سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سچي محبت

باب: --

صفحو :6

باب ٻٽيهون

”ڪئٿرائن“ ۽ ”هنرئيٽا“ جي گفتگو

  جنهن ڏينهن ”فرڊننڊ“ کي شڪار لڳو، انهيءَ ڏينهن ”هنرئيٽا“ ۽ ”مس گرئنڊيسن“ کي ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ عجائبخانو گهمائڻ وٺي ويا. ”فرڊننڊ“ جي نه اچڻ تي سڀني کي ارمان ٿيو - خاص ڪري ”هنرئيٽا“ کي، جنهن سمجهيو ٿي ته هو ويچارو پنهنجي قرض جي ڳڻتيءَ ۾ هوندو ۽ ٻيا به ڏک هوندس. گهمندي گهمندي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ مس گرئنڊيسن“ سان ”فرڊننڊ“ جي ڳالهه چوري ته اڪثر هو ناخوش ٿو رهي ۽ اڪيلو گذارڻ ٿو گهري. چوڻ لڳو ته ”ڇو نه اسين ڪوشش ڪري هن کي خوش رکون؟ مس گرئنڊيسن ۽ مس ٽيمپل جهڙين سنگتياڻين هوندي، ڪو به سبب ڪونهي ته ڇو نه هو خوش رهي سگهي“. ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”مس ٽيمپل کي ڪو فرڊ ننڊ جي سنگتياڻي چئي سگهبو؟“ هن چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته هو پاڻ ۾ گهاٽا سنگتي آهن“. ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”شايد تنهنجي معرفت ائين ٿيو هوندو، نه ته هونئن ڪالهه ئي پهريون دفعو هو پاڻ ۾ گڏيا هئا“. ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”ته نه، هو پاڻ کان گهڻو اڳي هڪٻئي جا واقف هئا. خبر نه اٿئي ته هڪٻئي جا پاڙيسري هئا! آرمن ۽ ڊوسيءَ جي وچ ۾ ڪو پنڌ آهي؟“ انهيءَ تي ”ڪئٿرائن“ کي البت حيراني لڳي، جو اڳئين ڏينهن هو ٻئي هڪٻئي کان پري ٿي رهيا ۽ اهڙو گستاخ نٿي ڏٺا ۽ نڪو ٻيو شڪ پيس، جو اهڙي ڳالهه ڪندي ”لارڊ مانٽفرڊ“ کي ريس يا ڪاوڙ ڪانه ٿي ڏٺي.

عجائبخاني ڏسڻ کان پوءِ مڙس ماڻهو ٻاهر پنهنجي ڪم ويا ۽ ٻئي ليڊيون گڏجي ”مس گرئنڊيسن“ جي گهر آيون، جو گڏجي اتي ماني کائڻ جو ٺهراءُ ڪيو هئائون. ”مس گرئنڊيسن“ ”هنرئيٽا“ کي پنهنجون شيون گهمائي ڏيکاريون ۽ ڪي ڪتاب به ڏيکاريائينس. هڪڙي ڪتاب جي خاص تعريف ڪيائين ۽ چيائين ته ”اها هڪڙي محبت جي ڳالهه آهي ۽ لکڻ واري تمام چڱيءَ عبارت ۾ ۽ دلسوزيءَ مان لکيو آهي“. تنهن تي ”هنرئيٽا“ چيو ته ”آءٌ محبت جي ڳالهين وارا ڪتاب پڙهندي ئي ناهيان، مون کي وڻن ڪين“. هن چيو ته ”مون کي ڏاڍا وڻندا آهن، بشرطيڪ اخلاقي نظر تي بڇڙا نه هجن ۽ دل تي چڱو اثر ڪن“. ”هنرئيٽا“ چيو ته ”پياري ڪئٿرائن، تون شايد نرم دل ٿي ڏسجين“. هن چيو ته ”تون ڪيئن آهين؟“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”آءٌ سختدل آهيان... مون جهڙو سنگدل ڪو ٿورو هوندو!“ ”ڪئٿرائن“ کلي چيو ته ”ڌيان ڪر، متان لارڊ مانٽفرڊ ٻڌي! هن کي اها ڳالهه نه وڻندي“. هن چيو ته ”انهيءَ کي اڳي ئي خبر آهي. اسين پاڻ ۾ اهڙي محبت واري گستاخي رکون ئي ڪانه“. ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”انهيءَ هوندي به تون هن کي چاهين ٿي؟“ هن چيو ته ”تمام گهڻو - آءٌ هن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندي آهيان، جنهن جو هو هر طرح لائق آهي“. ”مس گرئنڊيسن“ چيو ته ”شايد آءٌ غلط هونديس، پر جي آءٌ مڙس هجان ها، ته جنهن زال سان آءٌ محبت ۾ ڦاٿل هجان ها، تنهن کي جيڪر محبت جي بدران فقط تعظيم ڏيندي ۽ ادب رکندي پسند نه ڪريان ها!“ هن چيو ته ”پياري ڪيٽ، محبت رڳو هڪڙو خواب آهي - هميشه جي خوشي تعظيم ۽ ادب تي منحصر آهي - هن ۾ ڪو به جٽاءُ ڪونهي“. ”ڪئٿرائن“ پڇيو ته ”اها توکي ڪيئن خبر پيئي، جي تون پاڻ ڪڏهن محبت ۾ نه ڦاٿي آهين؟“ هن چيو ته ”مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي“. تنهن تي ڪئٿرائن کلي چيو ته ”اڳهڻو تو چيو ته آءٌ اهڙا ڪتاب پڙهندي ئي ناهيان! منهنجي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجي ماروٽ کي اها ڳالهه ٻڌايان ۽ ننڊ مان جاڳايانس“. هن چيو ته ”جي توکي پنهنجي ماروٽ سان ايتري محبت آهي، ته ڇو نٿي تون ساڻس شادي ڪرين؟ ٺهي ته ائين ته اوهين ٻئي پرڻجو!“ ڪئٿرائن چيو ته ”توکي منهنجي ۽ فرڊ ننڊ جي دل جي خبر ڪانهي: فرڊ ننڊ مون سان ڪڏهن به شادي ڪرڻ نه گهرندو، نڪي آءٌ هن سان شادي ڪرڻ گهرنديس“. هن ورندي ڏني ته ”ڇو نه؟“ هن چيو ته ”ڇالاءِ جو اسين شاديءَ کان پوءِ جيڪر خوش نه گذاريون. منهنجي فرڊ ننڊ سان محبت آهي ۽ ڪنهن وقت ۾ ساڻس شادي به ڪريان ها، پر انهيءَ هوندي به مون خيال ڪري ڏٺو ته شادي نه ڪرڻ بهتر آهي ۽ اميد اٿم ته اڃا به اها حالت هن جي لاءِ بهتر هوندي. هو مون کي هينئر ڀاءُ وانگي آهي. فرڊ ننڊ پاڻ ڏاڍي شوق ۽ چالاڪيءَ ۽ ٺاهه ٺوهه وارو آهي، آءٌ سادي هلت واري، ٿور - ڳالهائي ۽ ماٺيڻي آهيان - اسين هڪٻئي جا بلڪل لائق ناهيون. هن کي به ڪا شوق ۽ چالاڪيءَ ۽ کرائيءَ واري زال گهرجي... جهڙي، هنرئيٽا، تون آهين! تون بيشڪ سندس لائق آهين - ڏاڍي ساڻس ٺهندينءَ! مون کي وڌيڪ سمجهه ۽ عقل واري ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ گهرجي - اهڙو، جنهن جي صلاح تي آءٌ هلي سگهان ۽ جنهن جي راءِ منهنجي راءِ جهڙي هجي - فرڊ ننڊ انهيءَ ڊول جو ناهي“. ”هنرئيٽا“ جواب ڪونه ڏنو، ماٺ کڻي ڪيائين.

ذري کان پوءِ ”مس گرئنڊيسن“ وري پڇيس ته ”ڪالهه اوهين پاڻ ۾ گڏيؤ، تنهن کان اڳي تون فرڊننڊ جي واقف هئينءَ ڪيئن“ هن چيو ته ”هائو“. ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته هن جي ماءٌ پيءُ سان اڳي وَقف نه هئينءَ، رڳو مسٽر گلئسٽن بيريءَ سان واقف هئينءَ“. هن چيو ته ”ائين برابر آهي. فرڊ ننڊ اسان جي حد ۾ شڪار ڪرڻ آيو هو، تنهن سان اتي واقف ٿيس ۽ ٻئي ڀيري آءٌ آرمن جي قلعي ۾ تصويرون ڏسڻ ويئي هيس، اتي مسٽر گلئسٽن بيريءَ سان واقف ٿيس“. پوءِ وري ٻئي ”آرمن“ جي تعريف ڪرڻ لڳيون ۽ پڇاڙيءَ ۾ ”ڪئٿرائن“ کلي چيو ته، ”اها ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي ته جن ڏينهن ۾ فرڊ ننڊ آرمن ۾ بيمار پيو هو، تن ساڳين ڏينهن ۾ تون اٽليءَ ۾ بيمار پيئي هئين!“ انهيءَ تي ”مس ٽيمپل“ البت دل جو مونجهارو ڏيکاريو. ”مس گرئنڊيسن“ وري به کلي چيس ته ”هنرئيٽا“ مون سڄو ڳجهه معلوم ڪيو آهي... تون ئي آهين، جنهن سان منهنجو ماروٽ محبت ۾ ڦاٿل آهي!“

 

------

باب ٽيٽيهون

”فرڊننڊ“ ۽ مسٽر ”بانڊ شارپ“

جڏهن ”فرڊننڊ“ مسٽر ”بانڊ شارپ“ وٽ ماني کائڻ ويو، تڏهن هن سندس ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ جي ٻه ٻيا مهمان به اتي حاضر هئا، انهن سان به معرفت ڪرايائينس. هڪڙو هو آئرلنڊ جو ”لارڊ ڪئسل فش“ ۽ ٻيو هو هڪڙو دولتمند نامعلوم شخص، جنهن جو نالو هو مسٽر ”بلنڊ فرڊ“ - ٻئي عيشي جيئڙا ٿي ڏٺا ۽ چڱيءَ طبيعت وارا ۽ خوش مزاج هئا. سگهو ئي ٽي ٻيا به آيا - هڪڙو هو ”ڪائونٽ مرابيل“ ۽ ٻه سندس سنگتي. مانيءَ تي ٿي اٿيا، ته ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“ به اچي پهتو. ”ڪئپٽن آرمن“ جي ”ڪائونٽ“ سان معرفت ڪرائي ويئي ۽ انهيءَ کي هو ڏاڍو وڻيو. ماني کائڻ مهل به هڪٻئي جي پاسي ۾ ويٺا. کانو تمام عمدو هو، ڇالاءِ جو مسٽر ”بانڊ شارپ“ گهڻو خرچ ڪري استاد بورچي گهرائيندو هو، تنهنڪري مهمانن انهيءَ جي ڏاڍي تعريف ڪئي. پوءِ قيمتي ۽ عمدو شراب پيتائون ۽ پوءِ خوبصورت زالن جو ذڪر ڇيڙيائون. لنڊن جي شهر ۾ اهڙي ڪا مشهور حسين نازنين سکر يا نِکر ڪانه ڇڏيائون، جنهن جي بابت هڪڙي نه ٻي راءِ نه ڏنائون. زالن جي وصفن ۽ گڻن ۽ خيالن ۽ عادتن ۽ عيبن تي بحث ڪيائون. ٻين سڀني واري سان پئي ڳالهايو، مگر ”ڪئپٽن آرمن“ موڙهو ماٺ ڪيو ويٺو هو، رڳو ”ڪائونٽ“ سان ٻه ٽي اکر ڪڏهن ڪڏهن ٿي ڳالهايائين، پر اهي به ڏاڍا پسنديءَ جهڙا هئا. انهيءَ ڪري ۽ سندس خوبصورتيءَ ڪري، سڀني کي هو پسند ٿي آيو. جيڪي هنن پئي کليو ۽ ڳالهايو، انهيءَ مان ظاهر هو ته هو دولتمند به هئا. پر خرچائو ۽ جواري ۽ عيش عشرت ڪندڙ به هئا. سڀني کان وڌيڪ خوش طبع ۽ خوش دل ”ڪائونٽ مرابيل هو ۽ سڀني اها ساک ڀري ته ڪهڙيون به مصيبتون يا شڪستون ٿي آيون، ته به هو انهن ۾ هميشه خوش ٿي رهيو.

جڏهن ماني کائي ۽ شراب ۽ ڪافي پي سڀ مهمان موڪلائڻ لڳا، تڏهن ”ڪائونٽ مرابيل“ ”فرڊ ننڊ“ کي چيو ته ”اسان سان گڏجي هل“. هن وڃڻ قبول ڪيو. سگهو ئي مسٽر ”بانڊ شارپ“ سميت سڀئي گاڏين تي چڙهي نڪتا ۽ هڪڙيءَ وڏي عمارت جي اڳيان اچي بيٺا، جنهن ۾ نهايت گهڻي روشني هئي ۽ عجيب عجيب پردا آيل هئا. ”ڪائونٽ“ چيس ته ”ڪئپٽن آرمن،“ اچ ته توکي هن ڪلب جو ميمبر ڪريون!“

پوءِ هو اندر لنگهي ويا. مزي مزي جا ڪمرا عمدي سامان سان سينگاريل هئا. ڪي سندن دوست اڳي ئي اُتي ويٺل هئا. سگهو ئي، ٻه ٻه ٽي ٽي ٿي، پتن ۽ ٻين راندين تي، جدا جدا جاين ۽ ڪمرن ۾ ويهي ويا.

اُتي هنن ”فرڊ ننڊ“ جي ”لارڊ فٽز وارن“ سان معرفت ڪرائي، جنهن سان هو ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ٿورو ٿورو ڪري گڏ ٿيل ماڻهو ڇِڊا ٿيڻ لڳا - ڪي ڪيڏي ويا، ڪي ڪيڏي. مسٽر ”بانڊ شارپ“ هاڻ اچي ”فرڊ ننڊ“ کي ويجهو ٿيو، تنهنڪري ”لارڊ فٽز وارن“ کي به نڪري وڃڻ جو موقعو مليو. مسٽر ”بانڊ شارپ“ ”فرڊ ننڊ“ کي راند ۾ شامل ٿيڻ لاءِ صلاح ڪئي، پر هن چيو ته ”آءٌ پيسن تي راند اصل ڪين ڪندو آهيان“. تنهن تي هن سندس تعريف ڪئي، پر ايترو ٻڌايائينس ته ”مون جا هيتري دولت گڏ ڪئي آهي، سا انهيءَ رستي سان“. پوءِ پيسي جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته ”پيسو گڏ ڪرڻ سولو آهي، پر انهيءَ کي سنڀالڻ مشڪل آهي“. تنهن تي ”فرڊ ننڊ“ چيس ته ”پنهنجي آزمودي سان چوان ٿو ته اوهين اهڙا دست ڪشادا ۽ سخي آهيو، جو مون کي حيرت آهي ته اوهان وٽ پيسو ڪيئن گڏ ٿي سگهندو هوندو!“ هن چيو ته ”مون کي تجويز آهي: جن ڌنڌن سان آءٌ پيسو گڏ ڪريان ٿو، سي اڪثر ماڻهن کي پسند نٿا اچن، پر آءٌ انهن جي خرچ ڪرڻ ۾ اهڙي اٽڪل ٿو هلايان، جنهنڪري نيٺ ماڻهو به مون کي پسند ڪندا ۽ پيسو به گم ٿي ڪين ويندو. مثال، هن ڪلب ۾ جيڪي ماڻهو اوهين ڏسو ٿا، انهن مان هڪڙو به ڪونهي جو منهنجو غلام ناهي. هنن ۾ ”لارڊ“ ۽ ”ڪائونٽ“ ۽ ٻيا وڏا وڏا ماڻهو آهن - اهي سڀ مون کي پنهنجو مـَـٽ ٿا ڄاڻن، مون وٽ اچي ماني کائين ٿا، آءٌ هنن وٽ ماني کان ٿو، سڀ مون کي پسند ٿا ڪن ۽ منهنجي خوشامد ٿا ڪن - جيتوڻيڪ اها خاطري اٿم ته جي سڀاڻي کڻي کُٽي پوان، ته جيڪر سڀ ڀڄي وڃن. مگر انهن ۾ هڪڙو ڪائونٽ مرابيل آهي، جنهن جي مون سان سچي پچي همدردي آهي. هو اصل نسل جي پرواهه ڪانه ڪندو آهي، رڳو چالاڪيءَ ۽ قابليت ۽ طبيعت تي نظر اٿس. سو ڪئپٽن آرمن، ههڙي ڌنڌي ۾ عيب ڪونهي، بشرطيڪ انهيءَ مان خلق کي فائدو رسي“.

 

باب چوٽيهون

”فرڊننڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ جي محبت جي زيادهه صفائي

”مس گرئنڊيسن“ جيڪو ڳجهه معلوم ڪيو هو، سو هو ته ”فرڊننڊ“ جي سچي محبت ”هنرئيٽا ٽيمپل“ سان آهي ۽ اهو ڳجهه هو بردباريءَ ۽ عالي دماغيءَ سان دل ۾ سانڍڻ لڳي. هوءَ جهڙو پنهنجي ماروٽ جي، تهڙو ”هنرئيٽا“ جي، تهڙو آرمن جي خاندان جي، سچي خير خواهه هئي ۽ سندس مرضي هئي ته في الحال ڀلي ”هنرئيٽا“ سندس ماروٽ کي اڳي وانگي چاهيندي اچي. اها خبرداري رکندي آئي ته غلط فهميءَ ڪري ڪو نقصان نه پهچي، يا ڪو خراب نتيجو نه نڪري.

ٻئي ڏينهن هوءَ جڏهن ”لارڊ مانٽفرڊ“ کي گڏي، تڏهن ڳالهين ڪندي، هن کي چيائين ته ”ڪالهه مون کي ڏاڍي حيراني لڳي، جو معلوم ٿيم ته فرڊننڊ ۽ هنرئيٽا پاڻ ۾ جهونا واقف هئا، پر وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها ته هو هاڻ انهيءَ کان پري پيو ڀڄي ۽ پاسو پيو ڪري!“ هن چيو ته ”اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته مس گرئنڊيسن جهڙيءَ ماروٽ کان به هو ٽٺو وتي!“

هن چيو ته ”پيارا ”لارڊ مانٽفرڊ“ حقيقت جي ڳالهه هيءَ آهي ته فرڊننڊ جي پيءُ - ماءُ کي اميد آهي ته فرڊ ننڊ مون سان شادي ڪندو، پر نڪو هن کي اهڙو ارادو آهي، نڪو مون کي“. هن چيو ته ”مون کي اڳي ئي اهڙو شڪ آهي، پر ماڻهو اها ڳالهه معلوم ڪري عجب ۾ پوندا.... پر اوهان کي ڇو اهڙو ارادو ڪونهي؟“ ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”جن ماڻهن جي دل هوندي ٻئي شخص سان، انهن جي شاديءَ ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي“. هن چيو ته ”اهو برابر آهي ۽ فرڊننڊ جي ڳالهه ته ٺهي، پر توسان اها ڳالهه ڪيئن ٿي لاڳو ٿي سگهي؟“ ”ڪئٿرائن“، شرمائجي، کلي، چيو ته ”اهڙو سوال وجهڻ مناسب نه هو، پر اها بيشڪ عجب جي ڳالهه آهي ته آرمن ۽ اوهان جي خاندان وارا، جي اڳي پاڻ ۾ اصل واقف ڪين هئا، سي ٿورن ڏينهن کان پاڻ ۾ ڪهڙا نه گهرا ٿي گڏجي ويا آهن!“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته مس گرئڊيسن انهيءَ جو سبب اهو آهي ته تون هڪڙو ملائڪ جهڙو انسان آهين!“ هن چيو ته ”هاڻ تون به منهنجي خوشامد ڪرڻ لڳو آهين؟ ”لارڊ مانٽفرڊي“ چيو ته ”آءٌ خوشامد نٿو ڪريان: جي هنرئيٽا ۾ گهڻيون وصفون ۽ گهڻا گڻ آهن، ته منهنجيءَ راءِ ۾ تون به انهيءَ کان گهٽ ناهين“. هن چيو ته ”تڏهن تون هن جي محبت ۾ ڦاٿل آهين!“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”جيڪي هنرئيٽا سان واقف هوندا، سي هن کي محبت ڪندا ۽ هميشه ائين چاهيندا ته شل هوءَ هميشه خوش رهي ۽ ائين رهڻ لاءِ هن کي مدد ڪندا“. هن چيو ته “ائين برابر آهي ۽ منهنجي به اها ئي خواهش آهي. هو ٻئي بيماريءَ کان پوءِ بهتر طبيعت ۾ آهن، پر جهڙي طبيعت هنن جي اڳي هئي، اهڙي اڃا به نه ٿي اٿن“.

اتي ”ڊچيس“ ۽ ”هنرئيٽا“ اچي نڪتيون ۽ اڳي ئي ڪيل ٺهراءَ موجب سڀ گڏجي گاڏيءَ ۾ چڙهي گهمڻ ويا.

*      *     *

انهيءَ وچ ۾ ”فرڊ ننڊ“ گذرئي ڏينهن جي ڳالهين تي گهر ويٺي پئي ويچار ڪيو، ته ”ڪائونٽ مرابيل“ وٽس لگنهي آيو. اهڙو خوش پئي ڏٺو، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر، ڪنهن به قسم جو فڪر ڪونه ٿي ڏٺس. هن کي ڏسي ”فرڊننڊ“ ڏاڍو خوش ٿيو، جو هن جي صحبت ۾ هن کي پنهنجون ڳڻتيون وسري ٿي وييون. پهريائين ته هو پاڻ ۾ پنهنجن ڪلب وارن سنگتين، مسٽر ”بانڊ شارپ“ ۽ ٻين، جي طبيعت ۽ هلت چلت وغيرهه بابت ذڪر ڪرڻ لڳا، پوءِ ”ڪائونٽ“ چيس ته “مون کي آزمودو آهي، ماڻهن جي منهن مان سندن طبعيت ۽ دل جي حالت معلوم ڪندو آهيان آءٌ ڀانيان ٿو ته تون ڪنهن سان محبت ۾ ڦاٿل آهين، ڇا لاءِ جو ڪالهه جڏهن خوبصورت زالن جو گفتگو پئي هليو، تڏهن تنهنجي شڪل ڦري ويئي هئي“ هي ٻڌي، ”فرڊننڊ“ جي شڪل وري به ڦرڻ لڳي. نيٺ چوڻ لڳو ته ”ڪائونٽ، تون ڏاڍو هوشيار ماڻهو آهين!“ هن چيو ته ”برابر آهيان. تون هميشه ملول خفقان ۾ پيو گذاريندو آهين. آءٌ اڳتي تنهنجو سنگتي ٿيندس ۽ تنهنجي انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪندس. هاڻ اٿي سنبر ته هلون. رچمنڊ ۾ هلي، اتي ماني کائينداسين ۽ شراب پيئنداسين... اُٿي، اُٿي!“

هن جي هـُـشيءَ تي نيٺ ”فرڊننڊ“ به تيار ٿيو ۽ ٻئي گاڏيءَ ۾ ويهي روانا ٿيا ۽ وڃي ”رچمنڊ“ ۾ پهتا. ”ڪائونٽ“ هن کي مزي مزي جون ڳالهيون ٻڌائي گهڻو خوش ڪيو. هن جي صحبت جو اثر هن ۾ به پيدا ٿيو: پوءِ وڃي هڪڙيءَ هوٽل ۾ ماني کاڌائون. اتان وري نڪتا، سو ويا سرڪاري باغ ۾ هوا کائڻ. اتي ”ڊچيس“ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي منهن پئجي وين. ”فرڊننڊ“ گهڻو ئي ڀانيو ته نٽايان، پر لاچار هنن کي ملڻو ٿيس. هن پنهنجي سنگتيءَ ”ڪائونٽ“ جي به هنن سان معرفت ڪرائي. ليڊيون ته اهڙي ماڻهوءَ کي ڏسي ڏاڍيون خوش ٿيون، جو اڳي ئي هن جي خوش مزاجيءَ جي تعريف ٻڌي هئائون، ٻيو وري هن نيون نيون ٻوليون ٻڌاين، تنهنڪري هو ڏاڍيون خوش ٿيون. ڳچ وقت تائين گڏ گهمڻ کان پوءِ، ”ڊچيس“ هنن ٻنهي کي وٽس ماني کائڻ جي لاءِ دعوت ڏني. ”فرڊ ننڊ“ ڀانيو ته ڪو عذر ڏيان، پر انهيءَ کان اڳي ”ڪائونٽ“ اها دعوت قبول ڪئي ۽ اچڻ جو انجام ڪيائين.

پوءِ سڀ، گهمي، سڌا ويا ”ڊچيس“ جي گهر، جتي ماني تيار هئي. مانيءَ تي ويهڻ مهل ”فرڊننڊ“ جي مرضي هئي ته ”مس گرئنڊيسن“ جي ڀرسان ويهي، پر هوءَ ڄاڻي ٻجهي وڃي، ”ڊچيس“ جي پاسي ۾ ويٺي ۽ هن کي لاچار ”مس ٽيمپل“ جي پاسي ۾ ويهڻو پيو، جا ”لارڊ مانٽفرڊ“ کان هينئر پري ٿي. ماني کائيندي ”ڪائونٽ“ سڀني کي پنهنجن چرچن سان خوب کلايو. سڀئي واري سان گفتگو ۾ شامل پئي ٿيا، فقط ”فرڊننڊ“ ئي هو جو ماٺ ڪيو ويٺو هو.

نيٺ ”مس ٽيمپل“ ”فرڊننڊ“ کي زور ڪري ڳالهارايو. چيئينس ته ”ڪائونٽ مرابل ڪهڙو نه مزي جهڙو ماڻهو آهي!“ هن ورندي ڏني ته ”مون کي هن جي خوش مزاجيءَ تي ريس ٿي اچي: آءٌ به جي اهڙو خوش هجان، ته ڪهڙو نه چڱو!“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”پوءِ ڇو نٿو ٿين؟“ هن چيو ته ”نيٺ ڏينهـَـنِ پئي ٿيندس. مهرباني تنهنجي، جو اهڙي خواهش ٿي ڏيکارين. مون کي اڃا ڪائونٽ جو فلسفو پوريءَ طرح سمجهه ۾ نٿو اچي: هو چوي ٿو ته جيڪو ماڻهو ڪنهن زال بابت پاڻ کي خفي ۽ ڳڻتيءَ ۾ وجهي ٿو، سو بيوقوف آهي: جڏهن آءٌ به انهيءَ راءِ تي ايندس، تڏهن هن وانگي خوش رهندس.... اميد اٿم ته جلد ئي انهيءِ راءِ تي ايندس!“ انهيءَ کان پوءِ ”هنرئيٽا“ وري وڌيڪ نه ڳالهايو.

ماني کائڻ کان پوءِ ”ڊچيس“ رٿ ڪئي ته ”هلو ته بـَـتيلن ۾ چڙهي، نديءَ تي سير ڪرڻ هلون“. وري به ”فرڊننڊ“ جي ڪـُـڇڻ کان اڳئي ”ڪائونٽ“ ”هائو“ ڪري ويٺو، تنهنڪري هن کي به لاچار وڃڻو پيو.

شام جو وقت مزي جهڙو هو. سج لهي ويو هو. هي وڃي هڪڙي بتيلي ۾ ويٺا. نديءَ تي هلندي، هڪٻئي کي ڳائڻ لاءِ زور ڪرڻ لڳا. نيٺ ”هنرئيٽا“ ”مس گرئنڊيسن“ کي گڏ ڳارايائون. ڳايو ”هنرئيٽا“ ٿي، پر هوءَ به ساڻس شامل پئي ٿي. ”هنرئيٽا“ جي مٺي ٻولي ٻڌي، ”فرڊننڊ“ کي گذريون ڳالهيون ياد پييون. اڳي ئي پاسي تي ويٺو هو ۽ ”هنرئيٽا“ کان پري هو. منهن ورائي، پاڻيءَ ڀريون اکيون پاسي ڪرڻ لڳو، پر ”ڪائونٽ مرابل“ جون اکيون منجهس هيون، تنهن سهي ڪري ورتس.

تنهن کان پوءِ وري ”ڪائونٽ“ کي آڻي جهليائون ۽ انهيءَ هڪڙي مزي جهڙو راڳ ڳايو، جنهن جي ٻڌڻ ڪري ليڊيون ڏاڍو خوش ٿيون. تنهن کان پوءِ ”مس گرئنڊيسن“ ”فرڊننڊ“ کي ڳائڻ لاءِ چيو. هن عذر ڏنو، تنهن تي ”ڪئٿرائن“ چيو ته ”هنرئيٽا“، هو منهنجي ڳالهه اصل ڪين مڃيندو آهي... تون چئينس، تنهنجي ضرور مڃيندو.“ پر، انهيءَ کان اڳي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”هائو، ڪئپٽن آرمن، مس ٽيمپل ڪيترا ڀيرا مون کي چيو آهي ته تون تمام چڱو ڳائيندو آهين، سو ٻڌاءِ اسان کي ڪو راڳ تنهن تي ”فرڊ زنڊ“ لاچار چيو ته، ”جيتوڻيڪ ورهيه کن ٿيندو ته مون ڪين ڳايو آهي، انهيءَ هوندي به اوهان جي مرضي رکي آءٌ ڪوشش ڪندس“. پوءِ هن هڪڙو راڳ تمام سوز ڀرئي آواز سان ڳايو، جنهن جو مضمون هي هو ته ”منهنجـِـي دل انهيءَ بانسريءَ وانگي آهي، جا ڪنهن بيوفا هـَـٿَ اُڇلائي ڇڏي هجي، جنهنڪري انهيءَ جا سڀ مٺا آواز بند ٿي ويا هجن... انهيءَ هوندي به، خدائي هوا ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ اڇلايل ۽ سـُـتل ساز کي جاڳائي ٿي ۽ اهو اندر جي آهه کي سـُـر وٺائي ٿو... پر، تڏهن به جڏهن خيال ڪجي ٿو ته جنهن گل جي لاءِ آءٌ مٿا پيو هڻان سو متان ٻيو ڪو پٽي وڃي، تڏهن دل کي ڪهڙو ته درد ٿو ٿئي! تنهن کان بهتر آهي ته اها بانسري وري اڇلائي ڇڏيان - ڀلي ته ائين ماٺ ۾ پيئي هجي - ڀلي ته منهنجي دل ڀڄي پرزا ٿئي ۽ ڪنهن به آهه جو جواب نه ڏئي!“

هن راڳ جو ”مس ٽيمپل“ تي اهڙو اثر ٿيو، جو هوءَ بي آرام ٿيڻ لڳي ۽ پاڻيءَ تي منهن ڪري هنـجـُـون هارڻ لڳي. ”ڪائونٽ مرابل“، جو سندس پاسي ۾ ويٺل هو، تنهن کان اهو انهيءَ راڳ جو اثر ڳجهو رهي نه سگهيو. ٻين کي به انهيءَ جو شڪ گذريو ۽ ٻيا سڀ به انهيءَ راڳ جي مضمون تي ڏاڍا ڏکارا ۽ دردمند ٿي پيا.

اتي بتيلو به اچي لهڻ واريءَ جاءِ تي پهتو ۽ سڀيئي لٿا. ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ليڊيون گاڏين ۾ چڙهيون ۽ موڪلائي هليون. ”ڪائونٽ“ ۽ ”فرڊ ننڊ“ اڪيلا رهجي ويا، جي پڻ گاڏيءَ ۾ چڙهي پنهنجيءَ جاءِ ڏي هليا.

رستي ۾ ”ڪائونٽ“ چيس ته ”ڪئپٽن آرمن، لارڊ ڪئچم هوڪئن کان مون کي معلوم ٿيو هو ته تون پنهنجيءَ ماروٽ سان جلد شادي ڪرڻ وارو آهين. هو ٻه جوان ليڊيون جي هيون، تن مان تنهنجي ماسات ڪهڙي آهي؟“ هن چيو ته ”جيڪا زياده سفيد آهي ۽ جنهن جو نالو ”مس گرئنڊيسن“ آهي. هن چيو ته ”مون به ائين ٿي سمجهيو. پر تون ته انهيءَ سان شادي ڪرڻ نه ٿو گهرين... ائين نه؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ها“. هن وري پڇيو ته ”مس ٽيمپل ڪير آهي؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”اها لارڊ مانٽفرڊ سان شادي ڪرڻ واري آهي، هوءَ پيسي واري آهي، منهنجيءَ ماروٽ کان زيادهه دولتمند آهي“. هن چيو ته ”اهو چڱو، پر هن جي بلڪل مرضي ناهي ته لارڊ مانٽفرڊ سان شادي ڪري - مون کي پڪ آهي ته هوءَ تنهنجي لاءِ مري ٿي!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ڪائونٽ، تون ڪو عجيب ماڻهو آهين، ڪهڙيون نه پيو ڳالهيون ڪرين!“ ”ڪائونٽ“ چيو ته “پيارا آرمن، آءٌ ٻين سڀني کان توکي زياده پسند ٿو ڪريان ۽ تنهنجو دوست آهيان. اوهان ٻنهي جي اندر جي مون کي خبر آهي. جيڪو پنهنجي دل جو حال هجيئي، سو حجاب کان سواءِ مون سان ڪر. آءٌ توکي چڱي صلاح ۽ مدد ڏيندس“. هن چيو ته ”پيارا مرابل، تون گهڻي مهرباني ٿو ڪرين ۽ تجربيڪار ماڻهو آهين، مگر منهنجو علاج توکان به ٿيڻ جو ناهي: آءٌ ڏاڍو ڏکويل آهيان، مون کي هڪڙو سچو حال - ڀائي گهرجي“. ”ڪائونٽ“ چيو ته اهو آءٌ آهيان، تون دلجاءِ ڪر. ارادو هوم ته هلي ڪو ناٽڪ ڏسون، پر هينئر هل منهنجي گهر، اتي هلي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنداسين. پر جي سچي پچي هنرئيٽا سان شادي ڪرڻ جي مرضي اٿئي، ته دير بلڪل نه ڪر“.

ائين چئي ”ڪائونٽ“ پنهنجي گاڏي هڪلي ۽ اچي گهران نڪتو. ٻئي لهي پيا ۽ ڪافي پي ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

*   *        *

انهيءَ جي ٻئي ڏينهن، ”ڪائونٽ مرابل“ هوا کائڻ ويو، ته ڪنهن هنڌ پنهنجا سنگتي ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“ ۽ ٻيا ڪي مليس، جن سان بيهي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”مس ٽيمپل“ جي خوبصورتيءَ ۽ نيڪيءَ جو به ذڪر اچي پيو. سڀني هن جي تعريف پئي ڪئي، ته اوچتو ”ڊچيس“، ”مس ٽيمپل“ ۽ ڪي ٻيون ليڊيون گهوڙن تي اچي اتان لنگهيون. ”ڪائونٽ“ هنن سان سلام عليڪ ڪري وڃي ساڻن گڏيو ۽ گهمڻ هليو ويو. ”مس ٽيمپل“ جي پاسي ۾ هلي، هن سان اڳئين ڏينهن جي نديءَ جي سير جو ذڪر ڪرڻ لڳو. پوءِ وري ”ڪئپٽن آرمن“ جو ذڪر نڪتو. ”مس ٽيمپل“ پڇيس ته ”اوهين هن جا واقف آهيو؟“ ”ڪائونٽ“ چيو ته ”هو ته ڄڻ منهنجو ڀاءُ آهي! جيتري منهنجي هن سان محبت آهي، اوتري ٻئي ڪنهن سان نه آهي. هن جهڙو عجيب انسان ٻن اکين سان ڪونه ڏسبو! ڏاڍي نرم ۽ نيڪ دل وارو ماڻهو آهي“. ”مس ٽيمپل“ پڇيو ته ”ڪيترن ڏينهن کان ساڻس واقف آهيو؟“ هن چيو ته ”هميشه کان پر ٿورن ڏينهن کان هن جي طبيعت اصل ڦري ويئي آهي: اڳي ڏاڍو خوش طبع ۽ کلڻو هوندو هو، هاڻ الائجي ڇا ٿيو اٿس جو غمگين، اٻاڻڪو ۽ فڪرمند ڏسڻ ۾ پيو اچي - نه ڪنهن سان گڏجي، نه ڪنهن وٽ وڃي - هوٽل جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ اڪيلو پيو آهي... مون کي شڪ آهي ته هو ويچارو گهڻو جـِـي ڪين سگهندو! هن جي مرڻ کان پوءِ منهنجي به هيءَ خوش طبيعت قائم رهي ڪين سگهندي“. هي ٻڌي ”مس ٽيمپل“ جو منهن چونڪيو، ۽ ڪنڌ به ٻئي پاسي ٿيس. چوڻ لڳي ته ”تمام چڱو ماڻهو آهي. سڀ سندس تعريف ٿا ڪن. خدا خوش رکيس، سلامت رکيس...“

هن پڇيو ته ”لارڊ مانٽفرڊ کي هن جي حال جي خبر آهي يا نه؟ جي هو ڪو هن جو بندوبست ڪري، ته ڏاڍو چڱو“. ”مس ٽيمپل“ چيو ته ”لارڊ مانٽفرڊ هن جو چڱو واقف آهي ۽ هن کي سندس ڳڻتي آهي“. هن چيو ته ”جي اوهين ڪو هن جو جلد بندوبست ڪريو ته چڱو، نه ته مون کي اهو به ڊپ آهي ته متان پاڻيهي مرڻ کان اڳي هو پاڻ کي ماري وجهي! هن جي تيز طبيعت جي مون کي چڱي خبر آهي“. ”هنرئيٽا“ چيو ته ”خير گهرو... سچي پچي اهڙو ڊپ اٿوَ ڪيئن؟“ هن چيو ته ”مون کي گهڻو ڊپ آهي. مون کي اهڙين حالتن جو چڱو آزمودو آهي. هڪڙو منهنجو ڪاليج جو سنگتي هو، اهو به بلڪل ڪئپٽن آرمن جهڙو هو. هو منهنجيءَ هڪڙيءَ سؤٽ تي عاشق هو. اها فرانس ۾ نهايت خوبصورت زال هئي. هئا به جلد شادي ڪرڻ وارا. آءٌ اسپين ڏي هليو ويو هوس. اتي ٻڌم ته هوءَ ٻئي سان پرڻي. هن جي شاديءَ جي ٻئي ڏينهن، هن بندوق سان پاڻ کي ماري وڌو، سو جڏهن اها ڳالهه ٿي ياد پويم، تڏهن منهنجو هانءُ ٿو ڏڪي. هن جو به حال اهڙو ئي ٿو ڏسجي! ٻاهر مالٽا ڏي گذاريو اٿس، شڪ ٿو پوي ته متان اتي ڪنهن زال جي محبت ۾ ڦاٿل هجي ۽ انهيءَ کيس ڇڏي ڏنو هجي - اهڙي سبب کان سواءِ، ٻيو ته ڪو مون کي خيال ۾ ئي نٿو اچي. پهرين مون کي گمان هو ته اها زال سندس ماروٽ آهي، پر مون جانچي ڏٺو ته اها ناهي، ضرور ڪا ٻي آهي ۽ شايد ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي آهي. گهڻي قرض ڪري به ماڻهو اهڙي حال ۾ ايندا آهن، پر جي انهيءَ جي ڪري هجي، ته آءٌ جيڪر اهو قرض پاڻؤن ڏيئي ڇڏيان. آءٌ هينئر ڏانهس ٿي ويس، جو اوهان کي گڏيس“. هن چيو ته ”اوهين ڏاڍا چڱا ۽ مهربان آهيو. آءٌ اوهان جي احسانمند ٿينديس. اسين سڀ اوهان جا احسانمند ٿينداسين. اوهين دڙ دلاسا ڏيئي، خوش رکندا اچوس“. ”ڪائونٽ“ چيو ته ”اهو ته آءٌ پنهنجو فرض ٿو سمجهان، مگر اوهان مان به ڪي ته هن کي اچي ڏسندا وڃن، يا ڏانهس خط پٽ لکندا وڃن، ته چڱو، هو ڄاڻندو ته ڪي دوست ساڻس همدردي ڪرڻ وارا آهن. جي حرڪت نه هجي، ته اهو گل ئي کڻي مون کي ڏيو ته وڃي ڏيانس!“ هن چيو ته ”هو انهيءَ ڏي ڪو به خيال ڪونه ڪندو، پر جي اوهان جي مرضي آهي، ته آءٌ ڏيان ٿي“. ائين چئي، اهو گل ڇاتيءَ تان ڪڍي ”ڪائونٽ“ کي ڏنائين.

اتان موڪلائي، ”ڪائونٽ“ سڌو ”فرڊننڊ“ وٽ آيو. شام جا اَٺ لڳا هئا. ”فرڊ ننڊ“ وٽان ته ”گلئسٽن بيري“ تازو اٿي ويو هو، اڪيلو ويٺو هو، ته ”ڪائونٽ“ به وڃي اڳيان بيٺس. چوڻ لڳس ته ”يار، آءٌ هڪڙو منٽ به هينئر تو وٽ ڪين ترسندس، ”فٽز وارن“ سان وڃي ماني کائڻي اٿم، هتي رڳو توکي مبارڪ ڏيڻ آيس، تنهنجو ڪم ٺاهي ڇڏيو اٿم، هي گل نشاني اٿئي.... تنهنجن سڄڻن ڏنو آهي - انهيءَ شرط سان، ته آءٌ پاڻ پنهنجي هٿ سان توکي ڏيان ۽ سندس پيغام به ڏيان“. هن چيو ته ”ڪائونٽ، مون سان مسخري نه ڪر“. هن چيو ته ”مسخري ناهي، سچ ٿو چوان. پر مون چڱيون ٻوليون ٺاهي ٻڌايس - زالن سان وري ٻيو ڪيئن پڄبو؟ مون کي ڪوڙو متان ڪرين! هوءَ ڀانئي ٿي ته اسين نوح جي طوفان کان وٺي پاڻ ۾ واقف آهيون. مون تنهنجي پاڻ - گهات ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو اٿس. سڀاڻي توکي سڀ احوال ڏيندس. جي راتوڪيءَ رٿ تي هلنداسين، ته هوءَ مانٽفرڊ سان پرڻبي ۽ پوءِ توسان محبت رکندي، پر انهيءَ مان ڪي به حاصل نه ٿيندو. تنهنڪري بهتر آهي ته هن کي ڊيڄارجي ۽ هن جي دل ۾ رحم ۽ ڏک ۽ ارمان ۽ اهڙا ٻيا خيال پيدا ڪرڻ گهرجن. سڀاڻي صبح جو تون مون وٽ اچجئين، پوءِ ڳالهيون ڪنداسين، تيستائين هي گل سنگهي خوش رهه ۽ پڪ ڄاڻ ته مانٽفرڊ کي شڪست ڏيئي ڇڏيندين!“

 

-----

باب پنجٽيهون

هنرئيٽا ۽ سندس پيءُ

انهيءَ کان پوءِ ”ڪائونٽ مرابل“ پنهنجي رٿ پوريءَ تجويز سان هلائيندو آيو. ڪوشش ڪري ”مس ٽيمپل“ کي به جلد جلد ڏسندو هو. هوءَ به اڪثر ساڻس بيحجاب ٿي ”فرڊننڊ“ جو ذڪر ڪندي هئي ۽ هي به پيو ڊيڄاريندو هوس. هوڏي، واري سان، ”مس گرئنڊيسن“ کي به ڏسندو هو ۽ انهيءَ جو به حال - ڀائي ٿي ويو - جيتوڻيڪ اها ڳالهه هو ”فرڊننڊ“ کان لڪائيندو آيو ۽ ”فرڊ ننڊ“ جي پيءُ ۽ ماءُ وٽ به سرخرو هو. هو کيس پنهنجي پٽ جو گهاٽو يار ۽ خير خواهه سمجهندا هئا. مسٽر ”گلئسٽن بيريءَ“ سان رس رکيائين ۽ ”ڊچيس“ کي به پنهنجي خوش طبعيءَ سان خوش ۽ راضي رکندو آيو.

”ڪائونٽ“ جي ڪوشش ۽ تجويز جو اهو اثر ٿيو، جو ”مس ٽيمپل“ کي رات ڏينهن ”فرڊننڊ“ جي ڳڻتي ٿي. دل ۾ ڄاتائين ته مون هن سان ڏاڍو ظلم ڪيو آهي، نه ته هو اڃا تائين منهنجي لاءِ پيو مري - جيتوڻيڪ ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي چڱائيءَ ۾ به شڪ ڪونه هوس. پر هينئر نه رڳو ”فرڊ ننڊ“ تي رحم ۽ قياس ٿي آيس، پر سندس جان جي خوف ڪري ڊپ ۽ ڏک هوس. انهيءَ ڏک ۾ وهاڻي تي مٿو اونڌو ڪري ويٺي رنائين، ته اوچتو آهستي ڪنهن ٻانهن سندس ڳچيءَ ۾ آڻي وڌي. اهو سندس پيءُ هو، جو چوڻ لڳو ته ”بابا، ڪنهن ڏک ۾ آهين ڪيئن؟“ هن روئيندي چيو ته ”هائو، بابا، ڏک ۾ آهيان“. پڻس چيو ته ”مون کي ٻڌاءِ ته ڪهڙو حال آهي؟“ هن چيو ته ”خير، انهيءَ کي ڇا ڪبو؟ منهنجي انهيءَ ڏک جو ڪو علاج ڪونهي، ٻڌائڻ جو ڪهڙو ضرور؟“ پڻس چيو ته ”آخر آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان، ڪو علاج ڪري سگهندس، ڪا تسليٰ ڏيئي سگهندس. هنرئيٽا، جي تنهنجو مون سان پيار آهي، ته مون کان ڪي به لڪاءِ نه“. ”هنرئيٽا“ چيو ته ”بابا، مون کي گذريون ڳالهيون ياد پيئون هيون. سچ ٿي چوان ته آءٌ مري وڃان ها ته چڱو هو!“ هن چيو ته ”پياريِ ڌيءَ، ڪا تازي ڳالهه ٿي آهي ڪيئن؟ متان هن ٽُوٽَ جي وري تون سان ملاقات ٿي آهي ڇا؟“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”بابا، ڀلائي ڪري هن کي اجايو سجايو نه ڳالهايو، آءٌ سهي ڪين سگهنديس - خود اوهان جي واتان به ٻڌي نه سگهنديس!“ هن چيو ته ”هي ڇا ٿي چوين!.... آخر منهنجي ڌيءَ آهين!“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”برابر ڌيءَ آهيان، پر آخر زال ماڻهو آهيان: آءٌ ٻيو ته ڪين ٿي چوان، پيءُ جي ڪـُـٺي حلال آهي، آءٌ اوهان جي حڪم جي تابعدار آهيان ۽ پاڻ کي قرباني ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان، منهنجي هلت اوهان جي آهي،... مگر منهنجي دل، منهنجي آهي!“ پڻس چيو ته ”هنرئيٽا“ ڇاجي قرباني؟ ”آءٌ جيڪي ٿو ڪريان، سو تنهنجي سک ۽ خوشيءَ جي لاءِ، هي انهيءَ جو عيوضو آهي ڇا؟“ هن چيو ته ”بابا، جيڪي مون چيو، تنهنجي معافي ٿي گهران، آءٌ اوهان جي حڪم کان ٻاهر نٿي وڃان... اها ڳالهه اصل وساري ڇڏيو“. مسٽر ”ٽيمپل“ البت شوخيءَ مان چيو ته ”ڪئپٽن آرمن وري توکي عرض ڪرڻ لڳو آهي ڪيئن؟“ هن ورندي ڏني ته ”جي ڪيائين ته ڇا ٿيو؟ هن کي ائين ڪرڻ جو حق آهي“. پڻس چيو ته ”هائو، تون هينئر دولتمند آهين، سو البت هو هينئر محبتي ۽ وفادار ٿيڻ لڳو هوندو!“ هن فقط چيو ته ”او فرڊننڊ“ اهي جـُـٺيون به توکي سهڻ گهرجن!“ پوءِ ويهي روئڻ لڳي. پڻس ماٺ ڪري سندس پاسي ۾ ويهي سمجهائڻ لڳس. چيائينس ته ”بابا، آءٌ ڪاوڙجان ڪين ٿو. مون کي خبر آهي ته تنهنجي دل جا خيال ڪهڙا هوندا، پر مون کي هميشه تنهنجي سک ۽ سلامتيءَ جي ڳڻتي پئي رهي آهي ۽ اُها آءٌ پنهنجو فرض ٿو سمجهان. جي توکي ڪو ڏک رسيو آهي، ته اهو تو پاڻ، پاڻ تي آندو آهي، منهنجو انهيءَ ۾ ڪو به هٿ ڪونهي، جي ڪنهن بيوفا بدمعاش ٺڳي ۽ دغابازي ڪري تنهنجي دل هٿ ڪئي آهي، ته منهنجي اطلاع کان سواءِ ائين ٿيو آهي...“ هن چيو ته ”ائين نه چئو، اها ڳالهه برابر ناهي، هو نهايت ايماندار ۽ وفادار آهي، مون کان زيادهه پاڪدل ۽ پاڪدامن آهي!“ پڻس چيو ته ”البته، ... هن توکي اهڙو ويساهه ڄمايو هوندو. پر، ٻڌ، تون لارڊ مانٽفرڊ سان انجام ۾ ڦاٿل آهين! لارڊ مانٽفرڊ منهنجو دوست آهي، انهيءَ جهڙو چڱو مڙس ۽ شريف، نيڪ ۽ فضيلت وارو ٻيو ڪو ٿورو هوندو، تو خوشيءَ سان پنهنجو هٿ هن کي ڏنو، هينئر اهو هٿ ڪڍي وٺڻ مناسب نه آهي: جي ائين ڪندينءَ، ته آءٌ توکي پنهنجي ڌيءَ شمار نه ڪندس! آءٌ هڪڙي ڳالهه ڪرڻ وارو آهيان ۽ جيڪي چوان ٿو سو سمجهان ٿو ته برابر ٿو چوان: جي انهيءَ آرمن سان محبت رکي، ته دعا ڪرڻ جي بدران مون کي توکي پـِـٽڻو ٿيندو!“ ”مس ٽيمپل“ پيءُ جي پيرن تي ڪـِـري چيو ته ”بابا سائين، مون کي معاف ڪريو، مون کي پٽيو نه، آءٌ مريو ٿي وڃان، مون تي اوهان کي رحم ڪرڻ گهرجي، خدا جي واسطي مون تي قياس ڪريو، جيئن اوهين شڪجو ٿا، تيئن ناهي - هن ڪڏهن به پنهنجي نسبت ۾ مون کي نه چيو آهي - هن نهايت سنجيدگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان هلت پئي ڪئي آهي - مون کي فقط هڪڙي هنڌ اتفاق سان گڏيو. منهنجا دوست، سي هن جا دوست آهن، انهن کي به خبر ناهي ته اسان جي وچ ۾ ڇا ٿي گذريو آهي. هن ڪنهن سان به اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي. هن پنهنجو گهر ئي ڇڏي ڏنو آهي - رڳو انهيءَ لاءِ ته متان مون کي منهن پئجي وڃي!“ پڻس چيو ته ”ڪيئن به هجي، توکي لارڊ مانٽفرڊ سان هڪدم شادي ڪرڻ گهرجي!“

هن چيو ته ”بابا، آءٌ حاضر آهيان، اوهين راضي ٿيو، مون کي پٽيو نه، مون کي پنهنجو اولاد سمجهي پيار ڏيو. آءٌ ڊگبيءَ سان سچي آهيان. پر جيڪي اڳي ٿي گذريو آهي، سو موٽائي ته نٿي سگهان، انهيءَ جي فقط يادگيري آهي، جا مون کي چڪ ٿي هڻي ۽ عذاب ٿي ڏئي. انهيءَ سڄي حال جي ڊگبيءَ کي خبر آهي، انهيءَ هوندي به هو مون سان بلڪل چڱيءَ طرح ٿو رهي ۽ رنج ڪين ٿو ٿئي... اوهان کي به ائين ڪرڻ گهرجي“. اتي پڻس کي البت قياس آيو ۽ پيار ڏيڻ لڳس. ”هنرئيٽا“ وري چيو ته ”بابا سائين، اوهين جيئن چوندؤ تيئن ڪنديس، مگر فرڊ ننڊ جي نسبت ۾ ڪي سخت نه ڳالهايو. اسان هن سان ڏاڍي بي انصافي ڪئي. هو چڱو آهي، پاڪ ۽ صاف آهي - يقين ڄاڻو ته ائين آهي. هو هميشه وفادار ۽ ايماندار رهيو آهي. جي اوهين ساڻس گڏجو، ته هن سان مهربانيءَ ۽ مروت سان ڳالهائجو. جي ساريءَ حقيقت جي اوهان کي خبر پوي، ته جيڪر هن تي ڏاڍو قياس پئيوَ!“

 

------

باب ڇٽيهون

فرڊ ننڊ ۽ سندس پيءُ

ظاهري ڪري سڀڪنهن کي هاڻ خبر هئي ته ”مس ٽيمپل“ ”لارڊ مانٽفرڊ“ سان جلد شادي ڪرڻ واري آهي، مگر هن جي دل ”ڪئپٽن آرمن“ سان آهي ۽ ”ڪئپٽن آرمن“ جي نسبت ۾ سندس مائٽن ائين ٿي ڄاتو ته ”مس گرئنڊيسن سان شادي ڪرڻ وارو آهي. (مگر اسان کي خبر آهي ته هنن انهيءَ جي پاڻ ۾ صفائي ڪري ڇڏي هئي). مسٽر ”ٽيمپل“ کي دل ۾ پڪو شڪ هو ته سندس ڌيءَ جي دل جو لاڙو ”فرڊننڊ“ ڏانهن آهي، ”سر رئٽڪلف“ کي پنهنجي پٽ جي غير حاضريءَ ۽ بيخيالي ۽ اٻاڻڪائيءَ تي حيرت لڳندي هئي، تنهنڪري هن ارادو ڪيو ته هن جي شادي جلد ڪري وٺي. ”ڪائونٽ مرابل“ ۽ ”مس گرئنڊيسن“ جي منصوبي جي به ته اسان کي خبر آهي ته همصلاح ٿي ڪوشش پئي ڪيائون ته سندن رٿ اچي بيهي. ”لارڊ مانٽفرڊ“ ئي هو جو ماٺ ۽ سانت ۾ پئي رهيو ۽ سندس ارادي جي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي.

”سر رئٽڪلف“ ارادو ڪيو ته پٽ کان سندس اهڙي بي خياليءَ جو سبب وٺي. پهرين سمجهيو هئائين ته شايد پنهنجي مڱينديءَ ۽ ماروٽ سان جهيڙو ڪيو اٿس، پر جڏهن ”ڪئٿرائن“ پنهنجي ماروٽ بابت چڱيون چڱيون ڳالهيون ڪيون، تڏهن اهو شڪ لٿس. زال سان صلاح ڪرڻ لڳو. ”ليڊي آرمن“ پڪي زال هئي، تنهن کي شڪ هو سهي، مگر اهو مڙس کان لڪايو آئي ۽ ”ڪئٿرائن“ جي محبت به ساڻس وڌندي پئي ويئي، تنهنڪري مڙس کي دڙ دلاسو ڏنائين ۽ چيائين ته شاديءَ کان پوءِ سڀ سڻائي ٿيندي.

هڪڙي ڏينهن ڪٿي هو پٽ سان گڏيو. تنهن کي چيائين ته ”فرڊننڊ، تون ڪٿي پيو گذارين، ڏسجين نه پيو؟، هن چيو ته ”اِتي آهيان، بابا، اوهين ته خوش پيا گذاريو؟ امان چڱي ڀلي آهي؟“

پوءِ، ڳالهين ڪندي، ”سر رئٽڪلف“ هن کي گهر وٺي ويو، جو اتان ويجهو هو. اتي خلاصو ويهاري چوڻ لڳس ته ”فرڊننڊ، مون کي ڪي توکي چوڻو آهي. تنهنجي ڪم ڪار ۾ ٻي ڪا دست اندازي ڪرڻي نه اٿم، مگر پيءُ ٿي ڪري البت تنهنجو انتظار رهي ٿو: هاڻ آءٌ پڇان ٿو ته تو ڪڏهن شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي؟“ هن چيو ته ”آءٌ چئي نٿو سگهان ته ڪڏهن“. پڻس چيو ته ”تنهنجي نانيءَ کي مـُـئي ورهيه کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. تون البت مونجهاري ۾ پيو گذارين. تون ۽ ڪئٿرائن پاڻ ۾ ٺهيا ته اچو؟“ هن چيو ته ”اسين پاڻ ۾ بلڪل ٺهيل آهيون. ڇو، ڪئٿرائن ڪا دانهن ڏني آهي ڇا؟“ پڻس چيو ته ”نه، پر تنهنجي هن سان هلت اهڙي آهي، جهڙي ڪنهن محبت واري مڱيندي جي نه هوندي آهي. جڏهن مون تنهنجيءَ ماءُ سان ٿي شادي ڪئي، تڏهن اهڙيءَ طرح نه هلندو هوس“.

اتي ٿوري ماٺ ڪيائون. ”سر رئٽڪلف“ اخبار کڻي ڏسڻ لڳو، ۽ ”فرڊننڊ“ بخاري ۾ اکيون وجهي ويٺو. نيٺ پيءُ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو، ته ”بابا، مون ۽ ڪئٿرائن پاڻ ۾ صفائي ڪئي آهي - شاديءَ جو انجام رد ڪري ڇڏيو اٿؤن!“ پڻس ڪاوڙ مان چيو ته ”ڇا؟... ڪڏهن؟...ڇو؟“ ۽ اخبار ئي سندس هٿ مان ڪري پيئي. ”فرڊننڊ“ چيو ته “انهيءَ کي گهڻا ڏينهن ٿيا. منهنجي محبت اڳي ئي ڪنهن ٻيءَ زال سان هئي - انهيءَ جي هن کي پڪي خبر هئي، تنهنڪري“. تڏهن پڻس ڏاڍي ڏک ۽ ارمان مان ڪرسيءَ تي ليٽي پيو ۽ چوڻ لڳو ته ”فرڊننڊ، فرڊ ننڊ، ڇا چيئه... وري چؤ؟ مون کي اعتبار ۾ نٿو اچي! سچي پچي اوهان جو شاديءَ جوانجام پورو ٿيو ڇا؟“ ”فرڊننڊ“ ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. پڻس چيو ته ”افسوس، ويچاري تنهنجي ماءُ هي ٻڌي مري ويندي!“ پوءِ اٿي جاءِ ۾ پسار ڪرڻ لڳو. ذري کان پوءِ وري پنهنجي منهن چوڻ لڳو ته ”مون کي پڪ هئي ته ڪا خرابي آهي، انهيءَ مان خير ڪونه ٿيندو. ديوانا، توکي خبر نٿي پوي ته تو ڇا ڪيو آهي!“ هن چيو ته ”بابا، مون اڳي ئي گهڻا ڏک سٺا آهن، وڌيڪ ارمان ڪرڻ اجايو آهي“.

”سر رئٽڪلف“ چيو ته ”ابا، ڪئٿرائن چڱي زال آهي، هوءَ توکي آسانيءَ سان معاف ڪندي. تون منٿ ڪرينس، معافي گهرينس... تنهنجي ماءُ جي چئي ۾ هئي“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”سائين، ڪئٿرائن سان منهنجي شادي ناممڪن آهي!“ پڻس چيو ته ”ڇوڪرا، تڏهن تو اڳي ئي ڪنهن ٻيءَ سان شادي ڪئي آهي ڇا؟“ هن چيو ته ”نه، مگر آءٌ اهڙي انجام ۾ ٻڌل آهيان، جو ڀڃي ڪين سگهندس“. پڻس پڇيو ته ”اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي؟“ هن چيو ته ”ڪن سببن ڪري آءٌ هن جو نالو نٿو وٺان“. ”سر رئٽڪلف“ چيو ته ”فرڊننڊ، توکي خبر نٿي پوي ته تون ڇا ٿو ڪرين!“ اسان جي سڄي گهر جو ڀلو ۽ مانُ تنهنجيءَ هلت تي منحصر آهي - انهيءَ جي بچائڻ جو اڃا وقت ويو ناهي، اهو بچائن توکي حق آهي: وڃي پنهنجيءَ ماروٽ جي پيرن تي ڪِر، هوءَ رحمدل آهي، شايد نيٺ تنهنجي ٿئي“. ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”بابا سائين، ٻيو جيڪي چوندؤ سو ڪندس، پر ائين ڪري ڪين سگهندس“. پڻس وري به چيو ته ”توکي سماءُ نٿو پوي ته انهيءَ مان ڪيترو نقصان ٿيندو: ”آرمن“ جي لاءِ وري سڪنداسين، اسان جو گهر گهاٽ هٿان ويندو، اسين سڀ شهر - نيڪالي ڏسنداسين - اُنهيءَ جي توکي يادگيري ڪانهي... فرڊ ننڊ، تون ئي اسان کي بچائي سگهندين!“ ”فرڊ ننڊ“ چيو ته ”بابا سائين، آءٌ ڪوڙو دلاسو ڇو ڏيان؟ ائين ٿي ڪين سگهندو، مون کي معاف ڪريو!“ پڻس نااميديءَ مان چيو ته ”تڏهن تو پنهنجيءَ ماروٽ سان دغابازي ڪئي، ٺڳي ڪئي، تو پنهنجي خاندان جي آبرو اڳي ئي گم ڪئي هئي، هاڻ اصل انهيءَ کي ناس ڪيئه! ڇو تون ڄائين، جو اهڙو مصيبت اسان تي آئي! هاءِ هاءِ، تنهنجي ماءُ ٻڌندي، سا الائجي ڪيئن ڪندي! گلئسٽن بيري ڇا چوندو؟“ هن چيو ته ”سائين، گلئسٽن بيريءَ کي ساريءَ حقيقت جي خبر آهي. اهو اسان جي خاندان جو خير خواهه آهي، انهيءَ کان اوهان کي خاطري ٿيندي ته آءٌ پنهنجيءَ ماروٽ سان پرڻجي نٿو سگهان. جي مون هن کي رنج ڪيو آهي، ته سزا به گهڻي کاڌي اٿم. هن اڳي ئي مون کي معافي ڏني آهي ۽ هوءَ مون سان اڳئين جهڙي آهي. اوهين گهڻو انتظار نه ڪريو. خدا سڀ سولي ڪندو. گلئسٽن بيري اوهان کي سڀ حال ڏيندو. هاڻ آءٌ موڪلايان ٿو“. ائين چئي، ”فرڊننڊ“ نڪري ويو.

 

-----

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com