سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: سچي محبت

باب: --

صفحو :3

باب چوڏهون

آئيندي لاءِ رٿ

اها جدائيءَ جي رات انهن ٻنهي محبت وارن کي ڪيئن گذري، سا پڙهندڙن کي آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندي. هنن ٿي سمجهيو ته الائجي سڀاڻو ڪڏهن ٿيندو. پهرين ته ڪڙميءَ جي گهر موٽڻ کان اڳي ”فرڊننڊ“ ڳچ تائين ”مس ٽيمپل“ جي دريءَ جي روشنائيءَ ۾ اکيون وجهيو بيٺو هو، نيٺ جڏهن بتي اُجهاڻي، تڏهن هليو ويو. ڳڻتين ۾ ڏکي سکي رات گذاريائين. نيٺ صبح آيو. ڪالهوڪيون خوشيـُـون ياد پيس ۽ آئيندي جي خوشين جي اميد ٿيس. پر، تڏهن به، اها ڳڻتي هيس ته ”هنرئيٽا“ الائجي انجام موجب ايندي يا نه ۽ ڪڏهن ايندي. ڪڙميءَ واري جاءِ ڇڏي، ”ڊوسيءَ“ وارو رستو وٺي هلڻ لڳو. پري کان ڪنهن گاڏيءَ جي ڦيٿن جو آواز ٻڌائين. ڀانيائين ته ”هنرئيٽا“ جي گاڏي آهي. آواز ويجهو ٿيندو ويو. نيٺ هڪڙو زميندار گاڏيءَ تي چڙهي اچي لنگهيو. ”فرڊننڊ“ ڏاڍو نااميد ٿيو... ته به آهستي آهستي ويو اڳي رڙهندو. انتظار اهو هوس ته الائجي هوءَ ايندي يا نه. گهڻئي شڪ پوڻ لڳس – ”شايد پڻس اوچتو موٽي آيو آهي، يا پاڻ بيمار ٿي پئي آهي!“ هڪڙي هنڌ بيهي، ويچار ڪرڻ لڳو ته هن جي نه اچڻ جو ڪهڙو سبب هوندو ۽ هاڻ ڇا ڪريان. ”سندس دل ته ڦري نه ويئي هوندي، ڪو ٻيو خيال ته نه آيو هوندس، پڻس ته نه ڪاوڙيو هوندو، جي ائين هوندو ته پوءِ سندس ڪهڙو حال ٿيندو!“ هڪڙي وڻ هيٺ ويهي، گوڏن تي مٿو رکي، خيال پچائڻ لڳو، ته اوچتو ”هنرئيٽا“ پنهنجيءَ ننڍڙيءَ گاڏيءَ ۾ اڪيلي ئي اڪيلي اچي مٿان بيٺي ۽ مرڪڻ لڳي. هيءُ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ جهٽ ۾ سندس پاسو وڃي ورتائين. سڀ مونجهارو لحظي ۾ لهي ويس. هـُـن هٿ ڏيئي مٿي چاڙهيس ۽ سگهو ئي ٻئي ڄڻا ڪڙميءَ جي گهر اچي پهتا.

ڪڙميءَ جي زال هنن کي گڏ ڏسي خوش به ٿي، حيران به ٿي. ”هنرئيٽا“ گهر ۾ گهڙي ۽ اُتي جي ٻار ٻچي کي ملي خوش خير عافيت ڪيائين. ”فرڊننڊ“ کي چوڻ لڳي ته ”تو کي وسري ويو آهي ته پاڻ کي اڄ هتي گڏ ناشتو کائڻو آهي!“ سگهو ئي ناشتو آيو ۽ ٻئي وڻن هيٺ گلن جي وچ ۾ ويهي ماني کائڻ لڳا. ڳالهين ڪندي، ”هنرئيٽا“ چيس ته “اڄ منهنجي دل ۾ هڪڙي چڱي رٿ آئي آهي، جا ٻڌي تون خوش ٿيندين: منهنجي مرضي آهي ته تون هن گاڏيءَ تي مون کي آرمن وٺي هلين!“

هي ٻڌي ”فرڊننڊ“ ڇرڪ ڀريو، جو ڄاتائين ته ”گلئسٽن بيري“ اتي آهي، اُهو ڇا چوندو. هن سندس دل جو مونجهارو سهي ڪيو. لاچار هلڻ قبول ڪيائين، پر چيائين ته ”جيڪا لذت هاڻ مون کي ڊوسيءَ مان ٿي اچي، سا آرمن مان نٿي اچي“ هن جو مونجهارو معلوم ڪري، ”هنرئيٽا“ دلاسو ڏنس ته ”تون پنهنجي حال جو گهڻو فڪر نه ڪر، خدا تي رک، خدا ڪندو ته اسان جي قسمت چڱي ٿيندي ۽ آئيندي گهڻو سک ڏسنداسين“. هيءَ پيشگوئي ٻڌي، ”فرڊننڊ“ جا سڀ غم گوندر لهي ويا. انهيءَ هوندي به، ”هنرئيٽا“ کي چيائين ته ”اڄ آرمن ڏي هلڻ چڱو ناهي، اڄ اچ ته هتي آسپاس گڏ گهمون ۽ ڳالهيون ڪريون“.

آخر ائين ئي ڪيائون. گڏ گهمڻ ويا ۽ گهمندي پاڻ ۾ ڪيتريون محبت جون ڳالهيون ڪيائون ۽ پهريندي هڪٻئي کي ڏسڻ کان پوءِ جيڪي سندن دل جا خيال هئا، سي ظاهر ڪرڻ لڳا. جڏهن آرمن جي قديم خاندان جي اڳوڻي اوج ۽ هاڻوڪي زواليت جو ذڪر نڪتو، تڏهن ”هنرئيٽا“ ”فرڊننڊ“ کي وري به دلاسو ڏيئي چوڻ لڳي ته ”آءٌ تو کي سچي آرمن ٿي ڏيکاريندس - قديمي عزت آبروءَ جي زيادهه نظر رکنديس، دولت جي ڪا به پرواهه ڪانه رکنديس. اميد آهي ته پاڻ ٻئي گڏجي زماني سان ملهه وڙهنداسين ۽ نيٺ انهيءَ خاندان کي پنهنجي اڳوڻي درجي تي آڻي پهچائينداسين. انهيءَ وچ ۾ جي تڪليفون سٺيونسين ته ڪهڙي حرڪت آهي؟“

هي ٻڌي ”فرڊننڊ“ نهايت خوش ٿيو، ۽ هن جي شڪر گذاري ڪيائين. چوڻ لڳس ته ”پياري هنرئيٽا، تنهنجي ڪشادهه دلي ۽ همت ۽ عالي دماغ ڏسي، آءٌ ائين ٿو ڄاڻان ته مون جهڙو خوش نصيب اڄ دنيا ۾ ٻيو ڪونه هوندو. پر پياري، تنهنجي محبت ۽ سچائي ۽ شرافت ڏسي، منهنجي دل ۾ ٿو اچي ته آرمن کي ڇڏي ڏيون، پاڻيهي پنهنجي منهن پيو مٿا هڻندو: مون کي ترار آهي، انهيءَ سان دنيا ۾ پنهنجي لاءِ رستو گهڙيندس، پاڻ کي به خوش رکندس ۽ تو کي به سکي رکندس“.

------

باب پندرهون

”هنرئيٽا“ جو ”آرمن“ ڏي وڃڻ

”هنرئيٽا“ جي وڃڻ کان پوءِ ”فرڊننڊ“، ڪڙميءَ جي گهر ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهي، آئيندي جا خيال پچائڻ لڳو. ”هنرئيٽا“ جي همتائڻ ڪري هن کي ڏاڍو دلي جوش ۽ شوق پيدا ٿيو. چڱيءَ ۽ همت واريءَ زال جي ترغيب تي دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه عجيب ۽ وڏا ڪم ٿي چڪا آهن! جنگيون به انهن ڪرايون آهن، صلح به انهن ڪرايا آهن، تنهنڪري انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب جو ”هنرئيٽا“ جي همتائڻ تي ”فرڊننڊ“ آئيندي جي لاءِ تمام وڏيون وڏيون خيالي ماڙيون اڏي ويو. ٺهراءُ ڪيائين ته پنهنجو فيصلو جيترو جلد ڪريان، اوترو چڱو.

انهن خيالن ۾ هو، ته سندس نوڪر آيو، ۽ اچي ٻڌايائينس ته مسٽر ”گلئسٽن بيري“ پنهنجي هميشه واري سالياني گشت تي قديم عمارتون ۽ نشان ڏسڻ ويو آهي. هي ٻڌي، ”فرڊننڊ“ خوش ٿيو. پِڙُ پالهو ڀانيائين ته پنهنجي ”هنرئيٽا“ جي خواهش پوري ڪريان ۽ هن کي ”آرمن“ ۾ وٺي هلان. اهو ارادو ڪري، هڪدم اٿيو ۽ ”ڊوسيءَ“ ڏي هليو. ”هنرئيٽا“ اڳي ئي باغ ۾ پئي ٽـِـلي. هڪٻئي کي ڏسي، ٻئي بهار ٿيا- اڳي ڪڏهن هڪٻئي کي اهڙو خوش ۽ خوبصورت نه ڏٺو هئائون. جڏهن ”فرڊننڊ“ آرمن ڏي هلڻ لاءِ چيس، تڏهن هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ وري پاڻ ۾ آئيندي جون تازيون رٿون رٿڻ لڳا. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ڪهڙو شڪ ته ٻئي سال هنن ڏينهن ۾ ڪنهن ٻيءَ ولايت ۾ جبل پيا جهاڳينداسين!“ يا پلٽڻ سان ڪنهن ملڪ تي پيا ڪاهينداسين!“ سگهو ئي گاڏي ٻـَـڌي، ٻئي ان تي چڙهي ”آرمن“ ڏي روانا ٿيا. ”فرڊننڊ“ گاڏي هڪليندو هليو. اتي به پاڻ ۾ ڳالهين ڪرڻ کان رهيا ڪين.

”آرمن“ ۾ هفتو سڄو هي گڏ رهيا پيا هئا. جيڪا هڪڙي نوڪرياڻي اتي رهيل هئي، تنهن جي هنن پرواهه ڪانه ڪئي. هيترا ڏينهن ”آرمن“ ۾ هنن ٻنهي ڪهڙا نه خوش گذاريا هوندا! ڪڏهن باغ ۾ ٿي گهميا، ڪڏهن جهنگ ۾ ۽ ڪڏهن محلات جون تصويرون ۽ ٻيون عجيب غريب شيون ٿي ڏٺائون. ڏينهن سڄو گڏ گذاريندا هئا، شام جو ”فرڊننڊ“ ”هنرئيٽا“ کي گاڏيءَ تي چاڙهي ”ڊوسيءَ“ ۾ وڃي ڇڏي ايندو هو ۽ اتي رات جي چانهه پي پوءِ پاڻ ڪڙميءَ جي گهر وڃي رات رهندو هو. مسٽر ”ٽيمپل“ به ٻاهر هو ۽ ”آرمن“ جا ڀاتي به ٻاهر هئا، تنهنڪري ٻنهي هنڌن تي هنن کي آزاديءَ سان هڪٻئي جي صحبت ۾ گذارڻ جو تمام چڱو وجهه مليو.

هڪڙي ڏينهن صبح جو آرمن ۾ ”هنرئيٽا“، وڏي ”سر فرڊننڊ“ جي تصوير جي سامهون ويٺي پاڻ اهڙي تصوير ڪڍي. نقاشيءَ جو سامان آسپاس رکيل هوس. ”فرڊننڊ“ ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل هو. اوچتو هڪڙو ٻڍو ماڻهو اندر لنگهي آيو. هڪڙيءَ ڌاريءَ جوان زال کي تصويرن واري ڪمري ۾ ويٺل ڏسي، دهليو. چوڻ لڳو ته ”مون ڀانيو ته ڪئپٽن آرمن هتي آهي“.

”هنرئيٽا“ چيو ته ”هو ٻاهر نڪتو آهي، انهيءَ دم موٽي ايندو“. ائين چئي، هوءَ وري به پنهنجي تصوير ڪڍڻ ۾ لڳي. دل ۾ اهو انتظار هوس ته ”فرڊننڊ“ جلد اچي ته چڱو. سندس تصوير ڪڍندي، اهو شخص وٽس بيهي چوڻ لڳو ته ”مئڊم، اوهين ڪي ڏاڍا هوشيار نقاش ٿا ڏسجو!“ هن چيو ته ”نقش ڪڍڻ جو شوق اٿم“. وري هن شخص چيو ته ”اوهين هڪڙي عجيب انسان جي تصوير ٿا ڪڍو“. ”هنرئيٽا“ ورندي ڏني ته ”اوهين نٿا ڀانيو ته هن جا مهانڊا ڪئپٽن آرمن جهڙا آهن؟“ هن چيو ته ”برابر آهن، پر اوهان جي ڪڍيل تصوير زيادهه جوان ٿي ڏسجي ۽ اصل واري تصوير پڪيءَ عمر جي آهي“. ”هنرئيٽا هن کي چئي نه سگهي ته ”آءٌ ڄاڻي واڻي اهڙي ٿي ڪڍان“، ماٺ ڪري ويٺي ڪڍيائين ۽ رڳو چيائين ته ”هيءُ تصويرن جو ڪمرو نهايت عمدو آهي!“ هن ڌارئين شخص چيو ته ”اهو ڪمرو آرمن جي خاندان ۽ آرمن جي محلات جو هر طرح لائق آهي“. ”مس ٽيمپل“ چيو ته ”شايد اوهين انهيءَ خاندان جا گهڻو واقف آهيو“. هن چيو ته ”آءٌ هتي رهندڙ آهيان“. ”مس ٽيمپل“ چيو ته ”تڏهن شڪ ناهي ته آءٌ مسٽر ”گلئسٽن بيريءَ“ سان ٿي ڳالهايان!“ هن چيو ته ”هائو، اهو منهنجو نالو آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته پاڻ هڪٻئي جو ذڪر ٻڌو آهي، پر اڳي ڪڏهن گڏيا ناهيون. هي چڱو اتفاق ٿيو جو هتي گڏياسين ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ گهڻو خوش ٿيو آهيان. آءٌ ڪن ڏينهن لاءِ ٻاهر ويو هوس ۽ اها خبر ڪانه هيم ته گهر جا ڀاتي موٽي آيا آهن. شايد”منهنجو فرڊننڊ“ اوهان کي رستي ۾ گڏيو هوندو. مئڊم، اوهان کي ائين سڏڻ مان حيرت ڇو ٿي لڳي... هو مون کي پنهنجي پٽ وانگي آهي، تنهنڪري آءٌ هن کي ”پنهنجو فرڊننڊ“ سڏيندو آهيان ۽ هو به مون کي پيءُ ڪري ڄاڻندو آهي - پر مون کي خبر آهي ته مون کان وڌيڪ ٻيا هن سان گستاخ آهن ۽ هن کي پنهنجي سڏڻ لاءِ زيادهه حقدار آهن“.

اتي ”فرڊننڊ“ به اوچتو جاءِ ۾ لنگهي آيو. وائڙو ٿي وڃي پنهنجي استاد جو هٿ ورتائين ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو ته ”منهنجا گهڻو پيارا گلئسٽن بيري!“ ”هنرئيٽا“ جي منهن ڏي به نهاريائين ۽ شڪ به پيس ته متان سندس ڳجهه اڳي ئي ظاهر ٿي پيو هجي. ”هنرئيٽا“ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”مون توسان مسٽر گلئسٽن بيريءَ جو گهڻائي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي، هاڻ مون کي اوهان جي پاڻ ۾ معرفت ڪرائڻ ۾ نهايت گهڻي خوشي ٿي ٿئي: هي منهنجو تمام قديم ۽ نهايت خيرخواهه ۽ حد کان وڌيڪ چڱو استاد آهي ۽ پيءُ جي بجاءِ آهي، ڏاڍو قابل نقاش آهي - تو کي سبق سيکاري. منهنجا پيارا دوست، اوهين ڪيڏي ويا هئؤ؟- قديم عمارتون ۽ ديولون ڏسڻ ۽ انهن جون تصويرون ڪڍڻ ويا هوندؤ. هن جيڪا تصوير ڪڍي آهي، سا ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ڏاڍي عمدي ڪڍي اٿس!“ هُن چيو ته ”اسان به انهيءَ جو ذڪر پئي ڪيو ۽ مون مس....” اتي ”فرڊننڊ“ کي ڊپ ٿيو ته متان ”مس گرئنڊيسن“ جو نالو چئي ويهي! تنهنڪري، وچ ۾ ٽپي، تڪڙو چوڻ لڳو ته ”اوهان جي لاءِ مون وٽ ڪي خط پهتل آهن، مون کي اوهان سان ملڻ ۽ ڪن ضروري ڳالهين ڪرڻ جو ڏاڍو انتظار هو. چڱو ٿيو جو جلدي آيؤ، اوهان جي اوچتي وڃڻ ڪري مون کي ڏاڍو خفو لڳو هو“.

”گلئسٽن بيريءَ“ چيو ته ”اوهان جا پيءُ ماءُ ته خوش آهن؟ اندر ويٺا هوندا، ڏسان وڃي“. ”فرڊننڊ چيو ته ”اهي اڃا ڪين آيا آهن، ڏهاڙي سندن لاءِ انتظار پيو ڪڍان“. پوءِ وري آڻي هوا ۽ موسم جون ۽ ٻيون ڳالهيون وڌائين. ڳڻتي اها هيس ته متان ”هنرئيٽا“ کي ”مس گرئنڊيسن“ جي خبر پوي ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ کي ”هنرئيٽا“ جي خبر پوي، تنهنڪري ”هنرئيٽا“ کي چيائين ته ”هاڻ هلو ته هلي ٺـُـلهه ڏسون ۽ مسٽر گلئسٽن بيريءَ جا نقش ڏسون“. مرضي اها هيس ته جيترو جلد هوءَ ”ڊوسيءَ“ ڏي رواني ٿئي اوترو چڱو.

”گلئسٽن بيريءَ“ پڪ ڄاتو هو ته اها ”مس گرئنڊيسن“ آهي، پر انهيءَ حيرانيءَ ۾ هو ته رڳي هوءَ اڪيلي ”فرڊننڊ“ سان گڏجي ڪيئن ”آرمن“ ۾ آئي، پر وري خيال ڪيائين ته انهيءَ ۾ گهڻي حرڪت ڪانهي، جو هو پاڻ ۾ مڱيل آهن. هو دل ۾ ڏاڍو خوش به ٿيو، جو ڄاتائين ته سندس شاگرد جي ڪنوار ههڙي خوبصورت، چڱي طبيعت واري ۽ قابل آهي، تنهنڪري جيترو ٿي سگهيس، اوترو هن کي خوش رکڻ لڳو. هوڏي ”هنرئيٽا“ کي اها پڪ هئي ته ”فرڊننڊ“ سان جيڪو شاديءَ جو انجام ڪيل هوس، تنهنجي ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانهي. جيتوڻيڪ هن جو مونجهارو حيرت جهڙو هو، ته به ٻيو گمان ڪوبه ڪونه پيس. انهيءَ هوندي به، جڏهن گهمي ڦري هو ”گلئسٽن بيريءَ“ کان موڪلائي نڪتا، تڏهن ”فرڊننڊ“ جي دل تان گهڻُ بار هلڪو ٿيو. پڪ هيس ته جيسين سچي ڳالهه ظاهر ٿيندي، تيسين اهڙيون گهڻيون مشڪلاتون ۽ مونجهاري جا وقت پيا ايندا.

نيٺ ”هنرئيٽا“ کي گاڏيءَ تي چاڙهي ڊوسي ڏي هليو ۽ رستي ۾، دل ۾ ٺهراءُ ڪندو هليو ته هاڻ نڪري ”باٿ“ ڏي وڃي، جتي سندس مائٽ سندس مڱينديءَ سميت رهندا هئا - پر اهو ارادو ”هنرئيٽا“ کي دل جهلي ٻڌائي نه سگهيو.

------

باب سورهون

”ڊوسيءَ“ ۾ عجيب اتفاق

”فرڊننڊ“ هيٺ ترسيو ويٺو هو ۽ ”مس ٽيمپل“ مٿي ماڙيءَ تان پنهنجي ٽوپي کڻڻ ويئي. سگهو ئي هوءَ موٽي آئي، پر سندس منهن لٿل ۽ ملول ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ”فرڊننڊ“ کي ڏسڻ سان ڊپ وٺي ويو. ڀانيائين ته الائجي اوچتو ڇا ٿيو آهي. شڪ پيس ته متان منهنجي مڱڻي جي خبر پيئي اٿس! هن کان پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيس ته ڪنهن خط مان خبر پيئي هيس ته سندس پيءُ ٻئي ڏينهن موٽي اچڻو آهي، انهيءَ ڪري هينئر خود ”فرڊننڊ“ به اهڙو ئي ملول ۽ منجهيل ٿيو. هن جي مرضي نه هئي ته سندن گهرائي جي خبر مسٽر ”ٽيمپل“ کي پوي- متان هو ”سر رئٽڪلف سان انهيءَ بابت گفتگو يا لکپڙهه ڪري، جنهن ڪري اڳوڻي مڱڻي جي ڳالهه ڦاٽ کائي، يا متان مسٽر ”ٽيمپل“ ڄاڻي ته سندس ڌيءَ سواءِ پڇڻ جي هن سان شاديءَ جو ٺاهه ڪيو آهي - تنهنڪري، ڳڻتين کائڻ کان پوءِ، ”فرڊننڊ“ دل ۾ ارادو ڪيو ته ڪنهن تجويز سان ”مس ٽيمپل“ کان شاديءَ جو پڪو انجام وٺي ڇڏجي ته چڱو، پوءِ سانهن ستيءَ سان پنهنجي پيءُ کي پنهنجي رٿ ٻڌائي واقف ڪري. ويهي ويهي چوڻ لڳو ته ”پياري هنرئيٽا، پوءِ ڪيئن؟ هن شوخيءَ مان چيو ته ”بس، هينئر مون کي ڇڏي ڏي!“ انهيءَ جواب هن جون متيون منجهائي ڇڏيون. الائجي هن کي ڪهڙو خيال آيو، جنهن ڪري چيائينس ته ”مون کي ڇڏي ڏي“. هيءُ ڀلا ڪٿان ڇڏي؟ هزارين فڪر دل ۾ اچڻ لڳس. نيٺ ”فرڊننڊ“ اٿي ”هنرئيٽا جي اڳيان گوڏا ڀڃي وڃي ويٺو ۽ هن جي ٻانهن وٺي، اکين مان هنجون هاري، آهستي چوڻ لڳو ته ”مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟“

”هنرئيٽا“، اکيون کڻي، هن ڏي نهاري نهاري، اوچتو اوڇنگار ڏيئي، روئي، ٻئي ٻانهون کڻي هن جي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ پنهنجو منهن کڻي هن جي ڇاتيءَ ۾ لڪايائين. ٻنهي جي دل ڌڪ - ڌڪ ڪرڻ لڳي. ٻنهي پئي سڏڪا ڀريا. نيٺ وري به ”فرڊننڊ“ چيو ته ”او منهنجي هنرئيٽا، تو کي پنهنجي فرڊننڊ ۾ ڪو شڪ پيو آهي ڇا؟“ هن ورندي ڏني ته ”پيارا فرڊننڊ، تو ۾ مون کي ڪو شڪ ڪونهي. تنهنجو ڪو به قصور ڪونهي، تون تمام چڱو ۽ سچو مهربان آهين، قصور منهنجو آهي، آءٌ خراب آهيان...“

”فرڊننڊ“ هن جو هٿ وٺي، انهيءَ کي چميون ڏيئي، پڇڻ لڳو ته ”پياري، ڇو ٿي ائين چوين؟ ڇو اهڙي ملول ۽ غمگين ٿي آهين؟“ هن چيو ته ”بابي جي ڊپ کان جيتوڻيڪ سمجهي نٿي سگهان ته... تو سان محبت رکڻ ۾ مون ڪو قصور ڪيو آهي. نڪي تنهنجو پيءُ، نڪي منهنجو پيءُ، انهيءَ ۾ رنج يا ناراض ٿيندا، ته به، هن جي ٿوري غيرحاضريءَ ۾ اسان جي پاڻ ۾ هيتري گهرائي ٿي آهي - ٻه هفتا مس ٿيا آهن. هن جي نظر ۾ هي عرصو تمام ٿورو ڏسڻ ۾ ايندو. هو تو سان اڃا پورو واقف نه ٿيو آهي. هن کي ضرور دنيا سازيءَ جو خيال زيادهه رکڻو ٿيندو. هو ڏاڍو سمجهو، خيالي ۽ ويچار وارو آهي، ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ نه ڪندو آهي، تنهنڪري مون کي ڊپ آهي ته هو متان ڪاوڙجي، يا اهڙو جلد پنهنجي ملڻ جي منظوري نه ڏئي.

”فرڊننڊ“ هي ٻڌي پاڻ فڪر ۾ پيو. نيٺ چوڻ لڳس ته ”تڏهن پياري، پنهنجي پيءُ کي هن پنهنجي قصي بابت اصل نه ٻڌاءِ“. هن ڇرڪ ڀري چيو ته ”ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو؟ آءٌ ڪا به ڳالهه بابي کان نه رکندي آهيان. هن کي حق آهي منهنجي سڀ ڳالهه معلوم ڪرڻ ۽ پڇڻ ۽ مون کي حق آهي پنهنجي سڀڪا ڳالهه هن کي ٻڌائڻ. هو مون تي نهايت مهربان رهيو آهي. سو، ڀلا هيءَ پنهنجي ڳالهه آءٌ ڪيئن هن کان لڪايان؟“

تڏهن ”فرڊننڊ“ چيو ته ”جي هن کي ٻڌائڻ ضرور آهي ۽ تو کي ڊپ به ٿو ٿئي، ته تڏهن ڇڏ ته آءٌ پاڻيهي هن کي تجويز سان ٻڌايان - يعني هن کان موڪل وٺان، پوءِ تو سان ڳالهيون ڪريان. اها ڳالهه ساڳي آهي ... پوءِ هو خوشيءَ سان موڪل ڏيندو“. ”هنرئيٽا“ پيار مان هن کي چيو ته ”پيارا فرڊننڊ، تون ڪهڙو نه چڱو آهين، جو سڀ بار منهنجي بدران پاڻ تي ٿو کڻين! جي ائين آهي ته چڱو - جيتوڻيڪ اڳي ڪڏهن مون پيءُ سان اهڙي هلت نه ڪئي آهي، پر جي هاڻ تون چوين ٿو ته ائين ڪرڻ بهتر آهي، ته چڱو - پهرين ڀلي تون ساڻس ذڪر چوري موڪل وٺ“. ”فرڊننڊ، چيو ته ٺهيو، باقي ڳالهه رهي ته ڪڏهن اها ڳالهه ساڻس چوريان: آءٌ ڀانيان ٿو ته پهرين ٻيو سڀ بندوبست پورو رکي ۽ بابي سان اڳواٽ صلاح مصلحت ڪري، پوءِ تو سان شادي ڪرڻ جو مسٽر ”ٽيمپل“ کي عرض ڪريان: هو خبردار ۽ تجربيڪار دنيائي ماڻهو آهي، متان انهيءَ کان سواءِ هو ڇوڪراڻو ڪم ڄاڻي، تنهنڪري منهنجي رٿ آهي ته سڀاڻي آءٌ باٿ هليو وڃان ۽ اتي پنهنجن مائٽن سان پورو بندوبست رکي پوءِ هتي اچان: تيستائين تون پنهنجي پيءُ کي انهيءَ وچ جي خبر نه ڪج، هفتي کن جي گذرڻ ۾ وقت ڪونه لڳندو“.

مطلب ته جيتوڻيڪ ”هنرئيٽا“ اڃا به پئي دل هنئي، تڏهين به ”فرڊننڊ“ نيٺ محبت ڏيکاري انهيءَ ڳالهه تي بيهاريس. پوءِ هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جون ڳالهيون ڪيائون. هيءَ جدائي به ”هنرئيٽا“ جي لاءِ وڏي مشڪل ڳالهه هئي، پر جڏهن هنن جو ٿورن ڏينهن لاءِ جدا ٿيڻ ضرور هو، تڏهن ٻيو چارو ڪونه هو، سواءِ صبر جي. هڪٻئي کان موڪلائڻ لڳا. اها ڏاڍي دردناڪ مهل هئي. ٻنهي پئي رُنو. هفتو سڄو هڪٻئي کان جدا ڪيئن گذاريندا؟ تيتري ۾ هڪٻئي کي احوال ڏيڻ ۽ خط لکڻ جي ڪهڙي تجويز ڪن؟ انهيءَ کان سواءِ ته هنن جي ڪين گذرندي! ”فرڊننڊ“ چيو ته ”تون ته مون ڏي خط لکي ٽپال ۾ وڃي وجهي سگهندينءَ ۽ اهو مون کي پيو رسندو، باقي آءٌ تنهنجي نالي ٽپالخاني ۾ لکان، اتان وٺي ايندي وڃج، يا تنهنجي نوڪرياڻيءَ جي نالي لکان، انهيءَ کي سمجهائي ڇڏج. هن چيو ”ائين ڪرڻ منهنجي دل نٿي چوي، اها به هڪڙي چوري آهي، جا پيءُ کان لڪائي ڪنديس... پر تنهنجي مرضي - محبت ڪيئن نه هيترا هنر ٿي سيکاري! پر، خدا شاهد آهي، منهنجي دل صاف پاڪ آهي. فرڊننڊ، منهنجي قسمت تنهنجي حوالي آهي، آءٌ پاڻ تنهنجي آهيان - جيئن چڱو ڄاڻين، تيئن ڪر”. “فرڊننڊ” چيس ته “رک خدا تي، خدا سڀ چڱي ڪندو“.

اتي رات جا يارنهن وڳا. ”مس ٽيمپل“ اٿي. هڪٻئي کي ڀاڪر پائي موڪلايائون. ”هنرئيٽا“ کي اهڙو ڏک ٿيڻ لڳو، جو هن چيو ته ”پهرين آءٌ تو کي ڇڏي ٿي وڃان، پوءِ تون هليو وڃج“. نيٺ هوءَ روئندي هلي ويئي، ۽ پوءِ ”فرڊننڊ“ جاءِ مان ٻاهر نڪتو. پر هن جي دل جي خدا کي خبر هوندي. رات اونداهي هئي ۽ دل جي ڳڻتين ۽ ڏک ڪري هن کي پاڻ زيادهه ڪاري ڏسڻ ۾ آئي - ٿاٻا کائيندو، آٿڙندو، باغ کان نڪري، رستي تي آيو. جـُـهڙ به انهيءَ رات گهڻو هو، تنهن هيڪاري هن جي زيادهه مونجهارو پيدا ڪيو. وڄ جي چمڪاٽ تي هن کي جهنگ ۽ کليل ميدان جو سماءُ پئجي نٿي سگهيو. سگهو ئي واچ ۽ مينهن به اچي ڪڙڪيو. هي ويچارو ڀِڄي ڀت ٿي پيو. نيٺ اچي ڪڙميءَ جي گهر وٽان نڪتو. دل ۾ اهو ئي پهه پچائيندو آيو، ته عشق طوفان سان شروع ٿيو آهي، تنهن جي پڇاڙي ڏسجي ته ڪهڙي ٿي ٿئي.

------

باب سترهون

محبت جي لکپڙهه

ٻئي ڏينهن صبح جو، ڀنڀرڪي ۾، ”مس ٽينپل“ جو نوڪر گهوڙي تي چڙهي سندس خط کڻي آيو، جنهن ۾ هن ”فرڊننڊ“ کي لکيو هو ته ”رات تنهنجي وڃڻ مهل واچ - مينهن اچي نيو هو، تنهن تو کي ڏاڍو هلاڪ ڪيو هوندو - انهيءَ انتظار کان مون کي ننڊ ئي ڪانه آئي آهي. آءٌ پنهنجو ماڻهو گهوڙي تي چاڙهي موڪليان ٿي: انهيءَ کي ترسائجئين نه، پنهنجي احوال جا ٻه ٽي اکر جلد لکي موڪلجئين ته مون کي تسلي ٿئي. اڃا به مينهن جو ڊپ آهي، اهڙي ڏينهن تون ٻاهر متان نڪرين!“

”فرڊننڊ“ جواب ۾ لکي ڏنس، جنهن ۾ گهڻي پيار کان پوءِ لکيائين ته ”پياري هنرئيٽا، تون انتظار نه ڪر. منهنجا رڳا ڪپڙا ڀِنا، ٻي ڪا تڪليف ڪانه ٿي، پر تنهنجي شب بيداريءَ ۽ بي آراميءَ جي ڪري پاڻ مون کي زيادهه بي آرامي ٿي. جي تنهنجي اهڙي مرضي آهي، ته آءٌ ٻاهر نٿو وڃان... چئين ته آءٌ هڪدم تو وٽ هليو اچان، ۽ اچي پنهنجي هنرئيٽا کي ڏسي اکيون ٿڌيون ۽ دل خوش ڪريان!“ ”هنرئيٽا“ انهيءَ خط جو ترت جواب وري لکي موڪليس ته ”جيتوڻيڪ تنهنجي جدائي مون کي ماري ٿي، ته به تنهنجو اچڻ في الحال چڱو ناهي. مون کي رڳو اهو ڊپ هو ته متان مينهن ۾ ڀـِـڄڻ ڪري ٻاهر نڪرين ۽ زڪام يا تپ ٿي پويئي! خدا تو کي سلامت رکي، تون خوش آهين ته آءٌ خوش آهيان. مون تي ڪاوڙجين متان! هفتي کان پوءِ جلد وري اچجئين. تيسين، جيئين تو مون کي سمجهايو تيئن ڪنديس ۽ بابي سان شاديءَ جي انجام جو ذڪر ڪين ڪنديس. هو شايد ٿورن ڪلاڪن کان پوءِ ايندو. جي تون بلڪل چڱو ڀلو آهين، ته ڀلي باٿ ڏي وڃ - في الحال تنهنجي نزديڪيءَ ڪري پاڻ مون کي ڊپ ٿو ٿئي. خط پٽ برابر لکندو رهج. مون کي متان وسارين!“

انهيءَ کان پوءِ ”فرڊننڊ“، ”آرمن“ مان رواني ٿيڻ کان اڳي، ”هنرئيٽا“ ڏي خط لکيو، جنهن جي جواب ۾ ”هنرئيٽا“ ان کي اطلاع ڏنو ته ”بابو آيو آهي. مون کان حال احوال پڇيائين. تنهنجو به پڇيائين ته “انهيءَ سان ڪي گڏي آهين؟“ مون چيو ته گهڻائي ڀيرا، پر هينئر باٿ ڏي ويو آهي، جو سندس مائٽن ڪنهن عزيز جي بيماريءَ ڪري اچڻ ۾ دير ڪئي.“ مون هن کان پنهنجي ڳالهه پئي لڪائي آهي. پيارا فرڊننڊ، آءٌ توکي پڪ ٿي ڏيان ته بابو تو کي گهڻو پسند ٿو ڪري“.

تنهن کان پوءِ ”فرڊننڊ“ هڪڙو خط لنڊن مان ۽ هڪڙو باٿ مان هن ڏي موڪليو، جنهن جي جواب ۾ ”هنرئيٽا لکيس ته ”بابو ۽ آءٌ وڃي آرمن جي ٻني مان گهمي آيا آهيون ۽ آءٌ هن هاريءَ جي گهر ۾ به ويئي هيس ۽ تنهنجي جاءِ به ڏٺي هيم - تو کي گهڻو ياد ڪيم. فرڊننڊ، بابي تنهنجو ذڪر وري به ڪيو هو. آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس، جو بابي تنهنجي گهڻي تعريف ڪئي“.

انهيءَ کان پوءِ هفتي کان به گهڻا ڏينهن لنگهي ويا ته فرڊننڊ جو خط ڪونه آيو، ۽ ”هنرئيٽا“ انتظار ۾ هڪٻئي پٺيان هن ڏي خط پئي لکيا. پڇاڙيءَ واري خط ۾ لکيائينس ته ”مون کي شڪ ٿو پوي، بلڪ پڪ ٿي ٿئيم، ته تنهنجو پيءُ اسان جي شادي منظور نٿو ڪري: جي ائين آهي، ته بهتر آهي ته تون اچي منهنجي پيءُ کي اها ڳالهه ٻڌاءِ. هن کي وڌيڪ بي خبر رکڻ مون کي پسند نٿو اچي. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته هيءَ ڳڻتي مون کي ماري وجهندي!“ انهيءَ جي جواب ۾ فرڊننڊ لکيو ته ” هتي پنهنجي شاديءَ جي نسبت ۾ البت ڪي مشڪلاتون اٿيون آهن، پر اميد آهي ته اهي سڀ لهي وينديون“. هـُـن وري لکيس ته ”هاڻ مون کي پڪ ٿي ٿئي ته تنهنجي پيءُ کي پنهنجي شادي پسند ناهي. سو، انهيءَ جي حرڪت ڪانهي، پر منهنجي توسان ايتريقدر محبت آهي، جو جي پنهنجي شادي نه ٿئي ته من رڳو پنهنجي معرفت ۽ دوستي هلي اچي - اهائي منهنجي لاءِ بس آهي! هاڻ اوهين جلد سڀ گڏجي آرمن ۾ اچو، ته من جلد جلد پاڻ کي ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو وجهه پيو ملي!“

------

باب ارڙهون

”ليڊي بليئر“ جو ”ڊوسي“ ۾ اچي مهمان ٿيڻ

”فرڊننڊ آرمن“ جي ”ڊوسي“ مان وڃڻ کان ٽي هفتا پوءِ هڪڙي ڏينهن صبح جو، مسٽر ”ٽيمپل“ هڪڙو کليل خط هٿ ۾ کڻي پنهنجي ڌيءَ کي اچي چيو ته ”اسان جي قديم آشنا ”ليڊي بليئر“ لکيو آهي ته اُتر ڏي ويندي رستي ۾ هتي اڄوڪي رات گذاريندي ويندي ۽ ساڻس هڪڙي ٻي به سندس دل گهُري سهيلي آهي - پوءِ الائجي اها ڪير آهي“. انهيءَ اطلاع اچڻ تي ”ڊوسي بائوئر“ ۾ تياري ٿيڻ لڳي. ”ليڊي بليئر“ اڳي به هتي رهي ويئي هئي، تنهنڪري گهر جا مالڪ توڙي سندن نوڪر چڱيءَ طرح واقف هئا ته هوءَ ليڊي ڪهڙي عجيب طبيعت جي ۽ زود رنج ۽ گهَڻ - ڳالهائي ۽ ويسر واري آهي ۽ ساڻس هميشه هڪڙو نوڪر ۽ هڪڙي نوڪرياڻي ۽ هڪڙو ڇوڪر ۽ هڪڙو چتونءَ جو پڃرو رهندو آهي.

پوري وقت تي، هڪڙي وڏي عمدي گاڏي اچي نڪتي. انهيءَ مان پهرين هڪڙي ٿلهي قداور زال لٿي. پوشاڪ تمام عمدي هيس. قد جي پوري هئي ۽ هڪڙي هٿ ۾ هڪڙي قيمتي ٿيلهي هيس ۽ ٻئي ۾ عينڪ. انهيءَ کان پوءِ سندس چتونءَ جو پڃرو نڪتو. پوءِ وري ٻي هڪڙي تمام ٻڍي زال لٿي، جا نوي ورهين عمر جي ٿي ڏٺي. قد جي تمام ننڍي هئي، ڄڻ ته ننڍڙو ٻار آهي. انهيءَ جا ڪپڙا تمام عمدا هئا. اها هئي ”ليڊي بليئر“ پاڻ ۽ هوءَ هئي سنديس سهيلي. نوڪر ۽ نوڪرياڻي پٺيان ويٺل هئا، جي گاڏي بيهڻ شرط اچي اڳيان بيٺا. نوڪر پنهنجي ڌياڻيءَ کي لاهي هيٺ زمين تي بيهاريو - جيئن ڪو وڏو ماڻهو ننڍڙي ٻار کي کڻي هيٺ لاهي. مسٽر، ”ٽيمپل“ ۽ سندس ڌيءُ پرڀرو بيٺل هئا، جو هنن کي خبر هئي ته انهيءَ ليڊيءَ کي لهڻ شرط گهر وارن جو ملڻ نه وڻندو آهي.

لهڻ سان ”ليڊي بليئر“ جو سنهڙو توتاريءَ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جو پڇڻ لڳي ته ”ڪٿي آهي؟ بٽلر ڪٿي آهي؟ بيوقوف، تون نه، آءٌ گهر وارن جي نوڪر جو ٿي پڇان! ڪنهن جو نوڪر؟... مون کي سندس نالو وسري ويو آهي... مسٽر ”ٽوشوز“ جو نوڪر؟ نه نه، ٻيو نالو اٿس. ڪيئن آهي تنهنجو ڌڻي؟ تنهنجي ڌياڻي ته خوش آهي؟ منهنجو مـِـٺوُ ڪيڏي ويو؟ منهنجي سهيلي ڪيڏي ويئي؟ ڇا نالو اٿس؟... مس ٽيمپل! نه نه... مسز فلائڊ! هائو هائو، اهو نالو! پر ٻه نالا اٿس... بيٺي آهين نه؟ هنن کي ٻڌاءِ پنهنجا نالا، مون کي وسري ٿا وڃن!“ ويچاريءَ ”مسز مانٽگامريءَ“ کي ڏکيو گهڻو ئي لڳو، پر هن لاچار ليڊيءَ جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سڀئي هن جو نالو ٻڌي، دستور موجب ڪنڌ جهڪائي، هن کي سلام ڪرڻ لڳا.

پوءِ ”ليڊي بليئر“ هيڏي هوڏي نهاري، هر هڪ کي چتائي ڏسي، پوءِ وري سوالن جو ٻيو دس هڻڻ لڳي: ”ڪٿي آهي؟ هڪڙي شي اڃا منهنجي ڪانهي- منهنجي سهيلي ۽ چتون ته لٿا، باقي ٽين شيءِ ڪهڙي؟ مون کي ٽي شيون ساڻ هيون! تون ڪير آهين؟ مسٽر ٽيمپل جو نوڪر آهين؟ آءٌ تنهنجي ڌڻيءَ کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هو اڃا انهيءَ چتونءَ جي پڃري جيڏو هو!... کلين ٿو؟ تو اڳي ڪڏهن ڪا نوي ورهين جي زال ڏٺي آهي؟ پڪ آهي ته نه ڏٺئي هونديئي... پوءِ ٽين شي ڪهڙي آهي؟ هيترا بيٺا آهن، مون کي ڪو ياد نٿو ڏياري! هائو هائو، هاڻ ياد پوي ٿو- منهنجو ڇوڪر، منهنجو ننڍڙو نوڪر! الائجي پيرن ۾ چپجي پيو ڪيئن؟ آهي، آهي، اهو بيٺو آهي! تون ڪير آهين... گهر جي نوڪرياڻي آهين؟ آءٌ هڪدم نوڪرياڻيءَ کي سڃاڻندي آهيان! تون هن ڇوڪر جي سنڀال رکج، گريگريءَ کي سنڀالج... تون خوش آهين، مس ٽيمپل! ڏس، تنهنجو نالو مون کي وسريو ئي ڪين آهي! تون منهنجي لاڏلي آهين، مون کي ڏاڍي پياري آهين! هيءَ منهنجي سهيلي به مون کي ڏاڍي پياري آهي... اهڙا تڪڙا ته نه هلو- ڀڄ ڪانه پيئي آهي! انهيءَ ڇوڪر جي سنڀال ڪجو... جڏهن سڏيانس تڏهن ڇڏجوس!

اها ”ليڊي بليئر“ هڪڙي وائي ڪائونٽ جي بيوهه زال هئي ۽ جوانيءَ ۾ نهايت حسين ۽ عقل واري هئي. اهڙي ته حسين هئي، جو مشهور ۽ قابل نقاش هن جي تصوير ڪڍندا هئا ۽ مشهور شاعر ۽ مصنف هن جي صحبت ۾ رهندا هئا. اهي سڀ مري کپي ويا ۽ هيءَ اڃا هلي آئي. اڃا به سندس سڀ حواس سالم هئا ۽ هوءَ تندرست رهندي آئي- جهڙي بدن ۾، تهڙي دماغ ۽ دل ۾. ملڪ ۾ جيڪي مشهور قابل ۽ علم ۽ فضيلت وارا ماڻهو ۽ عالي نسب ۽ خوبصورت زالون هيون، سي سڀ هن جا سلامي هئا. زماني جا گهڻائي دور ڏٺا هئائين، گهڻيون ئي جنگيون ۽ حڪومت ۾ ڦيريون گهيريون ۽ ٻيون ملڪي وارداتون هن جي حياتيءَ ۾ ٿي گذريون هيون. قريبن سؤ ورهين جي بار کان اڃا گـُـڪي نه ٿي هئي، سنئين سڌي هئي، مگر ڄڻ ته سال بسال ويئي ننڍڙي ٿيندي. اڃا تائين هوءَ بهترين علميت ۽ قابليت تي نظر ڏيندي هئي، پوءِ خوبصورتيءَ ۽ حسن تي ۽ پوءِ اصل نسل تي. جنهن هڪڙي ئي شخص ۾ اهي ٽي وصفون گڏ ٿينديون هيون، انهيءَ کي هوءَ حد کان وڌيڪ پسند ڪندي هئي، بلڪ پوڄيندي هئي. دولت تي گهڻو ڌيان نه ڏيندي هئي - جيتوڻيڪ سندس خواهش اها هوندي هئي ته جيڪي ماڻهو کيس پسند هئا، سي دولتمند هجن ته چڱو. ڏاڍي خوش طبع ۽ تيز فهم ۽ تجربيڪار هئي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جيڪي ٽي وصفون پاڻ پسند ڪندي هئي سي ٽيئي منجهس موجود هيون.

”ليڊي بليئر“ گهڻا مهينا لنڊن ۾ رهندي هئي، ٻه ٽي مهينا باٿ ۾ گذاريندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي پوٽي، هاڻوڪي وائي ڪائونٽ ڏي ويندي هئي، جو اتر ۾ رهندو هو. انهيءَ گشت ۾ هوءَ نون نون ماڻهن سان معرفتون پيدا ڪندي وتندي هئي، رٺلن کي پرچائيندي هئي، نين نين شادين جا بندوبست ڪندي ۽ جوڙا جوڙيندي هئي ۽ انهيءَ کي هوءَ فخر سمجهندي هئي. هن سال جي گشت ۾ هن جي ”مسز مانٽگامري فلائڊ“ سان معرفت ٿي ويئي ۽ اُها پسند اچي ويس، تنهن کي گهلي پاڻ سان کنيائين. هوءَ تمام دولتمند خانداني بيواهه زال هئي. هـُـن جي به اُتر ۾، يعني اسڪاٽلنڊ ۾، جائداد هئي، تنهنڪري هنن کي گڏ گهمڻ ۾ مشڪلات ڪانه ٿي. هن کي به سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ۽ پنهنجا نوڪر هئا. هينئر هنن پاڻ ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته ”مسز فلائڊ“ ”ليڊي بليئر“ سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ ويهي سفر ڪري ۽ سفر جو خرچ به پاڻ ڀري، جو پيسي واري هئي ۽ سندس گاڏي ۽ نوڪر ”ليڊي بليئر“ جي گهر ۾ رهي پون.

 

 

------

 

باب اوڻيهون

”ليڊي بليئر“ جي گفتگو ۽ ”هنرئيٽا“ جي نااميدي

”ليڊي بليئر“ جي ”هنرئيٽا ٽيمپل“ سان سچي پچي دل هئي، هميشه پئي چوندي هيس ته ”مون وٽ ڪي ڏينهن لنڊن ۾ رهه، جو منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن ڊيوڪ سان تنهنجي شادي ٿئي“، تنهنڪري هينئر هوءَ ”هنرئيٽا“ تي ڏاڍي مهرباني ڪرڻ ۽ هن کي گهڻي محبت ڏيکارڻ لڳي. چوڻ لڳي ته ”منهنجي مٺي، گهڻن ڏينهن کان پوءِ تو کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهيان. ڪهڙيءَ ڪراڙيءَ زال کي تو جهڙي خوبصورت ۽ جوان ساهيڙي آهي؟ توکي ڏسي آءٌ نهال ٿي ٿيان، وري نئين سر جواني ٿي اچيم! تون اڳي کان به زيادهه خوبصورت ٿي لڳين. ڇو نٿي مون وٽ اچي لنڊن ۾ رهين، ته تنهنجي شاديءَ جو بلو ڪريان! ”ڊيرانڊيل جو ڊيوڪ آهي، جنهن اڃا شادي نه ڪئي آهي... پر نه، اهو چڱو ناهي- اهو اهڙو سڌريل ناهي- انهيءَ سان متان شادي ڪرين! ”فٽـز وارن“ جو ڊيوڪ بهتر آهي. انهيءَ کي آءٌ پسند ڪندي آهيان. مون وٽ گهڻو ايندو آهي. اهو تنهنجي لائق آهي. ڇو، کلين ٿي؟ تو کي کلندو ڏسي آءٌ ڏاڍي سرهي ٿي ٿيان!“

هيڏي هنن ويٺي پاڻ ۾ ڳالهايو ۽ هوڏي مسٽر ”ٽيمپل“ ”مسز مانٽگا مري فلائڊ“ سان ويٺي ڳالهايو، جنهن ”ڊوسي بائوئر“ جي تعريف پئي ڪئي ۽ ”مس ٽيمپل“ جي به. پوءِ سڀ وڃي ماني کائڻ ويٺا ۽ ماني کائيندي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون به پئي ڪيائين. پوءِ اٿي باجي تي راڳ ڳايائون. جڏهن واندا ٿيا، تڏهن صفي ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا. وري به ”ليڊي بليئر“ ”هنرئيٽا“ کي پاسي تي وٺي وڃي ويٺي ۽ چوڻ لڳس ته ”ويهه، ته تو کي ٻڌايان ته آءٌ تنهنجي ۽ ”لارڊفٽزوارن“ جي شاديءَ جي لاءِ ڪهڙي تجويز ڪنديس. مون کي افسوس آهي ته منهنجو ڏهٽو ”لارڊ بليئر“ پرڻيل آهي، نه ته اهو تنهنجي هر طرح لائق هو. ڏاڍو خوبصورت ۽ چرچائي آهي. هن جي زال به ڏاڍي خوبصورت ۽ چڱي آهي. انهن جي شاديءَ جو بندوبست به مون ئي ڪيو هو. ”پر لارڊ فٽزوارن“ به بڇڙو ڪين آهي. تون لنڊن ۾ ايندينءَ ته آءٌ مجلسون ڪنديس ۽ انهيءَ ۾ هن کي گهرائينديس. اهو زور سان مجلسن ۾ ايندو آهي. جيڪو اشاري سان مجلسن ۾ ايندو آهي اهو مون کي ڪين وڻندو آهي“.

”مس ٽيمپل“، بيزار ٿي، زور ڪري ٻي ڳالهه آڻي وڌي. هن کان پڇڻ لڳي ته ”ليڊي بليئر“ اوهين باٿ مان ٿيندا آيا آهيو... هن سال جو ڪهڙو حال آهي“. هن ورندي ڏني ته ”پياري، ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پڇين! اتي هيل مون کي ڏاڍو مزي جهڙو ماڻهو مليو. مون کي نالو وسري ويو آهي... ڏاڍو سهڻو آهي، ۽ چرچائي به بيحد آهي، اصل نسل جو به چڱو آهي- نالو ياد نٿو پويم...“ اتي ”مسز مانٽگامريءَ“ کان پڇڻ ۾ لڳي ته ”انهيءَ جو نالو تو کي ياد آهي؟“ هوءَ خيال ڪرڻ لڳي، تنهن تي خفي ٿي چيائين ته ”ڇو، تو کي هن جو نالو نه ٿو اچي؟ آءٌ ڏاڍو پيار ڪندي هئي سانس. نالو ڇا اٿس...؟ مون سان انجام ڪيو هئائين ته لنڊن ۾ اچي مون وٽ هڪڙي ڏينهن ماني کائيندو“.

نيٺ ”مسز مانٽگامري فلائڊ“ خيال ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ”متان ڪئپٽن آرمن ٿي چوين!“ ”ليڊي بليئر“ چيو ته ”هائو، اهو... ڪئپٽن آرمن! پياري هنرئيٽا، تون انهيءَ سان شادي ڪجئين! اهو لارڊ فٽز وارن کان به چڱو آهي“.

”ڪئپٽن آرمن“ جو نالو ٻڌي، ”مس ٽيمپل“ جو رنگ ئي هارجي ويو، پر ڪنهن جي نظر مٿس نه پيئي، نه ته ضرور ڪنهن قسم جو شڪ پوين ها. ”مسز مانٽگامريءَ فلائڊ“ چيو ته ”ليڊي بليئر“، اهو ته چڱو، پر تون وسارين ٿي ته هو جلد شادي ڪرڻ وارو آهي“.

هي ٻڌي ”مس ٽيمپل“ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُٿي نه سگهي ڪنڌ هيٺ ڪري، دل ۾ چوڻ لڳي ته ”شايد اسان جي شاديءَ جي انجام جي ڳالهه ظاهر ٿي آهي!“ پر ”ليڊي بليئر“ هن کي ورندي ڏيئي چيو ته ”هائو هائو، برابر، مون کي وسري ويو... هو جلد شادي ڪرڻ وارو آهي... تڏهن لارڊفٽزوارن چڱو‍! تنهن کان سواءِ، ”ڪئپٽن آرمن“ پيسي وارو به نه آهي. پر رهڻ جي محلات تمام چڱي اٿس آءٌ ڪنهن ڏينهن اتي وڃي رهنديس. ٻيو وري قرض ۾ ٻڏو پيو آهي. پر چڱو سبب اٿس جو هڪڙيءَ تمام دولتمند زال سان ٿو پرڻجي - قرض ٻرض لهي ويندس، ۽ سگهو ئي بهتر حال ۾ ايندو“.

اِتي مسٽر ”ٽيمپل“ پڇيو ته ”ڪئپٽن آرمن ڪنهن سان ٿو شادي ڪري؟“ تنهن جي جواب ۾ ”ليڊي بليئر“ چيو ته ”چگيءَ زال سان. مون کي سندس نالو ياد نٿو اچي... مس ٽوشوز يا ڪو ٻيو. پياري منٽگامري فلائڊ، تون نالو ياد ڪر“. هن چيو ته ”گرئنڊيسن؟“ ليڊيءَ چيو ”هائو، اها گهڻي ملڪيت ۽ جائداد جي وارث آهي. گرئنڊيسن جي خاندان مان باقي اها وڃي بچي آهي. آءٌ هن جي ڏاڏي کي به سڃاڻندي هيس. هو منهنجي پٽ سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندو هو“.

مسٽر ”ٽيمپل“ چيو ته ”آءٌ هن کي سڃاڻان، اسان جو پاڙيسري آهي. اوهان کي پڪ آهي ڇا ته هو مـِـس گرئنڊيسن سان شادي ٿو ڪري؟“ مسز مانٽگامري فلائڊ چيو ته ”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. سڄو بندوبست پورو ٿي رهيو آهي. جيڪي ڇوڪريون ڪنوار سان گڏ هلڻيون آهن، ۽ جيڪي زيور ۽ ٻيون شيون ڏاج ۾ يا تحفي طرح ڏيڻيون آهن، سي مون ڏٺيون به آهن. ٻئي گهراڻا هينئر باٿ ۾ آهن. گهوٽ ڪنوار، ٻنهي کي آءٌ هر روز گڏ ڏسندي هيس. هو پاڻ ۾ ماروٽ ٿين. جوڙو تمام چڱو آهي. ويچاري سر رئٽڪلف آرمن کي سال ۾ هزار پائونڊ مس پيدائش هوندي. زمين سڀ گروي اٿس. انهيءَ شاديءَ ڪري هنن جي جائداد بچي پوندي ۽ هو بهتر حالت ۾ ايندا. خوشيءَ جي ڳالهه ڪين آهي؟“.

”ليڊي بليئر“ چيو ته ”ايندڙ مهيني ۾ هو پرڻجڻا آهن. مون کي گرئنڊيسن وڻندا آهن، ڇا لاءِ جو پنجاهه ورهيه اڳي لارڊ گرئنڊيسن منهنجي پٽ جو دوست هو. مون اهو شاديءَ جو بندوبست نه ڪيو، مگر ٿورو گهڻو ڪم مڙئي ڪيو هوم“.

”مسز مانٽگامري فلائڊ“ چيو ته ”ليڊي آرمن، انهيءَ ڪري ڏاڍي خوش ٿي ڏٺي. حقيقت هيءَ آهي ته ڪئپٽن آرمن، جو جوان ۽ خوبصورت ۽ بڻائتو ماڻهو آهي، تنهن جوانيءَ جي شروعات عيش عشرت ۾ گذاري،پر جڏهانڪر ٻاهران نوڪريءَ تان موٽي آيو آهي، تڏهانڪر البت سنڀالي ٿو هلي ۽ چڱي رستي تي آهي. ڇهه مهينا ٿيندا جو هنن جو مڱڻو ٿيو هو. هو سڀ وقت باٿ ۾ گذاريندو آهي، رڳو ٻه هفتا کن پنهنجي گهر آرمن ڏي ضروري تياري ڪرڻ جي لاءِ ويو هو. هن جي غير حاضريءَ ۾ اسين سڀ اٻاڻڪا هئاسين. هو ڏاڍو خوش طبع آهي. اسان سڀني کي هميشه پيو کلائيندو هو. ٻڌڻ ۾ پيو هو ته سڀڪا جوان زال مٿس عاشق آهي.“

مسٽر ”ٽيمپل“ چيو ته ”هو ڏاڍو نصيب وارو آهي“.

هي ڳالهيون ٻڌي، ”مس ٽيمپل“ اٿي جاءِ ڇڏي مٿي هلي ويئي. وري سهماڻين تائين منهن ڪونه ڏيکاريائين. سندس نوڪرياڻيءَ اچي چيو ته هوءَ بيمار آهي، تنهنڪري هيٺ نه لٿي آهي.

”هنرئيٽا“ هتان جا نڪتي، سا سڌي ويئي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ۽ وڃي پنهنجي هنڌ تي ڪِري. روشنائي به برابر نه هئي. هزارين خيال مغز ۾ اچي ڊوڙڻ لڳس. بلڪل منجهي پيئي. بيهوشن وانگي پيئي هئي، ته سنديس نوڪرياڻي آئي ۽ بتي کڻي آئي. ان کي اهو پيغام ڏنائين، جو مهمانن کي آڻي ٻڌايو، پاڻ وري به ائين ئي پئي رهي. ڀانيائين ٿي ته ”هاڻ منهنجو جيئڻ ڪونهي: جنهن کي وفادار ٿي سمجهيم، سو بيوفا ٿيو. سچي محبت دنيا ۾ آهي ئي ڪانه. جنهن محبت مان سمجهيم ٿي ته بهشتي خوشي حاصل ٿي ٿئي، تنهن مان فقط عذاب حاصل ٿيا“. هوءَ انهن خيالن ۾ هئي، ته اوچتو جاءِ جو در کڙڪيو. هيءَ چري ئي ڪين. وري ٻيو ڀيرو در تي ڪنهن هٿ هنيو، ته به هيءَ نه چري، اڌ مئي ٿيو پئي هئي. اوچتو مسٽر ”ٽيمپل“ آهستي اندر لنگهي اچي ڌيءُ جي هنڌ تي ويٺو ۽ نوِڙي، هن جي پيشانيءَ ٿي چمي ڏيئي، نرميءَ سان کيس سڏڻ لڳو. ”هنرئيٽا“، جا اڃا تائين اکيون پوريو پيئي هئي، تنهن انهيءَ حال ۾ پيءُ کي چيو ته ”بابا سائين، مون سان نه ڳالهايو، آءٌ اهڙيءَ مهربانيءَ جي لائق ناهيان، مون کي معاف ڪريو“. هن چيو ته ”ابا، آءٌ تو کي دلاسو ڏيڻ آيو آهيان، عتاب ڏيڻ نه آيو آهيان. جي تنهنجي مرضي اهڙي آهي، ته آءٌ کڻي ڳالهائيندس ڪين“. ”هنرئيٽا“ چيو ته ”او بابا ڀلي ڳالهايو، ضرور ڳالهايو. پنهنجيءَ بيوقوفيءَ ۽ چڪ ظاهر ڪرڻ ڪري پاڻ آءٌ پنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ڪنديس. شايد اوهان کي منهنجي حال جي سڀ خبر آهي“. هن چيو ته ”سڀ ته نه، پر گهڻي خبر اٿم“. ڌيڻس چيو ته ”جي سڀ خبر پونديو، ته اوهين تمام ڪاوڙبؤ ۽ مون کي ڌڪاريندؤ“. هن چيو ته ”منهنجي هنرئيٽا، ائين نه چؤ. مون جهڙي پيءُ کي تون ائين چئي سگهين ٿي؟ ڪنهن به ڊپ يا حيا کان سواءِ، تون مون کي پنهنجو حال ڏي - ائين ڀانءِ ته ڪنهن پنهنجي حال ڀائي ۽ خيرخواهه سان ٿي ڳالهائين. مون کي فقط هڪڙي سوال جو جواب ڏي ته انهيءَ ماڻهوءَ سان شاديءَ جي انجام ۾ ڦاٿل آهين ڪيئن؟“ هن چيو ته هائو آهيان. هن کي رڳو پهرين پنهنجي پيءُ کان پڇڻو هو“. پڻس چيو ته ”مون کي خبر آهي ته هو توسان گهڻو ملندو هو ۽ تو سان لکپڙهه ڪندو هو، پر مون کي انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو نٿو اچي“. هن چيو ته ”پهرين ته هو لکندو رهيو، مگر هفتو کن ٿيندو جو هن نه لکيو آهي ۽ پوين هڪ ٻن خطن ۾ هن نٽائڻ ۽ گسائڻ جهڙا لفظ لکيا آهن. او بابا، آءٌ هن لڪچوريءَ جي لکپڙهه ڪرڻ ڪري اوهان کان گهڻي شرمندي آهيان. مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو، پر ڪي ضروري سبب مون کي ڏسڻ ۾ آيا... پر هاڻ آءٌ پشيمان ٿي آهيان - هن ڏاڍي بيوفائي ڪئي آهي!“ مسٽر ”ٽيمپل“ چيو ته ”ابا، هو تنهنجي لائق ناهي، هو نالائق ماڻهو آهي“. ”هنرئيٽا“ تڪڙي ٿي چوڻ لڳي ته ”بابا، ائين نه چؤ، هن کي وڌيڪ نه ڳالهايو. ڪلاڪ کن اڳي هو مون کي ڏاڍو پيارو هو ۽ هر طرح منهنجو لائق هو... پر خبر ناهي ته ڇا ٿيو“. پڻس چيو ته ”بابا، تون ارمان نه ڪر، اها ڳالهه وساري ڇڏ. اچ، اچي پنهنجي پيءُ جي ڇاتيءَ سان لڳ ته آرام اچيئي“. هن اٿي پيءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ چوڻ لڳي ته ”هاڻ مون کي آرام اچي ٿو، مگر جهڙي اڳي آءٌ خوش هيس، اهڙي وري ڪڏهن ڪين ٿينديس. پر، خير، جيڪي قصور ۽ گناهه ڪيا اٿم، تن کان توبهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس“. پڻس چيو ته ”ابا، خدا تو کي هدايت ڏيندو، ۽ دل جو آرام ڏيندو. هاڻ آءٌ وڃان ٿو. تنهنجي نوڪرياڻيءَ کي موڪليان ٿو، جا تو کي سمهاريندي“.

ائين چئي مسٽر”ٽيمپل“ نڪري ويو، ۽ نوڪرياڻيءَ کي موڪليائين، جنهن فقط ايترو سمجهيو ته سندس ڌياڻيءَ کي مٿي ۾ سور آهي ۽ هن جي سمهڻ تائين وٽس ويٺي رهي.

 

باب ويهون

”گلئسٽن بيري“ ۽ ”فرڊننڊ“ جي گفتگو

رات جو سهماڻين مهل ”گلئسٽن بيري“ پنهنجي جاءِ ۾ ويٺو هو، ته اوچتو در کڙڪيو. هو اُٿي در تي ويو، ته ”فرڊننڊ آرمن“ لنگهي آيو. پر ٻاهر جو مينهن - واءُ هو، تنهن ۾ ڀـِـنو آيو ۽ ڏسڻ ۾ تمام ملول ٿي آيو. هن باهه ۾ اڱر وڌا، ۽ بتيءَ کي مٿي ڪيائين. پڇيائينس ته ”باٿ مان ٿو اچين ڪيئن؟“ هن انهيءَ جو جواب ته ڪونه ڏنو، رڳو ايترو چيائين ته ”گلئسٽن بيري، مون جهڙو ڪم بخت دنيا ۾ ڪونه هوندو“. تنهن تي ”گلئسٽن بيريءَ“ کي ڳڻتي ٿي. پڇڻ لڳس ته ٻيو ته سڀ خير آهي؟ جيڪا حقيقت هجي سا مون کي ٻڌاءِ ۽ پنهنجي دل تان بار هلڪو ڪر. من توکي تسلي ڏيئي سگهان!“ هن چيو ته ”آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان. نٿو سـُـجهيم ته ڇا چوان. آءٌ بلڪل نااميد آهيان. الائجي منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو!“ ”گلئسٽن بيريءَ“ وري به دلاسو ڏيئي همٿايس ۽ احوال پڇيائينس. تنهن تي هن چيو ته ”اوهان کي ياد هوندو ته ڇهه هفتا کن ٿيا، جو هتي هڪڙي جوان زال اوهان ڏٺي هئي“. هن چيو ته ”هائو، جنهن کي ڀـُـل ۾ مس گرئنڊيسن سمجهيو هو، پر هئي ٻي“. ”فرڊ ننڊن“ چيو ته ”تڏهن اوهان کي سڀ خبر آهي“. هن چيو ته ”هائو، ڏهاڪو کن ڏينهن ٿيندا جو انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ هتي اوچتو آيو ۽ مون کان تنهنجو حال احوال پڇيائين، جيڪا حقيقت هئي، سا مون ٻڌايس. تنهنجي تعريف ڪيم. هن جي ڳالهائڻ مان معلوم ڪيم ته باٿ جا ڪي ماڻهو وٽس مهمان ٿيا هئا، تن کان مس گرئنڊيسن سان تنهنجي مڱڻي ۽ شاديءَ جو ذڪر ٻڌو هئائين. مون کان پڇيائين، جيڪا ڳالهه اڳي ئي عالم آشڪار هئي، سا مون ٻڌايس. پوءِ ويو هليو“.

اتي ”فرڊ ننڊ“ دانهن ڪري چيو ته ”او گلئسٽن بيري، اوهان مون کي خوار ڪيو آهي، مون کي ٺڳ ۽ دغاباز ثابت ڪيو اٿوَ! پيارا گلئسٽن بيري، معاف ڪجو جو اوهان کي پهريون ڀيرو اهڙا لفظ چيا اٿم، پر اوهان کي منهنجي حال جي خبر ڪانهي... منهنجي دل ڀڄي پرزا ٿي ٿئي، هاڻ منهنجو جيئڻ محال آهي! پر ٻڌايو ته هينئر اهي ڪٿي آهن؟ پنهنجي گهر ته ڪين آهن؟“ هن چيو ته ”انهيءَ جي مون کي بلڪل خبر ڪانهي“.

”فرڊننڊ“ نااميديءَ ۽ غم ۾ ڪرسيءَ تي ليٽي پيو ۽ چرين وانگي چوڻ لڳو ته ”هاءِ هاءِ، ڪهڙي نه نيڪ ۽ ملائڪ جهڙي زال هئي! مون ڀانيو ته آءٌ هن جي صحبت ۾ گويا جيئري بهشت ۾ هوس... هينئر منهنجون سڀ اميدون برباد ٿي وييون... هاڻ آءٌ ڇا ڪريان؟... هاءِ هاءِ!“

”گلئسٽن بيريءَ“ پڇيس ته ”انهيءَ اوهان جي محبت جي ”مس گرئنڊيسن“ يا تنهنجن مائٽن کي ڪا خبر آهي؟“ هن چيو ته ”نه“. هن وري پڇيو ته ”تڏهن هاڻ تنهنجو مطلب ڇا آهي، ارادو ڪهڙو ڪيو اٿئي؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”جڏهن هنرئيٽا ٽيمپل تي پهرين منهنجي نظر پيئي، تڏهن مون پنهنجي دل هن کي ڏيئي ڇڏي. هاڻي جيسين آءٌ هن سان شادي نه ڪندس، تيسين مون کي آرام ڪونه ايندو. جي ائين نه ٿيو، ته منهنجو جيئرو رهڻ ڪونهي!“ هن پڇيس ته ”انهيءَ بابت تو باٿ ۾ هنن سان ڇو نه ڳالهه ڪئي؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”انهيءَ جا ڪي ڳرا سبب هئا. اوهان کان مون کي ڪي لڪائڻو ناهي: ڏاڍا ڳرا قرض مون تي هئا، جن مون کي اهڙي ڳالهه ڪرڻ نه ڏني. هاڻ آءٌ ڀانيان ٿو ته جي مون کي هنرئيٽا ملي، ته پوءِ آءٌ ڪڙمي ٿي به خوش گذاري سگهندس. آرمن ۾ پنهنجن وڏن جي تجمل سان رهڻ مون کي پسند نٿو اچي، جن مون کي ههڙي سـُـڃي حال ۾ آندو آهي ۽ ههڙي وڏي خاندان کي آڻي گوڏن ڀر ڪيو اٿن“. هن چيو ته ”پنهنجن وڏن جي نالي ائين نه چؤ، هو چڱا ماڻهو هئا، اها زماني جي گردش آهي ۽ قسمت جي بازي آهي. پر تڏهن باٿ ۾ ايترو وقت ڇو رهيو پيو هـُـئين؟“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”ڳالهه ئي نه پڇو. آءٌ اتي ويس، ته ٻئي ڏينهن منهنجي هڪڙي وڏي قرض خواهه جو ماڻهو مختيار نامو کڻي لنڊن مان اتي آيو. اهو مختيار نامو هن مالٽا مان هن ڏي قرض جي وصوليءَ لاءِ موڪليو هو، تنهن اچي تنگ طلبي ڪئي ۽ دعويٰ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنائين.

هيستائين قرض خواهه ماٺ ڪيو ويٺا هئا، جو ٻڌو هئائون ته آءٌ هڪڙي وڏي وارثياڻيءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهيان، پر جڏهن شاديءَ ۾ دير ڏسڻ ۾ آين، تڏهن بي صبر ٿي ڪوشش ڪرڻ لڳا آهن. تنهنڪري جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي باٿ ۾ ڏٺم، تڏهن آءٌ زور ڪري به ڪئٿرائن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لڳس، ته ڀلي هن کي شاديءَ جي جلد هئڻ جي پڪ ٿئي. انهيءَ هوندي به، ڊوسيءَ ڏي خط پئي لکيم. مون کي ڪهڙي خبر ته اهي دوزخي مهمان اتي وڃي ڪو ڦڪڙ ڦاڙيندا! مون کي ذري گهٽ دل ۾ آيو ته هڪڙو خط لکي، دل جي سچي ڳالهه ڪئٿرائن کي ٻڌائي، باٿ مان ڀڄي وڃان، پر وري هنرئيٽا جو خط جو نه اچڻ لڳو ۽ پنج ڇهه ڏينهن گذري ويا، تڏهن آءٌ بي آرام ٿيڻ لڳس. اُتان نڪري پيس. لنڊن ۾ ڏهه منٽ مس گذاري، سڌو ڊوسيءَ ويس. ڏسان ته اتي ماڻهو ئي ڪونه ٺهي! هڪڙيءَ ٻڍيءَ زال مون کي چيو ته گهر جا ڀاتي ٻاهر ڪنهن سفر تي ويا آهن، پر ڪيڏانهن، تنهنجي هن کي خبر ڪانه هئي. هيڏي هوڏي پڇا ڳاڇا ڪيم، پر هن جو مون کي پتو ئي ڪونه پيو - لاچار هيڏي اچي نڪتو آهيان. چار ڏينهن برابر ٽنگون هنيون اٿم. ذرو به ننڊ نه ڪئي اٿم. نه ڪي کاڌو اٿم، باقي پاڻي سوججهو پيتو اٿم هينئر منهنجو اهڙو حال آهي، جو ڀانيان ته آرمن کي هٿ سان باهه ڏيان ۽ پاڻ به منجهس سڙي مران!“

”گلئسٽن بيري“ دلاسو ڏيئي چيس ته ”فرڊننڊ، تون ٿڪل آهين، تنهنجو دماغ جاءِ ناهي، تو کي آرام جي ضرورت آهي، هلي سمهي رهه، خدا سڀ خير ڪندو“. هن چيو ته ”نه، مون کي ننڊ ڪين ايندي. هي مينهن جو طوفان نه هجي ها، ته جيڪر آءٌ مڙئي هن جو ڪو پتو ڳولي ڪڍان ها، هينئر به مينهن جهڪو ٿئي، ته آءٌ وري پنڌ پوان“.

آخر ”گلئسٽن بيري“ هن کي ٺڳاري سندس جاءِ ۾ وٺي ويو. نوڪرن کي جاڳائي، بتيون ٻارايائين، هنڌ وڇارائي ٺهرائي، باهه ٻارائي، هن کي زور ڪري سمهاري ڇڏيائين. پاڻ اٿي پنهنجيءَ جاءِ تي ويو ۽ ڳچ وقت تائين آرمن جي خاندان جي گذريءَ ۽ هاڻوڪيءَ حالت تي ويچار پئي ڪيائين، پوءِ سمهي پيو.

صبح جو سوير ”گلئسٽن بيري“ وري ”فرڊننڊ“ وٽ آيو. ڏسي، ته هن کي سخت تپ آهي. معلوم ٿيس ته رات جو ذرو به نه ستو آهي. ”گلئسٽن بيريءَ“ ارمان کاڌو ته هن وٽان نه وڃان ها ته چڱو هو. هو بـَـتليل ڳالهيون به ڪرڻ لڳو، تنهنڪري هن اشراف هڪڙي ويجهي طبيب ڏي ماڻهو به موڪليو. تيتري ۾ ”فرڊننڊ“ کي به دلاسا ڏيئي روڪي وهاريائين، جو هن صبح ٿيڻ سان اهڙي حال ۾ به ”ٽيمپل“ جي ڪٽنب جي ڳولا ۾ ٻاهر وڃڻ ٿي گهريو. هن کي چيائين ته ”تون دلجاءِ ڪر، آءٌ ماڻهو ٿو موڪليان، اهو وڃي انهن جو پتو ڪڍيو ٿو اچي“. پاڻ وري هڪڙو خط لکي ”سر رئٽڪلف“ ڏي ”باٿ“ ۾ موڪليائين، جنهن ۾ تجويز سان ”فرڊننڊ“ جي بيماريءَ جو حال لکيائين ته ”رڳو اوهين اچو ته چڱو، ٻيو ڪو ڪونه اچي ته بهتر“. اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين، جو ڊپ هوس ته متان ”مس گرئنڊيسن“ به هلي اچي ۽ انهيءَ جي اچڻ ڪري متان ”فرڊننڊ“ جو حال ابتر ٿئي.

طبيب سگهو ئي آيو. انهيءَ چيو ته هن کي مغز جو تپ آهي ۽ دماغ ۾ حرڪت اٿس ۽ سير ڇوڙڻ جو بندوبست ڪيائين. ”فرڊننڊ“ جي طبيب سان به اها ئي جنگ هئي ته جلد سـِـير ڇوڙي، ٻانهن ٻڌي، هن کي آرام جي دوا پياري، ۽ ٻي ضروري فهمائش ڪري هليو ويو ۽ ”فرڊننڊ“ کي انهيءَ دوا جي اثر ڪري چڱي ننڊ اچي ويئي.

 

----

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com