صابرين عورت
هڪ عورت هر سال هڪ ٻچڙو ڄڻيندي هئي. مگر خدا جو
شان، جو ولادت بعد ٻن مهينن کان پوءِ اُهو ٻار مري
ويندو هوس، اهڙي طرح اڻويهه ٻار مري چڪس، جڏهن
ويهون ٻار به فوت ٿي ويس، تڏهن ڏاڍو صدمو رسيس، هو
غم ۽ اوندوهه کان بيخود ٿي چوڻ لڳي ته، ياالله!
مون بيڪار بنديءَ کان ڪهڙي خطا ٿي جو، سال ۾ نو
مهينا حمل جي تڪليف سهان ٿي، اميد جو درخت جڏهن
ميوو پچائي ٿو، تڏهن فقط ٻه مهينا انهيءَ جو بهار
ڏسڻ نصيب ٿئي ٿو. منهنجي اميد جي باغ ۾ ويهه گل
پيدا ٿيا. مگر مون هڪ جي به پوري طرح خوشبو نه
ورتي، ته باد خزان انهن کي هميشه لاءِ ڪُومائي
ڇڏيو، منهنجو ڪوبه ٻچو وڌي جوان نه ٿيو انهن مان
نه ڪنهن کي گهوٽ ٿيڻ ڏٺم نه ڪنهن کي ڪنوار بڻجڻ
ڏٺم… ايئن چوندي چوندي هن جي اک لڳي وئي…
خواب ۾ ڇا ٿي ڏسي، ته هڪ اهڙو پر بهار شگفته چمن
آهي، جنهن جهڙو دنيا ۾ ڪوبه باغ ڪونه آهي هيءَ جنت
هئي، جا هن کي ڏيکاري ڏئي رهي هئي. جنت کي باغ سان
تشبيهه ڏيڻ اهڙو آهي، جهڙو نور خدا کي شع سان
ڀيٽڻ. حالانڪ جنت جي ڪنهن چيز جهڙي دنيا جي ڪابه
چيز نه آهي، نه خدا جو مَٽُ ڪاشي، صرف هڪ خيال کان
انهن شين کي بطور مثال پيش ڪبو آهي.
هن عورت خواب ۾ وڌيڪ ڏٺو ته، چمن اندر هڪ محلات
آهي، جو چاندي ۽ سون جي سرن سان ٺهيل آهي. انهيءَ
محل تي ٿلهن اکرن ۾ هڪ عورت جو نالو لکيو پيو آهي،
مگر نالو سندس هو، اندر وڃي ڏسي ٿي ته ان ۾ سڀ طرح
جون نعمتون موجود آهن. کيس اُتي سندس سڀ ٻچڙا ڏسڻ
م آيا، اُهي کيس ڏسي سڀ کلڻ ۽ خوش ٿيڻ لڳا، هڪ
فرشتي عورت کي چيو ته اي مائي صاحبه! تو جو پنهنجي
ٻچڙن جي فوت ٿيڻ تي صبر ڪيو هو، انهيءَ صبر جو اجر
اِهو اٿئي. خدا تعاليٰ تنهنجي لاءِ هي عاليشان
محل، بهشت ۾ بڻارايو آهي. جتي تنهنجا سڀ ٻچا به
موجود آهن. جڏهن هوءَ خواب کان سجاڳ ٿي، تڏهن سند
دل جو، رنج و ملال سڀ دور ٿي ويو، سندس سينو سراپا
سرور ٿي ويو ۽ سمجهي وئي ته هن چند روزن جي بي بقا
زندگي بعد کيس تمام بلند مڪان ملندو ۽ چند ڏينهن
جي فراق بعد هوءَ پنهنجي ويهن ئي ٻچن سان هميشه
واري ملاقات ۾ مشغول رهندي. جيڪو مصيبت ۾ صبر ڪري
ٿو، الله ان کي وڏو اجر ڏئي ٿو:
”صبر جنين سنڱ تير نه گسي تن جو“
دشمن جو مشورو
هڪ دانا ۽ عقلمند انسان تي اوچتو مصيبت اچي نازل
ٿي، هن مشڪل کي ٽارڻ لاءِ ڏاڍا حيلا وسيلا ڪيا مگر
هوءَ نه ٽري ۽ سندس ڪوبه حيلو وسيلو ڪارگر نه ٿيو،
نيٺ هو، هڪ همراهه وٽ ويو، احوال ڏيئي پڇيائينس
ته، مصيبت کان بچڻ لاءِ ڪا تدبير ڏس. هن جواب ڏنس
ته، تون به ڪو عجيب آدمي آهين، آءٌ ته تنهنجو جاني
دشمن آهيان. تون وري پنهنجي مصيبت جو بيان مونسان
ٿو ڪرين، وڃ ۽ وڃي ڪنهن دل گهُريي دوست سان صلاح
مشورو ڪر.
مصيبت زده چيس ته، آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون منهنجو
دشمن آهين، مگر افسوس اٿم جو مون کي ڪو عقلمند
دوست ملي ئي ڪونه ٿو، مون کي يقين آهي ته تون جيڪو
مشورو ڏيندين، اهو مفيد هوندو. جيڪڏهن تنهنجو نفس
کڻي مون کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو، مگر تنهنجو
عقل ان تي غالب پوندو.
طبع خواهد تا کشد ازخصم کين
عقل بر نفس است بند آهنين
عقل ايماني چوشحنه عادل است
پاسبان و حاڪمِ شهرِ دل است
حضرت رسول مقبول ﷺ جن جو ارشاد آهي ته صلاح ڏيندڙ
کي امانتدار ٿيڻ گهرجي،جيڪڏهن دشمن صلاح پڇيس ته
ان کي به نيڪ صلاح ڏئي، عقلمند جو ڪم آهي ته:
تڏي آئي تنگ نه پئجي توڙي هجي ويري
مدي ۽ ميري، دشمن کي نه صلاح ڏي!
بيوقوف جو اجايو اعتراض
هڪڙو هاري، ڪوڏر سان زمين کوٽي رهيو هو، ته هڪ
بيوقوف اتان اچي لنگهيو ۽ چوڻ لڳو ته، اڙي هاري!
تون ڪهڙو نه ظالم آهين جو هموار زمين کي کوٽي خراب
ڪري رهيو آهين. هاري چيس ته هل هل اڙي بيوقوف هر
ويرانيءَ ۾ آبادي آهي. جيڪڏهن آءٌ زمين جي سيني کي
هر سان چيري، وڏن ڀترن کي ڪوڏر سان ڀڃي ڀورا نه
ڪريان ته هي ٻج جيڪر ڪيئن ڄمي ۽ آباد ٿئي. هي جو
گل و گلزار ڏسين ٿو، سي زمين کي کوٽڻ ۽ ٺاهڻ جو
نتيجو آهن. جيڪڏهن زمين کي کوٽيو نه وڃي ته وڻ ٽڻ
ٻوٽا ۽ گاهه ڪيئن ٿين. جيڪڏهن تون غور ڪري ڏسندين
تخريب ۾ ئي تعمير هوندي آهي. هر تڪليف ۾ تفريح
آهي. مثلاً ڪنهن وڏي ڦرڙيءَ جو جيستائين چڱي طرح
منهن نه کوليو ويندو، تيستائين ڦٽ جو خراب گند
خارج ٿي ڇٽندو ئي نه. جيستائين خلطن کي دوائن سان
ساڙيو نه تيستائين شفا ڪيئن حاصل ٿيندي. جيستائين
درزي ڪپڙي کي ڦاڙي چيري ٽڪر نه ڪندو تيستائين ڪيئن
سبجي پائڻ جي لائق ٿيندو. جيستائين واڍو لهار، ڪاٺ
۽ لوهه کي ٽڪر ٽڪر نه ڪندا تيستائين انهن مان مفيد
شيون ڪيئن جڙنديون، جيستائين ڪڻڪ جنڊ ۾ پيسجي اٽو
نه ٿيندي، تيستائين ماني ڪئين تيار ٿي سگهندي، بس
انهيءَ مان ثابت ٿيو ته هر آباديءَ لاءِ پهرئين
ويراني ضرور آهي.
شعر
سچ پچ ته ڏسڻ ۾ ڪانه آئي تخربي سوا تعمير ڪٿي
سيماب نه آتش ۾ جي پوي ڪم ڪيئن ٿي اچي اڪسير ڪٿي
نحوي ۽ ملاح
هڪ عالم نحو جو قابل، ڪشتي تي سوار ٿيو، ڪشتي
درياءَ ۾ موج سان تري رهي هئي، تڏهن نحوي صاحب
ملاح سان ڳالهيون شروع ڪيون، ته يار تون به علم
نحو پڙهيو آهين يا نه. ڪشتيبان چيو ته، مولوي صاحب
نحو ڪهڙي شي آهي؟ مون ته اڄ تائين انهيءَ جو نالو
به نه ٻڌو آهي. نحوي چوڻ لڳو ته واه ڙي ميان ملاح
واه! تو ته پنهنجي عمر ئي برباد ڪري ڇڏي آهي، جيڪو
ماڻهو علم نحو کان واقف نه آهي، اهو حيوان آهي.
ملاح ويچارو نحوي صاحب جي اِها ڳالهه ٻڌي چپ ٿي
ويو…
ڪشتي جڏهن وچ درياءَ ۾ پهتي تڏهن قضا الاهي، جو
باد مخالف گهُلي پئي ۽ ڪشتيءَ جو سلامت ڪناري تي
پهچڻ ناممڪن نظر ٿي آيو، ناخدا واڪو ڪري چيو
ته،يارو! ٻيڙي ٻڏڻ تي آهي، تنهن ڪري هڪدم ترڻ لئي
تيار ٿيو ۽ تري پنهنجي جان بچايو… نحوي صاحب کان
پڇيائين ته مولانا توهين ڪجهه تري به ڄاڻندا آهيو؟
جواب مليس ته مان ته ساري عمر علم نحو پڙهڻ ۾
مشغول رهيس انهيءَ ڳالهه ڏانهن ته ڪڏهن خيال به نه
ڪيم.ملاح ٽوڪ سان چيس ته، چئبو ته تو به ساري عمر
ائين برباد ڪري ڇڏي. هتي علم نحو ڪم نه ايندو، هتي
ترڻ جو علم جان بچائيندو.
محومي بايد نه نحواين جا بدان
گر تو محوي بي خطر آبِ روان
هن حڪايت مان، انهن عالمن کي سبق سکڻ گهرجي جيڪي،
ڪو ڌنڌو يا هنر نٿا ڪن، اگر هو علم سان گڏ ڪو ڌنڌو
۽ هنر به ڪن ته سوني تي سهاڳو ٿي پوي، ٻين جي
محتاجي به ڪڍڻي نه پوين ۽ پاڻ به باعزت گذارين… سچ
آهي ته:
جڏهن علم ۽ انهيءَ سان گڏ هنر واپار ٿي ويندو
اسان جو تخت خوابيده تڏهن بيدار ٿي ويندو
ظاهر ۽ باطن هڪ رکڻ
هڪ واعظي صاحب، هڪ خوب صورت جبو ۽ وڏو گول گول
پٽڪو ٻڌي منبر تي تشريف فرما ٿيو، هو مٿي کي خوب
ناز سان ڌوڻي رهيو هو، ميان صاحب جو پٽڪو ظاهر ۾
خوبصورت هو، مگر اندران اهڙو هو، جهڙي طرح منافق
جي دل! ظاهرا ته خوب ڏسجي مگر اندر پاپ ۽ ڪيني سان
ڀريل، واعظي صاحب جي پڳ نه هئي، مگر هڪ طلسم هو.
جنهن مان ڪبر ۽ رعونت پئي بکي، ”اڇي پڳ مَ پس اندر
مڙئي اڳڙيون“ وارو ليکو لڳو پيو هو.
واعظي صاحب هڪ ڏينهن صبح جو هڪ سوڙهي گهٽي مان
لنگهي رهيو هو، ته هڪ چور اره زور به هن جي تاڙ ۾
بيٺو هو. جيئن ئي مولانا اُتان لنگهيو تيئن، هن
جهٽ هڻي، پٽڪو لاهي ورتس ۽ تڪڙو وٺي ڀڳو، ان تي
مولانا رڙ ڪري چيس ته يار پٽڪو ٻاهران نه ڏس، ڪجهه
نظر وجهي اندر ته جاچي ڏسينس اجايو ڊُڪي ڊُڪي اڌ
مئو نه ٿيءُ، ”اڇي پڳ مَ پس! اندر مڙئي اڳڙيون“
چور به جيئن خيال ڪري ڏٺو ته پٽڪي کي زور سان
کوليائين ته هڪ اڳڙي هٿ ۾ رهيس، باقي ٿڳڙيون ۽
چتيون وڃي هيٺ پيون. سڄو پول پڌرو ٿي پيو، چور چوڻ
لڳو ته واه ڙي مولانا واه! خدا کان خوف ڪر، ايئن
خلق کي ٺڳ نه…
انسان کي گهرجي ته، پنهنجو ظاهر ۽ باطن هڪ ڪرو ۽
هڪ جهڙو رکي. هٿ ۾ تسبيح هجي، لبن تي توبه هجي، پر
دل ۾ گناهه جو شوق هجي ته اهڙو عمل ريا ڪاري ۽
عياري آهي، جنهن کان عاقبت ۾ زلت ۽ خواري کان
سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
لباس المؤمنين، قلوب الڪافرين وارو معاملو ڪرڻ نه
گهرجي.
بيت
منهن ته موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏئين
خوني ترڪ
ترڪن جي هڪ خونخوار ٽولي، ڦرمار ۽ خونريزي ڪندي هڪ
ڳوٺ ۾ وارد ٿي، هنن اتي ٻن ماڻهن کي پڪڙيو ۽ هڪ جا
هٿ ٻڌي هن کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي. هن چيو ته
صاحبو! مون اوهان جو ڇا بگاڙيو آهي، جو مون کي قتل
ڪريو ٿا، پنهنجي پاڪ دامن منهنجي خون سان رڱيو ٿا،
مان هڪ درويش ماڻهو آهيان، هڙ ۾ پيسو نه اٿم، بدن
تي ڪپڙو نه اٿم مون کي مارڻ ۾ اوهان کي ڇا هڙ حاصل
ٿيندو.
هنن چيو ته اسان توکي انهيءَ ڪري قتل ڪريون ٿا ته
تنهنجو سنگتي خوفزده ٿي، مال ملڪيت ڏئي، هو چوڻ
لڳو ته يارو اِهومنهنجو سنگتي ته مون کان به مسڪين
اٿو، هو رپيا ڪٿان آڻيندو، اسان ٻئي هڪ جهڙا
آهيون، ترڪن چيو ته اسان کي اطلاع مليل آهي، ته هي
ٻئي تمام مالدار ۽ شاهوڪار اٿو، مسڪين شخص چوڻ لڳو
ته سچ پچ ته اسان ٻئي مسڪين، غمگين آهيون، هاڻي
هيئَن ڪريو جو انهيءَ مخبر (اطلاع ڏيندڙ) کي اسان
جي روبرو ڪهو، ته اسان خوفزده ٿي اوهان کي مال
متاع ڏيون.
مولانا رومي اڳتي فرمائي ٿو ته، اي محمد ﷺ جن جا
امتي! تون شڪر ڪر، جو توکي محمد ﷺ جن جو امتي
بنايو ويو آهي جيڪڏهن تون مسڪين و غريب آهين ته
ان جو فڪر نه ڪر.
شعر
محمد جو تون آهين امتي ڳڻتي ڪرين ڇو ٿو
غريبي پنهنجي تي ارمان اي موڳا ڪرين ڇو ٿو
پوڙهي بيمار ۽ طبيب جي گفتگو
هڪ پوڙهو بيمار آدمي، هڪ طبيب وٽ آيو، ٻنهي جي وچ
۾ هيٺين طرح سوال و جواب ٿيا.
پوڙهو: مان پنهنجي دماغ جي ڪمزوريءَ سبب نهايت
حيران آهيان.
طبيب: ضعيف دماغ ٻڍاپي کان اٿو.
پوڙهو: منهنجي نظر به گهٽ ٿي وئي آهي.
طبيب: ضعيف بصارت به پيريءَ سبب آهي.
پوڙهو: طبيب صاحب! منهنجي چيلهه ۾ به سور آهي.
طبيب: شيخ صاحب اِهو به ٻڍاپڻ سبب آهي.
پوڙهو: مان جو ڪجهه کانوان ٿو، سو به هضم نٿو ٿئي.
طبيب: انهيءَ جو ڪارڻ به پيري آهي.
پوڙهو: منهنجي مرداني طاقت به گهٽجي وئي آهي.
طبيب: بزرگ! اِهو به پيريءَ کان.
پوڙهو: مان هلڻ چلڻ کان به گويا بيهي ويو آهيان.
طبيب: جيڪڏهن ٻڍاپڻ زور ٿي وٺي، تڏهن انسان کي
گوشه نشين بڻجڻو ٿو پوي.
پوڙهو: منهنجي چيلهه به ڪمان وانگر ٿي وئي آهي.
طبيب: اِهو سڀ ڪجهه پيريءَ جو ڪارڻ آهه.
هر هڪ سوال جو ساڳيو جواب ٻڌي پوڙهو، تيز ٿي چوڻ
لڳو ته اي احمق! تو ميان مٺو وانگر بس هڪ ئي ڳالهه
ياد ڪري ڇڏي آهي.
اي مدمغه عقلت اين دانش نداد
که خدا هر درد را درمان نهاد
اي بيوقوف طبيب! توکي خبر آهي ته، هر هڪ بيماريءَ
جي دوا خدا جدا جدا ٺهرائي آهي، بس تون ته علم طب
۾ صفا ڄٽ آهن.
”از طبيبي تو همين آموختي“
تون طب ۾ رڳو اهوئي سکيو آهين؟
طبيب چوڻ لڳس ته، اي پوڙها! تنهنجو اهو غصو ۽ بڪ
شڪ به پيري سبب آهي.
تنهنجا عضوا سڀ ٿيا آهن نحيف
صبر تو ۾ ناهه رهيو اي ضعيف
پيري بيشڪ زهيري آهي:
شعر
وڪوڙي ٿا وڃن آلام ۽ آزار پيريءَ ۾،
رهي اڪثر بشر بيچاقو ۽ بيمار پيريءَ ۾،
لڏي ڪنڌ ۽ ڪمر ويچارڙي ٿئي ٿي ڪمان وانگر،
ڀڄن ڏند ۽ اڇو منهن پنهن جو ڪن ٿا وار پيري ۾،
وڃي ٿي صبر جي دامن ڇڏائي زور سان هٿ مان،
گهڻو غصو ۽ ڪاوڙ ۽ اچي ٿي خار پيريءَ ۾.
قبر جو حال
هڪ ڇوڪرو پنهنجي فوت ٿيل پيءُ جي لاشي سان گڏ
قبرستان ڏانهن وڃي رهيو هو، ۽ پٽيندو، ڪٽيندو،
چوندو پيو وڃي ته اي بابا! توکي اڄ کنيو ٿا وڃن،
توکي مٽي ۾ پوريندا، توکي هڪ تنگ ۽ تاريڪ مڪان ۾
رکندا، جتي نه ڪو ٽپڙ آهي نه تڏو، نه ڏيئو نه بتي،
ماني نه پاڻي، جيڪي ماڻهو تنهنجي جسم کي چمي رهيا
هئا، سي توکي اهڙي انڌيري گهر ۾ هٿن سان پوري
ايندا …
ڇوڪرو اهڙي طرح انهيءَ اجڙيل گهر جو بيان ڪري رهيو
هو.
هڪ غريب جي پٽ ان جون، اهي ڳالهيون ٻڌي پنهنجي
غريباڻي گهر تي نظر ڦيرائي، پنهنجي پيءُ کي چيو ته
بابا! شايد انهيءَ ميت کي اسان جي گهر ۾ دفن ڪندا،
ڇاڪاڻ ته اسان جي گهر جو به اِهو حال آهي، جيڪو
ڇوڪرو بيان ڪري رهيو هو…
مولانا انهيءَ حڪايت مان هدايت ٿو ڪري ته، ڪيترائي
اهڙا شخص آهن، جن جي برباد ٿيل دل جا نشانات ظاهر
هوندا آهن، مگر هو سرڪشي سبب دل جي برباد گهر کي،
خدا جي ياد سان آباد نٿا ڪن.
شعر
دل اُها دل ناهه، جنهن ۾ ربّ جي ڪجهه ياد ناهه،
۽ جا موليٰ جي محبت ساڻ ڪجهه آباد ناهه.
انسان جي تلاش
هڪ شخص هٿ ۾ شمع کنيو، هر هڪ ايندڙ ويندڙ جي منهن
ڏانهن چتائي پيو نهاري. هو هر هڪ بازار ۽ گهٽيءَ ۾
انهيءَ شغل ۾ مشغول رهيو، هڪ ماڻهو پڇيس ته توکي
ڇا جي تلاش آهي؟
”هن چيو ڳوليان ٿو ڪو انسان مان
پر لڀي ٿو ڪين، ٿيس حيران مان“
ان تي سوال پڇڻ واري چيس ته، اک کولي ڏس، شايد
تنهنجي نظر ۾ نقص آهي، جو هيترا انسان هلندا
گهمندا وتن ٿا، مگر توکي نظر نٿا اچن،
”هن چيو ڳوليان ٿو مان انسان سو،
شهوت و غصي کي ماري مرد جو،
مون کي اهڙي مرد جي آ جستجو،
تنهن ڪري ڦرندو رهان ٿو ڪو بڪو.“
نالي جا انسان ته جام آهن، مگر صحيح انسان ڪو ڪو
آهي.
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
بخيل ۽ سندس ڪتو
هڪ اعرابي، پنهنجي ڪُتي تي، جو بک سبب مرڻ جي منزل
کي وڃي رسيو هو، بيهي زار زار روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو
ته اي منهنجا رفيق! مان توکان سواءِ ڪيئن جي
سگهندس، مان تنهنجي جدائي ۾ ڳري ڳري مري ويندس،
اُتان هڪ اهلِ دل بزرگ اچي لانگهائو ٿيو، جنهن هن
کي روئندو ڏسي، روئڻ جو ڪارڻ پڇيو. اعرابي چيو ته،
هي صاحب! منهنجو وفادار دوست (ڪتو) پوين پساهن ۾
آهي، منهنجي دل ان جي دک جي باهه ۾ جلي رهي آهي.
ڪتو نه هو، شينهن هو ڏينهن جو منهنجي لاءِ آڻيندو
هو شڪار، رات جو منهنجو هوندو هو چوڪيدار! بزرگ
چيس ته هن کي بيماري ڪهڙي ٿي آهي؟
اعرابي چيو ته، ڪابه بيماري ڪانه اٿس، فقط بک کان
مري رهيو آهي… بزرگ چيس ته هان، بک کان! ڀلا توکي
هيءَ بيڊڪ ڇا جي ٻڌل آهي؟ هن چيو ته هي ماني ۽
گوشت آهي، جو هڪ هفتي لاءِ مون واسطي ڪافي آهي.
اِها ڳالهه ٻڌي، بزرگ چيس ته، اي شوم ۽ بخيل! تون
ڏاڍو آهين ذليل. اکين مان پاڻي جا دريا وهائين ٿو،
مگر هڪ ماني ڪتي اڳيان نه اڇلائين ٿو. هر منزل تي
توکي ملي سگهندي روٽي، مگر تنهنجي دل آهي کوٽي،
تون هڪ ماني لاءِ ڪتي کي مفت ٿو مارين، باقي خواه
مخواه روئي ڏونگر ٿو ڏارين! اعرابي چيو ته … يار
ڳوڙهن وهائڻ سان آخر منهنجو بگڙي ڇا ٿو، جنهن وٽ
ماني، تنهن وٽ ڪاني، مان پنهنجي ڳنڍ ڇو خالي
ڪريان، جيڪا ماني ڪتي کي ڏيان، ان سان پنهنجو پيٽ
ڇو نه ڀريان.
مولانا جلال الدين صاحب هيءَ حڪات ڏئي هدايت ٿو
ڪري ته اُهي انسان، ڪهڙا نه آهن نادان، جي آخرت جي
خوف کان خواه مخواه روئن رڙن ته ٿا، مگر خدا جي
راه ۾ پائي به خرچ نه ٿا ڪن. انهن جو گريه ريا سان
ڀريل آهي، اهڙن انسانن لاءِ ئي چيو ويو آهي ته،
چپن تي يا قدوس، دل ۾ فلوس
بيت
اندر وهارن ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جي،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي ڀورا ڪر تون.
استاد ۽ ٽيڏو شاگرد
هڪ استاد، پنهنجي شاگرد کي چيو ته وڃ منهنجي گهر
جي فلاڻي جاري ۾ شيشو رکيو اٿئي اُهو کڻي جلد اچ.
هي شاگرد ڏاڍو هوشيار ۽ خبردار هو، مگر هڪ اک ٽيڏي
هيس، جنهن ڪري هڪ شي جي بدران هو ٻه شيون سمجهندو
هو. هو استاد جي گهر کان ٿي موٽي آيو ۽ اچي چيائين
ته، استاد سائين! چيو سدائين! جاري ۾ شيشا ته ٻه
رکيا آهن، کڻي ڪهڙو اچان، استاد چيس ته شيشو ته هڪ
رکيو آهي، ڇا ٻيو آسمان مان لهي آيو؟ اهو تنهنجو
نظر جو قصور آهي، تنهن جي اک ۾ فتور آهي.
شاگرد قسم کڻي چوڻ لڳو ته، نه ڙي سائين نه، شيشا
ٻه آهن، استاد چيس ته، قسم کڻڻ، شريفن جو ڪم نه
آهي، ڪمينا ئي هر هڪ ڳالهه تي قسم کڻندا آهن، سچو
آدمي قسم نه کڻي ته بهتر. شاگرد چيو ته قسم کڻڻ
کان توبه ٿو ڪريان. مگر ايئن ضرور چوان ٿو ته شيشو
هڪ نه آهي، ٻه آهن ٻه!! شاگرد جڏهن ٻن شيشن هجڻ تي
تڪرار واري ويٺو، تڏهن استاد کيس لٺ ڏئي چيو ته،
چڱو تڪڙو تڪڙو وڃ، هن لٺ سان هڪ شيشو ڀڃ، باقي هڪ
کڻي اچ، اها ڳالهه مڃي، شاگرد وڃڻ سان ئي هڪ شيشي
کي ڏنڊو وهايو جڏهن اهو ڀڳو، تڏهن ٻيو شيشو کيس
نظر نه آيو تڏهن ڇوڪر سمجهي ويو ته برابر استاد
پنهنجي ڳالهه ۾ هو سورهن ئي آنا سچو، مگر آءٌ هوس
ڪوڙو ۽ ڪچو، اِهو منهنجي نظر جو قصور هو، منهنجي
ديد ۾ نقص ۽ فتور هو، شيشو برابر هڪ هو، مگر مون
کي ٻه نظر آيا.
بيت
هوت ته آهي، هڪڙو ٽيڏيون ڏسن ٽي
آهي تنين کي، اکين اندر عيب ڪو
زندگي جو وڻ
هڪ شخص، بطور معما (ڳجهارت) بيان ڪيو ته، هندستان
۾ هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ڪيترن ئي ڪوهن ۾
پکڙيل آهي. سندس پاڙون پاتال ۾ پهتل آهن، سندس
چوٽي آسمان سان پيئي گسي، ان وڻ جي عمر هزارها سال
آهي، سندس ڦر سڄي دنيا جا آدم کائين ٿا. مگر هن جي
پنن متعلق ماڻهن کي هي خيال آهي ته هو نهايت تلخ ۽
بدمزه آهن. قسمت سان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو پتو هٿ
اچي وڃي ۽ هو ڪوڙو منهن ڪري کائي وڃي ته، جيڪر هو
قيامت تائين موت جو منهن نه ڏسي، انهيءَ وڻ کي هند
جا ، پنڊت ۽ رشي ”درخت زندگي“ چوندا آهن، ان وڻ
هيٺان مردان خدا سالن جا سال ويٺا هوندا آهن،
انهيءَ آسري تي ته من ڪو پن ڇڻي ۽ هٿ اچي …
بادشاهه جي هڪ مصاحب، اِها ڳالهه ٻڌي، مگر هن
پروليءَ جي مخفي معنيٰ سمجهي نه سگهيو ۽ بادشاهه
اڳيان ڏاڍي شدت سان هن وڻ جي تعريف ڪيائين، جيئن
ته هو صاحب، بادشاهه جي هڪ زوير سان دشمني رکندو
هو، تنهن ڪري بادشاهه کي چيائين ته انهيءَ وڻ جي
پنن آڻڻ لاءِ انهيءَ وزير کي موڪليو وڃي…
بادشاهه يڪدم انهيءَ وزير کي گهرايو ۽ کيس فرمايو
ته جلدي هندستان وڃي، انهيءَ وڻ جا پن ڳولي ٻن
سالن اندر هت پهچي پن مون کي ڏي، ته کائي حياتِ
جاوداني ۽ دائمي زندگاني حاصل ڪريان…
”حڪمِ حاڪم، مرگ مفاجات“ جي مصداق، وزير حڪم ٻڌي
”حاضر حضور“ چئي هندستان ڏانهن روانو ٿيو. هو اتي
پهچي هندستان جي ذري ذري جي تلاش ڪري چڪو مگر کيس
انهيءَ وڻ جو پتو نه لڳو، جهنگل، ميدان، ڳوليائين،
جبل نديون جاچيائين مگر پتو ندارد، خزانو ختم ٿي
ويس، ته فقير بڻجي به سرگرم تلاش رهيو، مگر وڻ نه
لڌو. جڏهن هو مايوس ٿيو تڏهن درگاهه ايزدي ۾ التجا
لاءِ هٿ کنيائين، روئي مقصد لاءِ عرض ڪيائين،
روئندي اک لڳي ويس، خواب ۾ الهام ٿيس ته، اسان جو
هڪ دوست مرغاب ۾ رهي ٿو، انهيءَ وٽان تنهنجي من جي
مراد پوري ٿيندي خواب ۾ هيءَ خوشخبري ٻڌي ”مرغاب“
ڏانهن روانو ٿيو ۽ آخر اتي وڃي رسيو، ڏٺائين ته
ماڻهن جا هشام هڪ بزرگ طرف پيا وڃن. پاڻ به انهن
سان گڏجي وڃي منزل مقصود تي پهتو، جتي هڪ درويش،
دلريش خنده رو ۽ شيرين بيان، تشريف فرما آهن ۽
ماڻهن جا ميڙ سندس چوڌاري گوڏا ڀڃيو ادب سان ويٺا
آهن، وزير به آداب بجا آڻي ويهي رهيو ۽ پنهنجو
بيان بزرگ کي ٻڌائڻ لڳو، بزرگ سندس بيان ٻڌي،
پنهنجو مبارڪ دهن کولي هن طرح گوهرفشاني ڪرڻ لڳو
ته، دوست! توهان جنهن کي درخت زندگي ٿا چئو، سو ڪو
وڻ نه آهي، هيءَ هڪ معما يا ڳجهارت آهي. اوهان
لفظن تي غور ڪيو، مگر معنيٰ ڏانهن پنهنجي عقل جي
اسپ کي گامزن ڪيو ئي ڪونه، اُهو درخت زندگي اٿو
علم ۽ هنر، ۽ ان جا پن آهن، خدا جي معرفت. جيڪو
ماڻهو علم و هنر حاصل ڪري، معرفت جو پتو لهي اُهو
زنده جاويد رهي ٿو. مقبول شاعر:
”نالو رهي ٿو علم سان زنده جهان ۾،
اولاد کان ٿو نام ٿئي هڪڙي به پيڙهي مس“
چوندا آهن ته، علم هندستان جو ميوو آهي، جتان ان
کي يوناني کڻي ويا، يونانين کان عربن علم حاصل
ڪيو، عربن کان فرنگين پرايو.
سچ چيو اٿن ته، علم انسان جي ٽين اک آهي، علم بنان
انسان جانور مثل آهي.
تنهن ڪري اي دوست:
علم واري کي ڏئي ٿو هرڪو عزت، علم پڙهه،
علم بيشڪ ٿو وڌائي شان شوڪت، علم پڙهه.
ياد رک اي دوست:
علم حاصل ڪرڻ لئي سختين سهڻ کان ڪين ڊڄ،
جي پوي پرديس وڃڻو ته به وڃڻ کان ڪين ڊڄ.
وهم
ڪنهن مڪتب جو استاد ڏاڍو سخت ۽ شاگرد کي ماري
ڏيندڙ هو، ويچارا شاگرد هن جي مهيب صورت ۽ مار کان
تنگ آيا، تن پاڻ ۾ پهه پچايا ته، هاڻي اهڙي ڪا
صلاح ڪريو، جيئن هن استاد جي تڪليف کان خلاصو حاصل
ڪيون، هنن ۾ هڪ شاگرد نهايت چالاڪ هو، ان چيو ته
يارو، مان اوهان کي هڪ رٿ ٻڌايان ٿو، جيڪڏهن اوهان
ان تي عمل ڪيو ته بس ”پَؤن ٻارهن آهن“ مگر هڪ ته
اِهو راز فاش نه ڪندؤ، ٻيو ته مون سان قسم کڻو،
سڀني قسم کنيا … سندس ليڊر شاگرد چيو ته، بس ڳالهه
سڻائي آهي، اسان مان جيڪو به شاگرد استاد کي ملي
ته کيس سلام ڪري. سندس منهن ڏانهن چتائي ڏسي ۽
پوءِ چوي ته استاد سائين! ڇو اڄ اوهان جو مبارڪ ۽
گلابي چهرو زرد جهڙو هيڊ ٿي پيو آهي. ڇا رات بخار
هو يا ناچاقائي ٿي پئي آهي…
مگر چويس هر هڪ شاگرد ايئن، بس اسان جي انهيءَ
گفتگو کان هو وهم ۾ گرفتار ٿي ويندو، اُهو وهم هن
جي دل ۾ گهر ڪري کيس بيمار بنائيندو، استاد بيمار
ٿيو ته پوءِ اسان کان دفعه آزار ٿيو…
جڏهن ٻئي ڏينهن اسڪول کليو ۽ استاد ڪلاس ۾ تشريف
فرما ٿيو، تڏهن شاگردن جي ليڊر کيس سلام ڪيو ۽
سندس چهري ڏانهن نهاريائين… استاد کي چيائين ته،
ڇو اڄ سائينجن جو چهرو مبارڪ زرد آهي… استاد چيس
ته وڃ وڃ بڪين ڇا ٿو…
وري ٻيو شاگرد آيو، جنهن چيو ته استاد صاحب! اوهان
جو زرد چهرو اڄ ٻڌائي ٿو ته اوهان کي مٿي ۾ درد
آهي… خدا خير ڪري اوهان کي سدائين، خوش خرم رکي!…
ٽيون شاگرد آيو ان به ائين چيو، چوٿون آيو، پنجون
آيو، سڀني اِهو ئي ٻول ٻوليو. مطلب ته سڀني ڪلاس
وارن استاد کي بيمار بڻايو. بس سندن استاد کي به
وهم ٿيو، آءُ برابر بيمار آهيان. سندس اهو وهم وڌي
وڌي وڃي يقين جي منزل کي پهتو ۽ هو واقعي بيمار ٿي
پيو، مٿي ۾ سور محسوس ڪيائين، بدن ۾ درد ڄاتائين ۽
شاگردن کي چيائين ته، مان سچ پچ بيمار ٿي پيو
آهيان مان مڪتب ۾ ويهي نٿو سگهان، ٽپڙ بند ڪريو،
منهنجي گهر هلي پڙهو.
استاد اُتان اٿي گهر آيو، زال کي چيائين ته بسترو
وڇاءِ، آءٌ چاق نه آهيان… هن سندس بدن کي هٿ لائي
چيو ته، ميان تون ته بلڪل ٺيڪ آهين… توکي بيماريءَ
جو وهم آهي. وهم اهڙو مرض آهي، جنهن جو علاج لقمان
جي شفاخانه ۾ به ڪونهي. زال جون اِهي ڳالهيون ٻڌي
استاد چڙي چوڻ لڳو ته توکي ڪهڙي خبر! هنڌ سوئي سڙي
جتي باهه ٻري، ڪهڙو سيڪ اچي پاڙي وارن کي.
مون سان جيڪا ويڌن آهي، ان جي توکي ڪهڙي خبر …
مطلب ته استاد صاحب ڏاڍو بيمار ٿي پيو … شاگردن جي
ليڊر سڀني شاگردن کي چيو ته، استاد کي بيمار ته
ڪيوسين، مگر پڙهڻ کان وري به جند نه ڇُٽي، هاڻي
اهڙو ته زور سان پڙهو جيئن استاد جو گهر مٿي کڻي
ڏيو، شاگردن زور شور سان پڙهڻ شروع ڪيو. تنهن تي
استاد چين ته اي نڀاڳا! ڏسو ٿا ته مان بيمار آهيان
اوهان وري گوڙ مچايو آهي، وڃو! وڃو پنهنجي گهر،
حياتي هوندي ته پڙهائيندو سانوَ نه ته پرتوَ رب
کي… ڇوڪرا بخوشي ٽپڙ بند ڪري گهرن ڏانهن راهي ٿيا،
کين ايئن ڇڙواڳ ڏسي سندن مائرون چوڻ لڳيون ته هي
ڇا! ملان جي عقل تي پردو پئجي ويو آهي، ڇا؟ جو
ڇورن کي هيئن کڻي ڇڙواڳ ڇڏيو اٿس، ڇوڪرا کين چوڻ
لڳا ته استاد صاحب بيمار ٿي پيو آهي… سڀني کي حيرت
لڳي ۽ ملان جي گهر آيون، اچي ڏٺائون ته واقعي ملان
جي بيمار آهي… ۽ بستري داخل آهي، کانئس پڇيائون ته
ملان جي ڇا ٿيو، صبوح جو بلڪل ٺيڪ هئا. ملان چيو
ته مان صبوح جو اٿيس ته، منهنجي زال مون کي ٻڌايو
ئي نه ته بيمار آهين، خدا ڀلو ڪري ويچارن ٻارن جو
جن مون کي منهنجي بيماري جو اطلاع ڏنو، هاڻي دعا
ڪيو ته خدا جلد شفا ڏئي.
وهم وڏي بڇڙي بلا آهي، جا پنهنجي ڏنگ هڻڻ سان جڏهن
بدن ۾ زهر ڦهلائي ٿي، تڏهن چڱي ڀلي آدمي کي هڪدم
بيمار بنائي ٿي. جيڪي شيون موجود ئي نه هجن، وهم
انهن کي روبرو آڻي بيهاري ٿو، ۽ آفتون بڻائي
ڏيکاري ٿو، وهم لاعلاج مرض آهي.
پوڙهو مڙس ۽ سندس چسيري بي بي
چوندا اهن ته جڏهن گدڙ جي قسمت خراب ٿيندي آهي،
تڏهن ان کي شهر ڏانهن ڊوڙڻ جي مت ايندي آهي. جڏهن
هو شهر ۾ پهچندو آهي تڏهن وري جيرو واپس نه ورندو.
هڪ شخص، ڇڙو ڇانڊ رهي، سکيو وقت گذاري رهيو هو،
اوچتو سندس ڪم بختي جا ڏينهن آيا، جو ٻڍاپڻ ۾ نڪاح
ڪيائين سندس زال هئي ڏاڍي چالاڪ، نه هوس شرم نه
حيا هئي بي پرواهه ۽ بيباڪ، رات ڏينهن کائڻ پيئڻ
سندس ڪم هو، هو چسيري به ڏاڍي هئي.
هڪ ڏينهن گهر ۾ مهمان آين، پوڙهو سير گوشت جو وٺي
آيو، زال کي چيائين ته، چڱي طرح ڀاڄي تيار ڪري،
مهمان لاءِ ماني بڻاءِ، هوءَ شريف زادي ٻوڙ تيار
ڪرڻ وقت گوشت کي ڀڃندي ڀڃندي ٻوٽي ٻوٽي ڪري سير ئي
گوشت جو هضم ڪري وئي، جڏهن ڪني بلڪل خالي ڏٺائين،
تڏهن مڙس کي سڏ ڪيائين ته مان جيئن مرچ مصالح ڪٽي
رهي هيس تيئن گوشت، جو ٿالهه ۾ رکيو هو، ٻلي اچي
کائي ويئي، ڏس هوءَ ٻلي ڪيئن گوشت کائي هاڻي منهن،
چنبن سان صفا ڪري رهي آهي. وڃ هاڻي ٻيو گوشت وٺي
اچ ته مهمان لاءِ ته ماني تيار ڪجي. اسان کڻي نه
کائينداسين. مڙس ٻليءَ ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ سوچ
ويچار بعد اٿيو، وڃي تارازي کڻي آيو، هڪ پڙ ۾ ٻلي
کي وهاري کيس توريائين ته سير کن وزن مَس ٿي، تڏهن
هو پنهنجي زال کي چوڻ لڳو ته، اي بي حيا! ٻڌاءِ ته
سهي، مان سير گوشت جو وٺي آيس، جو خود تو به توري
ڏٺو هو، ٻليءَ جي تور به سير آهي، ٻڌاءِ ته سير
گوشت کائڻ بعد به ٻليءَ جو وزن ساڳيو سير آهي؟
اين اگر گر به است بس آن گوشت کو
ور بود اين گوشت، بنما گربه تو
جيڪڏهن هي وزن ٻليءَ جو آهي ته گوشت ڪيڏانهن ويو،
جيڪڏهن هي وزن گوشت جو، ته ٻلي جو وزن ڇا آهي.
مڙس جو اِهو عذر ٻڌي، هو چسيري عورت لاجواب ٿي پئي
۽ ڏاڍي شرمندي ٿي.
ڪوڙ هڻڻ سان ڪڏهن عيب لڪي نٿو سگهي… پنهنجي گناهه
جو اعتراف ڪرڻ، خود همت آهي، ڪوڙ نه هڻڻ گهرجي
ڇاڪاڻ ته:
ٿئي ڪوڙ ڪنهن جو جي پڌرو ادا،
ته ڪوڙ پيو ليکبو او سدا.
سچيون پوءِ ڪهڙيون به ڳالهيون ڪري،
ته به هر ڪو چوندس پري ٿي پري.
سدا سچ چئو ۽ سچا ٿي رهو،
ته هت توڙي هت مان ۽ عزت لهو.
چار دوست ۽ انگور
بغداد جي شهر ۾ چار انڌا پنندا هئا، هڪ هندي، ٻيو
ايراني، ٽيون عرب ۽ چوٿون ترڪ هو. هڪ سخي مرد انهن
چئني کي گڏ هڪ رپيو ڏنو، ته ڪا شيءِ وٺي پاڻ ۾
ورهائي کڻن.
هندي چيو ته مان ڊاک وٺندس، ترڪ چيو ته مان اوزم
کائيندس، ايراني چيو ته منهنجي دل انگور کائڻ تي
آهي، عرب چيو ته مون کي عِنب کپي… سڀئي پاڻ ۾
جهيڙيندا رهيا ته هو هن جي خلاف چيز گهري ٿو، هي
هُن جي خلاف شيءِ گهرائي ٿو. حالانڪ پنهنجي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ هر هڪ انگور کائڻ لاءِ خواهان هو.
هنن کي پاڻ ۾ تڪڙو ڳالهائيندو ڏسي، هڪ شريف سندن
وچ ۾ پيو، هن کي گهڻيون ئي ٻوليون اينديون هُيون.
هو هنن جي جهالت تي افسوس ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته،
يارو! صبر ڪيو، آءٌ اوهان جو جهيڙو ڇڏايان ٿو،
رپيو کانئن وٺي، انگور خريد ڪري آيو، سڀئي پنهنجي
خواهش موجب ميوو ڏسي خوش ٿيا. ٻيءَ زبان سان
ناآشنا هجڻ ۾ ايتري خرابي آهي، هم زباني الفت جو
روح آهي.
جهالت فساد جي جڙ آهي، اهل عرب زمانه جهالت ۾ پاڻ
۾ لڙندا رهندا هئا. جڏهن رسول مقبول ﷺ جن، سندن
سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارا آيا، تڏهن سڀني کي پاڻ ۾ ڀائر
بنائي ڇڏيائون.
نفس واحد از رسولي حق برند
ورنه هريک دشمنِ مطلق برند
کينه ها، کهنه شان از مصطفيٰ
محو شد در نور السلام و صفا
بيوقوف
هڪ شهر ۾ چار دوست هم پياله ۽ هم نواله رهندا هئا.
چئني جو اٿڻ ويهڻ گڏ ٿيندو هو، هئا به چارئي
بيوقوف. هڪ ڏينهن چارئي گڏجي ٽپهريءَ جو مسجد ۾
نماز پڙهڻ ويا. هڪ بانگ ڏني، ان بعد چئني مان هڪ
امام ٿي نماز پڙهائڻ لڳو. ايتري ۾ مسجد جو اصل
ملان به مسجد ۾ وارد ٿيو، ۽ بانگ ڏيڻ لاءِ ميمبر
تي بيٺو نماز پڙهندڙن چئن مان هڪ رڙ ڪري چيس ته
ملان صاحب! بانگ اچي وئي آهي، تون وڌيڪ تڪليف نه
ڪر. ٻئي چيو ته خاموش، نماز ۾ ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي.
ٽيون ان کي چوڻ لڳو ته تون وڏو نادان آهين، چيئن
به ٿو ته نماز ۾ ڳالهائڻ جائز نه آهي، وري هن سان
ڳالهائين به ٿو، ”پاڻ نه پلي ڏوجهان متيان ڏيوي.“
باقي رهيو چوٿون بيوقوف امام صاحب، ان کان به رهيو
نه ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، شڪر آهي، جو مان نماز ۾ نه
ڳالهايو آهي…
هر هڪ ٻئي جو عيب ڏٺو، مگر پنهنجي عيب تي نظر ئي
نه ڌريائون! دانا آدمي اهو آهي جو ٻئي جي عيب جاچڻ
کان اڳ، پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسي، جيڪڏهن
منجهس عيب هجي، ته پهريائين پنهنجو عيب ڍڪي، پوءِ
ٻئي کي چوي.
بيت
پهرين پاڻ سڌار، پوءِ ٻين کي چئجه تون
ڪَين ڪنهين جا ڪڏهن آصف عيب پچار
غربت منجهه گذار، ڏکيا سکيا ڏينهڙا |