اجايو خوف
هڪ ظريف انسان، پنهنجي گهر جي در تي بيٺو هو ڇا ٿو
ڏسي ته، هڪ شريف صورت انسان، دراز ريش فربه بدن،
عالمن جهڙو گول گول پٽڪو، ڊگهو جبوَ پايو، سهڪندو
اچي ٿو. ظريف پڇيو ته ايتري قدر اوهان گهٻرايو ڇو
ٿا؟ ڪنهن جي خوف کان اوهان جو بدن ڪنبي رهيو آهي.
لب خشڪ ۽ چهرو زرد معلوم پيو ٿئي، مگر هو شخص
ايتري قدر ته خوفزده هو، جو ڳالهه ڪري نه پيو
سگهي. آخر ظريف جي تسلي ڏيڻ تي چيائين ته، مان نڪي
چور آهيان، نڪي خوني، مگر مون ڏٺو ته گڏهه بيگر
وهڻ لاءِ پڪڙيا وڃن ٿا، مون کي خوف آهي ته، متان
مون کي به پڪڙي وڃن، انهيءَ کان مون کي بچايو.
ظريف چيو ته ڪٿي ٿيا گڏهه، ڪٿي توجهڙو شاندار ۽
معتبر انسان… تون گڏهه آهين ڇا جو توکي پڪڙي وڃي
بيگر وهائيندا؟ هن چيو ته سڀ ماڻهو توهان جهڙا
”آدم شناس“ نه آهن، هو مون کي پڪڙي وڃي سرڪار ۾
پيش ڪن ته، پوءِ ته مون لاءِ ڏاڍو آزار ٿيندو،
پوءِ ته مان توکي ڳوليندو رهندس ته اي جناب اچي
مون کي ڇڏاءِ.
چونکه بي تمييز و نادان سروراند
صاحب خر را بجائي خر برند
اڄڪلهه جا سردار ۽ امير بدتميز ۽ جاهل آهن، گڏهه
جي بجاءِ گڏهه واري کي وٺيو ٿا وڃن.
انسان کي هر حال ۾ احتياط رکڻو آهي، خواهه هو
ڪيترو ئي نيڪ هجي، هن کي برن ۽ بڇڙن کان تڏهن به
ڊڄڻ گهرجي، جيئن هو تڪليف نه پهچائين، وڇون ڪنهن
سان دشمني سبب ڏنگ نٿو هڻي، مگر هو پنهنجي بڇڙي
عادت کان مجبور آهي، تنهن ڪري:
خوف رک دل ۾ تون بڇڙن جو سدا
ڀڄ انهن کان تون پري هردم ادا
کنڀ پٽيندڙ مور
هڪ خوبصورت مور، جهنگل ۾ پنهنجا خوبصورت کنڀ پٽي
پٽي اڇلي رهيو هو، هڪ عقلمند آدمي اها حالت ڏسي
کيس چوي ته تنهنجي دل کي اِها ڳالهه ڪيئن ٿي وڻي،
جو پنهنجا خوبصورت کنڀ پٽيو پيو اڇلين. ڇا توکي
خبر نه آهي، ته ماڻهو انهن کنڀن کي ذوق شوق سان هٿ
ڪري قرآن مجيد ۾ وجهندا آهن، حسين مهه جبين انهن
کنڀن مان وڃڻا ٺاهي، پنهنجي ماهه جهڙي منهن کي هوا
هڻندا آهن، هيءَ تنهنجي وڏي ناداني ۽ بي شڪري آهي،
جو اهڙي قدر ۽ شان وارن کنڀن کي پٽي پيو اڇلائين.
مور اهو ٻڌي، وات مان ڪجهه نه ڪڇيو. ها، سندس اکين
مان ڳوڙها نار ڪري وهڻ لڳا، ڳوڙها، درد دل جو پتو
ڏئي رهيا هئا، تنهن ڪري انهن جو ڏاڍو اثر ٿيو.
گريه باصدق بر جانها زند
تاکه چرخ و عرش را گرما کند
گريه بي صدق بي سوزش بود
ديوران بر گريه اش خندان شود
جڏهن هو، دل جي باهه اکين جي ڳوڙهن سان وسائي چڪو،
تڏهن چوڻ لڳو ته اي دانا انسان! منهنجي ڳالهه به
ٻڌي ڇڏ، تون منهنجي خوشنما پرن کي ڏسين ٿو مگر مان
پنهنجن عيبن کي ڏسي اشڪبار آهيان نه منهنجي گوشت ۾
مزو آهي. نه پيرن ۾ خوبصورتي ماڻهو منهنجي کنڀن جي
تعريف ڪندا آهن ۽ مان پيرن جي بيڊولائي کان شرمندو
ٿيندو آهيان، صرف منهنجا کنڀ ئي آهن، جن لاءِ
شڪاري منهنجي تلاش ڪندا آهن ۽ مون کي مارين ٿا.
ڪاش گوشت ۽ پيرن وانگر منهنجا پر به خراب هجن ها
ته مان شڪارين جي تيرن جو نشانو نه بڻجان ها، مان
پنهنجي پڇ جا کنڀ پٽي اڇلائي رهيو آهيان ته مون کي
لنڊو ڏسي شڪاري مون کي مارڻ جي نه ڪن…
هنر ۽ خوبصورتي انهيءَ لاءِ سودمند آهي، جيڪي الله
وارا آهن، ورنه هنر ۽ خوبصورتي اهڙي طرح وبال جان
آهن، جهڙي طرح مور لاءِ کنڀ:
دشمنِ طائوس آمد پَر او
اي بسا شاهه را بگشته فراو
ڪئو ۽ ڏيڏر
هڪ ڪئو ۽ ڏيڏر پاڻ ۾ پڪا دوست ۽ پڳ مٽ يار هئا،
هنن جي گهري دوستي ڏسندڙ ايئن سمجهندا هئا ته ٻه
قالب، هڪ جان آهن. هنن ۾ ايتري قدر محبت هئي جو هو
هر وقت گڏ رهندا هئا، سندس اٿڻ ويهڻ، گهمڻ، ڦرڻ،
کائڻ پيئڻ گڏ ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڪئي، ڏيڏر کي چيو
ته يار! جڏهن تون پاڻيءَ ۾ هليو وڃين ٿو، تڏهن آءٌ
ڪناري تي بيهي توکي سڏيان ٿو، مگر تون منهن جو
آواز نٿو ٻڌين، مان سڏي سڏي ٿڪجي پوان ٿو، جڏهن
توکان ڪو جواب نٿو ملي، تڏهن مون کي ڏاڍو ڏک ٿئي
ٿو، مون هڪ تجويز ڳولي ڪڍي آهي، جيڪڏهن تون به ان
سان شامل راءِ ٿئين ته پوءِ اسان جي تڪليف دور ٿي
ويندي. اُها رٿ هيءَ آهي ته اهڙو ڪو ڌاڳو هٿ ڪجي،
جنهن جي هڪ پڇڙي تنهنجي ٽنگ ۾ ۽ ٻي منهنجي ٽنگ ۾
ٻڌل هجي، بس جنهن وقت ملاقات جو خيال ٿئي مان ٿورو
ڇڪيان ته تون هڪدم ٻاهر هليو اچ، پوءِ پاڻ ۾ روح
رهاڻيون ڪريون… ڏيڏر چيو ته تنهنجي اها صلاح ٺيڪ
آهي، هو ڏس سامهون ڪوريءَ جو دڪان اٿئي، اُتان هڪ
مضبوط ڌاڳو ڪٽي کڻي اچ ته راءِ کي عملي جامو
پهرايون. ڪئو هڪ ڌاڳو کڻي آيو جو ٻنهي پنهنجي هڪ
هڪ ٽنگ ۾ ٻڌو، ڪئو پنهنجي ٻرڙ ۾ هليو ويو ۽ ڏيڏر
پاڻيءَ ۾ هليو ويو، ايئن وقت پيو گذرندو هونِ، هڪ
ڪانوءُ اِهو لقاءُ ڏٺو هو، سو دل ۾ خوش هو ته هڪ
ئي ڌڪ سان ٻه شڪار ٿيندا، ڇا ڪيائين جو ڌاڳو چهنب
۾ ڪري وٺي مٿي اڏامڻ لڳو جنهن ۾ هڪ پاسي ڪئو ۽ ٻئي
پاسي ڏيڏر لڙڪندو پئي آيو. ڏسڻ وارا عجب ۾ پيا، ته
ڪانوَ ڏيڏر کي پاڻيءَ مان ڪيئن ڪڍيو؟ هڪ دانا
انسان اتي بيٺو هو، جنهن چيو ته يارو، هن جي غير
جنس سان ياراني هئي، تنهن ڪري هن پنهنجو موت هٿ
سان آندو… هن واقعي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته غير
جنس جي صحبت هميشه هلاڪت ۽ نقصان جو باعث بڻبي،
تنهن ڪري انهيءَ کان دور رهجي.
شعر
هم جنس باهم جنس ڪند پرواز
ڪبوتر با ڪبوتر باز با باز
گڏهه، گهوڙن ۾
هڪ غريب پخاليءَ جو هڪ وڏو متارو گڏهه هو، مگر
ٿورن ڏينهن ۾ هو اهڙو لاغر ۽ هيڻو ٿي ويو، جو هوا
به جهوٽي سان هن کي ڪک وانگر اڏايو ٿي وئي. پٺيءَ
تي ڪيترن زخمن جا غار بڻجي ويا هئس، جن ۾ بي انداز
ڪيڙا سڪونت پذير ٿي چڪا هئا. هو ٻه قدم به هلي نٿي
سگهيو. هڪڙي طنبيلي جي داروغي گڏهه جي مالڪ کان
پڇيو ته، ڇو تنهنجو گڏهه ههڙو هيڻو ۽ ڏٻرو ٿي ويو
آهي؟ هن جواب ڏنس ته مان مفلس ماڻهو آهيان مون کي
پنهنجي کائڻ لاءِ ئي جڏهن ڪجهه نه آهي، تڏهن گڏهه
لاءِ گاهه داڻو ڪٿان آڻيان، بکن هن کي هڻي هيڻو
ڪري ڇڏيو آهي. داروغي چيس ته هن کي هڪ مهينو
منهنجي طنبيلي ۾ ڇڏي وڃ، پوءِ ڏسجانءِ ته تنهنجو
گڏهه ڪهڙي ڊول ۾ ٿو ٿئي. نيٺ هو گڏهه کي ڪاهي
گهوڙن جي طنبل ۾ ويو ۽ گهوڙن سان گڏ کيس گاهه داڻو
کارائڻ ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳو. گڏهه جي روزانو ڏاڍي
خدمت ٿيڻ لڳي، پنهنجي ههڙي حالت ڏسي گڏهه دل ۾ چوڻ
لڳو ته يا خدا! جيتوڻيڪ توسان سوال جواب ڪرڻ بي
ادبي ۽ گستاخي آهي، مگر مان پڇڻ کان سوا رهي به
نٿو سگهان، ته مون ۾ ۽ گهوڙن ۾ ڪهڙو فرق آهي، مون
کي به هنن جهڙا پيرا ۽ ٽنگون آهن تڏهن به ايترو
فرق ڇو رکيو ويو آهي، جو هن جي خوراڪ گاهه داڻو ۽
ٻيا مصالحه ۽ منهنجي قسمت ۾ اروڙين تي رلڻ ۽ ڏنڊا
جهلڻ… ٿورن ڏينهن بعد لڙائي لڳي، جنهن ۾ انهيءَ
طنبيلي وارا سڀ گهوڙا ميدان جنگ ڏانهن موڪليا ويا،
جڏهن واپس آيا ته زخمن سان چور هئا. اهوئي بدن، جو
ريشم وانگر چمڪيدار ۽ لسو هو، سوئي بدن رت سان
ڀريل ۽ ڦٽن سان خراب ٿي چڪو هو، سڀني جو بدن تيرن
سان ڇلجي چڪو هو ۽ رت بند نٿي ٿين، ڪيترا تير اڃا
به سندن جسم ۾ لڳا پيا هئا.
چون خر آن را ديد پس گفت اي خدا
من بفقر و عافيت دارم رضا
زان نوا بيزارم و زين زخم زشت
هر که خواهد عافيت دنيا بهشت
گهوڙن جي هي تڪليف ڏسي، گڏهه خودبخود پڪاري چيو
ته، ”يا الله! جو ڪجهه مون پهريائين شڪايت ڪئي هئي
اها سڀ بڪواس هئي، مون کي منهنجي گستاخي جي معافي
ملي. مون کي هن پخاليءَ جي پخال، اروڙي تي چرڻ ۽
بکن ۾ مرڻ منظور آهي، مگر لڙائيءَ ۾ زخمي ٿي مرڻ
منظور نه اٿم، مون کي جلد هن طنبيلي مان ڪڍ.
انسان کي گهرجي ته پاڻ کان وڏن سان ريس نه ڪري ۽
هر کسي را بهر کاري ساختن کي نظر ۾ رکي. يعني سڀ
ڪنهن کي جدا جدا ڪمن ۽ فائدن لاءِ پيدا ڪيو ويو
آهي. اها ڌڻيءَ جي قدرت ۽ سندس ڪم آهن جنهن کان
جيڪو ڪم وڻي وٺي!
گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
لومڙي ۽ نادان گڏهه
هڪ شينهن ۽ هاٿيءَ جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو، ٻنهي جي
وچ ۾ زبردست لڙائي لڳي، هاٿي ته شينهن جي چنبن جا
زخم سهي ويو، مگر شينهن کي تمام سخت صدما رسيا ۽
هو شڪار ڪرڻ کان بيڪار ٿي پيو. ڪيترا ڏينهن بک ۾
گذري ويس. شينهن سان گڏ ٻه لومڙيون به رهنديون
هيون، جي هن جي اوبر تي تڳنديون هُيون. جڏهن شينهن
ئي بک مري رهيو هو، تڏهن هنن لومڙين جو بک ۾ ڪهڙو
نه برو حال هوندو. شينهن چين ته، جيڪڏهن اها حالت
رهي ته نه توهان جيئريون رهنديون ۽ نه مان زنده
رهندس. ڪجهه حيلو ڪريو، توهان مان هڪڙي هن سرسبز
جهنگل ڏانهن وڃي ۽ ڪنهن گڏهه يا ڳئون کي ڳالهين ۾
لڳائي، مون تائين وٺي اچي، مان انهيءَ کي ماري پاڻ
به کانوان ۽ اوهان کي به ڏيان…
هڪ لومڙي جا ڏاڍي چالاڪ هئي، سا ادب بجا آڻي، جهنگ
ڏانهن رواني ٿي، هڪ ڌوٻيءَ جي گڏهه کي وڃي پاسو
ڏنائين، جو ٽڪرائين زمين ۾ ڪريل ڪک پن کائي رهيو
هو ۽ پاڻي پي موت جا ڏينهن پورا ڪري رهيو هو، بار
ڍوئي ڍوئي پٺي ۾ زخم ٿي پيا هئس، بک کان پيٽ پٺيءَ
سان وڃي لڳو هوس لومڙي هن سان مصروف گفتگو ٿي،
ٻنهي ۾ جيڪا گفتگو ٿي سا ٻڌڻ جي قابل آهي.
لومڙي: ڀائو لاغر گڏهه السلام
گڏهه: ادي لومڙي وعليک السلام
لومڙي: اد اڪيستائين، هن ٽڪرائين زمين ۾ رهي بک
جون مصيبتون سهندو رهندين.
گڏهه: ادي جيڪڏهن مان غم وَالم ۾ گرفتار آهيان، ته
به موليٰ سائين جو شڪر گذار آهيان جو ڪجهه هن
منهنجي ڀاڳ ۾ لکيو آهي، ان تي خوش آهيان،
خداتعاليٰ جيڪي منهنجي مقدر ۾ لکيو، انهيءَ بابت
شڪايت ڪرڻ ڪفر آهي، صبر جو وڏو اجر آهي. پرندا،
نانگ، بلائون، مڇيون، پکي پکڻ سڀ پنهنجو پنهنجو
نصيب کائين ٿا. سڀني جو روزي رسان، اُهو رزاقِ
عالم آهي. هن جي خزاني ۾ ڪابه ڪمي ڪانه آهي، بک
وگهي ڪو ڪونه مئو. تون جي زنده دل آهين، ته راضي
برضا رهه. دوست الله آهي، ٻيا دشمن آهن. اهو احمق
آهي، جو دوست جي گلا، دشمن سان ڪري. تون شڪر ڪر
مبادا تنهنجي حالت به بدتر ٿئي. اجائي حرص گيري نه
ڪجي، خزاني جي تلاش ڪبي ته نانگ جي ور چڙهبو، گل
هٿ ڪرڻ لاءِ ڪنڊن جا زخم سهبا، هن دنيا ۾ خوشيءَ
سان گڏ غم به آهي ڇاڪاڻ ته:
گنج بي مارو گلي بي خار نيست
شادي بي غم درين بازار نيست
لومڙي: ادا گڏهه، حلال رزق جي تلاش ڪرڻ فرض آهي.
هيءَ دنيا عالم الاسباب آهي، هتي بغير ڪوشش رزق
نٿو ملي، الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، ”وابتغو! من
فضل الله“ يعني الله جي فضل مان روزي جي تلاش
ڪريو. رسول مقبول ﷺ جن به فرمايو آهي ته، رزق بند
دروازن ۽ ڪلفن جي اندر آهي، سو تڏهن ملندو جڏهن
محنت جي ڪنجي سان ڪلف کولبو.
بي ڪليد اين در کشاده راه نيست
بي طلب نان سنت الله نيست
عالمِ اسباب رزق و بي سبب
مي نيا بد پس مهم باشد طلب
گڏهه: ڀيڻ لومڙي! خدا جتي ڪٿي رزق رسائي ٿو،
بشرطيڪ پوري توڪل هجي، جنهن ڏنو آهي ساه، اهو ئي
ڏيندو گراه. چرند ۽ پرند جيتوڻيڪ ڪو پورهيو ڪونه
ٿا ڪن، ته به رازق انهن کي رزق پيو ڏئي، هر هڪ جو
نصيب ان کي پيو ملي، جو صبر ڪري ٿو، رزاق ان جي
جهولي رزق سان ڀري ٿو، بک ۾ ڪو ڪونه مري ٿو رنج ۽
ڪوشش بي صبري سبب ڪجي ٿي.
جمله را رزاق روزي مي دهد
قسمت هر کس به پيشش مي نهد
لومڙي: ادا گڏهه! اهڙي توڪل ڪير ٿو ڪري؟ پيغمبر
ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته، قناعت هڪ خزانو آهي، هر
هڪ کي مخفي خزانو ملي نٿو سگهي، تون پنهنجو قدر
سڃاڻ ۽ پنهنجي قدر کان وڌيڪ وک نه کڻ. هروڀرو توڪل
جو دم نه هڻ، ڪوشش ڪري، روزي لاءِ ٻاهر قدم ڌر.
جهد کن اندر طلب سعي نما
چون نداري در توڪلّ صبر ها
گڏهه: ڀيڻ لومڙي! تون ڪهڙيون الٽيون باتيون ڪري
رهي آهين، طمع ۾ وڏيون خرابيون آهن، قانع آدمي کي
ڪوبه خطرو نه آهي. طمع ڪندڙ کي جان جو جوکو رسي
ٿو، لالچ سان ڪو بادشاهه بنجي نٿو سگهي رزق ته ڪتن
ٻلن کي به ملي ٿو، ٻڌاءِ ته سهي ته هيءُ مينهن،
جنهن تي سڀني جي رزق جو مدار آهي سو ڪنهن جي ڪوشش
۽ محنت سان وسي ٿو، جهڙي طرح تون رزق تي عاشق
آهين، اهڙي طرح رزق به تو تي عاشق آهي، جيڪڏهن تون
هن جي پٺيان نه پوندينءَ ته به توکي ملي ويندو، ڇا
تو هيءَ ڳالهه ڪانه ٻڌي آهي:
”هڪ زاهد رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو ته ڪو چاهي يا نه
چاهي، رزق ان ڏانهن عاشق وانگر خود ئي پهچي وڃي
ٿو.“
گر تو خواهي ورنه خواهي رزق تو
پيش تو آيد دوان از عشق تو
هي زاهد، انهيءَ ڳالهه کي آزمائڻ لاءِ هڪ جبل طرف
ويو ۽ اُتي بکارو هڪ هنڌ ليٽي پيو، اوچتو اُتي هڪ
ماڻهو اچي نڪتو، جنهن ڏٺو ته هن خطرناڪ جڳهه ۾ جتي
بگهڙن ۽ مرن جو ڊپ آهي، هي آدمي ستو پيو آهي، هن
کيس سڏ ڪيا ۽ اٿارڻ جي ڪوشش ڪيئي، مگر هو ڄاڻي
واڻي چپ ڪري ستو پيو هو. تنهن تي هن آدمي سمجهيو
ته هن کي بک بيحال ڪري وڌو آهي سو ڇا ڪيائين، جو
پنهنجي ماني، جا هن کي ساڻ هئي سا گره گره ڪري هن
جي وات ۾ وڌائين…
زاهد دل ۾ چيو ته سچ آهي ته، رزق رزاق جي هٿ ۾ آهي
جو پيو رسائي. ادي لومڙي! ڏٺئه ته رزق ڪيئن هن
زاهد کي مليو. فقط توڪل ڪري صبر کان ڪم وٺجي.
”رزق سوئي صابران خود مي رود“
لومڙي: ڀائي! اهي قصا ڇڏي ڏي، هيڏانهن هوڏانهن هٿ
پير هڻي فقر و فاقو دور ڪر، دنيا جو ڪم هڪ ٻئي جي
مدد سان هلي ٿو. سڀ ڪو آدمي، سڀ ڪم پورا نٿو ڪري
سگهي، ڪو ڪپڙا ٿو اُڻي، ڪو پوک ٿو ڪري، جيڪڏهن سڀ
ڪوئي توڪل ڪري ويهي رهي ته دنيا جو چرخو ڪيئن چلي.
گڏهه: ادي لومڙي! تو اجائي اها چه چه کڻي مچائي
آهي، مان نٿو سمجهان ته، توڪل کان وڌيڪ ڪو ڌنڌو يا
هنر آهي.
خود توڪلّ بهتر اين کسبها ست
زانکه در هر کسب دستت بر خدا ست
جيترو خدا جو شڪر ڪبو ادا، اوترو هو زياده رزق
ڪندو عطا! يا خدا! مون کي توڪل تي ثابت قدم رک،
ڇاڪاڻ جو توڪّلي مرد ڪنهن جو نه آهي محتاج، نه ڀري
محصول نه ڏئي ڍل يا خراج.
جڏهن انهن سوالن جوابن ۾ لومڙيءَ جو چارو نه چليو
تڏهن گفتگو جو موضوع بدلايائين، چوڻ لڳي ته تو
الله تعاليٰ جو حڪم نه ٻڌو آهي ته، ”پاڻ کي پاڻهي
هلاڪت ۾ نه وجهو.“ خشڪ ۽ سنگلاخ زمين ۾ صبر ڪرڻ ۽
خدا جي سرسبز زمين کي ڇڏي بکون ڪاٽڻ ناداني آهي.
هتان ڀرسان ئي سرسبز چراگاهه موجود آهي، جنهن مان
نهرون پيون وهن، گاهه ۽ چاري جو اٿو مٿو ڪونهي،
اُتي جيڪو جانور وڃي ٿو، سو کايو خوش ٿيو پيو موج
ماڻي. گڏهه کي اها به سمجهه نه آئي ته جڏهن اهڙو
کاڌو موجود آهي، تڏهن تون ڇو سڪي ڪنڊا ٿي آهين؟
تنهنجو جسم، ڇو لاغر ۽ نحيف ٿيو آهي، تنهن جون
اکيون ڇو ڏرا ڏئي ويون آهن پاسريون ڇو نڪري آيون
اٿئي… جيڪڏهن تون گلزار جنت مان آئي آهين، ته تحفي
طور گلدستو ڪٿي آهي؟ لومڙي جو حال ته ان اٺ جهڙو
هو، جو گوڏن تائين مٽيءَ سان ڀريل هو. ڪنهن پڇيس
ته ڪٿان پيو اچين؟ چيائين ته اجهو تنهنجي حمام
خانه مان تڙ ڪيو پيو اچان. پڇڻ واري چيس ته ٺيڪ
آهي، تڏهن ته تون گوڏن تائين مٽيءَ ۾ ڀريل آهين
نه. گڏهه اڳ ۾ ٻٽي دفعا لومڙيءَ کي سوال جواب ڏئي
دليلن سان مڃايو هو، مگر جيئن ته هن کي پنهنجو عقل
ئي ڪونه هو، هو ٻڌين ڳالهين تي هو، سو لومڙي جي هن
دام فريب ۾ جڪڙجي ويو، کائڻ جي حرص ۾ سڀ ڪجهه وسري
ويس.جنهن شخص ۾ پنهنجو عقل ۽ سمجهه نه آهي، اُهو
ڪهڙا دليل ڏئي سگهندو!
هڪ بزدل شخص جي ڪنهن بدمعاش بيعزتي ڪئي، بزدل شخص
جي چيلهه ۾ خنجر ٻڌل هو، هن بدمعاش چيس ته اِها
تلوار ڇو ٻڌي اٿئي؟ هن چيو ته هي خنجر انهيءَ لاءِ
رکيو اٿم، ته جيڪو منهنجي بيعزتي ڪندو، انهيءَ جو
پيٽ ڦاڙيندس، بدمعاش چيس ته الحمدلله جو مون
تنهنجي بيعزتي نه ڪئي آهي.
”جي نه مڙسي آهه خنجر ڇا ڪندو“
مطلب ته لومڙي، گڏهه کي هيڏانهن، هوڏانهن جون
خبرون ٻڌائي ريهي ريڀي، شينهن ڏانهن وٺي هلي، جڏهن
ڪجهه اڳتي هليا، تڏهن شينهن گڏهه کي ايندو ڏسي،
خوشي کان وٺي ڇال ڏنو ۽ گجگوڙ ڪئي، گڏهه اتاهون ئي
پوئتي پير ڪيا ۽ سهڪندو سهڪندو اچي جاءِ تي پهتو.
لومڙي اِهو حال ڏسي شينهن کي چيو ته واه! سائين
واه! دم به ترسي نٿي سگهيو، تڪڙ ڪري، کٽيل راند
هارائي ڇڏيو توهان کي خبر نه آهي ته:
مڪر شيطان آهه تعجيل ۽ شتاب
لطفِ رحمان آهي صبر و احتساب
شينهن چيو ته، مون کي خبر ئي نه رهي، مون شڪار کي
ايندو ڏسي، دل ۾ چيو ته مون ۾ اُها ساڳي اڳين
طاقت آهي مان ڪمزوريءَ واري حالت ئي ڀُلائي ويٺس،
بک منهنجو صبر کوهي ڇڏيو، تنهنجو وڏو احسان ڄاڻندس
جيڪڏهن مون کي گڏهه ملائين ته… لومڙي چيو ته
دلجاءِ ڪريو، مان وري به هن کي ڪنهن حيلي مڪر سان
هت آڻي ڪڍان ٿي، آخر ته گڏهه گڏهه آهي… مگر ايترو
ته ڪجو، جو تڪڙ کي ڇڏي ڏجو…
شير چيو ته، مان هڪ ڀيري تجربو ڪري چڪو آهيان، تون
رڳو هن کي هت آڻ…
لومڙي چيو ته، اي جهنگل جا بادشاهه تون دعا پيو ڪر
جيتوڻيڪ گڏهه عهد ڪيو آهي ۽ توبه ڪئي اٿس ته ڪنهن
سان رلجي نه ويندس، مگر مان هن جي عقل تي غالب
پئجي سندس عهد ۽ توبه ٽوڙيندس، جڏهن هو عهد ۽
توبهه ڀڃي چڪو تڏهن هن جي بربادي يقيني ٿيندي.
اصحاب سبت جڏهن منع ڪيل مڇين جو شڪار ڪري ڪيل عهد
ڀڳو تڏهن هنن جون شڪليون ئي بدلجي ويون هو باندر
بڻجي ويا. هاڻي رسول الله ﷺ جن جي مهرباني سبب
سندس امت جي بدعهدن جون شڪليون ته نه بدلبيون، مگر
منڪرن جون دليون سو بي نور ۽ انڌيون ٿي پوندوين،
گڏهه به انجام ڀڃندو ۽ پڪ منهنجي ور چڙهندو.
”جيڪو توبه ٿو ڀڃي، ٽوڙي قسم،
موجبِ لعنت ٿئي سو انهيءَ دم.“
لومڙي اهڙا خيال پچائيندي، وک وڌائيندي، گڏهه وٽ
آئي، گڏهه هن کي ڏسي چيو ته، واه ڙي ادي واه! تون
ڏاڍي مڪريلڻ آهين، تو جهڙو، دوست هجي، ته دشمن جو
ضرور نه آهي، مون توسان ڪهڙي دشمني ڪئي. جو شينهن
جي ور ٿي چاڙهيئه، تنهنجو به وڇون وانگر نيش زني
ڪرڻ ڪم آهي، جهڙي طرح شيطان خواه مخواه آدم جو
دشمن بڻجي ويو، تون به اهڙي طرح آهين.
لومڙي: ادا گڏهه! تون آخر گڏهه جو گڏهه نڪتين،
توکي خبر نه آهي ته، حقيقتاً ڪو شينهن هتي رهي ئي
ڪونه ٿو صرف جادو جو کيل آهي، جو شينهن جي ڏيکاري
ٿو ڏئي اهو طلسم انهيءَ ڪري بنايو ويو ته، جيئن هر
هڪ گنجو لولو هن مرغزار ۾ دخل انداز نه ٿئي… ورنه
تون ڄاڻين ٿو، هاٿي ۽ گينڊي جهڙا وڏا وڏا جانور،
جيڪر هي چراگاهه کايو، کپايو ڇڏين ها، ڏس مان ڪهڙي
نه ڪمزور آهيان، جيڪڏهن شينهن هجي ها، ته مون کي
کائي نه ڇڏي ها.
گڏهه: اي مڪار، هڪدم مون کان پري ٿي وڃ، مان
تنهنجي شڪل ڏسڻ گناهه ڄاڻان ٿو، تون منهنجي خون جي
پياسڻ آهين، مون خدا خدا ڪري پنهنجي جان بچائي
آهي، تون مون کي پنهنجي ڦند ۾ ڦاسائڻ گهرين ٿي،
ايئن برابر آهي، ته مان گڏهه آهيان، مگر ساهه سڀ
کي پيارو آهي، مان ڄاڻان ٿو ته شينهن توکي موڪليو
آهي، ته وري تون مون کي گرفتار ڪري وٺي هلين،
سياڻن سچ چيو آهي ته بڇڙي دوست کان ته زهري نانگ
ڀلو آهي.
”مارُ بڇڙو زخم ٿو ڏئي جان کي،
يار بڇڙو ٿو لڻي ايمان کي.“
لومڙي: اڙي ڀائو!! توکي اجايو وهم ويٺو آهي، وهم و
بدگماني اهڙي بيماري آهي، جنهن جو علاج لقمان وٽ
به ڪونه آهي، وهم واري کي دوست به دشمن پيو نظر
ايندو، نوڙي کيس نانگ واري ڏيکاري ڏيندي.
”وهم جڏهين ڪنهنجي دل ۾ ٿو وهي،
ڪنهن به حيلي کان نٿو ان کان لهي.“
وهم، وڏن وڏن بزرگن کي به دوکي ۾ وجهندو آهي، خبر
نه اٿئي حضرت ابراهيم خليل الله سج ۽ چنڊ کي ڏسي
چيو هو ته، هي آهي منهنجو رب، اِهو به هن کي وهم
ئي ويٺو هو.
حضرت عمر رضه جي عهدِ حڪومت ۾ هڪ ماڻهوءَ کي
پنهنجي ڀرن جو وار چنڊ جي ڏاکري ڏئي رهيو هو، سو
به وهم و گمان هو. توتي به وهم جو ڀوت سوار ٿيو
آهي، تڏهن ٿو، مون جهڙي رهبر ۽ خيرخواه کي دشمن
ڄاڻين، افسوس ڪابه سمجهه نٿو آڻين، گڏهه هن روباه
کي گهڻا ئي جواب ڏنا، مگر گڏهه سوئي گڏهه.
ڌوپي منجهه درياءَ ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري! بک
جي بلا، نيٺ وري به سندس عقل تي غالب اچي وئي، حرص
صبر تي قابض ٿيو. افسوس مانيءَ جي ٽڪرن جي عشق
ڪيترن جا ڪم لاهي ڇڏيا، ”بک بڇڙو تول دانا ديوانا
ڪري“ فقر و فاقه بي صبرن کي ڪفرانه ڪلما چوائي
ڇڏي.
گڏهه دل ۾ چيو ته، جيڪڏهن لومڙي فريب ٿي ڪري ته به
هن بک جي عذاب کان اُهو مرڻ ڀلو آهي. حرص انڌو
بنائي، بيوقوفن کي آسانيءَ سان موت جي منهن ۾
ڏيندو آهي. جنهن بدبخت کي جاودان زندگي حاصل نه
هوندي آهي، انهيءَ کي موت لاءِ جرائت ڪرڻ سندس
احمقانه فعل آهي. گڏهه کي پنهنجي خالق، مالڪ ۽
رازق تي اعتماد ۽ ايمان ڪونه هو، ته هو کيس غيب
مان روزي رسائيندو. هن بکون به ڪاٽيون مگر انهن
بکن هن کي ڪو فائدو ڪونه رسايو، خدا جا بندا ته
بکن مان وڏو فيض حاصل ڪندا آهن، بک کان سندس
ايماني قوت زياده ٿيئي ٿي. هڪ شخص جَوَن جي پوري
سوري ماني کائيندو هو، ٻئي پڇيس ته، هن مان توکي
طاقت ڪيئن ٿيندي هوندي؟ هن چيو ته جڏهن بک، صبر
سان ملي ٿي، تڏهن هيءَ جون جي ماني به حلوه بڻجي
ٿي وڃي…
آخر روباه، بدخواه، گڏهه کي ريهي ريڀي شينهن وٽ
وٺي ويو، شينهن به ڪيترن ڏينهن جو هو ٻاڙيل، سو هڪ
ئي ڌڪ سان، سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيائين ڪجهه نيرن
ڪري، پاڻي پيئڻ ويو، پوئتان لومڙيءَ کي لڳو وجهه،
سو گڏهه جي دل ۽ جگر کائي هضم ڪري ڇڏيائين، شينهن
واپس اچي، انهن ٻنهي عضون جي تلاش ڪئي، آخر
لومڙيءَ کان پڇيائين، هن چيو ته حضور هن گڏهه کي
نه دل هئي نه جگر! جيڪڏهن هن کي دل ۽ جگر هجي ها،
ته پهرئين دفعي موت ڏسي هليو نه اچي ها؟
دل ۾ جيڪڏهن نور نه آهي، ته اُها دل، دل نه آهي،
مگر مٽيءَ جو پنوڙو آهي. مصباح (چراغ) جو نور الله
جو عطا ڪيل نور آهي، چمنيءَ ۽ بئٽري بندن جي
مصنوعات آهي، جنهن الاهي نور کي ڏٺو، سو مومن بڻجي
ويو، جنهن چمني کي ڏٺو، سو مشرڪ ٿيو، مومن جي نظر
روح تي آهي انهيءَ کي خليل و مصطفيٰ عليهما
الصلواة والسلام هڪ نظر اچن ٿا، يهودي جي نگاهه
وجود ظاهري تي آهي، تنهن ڪري هو، شيث و نوح عليہ
السلام کي الڳ الڳ ڄاڻي ٿو.
دل جنهين ۾ نور ناهي چؤ نه دل،
سمجهه سان، ڄڻ آهي گويا گِل جي گِل.“
گاهه ۽ اٺ، ڏاند ۽ دنبو
هڪ اٺ، دنبو ۽ ڏاند واٽ وٺيو پئي ويا، ته گاهه جو
مچو نظر آين، هر هڪ جي دل سرڪي ته، اِهو آءُ
کانوان، مگر دنبي چين ته ڀائرو! اڄ وقت برو آيو
آهي جتي ڊپ هوندو آهي، اتي وڏن کي اڳ ۾ ڪيو وڃي
ٿو، جتي آرام ملي ٿو اتي وڏن کي پويان ڪيو وڃي ٿو.
مگر حضور پر نور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته، بزرگن کي
هميشه مقدم رکيو وڃي، تنهن ڪري هي گاهه جو مُچو،
انهيءَ جو حق آهي، جيڪو اسان مان وڏو هوندو. اهو
شرط پيش ڪندي، دنبي چيو ته، ڀائرو! آءٌ اوهان کي
پنهنجي عمر بابت ڇا ٻڌايان، ايترو ياد اٿم، ته
جيڪو دنبو حضرت اسماعيل عه تان قربان ٿيو هو، ان
سان گڏ مان به بهشت ۾ چرندو هوس.
ڏاند چيو ته بس، تنهنجي عمر اِها آهي نه! مان ته
انهيءَ ڏاند جو جوڙيوال هوس، جو حضرت آدم عليه
السلام جو هر ڪاهيندو هو، اٺ جڏهن ٻنهي جي اِها
ڳالهه ٻڌي، تڏهن ڪنڌ هيٺ ڪري، گاهه کي ڳڙڪائي چوڻ
لڳو ته، هيڏي وڏي جسم ۽ وڏي ڳچيءَ واري کي پنهنجي
عمر ۽ تاريخ ٻڌائڻ جي حاجت نه آهي. هر عقلمند ايئن
چوندو ته، هي توهان کان وڏو آهي.
احسان فراموش دهقاني
هڪ دهقاني، ڪم ڪار سان ڪنهن شهر ۾ ايندو هو، هن هڪ
شهري خواجه سان دوستي ڳنڍي، جڏهن به شهر ۾ ايندو
هو، ته هن وٽ رهندو، مهينن جا مهينا خواجه وٽ تڪي،
کائيندو پيئندو ۽ موجون ماڻيندو هو، جڏهن پنهنجي
ڳوٺ روانو ٿيندو هو، ته خواجه صاحب کي پاڻ وٽ اچڻ
جي پرتڪلف دعوت ڏيندو هو، خواجه صاحب هن سان نهڪر
ڪندي، اٺ سال گذاري ڇڏيا، آخر دهقاني نائين ڏهين
سال، خواجه کي چيو ته، ”مان اوهان جي مهمان نوازي
جي احسانن، جي بار کان دٻجي رهيو آهيان، اوهان کي
واجب آهي، هاڻي هڪ دفعي مون وٽ هلو ۽ مون کي خدمت
گذاريءَ جو موقعو ڏيو… خواجه صاحب کي ڪجهه پنهنجو
۽ ڪجهه سندس پٽن جو خيال ٿيو، تنهنڪري هُن جي دعوت
قبول ڪيائين، جيتوڻيڪ اِهو به سُجهيس ٿي ته، هن وٽ
پهچڻ لاءِ صحرا جون سختيون سهڻيون پونديون، خطرات
کي منهن ڏيڻو پوندو، مگر پٽن جي زور ڀرڻ تي سفر جو
سامان تيار ڪري خواجه صاحب، اهل و عيال سوڌو هن
دهقاني، ميزبان جي دعوت کائڻ لاءِ روانو ٿيو. هنن
کي اميد هئي ته سندن ميزبان، زمين ۽ باغن جو مالڪ
آهي، هو اسان جي هر طرح خدمت چاڪري ڪندو، مگر کيس
اِها خبر ئي ڪانه هئي ته، جيڪو هڪ ڏينهن شهر ڇڏي
دهقان ۾ رهي ٿو، تنهن جو مهيني جو عقل گم ٿئي ٿو،
جو مهينو تڪيو سو ڄڻ ڪافي مدت تائين جهالت جي کڏ ۾
ڪريو…
مطلب ته خواجه صاحب منزلِ مقصد ڏانهن هلڻ لڳو راهه
۾ سفر جون سختيون ۽ تڪليفون صبر سان سهندا پئي
ويا، ڇاڪاڻ جو اميد هُين ته هن دهقاني وٽ پهچڻ
سان، سندس ”سَون ورهن جا ڏکڙا هڪ لحظي ۾ لهي
ويندا“ مهيني تائين، هن ڳوٺ کان هن ڳوٺ تائين
پڇائيندا رهيا، ڇاڪاڻ جو کين هن دهقانيءَ جو پورو
پتو به معلوم نه هو. آخر ”انڌن به ملتان لڌو آهي.“
جي مصداق مهيني کان پوءِ ان ڳوٺ ۾ وارد ٿيا،
هڏانهن هنن جو سيڌو سامان گاهه پٺو، سڀ ختم ٿي ويو
هو، پر اميد هُين ته هاڻي وسهَن ۾ آهيون. مگر جڏهن
هن دهقاني بي ايمان کي سندن اچڻ جو پتو پيو تڏهن
وٺي جهنگ منهن ڪيائين، روپوش ٿي ويو سچ چيو آهي
مولانا ته:
آن چنان روکه همه زرق و شر است
از مسلمانان نهان، اوليٰ تر است
يعني ته اهڙو منهن، جو مکر و فريب ۽ شرارت سان
ڀريل هجي، سو مسلمانن جي منهن ئي نه چڙهي ته بهتر
آهي. جڏهن مسافرن کي معلوم ٿيو ته، سندس گهر هي
آهي تڏهن پنهنجو گهر ڄاڻي اوڏانهن هلڻ لڳا، مگر
ڏٺائون ته دروازو بند هو، انهيءَ تي خواجه حيران
ٿيو، پنجن ڏينهن تائين دروازي تي ويٺا رهيا، مگر
هو نامراد نه آيو. هڪ ڏينهن اوچتو سندن دهقاني
ميزبان منهن چڙهي وين. خواجه صاحب السلام عليکم
چئي، چيس ته يار مان فلاڻو آهيان، تنهنجي دعوت
موجب هتي آيا آهيون… تنهن تي:
هُن چيس ڄاڻان نٿو آهين تون ڪير،
ڇو وَڌائين منهنجي گهر ڏي تون ٿو پير،
آءٌ توکي بس سڃاڻان ڪين ٿو،
ڪير آهيو سو ته ڄاڻان ڪين ٿو.
خواجه هي سندس رکو جواب ٻڌي چيس ته، آءٌ اُهو
آهيان، جنهن جي شاهانه دسترخوان تي سالن جا سال
پليو هئين، اڄ نٿو سڃاڻين…
دهقاني چيو ته، مان توکي نٿو سڃاڻان اجائي بڪ بڪ
نه ڪر. خير اهڙي طرح خواجه صاحب کي اهل و عيال
سميت پنج ڇهه ڏينهن ٿي ويا، رات جو سردي ڏينهن جو
اُس کين سخت ستايو، اوچتو هڪ رات برسات پوڻ شروع
ڪيو… اِهو حال ڏسي هن آزي نيازي ڪري دهقاني کي چيو
ته، يار افسوس! تو سڀ احسان وساري ڇڏيا، هاڻي
برسات کان اسان کي بچاءِ، اِهو ته ڀال ڀلاءِ.
دهقاني چيس ته باغ ۾ هڪ جهوپڙي ڏيانوَ ٿو، مگر شرط
هي آهي ته تير و ڪمان کڻي سڄي رات پهرو ڏيندين،
جيئن ڪو جانور وغيره باغ ۾ گهڙي زيان نه ڪري وڃي.
خواجه ويچاري اهو شرط قبول ڪيو ۽ باغ ۾ وڃي رهيو،
اُها جاءِ ڏاڍي تنگ هئي. مڇرن جو خاص ماڳ هئي،
خواجه ويچارو ڊپ کان مڇرن جا ڏنگ سهندو رهيو، آڌي
رات جو کيس ڪنهن جانور جي اندر اچڻ جو آواز معلوم
ٿيو، سو تير ڪمان کڻي ٺڪاءُ ڪڍرايائين، تير به ٺيڪ
وڃي لڳو ۽ اُهو جانور زخمي ٿي ڪري پيو… ڪرڻ کان
پوءِ اُهو جانور زور سان ٽٽ ڏيڻ لڳو، جي ٻڌي هن
دهقاني رڙ ڪئي ته اي خواجه تو منهنجو گڏ ماري وڌو.
خواجه چيو ته نه نه، مون ظالم بگهڙ کي ماريو آهي،
دهقاني ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته نه، تومنهنجو گڏهه
ماريو آهي، مان هُن جي هوا معلوم ڪري ويو آهيان.
خواجه صاحب چيو ته، انڌاري رات ۾ سخت جهڙ ۽ برسات
۾ ڪيئن پتو پيئه. دهقاني ورندي ڏني ته ڪهڙي به
اوندهه هجي ڪهڙي به هوا پئي گهلي، مان پنهنجي گڏهه
جي باد مخالف سڃاڻي ويو آهيان، اِهو ٻڌي خواجه
صاحب هن کي گريبان کان پڪڙي چيو ته:
درسه تاريکي، شناسي باد خر
چون نداني مر مرا اي خيره سر
انکه داند نيم شب گو ساله را
چون نداند همره ده ساله را
اي بي حيا! تو اهڙي اوندهه ۾ گڏهه جي ٽٽن جي هوا
کي سڃاتو، مگر مون ڏهن سالن جي رفيق کي نه ڄاتو،
افسوس تنهنجي حال تي، اِها ڪجروي ڇڏي ڏي، پاڻ کي
ٻنهي جهانن ۾ رسوا نه ڪر.
هن حڪايت مان نتيجو نڪري ٿو ته ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا
دوکيباز مڪار ۽ احسان فراموش ٿيندا آهن. تنهن ڪري
داناءُ انسانن جو ڪم آهي ته سوچي سمجهي قدم کڻن.
انڌا پهريائين جڳهه جاچي ڏسي پوءِ قدم رکندا آهن.
نوٽ
هن ڪتاب جون جملي حڪايتون بنام روميءَ جون
رهاڻيون، مرحوم و مغفور محمد ابراهيم عباسي،
پنهنجي خرچ سان، پنهنجي ۽ منهنجي نالي سان شايع
ڪرايون. ۽ اهو ڪتاب اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ، انعامي
۽ لائبريري طور منظور ڪرايو، پهرين ايڊيشن ختم ٿي
ويئي، ٻيهر شايع ڪرائڻ جو به ارادو هوس، مگر ايئن
نه ڪري سگهيا ۽ رحلت ڪري ويا. مون کي به چار سَو
کن رپيا ڏنا هئائون، الله تعاليٰ شال کين جنت ۾
جايون ڏيندو.
والسلام
آصف صفي عنه
بقلم خود |