باب اٺاويهون
”فرڊننڊ“ بابت ”لارڊمانٽفرڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ جي رٿ
جنهن ڏينهن جو مٿي ذڪر آهي، انهيءَ ڏينهن شام جو ”ليڊي بليئر“ وٽ وڏي مجلس
ٿيڻي هئي. شام ئي جو هوءَ هڪڙيءَ وڏيءَ ڪرسيءَ تي
ويٺي ۽ هڪڙو وڏو پکو، جو سندس قد جيڏو ئي هو، سو
کنيو ويٺي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ۽ جيڪي مهمان آيا
ٿي، تن کي ويهڻ جو اشارو ٿي ڏنائين. سگهو ئي گهڻا
ئي سکر ماڻهو ۽ زالون اچي گڏ ٿيا. جيڪي آيا، انهن
۾ ”سر رئٽڪلف“ ۽ ”ليڊي آرمن“، مسٽر ۽ مس ”ٽيمپل“،
مسز مانٽگامري“، ”لارڊمانٽفرڊ“ ۽ سندس ٻيا گهر جا
ڀاتي ۽ ”مس گرئنڊيسن“ ۽ ”ڊچيس“ ۽ ڪيترائي ٻيا هئا.
”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ اڪثر گڏ پئي گهميا ۽ ماڻهن سان پئي گڏيا. ”ليڊي
بليئر“ هر هڪ مهمان سان پنهنجا دس لڳايو آئي. ”مس
ٽيمپل“ جي طبيعت چڱي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. سندس دل جي
خواهش اها هئي ته ”مس گرئنڊيسن“ سان زيادهه واقف
ٿئي، تنهنڪري اڪثر هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلڻ
چلڻ ڏي گهڻو ڌيان ڏنائين. ”فرڊننڊ“ ڪونه هو. سندس
ماءٌ، ليڊي آرمن“، کان ڪنهن پڇيو ته ”فرڊننڊ“ ڇو
ڪين آيو. هن ورندي ڏني ته ”بيماريءَ کان اٿڻ کان
پوءِ به هو خوش نٿو گذاري ۽ ماڻهن سان گهڻو گڏجي
ڪين ٿو ، انهيءَ ڪري رهيو ئي وڃي هڪڙي هوٽل ۾
آهي“. هي ٻڌي، جهڙو ”ڪئٿرائن“ جو تهڙو ”هنرئيٽا“
جو منهن البت سـُسيل ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ هوندي به
ٻئي ٻين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ مشغول پئي رهيون ۽
”مس گرئنڊيسن“ ته ”هنرئيٽا“ ۽ ”لارڊمانٽفرڊ“ جي
تعريف پئي ڪئي ۽ پئي چيائين ته ٻئي هڪٻئي جا چڱا
جوڙ ۽ لائق آهن.
”فرڊننڊ“ سان اهڙيءَ تازيءَ ملاقات کان پوءِ ”هنرئيٽا“ جي دل جي ملولائي
”لارڊمانٽفرڊ“ کان ڳجهي رهي نه سگهي. سو، جڏهن
انهيءَ رات واريءَ مجلس کان پوءِ هوءَ پنهنجي نئين
مڱيندي ۽ ان جي ماءٌ سان گڏجي گهر آئي، تڏهن
خلاصگيءَ ۾ ”لارڊمانٽفرڊ“ کي چيائين ته ”ڊگبي، تو
کي ڪي چوڻو اٿم“. هن چيو ته ”منهنجي پياري، آءٌ
حاضر آهيان“. ائين چئي، وڃي پاسي ويٺس. ”هنرئيٽا“
چيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته منهنجي دل جي حالت تو
کي پوريءَ طرح معلوم ٿئي، جو انهيءَ ڪري منهنجي دل
جو بار هلڪو ٿيندو“. هن چيو ته ”پياري، جيڪي چوڻو
هجئي سو بي حجاب ٿي مون کي چئج. منهنجي همدرديءَ
جي تو کي پڪ رکڻ گهرجي“. تڏهن ”هنرئيٽا“ چيو ته
”منهنجي مرضي آهي ته تو کي خبر پوي ته اهو ماڻهو
ڪير آهي، جنهن تو کان اڳي منهنجيءَ دل تي ايترو
اثر پيدا ڪيو هو. اهو هاڻ هن شهر ۾ آهي. شايد
سڀاڻي تو سان ڪنهن هنڌ گڏبو به. مون سان ته اڄ به
گڏيو هو. اهو ”ڪئپٽن آرمن سر رئٽڪلف جو پٽ آهي“.
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”شايد ڪالهه رات تو ڪنهن
کان انهيءَ جو ذڪر ٻڌو آهي... پوءِ انهيءَ ڪهڙي
ڳالهه ڪئي؟“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”پيارا ڊگبي، تون
غلط فهمي متان ڪرين: منهنجي دل، جهڙيءَ حالت ۾
آهي، تهڙي تنهنجي آهي، جي اها تون رکڻ گهرين ٿو.
تو مون سان گهڻيون ڀلايون ڪيون آهن ۽ آءٌ تنهنجي
احسانمند آهيان. جي انهيءَ جو پورو عيوض تو کي
ڏيئي سگهان، ته جيڪر ڏاڍي خوش ٿيان. جي منهنجي عمر
جي خدمت ۽ چاڪري عيوضو ٿي سگهي، ته اها حاضر آهي“.
”لارڊ مانٽفرڊ“ هن جو هٿ وٺي پنهنجن چپن تي رکيو ۽
آهستي چوڻ لڳو ته “پياري، مون کي جيڪا به ڳڻتي آهي
سا تنهنجي خوش رهڻ جي: جنهن ۾ تون راضي، تنهن ۾
آءٌ راضي“. ”هنرئيٽا“ چيو ته ”تڏهن ٻڌ... مون
انهيءَ شخص سان ڏاڍي بي انصافي ڪئي آهي. انهيءَ جو
مون کي دل ۾ داغ آهي. هن جي حالت پوريءَ طرح نه
ڄاڻڻ ڪري جيڪو ظلم مون هن سان ڪيو، تنهن جو مون کي
گهڻو ارمان آهي. انهيءَ مان تون ائين نه سمجهه ته
تو سان محبت رکڻ ڪري آءٌ پشيمان ٿي آهيان - نه نه،
آءٌ تو سان ٻڌل آهيان - پر آءٌ پاڻ تي اهو به فرض
ٿي سمجهان ته هن سان جيڪو ظلم ٿي چڪو آهي، تنهن جي
تلافي ٿئي، نه ته به ٻيو وڌيڪ ظلم نه ٿئي“. هن چيو
ته ”آءٌ تيار آهيان، جيئن چوين تيئن ڪريان“.
”هنرئيٽا“ چيو ته ”مون کي خبر آهي ته تون چڱو ۽
صافدل ۽ انصاف وارو آهين، جيڪي واجبي هوندو تنهن
جي ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندين. ٻڌ... هن جي معرفت مون
سان ٿي، تنهن کان اڳي هو پنهنجي ماروٽ سان مڱيل
هو. اها خوبصورت ۽ نيڪ سيرت ۽ شريف خانداني جوان
زال آهي. ڪنهن به چڱي ماڻهوءَ کي خوش رکيو ايندي.
طبيعت تمام چڱي اٿس. آهي به دولتمند. آءٌ ”مس
گرئنڊيسن“ جو اشارو ٿي ڏيان. ”آرمن جو خاندان وڏو
آهي، مگر زماني جي گردش ڪري ضعيف ۽ مفلس ٿي ويو
آهي، خانداني خرچن ڪري مٿس گهڻو قرض چڙهي ويو آهي.
انهيءَ ڪري، ”ڪئپٽن آرمن“ جي مائٽن جي ڏاڍي خوشي
هئي ته انهيءَ زال سان هن جي شادي ٿيڻ ڪري سندس
حالت بهتر ٿئي. جڏهن هن جي مون سان معرفت ٿي، تڏهن
بابو ايترو دولتمند نه هو. تنهنڪري، منهنجي مرضي
آهي ته جي هنن جي شادي ڪنهن تجويز سان ٿي وڃي ته
تمام چڱو، جو بهتر حال ۾ رهندو“.
”لارڊ مانٽفرڊ“ پڇيو ته ”اها ڪهڙي تجويز ڪجي؟“ هن چيو ته ”تون ڪوشش ڪري هن
سان ياراڻي رک. هن کي اهڙي صلاح ڏي، ۽ ٻيا جيڪي
واجبي اُپاءَ سجهنئي اهي وٺ. پيارا ڊگبي، تون
سڀڪجهه ڪري سگهين ٿو. منهنجو تو ۾ پڪو ويساهه
آهي“.
هي ٻڌي ”لارڊ مانٽفرڊ“ اُٿيو ۽ جاءِ ۾ پسار ڪرڻ ۽ ويچار ڪرڻ لڳو. نيٺ چيائين
ته ”منهنجي هنرئيٽا، تون دلجاءِ ڪر. تو کي خوش ڪرڻ
لاءِ، جيڪي ٿي سگهيو سو آءٌ ڪندس. آءٌ مسٽر گلئسٽن
بيريءَ سان صلاح ڪندس، انهيءَ جو هنن سان گهڻو
واسطو آهي“.
------
باب اڻٽيهون
”فرڊننڊ“ کي
ٺاهڻ جي ڪوشش
جنهن رات ”ليڊي بليئر“ جي محفل هئي، انهيءَ جي ٻئي ڏينهن، صبح جو، ”فرڊننڊ“
کي سندس نوڪر ننڊ مان جاڳائي چيو ته ”هڪڙي ليڊي
گاڏيءَ تي چڙهي آئي هئي ۽ هي خط ڏيئي ويئي آهي.
فرڊننڊ خط کولي پڙهيو. هيئن لکيل هو: ”ڪئپٽن آرمن،
تون ڏاڍو نادان آهين. رات ڇو نه منهنجي مجلس ۾
آئين؟ منهنجي مرضي هئي ته تو کي هڪڙي ڏاڍي خوبصورت
جوان زال سان معرفت ڪرايان! تون ڪڏهن ٿو شادي
ڪرين؟ مس ”گرئنڊيسن“ ڏاڍي چڱي ڏسڻ ۾ ٿي آئي، پر
پنهنجي مڱيندي کان سواءِ اٻاڻڪي هئي. تنهنجي ماءٌ
مون کي ڏاڍي ٿي وڻي! هه. ب.“
”فرڊننڊ“ سنبري، ناشتو ڪري، پنهنجي ماءٌ ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي ڏسڻ ويو. اتي
وڃي ته”ڊچيس“ ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”هنرئيٽا ٽيمپل“
کي ويٺل ڏٺائين. ڪئٿرائن به اتي هئي، جنهن سان مس
”ٽيمپل“ ويٺي ڳالهيون ڪيون. جوان زالون سڀ سواريءَ
جي پوشاڪ ۾ هيون. ”فرڊننڊ“ کي ڏسي ”لارڊ مانٽفرڊ“،
هٿ ڊگهو ڪري، هن کي ملڻ آيو. چيائينس ته ”آءٌ
پنهنجي جهوني دوست کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان“. هن
ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيس. ”ڊچيس وري پڇيس ته ”ڪئپٽن
آرمن، اوهين رات ليڊي بليئر واريءَ مجلس ۾ ڪين آيا
هئو؟“ ”فرڊننڊ“ جواب ڏنو ته ”آءٌ ڪيڏي ڪين ويندو
آهيان“. ”ليڊي آرمن“ چيو ته ”هي اڪثر بيمار ٿو
گذاري“. ڪئٿرائن چيو ته ”فرڊننڊ“ ڪنهن ڏينهن اسان
سان گڏجي عجائبخاني ۾ هل. مس ٽيمپل سان اڳي واقف
آهين يا نه“. ائين رڳي اٽڪل ڪري چيائينس. هن ڪنڌ
سان چيو ته ”هائو“. وري وچ ۾ ٻي گفتگو اچي پيئي.
اتي ”فرڊننڊ“ اٿي موڪلائڻ جي ٿي ڪئي، ته ”ڪئٿرائن“
چيس ته ”فرڊننڊ“، اسين گهوڙن تي چڙهي گهمڻ ٿيون
وڃون، مس ٽيمپل جي مرضي آهي ته تون به اسان سان
هلين“. ”فرڊننڊ“ چيو ته ”آءٌ گهڻي خوشيءَ سان هلان
ها، پر مون کي ڪو ٻيو ڪم آهي“. ”ڪئٿرائن“ چيو ته
”توکي هميشه ڪم آهي، هميشه عذر پيو ڏيندو آهين!“
”لارڊ مانٽفرڊ“ به اچڻ لاءِ چيس ۽ ڪن ٻين به، پر
”فرڊننڊ“ ضروري ڪم جو عذر ڏيئي، ٽوپي کڻي اٿي
بيٺو. اتي ”هنرئيٽا“ به چوڻ لڳيس ته ”ڪئپٽن آرمن،
ڀلائي ڪري اسان سان هل، اهو تنهنجو مون تي ٿورو
ٿيندو!“
انهيءَ مٺي آواز هن جي دل جي ارادي کي لوڏي ڇڏيو. انهيءَ مٿس جادوءَ جو اثر
ڪيو. مٿي کان پيرن تائين ڏڪي ويو. رنگ ئي ڇڏي ويس.
ٽوپي به هٿ مان ڪري پيئس. هوءَ اڳيان بيٺي هيس،
تنهن جو ئي سماءُ ڪو نه پيس ۽ نه انهيءَ کي ڪو
جواب ڏيئي سگهيو. ٻيا سڀ پنهنجي منهن پاڻ ۾
ڳالهائڻ ۾ هئا. نيٺ هن ايترو چيو ته ”ائين مناسب
ته ڪين هو...“ پر ”هنرئيٽا سندس ٽوپي ميز تي رکي ۽
”ڪئٿرائن“ کي سڏ ڪري چيائين ته ”ڪئپٽن آرمن اسان
سان هلندو“. ائين چئي، ”ليڊي آرمن“ جي پاسي ۾ ويهي
رهي.
”فرڊننڊ“ پنهنجو گهوڙو گهرايو ۽ تيار ٿيو. تيتري ۾ البت اڌ ڪلاڪ کن دير ٿي،
اها هن ڏاڍي فڪر ۽ ويچار ۾ گذاري. انهيءَ خيال ۾
هو ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ کي الائجي ”هنرئيٽا“ سندس
اڳوڻيءَ دوستيءَ جي خبر آهي يا نه ۽ ”هنرئيٽا“ جو
الائجي هينئر ڪهڙو مطلب آهي - پر پاڻ کي اهو دلاسو
ڏنائين ته هنن سان گڏ گهمندي انهيءَ جو سارو سماءُ
وٺندس.
آخر هو سوار ٿي روانا ٿيا. ”هنرئيٽا“ سواريءَ جي پوشاڪ ۾ اهڙي عجيب ٿي ڏسڻ ۾
آئي، جو ”فرڊننڊ“ نئين سر مٿس ڇڪن ٿيو ٿي پيو. ٻيو
وري هوءَ به اڪثر سندس پاسو وٺيو پئي آئي -
جيتوڻيڪ ڪنهن خيال ۾ هئي ۽ گهڻو نٿي ڳالهايائين.
پر ”لارڊ مانٽفرڊ“، جو هميشه ٿور - ڳالهائو هو،
تنهن زيادهه ٿي ڳالهايو - خاص هن سان. انهن سڀني
ڳالهين ”فرڊننڊ“ کي حيرانيءَ ۾ وڌو. نيٺ چڱو خاصو
گشت ڪري، دير دير هو موٽيا. جڏهن ويجها آيا، تڏهن
”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”هاڻ چڱي صلاح ته اها آهي
ته سڀ هلي سينٽ جيمس اسڪوائر ۾ اسان وٽ ماني کائو.
اَٺ لڳي ويا آهن، پوريءَ مهل تي هلنداسين. ڪيئن،
ڪئپٽن آرمن، تون به ايندين؟“ هن چيو ته ”مون کي
معاف ڪريو“. ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”واه، هيستائين
سنگت ڪري، پوءِ اسان کي ڇڏي ڏيندين... ائين
ڪونهي!“ هن وري به چيو ته ”منهنجا ڪپڙا خراب آهن،
مهرباني ڪري مون کي معافي ڏيو. تنهن کان سواءِ،
مون کي ٻاهر ڪٿي ماني کائڻ نه وڻندي آهي“. اتي
ٻين به زور ڪيس. پڇاڙيءَ ۾ وري به ”هنرئيٽا“ چيس
ته ”من مون تي ٿورو ڪرين!“ اها منٿ ڪا هو موٽائي
ٿي سگهيو؟ لاچار هائو ڪيائين ۽ سڀئي خوش ٿيا.
------
باب ٽيهون
”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”گلئسٽن بيريءَ“ جي مصلحت
”سينٽ جيمس اسڪوائر“ ۾ جنهن جاءِ ۾ ”فرڊننڊ“ ويهي ٻين سان گڏ ماني کاڌي، سا
هن کي ياد آئي ته اُها ساڳي هئي، جنهن ۾ شروعات ۾
نوڪري ڪرڻ کان اڳي ”گلئسٽن بيري“ سان گڏ اچي رهيو
هو. انهيءَ ساڳيءَ هنڌ هن پنهنجا پراوا سڀ گڏ ڏٺا.
انهيءَ حيرانيءَ ۾ هو ته قسمت الائجي ڪهڙي بازي ٿي
ڏيکاري. ماني کائيندي اهو ذڪر نڪتو ته ”فرڊننڊ“
اڳي خوش گذاريندو هو، پر بيماريءَ کان پوءِ اڪثر
اٻاڻڪو ٿو گذاري. ماني کاڌي کان پوءِ وري هنن پتا
ڪڍيا ۽ راند ۾ زور ڪري ”فرڊننڊ“ کي شامل ڪيائون.
ڳالهين ڪندي، ”لارڊ مانٽفرڊ“ ”مس گرئنڊيسن“ کي چيو
ته ”جي تون فرڊننڊ کي خوش رکڻ گهرندينءَ ته رکي
سگهندينءَ، جو تنهنجي هن تي هلندي آهي“. هن اهو
چرچو سمجهي چيو ته ”نڪا مون کي اهڙي هلندي آهي،
نڪي انهيءَ بابت ڪي چوڻ مون کي پسند آهي“. انهيءَ
ڳالهه تي هنن ٻنهي پاڻ ۾ چرچا ڪيا ۽ کلي ڳالهايو ۽
هڪٻئي کي چتائي ڏٺو. انهيءَ مان هو هڪٻئي جي دل جو
خيال معلوم ڪري سگهيا.
اتي ”گلئسٽن بيري“ به اوچتو ملاقات لاءِ اچي نڪتو ۽ سڀني کي اتي گڏ ڏسي ۽
خاص ”هنرئيٽا“ کي خوش ۽ سرهو ڏسي، حيران ٿيو. حال
احوال ڏيڻ کان پوءِ، ٻين ويهي هن سان صحبت ڪئي ۽
”لارڊ مانٽفرڊ“ ۽ ”هنرئيٽا“ ائين ئي ”فرڊننڊ“ سان
پتي راند ويٺي ڪئي. ”لارڊ“ هن کي چيو ته ”مون کي
تنهنجي بيماريءَ جو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿو ٿئي“. هن
چيو ته ”برابر، منهنجي طبعيت چڱي نٿي رهي“. هن چيس
ته انهيءَ عمر ۾ ماڻهوءَ کي خوش رهڻ گهرجي. اميد
آهي ته هن بهار جي موسم ۾ تون بلڪل چڱو ڀلو ۽ اڳي
جهڙو خوش طبيعت ٿيندين!“ ”فرڊننڊ“ چيو ته ”مون کي
اها دعا دل سان نٿي لڳي!“ ”هنرئيٽا“ چيو ته ”جيڪي
ٿئي ٿو، سو سڀ چڱو آهي، ماڻهوءَ کي انهيءَ تي پورو
ويساهه رکڻ کپي ۽ چڱائيءَ جي اميد ڌارڻ کپي”.
”فرڊننڊ“ چيو ته ”منهنجو مذهب اهو ناهي“. اتي راند
به پوري ٿي ۽ ”لارڊ مانٽفرڊ“ ”فرڊ ننڊ“ کي چيو
ته”سڀاڻي اچجئين ته هلي عجائبخانو گهمون“. هن
پهرين نٽايو، پر پوءِ قبول ڪرايائونس. تنهن کان
پوءِ ”فرڊ ننڊ“ موڪلايو، ۽ ٻيا به موڪلائڻ لڳا.
”گلئسٽن بيريءَ“، کي ”لارڊ مانٽفرڊ“ روڪي بيهاري
چيو ته ”اوهين منهنجي خانگي جاءِ ۾ هلو، ته اوهان
کي هڪڙو چڱو اُڪر جي ڪم جو نمونو ڏيکاريان“.
جڏهن هو ٻئي اڪيلا ٿيا، تڏهن ”لارڊ مانٽفرڊ“ هن کي چيو ته ”اوهين سڀني
مهمانن کي هتي گڏ ڏسي حيران ٿي ڏٺؤ“. هن چيو ته
”برابر“. تڏهن لارڊ چيس ته ”هنرئيٽا گذريل ڳالهيون
مون کان ڪين لڪايون هيون، مون اڄ کيس چيو هو ته
اوهان سان آءٌ انهيءَ بابت ذڪر ڪندس، تنهنڪري
اوهان کي هتي خلاصو گڏيو آهيان“. ”گلئسٽن بيريءَ“
هن جي پڇا ڪرڻ تي ٻڌايس ته ”جڏهن پهرين مون
هنرئيٽا کي فرڊننڊ سان گڏ ڏٺو، تڏهن مون ڀل کان
ڄاتو ته هوءَ مس گرئنڊيسن آهي، پوءِ مون، تجويز
سان، جيڪا حقيقت معلوم ٿي هـُـيـَـم سا مس
گرئنڊيسن کي ٻڌائي، ليڪن اهو نه ٻڌايومانس ته اها
ٻي زال ڪهڙي آهي، جنهن فرڊ ننڊ جي دل هٿ ڪئي آهي.
هن پاڻ انهيءَ جو نالو ٻڌڻ نٿي گهريو“. پوءِ
انهيءَ تي ٻئي ڄڻا ”مس گرئنڊيسن“ جي هر طرح تعريف
ڪرڻ لڳا. خاص انهيءَ ڪري جو جيتوڻيڪ کيس ”فرڊننڊ“
سان شاديءَ جي ڪا به اميد ڪانه آهي، ته به، هن جي
مائٽن کي پنهنجا مائٽ ڄاڻي، هنن کي رنج ڪرڻ نٿي
گهري ۽ نه هنن کي پنهنجو حال ٻڌائي ٿي، ماٺ ڪريو،
هن جي مرضي رکي، ”فرڊ ننڊ“ سان رس رکيو اچي ۽ هن
جي سچي خير خواهه ٿي هن کي خوش رکڻ جي لاءِ دليئون
جانيئون ڪوشش ڪندي اچي. ”گلئسٽن بيريءَ“ ”فرڊننڊ“
جي ”هنرئيٽا“ سان حد کان زيادهه محبت بلڪ
ديوانگيءَ جهڙي حالت جو به بيان ڪيو ۽ اها حيراني
ڏيکاري ته جي حقيقت جي هن کي خبر پوندي ته الائجي
سندس ڪهڙو حال ٿيندو. ”لارڊ مانٽفرڊ“ چيو ته ”پوءِ
ڪا اهڙي تجويز به ڪري سگهبي، جو هو ۽ مس گرئنڊيسن
پاڻ ۾ ٺهي وڃن، ۽ هڪٻئي سان شادي ڪرڻ جو ٺهراءُ
ڪن؟ هنرئيٽا جي ڏاڍي خواهش آهي ته ائين ٿئي...
اوهين اسان سان انهيءَ منصوبي ۾ شامل ٿيندؤ؟“ هن
چيو ته ”آءٌ خوشيءَ سان شامل ٿيندس، مگر مون کي
اميد نٿي سـُـجهي. فرڊ ننڊ جي طبيعت ۽ محبت جي ڊول
۽ شوق جي مون کي پوري خبر آهي - هو بلڪل مـُـڙڻ جو
ناهي. باقي، مس گرئنڊيسن ويچاري پنهنجو مـَـٽُ پاڻ
آهي. هن جي پنهنجي ماروٽ سان محبت تمام گهڻي آهي،
پر جڏهن مون کان معلوم ٿيس ته هو ٻئي ماڻهوءَ جي
لاءِ حيران آهي، تڏهن هن پنهنجي دعويٰ اصل ڇڏي ڏني
آهي. چوي ٿي ته آءٌ هن جي ڀيڻ ٿي گذارينديس، ڀلي
ته هو خوش ٿي رهي ۽ چڱو ڀلو ٿئي!“ اتي وري به هو
ٻئي ”مس گرئنڊيسن“ جي گڻن جي تعريف ڪرڻ ۽ کيس
تحسين ڪرڻ لڳا. پوءِ ته ”لارڊ مانٽفرڊ“ گهڻي تائين
ماٺ ڪري خيال پئي ڪيو. نيٺ ”گلئسٽن بيري“ موڪلائي
هليو ويو.
------
باب ايڪٽيهون
”فرڊننڊ“ قرض جي پيسن جو بندوبست ڪري ٿو
جڏهن ”فرڊ ننڊ“ موٽي پنهنجي هوٽل ۾ آيو، تڏهن جيڪي ٻڌي آيو هو، تنهن تي
ويچار ڪرڻ لڳو. شڪ پيس ته کيس ”ڪئٿرائن“ سان شادي
ڪرائڻ لاءِ ڪو منصوبو برپا ٿيو آهي، ڇا لاءِ جو
”هنرئيٽا“ پنهنجي نئين مڱيندي ”لارڊ مانٽفرڊ“ جي
اڳيان ساڻس زور ڪري پئي ڳالهايو ۽ منٿون ڪيائين ۽
گهوڙي تي چڙهي ساڻن گڏ گهمڻ لاءِ ۽ عجائبخاني ڏسڻ
لاءِ ٿي چيائين ۽ هيئن به اشاري طرح ٿي چيائين ته
”ماڻهوءَ کي اميد لاهڻ نه گهرجي ۽ جيڪي ٿئي ٿو سو
ماڻهوءَ جي چڱائيءَ لاءِ آهي“. هو ”هنرئيٽا“ جي
ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ ۽ بيوفائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽
پاڻ کي بيوقوف سمجهڻ لڳو، جو جيئن ٿي هن چيو تيئن
ٿي ڪيائين. هن کي خفي ڏيارڻ جي لاءِ ٻيا به سبب
اچي گڏ ٿيا. سندس وڪيل جو خط اڳي اتي پيو هو، جنهن
۾ هن اطلاع ڏنو هوس ته تنهنجن قرضخواهن مان هڪڙي
ڏاڍي تنگ طلبي ڪئي آهي ۽ دعويٰ داخل ڪرائي کيس
پڪڙائڻ جو ارادو ڪيو اٿس. اتي ”هنرئيٽا“ سندس مغز
مان نڪري ويئي ۽ پنهنجيءَ عزت آبرو بچائڻ جي ڳڻتي
ٿيس. وڃي ستو سهي، پر خواب ۾ به پئي ڪورٽون ۽ بيلف
۽ جيل ڏٺائين ۽ مونجهاري کان پوءِ ”هنرئيٽا“ سان
به پرچڻ ۽ شاديءَ ڪرڻ جا پئي مزا ڏٺائين.
صبح ٿيڻ سان هو ڪپڙا ڍڪي شهر ۾ هڪڙي ماڻهوءَ وٽ ويو، جنهن جي ڀاءُ سان مالٽا
۾ ڪا ڏيتي ليتي هيس ۽ جنهن سان انگلنڊ ۾ پاڻ اڳي
واقف ٿيو هو. سگهوئي هڪڙيءَ جاءِ ۾ آيو، جنهن جي
در تي ”مارس ۽ ليويسن ڪمپني - اڱرن جا واپاري“
لکيل هو. اندر آفيس ۾ ڪلارڪ ويٺا هئا. هن پنهنجي
نالي جو ڪارڊ موڪليو ۽ سگهو ئي ”فرڊننڊ“ کي مٿي
ماڙيءَ تي وٺي ويا. مسٽر ”ليويسن“ ويٺو هو، جنهن
سان هي واقف هو. انهيءَ کي گڏيو ۽ حال احوال
ڏنائون ورتائون. ”ڪئپٽن آرمن“ چيس ته ”آءٌ ڪنهن ڪم
سان آيو آهيان، اوهان جي مون کي مدد گهرجي: مون کي
پندرهن سؤ پائونڊ اُڌارا گهرجن، پر تمام ٿوري وقت
تائين“. مسٽر ”ليويسن“ نٽايو، عذر ڪيائين ته
”منهنجو ڀائيوار حاضر ڪونهي ۽ اڳي ئي گهڻا پيسا
توڏانهن رهيل آهن، جن کي ٽي ورهيه گذري ويا آهن.“
اهو به چيائينس ته ”تنهنجي شاديءَ کي ڏسي ڏسي ٿڪجي
پيا آهيون، الائجي ڪڏهن ٿيندي“. هن چيو ته ”اوهان
کي وياج سان ڪم، سو اوهان کي تمام چڱو ملندو. مون
کي هينئر تمام ضرور آهي، تنهنڪري اوهان کي اهڙي
مدد ڪرڻ گهرجي. شادي تيسين ٿي ڪين سگهندي، جيسين
ناني جي وفات کي پورو سال نه گذرندو، جو اهو عرصو
ماتمداريءَ ۾ شمار ڪرڻ ۾ ايندو آهي“.
نيٺ، هڻندي هڻندي، هو ٽن سون کان وٺي ستن سون پائونڊن تائين لهي اچي بيٺو
چيائين ته ”ايترا پيسا نقد ٽن مهينن تائين في
پائونڊ ٻن شلنگن وياج تي ڏيئي سگهندس، وڌيڪ نقد
ڪين آهي، باقي اڱر وٺي وڃي ٻين کي وڪڻين، ته خوشي
تنهنجي“. پر ”فرڊ ننڊ“ اڱرن جو واپاري ٿيڻ نه
گهريو ۽ جيڪي نقد ٿي مليو سو ڪنهن ڏينهن وٺڻ جو
انجام ڪيائين.
اڃا فرڊ ننڊ نڪري ٻاهر ٿيو، ته هڪڙيءَ عمديءَ گاڏيءَ ۾ ”لارڊ ڪئچم هوڪئن“
اچي انهيءَ ساڳئي در تي بيٺو. فرڊ ننڊ جي انهيءَ
سان اڳي ئي واقفيت هئي. ”ليڊي بيليئر“ وٽ به هن کي
گڏيو هو. انهيءَ جو به انهن اڱرن وارن واپارين سان
واسطو هو ۽ انهن جو قرضي هو. هڪٻئي کي ڏسي خوش خير
عافيت ڪيائون. هڪٻئي کي سهي ڪيائون ته ڪهڙي ڪم تي
آيا هئا. فرڊ ننڊ هن کي پنهنجو حال ڏنو ۽ جنهن
مشڪلات ۾ هو سا ٻڌايائينس. هن دلاسو ڏيئي چيس ته
”دلجاءِ ڪر، آءٌ توکي انهيءَ مشڪلات مان ٿو
ڇڏايان. تون اچي هتي گاڏيءَ ۾ ويهه، آءٌ هڪ منٽ ۾
ليويسن وٽان ٿيو ٿو اچان، پوءِ تنهنجي ڪم پٺيان ٿا
هلون“. هو لهي ويو ۽ جهٽ ۾ وري آيو ۽ ٻئي گاڏيءَ ۾
روانا ٿيا. واٽ هلندي، هن لارڊ فرڊننڊ کي پنهنجي
چالاڪيءَ جا ڪم ٻڌايا ۽ چيائين ته ”ٻاهران ڪوڙي
ٺاٺ رکڻ سان سڀڪجهه حاصل ٿي ٿو سگهي. جيئن تون
شادي ڪرڻ جي ٿو ڪرين، تيئن آءٌ پارليامينٽ ۾ گهڙيو
آهيان. انهيءَ ڏڍ تي سڀ ڪم پورو پيو ٿئي! هينئر
آءٌ توکي اهڙي ماڻهوءَ وٽ وٺيو ٿو هلان، جتان ضرور
تنهنجو ڪم ٿيندو“.
سگهوئي گاڏي اچي هڪڙيءَ وڏيءَ عمارت جي در تي بيٺي. هي ٻئي لنگهي ويا. نوڪر
کان معلوم ٿين ته مسٽر ”بانڊ شارپ“ حاضر آهي، مگر
ٻيا به ڪيترائي ملاقاتي هن کي ڏسڻ جي لاءِ هيٺ
منتظر ويٺا آهن. ”لارڊ ڪئچم هو ڪئن“ هڪڙو پائونڊ
نوڪر کي خرچي ڪري ڏنو، جنهن هڪدم هن جو ڪارڊ سڀني
کان اڳي وڃي پهچايو ۽ هنن ٻنهي کي سڏ ٿيو ۽ هي مٿي
چڙهي ويا.
”لارڊ“ هن سان ”فرڊننڊ“ جي معرفت ڪرائي ۽ ٻڌايائينس ته ”ڪئپٽن آرمن سر
رئٽڪلف“ جو هڪڙو ئي هڪڙو پٽ ۽ ”آرمن“ واري قلعي جو
وارث آهي. هو انگلنڊ جي هڪڙي وڏي دولتمند جي وارث
”ليڊي مس گرئنڊيسن“ سان تمام جلد شادي ڪرڻ وارو
آهي. هن کي پندرهن سون پائونڊن جي گهرج آهي“. هن
جي پڇڻ تي فرڊ ننڊ ٻڌايس ته ”اهي پيسا مون کي قرض
ڏيڻو آهي، جنهن لاءِ قرض خواهه دعويٰ ڪرڻ ۽ کيس
پڪڙائڻ جو اطلاع ڏنو آهي“. هن پڇيو ته ”اهو قرض
گهرڻ وارو ڪير آهي؟“ فرڊ ننڊ چيو ته ”مالٽا ۾ هڪڙو
ماڻهو آهي“. هن چيو ته ”مسٽر ”يونس“ ته نه آهي؟“
فرڊ ننڊ چيو ته ”هائو، اهو“. مسٽر ”شارپ“ چيو ته
”چڱو، آءٌ پندرنهن سؤ پانڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
آءٌ نڪو ضامن ٿو وٺان، نڪو ڪو هٿڻ، رڳو مون کي هٿ
سان ڪاغذ تي لکي ڏيو ته مون هيترا پيسا هن کان
اڌارا ورتا- پوءِ جڏهن دل چئيوَ، تڏهن موٽائي
ڏجو“. ائين چئي، هن پيٽي کولي پندرنهن سون جو چيڪ
صحيح ڪري هن کي ڏنو ۽ هن جي رسيد لکائي، ٽڪلي
هڻائي، پاڻ وٽ رکيائين ۽ عذر ڏنائين ته اڃا مون وٽ
گهڻا ملاقاتي ويٺا آهن، اوهان جو ڪم ٿيو“.
”فرڊ ننڊ“ مسٽر ”شارپ“ جي مروت ۽ مهرباني ڏسي حيران ٿي ويو - خاص جڏهن
”ليويسن“ جي ڳالهه ياد پيس. هي ٻئي اٿيا ۽
موڪلايائون. مسٽر ”شارپ“ اٿي هنن کي گڏيو ۽ فرڊ
ننڊ کي ايترو به چيائين ته ”هينئر وقت تنگ آهي، جي
اوهين اڄ رات منهنجي دعوت قبول ڪري مون وٽ اچي
ماني کائيندؤ، ته پاڻ زيادهه هڪٻئي جا واقف
ٿينداسين“.
جڏهن ”فرڊ ننڊ“ ۽ ”لارڊ ڪئچم هو ڪئن“ گاڏيءَ ۾ ويٺا، تڏهن مسٽر ”شارپ“ جي
تعريف ڪرڻ لڳا. لارڊ ٻڌايس ته ”هو نه رڳو خوبصورت
جوان آهي، پر ڏاڍن چڱن اخلاقن وارو آهي ۽ ڏاڍو
دولتمند آهي - ڪروڙ پتي آهي. اڳي غريب ماڻهو هو،
ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن پيسو ڪمايو اٿس. شرطون هڻندو
هو، سورتيون وجهندو هو، هاڻ وياج تي پيسا ڏيندو
آهي، پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ تي آهي“.
”فرڊننڊ“ پڇيو ته ”جهڙيءَ سولائيءَ سان هن مون کي پيسا اڌارا ڏنا، تهڙيءَ
سان جي هو ٻين کي به ڏيندو هوندو، ته ايتري دولت
گڏ ڪري نه سگهندو“. هن ورندي ڏني ته ”هو نالي
ناموس جي پٺيان آهي، ڀانئي ته سکرن ۽ خانداني
ماڻهن سان گڏجي وڃي ۽ انهن تي احسان ڪري“.
پوءِ ”فرڊننڊ“ پنهنجي سنگتيءَ جي شڪرگذاري ڪري موڪلايو ۽ هن کيس چيو ته رات
جو اٺين بجي گڏجي ماني کائينداسين“.
----- |