ٽي لوليون
جڳديش لڇاڻي
تمام پراڻي ڳالهه آهي، پر آهي مزيدار. هڪڙي
ڳوٺ ۾ زال مڙس رهندا هئا. مڙس هو ڏاڍو سست، ڪم ڪرڻ
ته پڄندو ئي ڪو نه هئس. ويچاري جوڻس ڇيڻا ٿڦي، جنڊ
پيهي پيٽ گذران ڪندي هئي، زال کيس روز ڪم ڪرڻ لاءِ
زور ڀريندي هئي، پر هو هميشه ڪو نه ڪو بهانو ڏيئي،
نٽائي ويندو هو.
هڪ ڏينهن زال جي گهڻي زور ڀرڻ تي هو ڪم تي وڃڻ
لاءِ تيار ٿيو. زال کي چيائين :”چڱو ٽي لوليون ته
پچائي ڏينم، متان رستي ۾ بک لڳي.“ جوڻس کيس ٽي
لوليون پچائي ڏنيون. ٽئي لوليون هڙ ۾ ٻڌي مڙس نڪتو
ڪم جي ڳولا ۾. هلندي هلندي رستي ۾ اچي کيس بک
ستايو. سو هو پاڻيءَ جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن
نهارڻ لڳو. آخر کيس هڪ کوهه ڏسڻ ۾ آيو. هيءُ هڙ
کولي لولين کي ڏسي چوڻ لڳو: ”ننڍي کاوان وڏي يا
وچولي کاوان.“
ان کوهه ۾ رهنديون هيون ٽي پريون. انهن جو اهو
ٻڌو، ته گهٻرائجي ويون. هنن سوچيو: اڄ اسان جو خير
ڪونهي. ڀڳوان بچائي هن راڪاس کان. هو سوچڻ لڳيون.
هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي.آخر همت ٻڌي ٽيئي ٻاهر آيون ۽
ان کي چوڻ لڳيون: ”ڀائي اسان کي نه کاءُ.“ هو
پهريون ته وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ شوخ ٿيندي چوڻ
لڳو: ”نه، نه اڄ مان توهان کي ضرور کائيندس!“
پريون پرارٿنا ڪرڻ لڳيون. چوڻ لڳس:”اسان کي نه
کاءُ! اسين تو کي هڪ تمام ڪمائتي شيءِ ٿيون ڏيون.
اهڙي شيءِ جيڪا هميشه تو کي ڪم ايندي.“ هن پرين جي
اها آڇ قبول ڪئي، پرين هڪ ٿالهه گهرايو ۽ چيائونس:
”هيءُ هڪ جادوءَ جو ٿالهه اٿئي. هن کان جيڪا شيءِ
گهرندين، اهو تو کي حاضر ڪري ڏيندو.“ پرين جي اها
ڳالهه ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو. هو پرين کان ٿالهه
وٺي، خوشيءَ مان ٺينگ ٽپا ڏيندو هليو پنهنجي گهر
ڏانهن.
هن جو گهر ڪافي پري هو. هلندي هلندي کيس رستي
۾ رات پئجي ويئي. هو اجهي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن
واجهائڻ لڳو. ٿورو پريان هڪ جهوپڙي ڏسڻ ۾ آيس،
جنهن ۾ هڪ مٽيءَ جو ڏيئو ٽمڪي رهيو هو. هي اوڏانهن
وڌيو ۽ جهوپڙيءَ جي در کي اچي کڙڪايائين. دروازي
تي آواز ٻڌي هڪ ٻڍيءَ دروازو کوليو. هوءَ ٻاهر
نڪري هن کي گهوري ڏسڻ لڳي. هن تمام آهستي چيو:
”امان، رات ڪاٽڻ لاءِ جڳهه ملندي؟“
ٻڍيءَ وراڻيو: ”پٽ ڀلي اچي اندر سمهه، پر کارائڻ
لاءِ، ته مون غريب وٽ ڪجهه به ڪينهي.“
”امان، تون ان جي چنتا نه ڪر. پيٽ ڀري مان ٿو
توکي کارايان.“
۽ هن ٿالهه ٻاهر ڪڍي، کيس حڪم ڏنو ته: ”ڀرجي
وڃ عمدن طعامن سان.“
ٿالهه عجيب و غريب طعامن سان ڀرجي ويو. ٻڍي
اهو ڏسي وائڙي ٿي ويئي. ٻڍيءَ کي هن ٻڌايو. ته
هيءُ جادوءَ جو ٿالهه آهي. پوءِ ته ٻنهي پيٽ ڀري
طعام کاڌو ۽ پوءِ وڃي آرامي ٿيا. پر ٻڍيءَ کي ننڊ
نه آئي. هن جي اکين اڳيان هر هر اهو ٿالهه ڦرڻ
لڳو. هوءَ سوچڻ لڳي جيڪڏهن اهو ٿالهه مون کي ملي
وڃي، ته مان جيڪر بک کان هميشه لاءِ ڇٽي پوان. اهو
سوچي هوءَ اٿي ۽ اهو ٿالهه کڻي وڃي لڪائي رکيائين.
اهڙو هوبهو ٻيو ساڳيو ٿالهه جيڪو وٽس هو، آڻي هن
جي مٿن کان رکيائين. هو صبح جو سويل اٿيو ۽ اهو
ٿالهه کڻي خوشيءَ وچان پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي
ويو. هن گهر پهچي پنهنجي زال کي سڏ ڪيو. جوڻس جنڊ
پيهي رهي هئي. هوءَ اتان اٿي مڙس جي ويجهو آئي. هن
زال کي چيو: ”اڙي ڀاڳن واري! هاڻي تو کي ڪڏهن به
جنڊ پيهڻو نه پوندو. مان جادوءَ جو ٿالهه هٿ ڪري
آيو آهيان. هو هر ڪا شيءَ اسان کي حاضر ڪري
ڏيندو.“
جوڻس کي وشواس ئي نه آيو. هوءَ عجب وچان مڙس
ڏانهن نهارڻ لڳي. هن ٿالهه کي حڪم ڏنو ته : ”ڀرجي
وڃ مٺائيءَ سان.“ پر ٿالهه تي ان جو ڪو به اثر ڪو
نه ٿيو. هن کي ڏاڍو تپرس وٺي ويو. هو سوچ ۾ پئجي
ويو. گهڻي سوچڻ بعد، هو آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو،
ته پرين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي.
پرين کان بدلي وٺڻ لاءِ، هو وري ٽي لوليون
پچرائي انهيءَ کوهه ڏانهن روانو ٿيو. پنڌ ڪندي
ڪندي هو آخر انهيءَ کوهه وٽ اچي پهتو. کوهه جي ٻني
تي ويهي چوڻ لڳو: ”ننڍي کاوان وڏي کاوان،
وچولي..........“
پرين اهو آواز ٻڌو ته هو ڊپ وچان ڏڪڻ لڳيون.
نيٺ همت ٻڌي ٻاهر آيون. پرين کي ڏسي هو غصي ۾ لعل
ٿي ويو. چوڻ لڳو : ”اڄ مان توهان کي ضرور کائيندس.
توهان مون سان دوکو ڪيو آهي.“
پرين ششدر ٿي چيو :”ادا، اڄ اسان کي نه کاءُ،
اسين توکي اڳي کان به سٺي شيءَ ڏينديونسين.“
هو راضي ٿي ويو. پرين کيس هڪ ٻڪري ڏني ۽
چيائونس: ”هيءَ ڦولهڙين جي جڳهه تي سونيون گينيون
لاهيندي آهي.“
هو پرين کان ٻڪري وٺي، خوشيءَ ۾ جهومندو
پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. رستي ۾ کيس وري به
رات پئجي ويئي ۽ اڄ به کيس ساڳيءَ ٻڍيءَ جي گهر
ترسڻو پيو.
ٻڍي هن کي ڏسي بيحد خوش ٿي ۽ وري جڏهن کيس خبر
پيئي ته هن جادوءَ جي ٻڪري آندي آهي، جا سونيون
گينيون لاهيندي آهي، ته دل ئي دل ۾ ان کي چورائڻ
جا پهه پچائڻ لڳي.
جڏهن هو وڃي سمهيو، ته ٻڍي اٿي هن اها ٻڪري
لڪائي، ان جي جڳهه تي ان جهڙي هڪ ٻي ٻڪري اچي اُن
ڀرسان ٻڌي ڇڏي.
صبح جو سويل اٿي، هو پنهنجي گهر ڏانهن روانو
ٿي ويو. گهر پهچي پنهنجي زال کي سڏ ڪيائين، جوڻس
سندس ڀرسان اچي چيو: ”اڙي، هيءَ ٻڪري وري ڪنهن جي
چورائي آيو آهين؟“ هو مرڪيو: ”چري هيءَ جادوءَ جي
ٻڪري آهي ۽ سون جون گينيون ڏيندي آهي.“
هوءَ مڙس جي چهري ڏانهن تڪيندي رهي. هن وڌيڪ
چيو: ”وڃ وڃي جوئر جو ٽويو (هڪ قسم جو ماپو) ته
کڻي اچ.“
هوءَ وڃي جوئر جو ٽويو کڻي آئي. ٻڪريءَ جوئر
کاڌي، جوئر کائي گهر ڦولهڙين سان ڀري ڇڏيائين. زال
اچي مڙس تي بگڙي ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. هن جون
ٻه به ويون، ته ڇهه به ويون. هو غصي ۾ ڀرجي ويو ۽
ٽي لوليون پچرائي هليو وري پرين ڏانهن.
کوهه وٽ اچي زور سان چوڻ لڳو: ”ننڍي کاوان،
وڏي کاوان، وچئين کاوان.“ پريون ٻاهر نڪري آيون.
پرين کي سامهون ڏسي هن جو پارو چڙهي ويو. چوڻ لڳو:
”توهان مون کي ٻه دفعا دوکو ڏنو آهي. اڄ مان توهان
کي هر گز نه ڇڏيندس.“
پريون عجب وچان هڪ ٻئي جي منهن تڪڻ لڳيون. کن
پل بعد ننڍيءَ پري چيو: ”اسان تو کي ڪڏهن به دوکو
نه ڏنو آهي. ٻڌاءَ، رستي ۾ تون ڪنهن وٽ ٽڪندو ته
ڪين آهين؟“
”ها، مان هڪ ٻڍيءَ وٽ رات ڪاٽيندو آهيان.“
”ته پڪ ئي پڪ ٻڍي تو کي دوکو ڏيندي آهي.“
هن کي ٻڍيءَ جي يادگيري اچي ويئي. هن ٻڍيءَ
سان سڀ راز سليا هئا. پرين هن کي هڪ ڏنڊو ڏنو. هڪ
پريءَ کيس سمجهايو. مائيءَ کي سچي ڪرائڻ لاءِ چئج:
چڪر سلي، پڪڙ ڏنڊا، وٺ مائيءَ کي. مار جي ڊپ کان
هوءَ تو کي سڀ شيون واپس ڏيندي.
هو ڏنڊو کڻي ٻڍيءَ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو.
اُتي پهچي ڏٺائين، ته ٻڍي آرام سان سمهي پئي آهي.
هن ٻڍيءَ کي ڏسي چيو: ”امان، تو منهنجو ٿالهه ۽
ٻڪري ته نه بدلائي آهي.“ ٻڍيءَ وراڻيو. ”نه پٽ.“
هن چيو: ”چڪر سلي، پڪڙ ڏنڊا، وٺ مائيءَ کي .“
ڏنڊو مائيءَ مٿان هلڻ لڳو. جڏهن ٻڍيءَ ڪافي مار
کاڌي، تڏهن وڃي سچي ڪيائين ۽ ٻئي چورايل شيون واپس
ڪيائينس.
هو جادوءَ جو ٿالهه ۽ ٻڪري وٺي اچي جوءِ وٽ
پهتو. جوڻس اهي جادوءَ جون شيون ڏسي ڏاڍي خوش ٿي.
پوءِ هو ٻئي زال مڙس ڏاڍي مزي سان گذارڻ لڳا.
”گل ڦل“ –نومبر 1979ع
جهڳڙو!
شوڪت چاچڙ
منو ۽ گُڊوُ هڪ ئي ڪالونيءَ ۾ رهندا آهن، ٻيئي
گڏ پڙهندا آهن ۽ گڏ راند رهندا آهن. گڊوءَ جي وڏي
ڀاءُ راجا هڪ ايراني نسل جي ٻلي هٿ ڪري پالي آهي،
ٻليءَ جا وار ڀورا ناسي ۽ اکيون سائي رنگ جون اٿس.
نالو رکيو اٿائونس-”مانو“!
”مانو“ ڏاڍي فضيلت واري ٻلي آهي، هروڀرو نه
هيڏانهن هوڏانهن گهمندي آهي، نه ئي ڪو کاڌي پيتي
جو زيان ڪري. ايتري تائين جو حاجت پوري ڪرڻ لاءِ
به باٿ روٿم ڳوليندي آهي! ڪيڏي نه تربيت يافته آهي
اها پرديسي ٻلي! خبر پئي ته ”مانو“ آسٽريليا کان
تحفي طور هڪ پاڪستاني واپاريءَ تائين پهتي، پر اتي
شايد ٻليءَ کي پيار نه مليو تنهنڪري اتان ڀڄي
نڪتي! ۽ رلندي پنندي راجا جي هڪ دوست کي هٿ آئي،
راجا وري پنهنجيءَ ڪرڪيٽ بيٽ عيوض ”مانو“ حاصل ڪئي
۽ پيار سان پالڻ لڳس، صبح شام گڊو ۽ منو ٻليءَ سان
کيڏندا آهن. ”مانو“ رات جو کير ۽ صبح جو ڊبل روٽي
يا ڪُرڙيون کائيندي آهي، پنهنجي ديسي ٻلين وانگر
نُــوس نُوس نه ڪندي آهي! ۽ سمهڻ لاءِ ڪرسي يا نرم
ڪپڙي مٿان آرام ڪندي آهي!.
مُنو وري پنهنجي وڏي ڀاءُ جنيد عرف جگنوءَ سان
ضد ڪندو آهي، ته کيس به اهڙي ايراني قسم جي ٻلي
آڻي ڏي. جيئن ساڻس لاڏ ڪري سگهي!
روزانو جي ضد سبب جنگو هڪ ڏينهن پرديسي ٻليءَ
بجاءِ هڪ ديسي گُلر هٿ ڪيو، جنهن جا وار وڏا ۽ اڇا
آهن پر هوُ لڳندو انگريزي گُلر جيان آهي. منوءَ
پنهنجي گلر جو نالو ”ٽوني“ رکيو آهي.
گڊو ۽ منو جيئن ئي اسڪول کان موٽندا آهن ته
دروازي تي ٽوني سندن آڌر ڀاءُ پُڇ لوڏي ڪندو آهي.
”مانو“ وري ”ٽوني“ کان پاسو ڪندي آهي! ڇو ته ٽوني
ڪجهه جهيڙاڪ آهي، اصل ۾ سندس تربيت ناهي ٿيل ان
ڪري هُـــو طبيعت جو ڪجهه وڌيڪ آزادي پسند آهي.
کيس کاڌي ۾ ڊبل روٽي ۽ پاروٿو گوشت ملندو آهي.
هڪ ڏينهن گڊو ۽ منو صلاح ڪئي ته مانو ۽ ٽوني
کي هڪ ٻئي سان دوستي ڪرائجي. جيئن گڏجي راند رهي
انجواءِ ڪن. صلاح موجب هنن گهر ٻاهران سائي ڇٻر تي
ٻنهي کي آندو. مانوءَ لاءِ کير ۽ ٽونيءَ لاءِ گوشت
جا ٽڪر رکيا ويا.
ٽوني مزي سان گوشت کاڌو پئي. پر مانو ڊڄي ڊڄي
کير ڏانهن وڌي، اوچتو ٽوني مانوءَ کي چنبو هڻي
ڪڍيو! ۽ مانو رڙيون ڪندي گهر ڏانهن ڊوڙي. اهو ڏسي
گڊوءَ کي ڪاوڙ آئي ۽ ٽونيءَ کي لتَ وهائي ڪڍيائين!
ڪاوڙ مان منو گڊوءَ کي چماٽ هنئي، ته هو وڃي ڇٻر
تي ڪريو! ۽ روئڻ لڳو ۽ روئندو گهر آيو، راجا به ان
وقت گهر ۾ هو ڪمري ۾ لطيفن جو ڪتاب پڙهي کِــلي
رهيو هو ۽ کِــلي کِــلي پنهنجي رت ۾ اضافو ڪري
رهيو هو!
گڊوءَ کي روئندو ڏسي کِلڻ وارو پروگرام ڪينسل
ڪري کانئس روئڻ جو سبب پڇيائين. ٽوني جي حرڪت ۽
منو جي مَــن مستيءَ جو ٻڌي راجا کي ڏاڍي ڪاوڙ
آئي. مانو جيڪا پلنگ هيٺان ڊڳي ويٺي هئي، راجا ان
کي کڻي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. مانو جي وارن مان هلڪو
رت وَهي رهيو هو!
مانو جي وهندڙ رت ڏسي راجا کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي ۽
رڙ ڪري جنيد عرف جُـــگنوءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو
سندن گهر ڏانهن ويو ۽ جگنوءَ کي گهران سڏي سَت
سُريون ٻڌائڻ لڳو.
”جنگو! تون پنهنجي ان گلر ڪتي جي پٽ ’ٽوني‘ کي
ڪنٽرول ۾ رک! هن مانو کي زخمي ڪيو آهي ۽ ڀاڻي منو
وري گڊو، کي مار ڏني آهي. توهان پاڻ کي سمجهو ڇا
ٿا!؟ غنڊا گردي نه ڪريو، سمجهيئه!!“ راجا ڪاوڙ مان
ڳالهايو ته جگنو ورندي ڏيندي چيس: ”اڙي آهستي
ڳالهاءِ هيرا ڪنهن جاءِ جا! هڪ ته پالين چوريءَ جي
ٻلي وري رعب به ٿو ڏيکارين!“
”ڇو چوريءَ جي ٻلي آهي، قيمتي بيٽ ڏيئي مون
مانو ورتي آهي، تنهنجو ته ڪتو به ديسي آهي، نالو
وري رکيو اٿئيس ”ٽوني“! راجا طنز ڪندي چيو. پر
جگنوءَ کي ڪاوڙ لڳي، چيائين: ”توُن منهنجي ”ٽوني“
کي ڪتو چئي ”بي عزتي“ ٿو ڪرين!
”ڪتو نه چوانس ته باقي تنهنجو ڀاءُ چوانس ڇا!“
راجا ورندي ڏنس، ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا ٻکجي ويا!
هڪ ٻئي کي ٺونشا ۽ لتون هڻي سُڄائي وڌائون!
شام جو وري ساڳي صورتحال تي راجا جو پيءُ
جگنوءَ جو چاچو پاڻ ۾ تِکا مٺا ٿيا! ڳالهه وڃي
ٿاڻي تائين پهتي!
ايس، ايڇ. او صاحب ٻنهي ڌرين کي ٺهي وڃڻ لاءِ
چيو ۽ دٻاءُ وڌو، راجا جو پيءُ جيڪو ڏندن جو ڊاڪٽر
پڻ آهي، تنهن جگنوءَ جي چاچي کي داٻو ڏنو. تنهن
وري ايس. ايڇ. او کي چيو.
”ايس. ايڇ. او صاحب! هيءُ عزت جو مسئلو آهي!
جيڪڏهن توهان ڪا مدد نه ڪئي، ته مان به وڪيل
آهيان، عدالت جو در کڙڪائيندس.“
اهو چئي وڪيل سيٽجي ويو!
ايس. ايڇ. او ڪاوڙ مان چَيُنُ: ”توهان به عجيب
ماڻهو آهيو، ڏوهه ته توهان وڏن جو آهي جو ٻارن جي
گلر ۽ ٻليءَ جي ڳالهه تان هڪٻئي کي خوار ٿا ڪريو،
مٿان پڙهيل لکيل معزز شهري به ٿا سڏايو؟“
اهو ٻڌي وڪيل جو سڄيل منهن سُسي ويو! جهڙو
ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي هجي!
ايس. ايڇ . او کين وڌيڪ چيو ته: ”توهان جو
فيصلو شام جو ڪالونيءَ جي چڱي مڙس عظمت صاحب وٽ
رکون ٿا. ٺيڪ اٺين وڳي پهچي وڃجو.“
ٻئي ڌريون خاموشيءَ سان گهر موٽي آيون.
هاڻي ته منو ۽ گڊو معمول کان ابتڙ گهرن ۾
محدود هئا، هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بند هو، ٻنهي جي
گهرن مان روزانو رڌيل ڀاڄيون به مَٽائڻ وارو سلسلو
ختم ٿي چڪو هو. راند جا هيراڪ ٻار اداس ويٺا رهيا،
ڇو ته وڏن پابندي هڻي ڇڏي هئي.
شام جو راجا جو پيءُ ڪلينڪ تان آيو ۽ هٿ مُنهن
ڌوئي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيو. ڪجهه دير کان پوءِ
ڊور بيل وڳي، راجا ٻاهر آيو ڏٺائين، ته هڪ ٿلهو
متارو سپاهي بيٺل هو.
سپاهيءَ چيو: ”صاحب موڪليو آهي، اوهان ٻئي
ڌريون عظمت صاحب وٽ اچو ته توهان جو فيصلو ڪجي.“
سپاهي نياپو ڏئي هليو ويو. راجا پيءُ کي اچي
نياپو ڏنو. پڻس ڪپڙا بدلائڻ لاءِ اٿيو ۽ ڀڻڪيو ”اڄ
ته انهيءَ وڪيل کي به ڏسبو.“
راجا جي ماءُ کانئس پڇيو: ”گڊو ڪٿي آهي؟
ٽپهريءَ کان ظاهر ناهي.“
”ڇا؟“ پڻس کان رڙ نڪري وئي.
راجا کيس اندر ٻاهر ڏاڍو ڳوليو پر گڊو نظر نه
آيو، اوڙي پاڙي ۾ به نه هو، پريشاني ۽ ڪاوڙ مان
راجا ۽ پڻس جگنوءَ وارن ڏانهن وڃڻ لڳا پر هو به
رستي ۾ پئي آيا.
وڪيل تکي آواز ۾ چيو: ”اسان جو منو غائب آهي،
ڪٿي توهان.........“
”اڙي بس ڪر، اسان کي گڊو به نه ٿو ملي، ڪٿي
تون ته ڊرامو نه پيو ڪرين، هونءَ به وڪيلن جا ساٿي
ڏوهاري به هوندا آهن.“ ڊاڪٽر، وڪيل جي ڳالهه
ڪٽيندي چيو، ”جيڪڏهن گڊوءَ کي ڪجهه ٿيو، ته آءُ
توکي نه ڇڏيندس وڪيلڙا!“
ان دوران ايس.ايڇ او به گاڏيءَ تي اچي پهتو،
ڳالهه پڇيائين، ٻارن جي غائب هجڻ تي هو به حيران
ٿيو!
سڀئي موبائيل ۾ چڙهي ٻارن کي ڳولهڻ لڳا،
بازار، سئنيما، اسڪول، پارڪ، مطلب ته هر جڳهه تي
ڳولڻ باوجود ٻار نه مليا! ٻنهي گهرن ۾ پريشاني
پکڙجي وئي. مسجد مان پڙها ڏياريا ويا! رات دير سان
هڪ پوڙهو سُڪل ڇونهاري جهڙو آيو ۽ چوڻ لڳو ته: ”ٻه
ٻار مون ڪلاڪ کن اڳ چرچ جي پُٺين باغيچي ۾ ڏٺا
هئا.“
اهو ٻڌي سڀ اوڏانهن آيا، چرچ پويان هڪ باغيچي
۾ ڏٺائون ته گڊو ۽ منو سائي ڇٻر تي گڏ ستا پيا
هئا! هنن ڀرسان هڪ فٽبال به پيل هو.
سڀ حيرانيءَ مان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا، ڇو ته
(”مانو“ ٻلي ۽ ”ٽوني“ گلر ) به سندن ڀر ۾ گڏ ويٺل
هئا!
خوشيءَ سان گڏ وڏڙن کي پشيماني به ٿي، ته جن
لاءِ جهيڙو ڪيوسين، سي ته پاڻ ۾ کير کنڊ هئا!
ايس.ايڇ. او کلندي چيو: ”ڏسو! اوهان جو فيصلو
ٿي ويو.“ هاڻي هر روز مانو ۽ ٽوني، گڊو ۽ منو سان
گڏ کيڏندا آهن!.
”گل ڦل“-مارچ 2005ع
جڏهن ٻيڙي ٻُڏي
امتياز ابڙو
ماسي ڦليءَ جي گهر ڪم ڪار ڪندي مون کي اڃا هڪ
هفتو ئي مس گذريو هو، ته ماسيءَ جو مڙس بيمار ٿي
پيو. بيماري به اهڙي جو ڇڏڻ جو نالو ئي ڪو نه ٿي
ورتائين. اُن ڏينهن مان بازار ۾ سامان وٺڻ لاءِ
ويل هئس. صبح جو وقت هو. ماسي اڱڻ ۾ ويهي ليمون
وڍي رهي هئي ۽ سندس مڙس اندر کٽ تي آرامي هو.
ماسيءَ جيئن ئي ليمي کي وڍڻ لاءِ اُن تي ڇري
وهائي، ته ليمي جو رس ڦوهارو ڪري وڃي سندس اکين ۾
پيو. ڀلا ليمي جو پاڻي جهڙو تيزاب. ماسي ڦليءَ جي
اکين ۾ درد کان آب اچڻ لڳو، ۽ مان گهر اُن وقت
داخل ٿيس، جنهن مهل ماسي درد کان اکين کي مهٽي رهي
هئي.
”ماسي.......... ڇو! ماسي ڇا ٿيو؟“
مون کيس ڏسندي يڪدم چيو: ”ابا.....
اهو........ليمون.....“
هوءَ شايد درد کان وڌيڪ نه چئي سگهي.
جيئن ته سندس مڙس جو نالو ’ليمون‘ هو. ان ڪري
مون نڪا ڪئي هم، نڪا ڪئي تم، سمجهيم: ”چاچو ليمو
گذاري ويو.“ سو ڊوڙندو ويس، سڄي پاڙي کي اطلاع
ڪرڻ.
ٿوري دير کان پوءِ ماسيءَ جو سڄو گهر ڀريل هو
۽ هر ڪو کيس دلداريون ڏيڻ لڳو. ماسي هئي سا عجب ۾
وات ڦاڙيو بيٺي هئي. اڃا اسان اتي ئي هئاسون، ته
گهر ۾ هڪ پوڙهي عورت داخل ٿي.
”الا...... منهنجو ٻچو......... ڪنهن نڀاڳي جي
کيس نظر لڳي؟..........
هائي! منهنجو جانب مون کان جدا ٿي ويو.“ پوڙهي
روئندي روئندي. اندر وڌڻ لڳي. مون کي سندس روئڻ
سٺو نه لڳو ۽ آءُ مائي ڀاڳيءَ جي هڪ ڪافيءَ کي
پوڙهيءَ جي روئڻ سان مشابهت ڏيڻ لڳس. مون کي هوش
ان مهل آيو، جنهن مهل ماسي ڦليءَ جو پادر منهنجي
پٺيءَ ۾ زپڙاڪ ٿي لڳو....... آءُ عجب ۾ پئجي ويس
ته: ”ان ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ ۽ مون سمجهيو
ماسي شايد صدمي کان چري ٿي چڪي آهي، پر خبر پوءِ
پئي ته ماسي حق تي هئي، هڻي لتون ۽ مڪون منهنجو
حشر سير پاتل ڪڪڙ جهڙو ڪري ڇڏيائين. آخر ڪن سمجهو
ماڻهن جي ڇڏائڻ کان پوءِ آءُ به اتان وٺي ڀڳس.
”آخر منهنجا اصلي مائٽ ته ڪونه آهن جو مان وٽن
رهي پوان......... ڏوهه سندس، ۽ پادر کاوان مان.“
مون سوچيو.
۽ تڪڙا تڪڙا قدم ڀريندو هلڻ لڳس.
ڪن ڏينهن جي ڪوشش کان پوءِ مون کي هڪ ٻئي هنڌ
نوڪري ملي ويئي. مالڪ سٺا هئا، ان ڪري پڪي ڪري
ڇڏيم.
”پٽ! مارڪيٽ مان چار کن لڏون ته وٺي اچجانءَ“ گهر
جي مالڪ مون کي هڪڙي ڏينهن پئسا ڏيندي چيو.
مان سڌو حلوائيءَ جي دڪان تي ويس ۽ لڏون خريد
ڪري واپس موٽڻ لڳس ۽ واٽ تي منهنجو وات پاڻي ٿيڻ
لڳو.
”مالڪ، هڪڙو لڏون ته مون کي گهر ۾ ضرور ڏيندو.
تنهنڪري ڇو نه اهو هتي ئي کائي ڇڏيان.“
مون سوچيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ هڪ لڏون منهنجي
پيٽ شريف ۾ ويو هليو، پر دل وري سرڪڻ لڳي.
”مالڪ، هڪڙو لڏون پنهنجي ٻئي نوڪر کي ڏيندو،
جنهن کي اهو وڻي ڪو نه، ۽ اهو مون کي کائڻ لاءِ
ڏيندو، ڇو نه اهو به هِتي ئي کائي ڇڏيان.“
اهو سوچي مون ٻيو لڏون به کائي ڇڏيو. اڃا ٿورو
پنڌ ئي مس ڪيم، ته هڪ لڏون هٿ مان ڇڏائجي وڃي
مٽيءَ ۾ پيو. اتان لڏون کڻي صاف ڪيم ۽ سوچڻ لڳس:
”مالڪ، پٽ تي ڪريل لڏون ضرور ڪو نه کائيندو ۽
مون کي چوندو تون کاءُ، تنهنڪري اها حاج به هتي ڇو
نه لاهي ڇڏيان.“
اهو سوچي ٽيون لڏون به کائي ڇڏيم ۽ باقي هڪڙو
لڏون گهر اچي مالڪ کي ڏنم، مالڪ هڪڙو لڏون ڏسي عجب
۾ پئجي ويو، ۽ چوڻ لڳو: ”ڇو مليو ئي هڪڙو لڏون
ڇا؟“
”نه سائين مليا ته چار هئا پر انهن مان ٽي مون
کائي ڇڏيا.“ مون جواب ڏنو.
”ڇو؟ تو ڪيئن کاڌا؟“
”سائين! اجهو هيئن کاڌم.“
ائين چئي چوٿون لڏون به کڻي وات ۾ وڌم.
۽ پوءِ....... پوءِ جيڪو منهنجو حشر ٿيو، اهو
توهان پاڻ سوچي سگهو ٿا.
”گل ڦل“-فيبروري 1985ع
جادو ئي ڌاڳا
الطاف شيخ
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي، ته هڪ ٻيلي جي ڀر ۾ ڪنهن
ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ هڪ غريب چيني رن زال رهندي هئي.
جيتوڻيڪ هن جي زندگي تمام ڏکي گذرندي هئي، پر ان
هوندي به هوءَ ايترو خوش قسمت ضرور هئي، جو هن کي
بيحد سلڇڻي ۽ پورهيت ڌيءُ هئي، جنهن جو نالو
’سِمي‘ هو.
سِميءَ جو سڄو ڏينهن گهر جي پورهئي ۾ گذرندو هو.
رڌ پچاءَ ۽ صفائيءَ کان علاوه هن تي پٽ- ڪينئان
پالڻ جو ڪم پڻ رکيل هو، جن جي ڌاڳن مان سندس ماءُ
ريشم جا رومال ٺاهيندي هئي.
سڄو ڏينهن آڏاڻي اڳيان ويهي هن جي ماءُ ريشم جا
سهڻا سهڻا رومال اُڻندي هئي. جڏهن ٽي چار رومال
ٺهي راس ٿيندا هئا. ته سِمي انهن کي بازار ۾ وڪڻي
ايندي هئي.
هڪ ڏينهن سِمي جيئن ئي مارڪيٽ کان موٽي، ته آسمان
تي اوچتو ڪارو ڌنڌ ڇائنجي ويو. کنوڻ ۽ گاج کان ڄڻ
ڌرتي ڏرڻ لڳي.
سِمي لِڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪو اجهو ڳولڻ لڳي.
جيئن ئي وڏ ڦڙو مينهن شروع ٿيو، ته هوءَ سامهون
واري هڪ جهوپڙيءَ اڳيان وڃي بيٺي، جهوپڙيءَ جو
دروازو کليل هو. سو هن زور زور سان سڏ ڪيا:
”آءُ اندر اچي سگهان ٿي، مينهن کان منهنجا ڪپڙا
پسي رهيا آهن.“
اندران ڪنهن به جواب نه ڏنو.
”گهر جو مالڪ شايد ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو آهي.“ هن
سوچيو. ”آءُ نٿي سمجهان ته مينهن بند ٿيڻ تائين
منهنجي هتي ترسڻ تي هو ڪاوڙبو.“
گهر ۾ قدم رکي سِميءَ ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۾ ڀڀوت
ٿيو پيو هو. هر هڪ شيءِ ٽڙي پکڙي پيئي هئي. ميز تي
اڻ ڌوتل ٿانون جو ڍير رکيل هو ۽ ڪنڊ ۾ ميرا ڪپڙا
سٿيا پيا هئا. هن کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن جي ماءُ جي
ننڍڙي جهوپوڙي ان جي مقابلي ۾ تمام صاف سٿري رهي
ٿي.
”مون کي پڪ آهي ته مالڪ جڏهن پنهنجي گهر کي
صاف سٿرو ڏسندو، ته بيحد خوش ٿيندو.“ هن سوچيو.
هن هڪ هڪ ڪري پهرين ٿانوَ ڌوتا پوءِ انهن کي
ڪاٺ جي مدن تي سجائي رکيو. ان بعد ميرا ڪپڙا ڌوتا،
ميز ۽ اسٽول صاف ڪيو ۽ پوءِ سڄو فرش کرڙي اهڙو ته
چمڪائي ڇڏيو، جو ڪو به داغ ڌٻو نظر نٿي آيو.
اتي مينهن به اچي بند ٿيو ۽ سمِيءَ هاڻ گهر
کان نڪرڻ واري هئي، ته هڪ تمام ننڍڙو ماڻهو اچي
نڪتو. هن جو قد جيتوڻيڪ فقط ٽي فوٽ هو، پر عمر ۾
بيحد پوڙهو لڳي رهيو هو. هن جي ڏاڙهي ايڏي ڊگهي
هئي جو پيرن ۾ پئي وچڙيس.
پوڙهي ماڻهو سِميءَ ڏي قربائتي نموني سان ڏسي
چيو: ”ٻچا! ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي؟“
”چاچا!“ سِميءَ وراڻيو. ”آءُ مينهن ۾ پسڻ کان
بچڻ لاءِ هتي هلي آيس، اميد ته توهان کي دل ۾ نه
ٿيو هوندو.“
”نه، هر گز نه.“ بندري ماڻهوءَ وراڻيو.
”منهنجي غريباڻي گهر ۾ تون ڪڏهن به اچي سگهين ٿي.“
پوءِ هن گهر جي چوڌاري نظر ڊوڙائي، جتي هاڻي هر
شيءِ صاف سٿري ۽ سجايل نظر اچي رهي هئي.
”هيءَ صفائي تو ڪئي آهي ڇا؟“ هن سِميءَ کان
پڇيو. ”جي ها.“ سميءَ وراڻيو.
“تون بيحد محنتي ۽ مهربان ڇوڪري آهين.“ بندري
ماڻهوءَ چيو، تنهنجي وڏي مهرباني“
گهر کي صاف سٿرو ڏسي بندرو ماڻهو واقعي ڏاڍو
خوش ٿيو. هن گهر جي چوڌاري ڦيرو ڪري هڪ هڪ شيِءِ
چڱي طرح ڏٺي، ٿانوَ سڀ صاف ٿيل هئا. ڪپڙا سڀ ڌوتل
هئا. ميز ۽ اسٽول تي مٽي بنهه نه هئي. تڪڙ ۾ جهڙو
هو ميز ڏي وڌيو ته سندس پير ڏاڙهيءَ مٿا اچي ويو ۽
ان ۾ وچڙي ڪري پيو.
”چاچا!“ سِميءَ پوڙهي ماڻهوءَ کي ڪِرڻ کان
بچائيدي چيو: ”توهان جي ڏاڙهي تمام وڏي ٿي وئي
آهي، ڇا ان کي ڪتري ڪجهه ننڍو ڪريان.“
”ها، اها ته تنهنجي تمام وڏي مهرباني ٿيندي.“
پوڙهي بندري ماڻهو چيو، ۽ پوءِ قئنچي کڻي سِميءَ
کي ڏني. سِميءَ قئنچيءَ سان ٿورا ٿورا ڪري وار
ڪَتريا ۽ ڏاڙهيءَ کي صحيح صورت ۾ آندو.
”تون منهنجي ڏاڙهي جا ڪَـــتريل وار سوکڙيءَ
طور رکي سگهين ٿي.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو: ”تو کي
اجورو ڏيڻ لاءِ مون وٽ ٻي ته ڪا خاص شيءِ آهي به
ڪانه.“
ڏاڙهيءَ کي سِمي ڇا ٿي ڪري سگهي. پر هوءَ
ايتري ته نرم دل هئي جو انڪار بدران انهن وارن کي
رومال ۾ ٻڌي گهر ڏي رواني ٿي.
هوءَ جڏهن گهر پهتي، ته ماءُ کي هميشه وانگر
آڏاڻي وٽ ريشم جا رومال ٺاهيندي ڏٺائين. هن بندري
ماڻهوءَ بابت پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو، ۽ پوءِ جيئن
رومال جون ڳنڍيون کولي ماءُ کي ڏاڙهي ٿي
ڏيکاريائين، ته ڏاڙهيءَ جي وارن بدران منجهائنس
سهڻا ۽ چمڪندڙ ريشم جا ڌاڳا نڪري آيا. ٻئي ماءُ
ڌيءُ خوش ٿيون.
”ريشم جي هنن ڌاڳن مان ڪهڙا ته سهڻا ۽ عمدا
رومال ٺهندا.“ ماءُ چيو.
هن جي ماءُ انهن جادوئي ڌاڳن مان رومال لاءِ
ڪپڙو اُڻڻ شروع ڪيو، پر ڌاڳا کُٽڻ بدران اوتري جا
اوترائي رهيا. ايتري قدر جو ڪپڙي جو سڄو تاڪيو
اُڻي وئي، ته به ڌاڳا اوترائي رهيا. ڏينهن جا
ڏينهن گذرڻ تي به اهي نه کُٽا، اهو ڏسي ماءُ ۽
ڌيءُ ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ پوڙهي طرفان ڏنل هن
سوکڙيءَ کي بيحد گهڻو ساراهيو ۽ سچيءَ دل سان ٿورو
مڃيو.
”گل ڦل“ –جون 1995ع
اڻپورو خواب
ممتاز عباسي
وڏي گهٽيءَ جي مُهڙ وٽ ڳاڙهي جاءِ جج صاحب جي
آهي. صبح جو روز جج صاحب جا ٻار: ”ببلي“ ۽ ”راجو“
سٺا سٺا ڪپڙا پهري هٿن ۾ نيري رنگ جا ٿيلها کڻي
اسڪول پڙهڻ ويندا آهن. مان کين روز اسڪول ويندي
ڏسندو آهيان. منهنجي دل چوندي آهي، ته مان ببلي ۽
راجوءَ جن سان گڏجي اسڪول وڃان، پر بابو مون کي
اسڪول ڪو نه ٿو ويهاري. اسڪول ويٺس، ته به مون وٽ
انهن جهڙا ڪپڙا ۽ ٿيلها به ڪو نه آهن. ڀلا بابو
غريب پٽيوالو ۽ هو جج جا ٻار. شام جو راجو مون کي
پنهنجي اسڪول جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. مان انهن
ڳالهين جي پويان ڀٽڪندو وڃي خيالن ۾ راجوءَ جي
اسڪول ۾ پهچندو هئس. راجوءَ جي اسڪول ۾ وڏو باغيچو
هو. راند جو وڏو ميدان هو. هر قسم جا رانديڪا راند
ڪرڻ لاءِ هئا. سهڻن لٽن ڪپڙن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
هيون. هيءُ اسڪول نه ڄڻ ٻارن جو ننڍڙو ۽ سهڻو شهر
هو.
کيس خيالن ۾ گم ڏسي راجو رهندو ڪو نه هو ۽
پڇندو هو: ”منو، تون اسڪول ڪو نه ويندين؟“
”نه!“ مان کيس روئڻهارڪو ٿي چوندو هئس ته:
”مان اسڪول وڃي نه سگهندس.“
”ڇو!“
”بابو، چوي ٿو ته تون ننڍو آهين.“
”تون ننڍو نه آهين! پيءُ کي چئه، ته اسڪول ڇڏي
اچئي.“
”راجو! اسڪول ۾ مار به ملندي آهي ڇا؟“
”نه نه، ڪير ٿو چوي! اسڪول ۾ مار جي بجاءِ
پيار سان پڙهائبو آهي.کڻي اسان جي اسڪول کي ڏس مار
ته ڪڏهن به ڪو نه ٿي ملي.“
”الا!“ منو حيرت ۾ چئي ويٺو. راجوءَ جي ڳالهين
هن جي دل ۾ پڙهڻ جي شوق کي ويتر ڀڙڪائي ڇڏيو. اڄ
پڪو پهه ڪيائين، ته رات پيءُ سان ان ڳالهه جو ضد
ڪندو. رات جو پڻس ۽ ماڻس جي گهڻي بحث کان پوءِ
منوءَ کي اسڪول ۾ ويهڻ لاءِ ها ڪئي.
ان رات منو خوشيءَ ۾ ڪو نه ستو، جاڳندي به
خواب پئي ڏٺائين. هن پاڻ کي ببلي ۽ راجوءَ سان گڏ
اسڪول ۾ پڙهندي ڏٺو. رانديون ڪندي ۽ گڏ گهمندي
ڏٺو. سڄيءَ رات ائين جاڳي گذاريائين. هڪ پل لاءِ
اک به ڪانه ٻوٽيائين. صبح جو اٿيو، ته اهو ٻڌي کيس
ڏاڍو ڏک ٿيو، ته پڻس سوير گهران ٻاهر نڪري ويو هو.
ان وقت هو ڏاڍو رنو. سندس خيال ميڻ وانگر رجي ويو.
روئندو اچي وڏي گهٽيءَ جي مهڙ وٽ بيٺو ۽ ڏٺائين ته
ببلو ۽ راجو ڪتاب کنيو اسڪول ڏانهن وڃي رهيا هئا.
هيءُ کين ائين ئي ڏسندو رهجي ويو.
نما شام جو پڻس گهر آيو. منوءَ لاءِ ڪتاب آندا
هئائين. منوءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ خواب نه پر
حقيقت آهي. هن ٿيلهو ڏٺو ۽ ان ۾ پيل سليٽ ۽ ڪتاب
ڏٺا، پٽي ڏٺي. هن سڀني شين کي سيني سان لائي ماءُ
کان پڇيو:
”امڙ! مان به راجو جن جي اسڪول ۾ پڙهندس.“
”نه ابا، اتي وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا آهن.“
هن کي وڏي ماڻهو، ۽ ننڍي ماڻهوءَ جو فرق سمجهه
۾ نه آيو. سواءِ پنهنجي ميرن لٽن جي. ان رات به
منوءَ رات کي ائين گذاري ڏينهن ڪيو.
صبح جو هو به ببلي ۽ راجو جي اسڪول واري وقت
کان گهڻو پوءِ پيءُ سان اسڪول وڃڻ لڳو. هو ڏاڍو
خوش هو. سڄي واٽ هن جي ذهن ۾ راجوءَ جي اسڪول جو
خاڪو هو. ٿوريءَ دير ۾ منو اسڪول جي اڳيان پهچي
ويو. هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هيءُ اسڪول هُن
اسڪول، کان ٻيو هو. اندر گهڙيو، ٻارن جا ڳاهٽ هيٺ
مٿي بينچ تي ويٺل هئا. ايترو گوڙ هو جو ڪجهه ٻڌڻ ۾
نٿي آيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو، ته هن اسڪول ۾ ڪو به
باغ باغيچو نه هو، ڪو به راند ڪرڻ لاءِ ميدان نه
هو. منوءَ کي وڌيڪ حيرت تڏهن ٿي، جڏهن هڪ سنهڙي
ماستر هن کي ڀر واري بينچ تي ويهاري، هڪ ٻي ڇوڪر
کي لڪڙ سان مار ڪڍي. منوءَ جي دل سسي ويئي ۽ وياڪل
ٿي ويو. پيءُ کي ويندو ڏسي هيءُ به اٿڻ لڳو.
”ويهه ڇورا!“ ماستر رنڀ ڪئي.
منو، ماستر ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ويهي رهيو. هن جي
ذهن مان راجوءَ جو اسڪول، ماستر جي پهرينءَ هڪل ۾
ڪوهين ڏور ٿي ويو ۽ هراسجي ويو. ٻارن جي گوڙ ۽ شور
۾ مونجهه ٿيڻ لڳس.
گهڻي گوڙ کي گهٽائڻ لاءِ سنهڙي ماستر ٿلهي لڪڙ
جا ٻه-ٽي ٺڪاءَ ميز تي وهائي ڪڍيا. ٻار چُپ ٿي ويا
۽ ماستر اُٿي ڪاري بورڊ تي لکيو:
الف- ب
پوءِ ٻارن کي چيائين، ته هو زور زور سان پڙهن،
حڪم ملڻ شرط ٻار دانهون ڪرڻ لڳا: الف- انب. ب-بلا.
گوڙ وڌندو ويو. آواز چوٽ چڙهي ويا. انهيءَ گوڙ
۽ آواز ۾ منوءَ جو نٻل آواز به شامل هو. اوچتو
ماستر دانهن ڪئي:
”ڇورا! ويهي لکو.“
ٿوريءَ دير لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ڪارين سليٽن تي
اڇن قلمن جي گَسڻ جو آواز ايندو رهيو. منوءَ، جنهن
اڳي لکيو ئي ڪو نه هو. هن پنهنجي سليٽ جي ڪاري
سيني تي ڏٺو ۽ پوءِ ڪاري بورڊ جي سيني تي. هن بلڪل
ڦڏا سڏا سليٽ تي اکر لکيا، پوءِ ستت ئي اهي ٿڪ سان
ڊاهي ڇڏيا.
منو ماستر جي ڊپ ۽ هراس مان پگهرجي ويو. هن
بورڊ تي لکيل الف، ڦڏو سِڏو سليٽ تي لکيو، پر
”انب“ لکي نه سگهيو. هن انب کي ڏٺو هو ۽ ان کي
کاڌو به هئائين پر لکيو ڪڏهن به ڪو نه هئائين.
بورڊ تي لکيل ’ب‘ جي شڪل سليٽ تي ٺاهي، پر هو
”بلا“ نه لکي سگهيو. هن بلا ڏٺي به نه هئي.
هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ هٿ ڏڪڻ لڳس. سڄو پِــيلو
ٿي ويو. ان دوران ماستر جو آواز ٻڌو :”منو! ڇا
لکيو اٿئي؟“
منو سليٽ سيني سان لڳائي ڇڏي ۽ اکيون ماستر
جي اکين ۾ کُپائي ڇڏيون.
”کڻي آ حرامي.“
منو اٿيو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان سليٽ ماستر ڏانهن
وڌايائين. سليٽ خالي هئي. ڪجهه به نه لکيو هئائين.
نئين سليٽ تي اڇي قلم جو داغ هو، ڄڻ ڪجهه لکي پوءِ
ڊاهيو ويو هو. ماستر ڪاوڙ ۾ اچي ويو، ۽ ٻه ٽي بُجا
ڏيئي منوءَ کي مار ڏيڻ لاءِ لڪڙ کي پريٽ ڪرائي،
منوءَ کي ٺاهوڪي مار ملڻ کان پوءِ ماستر چيو: ”تون
ڇا پڙهندين ڄٽ.“
-سڏڪا.
”تون وڃين پِنُ.“
-هڏڪي.
منوءَ جو پهرين ڏينهن واري اسڪول ۾ اچڻ وارو
خيال ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويو. موڪل کان پوءِ هو روئندو
گهر اچڻ لڳو. ان وقت ببلو ۽ راجو به واپس اچي رهيا
هئا. هو منوءَ کي اسڪول مان واپس ايندو ڏسي اچي
مليا، پر هن انهن سان ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجن
هٿن جون تريون ڏيکاريون، جيڪي رت وانگر ڳاڙهيون ٿي
ويون هيون.
”گل ڦل“- جولاءِ 1977ع
احساس محرومي
ظفر جوڻيجو
غريبي انسان جي لاءِ وڻ ويڙهيءَ وانگر آهي،
جيئن وڻ ويڙهيءَ جي ول، وڻ جو رت چوُسي وڻ جي وڌڻ
۽ ويجهڻ جون خاصيتون پوريون ڪريو ڇڏي، تيئن غريبي
به انسان جي ذهني صلاحيتن ۽ ترقي کي نپوڙي ۽
نيساهي ڇڏيندي آهي.
افضل به هڪ انسان جي اکين جو ٺار هو، نور هو،
پر مسڪين جي گهر ۾ ڄائو هو. دنيا ۾ ڪي اهڙا انسان
به هوندا آهن. جي مجبورين کي مرڪي منهن ڏيندا آهن
پر منزل کي ماڻيندا آهن. افضل جي پيءُ به پڪو
ارادو ڪيو هو. ”ڇا به ٿي پئي افضل کي ضرور
پڙهائيندس.“ افضل ذهين هو، سلڇڻو هو، اخلاق جو
مجسمو هو! غريب هر ڪنهن جي نظر ۾ ائين آهي، جيئن
اڇي ڪپڙي تي رت جو داغ. ان ڪري هر امير ساڻس
همدردي ڪرڻ بدران نفرت ڪندو هو. افضل کي پنهنجي
غربت جو احساس هو. ماڻهن جي چال چلت به هن جي ذهن
تي ڏنڀ ڏنا هئا. اُهي به هانءَ تان ڪو نه لٿا
هئس. رات ڏينهن محنت ڪري مئٽرڪ ۾ پهتو هو. هن
فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته: ”دنيا وارن وٽ نه ڪنهن جي
غربت جو احساس آهي، نه ئي ڪنهن جي محنت جو قدر آهي
۽ نه وري مون کي اُنهن جي زبان ڏي ڏسڻ گهرجي.
انسان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وسان نه
گهٽائي، آخر ته ڪوشش رنگ لائيندي ۽ محنت ساب
پوندي.“
هو صبح جو اسڪول ويندو هو. موڪل کان پوءِ چڻا
کڻي وڪڻندو هو، پنهنجي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ هن
پنهنجو بار رڳو پيءُ جي ڪمزور ڪلهن تي رکڻ نه ٿي
چاهيو. رات جو چمني ٻاري پڙهندو هو. ڪلاس ۾ سڀني
کان هوشيار هو. ڳوٺ جي وڏيري نواز خان جو پٽ نعيم
به هن سان گڏ پڙهندو هو. جيڪو سڄو ڏينهن پيو هوٽلن
۽ سينمائن تي ڌڪا کائيندو هو. ڪلاس ۾ به جهڙو
ڏَڏُ!
جڏهن امتحان شروع ٿيا، ته ساڳي ئي بلاڪ ۾ ٻنهي
جا نمبر هڪ ٻئي پٺيان هئا. اڳ ۾ افضل جو، انهيءَ
جي پٺيان ٻئي بينچ تي نعيم جو نمبر هو، افضل محنتي
هو ۽ پيپر هن جي لاءِ ڏکيائي ڪو نه هئا. پيپر
ملندي ئي افضل لکڻ شروع ٿي ويندو هو، پر وڏيري
نواز خان جي پٽ نعيم لاءِ قيامت هئي. هن پڙهيو ئي
ڪو نه هو، تنهنڪري سمجهه ۾ ڪا ڳالهه ئي نٿي آيس.
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کان ڪٿي ڪا اميد نظر ڪا نه
آيس. ڀَر پاسي وارن کي گهڻيون ٿي ٺونٺيون ٺوڪيائين
پر ڪجهه ڪو نه وريس. اتي ڪير ساٿي ڪو نه هو. نيٺ
افضل کي چيائين: ”ڪجهه منهنجي به وٽ وراڻ ڪر.“ پر
اُنهيءَ به جواب ڏنس.
امتحان جو پهريون ڏينهن هو. هن کي به سر سان
اچي لڳي. افضل جون هيٺانهيون مٿانهيون گهڻيون ئي
ورتائين، پر افضل کيس کُــتو جواب ڏنو: ”ادا تون
ته آهي اميراڻو ٻار، مان غريب جو ٻار آهيان، تو کي
ڪاپي ڪرائيندس ته پڪڙجي پوندس ۽ منهنجا لاهه نڪري
ويندا ۽ سڄي ڄمار ڳري ويندي.“ نعيم چيو: ”پرواهه
نه ڪر، سائين ممتحن پنهنجو آهي.“
”پر مان مجبور آهيان.“ افضل نٽائيندي چيو،
نعيم ٻي ڪا واهه نه ڏسي اُٿي ڏٺو. ”ڇا آهي ابا؟“
ممتحن ڪرسيءَ تان اُٿيندي چيو ۽ وڌندي اچي نعيم جي
ويجهو پهتو. ”سائين!“ نعيم هٻڪي بيهي رهيو. ”چئو
پٽ ڪٿان آيو آهين ۽ ڇا ڳالهه آهي؟“
”سائين پيپر ڏکيو آهي. منهنجي مدد ڪريو. آءُ
وڏيري نواز خان جو پٽ آهيان.“ نعيم هڪ ئي ساهيءَ ۾
سڀ ڪجهه چئي ويو.
ممتحن به ظاهري ڏيکاءُ کي ڏسي تاڙي ورتو، ته
واقعي وڏيرو نواز خان هلنديءَ وارو ماڻهو آهي،
جيڪڏهن مان هن جي مدد ڪندس ته ڪڏهن هيءُ به ضرور
منهنجي مدد ڪندو.
”ڇا توهان هڪ ئي اسڪول جا آهيو؟“ ممتحن افضل
کان پڇيو.
”ها سائين!“ افضل جواب ڏيئي لکڻ کي لڳو رهيو.
”نه رڳو هڪ اسڪول جا پر هڪ ڳوٺ جا آهيون ۽ هن
جو پيءُ منهنجي پيءُ جو هاري به آهي.“ نعيم چيو.
افضل کي ڏاڍيون جَڪون پي جاڳيون پر سُــن کائي
ويو. ڀلا هڪ غريب جو ٻار جو هو.
”تون هن کي ڏسڻ ڏي.“ ممتحن، افضل کي چيو.
افضل حيرت سان ممتحن ڏانهن نهاريندي چيو: ”نه
سائين، مان ڪاپي ڪرڻ ڪو نه ڏيندس. منهنجي محنت جون
مارڪون هيءُ کڻي وڃي. ٿي سگهي ٿو، ته نمبر به کٽي
وڃي. جتي ڪٿي وڏيرن جي بادشاهي ڪانه هلندي.“ افضل
وري لکڻ ۾ شروع ٿي ويو.
ممتحن جي ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيو ٿي ويون.
هن افضل کي وڌيڪ ڪجهه ڪو نه چيو، پر هو نعيم جي
ڀرسان ٿي بيٺو ۽ کيس سڀ ڪجهه لکرائيندو رهيو. جڏهن
پيپر ختم ٿيو، ته نعيم، افضل کي دڙڪا ڏنا ۽ چيو ته
: ”ڏسان ته ڪيئن ٿو پاس ٿئين!“ افضل ڪجهه نه ڪُڇيو
۽ پنهنجي راهه ورتائين.
روزانو پيپر ٿيندا رهيا ۽ نعيم جي مدد اهو
ساڳيو ممتحن ڪندو رهيو. امتحان ڏيئي افضل جڏهن ڳوٺ
آيو، ته ڪڏهن ڪڏهن نعيم جا گفتا سندس ذهن ۾ چهنڊري
پائي وٺندا هئا، پر پڻس کيس پيو دلاسا ڏيندو هو.
ٻن ٽن مهينن کان پوءِ نتيجو ظاهر ٿيو. افضل کي
پنهنجي محنت تي ناز هو، خوشيءَ وچان اخبار
ورتائين، پر هن جي اکين اڳيان اوندهه وري ويئي جو
سندس نمبر هوئي ڪو نه ۽ نعيم جو نمبر فرسٽ ڪلاس ۾
هو. سندس اکين آڏو امتحان هال، ممتحن ۾ نعيم جا
گفتا فلم وانگر ڦرڻ لڳا ۽ کيس پنهنجي غربت ۽ بي
وسيءَ جو شديد احساس ٿيو ۽ ڏک وچان روئي ڏنائين.
”گل ڦل“-مارچ 1979ع |