سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :5

 

بزرگ جي دعا

سنڌيڪار: اسحاق انصاري

 

”اَئي امان! او امان! ادا کي ڏسُ ته ماري ٿو!“

”ابا ڙي! وار ئِي پٽي ڇڏيائين، جهلينس نه ٿي!“ احمد جي ڀيڻ رڙ ڪندي ماءُ کي چيو.

”ڇڏينس پٽ! ڀيڻ سان به ايترو ٿو وڙهين، نياڻيءَ سان ٿو وڙهين نياڻي ست قرآن اٿئي.“ ماڻس رڌڻي مان ئي فتوا ڏيندي چيو.

”هَلُ! هَلُ وڏي آئي آهي سمجهائڻ واري.“ ائين چوندو گهر مان نڪري ويو ۽ سڄو ڏينهن رولو ڇوڪرن وانگر ٻاهر پيو گهمندو ۽ رات جو به دير سان گهر ايندو.

اچي ڏيئن ٻرڻ جو وقت ٿيو، پر هن مهل تائين احمد ظاهر ئي نه ٿيو آهي، ماڻس سوچيندي چيو.

احمد جي ماءُ جي ذهن ۾ سوين خيال اچڻ لڳا. هن جي ذهن جون دريون سوچن جي دنيا ڏانهن کليل هيون. جڏهن احمد ننڍو هو، ته ڪيئن نه سوچيندي هيم، ته منهنجو پٽ پڙهي وڏو ماڻهو ٿيندو، پر اهي واريءَ جا محل، هوا جي زور تي اچي پٽ تي ڪريا. ڇو ته احمد جي دوستي منور سان ٿي ويئي، جيڪو پاڙي جو تمام خراب ڇوڪرو هو.

صبح ٿيو ته احمد اچي پيءُ ماءُ کي چيو، ته آءُ مڇي مارڻ ويندس. احمد جي  پيءُ ماءُ ڏاڍو سمجهايس، پر هنن ڪنهن کي ليکي ۾ ئي نه آندو ۽ تڪڙو تڪڙو گهر مان نڪري ويو.

مڇي ماريندي ماريندي اتفاق سان احمد جو پير ترڪي ويو ۽ ڌو وڃي شاخ ۾ ڦهڪو ڪيائين، ۽ ٻـــڏڻ لڳو. سندس ذهن جي پردي تي ماءُ پيءُ جا چهرا ڦرڻ لڳا.

”پٽ! ڇو ٿو روئين؟“ احمد ان اوچتي آواز اچڻ تي وائڙو ٿي ويو.

ٿوري دير کان پوءِ احمد ڏٺو، ته هڪ سفيد ريش بزرگ نظر آيو. احمد دڄي ويو. ”نه پٽ نه ڊڄ، مان تو کي ڪو نقصان نه پهچائيندم، پر تُنهنجي مدد ڪرڻ آيو آهيان.“ ائين چئي بزرگ هٿ وڌائي احمد کي شاخ مان ڪڍي ورتو.

احمد دل ٻڌي پوءِ بزرگ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.

بزرگ اها ڳالهه ٻڌي احمد کي سمجهايو، ته ڪِنا ڪم ڇڏي ڏي. پڙهڻ سان شوق رکُ. بزرگ جي سمجهائڻ کان پوءِ احمد وعدو ڪيو، ته هو هاڻي ڪِنا ڪم صفا نه ڪندو.

ان کان پوءِ احمد شوق سان پڙهڻ لڳو. ماءُ جي خواهش کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪرڻ لڳو.

 

”گل ڦل“-مارچ 1977ع

هيري جو قدر

چنديرام جيرامداس ڪلوئي

ڪنهن زماني ۾ مٽي ڍوئيندڙ هڪ غريب ماڻهوءَ وٽ چاليهه پنجاهه گڏهه هوندا هئا. انهن تي هو مٽي ڍوئي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. هڪ ڏينهن هو جيئن ئي ڪم تي وڃي رهيو هو، ته هن مٽيءَ ۾ هڪ پٿر چمڪندي ڏٺو. هن اهو کڻي پنهنجي وڏي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو گڏهه وٺي نديءَ تي آيو، ته هڪ ٻيڙيءَ واري اهو پٿر ڏسي ورتو. هن کي اهو چمڪندڙ پٿر وڻي ويو، ان ڪري شوق ٿيس ۽ گڏهن واري کي چيائين، ته اهو پٿر مون کي ڏئين، ته تنهنجا سڀ گڏهه مفت ۾ درياء جي هن پار وٺي هلندس. گڏهن وارو ويچارو غريب هو. ان اهو سودو سستو سمجهيو ۽ پٿر ٻيڙيءَ واري کي ڏيئي ڇڏيو. جنهن اهو پٿر پنهنجي ٻيڙيءَ جي سڙهه ۾ ٻڌي ڇڏيو. هڪ ڏينهن  هڪ مسافر درياء جي ٻئي طرف وڃڻ لاءِ انهيءَ ساڳيءَ ٻيڙي ۾ اچي سوار ٿيو، جنهن ۾ اهو پٿر رسي ۾ ٻڌل هو. هن سڃاتو ته اهو هيرو آهي. اهو ماڻهو شهر جو وڏو جواهري هو، هن ٻيڙيءَ واري کي ڏهه رپيا ڏئي اهو پٿر خريد ڪيو، ۽ جڏهن دڪان تي موٽي آيو، ته هيري کي سينگاري هڪ سهڻيءَ پيٽيءَ ۾ بند ڪري رکيائين.

 ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ان ملڪ جي بادشاهه کي پنهنجي دوست کي تحفو ڏيڻ لاءِ هڪڙي هيري جي ضرورت ٿي. هن وڏي وزير کي گهرائي حڪم ڏنو. وزير سڌو ان جواهريءَ جي دڪان تي پهتو. جواهريءَ اول ته انڪار ڪيو پر پوءِ کيس چيو ته :”مون وٽ تحفي جهڙو هڪ ئي هيرو آهي، پر مون کي بادشاهه ان جو ملهه نه ڏيندو“.  وزير چيس: ”تون فڪر نه ڪر تو کي مرضيءَ مطابق رقم ملندي“. جواهريءَ پنجاهه هزار رپيا طلب ڪيا. وزير قبول ڪري چيو: ” هيرو کڻي هل.“ جواهري هيري واري پيٽي کڻي بادشاهه وٽ پهتو، پر جڏهن کوليائين، ته هيرو ان ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو هو. جواهريءَ ڏاڍي ڏک سان چيو: ”ڪنهن ٿي سمجهيو، ته اصل هيرو به ائين ڀڄي پوندو.“ اتي هيرو خود ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين :”اي لالچي جواهري! تون ڪو به ڏک نه ڪر، اها ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي، پهرين آءُ مٽيءَ ڍوئڻ واري وٽ هئس، جنهن مون کي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو. ان کان پوءِ ٻيڙيءَ واري مون کي سڙهه واري رسي ۾ ٻڌو. اهي ٻئي پارکو ڪو نه هئا پر تون ته جواهري هئين، توکي ته منهنجي قيمت جي خبر هئي، پر تو مون کي ڏهن روپين ۾ خريد ڪيو ۽ هاڻ تون اصل قيمت وصول ڪري رهيو آهين، منهنجي دل اهو برداشت نه ڪري سگهي، هاڻي منهنجي ڪابه قيمت نه آهي.

 

 

”گل ڦل“- مئي 1976ع

 

خزاني جي هوا

سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪمراني ڪندو هو، جنهن جا هزارين نوڪر چاڪر هوندا هئا. بادشاهه تمام گهڻو عدل ۽ انصاف پسند هو، ۽ سندس رعيت ۾ غريب توڻي امير، امن امان سان زندگي گذاري رهيا هئا. هن بادشاهه جو هڪ خاص وزير به هو، جيڪو تمام گهڻو رحمدل ۽ سمجهدار هو.

بادشاهه سلامت جي رعيت ۾ هڪ عورت مائي ’نوران‘ به رهندي هئي، جنهن جو مڙس گهڻو اڳ گـذاري ويو هو، ۽ کيس صرف هڪ ئي پٽ هو. مڙس جي لاڏاڻي کان پوءِ مائي ’نوران‘ بادشاهه سلامت جي  چڪي خاني ۾ ملازمت ڪندي هئي، ۽ سندس پُٽ، بادشاهه جو چوپايو مال وغيره چاريندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي ايندو هو، بس ائين ئي ٻنهي جو وقت پيو گذرندو هو.

مائي ’نوران‘، جتي جنڊ هلائڻ ويندي هئي، اهو بادشاهه جي محل جي پٺئين پاسي هڪ وڏو چڪي خانو هو، اُتي نوران وانگر ٻيون به بي شمار غريب ۽ بيواهه عورتون جنڊ تي اَنُ پيهڻ وارو پورهيو ڪنديون هيون. هڪ طرف پيٺل اٽي جون ٻوريون ڀري بادشاهه جي محل جي گودام ۾ رکبيون هيون، ته ٻئي طرف ڪڻڪ جا ڍير لڳل هوندا هئا. اهڙي طرح سڄو سال جنڊن تي اٽو پيٺو ويندو هو.

جنڊ تي پورهيو ڪرڻ وارين عورتن جي مٿان نظرداري رکڻ لاءِ هڪ سرڪاري عملدار جي ڊيوٽي هوندي هئي، جنهن کي اهو اختيار هو، ته هو پنهنجي مرضيءَ سان چڪي خاني ۾ ڪابه تبديلي ڪري سگهي. هڪ ڏهاڙي سرڪاري عملدار مائي ’نوران‘ کي سندس هلائيندڙ جنڊ تان بدلي ڪري، ٻيءَ جاءِ تي رکيل جنڊ تي ويهاري ڇڏيو. ويچاري ’نوران‘ اڳي وانگر هينئر به محنت سان ڪم ڪرڻ لڳي، پر هڪ عجب ٿيو، جو اُن ئي جنڊ تي ويهڻ سان ئي پنهنجي ڀر واري جنڊ تي ويٺل هڪ ساهيڙيءَ سان چرين جهڙي ڳالهه ڪري وڌي ته : ”مان ته پنهنجي پٽ جو وهانءَ بادشاهه جي ڌيءُ سان ڪرائينديس.“ اها ڳالهه ٻُڌي سندس ساهيڙيءَ جو مُنهن لهي ويو ۽ يڪدم چئي ڏنائينس ته: ”اَئي نوران تون چري، ته نه ٿي پئي آهين، جو اهڙيون ڳالهيون چرين وانگر پئي ڪرين، ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو تنهنجي پٽ جو وهانءُ بادشاهه جي ڌيءُ سان ٿئي. تون ته بادشاهه جي نوڪرن جي به نوڪرياڻي آهين؟“

”ته ڇا ٿي پيو!“ نوران وڏي فخر سان جواب ڏنو.

ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مائي نوران جي ڳالهه سڀني عورتن ۾ هُــلي وئي ۽ مايون هڪ ٻيءَ کي چوڻ لڳيون ته: ”نوران ته چري ٿي پئي آهي. ۽ سندس اها ڳالهه ته ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي.“

هر هڪ ماڻهو نوران کي سمجهائيندو رهيو ۽ چوندو هو ته نوران تنهنجي ته مت کسي ٿي وئي آهي، تو ته پنهنجو عقل اَنَ سان گڏ جنڊ ۾ پيهي ڇڏيو آهي، جي تنهنجي اها ڳالهه بادشاهه جي ڪنن تي پئي، ته هو توکي ڦاهي ڏياري ڇڏيندو، پر ماڻهن جي اهڙي سمجهاڻين جو نوران جي ضد تي ڪو به فرق نه پيو ۽ هوءَ اڃا به وڏي واڪي اها ڳالهه چوندي رهي.

هڪ ڏينهن ٿيو ائين جو مائي نوران جي هيءَ ڳالهه سچ پچ بادشاهه تائين پهچي وئي. بادشاهه اهڙي ڳالهه ٻڌي تپي باهه ٿي پيو ۽ سخت غصي ۾ اچي خاص وزير کي سڏائي مائي نوران کي ڦاهي ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائين. خاص وزير سمجهدار هو، ۽ بادشاهه جي هر حڪم کي وڏي سمجهداريءَ سان پورو ڪندو هو، جنهن لاءِ ان بادشاهه سلامت کان ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري، ته جيئن جاچ ڪري اصل ڳالهه جي حقيقت معلوم ڪري سگهي، خاص وزير جي زور ڀرڻ تي بادشاهه سلامت مهلت ڏئي ڇڏي.

ٻئي ڏينهن تي وزير خاص ان سموري معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ چڪي خاني ۾ اچي پهتو ۽ چڪي خاني جي انچارج کي طلب ڪري، کانئس پڇا ڪيائين، ته مائي نوران ڪهڙي جنڊ تي ڪم ڪندي آهي، چڪين جي انچارج خاص وزير کي ٻڌايو، ته سائين پهرئين نوران سامهون واري جنڊ تي اَنُ پيهندي هئي، هاڻي ڪجهه ڏينهن کان کيس بدلي ڪري پريان ڀت جي ڀر واري رکيل جنڊ تي ويهاريو ويو آهي.

خاص وزير اُها جاءِ ڏسي يڪدم حڪم ڪيو، ته مائي نوران کي پهرئين واري ئي جنڊ تي ويهاريو وڃي ۽ اڳتي لاءِ ڪڏهن به کيس ٻئي ڪنهن جنڊ تي بدلي نه ڪيو وڃي. خاص وزير جي حڪم جي تعميل ٿي ۽ مائي نوران کي ساڳئي جنڊ تي ويهاريو ويو، جنهن تي نوران خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي.

خاص وزير بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه سلامت پڇا ڪيس، ته وزير صاحب! نوران جي ڳالهه جو ڇا ٿيو؟

 خاص وزير بيهي عرض ڪيو، عالم پناهه ڳالهه اصل هيءَ آهي، ته مائي نوران جي بدلي ڪري، کيس ڀت جي ڀرسان واري جاءِ تي رکيل جنڊ تي ويهاريو ويو هو، جيئن ته اُن جي هيٺان سمورو سرڪاري خزانو پوريل آهي ۽ نوران جي دماغ  ۾ آيل فتور جو سڀ کان وڏو ڪارڻ به اهو ئي هو، جو نوران جي دماغ کي خزاني جي هوا اچي وئي هئي ۽ هو وائڙن وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي، هاڻي جڏهن ته نوران کي بدلي ڪري واپس ساڳئي جنڊ تي ويهاريو ويو آهي، ته اُتي نوران خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ هاڻي ڪابه غلط ڳالهه نٿي ڪري، سندس دماغ هاڻي درست ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ مان منٿ ٿو ڪريان، ته مائي نوران کي معافي ڏئي سندس زندگي بخشي وڃي.

خاص وزير جو بيان ٻڌي بادشاهه سلامت به ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪو هو ۽ نوران جي جان بخشڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

”گل ڦل“ ڊسمبر 1996ع

 

ڪاري

ثريا سوز ڏيپلائي

”ڪاري! ڪاري!“ ٻار گڏجي گُــڏيءَ کي ڇيڙڻ لڳا، ۽ جڏهن گــڏي انهن جي پٺيان ڊوڙي، تڏهن ٻار تاڙيون وڄائيندا، کلندا پري ڀڄڻ لڳا، ۽ پريان بيهي وري به کيس ”ڪاري“ ڪري ڇيڙڻ لڳا.

گُــڏي ويچاري گهڻو ئي ڊوڙي پر اَٺن ٻارن سان ڪٿي ٿي هڪڙي غريب پهچي. ٻيو ڪجهه نه پهتس، ته دَر جي چانئٽ وٽ ويهي روئڻ لڳي. روئڻ جو آواز ٻڌي آءُ ڇرڪي اٿيس، ۽ دريءَ مان هيٺ نهاريم، گُڏيءَ کي روئندو ڏسي ڄڻ هانءُ وڍجي ويم، جي گڏيءَ جو رنگ ڪارو هو، ته ان ۾ سندس ڪهڙو ڏوهه هو؟ خدا جي قدرت هئي، اَٺن ٻارن ۾ صرف سندس ئي رنگ مون تي ويو. ٻيا ٻار اهڙا ته اڇا ۽ گلابي هئا، جهڙا گلاب جا گل! بلڪل پنهنجي پيءُ جهڙا هئا پر ويچاري گُڏي مون وانگر ڪاري.

آءُ لهي هيٺ ويس، ويچاري نياڻي، نون سالن جو ٻار، معصوم، مون کي ڏسي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ”نه روءِ منهنجي مٺي. ڪارا ته پاڻ الله جا پيار هوندا آهن.“ مون کيس ڀاڪر پائي چيو ۽ پوءِ چميون ڏيئي مٿي وٺي آيس. ويچاريءَ کي پيار مليو، ته هنج ۾ سمهي رهي. منهنجي نيڻن ۾ اڄ کان پورا ويهه سال اڳ جو نظارو تري آيو.

منهنجي امڙ جو رنگ به تمام سهڻو ۽ اڇو هو. ٻيا سڀ ڀاءُ ۽ ڀيڻ انهيءَ تي ويا. سهڻا ۽گورا پر آءُ...... بابا وانگر بنهه ڪاري! بابا سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو، ان ڪري سندس بدليون نون نون شهرن ۾ پيون ٿينديون هيون. هر شهر ۾ ماڻهو به نوان نوان ملندا هئا، ۽ بابا جي سٺي پوسٽ ڪري هرڪو آيو ويو ننڍڙا ٻار ڏسي خرچي به ڏيندو هو ۽ پيار به ڪندو هو، پر مون کي اهو پيار ڪڏهن به ڪو نه مليو. ڇو ته ماڻهو مون کي پاڙي جو ٻار سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح اهڙا ڪيترائي موقعا آيا، جڏهن مون کي پنهنجي ڪاري رنگ جو هيڪاري احساس ٿيو.

ننڍي هوندي ته خير ٺهيو، پر جڏهن ڏهن يارهن سالن جي ٿيس، تڏهن اڪثر. مون محسوس ڪيو، ته ٻين ٻارن ۽ خاص ڪري منهنجي وڏي ڀيڻ جي مقابلي ۾ امڙ مون کي ڪمتر ٿي محسوس ڪيو. امڙ جي لاپرواهيءَ جي ڪري ننڍا ڀاءُ ۽ ڀيڻ به مون کي اهميت نه ڏيندا هئا. بابا جو البت ورتاءُ جهڙو ٻين سان سٺو هو، مون سان به اهڙو ئي هو.

ياد ٿو اچيم، ته هڪ ڏينهن بابا هڪ سهڻو گلابي رنگ جو ڪپڙو وٺي آيو. سڀ ڏاڍا خوش ٿيا. ”آءُ پائينديس“ مون چيو هو.

”تون.“ امڙ ٽهڪ ڏيئي چيو. ”تو کي ڪو هيءُ رنگ ٺهندو ڇا؟ هروڀرو ڪپڙي جي سونهن ئي لڪي وڃي.“

امڙ کي منهنجي ڪاري رنگ وانگر آءُ به ڪانه وڻندي هيس نه! اهي لفظ ٻڌي آءُ ته شرمسار ۽ رنجيده ٿي ماٺ ڪيم، پر ٻين ٻارن کي لڳو رونشو، تن ٽهڪ ڏيئي: ”ڪاري ڇوڪري ڪپڙا پائي گلابي.“ جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو نيٺ مون کي روئاري ڇڏيائون، ۽ پوءِ جڏهن بابا کين ڇينڀيو، تڏهن وڃي ماٺ ٿيا.

اهي به ڪي ڏينهن هئا. جيئن سرءُ جي مند ۾ وڻن جا پن هڪ هڪ ٿي ڇڻندا آهن، تيئن ڏينهن گذرندا ويا، هيءُ واقعو به دل تي تري آيو اٿم.حالتن مونکي اهڙو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جو ڪابه ڳالهه سهي ڪانه سگهندي هيس. هڪ ڏينهن الائي ڪهڙي ڳالهه تي وڏي ڀيڻ ڪاوڙجي مون کي چيو  ته : ”هل ڙي هل، آهين به ڏاڍي سهڻي جو ايڏي وڏائي ٿي ڪري.“ اديءَ جو اهو چوڻ، منهنجي سهڻ کان ٻاهر هو. سڀ خوبيون ڪاري رنگ لڪائي ڇڏيون هيون. اصل انهن لفظن مون کي باهه ڪري ڇڏيو، ۽ ..... پوءَ اهو ٿيو جيڪي نه ٿيڻ کپندو هو. شايد!.

’چٽاخ‘ جو آواز ٿيو ۽ اُن سان گڏ اديءَ جو هٿ سندس ڳل تي پهچي ويو، ادي ڪجهه ششدر ٿي چيو ته : ”تو هيءُ ڇا ڪيو ڪِــڪي!“

ڀلا اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. سمجهي ڪري ته ڪو نه هنيو هومانس نه. الائجي ڪيئن غير ارادي طور منهنجو هٿ مٿي ٿيو ۽ اديءَ جي ڳل تائين پهچي ويو، پر پوءِ جڏهن سرت ٿيم، تڏهن متيون مُنجهي ويم، سو وٺي گهر کان ٻاهر ڀڳس ۽ پاڙي ۾ هڪ جيڏيءَ جي گهر وڃي راند ڪرڻ لڳس. سڄو ڏينهن راند ڪندي رهيس ۽ گهر وارا ڳوليندا رهيا، جڏهن سانجهيءَ مهل ڪجهه اوندهه ٿي، تڏهن پير، پير ۾ ڏيئي ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ پيل وهاڻن جي ڍڳ تي وڃي سمهي رهيس. الائجي ڪيڏيءَ مهل ادي وڏي هنڌ کڻڻ آئي، تڏهن پهرين مون کي ڏسي ڇرڪي، پر پوءِ سندس من ۾ رحم جو ڪو جذبو جاڳيو، سو ڪڇي ڪو نه ۽ وڃي ماني کڻي آئي. ماني کائي، آءُ ته اُتي ئي سمهي رهيس، ۽ اديءَ وڏيءَ وڃي گهر جي ڀاتين کي ٻڌايو، ته هاڻي ڪڪيءَ کي ڳولڻ جي ڪا ضرورت ناهي، هوءَ ته کائي، پي سمهي به رهي. ان ڳالهه تي گهر جا ڀاتي ته ٿيا بي اُلڪا، پر مون کي اڃا اُلڪو هو. سو اهو ته اڃا بابا ايندو، اُن کي منهنجي ڪيل بدتميزي ٻڌائي ويندي ۽ پوءِ مار..... مون ايترو اڃا سوچيو مس، ته بابا به اچي ويو، مون کڻي اکيون بند ڪيون ۽ بابا جي مار جو انتظار ڪرڻ لڳس، ته اجها ٿي مار ملي. بابا جي اڳيان ماني رکي، امان ڳالهه شروع ڪئي:

”ڪِــڪيءَ جا افعال ٻڌا اٿئي؟“

”سو ڇا ٿيو. ڪهڙو گناهه ڪيو اٿس؟“ بابا گرهه چٻاڙيندي چيو.

”ڏوهه ته وڏو ڪيو اٿس، وڏي ڀيڻ تي هٿ الاريو اٿس.“

”پر آخر ڇو، پوري ڳالهه ٻڌايو ته خبر پوي.“ بابا ڪنهن جج وانگر چيو. ۽ اديءَ کان واقعي جا تفصيل پڇيائين، اديءَ ٻڌايس: ”بابا، مون الائجي ڪهڙو ڪم چيو مانس، ته جواب ڏيئي ڇڏيائين. مون رڳو ايترو چيو، ته آهين به ڏاڍي سٺي جو ايترو وڏاءُ ٿي ڪرين.“

”ته پوءِ پٽ ڏوهه تُـنهنجو آهي.“ بابا چيو.

”ڇو بابا“؟ ادي حيران ٿي چيو.

”امان تو ڪِــڪيءَ کي ائين چيو ڇو؟ ڀلا ڪڪي ڇا ۾ خراب آهي؟ شڪل کان وڌيڪ اهميت افعالن جي هوندي آهي. سهڻو يا بڇڙو سٺو يا خراب، ته انسان کي ماحول ٿو ڪري، وڏي ڳالهه آهي عزت جي، ۽ عزت هر انسان لهڻي، تون ڪڪيءَ کي پيار ۽ عزت سان چوين ها، ته هوءَ ضرور تنهنجو ڪم ڪري ها. هڪڙي خودار ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ بدران سزا ڏيڻي ڪانهي؟ ڪڪي آهي ڪٿي، ته آءُ شاباس ڏيانس“.

بابا جي هيءَ ڳالهه ٻڌي ادي ۽ امان ته اصل چڙي پيون. مون جو شاباس جي ڳالهه ٻڌي سا اٿي اچي بابا جي ڀرسان بيٺس ۽ چيو هئم:

”بابا ادي پيار سان چوي ها، ته ڪم ڪري ڏيان ها.“

”بلڪل ٺيڪ“. بابا چيو ۽ اديءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو.

”پٽ، شڪل ۽ صورت کي نظر انداز ڪري ٻين جي عزت ڪر، ته تو کي به عزت ملي ۽ ڪم به وٺ، ائين برابر آهي ته ماحول جي ڪري ڪي ماڻهو اهڙا ٿيو وڃن جو گار ۽ مار کائي ڪم ڪن، ۽ ڪي وري اهڙا آهن جي گلن کان به گهائجيو وڃن. اسان جي ڪڪي به  گلن کان ٿي گهائجي غلطي تنهنجي هئي، هاڻ کيس پيار به ڪر ۽ معافي به وٺ.“

پوءِ بابا مون کي ويهي سمجهايو، ته وڏن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ جواب نه ڏيڻ گهرجي، پر پهريائين منهنجو پاسو ورتائين ته آءُ اصل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس، ان ڏينهن بابا مون کي جيڪا خود اعتمادي بخشي، سا منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويئي. سڄي عمر منهنجي رهنمائي به ڪيائين. نتيجي ۾ آءُ خوشگوار زندگي گذاري رهي هيس.

اڄ گُڏيءَ کي ڏسي سوچيان ٿي، ته ڇو نه جئين بابا منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ خود اعتمادي بخشي، تيئن آءُ به گڏي لاءِ ائين ڪريان. مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيئن مون علم حاصل ڪري پنهنجي هستيءَ کي مڃرايو ۽ ٻين جي عزت ڪري مانُ پرايو، تيئن ڪرڻ جو گڏيءَ کي به سبق ڏيندس. مون کي خبر آهي ته: ”اَڀري ڍور تي مڇر به گهڻا ٿيندا آهن.“ پاڻ کي پاڻ ئي گهٽ سمجهبو، ته ٻيا به گهٽ سمجهندا، ڪاري، اڇي جو امتياز ڪڍي ڇڏيو، هر هڪ کي هڪ جهڙو سمجهيو، آءُ اڄ کان ئي عملي طور تي جيڪو پيار ۽ توجهه چاهيندي هيس، سو گُڏيءَ کي ڏينديس ۽ جن ڳالهين تان پاڻ کي ڏک ٿيندو هو، سي ڪڏهن به گُڏيءَ لاءِ ڪنهن کي ڪرڻ نه ڏينديس،

ائين ٿو لڳيم ڄڻ منهنجي اڳيان ويهن سالن واري ڪڪي سمهي پئي آهي. بلڪل ائين آءُ گُڏيءَ جي ڪاري رنگ جي چهري کي چُــمان ٿي.....

اڄ سمجهيو اٿم ته پنهنجي اولاد تي مڪمل توجهه ۽ قرب جا گلڙا اهي ئي وسائين ٿا، جيڪي ننڍپڻ ۾ انهن نعمتن کان محروم رهيا هوندا.

.....بابا به ته رنگ جو ڪارو هوندو هو نه.

.....ته شايد بابا به..... مون وانگر.....

خير ڪجهه به هجي منهنجي حياتي بابا ٺاهي ۽ آءُ گُـــڏيءَ جي ٺاهينديس، مون اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

 ”گل ڦل“-آگسٽ 1979ع

 

ڀنڀوري پَري

اينڊ بريٽن

علي بابا

 گهڻو وقت اڳي جي ڳالهه آهي، انگلينڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو. هن جو سڀ کان وڏو شوق پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائڻ ۽ گڏ ڪرڻ هو. جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي، ته هو پوپٽ ڦاسائڻ جو ڄار کڻي ساين ويڙهين ۽ باغن ڏانهن هليو ويندو هو. سندس اکيون سدائين اهڙن پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي ڳولا پيون ڪنديون هيون، جن کي هن اڳ ڪڏهن به پڪڙيو نه هجي. هو ڪوشش ڪري نوان نوان پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائيندو هو.

هو جڏهن به ڪو نئون پوپٽ يا ڀنڀوري ڦاسائيندو هو، ته اُن کي پهرين هڪ زهريليءَ شيـشيءَ ۾ بند ڪندو هو، ۽ انهيءَ پوپوٽ يا ڀنڀوريءَ کي زهريليءَ شيشيءَ ۾ اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي جو وري ڪڏهن به جاڳ نه ٿيندي هيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ، هو انهن پوپٽن کي شيشيءَ مان ٻاهر ڪڍي سندن پرن کي ڏاڍي غور سان ڏسندو هو. هن کي انهن پوپٽن جي پرن جا رنگ ڏاڍا وڻندا هئا. پوءِ هو انهن کي تصويرن وانگر فريم ۾ وجهي ڀت تي ٽنگي ڇڏيندو هو. سندس وڏي ۽ ويڪري گهر جي ڀتين تي اهڙا سوين فريم ٽنگيل هئا، جن ۾ قسمين قسمين پوپٽ ۽ ڀنڀوريون هيون، جي هو سالن کان ڦاسائيندو آيو هو.

هڪ ڏينهن هو ڄاري کڻي پوپٽ ڦاسائڻ لاءِ تمام پري نڪري ويو. هن کي اَڪ مڪڙ، مورن جي رنگ جهڙا پوپٽ، ڳاڙهيون ۽ هيڊيون ڀنڀوريون ۽ اڇا مڪڙ ڏسڻ ۾ آيا، جي هُن وٽ اڳ ئي کوڙ هئا.

”اڄ صبح ساڻ الائي ڪهڙي منحوس جي منهن چڙهيس!“ هن پاڻمرادو ڳالهايو، پوءِ اوچتو هُن هڪ گل مٿان خوبصورت ڀنڀوري ويٺل ڏٺي. انهيءَ ڀنڀوريءَ جا نيرا پَرَ چانديءَ جهڙا هئا ۽ انهن مٿان سونهن چِٽ هئس، اها عام ڀنڀوري کان وڏي هئي.

”مون ته اهڙي ڀنڀوري اڳي ڪڏهن به ڪانه ڏٺي!“ هن وري عجب مان پاڻمرادو ڳالهايو، پوءِ انهيءَ ڀنڀوري کي ڦاسائڻ لاءِ ڄاري هٿ ۾ کڻي، هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندو، انهيءَ گلن جي ٽاريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ زور سان پنهنجي ڄاري انهيءَ گل مٿان ڦيرائي خاموش گلن مٿان هوا جو سوسٽ ٿيو، ۽ هن انهيءَ خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ڦاسائي ورتو.

ڀنڀوري ڄاريءَ ۾ ڦاسي، سنهڙيون ڪيهون ڪرڻ لڳي. تمام وڏيءَ ڄاري ۾ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ زور لڳائي، ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي پئي هئي. هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا هئا.

پوپٽن جي شڪاريءَ جيئن ئي ڄاريءَ ۾ اندر هٿ وجهي پنهنجيءَ نئين ڦاسايل، خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ٻاهر ڪڍڻ ٿي چاهيو، ته ڀنڀوريءَ هن کي آڱر ۾ زور سان چڪ هنيو. هن هڪدم پنهنجو هٿ ٻاهر ڇڪي ورتو. سندس آڱر مان رت ٽمي رهيو هو، ۽ هو تڪليف کان ڪـِـــنجهي رهيو هو.

انهيءَ ويل وڻن مان هڪ ننڍڙي ڇوڪري نڪري آئي، ۽ حيرت سان انهيءَ ماڻهوءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.

”ڇا ٿيو؟“ ڇوڪريءَ چيو. ”تو ته پاڻ کي زخمي ڪري وڌو آهي!“

”هن ڀنڀوري مون کي چَڪُ هنيو آهي.“ همراهه وراڻيو.

”پر ڀنڀوريون ته چڪ نه پائينديون آهن.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چيو، ”انهن کي ڏند ۽ ڏنگ نه هوندو آهي. هنن کي رڳو زبان جهڙي ڪا شيءِ ٿيندي آهي، جنهن سان هو گلن مان رَسُ چوسي ڪڍنديون آهن.“

”ڇوڪري، مهرباني ڪري مون کي ڀنڀورين جي باري ۾ ڪجهه ته ٻڌاءِ“ انهي همراهه تڪليف کان ڇوڪريءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو، ”منهنجي سڄي ڄمار پوپٽ ۽ ڀنڀوريون گڏ ڪندي گذري آهي“ ۽ هيءَ پهرين ڀنڀوري آهي، جنهن مون کي چَــڪ پاتو آهي!“

ننڍڙي ڇوڪريءَ نوڙي ڏٺو، ته ڀنڀوري پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وس ڪري رهي هئي ۽ سنهڙي آواز سان ڪيهون ڪري رهي هئي!“ مون کي ٻاهر ڪڍو! مون کي بچايو..... مون کي بچايو.....!“

”يا خدا! هيءُ ڇا آهي؟“

”ڀنڀوري ته ڳالهائي پئي! ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ حيرت مان دانهن ڪئي. ”مون آواز ٻڌو آهي.... صاف صاف مون آواز ٻڌو آهي!“

”بيوقوف نه ٿيءُ.“ شڪاريءَ چيو.

”ڪجهه پوپوٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسجڻ کان پوءِ دانهون ڪندا آهن.“

”پر هيءَ ته ڳالهائي ٿي!“ ننڍڙي ڇوڪري ٻيهر نوڙي ڄاريءَ ۾ نهارڻ لڳي، ته سندس وات مان دانهن نڪري وئي: ”تو پري ڦاسائي آهي! هيءَ ڀنڀوري نه، پري آهي!“

”جنن ۽ پرين جهڙي دنيا ۾ ڪا به شيءَ ڪانهي.“ شڪاريءَ چيو. ”تون سچ پچ هڪ ننڍڙي بيوقوف ڇوڪري آهين. تون ان کي پري چئه يا ڇا به، پر جنن پرين ۾ منهنجو ويساهه نه آهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن تي ويساهه ايندو.“

”عجب آهي! تون هن ۾ نهارڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو چئين، ته هيءَ پري ناهي؟“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڪهڪاءَ مان چيو: ”هن ۾ غور سان ڏس! هيءَ ڀنڀوري نه پري آهي. جيئري جاڳندي، خوبصورت پري! مهرباني ڪري هن کي ڇڏي ڏي!“

”نه، آءُ هن کي ڪو نه ڇڏيندس.“ ننڍڙي ڇوڪري خوف کان دهلجي وئي هئي. ”نه نه.... تون هڪ پريءَ کي نه ماريندين. پوپٽ ۽ ڀنڀوريون مارڻ ئي وڏي خراب ڳالهه آهي، پر پريءَ کي مارڻ ته وڏو ظلم ۽ پاپ ٿيندو. آءُ هن کي آزاد ٿي ڪري ڇڏيان!“

شڪاريءَ هڪدم ڄاري ڇوڪريءَ جي هٿن مان ڦري ورتي ۽ ان جي اندر هٿ وجهي، ڀنڀوري پريءَ کي ٻاهر ڪڍيو، ۽ پوءِ هن زهريلي شيشيءَ جو ڍڪ کولي، پريءَ کي شيشيءَ اندر بند، زهريلي هوا ۾ ساهه کڻي گهوماٽيون کائي رهي هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئڻ لڳي هئي. ڀلا روئڻ کان سواءِ هوءَ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي؟

ان ماڻهوءَ  پنهنجي پوپٽن پڪڙڻ واري ڄاري سيڙهي ڪڇ ۾ ڪئي، ۽ ٿيلهو کڻي، ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ کان سواءِ، پنهنجي منهن وڃڻ لڳو.

”مون کي هن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي، الائجي هن ويچاريءَ غريب ننڍڙيءَ پريءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو!“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو ۽ هن ائين ئي ڪيو. هوءَ وڻن ٽڻن مان لڪندي ڇپندي، انهيءَ ماڻهو پٺيان هلندي رهي.

ٿوري ئي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اهو ماڻهو هڪ وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ليٽي پيو، ۽ جلد ئي کيس ننڊ کڻي وئي.

هاڻي مون کي فائدو وٺڻ کپي، ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو، ۽ هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندي، انهيءَ جاءِ تي پهتي، جتي اُن ماڻهوءَ زهريلي شيشي رکي هئي. هوءَ جلدي اُها شيشي کڻي اُتان کسڪي وئي، ۽ شيشيءَ جو ڍڪڻ کولي ڇڏيائين.

ويچاري غريب پريءَ شيشيءَ اندر موت جهڙي ننڊ ستل هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري ڏاڍي ڊڄي رهي هئي.

”شايد هاڻي هيءَ ڪڏهن به سجاڳ نه ٿئي!“ هن دل ۾ سوچيو.

”مون کي گهرجي، ته مان هن کي اڪ جي پنن جي ڇانوَ هيٺ سمهاريان، ۽ کيس نم جي پنن سان وڃڻو هڻان.“ هن ائين ڪيو. پوءِ اوچتو هوءَ خوشيءَ وچان جهڪي پئي. هن ڏٺو ته ننڍڙي پري هوريان هوريان وڏا وڏا ساهه کڻي، اکيون پٽيون  خوبصورت نيرن پرن ۾ چُــرپُــر پيدا ٿي ويس.

”آءُ پاڻ کي بيمار پئي محسوس ڪريان.“

”تنهنجي مٿان ماڪ ڦڙو آهي، اُهو پي ڇڏ.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڏاڍي شانائتي انداز سان چيو. ننڍڙي پري لئيءَ جي ڦونڌن ۾ موتيءَ وانگر جرڪندڙ ماڪ ڦڙو پي، پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي فرحت محسوس ڪئي، ۽ اڏامي اچي ننڍڙي ڇوڪري جي هٿ تي ويٺي.

”تون انهيءَ خوفناڪ ماڻهوءَ کان مون کي بچايو آهي. ها نه؟“ پريءَ چيو ”تون ڏاڍي سٻاجهڙي ۽ پياري ڇوڪري آهين. آءُ تنهنجون ٽي خواهشون پوريون ڪنديس. جڏهن به تون ضرورت محسوس ڪندينءَ تنهنجون ٽيئي خواهشون پوريون ٿينديون، اهو منهنجو توسان وچن آهي.“

۽ پوءِ هوءَ پنهنجي خوبصورت پَرن سان اڏامندي، غائب ٿي ويئي.

ننڍڙي، ڇوڪريءَ ان ماڻهوءَ ۾ نهاريو، جيڪو اڃا تائين گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. ڇوڪريءَ ڏٺو، ته ان ماڻهوءَ جي واسڪوٽ جي کيسي ۾ سوني گهڙي زنجيريءَ سان ٻڌل هئي. ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي ڀوڳ سُجهي آيو ۽ هن اها ٽڪ- ٽڪ ڪندڙ گهڙي انهيءَ ماڻهو جي کيسي مان ڪڍي، سندس زهريليءَ شيشي ۾ وجهي شيشي جو ڍڪڻ بند ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ سوچيو، ان وقت هن کي ڪيڏي نه حيرت لڳندي، جڏهن هن کي خبر پوندي، ته سندس خوبصورت ڀنڀوري گم آهي! شيشيءَ ۾ پنهنجي گهڙي ڏسي ڪيئن نه وات ڦاٽي ويندس! ان ويل هن ڀنڀوريون ڦاسائيندڙ ظالم ماڻهوءَ جو منهن ڪهڙو نه ڀوائتو ٿي ويندو!“ اها ڳالهه سوچي ننڍڙي ڇوڪري، ٽهڪ ڏيندي خوش ٿيندي، پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙندي هلي وئي.

 

”گل ڦل“ ڊسمبر 1993ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com