنڌي عورتن لاءِ واپسيءَ جو ڪوبه گس نه هوندو آهي. اسان جا سمورا گس ويندا آهن دوزخ ڏانهن – زندگيءَ جي دوزخ ڏانهن.“

ڪابه ڳالهه نه سُجهي هئم چوڻ لاءِ، لفظ کٽي پيا هئم. انيڪ پل روم ۾ موت جهڙي سانت پکڙيل هئي.

”ڪجهه ته ڳالهاءِ مريم، ماڻهو ته الاءِ ڇا ڇا پيا چون.“

”ماڻهن جو چوڻ ۽ اسان جو برداشت ڪرڻ ته بيحد فطري عمل آهي.“

زندگيءَ جي ان لمحي جڏهن مان هن سان گهور اونداهه ۾ ڪيڏي اعتماد سان (بظاهر) ڳالهائي رهي هيس. ها، زندگيءَ جي ان لمحي ۾ مون پاڻ کي ڪائنات جي سڀ کان ڪمزور شيءِ محسوس ڪيو هو، ڄڻ مان ڪنهن تاريخي عمارت جي بيحد ڪمزور ديوار هجان. اسان اندران ڀل ڀور ڀور ٿي پئون، پر ٻاهران ڪيڏا مضبوط پيا هلندا آهيون. وڏي ۾ وڏو هاڃو سهڻ کان پوءِ به فيصلو نه ڪري سگهندا آهيون ته اسان ڪمزور آهيون يا مضبوط؟ پوءِ به ماڻهو ڪيئن اسان جي اندر جي اونهائين تائين اچي رسندا آهن ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن بيحد ڏنڀيندڙ لمحي ۾، تخليق جو ڪرب نس نس ۾ زهر جي ڌارا سمان پکڙيو ڀانيو هئم. رت جي اها هر بوند (جنهن سان آدم جو نسل تخليق ٿيندو آهي) جيڪر بدن ۾ رهجي وڃي ته اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي. ڪٿي پڙهيو هئم: ’عورت جي رت جي هرڪا بوند تخليق جو نشان آهي.‘ پر مان سڄي سراپجي وئي هيس. ڪائنات جو سمورو سراپ منهنجي نصيب جو دک آهي.

ادي مهروءَ جي تخليق جو ڪرب ايڏو خوبصورت ڀاسيو هئم. اهو ڪرب جڏهن پنهنجي نس نس ۾ پکڙيو ڀانيو هئم ته ڀانيم ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي پئي هجان. اڪيلائيءَ ۾ ڪو ٻيو، وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ويندو هئم. اندر ئي اندر، ڪو رت چوسي رهيو هئم. ڀرجي وئي هيس، پر انهيءَ ڀرجڻ ۾ به ڪيڏو ايذاءُ هو. ٽانڊا ٻري پيا هئم رت جي هر ڦڙي ۾. شاور هيٺ انيڪ پل ٿڌي پاڻيءَ ۾ پاڻ پسائڻ کان پوءِ به باهه وئي ٿي تيز ٿيندي.

ڪيڏي پراسرار ٿي پئي هيس. رات جو، ننڊ ۾، جاڳندي، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج، ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو، پنهنجي گهر جو اڱڻ ٻرڻ لڳو هئم. پڙهه: ’اهدنا الصراط المستقيم‘ پر ڄڀ ڪپجي پئي هئم. ڀانءِ ٻرندڙ باهه تي، اگهاڙن پيرن هلي رهي هجان. چئني طرفن هئا دوزخ جي باهه جا اُلا. پلصراط تي اچي بيٺي هيس. ڪيئن نه بوند بوند ڪري پنهنجي بدن جي پوترتا سانڍي هئم. ڪيئن ڪيئن نه پنهنجي بدن جو شيطان لڪايو هئم.

پر، ڄڻ بهشت مان تڙجي نڪتي هيس. تنهنجي چپن ۾ اٽڪيل گولڊ ليف جي سگريٽ جيان هوريان هوريان دکي رهي هيس. ڪيڏو کوٽ هو منهنجي من ۾، ۽ منهنجي بدن ۾ هن جون پاڙون ويون ٿي گهريون ٿينديون. ان کان اڳ جو سڀڪجهه ظاهر ٿي پوي ۽ ماڻهو گهلي وڃنم عمر فاروق رضه جي دور ۾ سنگسار جي رسم نڀائڻ لاءِ، ٻڏندڙ دل سان سامان پيڪ ڪيو هئم. ائين ڀانيو هئم ڄڻ اباڻو گهر ڇڏي رهي هجان. ٻڌو هئم ته عورت جو ڪوبه گهر ڪونهي، هوءَ ازل کان بي گهر آهي. ان رات، رلهيءَ اندر ويهاڻي ۾ منهن ڏئي ساري رات روئندي رهي هيس. زندگيءَ جا سمورا پُڃ ۽ پاپ آڏو اچي بيٺا هئم. ڏاڏي بيبيءَ وٽ ياد ڪيل دعائون پڙهڻ چاهيون هئم، پر ڄڀ ڪپجي وئي هئم.

ٻئي ڏينهن جڏهن چوڪيدار کي سڏي، پيڪ ڪيل سامان کڻايو هئم، تڏهن بستري ۾ ستل روم ميٽ، رلهيءَ مان منهن ڪڍي پڇيو هو: ”ڪيڏانهن؟“

”گهر!“ لاءِ ڪيئن اُڪليو هئم اهو ننڍڙو لفظ .

”موٽي اچڻ لاءِ ٿي وڃين؟“ سمورو سامان پيڪ ڏسي پڇيو هئائين.

”شايد، نه.“ اهو چوندي اکيون پوسرڻ لڳيون هئم.

”ها مريم، جي گهر ۾ پناهه ملنئي ته موٽي نه اچجئين.“ پري کان هن جو آواز ايندو محسوس ڪيو هئم. ”۽ جي نه ملنئي ته موٽي اچجئين، جو پنهنجن جو سنگسار پراون کان وڌيڪ جهوريندڙ هوندو آهي.“

اکين ۾ ڪنهن مرچن لپ ڀري ڇڏي هئم. ڪيڏيون پوسرائي رهيون هئم اکيون.

”پر توکي پناهه نه ملندي مريم حسين. ڪائنات جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نه. جن جي نصيب ۾ پناهه گاهون هونديون آهن، سي ڪڏهن به جلاوطن نه ٿيندا آهن.“ ڪيڏو زهر هو هن جي آواز ۾.

مان تيزيءَ سان روم مان نڪري آئي هيس، بس ۾ وهندي سڄي جهُري پئي هيس.

’اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري،

سَنجي بن وچ لٽي سئيان‘ چور شنگ ني گهيري.‘

ڪيڏو عجيب هئم موٽڻ جو انداز. هٿن ۾ ايم. اي جي ڊگري نه هئم، پر بدن جي اونهائين ۾ تخليق جي ڊگري ڀريل هئي. اسان گهران نڪرندا آهيون ته ڪيڏيون اميدون ۽ سپنا کيسن ۾ ڀريل هوندا آهن، پر واپسيءَ ۾ موٽندا آهيون ناڪامين جي ڊگهي فهرست ساڻ ڪري. ڪيڏي شدت سان پيا چاهيندا آهيون ته ڪاش گهر پهچڻ کان اڳ، واٽ تي ڪٿي ڪو حادثو ٿي پوي، پر حادثا تڏهن ئي ٿيندا آهن، جڏهن اسان نه چاهيندا آهيون.

بس ۾ تڏهن ڳوٺ ويندي ڪيترا ڀيرا دل چيو هو ته واٽ تي ڪنهن اجنبي ڳوٺ ۾ لهي پوان. ڪنهن ناڪام تحريڪ جي اڳواڻ جيان Underground ٿي وڃان، ڇو (؟) اسان پنهنجي ئي وطن ۾ جلا وطن ٿي ويندا آهيون. گهر هوندي به پاڻ کي بي گهر محسوس ڪندا آهيون. ڪائنات جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪابه پناهه گاهه نه لڀندي اٿئون. بهشت مان تڙجي نڪرڻ کان پوءِ ڪٿي به ته پناهه گاهه نه لڌي هئم ۽ تو لاءِ ڪائنات سڄي پناهه گاهه بڻجي وئي هئي ۽ مان جڳن کان تنها ڀٽڪندي رهيس. سچ چيو هئائين ته: جن جي نصيب ۾ پناهه گاهون هونديون آهن، سي ڪڏهن به جلاوطن نه ٿيندا آهن.

هر گناهه ۾ تون ۽ مان برابر جا شريڪ ٿيون ته به گناهن جا داغ صرف منهنجو ئي پلاند ڇو ٿا آلو ڪن؟ منهنجي بدن جي نس نس گناهه جو ثبوت بنجيو وڃي. ڇو منهنجي ئي بدن ۾ مون لاءِ دوزخ جو عذاب رکيو ويو آهي؟.

روايت آهي ته: ’هڪ ڀيرو جڏهن مرد ۽ عورت کي زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ سنگسار ڪيو ويو ته مڙد عورت کي پٿرن کان بچائڻ لاءِ عورت جي مٿان نمي ٿي ويو.‘ پر تو ائين به نه ڪيو. سمورا پٿر مون اڪيلي سر پلاند ۾ ميڙي ورتا هئا. مان ’انا الحق‘ جو نعرو هڻان به ته تاريخ ۾ منهنجو ذڪر سونهري لفظن ۾ ته نه اچي ها. جو مون تي ته ثابت ٿيو هو زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ۽ منهنجو بدن هو، ان ڏوهه جو اکين ڏٺو ثبوت. ڀلا جنهن جا ڏوهه پيشانيءَ تي لکيل هجن، ڪورٽ ڪيئن نه ڏيندي هن کي سزا.

۽ پوءِ نما شام جي بيحد اُداس ڪندڙ بيمار لمحن ۾، منهنجي گهر ڏانهن ويندي، سيدن جي حويليءَ وٽان، پراڻو ٽانگو، ڪچي تي کڙ کڙ ڪندو لنگهيو هو. تڏهن ائين ڀانيو هئم، ڪورٽ ۾ ڪنهن جج اڳيان بيٺي هجان ۽ ڏوهه سڀئي منهنجي پيشانيءَ تي لکيل هجن. اسان وچولي ۽ هيٺين طبقي جي ڇوڪرين جا ڏوهه پيشانين تي لکيل هوندا آهن. اسان وٽ ايترو پئسو نه هوندو آهي جو ڪنهن ڪلينڪ ۾ پنهنجا گناهه دفنائي، دنيا جي سامهون سرخرو ٿي اچون. اسان جون ڪاميابيون به ته اسان جي ناڪامين جو نشان هونديون آهن، سو مان اڄ تائين سمجهي نه سگهي آهيان ته پنهنجي ناڪامين جو دوش ڪنهن کي ڏيان؟ سيدن جي حويليءَ اڳيان لنگهندي، ڪيڏيءَ شدت سان چاهيو هئم ته اجهو، هينئر، هن لمحي تي ئي لهي پوان، وڏيءَ ويڪريءَ پوتيءَ ۾ پاڻ ويڙهي ته جيئن وارن جي ڪا تند به نظر نه اچي، ته جيئن بدن جي جوڙ سمجهه ۾ نه اچي. پهريون سيپارو کڻي اندر هلي وڃان ۽ جُتي حويليءَ جي چائنٺ تي لاهيندي وڃان. پريان کان ئي ڏاڏي بيبي هڪل ڪري، ’رن بدن ڍڪي هلندي ڪر، نامحرم جي پليت نظر پئجي ويئي ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندئي.‘ (اهو سوچيندي ڪرب مان اکيون پوري ڇڏيون هئم.

منهنجو ساهه ڀرجي آيو هو، اها ئي مان مريم حسين، هينئر سيدن جي حويليءَ وٽان، پلصراط جو دڳ وٺيو پئي ويس، ڄڀ ڪپيل هئم ۽ دعائون سڀئي نڙيءَ ۾ گهٽيل، ڀوَ جون ڀاونائون وڪوڙي ويون هئم. هن لمحي جيڪر ڏاڏي بيبي ڏسي وٺيم؟ ڪرب مان اکيون پوري ڇڏيون هئم.

ٽانگو هوريان هوريان ڊوڙندو ٿي ويو، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج پويان رهجي ويا هئا.

۽ مان ويس پئي پلصراط جو دڳ وٺيو ڪنهن پناهه گاهه جي تلاش ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com