سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :10

 

ڪوشش ۾ ڪاميابي

زاهده گوپانگ

امتحان هال ۾ خاموشي ڇانئيل هئي، هر ڇوڪرو پنهنجي پرچي ڪرڻ ۾ مشغول هو، شوڪت امتحان جي تياري نه ڪئي هئي، رڳو ڪاپي ڪرڻ تي آسرو رکي ويهي رهيو هو، پيپر دوران هر ڇوڪري ڏانهن نهاري رهيو هو، ليڪن استاد ته مٿان پئي ڦريو. شوڪت کي ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه مليو. شوڪت سان گڏ هڪ هوشيار ڇوڪرو ناصر ويٺو هو، جيڪو پڙهڻ ۾ تمام گهڻو هوشيار هو ۽ پنهنجي محنت سان هر سال پهريون نمبر ايندو هو، تنهن شوڪت کي ڏٺو، ته ائين ويٺو آهي، ناصر کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته: ”ڪاش! هيءُ به محنت ڪري ها، ته هن مهل سٺي طريقي سان ويهي پرچو ڪري ها.“ جلديءَ ۾ هن خيال مٽايو ۽ پنهنجي پرچي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شوڪت کي ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه مليو. جڏهن پرچي جو ٽائيم ختم ٿي ويو، ته شوڪت به بي دليءَ مان پرچو استاد کي ڏنو ۽ سوچي رهيو هو ته :”ڪاش! مان به ناصر وانگر محنت ڪريان ها.“ هو ٻاهر نڪري ٿو، ته کيس ناصر ملي ٿو، ناصر پڇيس ٿو ته : ”ادا پرچو ڪيئن ڪيئي؟“ شوڪت چپن تي ڦڪي مُرڪ آڻيندي ڪوڙ ڳالهايو ۽ چيو: ”تمام سٺو پرچو ڪيو اٿم، ڏسجانءِ ته هن سال آءُ تو کان گهڻيون مارڪون کڻندس“. شوڪت ٻٽاڪ هڻي ٿو. ناصر چيو:”ادا اهو ته تمام سٺو جو تون محنت ڪرين پيو.“ جڏهن سڀ پرچا ٿي ويا ۽ امتحان جو نتيجو نڪتو، ته ناصر سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو ۽ شوڪت هڪ پرچي ۾ به پاس نه ٿيو! جڏهن ناصر ٻاهر نڪتو ۽ شوڪت کي غمگين ڏٺائين ته شوڪت جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ چيائينس ته :”ادا ڪوڙ ڳالهائڻ تمام خراب ڳالهه آهي جيڪر تون محنت ڪرين ها، ته تو کي ان جو ڦل به تمام سٺو ملي ها.“ شوڪت ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو، ناصر کيس ڪلهي تي هٿ رکي چيس:”شوڪت ڀاءُ مايوس نه ٿيءُ. تون ڪوشش ڪر ۽ هن سال تمام گهڻي محنت ڪر، ته تون پاڻيهي پاس ٿيندي!“ شوڪت  نماڻائيءَ مان چيو ته :”ادا مان دعائون ته تمام گهڻيون گهريون هئم، ليڪن خبر ناهي ڇو.“

ناصر مرڪندي چيو: ”ڀاءُ الله سائين چئي ٿو، ته تون ڪوشش ڪر، ته مان تنهنجي مدد ڪندس، جڏهن تون ڪوشش ئي نه ڪئي، ته باقي الله تنهنجي ڪيئن مدد ڪندو؟“ ناصر جي انهن ڳالهين، شوڪت تي وڏو اثر وڌو ۽ هن ناصر سان وعدو ڪيو، ته هاڻي هو بلڪل ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽ محنت ڪندو.

شوڪت جڏهن ناصر کان موڪلائي گهر روانو ٿيو، ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن وارو واقعو ياد آيس، جڏهن راند ۾ مشغول هو، ته کيس ماءُ ڏاڍي پيار منجهان پاڻ وٽ گهرائي کيس پڙهڻ جي نصيحت ڪئي. هن هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هن کي ياد آيو، ته هو پيءُ ماءُ کي تمام گهڻو تنگ ڪندو هو ۽ انهن جو چيو به نه مڃيندو هو ۽ اسڪول به هڪ ڏينهن ويندو هو، ته هفتو گُسائيندو هو. اُهي ڳالهيون ياد ڪري شوڪت جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ هو دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته : ”هاڻي مان محنت ڪندس، تمام گهڻي محنت جيئن اڳتي وڌي سگهان.“ اهو سوچيندي هو گهر ۾ گهڙي ٿو. ماءُ ڏسي ٿي پنهنجي پٽ کي ته اچي پڇي ٿي: ”شوڪت پٽ! پاس ٿئين؟“ شوڪت جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ماءُ کي چيائين: ”امان، مان تنهنجي ۽ بابا جي دل ڏکائي هئي. توهان جو چوڻ نه وٺندو هئس، جيڪو ماءُ پيءُ جي دل ڏکائيندو آهي ۽ چوڻ نه مڃيندو آهي، اهو ڀلا ڪيئن ٿو ڪامياب ٿي سگهي. امان مون کي معاف ڪر.“ شوڪت، ماءُ کان معافي ٿو گهري ۽ ماءُ به کيس معاف ٿي ڪري ۽ هو ماءُ کي وڌيڪ چئي ٿو:“ امان مان محنت ڪندس ۽ اڳتي وڌندس، ها محنت ڪندس.“ هو ڊوڙندو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪورس جي ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ڇنـڊي سيني سان لائي ٿو ۽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو. شوڪت ٻئي سال تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو.

 

”گل ڦل“-مارچ 1983ع

 


 

نراس آشا

محمد رفيق ڏيپلائي

”ڇوري شرم نٿو اچئي خيرات گهرندي، ڪو ڪم ڇو نٿي ڪرين.“ ريل گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر ننڍڙي فقيرياڻيءَ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو. ان فقيرياڻيءَ جي دل تي انهن لفظن ڄڻ ته مترڪو هڻي ڪڍيو. ايتري ۾ ريل گاڏيءَ سيٽي هنئي ۽ آهستي آهستي هلڻ لڳي. ڇوڪري جلدي هيٺ لهي ويئي. لهڻ کان پوءِ سندس دل ۽ دماغ ۾ عجيب هلچل مچي ويئي. سندس نظر ٻين فقيرن تي پئي. جيڪي ماڻهن جي نظر سامهون هٿ ڊگهيڙي رهيا هئا. انهن فقيرن ۾ سندس ماءُ به نظر آئي، پر هيءَ پنهنجي خيالن ۾ گم اُتي ئي بيٺي رهي. ايتري ۾ کيس ڪنهن زور سان ڌونڌاڙيو، سندس خيالن جا سلسلا ٽٽي پيا. هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو، ته سندس ماءُ چئي رهي هئي:

”ڇوري موڳن وانگر ڇو بيٺي آهين. ريل گاڏيءَ مان ماڻهو لٿا آهن، جلدي کانئن خيرات گهر، نه ته بک مرنداسين.“ هن نه چاهيندي به ماءُ جي هيبتناڪ اکين کي ڏسندي هاڪار ڪئي.

هن ايندڙن ويندڙن جي سامهون هٿ ڊگهيڙڻ شروع ڪيو. ڪنهن کيس ڌڪا ٿي ڏنا ۽ ڪنهن مٿس رحم کائي ڪجهه خيرات ٿي ڏني. ظاهر ۾ هوءَ خيرات گهري رهي هئي پر سندس اندر ۾ هڪ نئون طوفان برپا هو. سندس دماغ ۾ مسافر جو چيل جملو بار بار گونجي رهيو هو.

”ڇوڪري ڪو ڪم ڇو نٿي ڪرين.“ اڄ انهيءَ جملي سندس سوچڻ جو اندازئي بدلائي ڇڏيو هو. کيس خيرات گهرندي ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن کيس هر طرف کان هر هڪ ائين چئي رهيو هجي: ”ڇوري ڪو ڪم ڇو نٿي ڪرين؟“ شام جو جڏهن هوءَ پنهنجي ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ ۾ پهتي، ته سندس ماءُ اڳيئي موجود هئي. هن پنيل پيسا ماءُ کي ڏنا ۽ ماءُ کيس بلڪل سڪل پاروٿي ماني ۽ ٿوري ٿڌي دال ڏني، جيڪا کيس شايد خيرات ۾ ئي ملي هئي!

رات جو ڌرتيءَ تي سمهندي به سندس دماغ ۾ مسافر جو چيل جملو گونجي رهيو هو. نيٺ سوچيندي سوچيندي هن پڪو پهه ڪيو، ته هوءَ آئينده خيرات نه گهرندي ۽ ڪم ڪندي، ماڻهن جي گهرن ۾ ٻهاري ڏيندي ۽ ڪپڙا ڌوئيندي ۽ ٿانوَ مليندي

صبح جو کيس ماءُ اٿاريو.

”ڇوڪري اٿ ته هلون.“

هن کي رات جو ڪيل پڪو پهه ياد هو. هن جواب ۾ چيو:”امان هاڻي اسان نه پننداسين، اسان ڪم ڪنداسين ۽ عزت جي روزي ڪمائينداسين.

”ڇوري دماغ خراب ته ڪو نه ٿيو اٿئي؟ ڪلهه کان وٺي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين؟“

”امان مون پڪو پهه ڪيو آهي، ته آءُ ڪو نه پننديس، پوءِ ڀلي بکون ڪاٽڻيون ڇو نه پون.“: هن چيو.

”چڱو چڱو، تون ۽ وري ڪم ڪندينءَ! ڪير ڏيندو توکي ڪم؟“ ماڻس چيو. ائين چئي ماڻس هلي ويئي. ڇوڪري ٻاهر نڪري وئي. هن مختلف گهرن مان ڪم جي ڳولا ڪئي پر کيس هر هنڌان جواب مليو. شام جو ٿڪل ٽٽل گهر پهتي. ماڻس اچڻ سان پڇيس:”ڪم مليئي؟“ هن مختصر جواب ڏنو: ”نه“. ماڻس هن ڏانهن ڏسندي چيو: ”ڇوري ڇو اچي چري ٿي آهين؟ تو کي ڪٿان ڪم ملندو.“ هن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ بنا کاڌي پيتي سمهي رهي.

صبح جو وري مختلف گهرن ڏانهن ويئي پر کيس هر هنڌان کتو جواب مليو. تڏهن سندس دل ڇيهون ڇيهون ٿي پيئي ۽ کيس احساس ٿيو، ته سندس ماءُ ٺيڪ ٿي چوي کيس ڪم ڪو نه ملندو. هوءَ بلڪل مايوس ٿي گهر پهتي کيس يقين ٿي ويو، ته هو پنندي ۽ اهو ئي سندس مقدر آهي. ٻي ڏينهن اها ساڳي ڇوڪري مسافرن اڳيان هٿ ڊگهيڙيندي چوندي نظر آئي ته: ”سائين! خدا جي نالي غريب بُــکيءَ کي ڪجهه ڏيو.“

 

”گل ڦل“- اپريل 1982ع

 


 

محنت جو ڦل

رخسانا انجم

هڪ ڳوٺ ۾ ’احمد‘ نالي هڪ سلڇڻو ڇوڪرو رهندو هو. هيءُ ڏاڍو محنتي ۽ فرمانبدار هو. احمد کي پڙهائيءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن جي خواهش هئي، ته مان به علم حاصل ڪري وڏو ماڻهو ٿيان. ان ڪري ئي هو ڏاڍي محنت ڪندو هو ۽ هر سال امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو. احمد جو پيءُ ان ئي ڳوٺ ۾ رئيس جو هاري هو. هو ڏينهن رات محنت ڪري، پنهنجو رت  ولوڙي پنهنجي پٽ احمد جي هر خواهـش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس خواهش هئي، ته سندس پٽ پڙهي ڪنهن قابل ٿئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري.

رئيس جو سڪيلڌو پٽ عامر به احمد سان گڏ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هو ڏاڍو حاسدي هو ۽ سڀني کي پنهنجو تابعدار سمجهي ڪنهن به قسم جي حڪم هلائڻ کان نه مڙندو هو ۽ خاص ڪري احمد سان ڏاڍو سڙندو هو، ڇو ته احمد سندس ڪاڻ نه ڪڍندو هو. ٻين ڇوڪرن وانگر احمد به عامر کي لفٽ نه ڏيندو هو. هو سوچيندو هو، ته جهڙو مان تهڙو عامر، ڇا ٿيو جي عامر شاهوڪار آهي! پيدا ته اسان ٻنهي کي هڪ ئي الله ڪيو آهي نه! ان ڪري هو ٻي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ صرف پنهنجي علم حاصل ڪرڻ ۾ مگن رهندو هو ۽ هر سال پهريون نمبر کڻندو هو ۽ اها ئي ڳالهه ويتر عامر کي احمد سان حسد ڪرڻ تي اڀاريندي هئي. هو موقعي جي تلاش ۾ هو، ته ڪهڙيءَ طرح احمد کي پنهنجي رستي تان هٽايان ۽ آخر هو ان سازش ۾ ڪامياب ويو. عامر هڪ ترڪيب سوچي، هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته: ”احمد منهنجو نوڪر بيهي.“

پر! احمد جو پيءُ اهو ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيو.

هن پنهنجين خواهشن جو گلو گهُٽيو هو. صرف پنهنجي سڪيلڌي پٽ احمد لاءِ هن رئيس ۽ سندس پٽ جي ڪاڻِ ڪڍي هئي. ليڪن هن نٿي چاهيو، ته مون وانگر منهنجو پٽ ڪنهن جي ڪاڻِ ڪڍي ۽ سندس خواب اڌورا ئي هن جي اندر ۾ رهجي وڃن، تنهنڪري هن انڪار ڪري ڇڏيو.

سندس انڪار رئيس جي رڳ رڳ ۾ باهه جا ڀڀڙ مچائي ڇڏيا ۽ هو ان ئي موقعي جي تلاش ۾ رهيو.

آخرڪار رئيس هن کي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو.

هي ويچارا مجبور ٿي اتان لڏي وڃي هڪ ننڍڙي شهر ۾ آباد ٿيا. ڏکن جا ڏينهن ٿورا هوندا آهن. احمد ائين ئي هوشياريءَ سان پڙهندو رهيو. هو اسڪول کان پوءِ جي ٽائيم ۾ هڪ مِل ۾ مزدوري ڪندو هو. آخر احمد جي ماءُ پيءُ جي دعائن رنگ لاٿو ۽ احمد هوشياريءَ سان پڙهندو، ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهندو منزل تي رسيو، هو هاڻي صوبيدار هو ۽ احمد علي صوبيدار سڏجڻ لڳو.

احمد، جهڙي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پڙهي ان منزل تي پهتو هو، تهڙيءَ ئي وفاداريءَ سان هو نوڪري به ڪرڻ لڳو، ٿوري ئي عرصي ۾ هو پنهنجي سهڻي سڀاءَ ۽ ايمانداريءَ ڪري مقبول ٿي ويو.

هڪ ڏينهن هن کي اطلاع مليو، ته رئيس جي ڳوٺ ۾ هڪ ڌاڙيلن جي ٽولي ڳوٺاڻن کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. جيئن ئي احمد رئيس ۽ ان ڳوٺ جو نالو ٻڌو، ته سندس اکين اڳيان پنهنجي ڳوٺ جو تصور اچي ويو. جتان پنجويهه سال اڳ کين ڪڍيو ويو هو. احمد دل ۾ عهد ڪيو، ته مان پنهنجي ڳوٺ جي ضرور خدمت ڪندس. احمد پنهنجا ڪجهه سپاهي گڏ وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو. اتي جي ماڻهن هن کي نه سڃاتو. جڏهن احمد کين ٻڌايو، ته مان علڻ هاريءَ جو پٽ احمد آهيان، ته ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ ڏاڍو خوش به ٿيا. جڏهن احمد کي ڳوٺاڻن ٻڌايو، ته اهو عمو ڌاڙيل ساڳي ئي رئيس جو پٽ عامر آهي، ته احمد ڏاڍو حيران ٿيو ۽ چيائين : ”پر عموءَ جي پيءُ ته وڏو رئيس هو.“ ها! هو وڏو رئيس هو، ليڪن ان جي مرڻ کان پوءِ عموءَ دولت ٻنهي هٿن سان لٽائي، چوندا آهن ته: ”کائيندي خرار به کٽيو وڃن“. سو آخر هنن جي دولت به کٽي وئي، ۽ هو هڪ وڏو ڌاڙيل ٿي ويو. هاڻي ته هو اسان غريبن کي ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. احمد هنن کي دلداري ڏني ته: ”اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو! جنهن وقت مون کي هن ڳوٺ مان ڪڍيو ويو، ان وقت هو رئيس عامر هو، ۽ آءُ هڪ غريب احمد، ۽ هن وقت هو عمو آهي، ۽ مان احمد علي“

احمد دل ۾ پڪو عزم ڪيو، ته مان هن ڳوٺ کي عموءَ جي لچاين کان ضرور پاڪ ڪندس. پوءِ احمد ڏاڍي هوشياريءَ ۽ بهادريءَ سان سپاهين کي ساڻ ڪري اوچتو وڃي عموءَ جي ٽولي تي ڪـڙڪيو! زبردست مقابلو ٿيو، عموءَ جا ٻه ساٿي مارجي ويا، ۽ هيڏانهن هڪ سپاهي به شهيد ٿي ويو. جيت هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي، ۽ اهڙيءَ ريت احمد ۽ سپاهين عموءَ ۽ سندس ساٿين کي پڪـڙي ورتو.

احمد هاڻي ڏاڍو خوش هو، ۽ سوچي رهيو هو ته منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو اڄ کان پوءِ ڪنهن به ظالم رئيس جا غلام نه هوندا ۽ نه ڪنهن عمو ڌاڙيل جا تابعدار هوندا.

”گل ڦل“-سيپٽمبر-آڪٽوبر 1982ع

 

شهزادي ۽ پيٽِي

رفيق سومرو

 

ڪنهن زماني هڪ ڏورانهين ملڪ ۾ هڪڙو بادشاهه راڄ ڪندو هو، سندس شاهي شان ۽ دٻدٻو ڏيهان ڏيهه مشهور هو، کيس هڪ ڌيءُ هئي، جا تمام گهڻي سهڻي هئي، سندس اکيون سورج مکيءَ جي گل وانگر هيون، سندس وار خوبصورت من موهيندڙ ۽ گلن جيان سرها هئا، هن جي ڳچيءَ هنج جي ڳچيءَ وانگر ڊگهي هئي.

اڃا شهزادي سال کن جي مس ٿي، ته مٿس اَمُـــلهه سوکڙين جي پالوٽ ٿيڻ لڳي، سندس ننڍڙو باغيچو جيڪو دنيا جو مڙني باغيچن کان خوبصورت هو. جنهن ۾ هوءَ هڪ جيڏين سهيلين سان پسار ڪندي هئي.

شهزاديءَ جا سمورا رانديڪا سون ۽ قيمتي هيرن مان جڙيل هئا، کيس چيني گڏين، ڪاٺ جي پٽين يا گهوڙن يا رٻڙ جي ڪتن ۽ ڪپڙن مان جڙيل ڪتابن سان کيڏڻ جي بنهه اجازت ڪانه هئي، ڇو ته اهي شيون هن لاءِ نهايت تڇ قرار ڏنيون ويون هيون ۽ هڪ بادشاهه جي شهزادي ڌيءَ کي نه ٿي سونهيون. جڏهن شهزادي ستن سالن جي هئي، ته سندس ڀاءُ شهزادي جي شادي ٿي. ان شاديءَ ۾ رسم پوري ڪرڻ خاطر پنهنجي ڪومل هٿن سان پنهنجي ڀاءُ جي مٿان چانورن بدران دُرشهوار جا هيرا نڇاور ڪيا.

بادشاهه جو ايڏو رعب تاب هو جو صرف سوني پڇ واري بلبل کي ئي شهزاديءَ لاءِ ڳائڻ جي اجازت ملي هئي.

ويچاري چانديءَ مان جڙيل بانسريءَ واري ڪويل جي ڪهڙي مجال جو شاهي محلات ۾ پَرَ هڻي يا ڳائي. شهزادي، سون ۽ چانديءَ جي زريءَ مان جڙيل جتي پائي تجلا ڏيندڙ هيرن جي جڙيل غسل خاني ۾ پير پائيندي هئي. پوري وقت تي، عاج مان جڙيل سيج پلنگ تي سمهندي هئي، جنهن مٿان ياقوتن ۽ لعلن جو واهه جو جڙاءُ ٿيل هو، جنهن ويل شهزادي  ارڙهن سالن جي عمر کي رسي، ته بادشاهه پنهنجي هڪ سفير کي ٻئي ملڪن جي بادشاهن ڏانهن موڪليو، ته اتي وڃي اهو اعلان ڪري، ته بادشاهه سلامت پنهنجي چنڊ جهڙي سهڻي شهزاديءَ جي شادي، ڪنهن اهڙي شهزادي سان ڪرائيندو، جنهن جي سوکڙي، شهزاديءَ کي پسند ايندي.

سڀ کان پهرين، جيڪو شهزادو محلات ۾ داخل ٿيو سو هڪ اعليٰ نسل جي اڇي گهوڙي تي سوار هو، جنهن اچڻ شرط سون مان ٺهيل هڪ صوف، شهزاديءَ جي قدمن ۾ رکيو، جيڪو هُن هڪ ازدها، (بلا) جي وات مان ڪڍيو هو. ان صوف جي سنڀال ان بلا هڪ هزار سالن کان پئي ڪئي. اُن صوف کي هڪ عاليشان ميز تي سجايو ويو هو. جيڪا صرف سوکڙين رکڻ لاءِ رکي وئي هئي.

هڪ ٻيو شهزادو هڪ مشڪي گهوڙي تي سوار ٿي محلات ۾ پهتو. هن شهزاديءَ لاءِ سوکڙي طور هڪ هزار قيمتي هيرن مان جڙيل ’بلبل‘ آندي هئي، ان بلبل کي قيمتي سوني صوف سان گڏ سجائي رکيو ويو هو.

ٽيون شهزادو وري هڪ ڪاري گهوڙي تي سوار ٿي آيو ۽ پاڻ سان گڏ هيرن ۽ موتين سان جڙيل هڪ پيٽي کڻي آيو، جيڪا پلاٽينم ۽ سافر (هڪ قيمتي قسم جو پٿر، هيرو جيڪو نيري رنگ جو ٿيندو آهي.) کي ملائي ٺاهي وئي هئي ۽ ان پيٽيءَ کي ٻين تحفن سان گڏ رکيو ويو هو.

چوٿون شهزادو وري هڪ تمام تيز، تکي ۽ هڻڪارون ڏيندڙ ڦڪي رنگ جي گهوڙي تي سوار ٿي اچي محلات اندر داخل ٿيو. شهزاديءَ جي شان ۾ هڪ ديو جيڏي دل پيش ڪئي، جيڪا ياقوت مان ٺهيل هئي، جنهن ۾ هڪ تير ٽنبيل هو، جيڪو ايمرالب (سائي رنگ جو تجلا ڏيندڙ قيمتي هيرو) مان ٺهيل هو. ان ديو جيڏيءَ دل کي به ٻين تحفن سان گڏ رکيو ويو هو.

هاڻ پنجون شهزادو به پنهنجي سوکڙي ساڻ ڪري اچي سهڙيو. هو شهزادن کان سهڻو، قدآور ۽ سگهارو جوان هو، هو هڪ غريب بادشاهه جو پٽ هو، جنهن جو راڄ ڪوئن، ماڪڙ، جادوگرن ۽ کوٽائي ڪندڙ انجنيئرن ناس ڪري ڇڏيو هو ۽ هن وٽ ڪجهه به نه هو، سو هو هڪ اهڙي گهوڙي تي سوار ٿي آيو، جنهن جي پٺيءَ تي رڳي سنج پيل هئا.

هن شهزادي به پاڻ سان ٽين جي پيٽي آندي هئي، جيڪا چمڪندڙ پٿرن سان ڀريل هئي. پنجين شهزادي ۽ سندس ٽين جي پيٽيءَ کي ڏسي، ٻين شهزادن کان ٽهڪ نڪري ويا، پر شهزاديءَ ان پيٽيءَ کي غور سان ڏٺو، ان کان به ڇرڪ نڪري ويو، ڇاڪاڻ ته هو سڄي عمر هيرن ۽ جواهرن سان کيڏي هئي پر اهڙا چمڪندڙ پٿر هن ڪڏهن به ڪو نه ڏٺا هئا. اهڙي ريت اها پيٽي به نمبروار ٻين تحفن سان گڏ رکائي وئي.

هاڻي بادشاهه پنهنجي ڌيءُ جي مرضي ڄاڻڻ لاءِ کيس چيو: ”اي شهزادي! تون پنهنجي پسند پٽاندر سوکڙي کڻ ۽ ان شهزادي سان شادي رچاءِ، جنهن تنهنجي لاءِ من پسند سوکڙي آندي آهي.“

اهو ٻڌي شهزادي مرڪي ڏنو ۽ اٿي ميز ڏانهن وڌي ۽ جيڪا سوکڙي پسند آيس سا کنيائين. اها سوکڙي هئي سافر ۽ پلاٽينم مان ٺهيل قيمتي پيٽي، جيڪا ٽئين نمبر شهزادي پاڻ سان گڏ آندي هئي.

شهزاديءَ چيو مون کي جيڪا سوکڙي پسند آئي، سا آهي هيءَ وڏي ۽ قيمتي هيرن مان جڙيل پيٽي ۽ جڏهن مان ڪنوار بڻبس، ته مان ڪيترن ئي مداحن سان ملندس، جيڪي مون کي تمام قيمتي هيرا. جواهر ۽ ٻيون سوکڙيون ڏيندا ۽ انهن سان مان هيءَ پيٽي ڀري ڇڏيندس، تنهن ڪري هيءَ پيٽي ٻين سڀني سوکڙين کان، وڌيڪ قيمتي آهي ۽ مون کي پسند آهي. ساڳي ڏينهن تي ٽئين نمبر شهزادي سان شهزاديءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان رچائي وئي.

 

”گل ڦل“- جولاءِ 1988ع

 

نئين جُتي

عارف سليم ميمڻ

 

هڪ ماڻهو تمام گهڻو آفيم کائيندو هو. نشي ۾ هن کي پنهنجي به خبر نه رهندي هئي. هڪ ڏينهن هن هڪ نئين جُتي خريد ڪئي. خيال ڪيائين ته ڇو نه اها نئين جتي پائي پنهنجي دوست سان ملڻ وڃجي، جو هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اهو خيال ڪري ٺهي سنڀري دوست سان ملڻ ڪاڻ سندس ڳوٺ روانو ٿيو.

جنهن رستي تان هو وڃي رهيو هو، ان رستي تي گهڻا ئي گهاٽا وڻ هئا. منجهند جو وقت هو، سو چيائين، ته ڇو نه ٿورو آرام ڪري وٺان، شام جو روانو ٿيندس. اهو خيال ڪري رستي تي چادر وڇائي، ان تي ويهي رهيو ۽ نئين جتي پيرن مان لاهي انهيءَ کي چڱي طرح صاف ڪري رکيائين ۽ دل ۾ خيال ڪيائين، ته جڏهن منهنجو دوست نئين جتي ڏسندو، ته ڏاڍي تعريف ڪندو. اهڙيءَ طرح خيال پچائيندو جُتي پائي سُمهي پيو.

آفيمي پنهنجي نشي ۾ مست سُتو پيو هو، ته اتان هڪ ماڻهو لنگهيو، جنهن ڏٺو، ته هڪ ماڻهوءَ کي نئين جُتي پاتي پئي آهي ۽ ڏاڍي سُٺي آهي، ان ڪري دل بي ايمان ٿي ويس ۽ آفيميءَ جي نئين جُتي لاهي پنهنجي پيرن ۾ وڌائين ۽ کسڪي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ اتان هڪڙو گاڏي وارو لنگهيو ۽ پري کان ڏٺائين، ته ڪو ماڻهو رستي جي وچ تي پير ڦهلايو ستو پيو آهي. زور سان هڪل ڪيائين: ”اڙي ميان کڙو ٿيءُ، نه ته ٽنگن تان گاڏي هلائي ويندو سانءِ.“ آفيمي جڏهن آواز ٻڌو ته منهن مٿي ڪري پهرين پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺائين پراڻي جُتي پيرن ۾ ڏسي دل ۾ چيائين ته مون کي ته نئين جُتي پاتل هئي، هي پراڻي جُتي پاتل پير ضرور ٻئي ڪنهن جا آهن. سو رڙ ڪري گاڏيءَ واري کي چيائين ته :”ادا تون پنهنجي گاڏي هلائي وڃ، جنهن جا پير هوندا، اهو هٽائي ڇڏيندو، گاڏي واري کي به لڳي مٺيان سو زور سان چهبڪ گهوڙي کي هنيائين، ته گاڏي آفيميءَ جي ٽنگن تان لنگهي ويئي.

 

”گل ڦل“- جولاءِ 1988ع

 

چڱائي ۽ مدائي

عطا محمد ڀنڀرو

ڪنهن شهر ۾ ٻه ڀائرن رهندا هئا. هڪڙو ويچارو غريب هو ۽ ٻيو شاهوڪار. هڪ ڏينهن هو گڏ ويٺا هئا، ته ڳالهيون نڪتيون.

”انسان جي سڄي ڄمار هڪ پاپ آهي، پر پوءِ به مدائيءَ کان چڱائي ڪرڻ بهتر آهي.“ غريب ڀاءُ چيو.

”واهه جو تنهنجو خيال آهي.“ شاهوڪار ڀاءُ رڙ ڪندي چيو: ”چڱائيءَ جي نالي دنيا ۾ ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه، جاڏي ڏس مدائي منهن ۾ آهي. چڱائي ڪندين، ته ڄڻ ٻچا رلي ويندئي.“

غريب ڀاءُ پنهنجي ڳالهه تي اَڙي هڻي بيهي رهيو.

”نه منهنجا ڀاءُ، چڱائي نيٺ چڱائي آهي.“

”چڱو ڀلا هاڻي هڻئون ٿا شرط! پهريان ٽي ملن، تن کان ٿا پڇئون! جيڪڏهن تون صحيح نڪتين، ته جيڪو مون وٽ آهي، اهو تنهنجو، جيڪڏهن اهي چون، ته مان صحيح آهيان، ته جيڪي تو وٽ آهي، سو منهنجو.“ شاهوڪار ڀاءُ چيو.

”مون کي قبول آهي“. غريب چيو.

هو هڪ رستي سان نڪري پيا. هلندا ويا، هلندا ويا، کين رستي تي هڪ ماڻهو گڏيو، جيڪو سڄي موسم ڪم ڪري گهر ڏانهن موٽي رهيو هو.

”ادا ڀلي آئين.“

”ادا اوهان به ڀلي آئيو“

”اسان هڪ ڳالهه توهان کان پڇڻ ٿا چاهيون.“ ٻنهي ڀائرن کيس چيو.

”چڱو ٻڌايو.“

”زندگي گذارڻ جو ڪهڙو نمونو ڀلو آهي؟ چڱائي ڪرڻ يا برائي ڪرڻ؟“

”توهان کي اڄ ڪلهه ڪاٿي چڱائي نظر اچي ٿي، مهر ڀريا ڀائر.“

ان ماڻهوءَ ورندي ڏني، ”مون ڏانهن نظر ڪريو، مون گهڻو ۽ سخت پورهيو ڪيو، پر منهنجي ڪمائي نه هئڻ جي برابر آهي، مون جيڪو ايمانداريءَ سان ڪمايو، پر پوءِ به مالڪ، منهنجي کل لاهي ورتي. ايمانداريءَ سان رهڻ به ڪا زندگي آهي، ڀلو اِهو آهي ته مدائي ڪجي. چڱائيءَ جي ته ويجهو ئي نه وڃجي.“

”مان تو کي ڇا پئي چيو، ڏٺئه مان برابر ۽ تو غلط آهين.“

شاهوڪار ڀاءُ چيو. غريب ڀاءُ جي ڳالهه هيٺ ٿي پئي، پر ڪري به ڪجهه نه  ٿي سگهيو، ٻئي ڀائر اڳتي روانا ٿيا. هلندا ويا هلندا ويا. رستي ۾ کين هڪ واپاري مليو.

”السلام عليڪم ايماندار واپاري.“

”وعليڪم السلام ڀائرو.“ واپاريءَ جواب ڏنو.

”اسان ٻئي توهان کان هڪ ڳالهه پڇڻ ٿا چاهيون.“

”زندگي گذارڻ جو سٺو طريقو ڪهڙو آهي؟ برائيءَ سان يا چڱائيءَ سان؟“

”ڪهڙو اُگرو سوال پڇيو اٿوَ. چڱائي ڪر دشمني وهاءِ. جيڪڏهن تو کي ڪا شيءِ وڪڻڻي آهي، ته هزار ته ڪوڙا قسم کڻڻا پوندءِ، پوءِ هزار دفعا وڌيڪ گراهڪ کي ڦري وڃ، نه ته ڌنڌو نه هلندو، جيڪڏهن ائين نه ڪندين، ته شاهوڪار نه ٿي سگهندين.“ اهو چئي هو روانو ٿي ويو.

”مان ٻيو ڀيرو صحيح نڪتو آهيان.“ شاهوڪار چيو.

غريب ماڻهو، ويچارو ڏاڍو اداس ٿي ويو، پر ڪري ڪجهه به نه ٿي سگهيو. پوءِ اڳتي روانا ٿي ويا. هلندا ويا هلندا ويا، ته کين هڪ نواب صاحب رستي ۾ ملي ويو.

”نواب صاحب جو خير“. ٻنهي کيس چيو.

”توهان جو به خير“. هن ورندي ڏني.

”اسان اوهان کان ڪجهه پڇڻ ٿا چاهيون؟“

”پڇو، ڇا ٿا پڇڻ چاهيو؟“

”توهان اهو ٻڌايو، ته زندگي گذارڻ جو ڪهڙو طريقو سٺو آهي، برائيءَ سا يا چڱائيءَ سان؟“

”مهربان دوستؤ! اوهان ڪهڙي قسم جو سوال پڇيو آهي. دنيا ۾ سٺائي جي نالي سان ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه. ايمانداريءَ سان زندگي گهارڻ ممڪن ئي ڪونهي.جيڪڏهن مان انصاف ۽ چڱائيءَ وارو رستو اختيار ڪريان ها، ته هيءَ نوابي..........“ نواب صاحب ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي اڳتي روانو ٿي ويو. ”چڱو ڀاءُ هاڻي پوئتي هٽ، جو ڪجهه گهر ۾ اٿئي، سو هلي ماٺڙي ڪري مون کي ڏي.“ شاهوڪار ڀاءُ کيس چيو.

غريب جي هر شيءِ سندس شاهوڪار ڀاءُ جي ملڪيت ٿي وئي، باقي سندس وڃي وٽس ڪکائون گهر رهيو.

”ٿوري وقت لاءِ تون ان ۾ رهي سگهين ٿو، پر پوءِ تون ڪاٿي رهڻ لاءِ نئين سنبت ڪري ڇڏجانءِ.“ شاهوڪار ڀاءٌ چيو.

ويچارو غريب مُنهن مونن ۾ ڏيئي افسوس ۾ ويهي رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس سڄي ساري ڪٽنب لاءِ کائڻ واسطي ڪجهه به نه رهيو هو، نه وري ڪاٿي ڪمائڻ جو کيس آسرو هو، ڇو ته ان سال فصل تمام گهٽ ٿيا هئا.

غريب ڀاءُ ان ڏک سهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٿوري وقت لاءِ سندس ننڍڙن ٻارڙن وٺي بک کان رڙيون ڪوڪون ڪيون. هو ڳوٿري کڻي شاهوڪار ڀاءُ وٽان ٿورو اٽو وٺڻ ويو.

”مون کي ڪجهه ان يا اٽو کڻي ڏي، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، ننڍڙا ٻارڙا ته بک کان بي حال لڳا پيا آهن.“ هن پنهنجي شاهوڪار ڀاءُ کي چيو. ”مان تو کي اٽو وٺي ڏيندس پر تون مون کي پنهنجي هڪ اک ڪڍڻ ڏي.“ شاهوڪار ڀاءُ کيس چيو.

غريب ڀاءُ ويچاري سوچيو، ته ٻچا بک ٿا مرن، اک وڃي ته وڃي ٻچن جو ته پيٽ گذر ٿئي، تنهن ڪري چيائينس ته: ”چڱو ڀلا مون کي قبول آهي. ڀلي هڪ اک ڪڍي وٺ، الله تنهنجي ڀلائي ڪندو، مون کي اٽو ڏي، شل رسول جي ڇانوَ ۾ هوندين.“

شاهوڪار ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ جي اک ڪڍي کيس اٽو ڏنائين. غريب ويچارو اهو اٽو کڻي گهر آيو. جوڻس ڏانهن ڏٺو، ته سندس وات پٽجي ويو.

”تو سان ڪهڙو ناحق ٿي ويو. تنهنجي اک ڪاڏي وئي؟“ جوڻس پڇيو: ”شاهوڪار ڀاءُ ڪڍي ورتي“. جواب ڏنائين.

پوءِ هن کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ٿوري وقت لاءِ ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هن ٿوري اٽي لاءِ پنهنجي اک ڪڍرائي ڇڏي، پر پوءِ هن سوچيو، ته مجبوري هئي، ڇو ته وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هو.

هفتو سوا گذريو، ته ويچاري غريب جو اٽو کپي ويو. هن وري ڳوٿري کنئي ۽ پنهنجي شاهوڪار ڀاءُ وٽ ويو.

”تون مون تي ٿورو ڪر، ڪجهه اٽو ڏي، تو جيڪو اڳي ڏنو هو سو سمورو کپي ويو.“

”ها! مان اٽو ڏيندو ساءِ، پر مون کي ٻي اک به ڪڍڻ ڏي.“ شاهوڪار ڀاءُ چيو. ”مان اکين کان سواءِ ڪيئن گذاري سگهندس. منهنجا ڀاءُ، تو ته اڳ ۾ ئي هڪ ڪڍي ورتي آهي. ڪجهه رحم ڪر مون تي، مون کي انڌو نه ڪر، ڀاءُ آهين ڪجهه قياس ڪر“! غريب ڀاءُ ليلهائيندي چيو. ”جيستائين اک ڪڍڻ نه ڏيندين تيستائين اٽو ڪو نه ملندءِ“. شاهوڪار ڀاءُ کيس کُتو جواب ڏنو.

غريب ڀاءُ جيئن ته مجبور هو، سندس ٻچڙا بک تي هئا، تنهن ڪري کيس چيائين ته: ”چڱو! ڪڍ اک، خدا تو سان ساڻي ٿيندو.“شاهوڪار ڀاءُ، چاڪو کڻي پنهنجي غريب ڀاءُ جي ٻي اک به ڪڍي ڇڏي. پوءِ کيس ڳوٿري اٽي سان ڀري ڏنائين. ويچارو انڌـڙو هٿوراڙيون ڏيندو ٿيڙ کائيندو، ڪنڊن ۾ ڪرندو وڃي گهر پهتو. سندس زال جو کيس ڏٺو ته خوف ۾ سندس رت ئي سڪي ويو.

”تون اکين کان سواءِ جڳ ۾ ڪيئن هلندين، مسڪين بدبخت ماڻهو.“ جوڻس رڙ ڪندي چيو. ”اسان ڪاٿئون نه ڪاٿئون اٽو آڻي وجهئون ها.... ۽ هاڻي...........“ پوءِ هو، ويچاري عورت ايترو ته رني جو کانئس ٻيا اکر اوڪلي ڪو نه سگهيا.

”اڙي بختاور ايڏو ڇو ٿي روئين. هن دنيا ۾ رڳومان ئي ته انڌو نه آهيان، مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي انسان آهن، جيڪي اکين کان سواءِ به جيئن ٿا.“

”پر هڪ ڳوٿري سوا اٽي جي ڪٽنب لاءِ ڪا گهٽ ڪانه هئي، سا ته هفتي سواءِ ۾ کپي وئي.“ زال کيس چيو.

”مان پنهنجي شاهوڪار ڀاءُ وٽ هاڻي ڪڏهن ڪو نه ويندس“. هن پنهنجي زال کي چيو. ”ان جي بدران تون مون کي رستي واري بڙ هيٺان ڇڏي اڄ سانجهيءَ جو مون کي اتان وٺي وڃجانءِ، گهڻائي ماڻهو پيرين پنڌ يا سوارين تي اتان پيا لنگهن،  ڪو نه ڪو مون کي، رحم ڪري ماني ڏيندو.“

زال سندس چوڻ موجب، کيس وڃي رستي واري بڙ هيٺان ڇڏي موٽي آئي.

ويچارو انڌڙو اتي ويٺو رهيو. راهگيرن مان ڪن هن کي آنو، ڪن ٻه آنا يا چار آنا ڏنا. نيٺ شام سندس زال اچڻ ۾ دير ڪئي، هيءُ ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيو، نيٺ گهر ڏانهن پنڌ پيو رستو ڀلجي ويو. هلندو رهيو هلندو رهيو، گهڻو پنڌ ڪري ويو، کيس پتو ڪو نه ٿي پيو، ته ڪاٿي آهي ۽ ڪاڏي وڃي ٿو. اوچتو هن واءُ جا سوساٽ ٻڌا. سمجهيائين ڪنهن ٻيلي ۾ پهچي چڪو آهيان ۽ کيس اتي ئي رات گذارڻي پوندي. جانورن جي ڀَوَ کان ماٺ ڪري ڪنهن وڻ تي چڙهي ويهي رهيو.

آڌيءَ رات، ٿي ته ان ساڳيءَ جاءِ تي ساڳي ئي وڻ هيٺان شيطان پنهنجن نائبن سان آيو ۽ پنهنجن نائبن کان سوال پڇڻ لڳو ته: ”اوهان اڄ ڇا ڇا ڪيو آهي؟“

انهن مان هڪ نائب چيو: ”مان هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ هٿان رڳو ٻن، اٽي جي ڳوٿرين بدلي انڌو ڪرايو، هڪ چيو: ”تو واقعي چڱو ڪم ڪيو، اهڙو نه جهڙو ٿيڻ گهرجي ها.“ شيطان چيو.

”ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ساڳيو انڌو هن وڻ جي هيٺان واري ماڪ اکين ۾ وجهي مهٽيندو ته سڄو ٿي پوندو.“ شيطان چيو، پر اها خبر ڪنهن کي ناهي، تنهن ڪري کيس انڌو ئي رهڻو پوندو.

شيطان وري ٻئي نائب کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ متعلق پڇيو: ”ها تو ٻڌاءِ، ته تو ڇا ڪيو؟“

”مان کوهه جو سڄو سارو پاڻي سُڪائي ڇڏيو، جيڪو ٻيو کوهه آهي، سو اتان کان 40 ميل پري آهي، تنهن ڪري ڪيترائي اڌ واٽ تي مري ويندا.“ هن شيطان کي جواب ڏنو.

”تو به سٺو ڪيو، پر اهڙو سٺو نه جيئن هجڻ گهرجي“. شيطان چيو ”سائين اهو وري ڪيئن؟“

”جيڪڏهن اها ڇپ، جيڪا شهر جي ويجهو ۽ ڳوٺ جي ڀرسان پيل آهي پري سيربي، ته پاڻي اتان اُٻڙڪي ٻاهر نڪري ايندو، اهڙو هڪ ڳوٺ ته ٺهيو، پر ٻيا به الائي ڪيترا پاڻي پِيئن، ته به نه کٽي، پر اها ڪل ڪنهن کي به ڪانهي، نه وري ڪنهن ٻڌي آهي سو اهو پاڻي اتي رهندو.

”تو ڇا ڪيو؟“ شيطان پنهنجي ٽئين نائب کان پڇيو:

”مان هڪ بادشاهه جي ڌيءُ کي انڌو ڪري ڇڏيو، جيڪا پيءُ ۽ ماءُ جي سڪيلڌي هئي.“ نائب چيو.

”تون به چڱو ڪيو پر اهڙو نه جهڙو هجڻ گهرجي.“

”سائين اهو وري ڪيئن؟“

هن وڻ هيٺان جيڪا ماڪ پئي آهي، سان جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي اکين ۾ وجهجي، ته سندس اکيون سڄيون ٿي پونديون، پر هيءَ ڪنهن کي به خبر ڪونهي ۽ نه وري هن بابت ڪنهن ٻڌو آهي.“

ويچارو غريب انڌو ان وڻ تي ويٺو هو ۽ سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. جڏهن شيطان پنهنجي نائب سميت اڏاڻو هليو ويو. ته هو هيٺ لٿو، پوءِ هن ان وڻ هيٺان ماڪ لاءِ ٿاڦوڙا هڻي ماڪ ڳولي اکين ۾ وجهي مهٽيو، ته سندس اکيون اڳئين جهڙيون سڄيون ٿي پيون ۽ اڳئين جهڙو ڏسڻ لڳو.

”هاڻي مان وڃي ٻين جي مدد ڪندس.“ هن دل ۾ چيو ۽ پوءِ ماڪ جا ڦڙا شيشي ۾ گڏ ڪري هو روانو ٿيو.

جڏهن هو ان ڳوٺ ۾ آيو، جنهن جو کوهه سُڪي ويو هو ۽ ماڻهو پري کان پاڻي ڀري ايندا هئا، هن ڏٺو هڪ ڪراڙي عورت ڏاندن جي مدد سان پاڃاريءَ تي ٻه کليون پاڻيءَ جون کڻي اچي رهي هئي.

”ڏاڏي تون مون کي پاڻي چڪو پيئڻ لاءِ ڏيندينءَ.“ هن عزت سان نوڙي کيس عرض ڪيو.

”منهنجا ٻچڙا، هي پاڻي مان چاليهن ميلن کان آندو آهي، جيڪو اڌ ته هارجي ويو آهي، ٻيو ته منهنجي وڏي آڪهه آهي ۽ اهي پاڻي کان سواءِ مري ويندا.“ ڪراڙيءَ چيو.

”جڏهن مان تنهنجي ڳوٺ پهچندس ته پاڻي جام ٿي ويندو.“ هن چيو ڪراڙيءَ کيس ڪجهه پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو ۽ پاڻيءَ گهڻي ٿيڻ جي خاص خبر ٻڌي پوڙهي ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپي. هوءَ تکي تکي اچي ڳوٺ پهتي ۽ سڄي ڳالهه  ڳوٺاڻن کي ٻڌايائين. ڳوٺاڻن مان ڪن اعتبار ڪيو، ڪنهن ڪوڙ سمجهي ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، پر پوءِ به هو کيس ملڻ آيا ۽ ڏاڍو نماڻائيءَ سان گذارش ڪيائون، ته جيڪر هو مٿانئن پاڻيءَ جي آپدا ڏور ڪري.

”او! مهربان مسافر! اسان کي موت کان بچاءِ“ هنن کيس چيو: ”بلڪل مان ائين ئي ڪندس، پر مون کي اوهان پهريان ان شهر ڏانهن وٺي هلو، جيڪو اوهان جي ڳوٺ کي تمام ويجهو آهي.“

ويچارا ڳوٺاڻا کيس ويجهي شهر ڏانهن وٺي ويا. هن چؤطرف نهاريو، ته کيس اها ڇپ نظر آئي، جنهن بابت شيطانن جو ذڪر پئي ڪيو.

پوءِ سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ طاقت بڻائي وٺي جو ڇپ کي زور ڏنو ته ڇپ به سرڪي پري ٿي وئي. ان هيٺان پاڻي ڦوهارا ڪري نڪرڻ لڳو ۽ هڪ وڏي نئن جي صورت ۾ ڍنڍون ڍورا تليون ٻوڙيندو جل ٿل ڪندو وهندو ويو. ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي دعائون ڏيڻ لڳا، کيس گهڻيون سوکڙيون پاکڙيون ۽ پيسا ڏنائون.

پوءِ هو گهوڙي تي چڙهي ان بادشاهيءَ بابت ماڻهن کان پڇڻ لڳو‏، جنهن ملڪ جي بادشاهه جي اڪيلي ڌيءُ انڌي ٿي پئي هئي. چوندا آهن، ته پڇڻا نه منجهڻا، انڌن به ملتان لڌو. هيءُ سڄو ۽ سندس هيٺان گهوڙو هو. نيٺ پڇائي پڇائي وڃي لڌائين. بادشاهه جي نوڪرن چاڪرن کي چيائين ته: ”مان ٻڌو آهي، ته توهان جي بادشاهه جي ڌيءُ بيمار آهي. مان ان کي چيٺي چڱو ڪندس.“ هنن چيو: ”تون دوا نه ڪري سگهندين. وڏا ويڄ طبيب آيا، تن جي ڦڪين فرق ڪو نه ڪيو، تو کي ته ميان کنگهه جي ٽؤنڪر آ.“

”خير ڪيئن به آهي، توهان منهنجي متعلق بادشاهه کي ٻڌايو، ته سهي.“ نوڪرن جي ته مرضي نه هئي، پر هن جي زور ڀرڻ تي وڃي بادشاهه کي سربستي خبر ٻڌايائون. بادشاهه هڪدم کيس محلات ۾ گهرايو.

”تون سچ پچ منهنجي ڌيءُ کي دوا درمل ڏئي چيٺي چڱو ڪندين؟“بادشاهه کانئس پڇيو.

”هائو سائين! هُوءَ چڱي ڀلي ٿي ويندي.“ هن جواب ڏنو.

”جيڪڏهن تو کيس چڱو ڀلو ڪيو، ته مان به دُهرا دان انعام ۽ اڪرام ڏئي........ پيڙهيون ڍائي ڇڏيندو سانءِ“. بادشاهه چيو.

محلات جا نوڪر هن کي شهزاديءَ جي ڪمري ڏانهن وٺي ويا. هن آندل ماڪ جا ڦڙا شيشيءَ مان ڪڍي سندس اکين ۾ وڌا، ته سندس اکيون اکين جهڙيون ٿي پيون ۽ نظر به اڳئين جهڙي ٿي ويس. بادشاهه ايڏو ته خوش ٿيو جو، جنهن جي حد ڪو حساب نه هو ۽ هن کي ايتري، ته دولت ڏنائين جو گاڏين جي قطار به کُٽي نه سگهي.

هوڏانهن ويچاري سندس غريب زال عورت ڏاڍي ماندي ٿي پئي، ته سندس انڌڙو مڙس واٽ وڃائي الائي ڪاڏهون جو ڪاڏي وڃي نڪتو. گهڻو وقت جو گذري ويو، سندس ڪا خبر ڪانه پئي، ته سندس ڀاتي کيس مئل سمجهي اوسيئڙو لاهي ويهي رهيا هئا. ان وقت در تي ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ سڏ ٿيو:”ٻيلي ڀلو ٿئي گهر جو، دروازو ته کول.“ سندس مڙس چيو.

زال سندس آواز سڃاڻي وٺي در ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ هڪدم کڻي در کوليائين ۽ کيس هٿ کان وٺي گهر وٺي آئي، ڇاڪاڻ ته کيس خيال هو، ته هو نابين آهي.

”تون بتي ٻاري کڻي آءُ.“ هن زال کي چيو. هوءَ بتي ٻاري کڻي اچي ڏسي، ته سندس مڙس جون اکيون بلڪل ٺيڪ هيون.

”منهنجا موليٰ تنهنجا لک احسان پر مون کي ٻڌاءِ، ته اهو ٿيو ڪيئن؟“ هن مڙس کان پڇيو: ”ٿورو ترس، تو کي سڄو قصو ٻڌايان ٿو. مولا هيڏي ساري دولت ڏني آهي.“ سڄي آڪهه جڏهن سندس آندل دولت گهر ۾ رکي ته سندس شاهوڪار ڀاءُ واري دولت ان جي ڪنهن حصي ۾ به ڪانه هئي. پوءِ هو بهترين گهر ۾ رهيا ۽ سٺو کائڻ پيئڻ ۽ هنڊائڻ لڳا. جڏهن سندس شاهوڪار ڀاءُ کي اها خبر پئي، ته اهو به ڀڄندو وٽس آيو.

”اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو ڀاءُ، جو تنهنجو نور به موٽي آيو ۽ وڏو دولتمند ٿي پئين؟“ شاهوڪار ڀاءُ کانئس پڇيو. هن به کانئس ڳالهه ڳجهي ڪانه رکي ۽ جيڪي وٽس هو سو سڄو حال احوال سئيءَ سڳي سميت سڀ ڪجهه کيس سڻايو.

شاهوڪار ڀاءُ کي به وڌيڪ شاهوڪار ٿيڻ جو اچي شوق جاڳيو. تنهن ڪري ساڳي وڻ تي چڙهي چپ ڪري وڃي ويهي رهيو. آڌيءَ رات ٿي، ته شيطان پنهنجي نائبن سميت ان ساڳي وڻ ۽ ساڳيءَ جاءِ تي آيو. جتي هيءُ همراهه لڪو ويٺو هو.

شيطان پاڻ ۾ چوڻ لڳا، ته انڌي ڀاءُ جون اکيون ٿيون، نه اچڻ وارو پاڻي ڇپ هيٺان نڪري نروار ٿيو، شهزاديءَ جي نظر واپس آئي، ڪير لڪي ڇپي اسان جون خبرون ٻڌي ٿو، سو اچو ته ڳوليون، ته ڪير آهي؟“

ڳولا خاطر جو مٿي چڙهيا، ته کين شاهوڪار هٿ اچي ويو، پوءِ اچي ان تي وريا ماري ذرا ذرا ڪري ڇڏيائونس.

اهڙي ريت شاهوڪار کي لالچ ۽ برائيءَ جو بدلو ملي ويو.

 

”گل ڦل“- مارچ 1993ع

 

ڪنجوس ناني نوران

ايس. خادم ڀنڀرو

 

هڪ دفعي  جي ڳالهه آهي، ته هڪڙي پوڙهي عورت هئي، جنهن جو نالو هئو ’نوران‘. هوءَ پوڙهي هئي، ان ڪري هر ڪو کيس ’ناني‘ چوندو هو، هن وٽ سون  چانديءَ جو ڀريل هڪ ٿيلهو هو. هو ايتري ته ڪنجوس هئي، جو ايتري ساري دولت هوندي به، هوءَ سُڪن ٽڪرن ۽ پاڻيءَ لپ تي پئي وقت ٽار ڪندي هئي.

کيس هڪ سڪيلڌو پٽ هو، جنهن کي هوءَ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏيندي هئي. سندس پٽ ڪمائڻ به نه ڄاڻندو هو. ان ڪري اهو به سُڪن ٽڪرن ۽ پاڻيءَ جي لپ تي گذر سفر ڪندو هو. نوران تمام ٻڍي هئي، ان ڪري گهر جي ڪم ڪار ۽ صفائيءَ لاءِ هڪ نوڪرياڻي به رکي هئائين. ناني نوران دولت سان ڀريل ٿيلهو پنهنجي پيٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو.

هن جي نوڪرياڻي ان تاڙ ۾ هئي، ته ڪٿان هن جي دنيا هٿ لڳي وڃي. ناني نوران کي ان ڳالهه جي خبر پئجي ويئي، ان ڪري نوڪرياڻيءَ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيائين. هاڻ ته ناني نوران گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪرڻ لڳي ۽ جلدي ٿڪجي پئي. هڪ ڏينهن هن ڪم مان تنگ ٿي، پنهنجي پٽ کي چيو ته :”پٽ هاڻي مون کان وڌيڪ ڪم نه ٿو ٿئي.“ ان ڪري ڪنهن ڏورانهين ديس مان ڪا اهڙي ڇوڪري وٺي اچ، جنهن کي منهنجي دولت جي خبر نه هجي.“ ڇوڪرو ويو هليو ۽ ٻئي ڏينهن هڪ سهڻي ۽ سدوري ڇوڪري وٺي آيو. ان ڇوڪريءَ ناني نوران کي تمام سٺي ماني پچائي کارائي. ناني نوران ڪجهه ٽڪر کائي، ٻي ماني شام لاءِ رکي ڇڏي. ماني کائڻ کان پوءِ ناني نوران کي پاڙي ۾ وڃڻو هو، ان ڪري وڃڻ کان اڳ ڇوڪريءَ کي سڏي چيائين: ”گهر جي صفائي ڪجانءِ ۽ منهنجي پيٽيءَ کي هٿ به نه لائجانءِ.“ ايئن چئي ناني نوران پاڙي ۾ هلي وئي. اڃا ناني نوران در کان ٻاهر پير ئي مس پاتو، ته ڇوڪريءَ کي اچي آنڌ مانڌ لڳي، ته آخر ان پيٽيءَ ۾ ڇا آهي؟ سو ڇوڪري سڌو پيٽيءَ ڏانهن رخ رکيو. پيٽي کولي ڪپڙا پري ڪيائين، ته کيس سون ۽ چانديءَ وارو ٿيلهو ملي ويو. ٿيلهو کوليائين، ته سندس عجب جي حد ئي نه رهي ۽ ٿيلهو ڪڇ ۾ لڪائي هوءَ گهر مان نڪري وئي.

رستي ۾ ڇوڪريءَ کي هڪ مينهن ملي. مينهن هن کي چيو ته: ”اڙي او سهڻي ۽ سدوري ڇوڪري، اچ منهنجو کير ته ڏهي وٺ، منهنجي ٿڻن ۾ ڏاڍو سور آهي.“

”مان ڄڻ واندي آهيان، جو ويهي تنهنجا ٿڻ هلڪا ڪريان، مون کي پري سمنڊ تي وڃڻو آهي.“ ۽ هوءَ رستو وٺي هلندي رهي. ٿورو پنڌ مس ڪيائين ته، هن کي هڪڙو بيمار ۽ ڦٽيل هرڻ گڏيو. هرڻ هن ڇوڪريءَ کي چيو: ”او سهڻي نينگري! منهنجي هيءَ ڦٽيل پٺي مهرباني ڪري صاف ڪر.“

”مون کي وقت ئي ڪونهي جو تنهنجي گدليءَ پٺي کي صاف ڪرڻ ۾ ويهي وقت ضايع ڪريان. مون کي جلد سمنڊ تي پهچڻو آهي.“ ڇوڪري اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيو، ته هڪڙو ٻير جو وڻ مليس، جنهن جون ٻانهون ٻيرن جي وزن جي ڪري هيٺ جهُڪي ويون هيون، وڻ چيس: ”اچ ادي ڪجهه ٻير ته ڌوڻو ڏي پٽ ۽ منهنجي ٽارين کي ته ڪجهه هلڪو ڪر، جيئن آرام وٺن.“

”مون کي ڪهڙي پئي آهي جو ويهي تو کي ڌوڻو ڏيئي ٻير پٽيان، مون کي وقت ڪونهي، مون کي سمنڊ تي پهچڻو آهي.

جڏهن ناني نوران گهر واپس آئي، تڏهن ڏٺائين، ته ڇوڪري غائب هئي. هن پيٽي کولي، ته اتي به ڪاريءَ وارا ڪک، بس ناني رستو ورتو روئندي پار ڏيندي رستي سان ڊوڙندي وڃي رهي هئي. ڏاڍيان رڙيون ڪري چئي رهي هئي ته: ”گهوڙا ڙي، اباڙي منهنجو سون ۽ چانديءَ جو ٿيلهو ڇوري چوري کڻي ڀڄي وئي.“ رستي ۾ هن کي ساڳي مينهن گڏي. ”ادي مينهن هتان ڪا ٿيلهي سان ڇوڪري ته لنگهندي نه ڏٺئي.“

”ڀڄ پوڙهي ڀڄ اجهو ٿي پڄينس. اجها هاڻي پئي وڃئي.“

”گهوڙا ڙي! اباڙي! منهنجو سون ۽ چانديءَ جو ٿيلهو ڇوري کڻي ڀڄي وئي.“ ناني اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيو، ته بيمار هرڻ گڏيس: ”ادا هرڻ، او ادا هرڻ، هتان ڪا ٿيلهي سان ڇوڪري لنگهندي ڏٺئي.“

”ڀڄ پوڙهي اجهو ٿي پڄيس، اجها هاڻي پئي وڃي.“

”گهوڙا ڙي! ابا ڙي! منهنجو سون ۽ چانديءَ جو ٿيلهو ڇوري کڻي ڀڄي وئي.“ ٿورو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٻير جو وڻ مليو.”ادا! او ادا وڻ هتان ڪا ٿيلهي سان ڇوڪري ته لنگهندي نه ڏٺئي.“

”ڀڄ پوڙهي اجهو ٿي سمنڊ تي پڄيس، اجها بلڪل هاڻي پئي وڃئي.“

”گهوڙا ڙي! ابا ڙي! منهنجو سون ۽ چانديءَ جو ٿيلهو ڇوري کڻي ڀڄي وئي.“ ناني نوران تڪڙي تڪڙي ڊڪندي، اچي سمنڊ جي ڪناري تي پهتي ۽ اچي ڇوڪريءَ کي پڪڙيائين. پوءِ ڇوڪريءَ کي چنبا هڻي ٿيلهو ڦري کيس ڌڪو ڏيئي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائين.

ناني نوران هئي جهور پـوڙهي سو روز ڪم ڪار ڪندي ٿڪجي پوندي هئي، آخر ۾ تنگ ٿي پئي ۽ پٽ کي وري هڪ اهڙي ڇوڪري آڻڻ لاءِ چيائين، ته جنهن کي سندس دولت جي خبر نه پئجي سگهي.

سندس پٽ ويو هڪ نماڻي ڇوڪري وٺي آيو، جيڪا ناني نوران کي تمام گهڻي وڻي، پر پوءِ به ناني نوران پڪو ارادو ڪيو، ته هاڻي ڪاڏي به نه وڃبو.

هيءَ ڇوڪري تمام نماڻي هئي ۽ ايماندار هئي، جنهن تي ناني نوران کي ڪجهه ويساهه ٿيو، ته هڪڙي ڏينهن ناني نوران کي ڪم سانگي ٻاهر وڃڻو پيو. سو ساڳئي طرح ڇوڪريءَ کي منع ڪيائين ته: ”پيٽي نه کولجانءَ.“ آخر ناني نوران وئي هلي.

ڇوڪريءَ کي تعجب لڳو ته:”آخر هن پيٽيءَ ۾ ڇا آهي جو ناني منع ڪري وئي آهي.“ نيٺ پيٽي کولي هن ڏٺو، ته هڪ ٿيلهو پيو هو. هن ٿيلهو کوليو، ته ڇا ڏسي رڳو، سون ۽ چاندي. آخر لالچ بري بلا آهي، سو ڇوڪري ٿيلهو کڻي ٻاهر راهي ٿي. رستي ۾ ساڳئي مينهن مليس، جنهن ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندي چيو: ”او سدوري ڇوڪري منهنجا ٿڻ ڏهين ته هيءُ سور لهي وڃي، ڇو نه مان ٿڻن کي ڏهندي لهي ٿوروئي وينديس.“ ڇوڪري مينهن  جاٿڻ ڏڌا ۽ مينهن کي سور کان آجو ڪيو. مينهن ڇوڪريءَ جو ٿورو مڃيو ۽ ڇوڪري اڳتي هلي، ته ڇوڪريءَ کي بيمار هرڻ مليو، جنهن کيس چيو: ”اي ڇوڪري! منهنجي زخميل پٺي صاف ڪندين؟“

”ڇو نه ڪنديس“ ڇوڪري هرڻ جي پٺي صاف ڪئي، هرڻ کيس دعا ڪئي ۽ ڇوڪري اڳتي راهي ٿي. ٿورو پنڌ ڪرڻ بعد کيس ٻير جو وڻ مليو، جيڪو اڳي کان به ڳرو وڌيڪ جهُڪو پيو هو. ٻير جي وڻ ڇوڪريءَ کي چيو: ”اي سهڻي ڇوڪري! هنن ٻيرن کي ڌوڻي منهنجي ٽارين کي هلڪو ڪندين“؟ ”هائو مان تو کي ڌوڻي هلڪو ڪريان ٿي.“ ڇوڪري وڻ تي چڙهي ۽ ٻير جي ٽارين کي ڌوڻڻ شروع ڪيائين. اهڙي طرح ٻير جي وڻ تي ٽاريون بار کان هلڪيون ٿي ويون، ايتري ۾ وڻ چيس: ”جلدي ڪر. منهنجي پنن ۾ لڪي وڃ ڄاڻ پوڙهي اچي پهتي.“

پوڙهي گهر ۾ اچڻ شرط سان پيٽيءَ ۾ ڏٺو ۽ ٿيلهو غائب ڏسي، هو منهن مٿو پٽيندي رستي ڏانهن ڊوڙڻ لڳي.

”گهوڙا ڙي! ابا ڙي! مري ويس، منهنجي چانديءَ ۽ سون جو ڀريل ٿيلهو ڇوڪري چورائي ڀڄي وئي.“ رڙيون ڪندي هوءَ رستي تي ڊڪندي پئي وئي. واٽ تي ساڳئي مينهن مليس ۽ کانئس پڇيائين ته: ”ادي مينهن ڪا ڇوڪري ٿيلهو کڻي ويندي، ته نه ڏٺي، هائو ڏٺي ته هيم، پر کيس گهڻو وقت گذري ويو.“

”گهوڙا ڙي! ابا ڙي! مري ويس، الله مري ويس، منهنجو سون ۽ چانديءَ سان ڀريل  ٿيلهو ڇوڪري چورائي ڀڄي ويئي.“ اڳتي هلندي کيس هرڻ مليو. نانيءَ، هرڻ کان پڇيو ته: ”ادا هرڻ، او ادا هرڻ! تو ڪا ڇوڪري ٿيلهو کڻي ويندي ته نه ڏٺي هئي؟“

”هائو ڏٺم، ته سهي پر کيس ڪافي وقت گذري ويو، مون کان، ته سندس صورت ئي وسري وئي آهي.“

”گهوڙا ڙي! ابا ڙي مان مري ويس. منهنجو سون ۽ چانديءَ سان ڀريل ٿيلهو ڇوڪري چورائي هلي وئي.“ ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد کيس ٻير جو وڻ رستي ۾ مليو. ناني نوران کانئس پڇيو ته: ”ادي ٻير! او ڀيڻ ٻير! تو ڪا ڇوڪري ته نه ڏٺي، جنهن کي ٿيلهو هو.“

”هائو پر ان کي ته گهڻو وقت ٿي ويو آهي، اها درياء به ٽپي وئي هوندي!“

 ڪنجوس ناني نوران تيئن وڌيڪ منهن مٿو پٽڻ شروع ڪيو. ”گهوڙا ڙي! ابا ڙي!“ وٺي زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين ته: منهنجو سمورو خزانو لٽجي ويو، مان تباهه ۽ و برباد ٿي ويس، هاءِ ڙي هاءِ! مان نيست نابود ٿي ويس، هاڻي ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، مون سان ته ويل ٿي ويو.“

”گهر وڃي ساري عمر پٽ ۽ رڙيون ڪر“. ٻير جي وڻ آهستي چيو. اهڙيءَ طرح آخر ۾ ناني نوران کي ڪنجوسائپ جي سزا ملي.

 

”گل ڦل“ –آڪٽوبر 1988ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com