سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :2

 

عزيزو! موهني لاشڪ ته، نادر بيگ جي ڪهاڻين جو هڪ سگهه ڀريو ريفرنس آهي. پر، موهني هن جي ڪهاڻين جو حرف آخر ڪانهي. ان کان سواءِ به ڪي ٻيا سماجي موضوع کڻي هن ڪي سوشل بغاوتون پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڪيون آهن. مثال طور ڪهاڻي: ماءُ جي محبت ۾ هن عورت سان مرد جي استحصال ۽ ان سان ٿيندڙ اڀمان تي ڪراءِ ڪيو آهي. ڪهاڻي (انقلاب) خط جي فارميٽ ۾ لکيل، هڪ اهڙي پڙهيل لکيل نينگريءَ جي وارتا آهي جنهن کان بنا رضامندي وٺڻ جي کيس هڪ اهڙي شخص سان پرڻايو ويو جنهن کان آخرڪار ڪهاڻي جي نائڪا زاهده، هڪ رات جو گهر ڇڏي، پاڻ آزاد ڪرائي ٿي. ڪهاڻي ڀاڄائيءَ جي آڳ ۽ ڀاڄائيءَ جي مضمون نويسي، ڏير ۽ ڀاڄائيءَ وچ ۾ هلڪي ڦلڪي نوڪ جهونڪ تي مشتمل نادر بيگ جون ٻه انتهائي دلچسپ ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻي معشوق موهني، نهايت سهڻي اسڪرين پلي، ٽيڪنيڪ ۾ لکيل فينٽيسي آهي، جنهن جي منظر نامي ۾، پرپيچ رستا، طوفان کنوڻ جا چمڪاٽ، طلسمي ماحول، پهاڙن جو ڦاٽڻ... ۽ انهن مان اڪري پار پوڻ جو درس ڏنل آهي. ڪهاڻي (محبت) جو معجزو سنڌ جي وسيع قبرستان مڪليءَ جي ٻن قبرن جي پس منظر ۾ تخليق ڪيل، هڪ خيالي رومانوي وارتا آهي. هي ڪهاڻي پڻ فينٽسي اسٽائيل ۾ لکيل آهي. ڪهاڻي (بيگم جو خواب) اهڙي عورت جي ڪامپليڪسن جي نفسياتي وارتا آهي جنهن کي پاڻ کان ننڍي ڇوڪري سان پرڻايو ويو آهي. ڪهاڻي، اسان جي دعا ۾ جئن عنوان مان ظاهر آهي دعا جي تصور کي نادر بيگ ڊسڪس ڪيو آهي. ۽ هر مذهب ۾ دعا گهرڻ جي انداز کي هن لکڻيءَ ۾ سمويو آهي. نادر بيگ جي هيءَ لکڻي، انشائي ٽيڪنيڪ جو اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿي. ان ڏس ۾ وڌيڪ عرض ڪريان ته، اوهان جڏهن هنن ڪهاڻين جو مطالعو بغور فرمائيندو ته، نادر بيگ کي اوهان موضوع جي چونڊ، پلاٽ، ڪردار نگاريءَ ۽ ٽريٽ مينٽ جي سطح تي هڪ پرفيڪٽ افسانه نگار ڏسندو. علاوه ازين هن جي ڪٿا سنسار ۾ اوهان کي ان وقت جي مسلم، هندو ۽ پارسي سوسائٽيءَ جي عجب عجب ڪردار سان پڻ مکا ميلو ٿيندو. پڙهيل لکيل بي اي، ايم اي، ايم بي بي ايس ۽ بار ايٽ لا ڪردارن کي ڇڏي ڪري پورهيت، هاري، زميندار، وياج خور واڻيا، ڪانگريس جا ميمبير، محبت ڪندڙ مائون، وضعدار پيءَ، وفادار دوست ۽ ٻيا ڪئي اهڙا ڪردار پنهنجي گيٽ اپ ۾ پاڻ سان گڏ پنهنجي سماجي صورت حال کان به اوهان کي متعارف ڪرائيندا نظر ايندا. اهو صحيح آهي ته، نادر بيگ جي اسلوب ۾ رومانيت وڌيڪ آهي. ۽ ان جو به هڪ جواز آهي. جنهن سماج ۾ هو موجود هو، اها هر لحاظ کان، هڪ مڪمل ۽ ريليڪسڊ سوسائٽي هئي. ان يگ جي ماحول ۽ ڪلچر جو عمراني جائزو وٺو ته، اوڻيهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي ٻئي، توڻي ٽئين ڏهي ۾ ماڻهو پنهنجي جوڻ ۾ هئا. ننڍي کنڊ جي قومن وچ ۾ ڪلچر ۽ ثقافت جو ڪوئي ڪلئش ڪونه هو. برصغير جون سڀ قومون پنهنجي پنهنجي رخ سان ثقافتي سوئمبر ملهائي رهيون هيون. هتي رهندڙن کي هوا، موسمن، ميون ۽ درياهن تي هڪ جيترو آڌيڪار هو. اختلاف ڪو، جي ڪنهن سان ڪندو به هو ته، ادب ۽ ڌيرج سان. ها! نفرت هئي ته صرف انگريز سان. ڪو سياسي سلوگن قوم پرستن وٽ هو ته فقط هي! انگريزو! هندستان خالي ڪريو. پيار ۽ همدردي هئي ته، ان طبقي سان جنهن سان انگريز بهادر ويل وهائي رهيو هو. ڇوڪريون ان وقت جون اديبن شاعرن کي وڻنديون هيون ته، صرف عامل هندن ۽ پارسن جو. دانشورن ۽ مذهبي اڳواڻن وٽ ڪا، فڪري يڌ هئي ته، صرف مذهب ۽ سائنس جي وچ ۾، المختصر ته ماحول ۾ هر طرف آنند، شانتي ۽ ڪلياڻ جو راڄ هو. نه جهيڙا، نه جنجال. نه ڦيٿا جام هڙتالون، نه احتجاجي جلوس، نه بينرس، نه پوسٽرس، نه ڀتين تي چاڪنگ، نه پٿراءُ، نه ڳوڙها گئس جو آزار، نه ڪلاشنڪوف جا سڌا برسٽ. وڏي ڳالهه ته، بااختيار انگريز سرڪار جي دهشت جي باوجود، عام شهريءَ کي تحفظ ميسر هو. حد اِها آهي ته، سياست به شرافت سان ڊيل ڪئي ويندي هئي. ان وقت جي ماڻهوءَ جو تصور اڄ جي ماڻهو کان يقين ڪريو ته، بلڪل مختلف هو. ان وقت جو عام ماڻهو، گهڻي حد تائين غير سياسي هو. اڄ جي ماڻهوءَ جو تصور، مڪمل سياسي ماڻهوءَ جو تصور آهي... پر ياد رکو، نادر بيگ پنهنجي ان زماني کي پرسڪون ۽ ننڊاکڙين سان قطعي ڪونه پئي ڏٺو. هن پنهنجي زماني جي انهن روحاني ۽ روماني وارتائن کي هڪ نفيس ۽ نازڪ خيال مفڪر ۽ ذهين ڪهاڻيڪار جي اکين سان نه فقط ڏٺو پئي پر ساڳي وقت پنهنجي ڪهاڻين ۾ ان جو ثبوت به پيش ڪيو پئي.

حضرات! ۽ هاڻي هن پئراگراف ۾ اوهان جي توجه جو ڪجهه وڌيڪ گهرجائو آهيان. سنڌي نثر جي تاريخ جو ليکڪ، منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته، نادر بيگ مرزا پنهنجي لائق والد قليچ بيگ مرزا جو لائق فرزند هو. جنهن مشهور سنڌي مخزن سنڌو ۾ 1932ع کان 1936ع تائين درجن کن نئين زماني جون سڌريل بناوت واريون سماجي اوڻاين بابت آکاڻيون ڇپايون هيون... هتي مان راقم الحروف پڇان ٿو ته، ان کان پوءِ هن ڇا لکيو؟ ۽ جي لکيو ته ڪٿي ڇپايو؟ جواب ان جو نهايت آسان آهي ته، ان کان پوءِ هن صرف پنهنجي ڪيسن جا دليل پئي لکيا، يا ذاتي ڊائري. لڳي ائين ٿو ته، 1936ع کان پوءِ هو ڪن انتهائي ذاتي اهنجن سبب، ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، مزاحيه شاعريءَ ۾ پاڻ کي وائينڊ اپ ڪري رهيو هو، ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته 1936ع ۾ جڏهن دنيا جي ٻئي ادب سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب به، ترقي پسنديءَ جي اثر هيٺ ايڪٽيي- وٽي شروع پئي ڪئي تڏهن نادر بيگ، پنهنجي زندگيءَ جي ان اينڊ تي هو، جتي هن کي السر جي بيماريءَ ۽ هٿ جي تنگيءَ گهڻو گهيري ورتو هو. هيڏانهن ننڍي کنڊ جي ادب، آرٽ ۽ تنقيد تي، اشتراڪي تحريڪن جو اثر پئجي رهيو هو. ۽ هوڏانهن نادر بيگ ترقي پسند تحريڪ جو اثر قبول ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجي ڪهاڻين کي توڙ تائين پهچائي چڪو هو. مون کي ته، ائين ٿو وسهي ته، 18 آڪٽوبر 1936ع تي هوڏانهن اردو ڪهاڻيءَ جي امام، پريمچند اکيون ٻوٽيون. هيڏانهن نادر بيگ جي هٿ مان به قلم ڪري ٽئبل جي هيٺان گم ٿي ويو- (والسلام).

حضرات! نادر بيگ مرزا جو مطالعو ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن تائين پکڙيل هو، اهو نقطو هتي غور طلب آهي. ان سمي هن جي ٽئبل ڪٻٽ ۽ شيلف تي ڪهڙن ليکڪن جا ڪتاب هر وقت موجود رهندا هئا. اهو ٻڌائڻ کان نادر بيگ جي ڌيءَ شيرين به معذرت ڪئي البته راقم الحروف جو انومان آهي ته، برصغير ۾ ان وقت ۾ موجود ليکڪن مان هن ٽئگور، مولوي نذير احمد مولوي عبدالحليم شرر، پنڊت رتن ناٿ، مولانا شبلي، علامه اقبال، سروجني نائيڊو ۽ منشي پريمچند جي لکيل ادب کي ضرور ٽچ ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته هو ننڍي ڄمار کان ادب مان به فڪشن ۾ گهري دلچسپي رکندڙ شخص هو. ان ڪري ڄاڻڻ گهجي ته ولايت ۾، پنهنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن ان وقت جي مشهور ليکڪن، برنارڊشا، موپاسان، ڊي ايڇ لارنس، ٿامس مان، ڪاميو، ڪافڪا، وليم جيمس، جيمس جوائس، ورجينيا وولف، اوهينري، گورڪي ۽ ٽالسٽاءِ وغيره جو لکيل ادب به ضرور نطر مان ڪڍيو هوندو. وڏي ڳالهه ته، ان صديءَ ۾، نفسيات جا وڏا ماهر فرائڊ ۽ ايڊلر به موجود هئا، ۽ نه فقط موجود هئا پر فرائڊ جي فلسفي جنسي جبلت ۽ ايڊلر جي متي تحليل نفسي کي يورپ جي ادب ۾ وڏي مڃتا ملي رهي هئي. ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ يورپ ۾ اسرندڙ تخليقي ادب انهن ئي ٻنهي نطرين جي زير اثر به هو. علاوه ان جي، جڏهن نادر بيگ اڃا ڇويهين سالن جو جوان هو ۽ 1914ع ۾ هيڏانهن لوَ مئرج ڪري رهيو هو. هوڏانهن پهرين مهاڀاري يڌ ڇڙي پئي هئي. 1917ع ۾ روس ۾ زار شاهي جو تختو اونڌو ٿيو ۽ لينن کي مزدور ۽ پورهيت پيڙهيءَ جي حمايت حاصل ٿي ۽ روسي ليکڪن پشڪن، دستو فسڪي، ترگنيف ۽ گوگول جو لکيل  ادب ان وقت سنڌ ۾ نه فقط پهتو هو پر ايترو پسند به ڪيو پئي ويو جو گوگول جو هڪ اسٽيج ناٽڪ، انڪوائري آفيسر [1] جي نالي سان نادر بيگ جي والد قليچ بيگ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ان کي اسٽيج به ڪرايو هو. هڪ ٻي تاريخي ڳالهه ٻڌو، 1933ع ۾ جڏهن نادر بيگ سنڌو مخزن جي ايڊيٽر بولچند لاءِ پنهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو سهيڙي رهيو هو، تن ڏينهن ٽئگور وشوڀارتي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۽ انجي واڌاري لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي خيال سان پنهنجا سهائتا پير سنڌ اچي گهمايا هئا ۽ جنهن ڏينهن بيسنت حال ۾ ان ڪم لاءِ اچي خطاب ڪيو هو، چاچا اسد بيگ گواهي ڏني ته، نادر بيگ ان ۾ نه فقط شرڪت ڪرڻ لاءِ پر به نفسِ نفيس چندو ڏيڻ لاءِ به ويو هو... ته مون چيو پئي ته، پهرين مهاڀاري يڌ، زار شاهي جو خاتمو، انقلاب فرانس، فرانس جون جديد تحريڪون، سوشلسٽ ريئلزم ۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ٻيون اوٽ پٽانگ تحريڪون هر حال ۾ بارايٽ لا ۽ ڪهاڻيڪار نادر بيگ جي مطالعي هيٺ ضرور آيون هونديون. يقين سان اهو ان ڪري ٿو چئجي ته، جيڪڏهن هن کي انهن تحريڪن ۽ ادبي لاڙن جي سڌ ٻڌ ڪانه هئي ته، پوءِ هن وٽ سندس ذاتي زندگي ۽ ڪهاڻين ۾ هي جيڪي سوشل بغاوتون نظر اچن پيون، انهن لاءِ هن اتساهه آخر ڪٿان حاصل ڪيو!؟

۽ عزيزو! خلا مان رڳو وحي ۽ فرشتا لهندا آهن. نادر بيگ جهڙا ڪهاڻيڪار نه،

معزز خواتين و حضرات! مٿينءَ وضاحت کان پوءِ اوهان کي ناچيز تذڪره نويس سان متفق ٿيڻو ئي پوندو ته، سنڌ ۾ ماڊرن يا جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو پايو وجهندڙ نادر بيگ مرزا بئريسٽر ئي آهي، جنهن جي جاکوڙ ۽ ذهني پورهئي سان نه فقط جديد سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين انرجي، پوٽينسي ۽ فريش بلڊ ميسر ٿيو پر ان سان گڏو گڏ اهو ويساهه پڻ مليو ته، ٻين صنفن جي موجودگيءَ ۾ وزنائتي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪهاڻي جو ماڌيم ئي وڏي اهميت جو حامل آهي.

يادش بخير. نادر بيگ مرزا سان گڏ، سنڌي افساني جي تاريخ ۾ ٻه چهرا، ٻه نالا ٻيا به انتهائي اهم آهن... آسانند مامتورا ۽ امر لعل هنڱوراڻي. باوجود ان جي ته، نادر بيگ انهن سان گڏ سنڌي افساني جي ٽه مورتيءَ جو هڪ اهم ڪارنر ۽ اهم ڪڙي هو، ۽ (وا، حسرتا) سنڌ ۾ هو روايتي بي حسي ۽ بي توجهيءَ جو شڪار ٿي ويو. ان جي برعڪس، هندستان ۾ سنڌ پبلشرس پاران آسانند مامتورا ۽ امر لعل هنڱوراڻي جون چونڊ لکڻيون اشاعت هيٺ آڻي، هنن ٻنهي ليکڪن جي پورهئي کي ڄڻ اڏوهي جو کاڄ بڻجڻ کان اڳ ئي بچائي ورتو. خدا گواهه آهي ته، انهن ٻنهي ليکڪن جي ڀيٽ ۾ نادر بيگ مرزا ڪجهه وڌيڪ گمڀير، نئون ۽ ورسٽائيل لکيو آهي. هن جي لکڻين جي انڊيڪس ۾، سنڌ جي ثقافت جي پس منظر ۾ لکيل انگلش ناول ”دلڪشا“ واقعه ڪربلا کي موضوع بنائي لکيل ٻيو ناول، ”محبوب ڪربلا“ مزاحيه شاعري جو حزليات تي مشتمل ننڍڙو مجموعو ۽ غزلن جو ديوان، ازان سواءِ لاتعداد اهي مضمون ۽ ٻيون لکڻيون جيڪي ان وقت جي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، ان کان سواءِ هن جو ٺاهيل عاليشان فرنيچر، نقاشيءَ جو ڪم، پيٽنگس،لينڊ اسڪيپ، نيچرل فوٽوگرافي.... ۽ جن مان صرف نشاني طور ٿورو ڪجهه، قليچ لائبريريءَ جي ڪٻٽن، گودامن ۾ ۽ ڪجهه نادر بيگ جي ڌيءَ مسز فيروزه نانا وٽ لاڪرز ۾ اڃاتائين محفوظ يا الائي غير محفوظ پيو آهي. والله اعلم باالصواب. ۽ مومنو! تذڪري جو بيان ان تي پورو ٿيو.

اسان جي ليکڪ نادر بيگ مرزا، 16 مارچ 1891ع تي ڪوٽڙيءَ جي هڪ ڊاڪ بنگلي ۾ جنم ورتو ۽ 49 بهارون (الائي خزائون) ماڻي 12 فيبروري 1940ع تي بلند شاهه ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. خير سان هيءَ صدي به اجهو هاڻي پوري ٿيڻ واري آهي. ۽ هڪ صدي ته، نادر بيگ مرزا جي جنم کي به، 1991ع ۾ ٿي ويندي ۽ عزيزو! ان سان گڏ ئي چاچا نادر بيگ مرزا جو نالو، هن ڪتاب جي اشاعت سان پرهه جي پهرين جهرڪندڙ ستاري وانگر آسمان تي نڪري نروار ٿيندو، يا هڪ دفعو وري سڀ ڪجهه تاريخ جي صفحن پويان ڌنڌ ۾ گم ٿي تاراج ٿي ويندو. (نامعلوم).

۽ عزيزو! انهيءَ تي مان ۽ منهنجو خاندان، نادر بيگ مرزا جو هي معاملو، هاڻي وقت ۽ ادب جي عدالت جي حوالي ٿا ڪريون...... زياده حد ادب.

عزيزانِ گرامي قدر! نادر بيگ مرزا جي باري ۾ جيڪي ڪجهه، هن ناچيز تذڪره نويس جي ناليج ۾ هو، ان جو مٿي تذڪري ۾ بيان اچي چڪو، ۽ جڏهن اهو تذڪررو فيئر ٿي چڪو، تڏهن اوچتو وري خيال آيم ته ڇونه هڪ دفعو مزيد، نادر بيگ مرزا جي چوهتر ساله ڌيءَ گڊ اولڊ ليڊيءَ شيرين عرف بيبي زوجه جسٽس فيروز نانا، حال ساڪن پٽيل ڪورٽ فليٽ نمبر 2 باٿ آئلڊ کي ٽراءِ ڪجي. ممڪن آهي ملاقات لاءِ ڪي گهڙيون متان ڏئي وجهي... سو عزيزو! خوش قسمتيءَ سان هن دفعي منهنجي ڪوشش بارآور ثابت ٿي ۽ ملاقات لاءِ اپائنٽمينٽ ملي. بيان ان ملاقات جو ڪجهه هن ريت رقم ڪجي ٿو ته، لاتعداد سوال ۽ مني ڪئسيٽ رڪارڊر کڻي، ڪلفٽن- برج لهي، کاٻي هٿ تي محمد علي بوگره روڊ تي آيس ۽ اتان ٽين گهٽيءَ جي کاٻي هٿ تي پٽيل ڪورٽ جي فليٽ نمبر ٻئي جي دروازي تي، مقرر وقت مطابق اچي پهتس. ڪال بيل تي هٿ رکڻ کان پوءِ پٽيل ڪورٽ جي فليٽ نمبر ٻئي جو دروازو ان گهر جي پوڙهي ۽ وفادار سريلينڪين ملازم سلويسٽرا کوليو. اندر ان نالوڪنفرم ڪرڻ کان پوءِ، ناتر وانگر گائيڊ ڪندي، هڪ ڪمري مان ٻئي ۽ اتان ٽئين مان هوءَ مون کي نيندي پئي وئي، ۽ مان حيرت سان هر ڪمري جو جائزو وٺندو پئي ويس ۽ عزيزو، بيان ڪهڙو ڪجي ان گهر جو، جنهن جي ڪمرن مان ناچيز لنگهي رهيو هو. ديوارن تي، ڪمرن جي ڪنهن جهوني يگ جون رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائٽ لائن ورڪ ۾ ٺهيل چغتائيءَ جون پينٽنگس ٽنگيل. ڪمرن جي ديوارن سان وڪٽورين ايج جو اولڊ اسٽائيل فرنيچر سليقي سان رکيل ۽ ڪنڊن ۾ نوادرات بطور شو پيس موجود. هيٺ فرش تي نصرپور جون رنگين فراسيون وڇايل. ياالله! هي گهر آهي يا اينٽيڪ سان ڀريل عجائب گهر. (مون دل ۾ سوچيو): مان جو ازل کان پراڻين شين ۽ جهونن ماڻهن جو عاشق رهيو آهيان، ان سوچ ۾ لڳي ويس ته هن کان انڪوائري ڪندس: ڪٿان ورتيون آهن اوهان اهي شيون؟ ڪنهن ڏنا آهن اوهان کي هي تحفا؟ ۽ ڪمرن مان لگهندي مون کي اهو ته وسري ئي پئي ويو ته، مان هتي آيو ڪهڙي ڪم سان آهيان! اوچتو سلويسٽرا موڙ مڙي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ مان به ڌو، سندس پويان... هوءَ جا، پنهنجي بيڊروم ۾ ڊريسنگ ٽئبل جي ڀرسان راڪي چيئر تي، نوادرات جي وچ ۾ ويٺي لڏي لڏي نٽنگ ڪري رهي هئي، ڪنڌ کڻي مون تي جڏهن اڇاتري نظر وڌائين تڏهن اچانگ مون کي انهن نوادرات سان گڏ پهرين نگاهه ۾ ادي بيبي ڪنڊ ۾ رکيل ڄڻ ڪنهن اينٽيڪ جيان ئي لڳي. هن جي لڏڻي ڪرسيءَ اڳيان، ايڪس ٽنگن واري ٽئبل ڌريل هئي ۽ ٽئبل تي رکيل هو، ڪٿان ٻاهران ڪالس لاءِ منتظر ۽ الرٽ نظر ايندڙ، اورينج رنگ جو اولڊ اسٽائل ٽيليفون سيٽ، کاٻي هٿ تي، ننڍڙي رائونڊ ٽئبل موجود، جنهن جي ڪنڊ سان رکيل ايش ٽري مائلڊ سيون سگريٽ جي لا تعداد ٽوٽن سان ٽمٽار. مون ۽ مون سان گڏجي آيل منهنجي نهايت محبي دوست طارق عالم نهايت نوڙت سان کيس سلام عرض ڪيو. سڀ کان اول مون پنهنجو ۽ پوءِ پنهنجي دوست طارق عالم جو ساڻس تعارف ڪرايو. معلوم رهي ته پنهنجي خاندان عزيز جي ان بزرگ هستي کي، ان کان اڳ مون روبرو يا ڪنهن فوٽو ۾ اکئين ڪين ڏٺو هو. جڏهن ٻئي ڄڻا سندس ڀرسان ڪرسين تي ويهي رهياسين، تڏهن اکيون کڻي بزرگن وانگر هٿ مٿي کڻي پڇيائين: بابا... ڪهڙو حال آهي؟ ۽ ائين چوندي هن کي اوچتو الائي ڇا ياد اچي ويو. هوءَ پنهنجي لڏڻي ڪرسيءَ جي نرم ۽ آرامده ڪشن تان اٿي، سامهون وڪٽورين اسٽائل جي ڪٻٽ ڏانهن وڌي وئي. ڪٻٽ مان ڪاشيءِ ڪڍي هوءَ مڙي ته هن گڊ اولڊ ليڊيءَ جي هٿ ۾ مائلڊ سيون سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ لائيٽر هو. آرام سان ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ هن سگريٽ جو کليل پاڪيٽ مون ڏانهن وڌائيندي پڇيو Do you smoke baba?. مون Thanks چئي پاڻ ڏانهن وڌيل پاڪيٽ مان سگريٽ ڇڪي ڪڍيو ۽ لائيٽر سان پنهنجو سگريٽ دکائيندي هن جو سگريٽ به روشن ڪيو. کيس ڪش هڻندي ڏسي مون سوچيو سگريٽ به ڪن ڪن شخصيتن کي پيئندي ڪيڏو نه ٺهندو آهي. پنهنجي ڪنهن سئوٽ سان ائين ويهي فري اسٽائيل ۾ سگريٽ پيئندي مون کي نئون ڪجهه لڳي رهيو هو. ان ڪري مان اچانڪ خوشيءَ ۾ سرشار ٿيندو پئي ويس. هوا ۾ سگريٽ جا پڦ پکيڙيندي مون سوچيو: جيڪڏهن هن عزيزه مون کي پنهنجي موجوده اهنجن مان ڪي گهڙيون ڪڍي ٻيهر ملاقات جو شرف بخشيو ته، مان هن لاءِ مائلڊ- سيون سگريٽن جو ٽن ۽ بمبئي بيڪري جو ٻن پائونڊن وارو چاڪليٽ ڪيڪ بطور پريزنٽ ضرور وٺي ويندس [2] هن سلويسٽرا کي چانهه لاءِ سڏي چيو پئي ۽ ڪمري ۾ موجود نوادرات کي ڏسندي مون کي لڳو ته انهن اينٽيڪس ۾ سونهن دراصل ادي بيبيءَ جي سليقه منديءَ ۽ حفاظت سبب ئي انهن شين ۾ موجود هئي. شايد انهن شين سان محبت هن کي ورثي ۾ ملي هئي- ڪجهه پنهنجي والد نادر بيگ ۽ ڪجهه پنهنجي گهرواري جسٽس فيروز نانا کان مون کي لڳو ڄڻ هر شيءِ هن سان گڏ زنده هئي ۽ ساهه پساهه کڻي رهي هئي. جهوني يگ جي رائيٽنگ ٽئبل، وارڊ روب، ڪاٺ جي پيتي، آرام ڪرسون، ايشٽري، پٽ تي وڇايل ۽ ڀت تي ٽنگيل قالين، ۽ مون ڏٺو، ڪمري ۾ هر شيءِ مقدس عبادت گاهن ۾ رکيل شين وانگر سليقي سان ۽ ترتيب ۾ رکيل هئي ۽ هر شيءِ تي ڄڻ ٿڌ ۽ ماٺار جو غلاف چڙهيل هو. منهنجون نگاهون ڪنهن ريڊار ۾ گول ڦرندڙ سئيءَ وانگر ڪمري ۾ ڦرنديون رهيون، تڏهن اوچتو منهنجون نگاهون بنگلا جي برک چترڪار زين العابدين جي هڪ چارڪول سان بنايل جڳ مشهور پينٽنگ تي کپي ويون، جنهن ۾ اڌ اگهاڙا هڙٻاٽيون ۽ پاسيراٽيون نڪتل ٻارڙا ۽ هڪ ٻارڙيِ پنهنجي سڪل ڇڻيل پن جهڙي ماءُ جي، ان هٿ ڏانهن پوري شدت سان گهوري رهي هئي، جيڪا پنهنجي آڏو رکيل ڀت واري ٿالهيءَ مان گراهه ٺاهي رهي هئي. ٻارڙن کان ڪجهه پريان ٻه بکيا ڪانگ به پنهنجيون چهنبون کولي ڀتَ کي تڪي رهيا هئا.

زين العابدين جي ان تصوير ڏانهن شدت سان مون کي گهوريندو ڏسي اوچتو ادي بيبيءَ سجاڳ ڪيم. ها، نصير هاڻي چئه... ڇا ٿو پڇڻ چاهين بابا جي باري ۾!

منهنجو ڌيان اڃا به تصوير ڏانهن هو، پرچيم، گهڻو ڪجهه پڇڻ ٿو چاهيان ادي. چيائين، گهڻو ڪجهه ته، وسري ويو اٿم نصير! يادون ڌنڌ ۾ گم آهن. حافظو به ڪٿي رهيو آهي، هاڻي اهو جوانيءَ وارو. اها زندگي جا اڌ صدي اڳ وڃائجي چڪي آهي، ظاهر آهي ان جي داستان جا ورق به پيلا ٿي چڪا هوندا... سو Continuity ۾ ته ڪابه ڳالهه، نٿي ٻڌائي سگهئين. تون پڇ، ڪنهن يادگيريءَ جو ڪو سرو، متان پڪڙي وٺان.

مون چيو: ادي جي ائين ٿئي، تڏهن به چڱو.

چيائين: اها ڳالهه سوچيندي نصير! ڪيڏو عجيب پيو لڳي ته، بابا کي هن دنيا مان گذري پنجاهه سال ٿي چڪا آهن ۽ اهو وقت-ماضي بعيد ٿي چڪو آهي.

مون چيو: چاچا جي ڪا به ڳالهه ڪٿان به شروع ڪيو. مان پاڻهي ان کي ارينج ڪري وٺندس. چيائين ڳالهيون ته گهڻيون ئي آهن بابا نصير، پر سڀ پاڻ ۾ مڪس آهن. پتو نٿو پوي ته ڪهڙي ڳالهه ڪٿان ٿي شروع ٿئي ۽ ڪٿي ختم.

مون ڳالهه کي وائيند اپ ڪندي چيو، ٺيڪ آهي مون کي پهرين چاچا نادر بيگ جي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ۽ ان کان پوءِ سندس اڪيڊمڪ تعليم ۽ تربيت جي باري ۾...

چيائين: بابا جي ننڍپڻ کان ته مان ڪا گهڻي باخبر ناهيان، ان بابت ڪجهه اشارا ڏاڏا قليچ بيگ جي آٽوباءِگرافيءَ ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ موجود آهن. اهي تون ڏسي چڪو هوندين. جيتري قدر لکڻ جي تربيت جو سوال آهي ته ان لاءِ بابا ڪٿي لکيو آهي ته مون ڪهاڻيون ننڍي هوندي کان پي لکيون آهن، جو والد مرحوم (قليچ بيگ) جي ستي پيٽ ۾ پيل هئي. جڏهن ڪڏهن ساڻن گشت تي ويندو هئس ته منزل منزل تي پنو ۽ پينسل ڏيندا هئا ته جيڪي واٽ تي ۽ اڳين منزل تي ڏٺو، ٻڌو اَٿئي سو لکي ڏيکار... سو لکڻ واري اها ڏات ته هن کي ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي. جيتري قدر تعليم جي ڳالهه آهي ته مئٽريڪيوليشن سنڌ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان ڪئي هئائين. ان کان پوءِ 1906ع ڌاري ڏاڏا بابا کي بارايٽ لا لاءِ ولايت روانو ڪيو، جتي بابا جو چاچو ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ ۽ ان جي مسز ايڊي ليٽ بئٽرس مارٽن [3] اڳ ئي رهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ بابا جا ٻه ٻيا سڳا سئوٽ مرزا منوچهر بيگ ۽ مرزا فرخ بيگ پڻ ساڳي تعليم لاءِ ولايت ورانه ٿيا هئا ۽ ساڳي ئي گهر ۾ رهندا ۽ تعليم حاصل ڪندا هئا. ها سچي!.... هڪڙي مزيدار ڳالهه هتي ٻڌايائين ٿي: ادي بيبيءَ پنهنجن منڊين واريون آڱريون مٿي تي ڦيرائيندي مرڪندي چيو، جنهن ڏينهن ڏاڏا قليچ بيگ بابا کي لنڊن روانو پئي ڪيو، ان ڏينهن سندس روانگي جي يادگار طور پنهنجي ٽنڊي ٽوڙهي واري ڪتب خاني جي اڱڻ ۾ نم جو ٻوٽو پوکيو هئائين. 1912ع ۾ بابا جي بئريسٽر ٿي موٽڻ کان اڳ ئي اهو نم جو ٻوٽو وڻ بڻجي پنهنجي پوريءَ لينٿ بريٿ سان ڏاڏا جي ڪتب خاني تي ٿڌي ڇانوَ پکيڙي رهيو هو. بابا ڇهه ست سال ولايت ۾ آرام سان رهيو. خوب مطالعو ڪيائين. گهميو ڦريو. آئوٽنگ ڪيائين. لائبريريون اٿلايائين. دنيا جي ادب، آرٽ، پينٽنگس ۽ موسيقيءَ جو جائزو ورتائين... ۽ جڏهن هو اتان موٽي واپس سنڌ آيو ته، هڪ مڪمل بئريسٽر ۽ مڪمل ليکڪ بڻجي چڪو هو. اڇا چاچا نادر بيگ جي اوهان جي والده يعني آنٽي گريسيءَ سان شادي بابت ٻڌو اٿئون ته، ڪورٽ مئرج هئي اها؟.

Yes. Yes it was a love marriage. امان جيتوڻيڪ پهرين پنهنجي هڪ ٻئي سڳي سئوٽ فرخ بيگ مرزا جي مڱ هئي. پر ڇاڪاڻ ته امان ۽ بابا نادر بيگ جي ڪجهه ڳوهه ۾ ڪا پاڻ ۾ انڊراسٽينڊنگ ٿي وئي هئي، ان ڪري هو ٻئي خاندان جي روايتن سان بغاوت ڪندي هڪ رات جو ٽنڊي ٽوڙهي مان چپ چاپ نڪري ويا ۽ ڪراچي پهچي نڪاح [4] ڪري ڇڏيائون. اها 1914ع جي ڳالهه آهي. نڪاح جي گواهن ۾ هڪ ته خود منهنجو وڏو مامو سڊني بيگ مرزا شامل هو. جڏهن ته ٻيو گواهه شايد بابا جو ماروٽ مير ايوب خان هو. خانداني رنجش ۽ اختلاف سبب ڏهه سال کن ته، بابا کي ٽنڊي ٽوڙهي ڏانهن لڙڻ ئي ڪونه ڏنو ويو هو. مان سمجهان ٿي، انهن سالن دوران ئي هو سٽي مئجسٽريٽ ٿي، ماتلي، لاڙڪاڻي ۽ نوشهرو فيروز ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو ۽ ٽائيم پاس ڪندو رهيو هو. نوشهري فيروز  کان پوءِ ڪجهه وقت هن ڪراچيءَ ۾ به سرڪاري نوڪري ڪئي هئي، پر پوءِ خبر ناهي ڪڙي آفيشنل ڳالهه تان ناراض ٿي، استعفيٰ ڏئي ڇڏي هيائين... ها سچي! بابا نادر بيگ، ادي بيبيءَ نئون سگريٽ دکائيندي چيو: ماهر بڪ- بائينڊر به هو. جن ڏينهن ۾ هو نوشهروفيروز جو سٽي مئجسٽريٽ هو، هن نوشهري جي سرڪاري لائبريريءَ جا سڀ ڪتاب هڪ هڪ ڪري پاڻ پنهنجي هٿن سان بائينڊ ڪيا هئا. گهڻو گهڻو وقت اڳي اها لائبريري ۽ ان جا خوبصورت بائينڊ ٿيل ڪتاب، مون ۽ فيروز نانا به اکين سان وڃي ڏٺا هئا[5]. ايتري ۾ ڪال بيل وڳي، دروازو کليو ۽ مون ڏٺو ته ادي بيبي ۽ فيروز نانا جي ڌيءَ پنهنجي زماني جي مشهور انگلش نيوز ڪاسٽر ماهر تعليم انيتا غلام علي ڪمري ۾ اينٽر ٿي. ادي بيبيءَ اسان جو هن سان تعارت ڪرايو ۽ تعارف کان پوءِ مون ادي انيتا کي به وينتي ڪئي ته جيڪڏهن پنهنجي ناني نادر بيگ مرزا جي باري ۾ ڪا ياد هن جي ذهن ۾ هجي ته اها هوءَ مون کي ضرور ٻڌائي.

مان موٽي هاڻي ٻيهر ادي بيبيءَ سان مخاطب ٿيس. چيم بقول توهانجي، اهڙي طريقي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ، هن کي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اچڻ جي اجازت ڪانه هئي. منهنجو سوال هتي هي آهي ته، پوءِ اهي خانداني اختلاف ختم به ٿيا يا؟

خانداني اختلاف پوريءَ طرح سان ته مرڻ گهڙيءَ تائين هن سان ختم ڪونه ٿيا هئا. البته 1927ع يا 1928ع ڌاري، ڏاڏا قليچ بيگ، بابا جي ننڍي ڀيڻ ڦڦي دلشاد بيگم جي شادي جڏهن امان جي اڳوڻي مڱيندي فرخ بيگ جي، ٻئي ڀاءَ حيدر قلي بيگ سان رٿي ته، اهو شرط رکيائين ته هاڻي، جهڳڙا ختم ڪريو ۽ شاديءَ ۾ نادر بيگ کي وهاريو... سو وقتي طور اختلاف ختم ٿيا ۽ امان بابا ٽنڊي ٽوڙهي مان نڪرڻ کانپوءِ خير سان پهريون ڀيرو موٽي ڳوٺ ۾ قدم رکيا.

اڇا، چاچا نادر بيگ جڏهن وري اوهان جي شادي خاندان کان ٻاهر، فيرز نانا [6] سان طئي ڪئي، تڏهن ٻڌو اٿم، خانداني اختلاف هڪ دفعو وري....

چوهتر ساله ادي بيبي منهنجي سوال تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلي پئي، چيائين: هتي وضاحت ڪريان ته، فيروز سان شادي[7]... It was purely my choice ڇا هوته، نانا فيمليءَ وارن سان بابا وارن جا گهرا دوستيءَ جا ناتا هئا. اٿ ويهه هئي. فيروز نانا کي پسند ڪري، پنهنجي چوائس ۽ فيصلي کان جڏهن بابا کي آگاهه ڪيم تڏهن براڊ مائينڊيڊ شخص انڪار بلڪل ڪونه ڪيو. مون چيو: ڌارين ۾ اوهان کي پرڻائيندي، هن کي خاندان جي اختلافن ۽ رنجش جو ڪو خوف نه هو؟

ادي بيبيءَ ٻڌايو ته، هن ڄاتو ٿي ته اهو ڪجهه ته ٿيندو ئي!

ڇا ٿيندو؟

يعني اهوئي ته، ٽنڊي ٺوڙهي مان ڪوبه ان ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ واقعي ڪوآيو به ڪونه. شادي ته خير ٿي وئي پر نتيجو اهو نڪتو جو، پوءِ منهنجي ٽنڊي ٺوڙهي اچڻ تي به Ban لڳايو ويو. جڏهن 1940ع ۾ بابا رضاڪئي ۽ هن کي وصيت مطابق حيدرآباد نيو ويو، تڏهن مون کي حويليءَ ۾ گهڙڻ جي اجازت خاندان وارن نه ڏني. مون کي ياد آهي، حويليءَ کان ٻاهر، ڏاڏا جي اوطاق ۾ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي مون کي ۽ فيروز نانا کي بابا جو منهن ڏيکاريو ويو هو. اڇا...؟ ... ۽ ان سلسلي ۾ مون هن کان جيتوڻيڪ اڃا به ڪجهه وڌيڪ پڇڻ پئي چاهيو. پر هن ڪئسيٽ رڪارڊر جي پاز تي آڱر رکندي چيو: ڇڏ مون کي، بابا تون نادر بيگ جي ڳالهه ڪريون. چيو: Sorry ادي. ٺيڪ آهي، مون کي ٻڌايو ته، چاچا نادر بيگ بطور پيءُ اوهان کي ڪيئن لڳو هو؟ نهايت سٺو ۽ بهترين دوست. ان کان به وڌيڪ هو اسان پنجن ئي ڀيڻ ڀائرن لاءِ هڪ انتهائي مهربان ۽ انتهائي شاهه خرچ پيءُ هو. مون کي ياد آهي ته شام ٿيندي ئي اسان جو گهر، بابا جي دوستن سان ڀرجي، ڪلب جيان ٿي ويندو هو. سڀ پاڻ ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ملندا ۽ ڪچهريون ڪندا رهندا هئا. اسان ٻارن جي انهن مهمانن جي آئو ڀڳت ۾ وڏي عياشي هوندي هئي خوب خوب ڌمچر مچائيندا هئاسين ۽ هن ڪڏهن اسان کي اف به ڪونه چيو.

ڪڏهن به نه؟

شايد هڪ دفعو.... ۽ اسين تڏهن ڪراچي جي الائي ڪهڙي ايريا ۾ رهندا هئاسين. بنگلي ۾ وڏو لان هو، ۽ (ان ۾ انبن، چيڪن ۽ ڄمن جا وڻ سڄو ڏينهن هوا ۾ جهولندا ۽ پن ڇاڻيندا رهندا هئا ۽ اسين انهن وڻن جي هيٺان رانديون ويٺا رهندا هئاسين. هڪ دفعي منهنجي همعصر ۽ هڪ جيڏي پڦي، شهزاد بيگم [8] جڏهن حيدرآباد کان گهمڻ لاءِ اسان جي گهر آئي هئي تڏهن مون کي ياد آهي، اسين ٻئي ننڍيون هيوسين ۽ سڄو ڏينهن باغ ۾ ڪچا ڄمون ڇاڻي کائينديون، وڻن مان پن ڇاڻينديون رهيون سين... شام جو امان جي ڪمپلينٽ تي، بابا صرف ايترو دڙڪو ڏنو... ۽ جي ڪچا ڄمون کائڻ سان بيمار ٿي پيون ته، اڳتي باغ ۾ اينٽري بند اوهان جي...

ٻي مزيدار ڳالهه ٻڌايائين ٿي. امان کي سدا گهر تبديل ڪرڻ جو شوق هوندو هو. ۽ امان جي ان شوق باعث، ڪراچيءَ جي هر سٺي ايريا ۾ رهيا آهيون. ڪڏهن گارڊن ايسٽ، ڪڏهن رام باغ وٽ، ڪڏهن باٿ آئيلينڊ... سستائي جو زمانو هو. آبادي گهٽ هئي ۽ چوڌاري بورڊ لڳا پيا هوندا هئا. امان جڏهن ڪنهن گهر ۾ رهي بور ٿي پوندي هئي ته، اعلان ڪندي هئي: هاڻي هلو هتان، نئين گهر جو جائزو وٺڻ لاءِ، پهرين پهرين بابا ويندو هو. گهر ڏسي ان ۾ گهر جو سربستو نقشو ٺاهي، امان کان اچي پاس ڪرائيندو هو. هتي بيڊ روم آهي، هتي ڊرائنگ روم ۽ هتي ٽوائلٽ. هتي ڪچن، هتي لان ۽ امان کي گهر جي پسند اچي ويو ته فوراۡ اوڏانهن شفٽ ٿي ويندا هئاسين. جيئن ئي اسان اتان شفٽ ٿيندا هئاسين، گهر جون رونقون ۽ دوستن جون محفلون به ڄڻ امان بابا سان شفٽ ٿي اوڏانهن هليون هلنديون هيون.

انهن محفلن مان ڪن ماڻهن جا ڪي نالا ٻڌائيندو؟

حامد جي، طيب جي، حسن علي عبدالرحمان ۽ جسٽس طفيل احمد. هي ٻئي ڀائر ولايت ۾ بابا جا بئريسٽري ۾ ڪلاس فيلوز به هئا. غلام محمد ڀرڳڙي، شيرازي، هاسانند، ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ ٻيا ڪيترائي پارسي ۽ هندو ڪميونٽي جا دوست، جن جا نالا هن وقت وسري ويا اٿم، بابا جا سٺا دوست هئا.

انهن مان چاچا جو ڪو تمام گهرو دوست؟

سيٺ داس... بابا جو گهرو دوست هو. بابا جي تدفين ۾ شامل. ٿيڻ لاءِ هو حيدرآباد به آيو هو. جڏهن منهن ڏسڻ لاءِ، حويليءَ ڀرسان ڏاڏا جي اوطاق ڏانهن ويس پئي ته هو اتي مون کي آلين اکين سان ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺل به نظر آيو هو. فيروز ٻڌايو هئم ته، تدفين وقت، هو بلند شاهه واري قبرستان ۾ به موجود هو... ان کان پوءِ سنت داس کي مون وري ڪڏهن به نه ڏٺو. شايد ورهاڱي کانپوءِ سمجهان ٿي ته، هندستان هليو ويو هوندو.

اڇا ادي! ٻڌو اٿئون، چاچا نادر بيگ جي ڪجهه خواتين سان به گهري دوستي هئي. مون هن کان انڪوائري ڪئي.

ادي بيبيءَ کلندي بي ساخته چيو: الاهي بابا الاهي خواتين سان هن جي دوستي هئي.

مثال طور ڪي نالا ته وٺو؟

هڪڙي اها هئي... ڇا نالو: اٿس... پر نه بابا، نالا ڪانه وٺنديس اها ڪا چڱي ڳالهه ٿوري ئي آهي... اوچتو ادي بيبي ٻڌائيندي ٻڌائيندي، ڪا ڳالهه ياد ايندي، نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته، مون سوچيو ته هن نسل سان تعلق رکندڙ خواتين کي به پنهنجي زماني جي معزز عورتن جي Prestige جو ڪيڏو نه شدت سان احساس آهي.

مان خير مڙيس تڏهن به ڪونه، مٿس فورس وجهندي وينتي ڪيم ٻڌايو کڻي ادي... ڪهڙو ٿو فرق پوي هاڻي نالا وٺڻ سان... هو ته ويون هونديون ويچاريون مري کپي...

ادي بيبي اوچتو الرٽ ٿي وئي. چيائين نه بابا... اڃاڪجهه مڙهيون جيئريون ويٺيون آهن.

اڇا ته معنيٰ توهان کي انهن جي باري ۾ ايتري به خبر آهي ته اهي اڃا بقيدِ حيات آهن، مون کلندي چيو.

چيائين ته، نصير! جڏهن بابا ڪنهن هڪڙيءَ کي نه لفٽ ڪري ڪنهن ٻيءَ ڏانهن رجوع ڪندو هو ته، اها پهرين روئيندي پٽيندي امان وٽ فرياد کڻي ايندي هئي ۽ سفارش لاءِ امان جو سهارو چاهيندي هئي اهڙين خواتين جي خاطر تواضع لاءِ امان منهنجي ڊيوٽي مقرر ڪئي هئي. جيئن ئي ڪا اهڙي عورت امان وٽ اچي فرياد ڪندي هئي، امان فوراۡ مون کي سڏي چوندي هئي... بيبي هن ويچاريءَ کي چانهه وغيره ته ٺاهي پيار.

مون پڇيو: پوءِ ڀلا اوهان جي والده، يعني آنٽي گريسي انهن لاءِ ڇا ڪندي هئي؟

امان ان جي دل جوئي ڪندي هئي، کين آٿت ڏيندي هئي ته Don’t worry نادر ان نئين خاتون سان He is not serious

پر چاچا نادر بيگ موهنيءَ نالي واري ڇوڪريءَ سان ته ڪافي سيرئس ٿو لڳي؟ ۽ ان جي نالي سان ته، هن، اڌ درجن کن ڪهاڻيون به لکيون آهن، ۽ اهو به لکيو آهي ڪنهن هنڌ ته Mohini, who has inspired and encouraged my laziness to action اوهين ٻڌايو ته اها ڪا واقعي هئي به يا نه... ڇا ڪڏهن اوهان ان کي اکين سان ڏٺو هو؟

ادي بيبي ٻڌايو: ها. اڪثر هوءَ پنهنجي (شايد) ڀيڻيوي مسٽر هاسانند سان گڏ اسان جي گهر شام واري گهريلو ڪلب ۾ ايندي پئي هئي. موهني سانوري، سلوڻي، سلم، انتهائي کل مک ۽ پياري هندو ڇوڪري هئي. بابا هن کي ”نماڻي نماڻي“  ڪري به سڏيندو هو. بابا جي وفات کان پوءِ سندن فيملي جڏهن هندستان شفٽ ٿي رهي هئي ته هوءَ اوستائين Un married هئي. بابا سان هن جا ڪهڙا افيئرس هئا، مان نٿي ٻڌائي سگهان. ممڪن  آهي هندستان ۾ هوءَ اڃا حيات هجي. ممڪن آهي هاڻي هن جو ڪرياڪرم ٿي چڪو هجي. Poor soul ويچاري موهني.

مون چيو: بقول اوهانجي ايتريون خواتين جو چاچا نادر بيگ جي آس پاس هيون ته، ڇا هو ايترو هينڊسم هو؟

ادي بيبي بي ساخته چيو: Yes yes, he was.

هو پنهنجي سنگت ۾ پرنس چارمنگ هو. هڏڪاٺ جو مضبوط، شڪل شبيهه جو وجيهه، پوري پني قدقامت وارو هڪ ٺاهوڪو مرد هو. هن جا وار برائون ۽ ماڻڪيون ناسي هيون. ٿري پيس ۾ هو هڪ مڪمل پرسنلٽي لڳندو هو. مغربي ملڪن ۾ رهائش، تعليم ۽ مطالعي جي ڪري هن جو مزاج نفيس ۽ سڀاءُ شاهاڻو هو. اهڙين ظاهري خوبين ۽ برلئنٽ ذهن هجڻ جي باوجود هن ۾ اڊمبر قطعي ڪونه هوندو هو. هو پنهنجي Behavior ۾ نهايت ٻاجهارو، سهڻن اخلاقن ۽ نرمي سان خوبصورت ڳالهيون ڪندڙ شخص هو.

ڀلا، گهريلو لباس؟

گهر ۾ اڇو پهراڻ ۽ پٽي جو پاجامو پائيندو هو. ڪورٽ وڃڻ لاءِ اڇي زين جي پينٽ، اڇي قميص ۽ مٿان ڪارو گائون پائيندو هو. البته نجي محفلن يا ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي فنڪشنس ۾ موسم مطابق پينٽ شرٽ واپرائيندو هو.

سواري ڪهڙي پسند ڪندو هو؟

شروع ۾ ته، اسان وٽ وڪٽوريا گاڏي هوندي هئي. ان تي چڙهي هو ڪورٽ ويندو هو. گهڻو پوءِ موٽر بائيڪ [9] به ورتائين، جنهن کي هو پاڻ Drive ڪندو هو.

سگريٽ پئندو هو؟

بي تحاشا [10] هڪڙو سگريٽ اڃا ختم ئي ڪونه ٿيندو هوته، ان مان نئون سگريٽ دکائيندو هو. هڪ دفعو ته هن کي نڪوٽين پوائزننگ به ٿي پئي هئي. پر هن پوءِ به سگريٽ نه ڇڏيا- سو نه ڇڏيا...

خوراڪ ڇا کائيندو هو؟

نهايت سادي ۽ مختصر. امان ۽ بابا سخت ويجيٽيرئن هئا. بلڪل ويشنو. سو گوشت وغيره ته چکيندا ئي ڪونه هئا، باقي کائيندا صرف ايترو هئا جو زنده رهي سگهن Thats all.

سندس لائيف روٽين؟

صبح جو تمام سوير اٿندو هو. فجر جو نماز پڙهي، تلاوت ڪلام پاڪ ڪري، پوءِ ان ڏينهن اڪلائڻ وارن ڪيسن جو مطالعو ڪري، آرگيومينٽس لکندو هو. نيرن ڪري اٺين وڳي وڪٽوريا ۾ چڙهي ڪورٽ هليو ويندو هو... ها نصير! مون کي ياد آهي هو ڪلائنٽس جي ڪيس فائلن تي، ياد گيري طور پنهنجي ڪلائنٽس جي چهري جو اسڪيچ ضرور ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ شنوائي تي ويندي مهل هڪ نظر فائل تي موجود چهري مٿان ضرور وجهندو هو... ها ته مون چيو پئي، ٻنپهرن جو ڪورٽ مان موٽي وڪيلن واري چيمبرس ڏانهن هليو ويندو هو. وڪيلن جا هي چيمبرس ڪراچي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن وٽ آس پاس ڪٿي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ بابا جي آفيس ڀرڳڙي هائوس صدر جي ڀرسان يا شايد بيسنت هال وٽ ڪٿي هوندي هئي. اسين ننڍي هوندي پنهنجي وڪٽوريا ۾ چڙهي بابا وٽ ويندا هئاسين ۽ شوق سان اتي گلور واري سوڍا راز بري ڊرنڪ پيئندا هئاسين... ها. سو مون توکي ٻڌايو پئي ته، لکڻ وارو هر طرح جو ڪم هو گهڻُ تڻُ صبح جو اُڪلائي ڇڏيندو هو. شام جوته، جئن مون ٻڌايو ته دوستن ۽ مهمانن سان اسان جو گهر ڀرجي ويندو هو. جڏهن مهمان موٽي ويندا هئا ته بابا، امان اسان ٻار پڙهڻ جي ڪرت ڪندا هئاسين. رات جو بابا گهڻو ڪري جلدي سمهي پوندو هو. منهنجو اندازو آهي ته تخليقي قسم جو اڪثر ڪم هن هڻ وٺ ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ ڪيو هو. مان ڏسندي پئي هئس ته، هو هلندي گهمندي محفلن يا ميٽنگس ۾ وجهه ڪڍي لکندو رهندو هو ۽ ٿيندو ائين هو جو اخبارن ۽ رسالن وارا ايڊيٽر يا ڪي دوست، هن کان اتان ئي اها لکڻي ڦيرو ڏئي وٺي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هن جون گهڻيون لکڻيون، اسان وٽ محفوظ ڪونه آهن.

لکڻ کان سواءِ هن جون ڪي ٻيون هابيز به ته هيون؟ مون چيو.

ها نصير! ادي بيبيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي تصور ۾ گم ٿي ويئي. ڄڻ آخري دفعو پنهنجي پيءَ سان ملڻ لاءِ هلي وئي هئي. ڪجهه گهڙيون ترسي چيائين، بابا پنهنجي زماني جو هڪ اهڙو شخص هو، جنهن جي وجود ۾ ڪئي وجود هئا. هن جي ذات ۽ ڏات مجموعو هئي شايد فن جو- ڪرمنل ڪيسز ۾ هو برلئنٽ وڪيل هو. سنڌي نثر ۾ هن دلنواز اسلوب تخليق ڪيا هئا. بطور ڪهاڻيڪار هن ادب ۾ پهرين دفعو ڪهاڻي جي سطح تي جديد فارميٽ متعارف ڪرايا ها. هو نهايت نفيس ۽ نازڪ خيال مفڪر، ميٽر آف فيڪٽ، بردبار ۽ محنتي انسان هو... مون کي ياد آهي ته آچر ڏينهن موڪل هوندي هئي ۽ ان ڏينهن به، هو بيڪار ڪونه ويهندو هو. هن کي نقاشيءَ ۽ واڍڪيءَ جو نفيس ڪم ڪرڻ ايندو هو. باغن مان ساڳوان ۽ شيشم جي وڻن جا ٿڙ وڍائي گهر آڻي رکندو هو. ۽ آچر ڏينهن انهن مان مختلف عجيب عجيب شوپيس، ڪرسيون ۽ ٽپايون ۽ ڪٻٽ [11] ويٺو ٺاهيندو ۽ ٺاهي دوستن کي پريزنٽ ڪندو رهندو هو. رات جو ماني ٽڪي مان واندو ٿي، ڪتابن جي بائنڊنگ کي لڳي ويندو هو... بابا جي انهن ڳالهين کي هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندي نصير... لڳندو اٿم ته هو وقت کان گهڻو اڳ هن بي قدر زماني ۾ پيدا ٿي پيو هو. ۽ ڪجهه ماڻهو پنهنجي زماني کان ڪيڏو نه اڳي پيدا ٿي پوندا آهن نصير... هن جي صلاحيتن کي ياد ڪندي اڄ انهن زمانن ۽ زمينن ڏانهن ڏسان پئي ته هن جو ڪوبه همعصر، مون کي هن جو جوڙ ثاني نظر نٿو اچي.

مون چيو: انتهائي نجي زندگيءَ ۾ چاچا هڪ ڪامياب شخص هو يا ناڪام؟

نجي ۽ گهريلو زندگيءَ ۾ نهايت عاليشان پيءُ ۽ شاندار هسبنڊ هو. پر نصير... بدقسمتيءَ سان الائي ڪيئن ۽ الائي ڪنهن جي نظر اسان جي گهر کي کائي وئي .

مون اتاولو ٿي کائنس پڇيو ڇو، ڇا ٿيو هو ادي... امان ۽ بابا جي وچ ۾ ڊائي وورس... طلاق!

طلاق، طلاق، طلاق... اچانڪ منهنجي ذهن ۾ ڪئي آواز گونجڻ لڳا. ۽ انهن آوازن ۾ ادي بيبيءَ جو خزان ۾ ڇڻندڙ پنن جهڙو آواز اڀريو. شايد 1927ع يا 1928ع ڌاري هنن ٻنهي رضا خوشيءَ سان هڪ ٻئي کان عليحدگي اختيار ڪئي... ۽ امان ۽ اسين ڀيڻ ڀائر بابا کي اڪيلو ڇڏي پوءِ ماما سڊني بيگ [12] جي بنگلي ڏانهن شفٽ ٿي وياسين. مون کي ياد آهي، آءُ ان وقت تيرهن سالن جي ۽ ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ، ٽن سالن جو هو... ۽ ان سان گڏ ئي، بابا سان گڏ گذريل سمورو سونهري زمانو ڪٿي پٺيان رهجي ويو نصير...!

اڇا انهيءَ کان پوءِ وارو زمانو چاچا نادر ڪيئن گذاريو؟

ائينءَ سمجهه ته.... هن جي زندگيءَ جو گهماگهميءَ وارو دور هاڻي ختم ٿي چڪو هو. شآيد انهيءَ دور ۾ ئي هو ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ سماجي بهبودي جي ڪمن ۾ به وڌيڪ ائڪٽو ٿي ويو هو. ڪراچي ۾ جڏهن نابينائن لاءِ آئيڊرويو، اسڪول کولڻ جي اسڪيم ٺهي ته هن ان جي لاءِ فائونڊر ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان بنيادي ڪم ڪيو هو. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو اڳ به گهڻو ڪيڏانهن ڪونه ويندو هو. پوءِ ايترو ٿيو جو، طلاق جي سانحي کانپوءِ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ پاران منعقد ٿيندڙ فنڪشن ۾ البته ڪڏهن ڪڏهن ويندو رهندو هو. اڇا نه فقط.... ادي بيبي ڪجهه ياد ڪندي ٻڌايو... انهن ۾ وڃي هو باقاعده حصو به وٺندو رهندو هو.

 

ڇا اوهان سان چاچا نادر بيگ جو پوءِ ميل جول ٿيندو رهندو هو. مون هن کان دريافت ڪيو؟

چيائين: ها.... اسين باقاعده هن ڏانهن ۽ هو اسان جي گهر ايندو رهندو هو. اتفاق سان گارڊن ايسٽ ڪراچيءَ ۾ جنهن هنڌ هن جو بنگلو هو، اسين به ان ئي رينج ۾ ماما سڊنيءَ سان گڏ رهندا هئاسين. گارڊن ايسٽ جي جنهن بنگلي ۾ بابا پنهنجي خدمتگار در محمد سان گڏ رهندو هو، ان جي اپرپورشن ۾ بابا جي ماروٽ حسنا پنهنجي گهرواري مير مقبول سان رهندي هئي. صبح صبح جو پام ۽ ناريل جي وڻن واري ان بنگلي جي ماڪ هاڻي ڇٻر تي، مون اڪثر اسڪول ويندي ڏٺو هو. بابا اڪيلو لان ۾ پير اگهاڙا ڪري واڪ ڪندو رهندو هو. اتان لگهندي مان وڪٽوريا مان هن کي هٿ لوڏي باءِ باءِ ڪندي هئس... ها، هو انتهائي بهترين باغبان به هو، سو هن نهايت جلد ان بنگلي جي لان کي طرحين طرحين گلن سان ڪلرفل بنائي معطر ڪري ڇڏيو هو...

چيائين فرقيوارنه يا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي مسئلي تي هو ڪنهن حد تائين ٿياسافسٽ ٿي ڪري سوچيندو هو... يعني ڪنهن به مذهب سان نفرت نه. شخصي زندگيءَ جي عمل ۾ هو نه قدامت پسند هو نه رجعت پسند. روزمره جي زندگيءَ ڏانهن هن جو رويو نهايت روشن خيال شخص وارو هو. ان کانسواءِ ويشنو پڻ هو، جو کائڻ ۾ گوشت ۽ ٻيو اهڙيون شيون واپرائڻ کان مڪمل پرهيز ڪندو هو يعني ويجيٽيرئن هو. پر محرم جي مهيني ۾ مون هن کي امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي سوڳ ۾ ٽيجهي تائين ڪارن ڪپڙن ۾ ۽ سينه زني ڪندي به ڏٺو هو. هو سوزخوانيءَ ۾ باقاعدي حصو وٺندو هو. سندس لکيل نوحا، سوزوسلام ۽ واقعه ڪربلا جي پس منظر ۾ لکيل ناول محبوب ڪربلا، ڇاپيل آهي ۽ اڄ به ٽنڊي ٽوڙهي وارين مجلسن ۾ سندس اهي لکڻيون محرم ۾ پڙهيون به وينديون آهن.

ادي انيتا غلام علي اتي وچ ۾ ٻڌايو ته نانا جي وفات به 3 محرم 1359هجري تي ٿي هئي ۽ مون کي ياد آهي مان پهرين محرم تي، شام جو هن جي عيادت لاءِ وئي هئس. هو چپ چاپ ستو پيو هو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن سان ڳالهيون ڪندي رهي هيس. بلڪل ئي نٿي لڳو ته هاڻي هو فقط ٻن ڏينهن جو مهمان آهي.

مون ادي انيتا کي وينتي ڪئي ته، اوهان وٽ ڪاٻي ياد هجي ته اها به ٻڌايو؟

چيائين: نانا نادرجي بنگلي سامهون ”اوم منڊلي“[13] هئي. اوم منڊليءَ جي بائونڊري وال سان ۽ گيٽ وٽ بڙ جا گهاٽا ”پراسرار وڻ بيٺل هوندا هئا... ۽ ڏينهن سڄو اڇن مقدس لباسن ۾، مٿي تي اڇي رنگ جا وڏا نيٽ جا روا پائي ڪئي پراسرار عورتون، ان منڊليءَ ۾ اينديون وينديون رهنديون هيون ۽ وڻن تي ويٺل ڪانگن جي ڪان ڪان جا آواز اوم منڊليءَ جي سناٽي کي ويتر ڀوائتو بڻائيندا رهندا هئا ۽ مان جڏهن به نانا وٽ ايندي هيس، اوم منڊلي جي اها پراسراريت هميشه مون کي هانٽ ڪندي هئي.

ها ادي انيتا، توهان سوير ٻڌايو پئي ته، اها محرم جي پهرين تاريخ هئي. ۽ توهان چاچا نادر جي عيادت لاءِ ويا هئا...

ها ته، مون چيو پئي ته، اها محرم جي پهرين تاريخ هئي. مان شام جو هن وٽ وئي هئس. ان ڏينهن هن کي ڪارو سنهو لان جو پهراڻ ۽ ڪارو پاجامو پاتل هو. مون ڏٺو پئي ته صرف ڪجهه ڏينهن جي بيماريءَ سبب، هو ڪافي نحيف ٿي ويو هو. ڪاري پهراڻ مان هن جو اڇو بدن ۽ سفيد سهڻو چهرو بلڪل پيلاڻ مائل ٿي ويو هو. مختصر بيماريءَ، مون ڌٺو ته، هن کي بنهه مختصر بنائي ڇڏيو هو.

اتي بيبيءَ پنهنجي ڇڏيل اڌوري ڳالهه جو سرو ٻيهر پڪڙيندي ٻڌايو: مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر اينڪر، بابا جو معالج هو. هن کي جگر جي تڪليف هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڇاڪاڻ ته، اينٽي بائٽڪ ڪونه هئي، ان ڪري نهايت جلد هن جولور برسٽ ٿي ويو ۽ زهر بدن ۾ پکڙجڻ سبب هو نه بچي سگهيو. مون کي ياد آهي، وفات کانپوءِ نصير، بابا کي جڏهن غسل لاءِ نيو ويو، ان وقت به هو ڪارن ڪپڙن ۾ هو ۽ جڏهن وصيت مطابق بلند شاهه حيدرآباد واري مقام ۾ دفن ڪرڻ لاءِ هن جو جسد خاڪي حيدرآباد نيو ويو تڏهن به ٽنڊي ٺوڙهي جي گهرن ۾ محرم جي ڪري کٽون اونڌيون، پينگها لٿل ۽ تڏو اڳ ئي وڇايل هو. عورتون، ٻار، نوجوان ۽ بزرگ سڀ ڪارن ڪپڙن جي ڪنٽينيوٽيءَ ۾ هئا. نادر بيگ جي وفات جو ڏک هر دل ۾ موجود هوندو، پر آه و بقاياگريه و زاريءَ جي اجازت نه هئي، جو، محرم ۾ امام صاحب جي سوڳ ۾ هجڻ ڪري پنهنجي عام ۾ روئڻ جائز ڪونهي. باب قليچ آڏو ڪنهن شيعه مولانا هن جي جنازي نماز پڙهائي هئي. پنهنجي عظيم پيءَ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي بلڪل پيرانديءَ کان، جڏهن کيس تربت ۾ لاٿو ويو ته، باقائده شيعه روايت مطابق تلقين به پڙهي وئي ۽ جڏهن قبر پڪي ٿي ته، سربستو ڪلمو علي ولي الله کان بلا فصل تائين هن سيراندي کان لکيو ويو. پيراندي کان لکيو ويو: نادر بيگ مرزا وفات 12 فيبروري تي 1940ع بمطابق 3 محرم 1359هه عمر 49 سال. ۽ ادي بيبيءَ گلوگير ٿيندي ٻڌايو پئي... بابا، ڇا ڇڏيو پٺيان!؟ لاتعداد لکڻيون، ڪجهه ناول، افسانا، شاعري، پنهنجي هٿ جو هنر... پنج ٻار، هڪ ڌيءَ يعني مان چار پٽ زاهد، ذاڪر، ضامن، زائر ۽ طلاق يافته زال... ان کانسواءِ نه گهر نه گهاٽ، نه بئنڪ بئلينس نه زمين. ادي بيبيءَ اکيون اگهي رومال واپس پرس ۾ رکندي چيو: نصير! اها هئي زندگي ويچاري بابا جي...

ادي بيبيءَ جو بيان جاري هو ۽ ائينءَ ڪندي اوچتو سلويسٽرا پليٽ ۾ پيالو ۽ پيالي ۾ دکيل گلال ٽانڊو کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي، ۽ پهرين ادي انيتا جي اڳيان اڀي ٿي بهي رهي. مون ڌٺو، ادي انيتا، پليٽ مان ڪنهن شيءِ جي چپٽي ڀري ٽانڊي مٿان ٻرڪي. اهوئي عمل ادي بيبيءَ به دهرايو. سندس پيرويءَ ۾ مون ۽ طارق عالم به ان ايڪٽوٽيءَ ۾ حصو ورتو، ۽ اک ڇنڀ ۾ مون محسوس ڪيو ته مغرب جي ٻانگن سان گڏ لوبان جهڙي خوشبو سان سمورو ڪمرو مهڪڻ لڳو هو. ادي بيبيءَ منهنجي تجسس کي واچ ڪندي پاڻ وضاحت ڪئي ته، ورهين کان اها اسان جي روايت آهي ته روز شام جو ڪمرن ۾ لوبان جو واس ڏئي ڇڏيندا آهيون.

ڇو؟ مون پڇيو!

ان ڪري جئن مڇر وغيره نه اچن ۽ ڪمرو به معطر رهي. وڏي ڳالهه ته لوبان جي خوشبو مون کي وڻندي به آهي.

مون کلندي چيو... ڇو نه ادي. پراسرار روح لوبان جي ئي خوشبو کي پسند ڪندا آهن. تڏهن ادي بيبي منهنجي جملي کي Enjoy ڪندي کلي پئي هئي. کلندي ادي بيبيءَ يعني چاچا نادر بيگ جي آخري اکين ڏٺي گواهه، جي چوهتر ساله پراڻي، پر وڻندڙ چهري ڏانهن ڏسي مون سوچيو: پيري به ڪن ڪن عورتن تي ڪيڏو نه ٺهندي آهي. ادي بيبيءَ کي اوچتو خوش گوار موڊ ۾ ڏسي مون چيو، ڪيڏو نه سٺو ٿئي جي اوهان مون کي نشانيءَ طور پنهنجو هڪ عدد فوٽو ۽ يادگار طور آٽوگراف ڏيو.

ڪجهه سوچي... ڊائري وٺي ان تي ڪجهه لکي سگنيچر ڪري ڊائري موٽائيندي چيائين، آئوٽ ڊيٽيڊ چهري جي تصوير کي ڇا ڪندين نصير!...Leave it Baba هيءَ دنيا ڪم عمر ۽ تروتازه چهرن ۽ انرجيٽڪ ماڻهن سان ڀري پئي آهي. اسان ته وڃڻ وارا مسافر ۽ ٿڪل مهانڊن وارا چهرا آهيون. ڪوئي ڇا ڌسي ڪندو اسان جي تصوير کي ...؟

هوءَ اوچتو پنهنجي لڏڻي ڪرسيءَ تان اٿي، سامهون ڪٻٽ ڏانهن وئي ۽ پراڻي يُگ جي ڊائري ۽ تصويرن جو البم ساڻ کڻي واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. نهايت آهستگيءَ سان هن هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ مان هڪ ڊائري ۽ فوٽو ڪڍيا.

اتاولائي سان مون جڏهن ڊائري ڏانهن به هٿ وڌايو ته چيائين نه نه ان کي ڏيکارڻ جي وصيت ۽ اجازت ڪانهي.

ڇو ڪانهي، مون پڇيو. چيائين: ان ۾ ڪجهه انتهائي ذاتي قسم جي فيملي سيڪريٽس آهن... ۽ چاچا  نادر بيگ جي ذاتي ڊائري هٿ ڊگهير جي فاصلي تي موجود هوندي به ڪيڏو نه ظلم هو جو، مان ان کي ڏسي نٿي سگهيس. منهنجي بي حد اصرار تي جڏهن ادي بيبيءَ پري کان چاچا نادر بيگ جا هٿ اکر ۽ هڪ عدد قلم ڏيکاريو ته، انهن شين مان ڄڻ، هن جي هٿن، وجود ۽ ان زماني جي خوشبو، ائين نڪرڻ لڳي، جئن برسات ۾ ڀڄندي نيلام جي پراڻن ڪوٽن مان ڪائي خوشبو اوچتو نڪري، نروار ٿي انهن ماڻهن جي ياد ڏياريندي آهي جن ڪڏهن انهن کي پاتو هوندو آهي. تڏهن چاچا نادر بيگ جي انهن شين کي ڇهڻ لاءِ ۽ ڏسڻ لاءِ منهنجي اندر جي اڻ تڻ، ويتر ٻيڻي ٽيڻي ٿيندي وئي. انهن تصويرن مان آنٽي گريسيءَ سان، شاديءَ جي صرف پنجين ڏينهن گڏ نڪتل تصوير ڏسي [14] ادي بيبيءَ کان پڇيم، چاچا نادر بيگ وفات وقت آنٽي ڪٿي هئي؟

چيائين امان پنهنجي پٽ ضامن وٽ پنچ ڪني، انڊيا ۾ هئي. ضامن اتي پاڻيءَ جي جهازن تي جاب ڪندو هو. ان کان پوءِ ضامن جڏهن لنڊن جي شهر هئرو، شفٽ ٿيو ته، امان به ان سان گڏ اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي... بابا جي وفات مون کان سواءِ امان سوڌو، بابا جي اولاد مان هتي ڪوبه موجود ڪونه هو.

ها نصير... هڪ اهم ڳالهه مون توکي ٻڌائي الائي نه ادي بيبي ڪجهه سوچيندي مون کان پڇيو.

مون چيو: الائي ڪهڙي ڳالهه ادي؟

چيائين: باوجود قانوني عليحدگي اختيار ڪرڻ جي... امان ۽ بابا جي هڪ ٻئي کان سواءِ سرندي ڪانه هئي[15]. مان سمجهان ٿي ته، هنن بي شڪ، عليحده ٿيڻ جو جذباتي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پر ذهني طرح، هڪ ٻئي کان هو عليحده نه ٿي سگهيا هئا. ان جو ثبوت هي آهي ته، امان بابا سان ملڻ لاءِ ۽ بابا اسان ۽ امان لاءِ ماما سڊنيءَ جي گهر باقاعدي ايندو رهندو هو. نه فقط ايندو رهندو. پر هو باقاعدي هڪ ٻئي سان ملندا ۽ کلندا ۽ ڪچهريون به ڪندا رهندا هئا.... ۽ امان ته، ڪڏهن ڪڏهن کلندي کلندي بابا کي چوندي هئي:

Nadir, you are so much better as friend than you were as husband.

مون چيو: ادي ٻڌو اٿئون، اوهان جي والده ته مسلمان هوندي به ڪرسچنس وارو عقيدو اختيار ڪيو هو. اوهان ڇا آهيو؟ بابا مان آهيان لاهوت لامڪان، نه سني نه شيعه. نه پارسي نه ڪرسچن، ... ادي بيبي کلندي چيو... مون ته بابا وصيت ڪري ڇڏي آهي ته ڪهڙي به مذهب جو مون کي سمجهو، پر پورجو بلند شاهه واري قبرستان ۾... جتي بابا ۽ ڏاڏا ستو پيو آهي. مان مري انهن سان وڃي ملڻ ٿي چاهيان، وفات کان پوءِ.

مون چيو: ڇا توهان کي بلڪل يقين آهي ته، توهان وفات کان پوءِ انهن سان وڃي گڏجندو؟

اهي ڳالهيون سوچڻ بي معنيٰ آهن نصير! ادي بيبيءَ جو آواز هاڻي انڊرٽون هو، چيائين، هو ته، ويا ماضيءَ ۾... ڏاڏا قليچ، بابا نادر، ماما سڊني، امان گريسي، جسٽس فيروز نانا... سڀني جا روح ويا الائي ڪيڏانهن... شايد عالمِ ارواح ۾. تون پڇين ٿو ته مان مرڻ کان پوءِ انهن سان وڃي گڏبيس؟ يا مان چوان ٿي، ڪهڙو ٿو فرق پوي هنن کي ته مان هنن سان وڃي گڏجندس يا نه ...  پوءِ ڇت ڏانهن ڏسندي چيائين. خدا ڄاڻي هنن جا روح ڪٿي آهن به يا... الائي نه، !

هوءَ جنهن پنهجي زندگي ۽ وصيت بابت مون سان ڳالهيون ڪيون پئي اوچتو پڇيائين... بابا جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جا ڪهڙا حال آهن بابا؟

مون ڄاتو ٿي ته، هوءَ جا سڄي دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسي چڪي هئي، پٺين ويهن پنجويهن سالن کان پنهنجي پيءَ جي ڳوٺ ڏانهن لڙي به ڪانه هئي ۽ هاڻي صرف وفات کان پوءِ پورجڻ لاءِ هن اچڻ چاهيو ٿي... مون هن کي گوش گذار ڪيو ته... زمانو ڏاڍي تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. گهرن جا نقشا، گهٽين جا رخ هاڻي ٻيا آهن. نسل وڌڻ ڪري اڱڻ سوڙها ۽ جائيداد جي ورهاڱي سبب اڪثر اندر ميرا ٿي چڪا آهن اوهان جن ٻارن کي پنجويهه سال اڳ ڏٺو هو انهن جا مٿا هاڻي اڇا آهن. جن کي اڌ عمر ۾ ڇڏيو هو. انهن مان اڪثر ڪوچ نقاري جو آواز ڪنائي وڃي چڪا آهن. جيڪي موجود آهن. بيمار آهن ۽ ڳوٺ جي حالت ابتر آهي ۽ مون اکيون کڻي هن ڏانهن ڏٺو ته ادي بيبي اڪيلي آرام ڪرسيءَ تي اکيون پوريو، ريلڪس ٿي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ۽ سامهون کليل دريءَ مان ستارا، هن جي سينڌ مان رستا ٺاهي آسمان ۾ اڀري رهيا هئا.

شايد گهڻيءَ دير کان، مون سان مسلسل ڳالهيون ڪرڻ سبب هوءَ ڪافي ٿڪجي چڪي هئي. واچ ۾ ٽائيم ڏٺم: رات جا اٺ. موڪلائي، کانئس چاچا نادر بيگ جا ڪجهه فوٽو گرافس وٺي، اٿي کڙو ٿيس. هوءَ پنهنجي لڏڻي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ منهنجي پٺيان آهستي آهستي هلندي ڪار پورچ تائين اسان کي ڇڏڻ آئي. مون مڙي ڏٺو هوءَ فليٽ نمبر ٻئي جو دروازو ٻيڪڙي چپ چاپ موٽي واپس اندر وڃي رهي هئي. شايد زندگي به انهيءَ آئوٽ بيڪ جو نالو آهي، مون دل ۾ چيو، ذهين ليکڪ ۽ برلئنٽ بئريسٽر نادر بيگ مرزا جهڙي پيءَ... انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر سڊني بيگ مرزا جهڙي مامي، ۽ جسٽس فيروز نانا جهڙي هسبنڊ سان، هڪ شاندار زمانو گذارڻ کانپوءِ، هاڻي افسوس هن جو پنهنجو زمانو به، عنقريب گذرڻ وارو هو...

پٽيل ڪورٽ جا ڏاڪا لهي، آسمان ڏانهن ڏٺم. سانوري بانوري آڪاس ۾ ستارا ٿڃ پياڪ ٻار جي ٽهڪ ڏئي ٽڙي پيل ڦد- ۾ ڇڙوڇڙ ڏندن جيان لياڪا پائي رهيا هئا. آسمان تان نگاهون کسڪي، پوءِ پٽيل ڪورٽ جي بائونڊري وال ڀرسان چمپا جي اڌ روشن وڻ، ۽ هوا ۾ جهومندڙ چنبيليءَ ۽ رات جي راڻيءَ جي جهڳٽن هيٺان پيل اڪيلي سيمينٽيڊ بينچ تي کپي ويون هيم. مون ڏٺو، ان بينچ تي چاچا نادر بيگ لان جي اڇي پهراڻ ۽ پاپلين جي اجري پاجامي ۾ ملبوس، ٽنگ تي ٽنگ رکي، چمپا جي پنن ۽ ٽارين وچان ڇڻي ايندڙ ستارن جي پراسرار سهائيءَ ۾، ساڄي هٿ جي ٻن اڱرين ۾ نفاست سان سگريٽ ڦٻائي، رکي رکي هلڪا هلڪا ڪش وٺي رهيو هو. مون کي سامهون کان ايندو ڏسي، خيالن جي دائري مان نڪري هڪ وار مون کي ڏٺائين ۽ سندس چپن تي مرڪ جو ٽانڊاڻو، جرڪڻ لڳو، سگريٽ جو ڦلهو ڇاڻي ڄڻ، بند چپن ۾ چيائين: مهرباني نصير... مون خواب ۾ جنهن ڪم لاءِ توکي بشارت ڏني ۽ اتساهيو... تو ان جو حق ادا ڪيو ۽ ... ۽ ان کان اڳ جو مان چاچا نادر بيگ جي آواز جي سرل ڏور جهلي هن ڏانهن وڌان ئي وڌان، سامونڊي هوا جي تکي جُهوٽي گُهلي، چنبيليءَ جي گهاٽن وارن کي ڌوڻي هڳاوَ ڦهلائي، ڄڻ اکين اڳيان خوشبوءِ جي سنهڙي چنري تاڻي ڇڏي. مون کي ائين ڀاسيو، ڄڻ اک ڇنڀ ۾، چاچا نادر بيگ چمبيليءَ جي سرهاڻ سان هيڪ ميڪ ٿي، ستارن مان ڇڻندڙ روشنيءَ ۡ ۾ سمائجي ويو آهي. مون ڏٺو، چمپا جي ٽارين مان ڪجهه گل ڇڻي، بينچ تي ان هنڌ ٽِڙي پکڙي ويا، جنهن هنڌ چاچا نادر بيگ ويٺو هو. مان بينچ ڏانهن وڌيس، جُهڪي هيٺان ٽڙيل پکڙيل چمپا گل ٻڪ ۾ چونڊي آهستگيءَ سان پنهنجي چهري جي آڏو آندا ۽ اکيون ٻوٽي، پُوري عقيدت سان چيم، ٿئنڪس فار دس ڪامپليمينٽس ڊيئر انڪل، ۽ ستارن جي ڇانوَ ۾، چمپا جا گل سگهندو، پٽيل ڪورٽ مان نڪري پنهنجي دوست طارق عالم سان ٻاهر نڪرڻ لڳس.


[1]  ياد رهي ته مرزا قليچ بيگ هي ڊرامو 1896ع ۾ ترجمو ڪيو هو. (مرتب)

[2]  ۽ ترت پوءِ ٻئي ملاقات ۾ مان هن لاءِ اهي شيون وٺي ويس.

[3] Adelaide Beatrice Moreton.

[4]  نڪاح نامو هن ڪتاب ۾ ڏسو.

[5]  نوشهري جي نوجوان ليکڪ لياقت رضويءَ ٻڌايو ته، اها لائبريري ڊهي ته، الائي ڪيئن پٽ پئي! پراڻا لاوارث لائبريري جا ڪتاب مختلف ماڻهن وٽ اڃا موجود آهن. بقول لياقت رضويءَ جي ته، ڪجهه بائينڊ ٿيل ڪتاب ان لائبريريءَ جا هن وٽ به بطور سوينئر موجود آهن.

[6]  فيروز نانا ۽ ادي بيبيءَ جي شاديءَ جو سال 1933ع، هنڌ ڪراچي.

[7]  فيروز نانا جي وفات 1976ع. دفن: ميوه شاه قبرستان، ڪراچي.

[8]  پڦي شهزاد بيگم وفات 1951ع، مدفن: بلندشاه حيدرآباد.

[9]  ان موٽر بائيڪ جي تصوير هن ڪتاب جي ابتدائي صفحن ۾ موجود آهي.

[10]  چاچا اسد بيگ راوي آهي ته، هو ٻگهلي پاڪيٽ وارا سگريٽ پيئندو هو.

[11]  نادر بيگ جي ٺاهيل هڪ ڪٻٽ جو فوٽو، هن ڪتاب ۾ ملاحظه فرمايو.

[12]  وفات سڊني بيگ مرزا 1943ع، دفن: ميوه شاهه قبرستان، ڪراچي.

[13]  اوم منڊلي، ان زماني ۾ دادا ليکجراج نالي هڪ دولت مند ڀائيبند برپا ڪئي هئي. جنهن ۾ اڪثر زالون اچي رهنديون هيون. ان منڊلي ذريعي زالن ۾ همٿ، ڇڙواڳي ۽ آزادي جو احساس ڦوڪيو ويندو هو ۽ هو کلم کلا چوڻ لڳيون هيون سڀيئي مرد، زالن جا سرپرست ٿي کين رڳو ڀوڳ ولاس ۽ ٽهل ڪرائڻ لاءِ ڪم آڻي رهيا آهن. مڙس ۽ اولاد جنجال آهن، ڇو ته اهي زالن کي غلامن وانگر ٻنڌن ۾ رکن ٿا، تنهن ڪري گهر گهستيءَ جو تياڳ ڪري اوم منڊليءَ جي گرو جي شرڻ وٺي اهي اچي اتي پناهه ماڻينديون هيون. ان منڊليءَ جي برپا ٿيڻ سان مردن ۾ مانڌاڻ مچي ويو، جو ڪئين ويچارا رلي خراب ٿيا جو زالن جي ان رويي ڪري کين نه ڏينهن جو آرام نصيب نه رات جي ننڊ. شهر ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. نيٺ مردن مڙسي ڏيکاري ڪي مقدما داخل ڪيائون، جن ۾ هارائي آيا. مجبور ٿي منڊليءَ جي جڳهه تي حملا ڪيائون، تنهن جو به زالن، سروٽن تتل تيل ۽ گوگائي مرچن سان ڪامياب مقابلو ڪيو. اخبارن وارن به ان زماني ۾ دادا ليکجراج تي ڌوڙيو وسايو ۽ ائين سنڌ ۾ اوم منڊليءَ مان مردن نجات ماڻي. (هيءَ معلومات لوڪرام ڏو ڏيجا جي ڪتاب منهنجو ملڪ، منهنجا ماڻهو، مان حاصل ڪيم. مرتب)

[14]  اها تصوير به هن ڪتاب ۾ موجود آهي.

[15]  آنٽي گريسي يعني مسز نادر بيگ مرزا، 1970ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪئي. ان کان اڳ هوءَ پنهنجي پٽ ضامن سان لنڊن جي شهر هئرو ۾ گڏ رهندي هئي. پنهنجي زمان جي ماڊرن عورت، پيريءَ ۾ سخت خفقاني ۽ وهمي ٿي پئي هئي. کيس ڪنهن نجوميءَ ٻڌايو ته، 1970ع، تنهنجي ڊيٿ جو سال آهي. هو چپ چاپ هئرو لنڊن مان ڪراچي هلي آئي ۽ سڪون سان انهي سال ئي گذاري وئي. وصيت ۽ اختيار ڪيل ڪرسچن عقيدي مطابق، کيس ڪرستانن واري گورا قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ۽ ائين موجود سندن ٻه قبرون جڻ ڪتاب زيست جا ٻه ڦاٽل ورق. هڪ ورق حيدرآباد واري بلند شاهه جي مقام ۾ عيان، ٻيو ورق ڪراچي واري گورا قبرستان ۾ نمايان. (قدرت جو اٽل قانون)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com