ايماندار پٽ ۽ ماءُ باهه ۾
حضرت عيسيٰ جي عرش تي رونق افروز ٿيڻ کان پوءِ هڪ
مشرڪ بادشاهه پنهنجي پوڄا شروع ڪرائي. پنهنجي
بادشاهي اندر هيءَ منادي ڦيرائي ته سڀڪو مون کي
سجدو ڪري، ساڳئي وقت ميدان ۾ وڏو باهه جو آڙاهه
ٻارائي ڇڏيائين، حڪم ڪيو هئائين ته جيڪو مون کي
سجدو نه ڪري، سو انهيءَ مچ ۾ ٻارڻ ٿي ٻري … اهڙي
وقت استقلال کان ڪم وٺڻ وڏي بهادري جو ڪم هو،
ڪيترائي ماڻهو باهه جي خوف کان سجدو ڪندا ويا.
جڏهن هڪ دلير خدا پرست عورت جو وارو آيو، تڏهن هن
چيو ته آءٌ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سجدو نه
ڪنديس. ساهه بيشڪ پيارو آهي، مگر ساهه کان وڌيڪ
مون کي ايمان پيارو آهي. بادشاهه کي انهيءَ تان
ڏاڍي مٺيان لڳي، حڪم ڏنائين ته عورت کان سندس ننڍو
پٽ کسي باهه ۾ اڇلايو وڃي… جڏهن معصوم نينگر کي
باهه ۾ وڌو ويو، تڏهن به مائيءَ جي ايمان و
استقلال ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو… نينگر به آڙاهه مان
آواز ڪيو ته، اي مٺڙي مادر! ايمان سلامت رک، تون
ايندينءَ ته، باهه کي گل و گلزار ڏسندينءَ ڪافرن
جي لاءِ جلائڻ واري آهي، مگر مومنن لاءِ حضرت
ابراهيم وانگر برداً و سلماً آهي. هن ۾ ٿڌاڻ آهي،
گرمي نه آهي، هن باغ خليل ۾ ڪوثر و سلسبيل جاري
آهي، بي خوف هلي آ. ٻين مومنن کي به پاڻ سان وٺيو
اچ، هن ۾ خاصان خدا لاءِ مزائي مزا آهن …
اندر آ اي مادر اين جا من خوشم
گرچه در صورت ميان آتشم
اندر آ اسرار ابراهيم بين
کودر آتش يافت ورد و ياسمين
اندر آه و ديگران راهم بخوان
کاندر آتش شاهه بنهادست خوان
اندر آئيد اي مسلمانان همه
غير عذبِ دين عذاب است آن همه
اِهو ٻڌي عورت به باهه ۾ ڪاهي پئي، نينگر ۽ ان جي
ماءُ کي سلامت ڏسي ٻيا ايماندار به مچ ۾ ڪاهي پيا.
بادشاهه، هي ڏسي ڏاڍو شرمندو ٿيو. هو تپي باهه ٿي،
باهه کي چوڻ لڳو ته تنهنجي ساڙڻ واري خاصيت
ڪيڏانهن وئي، تون اسان کي ته جلائي ٿي ڇڏين مگر
منڪرن کي ته ذرو به نٿي چئين… باهه چوڻ لڳي ته،
تون اندر اچي منهنجي گرمي ۽ تيزي ڏس، مان ڇا ڪريان
مان جنهن جي حڪم جي بندي آهيان، تنهن جي حڪم کان
منهن ڪئين موڙيان. ڏٺو ڪين اٿئي ته، ”جاٽ“ قوم جون
ڪتيون ڪيئن نه جهنگل ۾ ڏاڙهنديون آهن، مگر جڏهن
مالڪ ساڻ هوندو اٿن ته انهيءَ جي مهمان جي پيرن کي
چميون ڏينديون اهن. ڇا مان انهن ڪتين کان به پري
آهيان، جو پنهنجي مالڪ جي عزيز بندن کي جلايان…
مان تنهنجي نظر ۾ بي جان آهيان، مگر اِها تنهنجي
چوڪ آهي، مان پنهنجي موليٰ جي حڪم جي محڪوم بندي
آهيان، هوا، باهه، پاڻي ۽ خاڪ سڀ الله جي حڪم جا
بندا آهن. باهه ان جي حڪم موجب ابراهيم تي گلزار
ٿي، هوا قوم عاد کي هلاڪ ڪري ڇڏيو، مگر حضرت هود
عه ۽ اُن جي پيروي ڪندڙن کي حفاظت ۾ رکيو. پاڻي
فرعون ۽ فرعونين کي نابود ڪيو، مگر حضرت موسيٰ
عليه السلام ۽ سندس لشڪر کي محفوظ رکيو. خاڪ قارون
جي خزاني کي ڳهي ويئي مگر حضرت ڪليم الله جي
مددگارن کي پنهنجي سيني تي صحيح و سلامت رکيائين.
هي عجائبات ايزدي ڏسي به هن يهودي ملعون بادشاهه
کي ايمان نه آيو. بدستور پنهنجي ضد تي قائم رهيو.
جن وزيرن ۽ مشيرن کيس توبه تائب ٿيڻ لاءِ چيو،
انهن کي به قيد ڪرايائين. فوراً غيب مان آواز آيو،
ته اي يهودي ڪتا! هوش ڌار، منهنجي قهر جو بحر
موجزن ٿئي ٿو … بس ايتري ۾ اُها باهه پکڙڻ لڳي
چاليهن گزن تائين سندس حلقه ٿي ويو، بادشاهه ۽
سندس ساٿين کي جهنم رسيد ڪري ڇڏيائين.
جو شخص اهل حق سان دشمني ڪري ٿو، سو پاڻ ئي خراب
ٿي مري ٿو.
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سوکائي،
پَلَو ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
خدا جي غضب کان بچڻ جي تدبير
هڪڙي داناءَ شخص، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي عرض
ڪيو ته، ”دنيا ۾ سڀ کان سخت ۽ خوفناڪ ڪهڙي شيءِ
آهي؟“ روح الله جواب ڏنس، ”الله جو غضب سڀ کان
زياد خوفناڪ آهي.“
دانا چيو، اوهان بلڪل سورهن ئي آنا سچ سڻايو آهي،
ڀلا ان کان بچڻ جي ڪا تدبير ته ٻڌايو.
ارشاد ٿيو، اهوئي شخص خدا جي قهر و غضب کان بچندو،
جو پنهنجي تابعدارن تي ڪاوڙ نه ڪري، مظلومن تي ظلم
نه ڪري ۽ جو غصي کي کائي وڃي ٿو، اُهو الله جي
رحمت جو حقدار ٿئي ٿو.
شعر
”ڪيم ڪر ڪاوڙ تون ڪنهن تي يار نوڙت سان گذار،
کاءُ غصي کي ته تو مان خوش ٿئي پروردگار.“
امام حسن
عه
جو غلام تي احسان
حضرت رسول الله ﷺ جن جي سبطِ اڪبر، فاطمہ الزهري
جي لختِ جگر، اميرالمؤمنين حضرت حسن رضي الله عنه
هڪ ڏينهن مهمان سان دسترخوان تي ويٺا هئا غلام
شوربي جو ٿانو کنيو پئي آيو، اتفاقاً کيس ٿاٻو آيو
۽ شوربو سارو ئي حضرت جن جي ڪپڙن تي وڃي پيو… پاڻ
غصي سان غلام ڏانهن نهاريائون، غلام ڊڄي ويو ۽
فوراً ئي قرآن شريف جي آيت پڙهڻ لڳو، ”الڪاظمين
الغيظ“ پاڻ چيائون، ته مون غصو ماري ڇڏيو، غلام
چيو، ”والعافين عن الناس“ پاڻ فرمايائون، مون
تنهنجي خطا معاف ڪئي، جڏهن هُن ”والله يحب
المحسنين“ چيو، تڏهن امام حسن چيس ته مون توکي
آزاد ڪيو.
جو ماڻهو ٻين جون خطائون معاف ٿو ڪري، الله ان جا
گناهه بخش ٿو ڪري.
شعر
ڪري بخش جيڪو ٻئي جي خطا،
خطائون انهيءَ جون ٿو بخشي خدا.
صديق جي صداقت
۽ ابوجهل جي جهالت
جڏهن قيس و ليليٰ جي عشق جون خبرون ملڪان ملڪ
مشهور ٿيڻ لڳيون، تڏهن ان وقت جي بادشاهه جي دل ۾
خيال آيو ته، ليليٰ ته ڏسان جنهن قيس کي مجنون
بنائي ڇڏيو آهي. هو ليليٰ سان مليو، ليليٰ کيس نه
وڻي، بطور ٽوڪ، ليليٰ کي چوڻ لڳو ته ڇا تون اُها
ليليٰ اهين، جنهن تي قيس مجنون ٿيو آهي… تو ۾ ته
ڪا خاص اهڙي وصف آهي ئي ڪانه، جا ڪشش ڪري، تو ۾
اهڙو شان دلبري به ڪونهي، پوءِ ويچارو قيس توتي ڇو
چريو ٿيو آهي. اِهو ٻڌي ليليٰ نهايت مختصر ۽
برچسته جواب ڏنس ته،
”ديده مجنون اگر بودي ترا،
هر دو عالم بي خطر بودي ترا.“
تو ۾ مجنون واري اک نه آهي، جيڪڏهن تون مون کي
مجنونءَ جي نظر سان ڏسين ته ٻئي جهان قربان ڪري
ڇڏين …
حضرت رسول مقبول ﷺ جن جڏهن نبوت جو اعلان ڪيو هو،
تڏهن ابوجهل، سندن جان جو دشمن بڻجي پيو. هڪ ڏينهن
سامهون اچي، رسول ڪريم ﷺ جن کي چيائين ته، تو جهڙو
بدصورت آدمي، ڪنهن به قريشن اڄ تائين نه ڄڻيو…
حضور ﷺ جن چيو ته، ”چاچا ٺيڪ ٿو چئين“ ان کان پوءِ
حضرت ابوڪر صديق رضي الله عنه آيو، جنهن پاڻ حضور
ﷺ جن جي جمال جهان آرا کي ڏسي، چوڻ لڳو ته اوهان
جهڙو حسين و جميل ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. سج، چنڊ،
تارا توهان جي تاب حسن اڳيان ڪجهه به نه آهن.
توهان دنيا لاءِ رحمت ۽ ڪفر جي زهر جا ترياق آهيو.
ان تي حضور جن چيو ته، صديق اڪبر، تون سچ ٿو چئين
…
حضرت عمر رضه جو گهڻي وقت کان وٺي وٽن ويٺو هو.
تنهن چيو ته حضور! صديق اڪبر جيڪي چيو سو ته ٺيڪ
آهي پر ابوجهل جيڪي اڳهڻون چيو سو ڪهڙي طرح ٺيڪ
آهي.
حضور ﷺ جن چيو ته، الله جا نبي آئينه جي مثال آهن،
ان ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي صورت ڏيکاري وڃي
ٿي، ابوجهل پنهنجي ڪافرانه بدصورت کي ڏسي، مون کي
بدصورت سڏيو. ۽ ابوبڪر رضه پنهنجي صدقه و صفا کي
ڏسي مون کي خوبرو چيو، ٻنهي جو مشاهدو پنهنجي
پنهنجي نظر ۾ ٺيڪ هو. دشمن کي هنر به عيب معلوم
ٿيندا آهن، مگر دوست کي عيب به سهڻا نظر ايندا
آهن.
اهڙي طرح مجنون جي محبّت ڀري نظر ۾ ليلي جو هر
خدوخال، خوبي ۽ محبوبيءَ جو نقش هو.
شعر
صاف جي سينو ڪندين تان صاف سڀ ايندءِ نظر،
عيب دشمن جا به پوءِ معلوم ٿيندءِ پيا هنر.
محمد صلي الله عليه وسلم
جي نام جي پنج وقتي نوبت
جڏهن رسول اڪرم ﷺ جن، مڪي جي ماڻهن ۾ اسلام جي
تبليغ شروع ڪئي، تڏهن انهن سمجهيو ته، هي اسان جي
سرداري کسڻ ٿو گهري، هو سڀ جمع ٿي، سندن خدمت
سڳوريءَ ۾ آيا ۽ چوڻ لڳا ته اي محمد (ﷺ)! جيڪڏهن
تون اسان جو سردار بڻجڻ جي خيال کان اسلام جي
تبليغ ٿو ڪرين، ته اسان توکي سرداريءَ جو حصو
ڏيون، بيشڪ ورهائي ونڊي کاءُ. مگر ساري تي قبضو نه
ڪر. پاڻ فرمايائون ته جنهن کي الله سروري بخشي ٿو،
ان کان ڪو کسي نٿو سگهي هنن چيو ته تو وٽ آهي ڇا؟
سردار ته سچ پچ اسين آهيون. پاڻ چيائون ته توهان
جي سرداري چند روز آهي مگر منهنجي سرداري مدامي
آهي.
ميري من تا قيامت باقي است
ميري عاريتّي خواهد شکست
سردارن چيو ته، انهيءَ دعويٰ جو دليل! پاڻ
فرمايائون، خدا جلد ظاهر ڪندو. انهيءَ وقت آسمان
ڪڪرن سان ڇائنجي ويو، ايتري قدر مينهن اُٺو جو
سڀئي الامان والحفيظ پڪاري اٿيا. مينهن جو پاڻي
خوفناڪ وهڪري جي صورت اختيار ڪري، شهر ڏانهن وهڻ
لڳو، پاڻ سردارن کي چوڻ لڳا ته، امتحان جو وقت اچي
ويو آهي، توهان پنهنجي اميريءَ جي زور تي پاڻيءَ
کي ته روڪيو… سڀني اميرن پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ
پنهنجا نيزا زمين تي زور سان هنيا، پاڻيءَ جي رَو
سندن نيزا، گاهه وانگر اڇلائي ڇڏيا. هاڻي رسول ﷺ
جن پنهنجي عصا مبارڪ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي، انهيءَ جي
برڪت سان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي، پنهنجو رخ
ڦيرائي شهر کان پاسي تي وهڻ لڳو. هن معجزي کي ڏسي
گهڻا امير ايمان تي آيا، مگر ابولهب ۽ ابوجهل چوڻ
لڳا ته هيءَ وڏي جادوگري آهي…
مولانا رومي فرمائي ٿو ته، اگرچه توهان اميرن کي
نيزا کوڙيندي ۽ رسول مقبول جن کي عصا پاڻيءَ ۾
اڇلائيندي نه ڏٺو، مگر هي ته ڏسو ته اڄ نيڪ نام
ڪير آهي؟ محمد جي دشمنن جو نالو ته مٽجي ويو، مگر
آنحضرت ﷺ جن جو مبارڪ نام هميشه زنده پائنده آهي.
سندس بشارت جي نوبت روزانه دنيا جي هر حصي ۾ پنجئي
وقت وڄندي رهي ٿي ۽ قيامت تائين وڄندي رهندي. مگر
دشمن جو نالو نشان به ڪونه آهي. ”مري ويا مردود نه
فاتح نه درود“.
پنجه نوبت مي زنندش بردوام
همچنين هر روز تا روز قيام
سکئه شايان همي گردد دگر
سکه احمد صه به بين تا مستقر
شعر
ڇا شان احمدي جو چمنِ ۾ ظهور آهه
هر گل ۾ ۽ شجر ۾ محمّد جو نور آهه!
بدنصيب ابوجهل
ابوجهل، نااهل، رسول مقبول ﷺ جن جو وڏو جاني دشمن
هو هڪ ڏينهن مٺ ۾ ڪا شيءِ بند ڪري، حضور ﷺ جن جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، محمد ﷺ! تنهنجي آهي
دعويٰ ته، آءٌ آهيان پيغمبر خدا، راز آسماني کان
واقف هجڻ جون ڳالهيون ڪندو آهين ۽ وڏا دم هڻندو
آهين. جيڪڏهن تون دعويٰ جو سچو آهين، ته ٻڌاءِ ته
منهنجي مٺ ۾ ڇا آهي. پاڻ کيس چيائون ته، آءٌ توکي
ٻڌايان ته مٺ ۾ ڇا اٿئي يا خود جيڪي تنهنجي مٺ ۾
آهي، اُهو ٻڌائي ته، اسين ڪير آهيون؟ ابوجهل چيو
ته اِها ڳالهه ته وڏي عجب جي آهي پاڻ چيائون ته
مان ٻڌايان ٿو ته هٿ ۾ پاهڻيون اٿئي، هاڻي ڪن لائي
ٻڌ ته اُهي ڇا ٿيون چون. ابوجهل ٻڌو ته سندس مٺ
وارين پاهڻين مان هر هڪ:
”لااِله گفت والاَ الله گفت
گوهَر احمد رسول الله سفت“
پاهڻين کي ڪلمه ”لااِله الا الله محمد رسول الله“
جي تنوار لڳي پئي هئي، مگر هن مردود ازلي، کي هيڏي
وڏي معجزه کان به ڪو حذر ڪونه ٿيو، سندس نادان دل
تي ڪو اثر ڪونه ٿيو، سچ آهي ته،
”نادان لئي نصيحت، گنبذ تي هُدڙي“
پاهڻيون هٿ مان اُڇلائي لڪندو لڪندو هليو ويو.
ابوجهل متعلق مولانا ٿو چوي:
خاک بر فرقش که بد کور و لعين
چشم او ابليس آمد خاک بين
جو ازل کان سياه ۽ بدباطن ٿئي ٿو، اهو رحمت
اللعالمين جهڙي همدرد ۽ نوع انساني جي بابِ رحمت
کان به فيض حاصل نٿو ڪري.
بيت
نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا وٽ تي،
پِٽين سندا پار، پاڻهي ٿين پڌرا.
آنحضرت ﷺ ۽ صديق اڪبر رضه جي راست گوئي
حضرت رسول ﷺ جن دشمنن جي ظلم و تشدد ۽ بدسلوڪيءَ
کان ناراض ٿي، هجرت جو عزم مصمم ڪيو. پنهنجي بستري
تي، حضرت علي المرتضيٰ، شير خدا کي سمهاري، پاڻ
حضرت ابوبڪر صديق رضه، کي رفيق ڪري، رات جي
اونداهيءَ ۾ سفر سڌاريائون. وطن کان دور ٿيڻ مهل
ڏک ته ڏاڍو ٿين ٿي، وقت جي تقاضا ۽ رباني رضا اِها
هئي ته هجرت ڪن. دشمنن جو پهرو چالو هو. خدائي وحي
مطابق مُٺ مٽي جي ڀري سڀني ڏي اڇلي هليا آيا، هڪ
لڪ وٽ به دشمنن جو پهرو هو، جن حضرت ﷺ جن ۽ سندن
رفيق صديق ٻنهي کي ڏسي ورتو ۽ هڪل هڻي چيائون ته
ڪير آهيو؟ حضور ﷺ جن هوريان حضرت ابوبڪر صديق رضه
کي فرمايو ته، امتحان جو وقت آهي.
”سر وڃي صدقي ٿئي پر سچ چوڻ کان ڪين ڊڄ.“ اسان جي
جان جو حافظ خدا آهي، اي جان نثار صديق رضه! ڪوڙ
ڳالهائي، قيامت جي ڏينهن شرمسار ٿيڻ نه گهرجي…
دروغ گوئي ۽ ڪزب بيانيءَ سان جان بچي نٿي سگهي.
جنهن انسان جي جان جو مالڪ ۽ حافظ خدا آهي، اي
رفيق تون آهين صديق (سچو) بس سچ چئي ڏي… ڪوڙ جي
منهن ۾ ڌوڙ آهي، ڪوڙ هڻڻ مردن جو ڪم نه آهي. آخر
پهريدار کي حضرت صديق اڪبر رضه، جواب ڏنو ته الله
جو قسم ته آءٌ آهيان ابوبڪر ۽ هيءُ آهي حضرت محمد
ﷺ! دشمن ان کي کلِ ڀوڳ سمجهيو. پهريدار چوڻ لڳا ته
هي اسان سان کل ڀوڳ ڪن ٿا، جيڪڏهن واقعي ابوبڪر
رضه ۽ محمد ﷺ جن هجن ها، ته پنهنجو نالو ڪيئن
ٻڌائين ها… بس هو، انهيءَ غلطيءَ ۾ رهيا، وڃڻ وارا
هليا ويا… ان وقت سندن جان خطري ۾ هئي، ته به سچ
چوڻ کان ڪين ڊنا، سچ چيو اٿن ته، سچ جي ٻيڙي لڏي
پر ٻڏي ڪين- يا جيئن چوڻي آهي ته سچ ته بيٺو نچ.
بيت
سر ۾ پکي ٻه ڄڻا، پاڙهيري پنجاه
رکي جي الله، ته لڏن لهرن وچ ۾. |