سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :11

 

 ڀاڄائيءَ جي آڳ

]متان منهنجي ”ڀاڄائي“ ائين سمجهي ته اڳين آکاڻيءَ ۾ سندس گهٽتائي ٿي آهي، ته هن کي وارو ڏئي ٻئي آکاڻي ۾ سرخرو ڪرڻ به ضروري ٿيو.[

]نوٽ: جن ڏينهن ۾ ڀاڄائيءَ مضمون ٿي لکيو ۽ اسان، يعني مون ۽ ادي حميد هن کي چيڙايو ۽ چريو بنايو هو، انهيءَ کي ٻه ورهيه کن گذري ويا هئا. تڏهن ڀاڄائي کي شادي ڪئي ٻارنهن مهينا مس گذريا هئا.پر تنهن کان پوءِ ٻن ورهين ۾ ڀاڄائي هوشيار ٿي وئي ۽ مضمون نويسيءَ ڀيري ستائڻ جي ڪسر ڪيئن ادي حميد مان ڪڍي ڇڏيائين، انهيءَ جي حقيقت هن ۾ آهي.[

رات اونداهي هئي. سيءُ به موچارو پئي پيو. ادي حميد ڏاڍيون رڙيون ڪيون؛ ڏاڍا ڪڙا کڙکايائين، تاڪن کي ڌڪ هنيائين؛ ايترو ته گوڙ ڪيائين جو سڄو پاڙو جاڳي پيو. پر ڀاڄائي دت ماريو پئي هئي. اهڙي ته سوڙ تاڻي ستي هئي جو ڄڻ مردن سان پئي شرط پڄائي. جاڳڻ ته جاڳڻ جي ماڳ رهيو پر پاسو به ڪونه ورايائين. ادو حميد حيران هو. هن جي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ته، هي ڪهڙي قسم جي ننڊ آهي، جو ايتري گوڙ گهمسان هوندي به اک نٿي کلي. جڏهن آواز ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو ۽ رڙيون ڪري ڪري گلوئي گهٽجي پيس ۽ در کلڻ جي باقي ڪا اميد نه رهيس ته لاچار ٿي ڏيڍيءَ کان ٻاهر نڪري آيو، ۽ نثار عليءَ جي گهر وڃڻ جو ارادو ڪيائين، جو سندس سڀني سنگتين مان اهوئي هڪڙو سنگتي هو جنهن جي گهر رات ٽڪڻ جا ڪا اميد هيس، پر بيحد پريشان حال هوس. رات جو اٽڪل هڪڙي بجي، جي مهل، سڀني رستن ۽ گهٽين ۾ ماٺ، آدم نه آدم جي زاد، ڪو پسون به نٿي ڏٺو. ڪڏهن ڪا ڪتي جي ڀونڪ يا ڪنهن چوڪيدار جي”خبردار رهو!“ جو آواز ٻڌو ٿي ته، واه، نه ته ٻيو ڪو آواز ئي ڪونه هو.

مير صاحب جي گهران موٽندي ادي حميد کي اصل خيال ئي ڪونه هوته ڪا ايتري دير ٿي وئي آهي. راڳ جو شوق ڏاڍو بڇڙو آهي. جنهن شخص کي انهيءَ جي عادت پئجيو وڃي اهو ڄڻ دين دنيا کان ويو. ”واه! واه!“ ۽ ”آفرين!“ ڪندي وقت گذريو وڃي ۽ خبر ئي ڪانه ٿي رهي ته ڪيترا لڳا آهن. رستي تي به هو پنهنجن خيالن ۾ اهڙو محو هو جو وقت جو خيال ئي ڪونه رهيس. مير صاحب جي گهران نڪري، ڪنڌ جهڪايو، ڊگها ڊگها قدم کڻندو، ۽ هڪ اڌ شعر ڀڻڪائيندو پنهنجي جاءِ تي اچي پهتو. گهر پهچڻ شرط اچي ڪنهن گهڙيال جو آواز ڪن تي پيس تڏهن اک کليس ته مار! هڪڙو به لڳي ويو آهي ۽ مير صاحب جو چوڻ ته اڃا ته سوا نو به ڪونه ٿيا آهن سو سڄو فريب هو.

نثار عليءَ جي گهر وڃڻ لاءِ ادي حميد قدم کنيوئي مس هو ته هڪڙي ڪتي اچي مٿس الر ڪئي، ۽ هو ڊڄي وري ڏيڍيءَ ۾ لڪي بيٺو ۽ ارادو ڪيائين ته سڄي رات ٻنڀي تي ويهي ڪاٽيندو؛ ڇوجو هن کي اهو به خيال آيو ته، نثار عليءَ جي گهر وڃڻ لاءِ کيس سوچڪي بازار ۽ چڪلي واري گهٽيءَ مان لنگهڻو پوندو. اتي پهرو ڏيندي ڪنهن سپاهيءَ کيس ڏسي ۽ سڃاڻي ورتو ته ڏاڍي بي عزتي ٿيندي. کڻي ڪڇندو ڪين، ته به دل ۾ ته ضرور ائين سمجهندو ته جج صاحب جو پٽ، آڌيءَ رات جو لوفرن وانگر بازاري زالن جي درن تي ٿاٻا کائيندو وتي، ٻڏي مرڻو ٿيو! خانداني شرافت جي نالي کي ٽڪو لڳي ويندو. تنهن تي پنهنجي بدن کي اوورڪوٽ سان ويڙهي سيڙهي ڏند کڙڪائيندو ٻنڀي تي ويهي رهيو. وري سگهو ئي اهو خيال دل ۾ آيس ته ٽي بجي کان پوءِ پهري وارو اتهين لنگهندو ۽ پنهنجي ديوٽي ڏيندي ضرور دستور موجب ڏيڍيءَ ۾ منهن وجهي ڏسندو ته ڪلف سلامت آهي يا نه. جي انهيءَ ڏسي ورتس ته ڏاڍي ڳالهه ٿي پوندي. انهيءَ ڪري هڪڙي ويجهي مسجد ۾ سمهڻ مناسب سمجهيائين. اها مسجد گهڻي عرصي کان ويران پئي هئي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه ڪڏهن نماز پڙهڻ ڪونه ايندو هو، جنهن ڪري ادي حميد کي خاطري هئي ته جي صبح جو ڏهين بجي تائين به ستو ته ڪو، ڏسندس ڪونه. ڏيڍيءَ کان ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن نهاري، تڪڙو تڪڙو مسجد ۾ گهڙي ويو. گلم ۽ فراسي ته غنيمت آهن، پر انهي مسجد ۾ فرش به ڪونه هو. کڏا کوٻا لڳا پيا هئا، مٽيءَ جا به مڻ پٽ تي وڇايل هئا ۽ پاريهلن به سڄي زمين تي ڪن ڪري ڇڏيو هو. پر، ”مرندو ڇا نه ڪندو“، حميد صاحب انهي بدبوءِ ۽ وٺين هاڻي جاءِ ۾ رات گذارڻ جي ارادي سان اڌڪوٽ پٽ تي وڇائي ٻيو اڌ سيءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي مٿان وڌو. پر، خدا پناه ڏئي، اهو ماڻهو جو نواڙ جي کٽن تي برف کان به اڇين چادرن تي سمهڻ جو عادي هجي، ۽ سوبه اهڙي ريت جو وهاڻي جي چئني پاسن کان چنبيلي ۽ موتئي جا گل سڄي رات خوشبوءِ نوازي ڪندا رهن، ڀلا اهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي گدلي هنڌ ننڊ ڪيئن ايندي؟ سڄي رات جاڳندي گذري وئي ۽ ڪنهن پاسي به آرام ڪونه آيس.

(2)

اگرچ سڄي رات جاڳندي گذري هيس، ته به ادو حميد صبح جو سج اڀريئ کان اڳي گهر نه ويو. سجهيس ٿي ته ايترو سوير ڪڙو ڪونه لٿو هوندو. ۽ علي الصبح وڃي در کرڪائڻ تي به دل نه ٿي وريس. شايد اٺ يا سوا اٺ لڳا هوندا، جو هن اٿي پنهنجو ڪوٽ ڇنڊيو ۽ ڪبوترن جو وٺيون ڪوٽ جي بجن کي چنبڙي پيون هيون سي پٽي ڪڍيائين، ۽ مسجد مان ڊوڙندو پنهنجي ڏيڍيءَ ۾ گهڙي ويو ته متان ڪنهن راه ويندي جي نظر مٿس پئجي وڃي. اهو به شڪر ته در کليل هو، نه ته وري رات وانگر رڙيون ڪرڻيون پونس ها. مطلب ته ادو حميد انهيءَ پريشان حال سپاهيءَ وانگر جو دشمن جي فوج کان شڪست کائي پنهنجي ڪئمپ ويندو آهي. يا انهيءَ نامراد عاشق وانگر جنهن کي سڄي رات معشوق جي ڳليءَ ۾ چڪر هڻندي، محبوب جي ڪتي جو ديدار نصيب نه ٿيو هجي، انهي اميداوار وانگر جو بي.اي جي ڊگري وٺي پوءِ به سڄي دنيا جي آفيسن ۾ نو ويڪنسي (ڪاجاءِ خالي ڪانهي) جو جواب ٻڌي ٻڌي مايوس ٿي ويو هجي؛ ادو حميد، اکيون هيٺ ڪيو، ڪنڌ جهڪائي، گهر ۾ داخل ٿيو... جيتوڻيڪ سندس چهري تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر هئا پر هيٺاهين نگاهه ۽ پيشانيءَ جي پگهر مان صاف ظاهر هو ته دل ۾ ضرور پشيمان هو. ڪاوڙ جو انداز فقط ايتري لاءِ اختيار ڪيو هيائين ته پنهنجي بيگم صاحبه کي هيسائي، ته مٿان چڙهي نه وڃيس. پر منهنجي ڀاڄائي به نيٺ ڀاڄائي آهي، اڳين زماني واري اٻوجهه، اڻ ڄاڻ نه، پر شير ڀاڄائي آهي، ۽ وري سڄي رات جا ساڙ بيٺا هئس. گهر ۾ گهڙندي ئي ادي حميد کي انهن سڱتين تي کنيائين جو ميان جا ناطقائي بند ٿي ويا.

ڀاڄائي: الله اڪبر! گهر جو خيال نيٺ ته پيو! جي هينئر به نه اچو ها ته، بهتر هو. جت سڄي رات گذاريو اُت ڏينهن به کڻي گذاريو ها. پهرين، ٻارهين، هڪڙي بجي گهر ايندا هئو ته اهائي آءٌ غنيمت سمجهندي هئس. خدا خير ڪري. پر اڄ کان وٺي سڄي رات گم رهڻ شروع ٿيو آهي. جي ائين ٿيندو رهيو ته يقيناۡ ڪيترا ڪيترا هفتا گذري ويندا ته اوهين خبر به ڪانه لهندئو ته زال ۽ ٻار مري ويا ڪي جيئرا آهن. مون کي عقل ۾ ئي نٿو اچي ته اها ڪهڙي ڪلب آهي جا سڄي رات کلي ٿي رهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا لچ لفنگا منجهس ويندا هوندا جن کي گهر وڃڻ جي اصل پرواهه ئي ڪانهي. ۽ سچ پڇو ته، مون کي انهيءَ ۾ به شڪ آهي ته، اوهين ڪنهن ڪلب ۾ ٿا وڃو. اڄ گپ چپ جا لڏون کائي آيا آهيو ڇا؟ واتان ڪي ڪڇو ته سهي. ٻڌايو ته سهي ته سڄي رات ڪنهن وٽ ٽڪيا هئو؟

ادو حميد: ڇا ٻڌايان؟ ڌوڙ؟ توکي منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪڏهن آيو به آهي جو اڄ ايندئي؟ آءٌ رات اٽڪل ساڍي نوين بجي گهر ايس. درکڙڪائي کڙڪائي سڄو پاڙو مٿي تي کڻي ڏنم پر تنهنجي اک نه کلڻي هئي ۽ نه کلي. پاڻ سج لٿي کان اڳي ئي سوڙ تاڻيو سمهيو پوين ۽ ڏوهه ڏين ٻين کي. واهه!

ڀاڄائي: ڪي خدا جي غضب ڀر به ته ڊڄو! توهين ساڍي نوين بجي آئيو يا جڏهن در پئي کڙڪايو، تڏهن صبح جي ٻانگ پي ٻڌي؟ مون کي چڱي پر خبر آهي. مون ڪلوءَ کي کير ٿي پياريو. خاصو صبح ٿي پيو هو. توهان جو کڙڪو به ٻڌم پر دل ۾ خيال ڪيم ته ايڏي مهل ڪوسي ڪوسي هنڌ مان اٿي منهنجو موچڙو ٿو در لاهي. آءٌ سڄيون سڄيون راتيون اوهان جي انتظار ۾ جاڳندي ٿي ڪاٽيان، ۽ چيم ته ڀل اوهان کي به ته خبر پوي ته اوجاڳي ڪڍڻ ۾ ڪيتري قدر تڪليف ٿي ٿئي تنهن هوندي به مون پوءِ در وڃي لاٿو پر اوهان جو پتو ئي ڪونه هو.

ادو حميد: چڱو! ته انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته تو ڄاڻي واڻي مون کي حيران پريشان ڪيو. بيشڪ! تو ۾ اهائي اميد آهي. خير، چڱي طرح دل ڀري ستائي وٺ، اسان جو به خدا مالڪ آهي.

ڀاڄائي: واه! انصاف به انصاف جهڙو ڪيو اٿو. سڄي رات چٻرن وانگر آءٌ کٽ تي ويٺي ”ٽٽرون ٽون“ ڪريان ته اهو ڪجهه به نه آهي، توهان کي انهيءَ جو خيال ئي ڪونه ٿو پوي، ته هڪڙي بدنصيب منهنجي انتظار ۾ هوندي، هل ته سويل ئي گهر هلون ته، ڀل هوءَ ويچاري به سمهي آرام ڪري. سڄي رات جاڳي جاڳي منهنجي چمڙي گسي وئي آهي ۽ اوهان کي پائيءَ جي به پرواهه ڪانهي. ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر کي سڏائي دوا درمل ڪرڻ جي ڳالهه ته پري رهي، پر ڪڏهن ايترو به ڪونه پڇيو ته شڪل جو رنگ بي رنگ ڇو ٿي ويو اٿئي، يا اکيون ڇو ڏرا ڏئي آيون اٿئي، ۽ ڇو هميشه اداس ٿي رهين. افسوس! هن سڌريل زماني ۾ جي ڪابه مصيبت آهي ته فقط زالن لاءِ، ڪنواري هوندي جيڪي سو ٿورو آرام نصيب آهي، ماءُ جي گهر جو رڌو ڇڏي مصيبتون اچيو مٿي تي ڪڙڪن. آءٌ دنيا جي سڀني ڪنوارين ڌيئين کي، ۽ خاص ڪري پنهنجي ڪلوءَ کي اهائي نصيحت ڏينديس ته، شادي اصل نه ڪن، يا شاديءَ کان اڳي مڙس کان دستاويز لکائي وٺن ته جي مڙس ٻارهين بجي کان پوءِ گهر آيو ته زال ڪڙو لاهڻ لاءِ ٻڌل نه آهي... اگرچ...“

ادو حميد: خدا جي پناه! اڄوڪي سج ۾ هي ماٺ ڪندي يا ڪندي ڪانه. نو ٿا لڳن ۽ آءُ ڏسان ٿو ته اڃا چلهه ۾ باهه ڪانه ٻري آهي. نيٺ به آءٌ ڇا کائي آفيس ويندس؟

ڀاڄائي: آءٌ ڇا ڄاڻان؟ ڄاڻي منهنجا بلا! نوڪرياڻي به رکيو ته اهڙي ڪمبخت، اهڙي نڪمي، جا وقت جي پابنديءَ جي ڪا خبر ئي، نٿي رکي. رات جو بتي ٻاريو هليو وڃي ۽ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳي ته ڪڏهن ڪانه اچي. پر ايمان جي ڳالهه ته اها آهي ته هن ويچاريءَ جو ڏوهه ئي ڪونهي. گدري کي ڏسي گدرو ٿو پچي. هوءَ سمجهي ٿي ته رئيس مون کي وقت تي اچڻ لاءِ چئي نٿو سگهي، جو هو پاڻ رات جو ٻارهين ٻارهين بجي چورن وانگر ٿو گهر اچي. جو بادشاهه پاڻ ڪاهل مزاج ٿيو سو رعيت کي چست ۽ چالاڪ ٿيڻ لاءِ ڪيئن چئي سگهندو؟ توهين روز سوير اچڻ شروع ڪريو ته هوءَ پاڻهي ئي پاڻ وقت تي ڪم ڪرڻ لڳندي.

ادو حميد: خير، اهي ته آئندي جون ڳالهيون آهن، پر ٻڌاءِ ته حال في الحال ڪهڙو انتظام ٿي ڪرين؟ مون کي دير پئي ٿئي.

ڀاڄائي: واه! اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. جي ماڻهو سڄي سڄي رات ڪلبن ۾ ٿا گذارين، انهن کي ته هوٽلن جي تيل ۾ رڌل ماني وڻندي آهي. اڄ ڪلب جي صدقي اوهين به کڻي بازار جي ماني کائجو ۽ جي کيسي ۾ پورا ٽڪا نه هجن ته ڪنهن نانوائيءَ جي هٽ تي ويهي تنور جا سوڪ ٿيل نان ويهي چٻجو. اوجاڳي ڪڍڻ کان بک سهڻ سولي آهي. جنهن جي سر تي وٺي هوندي انهيءَ کي ئي خبر پوندي.

ادو حميد: اهو خشڪ جواب ٻڌي اٿيو ۽ آفيس وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. پر، واه ڙي دل جي ڇڪ! ڀاڄائيءَ جي محبت (اُها محبت جا هرڪنهن شريف زال جي دل ۾ هوندي آهي. اهو واجب نه هو ته سندس ٻار جو پيءُ اڃايو آفيس هليو وڃي). يڪدم اٿي اسٽو ٻاري، بيدا تري ورتائين ۽ مکڻ جا ٽوسٽ سيڪي چانهه سان گڏ هن جي سامهون اچي رکيائين. خيال ڪيائين ته انهي ناشتي جي وسيلي به اڌ ڏينهن جي بک ته ٽري ويندي پوءِ ماني تيار ڪرائي ٽفن باڪس ۾ وجهي، نوڪر جي هٿان آفيس ۾ موڪلي ڏينديسانس.

(حقيقت اها آهي ته زال جي هستي پوڄڻ جي لائق آهي).

 

انقلاب

(ڪنهن پرده نشين زال جو پنهنجي مڙس ڏانهن خط)

]هي ڪنهن خيالي مسلمان پرده نشين زال جو پنهنجي مڙس ڏانهن لکيل خط آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته، مسلمان کي خبردار ڪجي ته سندن صاحبيءَ جو زمانو گذري ويو آهي ۽ جي کين پنهنجي عاقبت بچائڻي آهي ته، انهن کي زماني جي ترقيءَ موجب قدم کڻڻ گهرجي. هي خط به ”سنڌو“ رسالي ۾ اڳ ڇاپيل آهي[.

توهان کي هي خط ڏسي ضرور عجب لڳندو. پر نيٺ آءٌ به انسان آهيان، جي پٿر جي ٺهيل هجان ها ته، شايد اهو محسوس ڪري نه سگهان ها ته منهنجي سيني ۾ به ڪا دل آهي. مون کي ته اوهان قيد ۾ بندي رکيو آهي. جي سج، چنڊ، تارن ۽ خدا جي قدرت کي به اجهائي، لڪائي ڇڏيو ها ته شايد منهنجا ستل حواس جاڳن ئي ڪين ها.

توهين سمجهندو ته منهنجي دماغ ۾ خلل آهي. شايد مون کي پاڻ خبر ڪونهي ته مون کي ڇا ٿيو آهي. ڪالهه آءٌ بيحد خوش هيس. کائڻ لاءِ سڀڪي پئي مليو، اوڍڻ لاءِ سڀڪي هوم، رهڻ لاءِ عاليشان بنگلو؛ موٽرون، نوڪر چاڪر هر قسم جو آرام نصيب هوم. پر رات آءٌ پنهنجي گهر واري باغ ۾ پئي گهميس. چانڊوڪي رات هئي، چنڊ جي ڦڪي ڦڪي روشني، گلن جي خوشبوءِ انهيءَ تي ڪنهن ڪٿي. بانسليءَ تي هڪڙو سُر وڄائڻ شروع ڪيو. خدا ڄاڻي مون کي ڇا ٿي پيو؛ منهنجي اکين اڳيان ڄڻ ته ڪو پردو کڄي ويو ۽ مون يڪدم محسوس ڪيو ته منهنجي زندگي ڪيتري قدر خالي آهي. اهي پنج سال جي مون اوهان سان گهاريا آهن سي منهنجين اکين اڳيان گذريا. آءٌ سترهن ورهين جي هيس جڏهن منهنجي اوهان سان شادي ڪرايائون. امان ۽ بابي مون کان ڪونه پڇيو ته آءٌ اوهان سان شادي ڪرڻ گهران ٿي يا نه. بس، منهنجي مڱڻي ڪري ڇڏيائون. ماڻهن چيو ته ڇوڪري ڏاڍي بختاور، ڀاڳن واري آهي، ڪهڙو چڱو گهوٽ مليو اٿس: حسين، تعليم يافته، جوان، وڏو گهراڻو. هيءَ چڱي خاندان ۾ ويندي جتي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ڪانهي. مون کي خبر ئي ڪانه هئي ته، شادي ڇا ٿيندي آهي. اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين کي زندگيءَ کان بيخبر رکڻ جي هر طرح ڪوشش رهندي آهي. خير! آءٌ اوهان جي ڪنوار ٿيس، ۽ زندگيءَ جا راز منهنجي اڳيان کلڻ لڳا. بس پوءِ اهي پنج سال شروع ٿيا، جن ۾ منهنجي روح کي نپوڙي ساهه ڪڍڻ جي ڪوشش باقي نه رهي. پر انهيءَ کان آءٌ اصل اڻ واقف هيس... ڪالهه را ت تائين.

توهين صبح جو ننڊ مان اٿو، جلدي جلدي ڪپڙا پائي پڇو ته ناشتو تيار آهي؟ پوءِ آفيس هليا وڃو. چئين بجي واپس اچو، چانهه پيو ۽ ٽينس جا ڪپڙا ڪري ڪلب ڏي رخ ڏئي هليا وڃو. رات جي ماني به اڪثر ٻاهر کائو، پوءِ ڪنهن ناٽڪ يا سنيما تي هليا وڃو؛ رات جو ڏيڍ ٻين بجي مانيءَ کان پوءِ حڪم ٿئي ته بس، ڪو گوڙ نه ڪري مون کي آفيس جو ڪم آهي. منهنجي حق ۾ ڏينهن پهاڙ، راتيون سڃ، ڪيترائي ڀيرا دل ۾ اچيم ته ويهي روئان، رڙيون ڪريان، ڪنهن طرح وقت کي جلدي جلدي گذاري ڇڏيان. ڪڏهن ڪتابن سان دل وندرايان، ڪڏهن سبان ڀريان، ڪڏهن گهر جو ڪم ڪريان. پر پڙهندي پڙهندي، سبندي سبندي اکين ۾ سور پئجيو وڃي، گهر جي ڪم ۾ به هاڻي دل نه ٿي لڳي. شايد جي اوهين اهڙا وڏا ماڻهو نه هجو ها، مون لاءِ نوڪر چاڪر ڪين هجن ها، ماني خود رڌڻي پويم ها، ٻهاري خود ڪڍڻي پويم ها، ته منهنجي دل ڪم ۾ رڌل رهي ها. پر هاڻ ته حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽڻ ئي دشوار ٿي پيا آهن. قسمت مون کي انهي هڪڙي خوشيءَ کان نه محروم رکيو آهي جا اڪثر زالن کي نصيب ٿي ٿئي. مون کي ڪو ٻار ڪونهي. ڪالهه تائين انهيءَ ڳالهه تي مون پهر جا پهر ويهي ڳوڙها ڳاڙيا آهن. پر اڄ آءٌ خوش آهيان... ها، خوش! جو اهي زنجير به منهنجن پيرن ۾ پيل نه آهن ۽ آءُ آزاد آهيان!

ائين به نه آهي ته اوهان جي مون سان محبت ڪانهي. اوهين مون کي ڀانيو به ٿا. منهنجي آرام جو هر وقت خيال ٿا ڪريو. پر ائين جيئن اوهين پنهنجي گهوڙي يا پنهنجي ڪتي جي آرام جو خيال ڪريو. شايد انهيءَ کان ٿورو وڌيڪ. پر توهان کي ڪڏهن به اهو خيال نٿو اچي ته مون ۾ به ڪو روح آهي. جي روشني ۽ هوا خوريءَ لاءِ ڪڏهن ٻاهر به وڃڻ ٿي گهران ته بند موٽڻ ۾ وڃڻو ٿو پويم. ڪڏهن پردي واري باڪس ۾ ويهي سنيما کنيون ڏسان، تڏهن به اوهان جي اهائي هدايت ٿيندي آهي ته اهڙيون شيون گهڻو نه ڏسڻ گهرجن. ٻه ٽي ساهيليون اٿم، ڪڏهن انهن جي گهر هلي وڃان. پر روز روز ڪير ڪنهن جي گهر ويندو. توهين کڻي ٻڌايو ته، منهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙو لطف آهي. ڇا مون کي اوهان سان محبت ڪانهي؟ شايد هجي به. پنج سال گڏ رهيا آهيون. گڏ رهڻ ڪري هڪڙي قسم جي محبت به پيدا ٿيو وڃي. تنهن کان سواءِ هندوستان جي زال، مڙس جي محبت پاڻ تي فرض ڪري ٿي سمجهي. پر مون کي ڪهڙي خبر ته محبت ڇا ٿيندي آهي. آءٌ ته رڳو پنهنجن ڀائرن، سوٽن، چاچن ۽ مامن کي سڃاڻندي هيس، جڏهن منهنجي اوهان سان شادي ٿي. مردن جي محبت هندوستان جي زالن لاءِ بري ليکبي آهي، پر زالن جي محبت هندوستان جي مردن لاءِ بري نه ٿي ليکجڻ ۾ اچي. توهين روز ڪيترين زالن ۽ ڇوڪرين سان اٿو ويهو ٿا، ڳالهايو ٿا، ۽ اسان کي اندر بند ڪري ويهاريو اٿو. ڇا؟ اسان جي دل ڪانه چوندي هوندي ته اسين به ٻين سان رلون، ملون، کلون ڳالهايون ۽ خيال ونڊيون؟

توهين هي پڙهي پڙهي حيران پيا ٿيندا هوندئو ته هي خيال منهنجي دل ۾ آيا ڪيئن؟ اڄ تائين مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. ڪالهه تائين اهڙا خيال منهنجي دل ۾ هيائي ڪين. پر رات... انهيءَ بانسليءَ جي سر منهنجي ستل دل ۾ عجيب درد پيدا ڪري ڇڏيو. مون کي هتي هر طرح جو آرام آهي... پر هاڻ مون کي آرام کپي ئي ڪونه. مون کي زندگي کپي... ها، زندگي، جنهن ۾ مشڪلاتون هجن، جنهن ۾ ڪشالا هجن، جنهن ۾ ڪوشش هجي، جنهن ۾ انقلاب هجي.

انهيءَ ڪري، ۽ فقط انهيءَ ڪري آءٌ اڄ رات اوهان کي ڇڏيو ٿي وڃان، توهين ڇرڪجي ويندئو. توهان جو اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون ٿي وينديون پوءِ اوهين ضرور سمجهندئو ته مون اوهان سان چرچو ڪيو آهي ۽ آءٌ فقط پيڪن گهر ٿي وڃان. پر هي سچ آهي... بلڪل سچ!

شايد خيالن جي انهيءَ هجوم جو، جي ڪلهه رات اوچتو اچي مون تي ٽٽا، شروعات انهيءَ ڏينهن کان ٿي، جنهن ڏينهن پنهنجي ڪم لاءِ اوهان هڪ ٽائپسٽ سڏائي. هوءَ به هڪ جوان ڇوڪري آهي... مون جهڙي... پر ڪهڙي نه آزاد! مون هن سان ويهي ڳالهيون ڪيون. هوءَ خوش هئي، مون کان وڌيڪ خوش. جيتوڻيڪ هن وٽ موٽرون ڪين آهن، نوڪر ڪين اٿس ۽ هوءَ هڪڙي ننڍڙي فلئٽ ۾ پنهنجي ساهيليءَ سان گڏ ٿي رهي پر هو ٻئي سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم تي وڃن ۽ شام جو، دل وندرائڻ لاءِ گڏجي ڪيڏانهن ٻاهر نڪريو وڃن. پنهنجو ڪمائين پنهنجو کائين. نه مٿن ڪنهن جو حڪم هلي نه مٿن ڪنهن جي روڪ ٿئي. پنهنجي زندگيءَ جون مالڪياڻيون پاڻ، پنهنجي نفس جون پاڻ مختار! مون کي ته اوهان، ۽ اوهان کان اڳي منهنجي ماءُ هڪڙو رانديڪو ڪري پئي هلايو. منهنجو دماغ ۽ منهنجو روح ترقيءَ کان ناواقف آهي. زندگي کان اوهين مون کي پري پري رکندا اچو. شايد جي اوهين مون کي پنهنجي سچي رفيق ڪري سمجهو ها ته ائين نه ٿئي ها، پر اوهين ته پنهنجي خيالن ۽ پنهنجي ڪم بابت ڪڏهن مون سان ڳالهه به ڪانه ڪريو. جي ڪڏهن ڪنهن زماني جي ڳالهه تان پنهنجو کڻي بحث هليو به هوندو ۽ مون اوهان جي راءِ سان شامل راءِ نه ٿيڻ جي ڪئي هوندي ته اوهان بگڙي جواب ڏنو هوندو ته زالن کي اهڙين ڳالهين سان واسطو ڪهڙو.

مسٽر ۽ مسز ڪوپر به اسان جا پاڙيسري آهن. سڀ ئي ڪم زال مڙس گڏجي ڪن. شام جو گڏجي ٽينس راند ڪن، رات جو گڏجي ٻاهر وڃن، آخر به ته پڙهيل ڳڙهيل هيس. جي اوهان کي پنهنجي زال کي بند ۾ ئي رکڻو هوته، ڪنهن اڻ پڙهيل سان کڻي شادي ڪريو ها، ۽ جي مون سان اوهان جي قسمت لکيل هئي ته اهو پردو ۽ اها بندش دور ڪري ڇڏيو ها. پر هاڻ آءٌ خوش آهيان ته اوهان مون کي اها ٿوري آزاديءَ جي ڀيتي ڏيئي ٺڳاري نه ڇڏيو. هاڻ آءٌ اوهان جي احسانن کان آزاد آهيان ۽ پوري آزادگي حاصل ڪري ٿي سگهان.

ماڻهو مون کي ئي برو چوندا. طرحين طرحين جون ڳالهيون ڪندا. تعليم جي به گلا ڪندا. ها آءٌ به ائين ٿي چوان ته ڇوڪرين کي جي پس پيش به، قيد ۾ رکڻو آهي ته، انهن کي تعليم ڏيڻ ئي چوڪ آهي ۽ هو پنهنجا زنجير محسوس ڪري نٿا سگهن. منهنجن مائٽن کي به ڏک ٿيندو. پر توهان جي ماءُ جي دل جي مراد پوري ٿيندي. نئين ننهن ايندي ۽ خدا اوهان کي اولاد نصيب ڪندو. مون کي ماڻهن جي ڳالهين ۽ گلا جي پرواهه ڪانهي. سڄي عمر انهن ڳالهين جي پرواهه رکي رکي ڏک سهڻ بيوقوفن جو ڪم آهي. پنهنجي ماءُ پيءُ جي رنجش جو البت خيال ٿئيم ٿو پر هاڻ اوهان سان رهڻ ۾ مون کي ڏک کان سواءِ ٻيو ڪي به حاصل ٿيڻو ڪونهي. سو انهن کي مون کي اهڙو ڏکيو ڏسي به ضرور رنج ٿيندو. ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. آءٌ اهائي اميد ٿي رکان ته اهو به ڪو ڏينهن ايندو جو هو سمجهندا ته آءٌ هينئر جيڪي ٿي ڪريان اهو چڱو ٿي ڪريان. ها، ڪڏهن ته دنيا ۾ زالن سان به نيٺ انصاف ٿيندو!

توهين مون کي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجو. جڏهن، ٻن ڏينهن کان پوءِ اوهين سملي کان موٽي ايندو ته آءٌ هتان گهڻو پري هونديس. مون سان گڏ اها ٽائپسٽ هوندي، ها، اوهان وڏي چوڪ اها ئي ڪئي جو پنهنجي پڃري ۾ بنديل پکيءَ کي آزاد پکيءَ سان ملڻ ڏنو. اڄ صبح جو هوءَ مون وٽ آئي هئي ۽ اڄ شام جو اسين ٻئي هتان پري ڪنهن ٻئي شهر، ڪنهن نئين دنيا ڏي منهن ڏئي هليون وينديون سين. آءٌ فقط اهي زيور ۽ ڪپڙا پاڻ سان کنيو ٿي وڃان جي منهنجي ماءُ پيءُ مون کي ڏاج ۾ ڏنا هئا. توهان جيڪي شيون مون کي ڏنيون سي هتي ڇڏي ٿي وڃان.

ڪالهه تائين مون کي اهو وهم ۽ گمان ڪونه هو ته، اڄ رات آءٌ اوهان کي ڇڏي وينديس. پر چانڊوڪي رات ۽ بانسليءَ جي لئه مون تي ڪو جادو هلائي ڇڏيو، ۽ انهن خيالن کي جي مدت کان منهنجي دماغ جي اهڙي ڪنڊ ۾ پوريل هئا جو مون کان به لڪل هئا، آزاد ڪري ڇڏيو. آءٌ زندگي جي تلاش ۾ پئي وڃان. آءٌ به هڪڙي عورت ٿيڻ ٿي چاهيان، نه اوهان جو رانديڪو. بهتر ائين آهي ته، اوهين مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو. خدا حافظ! جي اوهين ٻي شادي ڪريو ته اها سنڀال رکجو ته، اوهان جي بند بلبل، ڪنهن آزاد بلبل سان نه گڏجي ۽ چانڊوڪيءَ رات ۽ کلي هوا کان به هن کي پرهيز ڪرائجو.

 

زاهده

محبت جو معجزو

]هيءَ آکاڻي پڙهي مڪليءَ وڃجو نه، نه ته منهنجي ٺڳي ظاهر ٿي پوندي، جو اتي نڪي آهن اهڙيون قبرون نه اهڙا نالا، نه آءٌ ڪڏهن مڪليءَ ويو ئي آهيان.[

 

هي ڳالهه جا آءٌ لکڻ وارو آهيان سا ڪيتري قدر سچي آهي انهيءَ جي هام آءٌ ڀري نٿو سگهان. انهيءَ جي تصديق تاريخ دانن کان ملي سگهندي جن جهونيءَ سنڌ جي تاريخ جو اڀياس ڪيو هجي. پر اها ڳالهه منهنجي ڌيان تي ڪيئن آئي انهيءَ جي مختصر، حيرت انگيز حقيقت هن ريت آهي.

اٽڪل ٽي مهينا ٿيا ته آءٌ ڪنهن ڪيس سان ٺٽي ويو هوس. رهڻو ته اتي سڄو ڏينهن هوس، پر وڃڻ سان پتو پيم ته هڪڙو جوابدار بيمار ٿي پيو آهي جنهن ڪري ڪيس ڪونه هلندو. انهيءَ حالت ۾ صبح جو ساڍي اٺين ڌاري ڪيس رکائي، ٻي تاريخ وٺي، ساڳيءَ موٽر ۾ پٺتي موٽيس ۽ خيال ڪيم ته شام جو سڌو حيدرآباد وڃڻ جي بدران ڪوئيٽا ميل ۾ وڃي ڪراچيءَ جو چڪر هڻي وري رات واري گاڏيءَ ۾ موٽندس. پر ڪوئيٽا ميل جي اچڻ ۾ به اڃا چار پنج ڪلاڪ پيا هئا، تنهن ڪري، واٽ تي، جڏهن ڏسندو  مڪليءَ جي بنگلي تي پهتس ته خيال ڪيم ته هاڻ جو قسمت سان وقت بچي پيو اٿم ته مڪليءَ جو مقام به ڏسندو وڃان، جو انهي مقام جون گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيم. اڃا سج تتو ڪونه هو ۽ تنهن کان سواءِ آسمان بادل سان ڇانيو پيو هو، ٿڌي هوا پي لڳي، تنهن ڪري موٽر سڙڪ تي ڇڏي، آءٌ پنڌ ڪندو مقام ۾ ڪاهي پيس ۽ ائين، جهونيون جهونيون قبرون، مقبرا ۽ قبا ڏسندو ڏسندو شايد ڏيڍ ميل کن پنڌ ڪري ويس جنهن ۾ مون کي ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳي ويو. پر اوڏيءَ مهل اوچتوئي اوچتو ڪارا ڪڪر چڙهي آيا، بادل گرجڻ لڳو ۽ جهٽ ۾ زور جو مينهن به وسڻ لڳو. آسمان جي نموني مان ائين ٿي لڳو ته مينهن اڌ منو ڪلاڪ مس جٽاءُ ڪندو، تنهن کان پناهه وٺڻ جي ارادي سان هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳس. اتي وڻ ٽڻ ته هوئي ڪونه پر ٿوري پنڌ تي هڪڙي پٿر جي ڇٽي هئي، جنهن جي هيٺان ٻه پٿر جون قبرون نظر پي آيون. آءٌ انهي ڇٽيءَ ڏي ڊوڙيس ۽ قبرن جي پيراندي کان، رومال سان پٽ ڇنڊي، ڇٽيءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي، پٿرن جي فرش تي ٽنگون ڊگهيري ويهي رهيس. قبرن جي پيرانديءَ کان، ٻن تختين تي ٻه نالا اڪريل هئا، هڪڙو قاسم ۽ ٻيو زليخا، بس، ٻيو نڪا تاريخ نه مهينو نه سال، فقط قاسم ۽ زليخا ۽ هيٺان، تمام سنهن اکرن ۾ ڪاتب جونالو اڪريل هو ”محمد“. قدرتاً مون کي دل ۾ خيال آيو ته اهي قاسم ۽ زليخا الهجي ڪير هئا ۽ انهيءَ زماني ۾ الهجي ڪهڙا ڪهڙا تجربا ڪيا هوندائون. انهن خيالن ۾ ئي هوس ته ڪجهه ٿڪ جي ڪري جو آءُ پنڌ تي گهڻو هريل نه آهيان، ته ڪجهه مينهن جي ٿڌي هير جي ڪري شايد منهنجي اک لڳي وئي ۽ آءٌ خواب ڏسڻ لڳس.

ڏسان ٿو ته آءٌ ٺٽي جي شهر ۾ آهيان. پر جنهن زماني جي هيءَ ڳالهه آهي انهيءَ زماني جي ۽ اڄوڪي ٺٽي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، انهيءَ زماني ۾ ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو. نواب عيسيٰ خان جي ڏينهن ۾ ئي ٺٽو شهر هو، پر نواب جاني بيگ جي صاحبيءَ ۾ ته ٺٽو ڄڻ هڪڙي بهشت جي ڪنڊ هو. انهي شهر جي هڪڙي گلزار محلي جي مسجد ۾ هڪڙو بزرگ پير، محمد، امام هو. ننڍپڻ کان انهيءَ تي مذهبي رنگ چڙهيل هو. دين جي خدمت ۾ ئي هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي هئي، دنيوي جهڳڙي کان هو دور هو، ۽ نماز ۽ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ئي عشق هو. صبح جي نماز ٿي چڪي هئي، اڀرندڙ سج جي ترورن سڄي شهر تي سونو پاڻي چاڙهي ڇڏيو هو. سڄي رات جي سيءَ کان پوءِ سج جو تڙڪو سڀني کي وڻندو آهي. پير صاحب به مسجد جي ٻاهران ٿلهي تي پسار پي ڪيو، اڃا شهر آرام ۾ هو، گوڙ گهمسان اڃا شروع ڪونه ٿيو هو. اتان ويجهو هڪڙو مشهور نانوائڻ جو دوڪان هو جنهن جي اڳيان ڪي ٻه ٽي ڇوڪرا پي پاڻ ۾ لڙيا جهڳڙيا. ڳالهه معمولي هئي. هڪڙي چيو، ”يار ڏاڍو مزو هو سڄي رات استاد قاسم جي ڳائڻ جو آواز پي ٻڌوسين“. ٻئي چيو، ”ڪهڙو قاسم! نواب صاحب جو لاڏلو قاسم ڇا؟“ پهرئين ڇوڪري اڃا جواب ئي ڪونه ڏنو هو ته ٽئين چيو، ”ڪهڙا نه چريا آهيون قاسم هتي وري ڪٿان آيو“. بس ايتري ڳالهه تي پي ڇوڪرن جي چٽا ڀيٽي هلي. پير صاحب جو انهن ڇوڪرن ڏي ڪو خاص ڌيان به ڪونه هو، پر جڏهن بار بار قاسم جو نالو ٻڌائين تڏهن هن کي هڪڙي قسم جي بي آرامي ٿيڻ لڳي ڇو جو نواب صاحب جي مهربانيءَ سان ڪن ڏينهن کان وٺي قاسم جو نالو ٺٽي ۾ ڏاڍو مشهور ٿي ويو هو. هو نه فقط موسيقي جي علم ۾ پنهنجو ڪو ثاني ڪونه رکندو هو، پر عام ماڻهن جو اهو به خيال هو ته هن کي لاجواب حسن به حاصل هو. پير صاحب کي موسيقيءَ سان دلچسپي ڪانه هئي. هن جو خيال هو ته موسيقيءَ جو شراب سان خاص تعلق آهي.

ڇوڪرن جو جهڳڙو ختم ٿي ويو جو سگهوئي قاسم نانوائڻ جي دوڪان مان نڪتو. هن کي سڃاڻڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. هن کي ڏسڻ سان ئي پير صاحب دل ۾ خيال ڪيو، ”انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته قاسم کان وڌيڪ حسين انسان ملڻ هن جهان ۾ مشڪل آهي. مگر مون ٻڌو آهي ته هو شرابي آهي. هن جي چال مان معلوم ٿو ٿئي ته هو ڏاڍو مغرور آهي. غرور کان سندس پير ئي زمين تي نٿو کپي. يا خدا! اهڙو حسن ۽ اهڙو گناهه جو مجموعو! ڇا، آءٌ هن کي نيڪيءَ جي راهه جي تلقين ڪريان؟ پر خبر ناهي ته هو نصيحت ٻڌندو ڪي نه“، انهيءَ سوچ ويچار ۾ پير صاحب جو اکيون ڪجهه بند ٿي ويون هيون، پر وري ڇڏهن کليون ته انهن جي سامهون هڪڙو ٻيو لقاءُ آيو. سڙڪ جي ٻئي پاسي. ڀت سان لڳل ۽ نالي جي وچ ۾ هڪڙي ڳٺڙيءَ جهڙي شيءِ نظر آئي. پهرين ته انهيءَ ۾ ڪا چرپر ڪانه هئي ۽ ٻيو ته هن جو رنگ بلڪل ڀت جي رنگ جهڙو ميٽائون هو، جنهن ڪري شايد پير صاحب انهيءَ پاسي ڪوڌيان ڪونه ڏنو هو. پر قاسم جي پوءِ لڳ ڇوڪرن جي گوڙ شور انهي ڳٺڙيءَ ۾ ساهه ڦوڪي منجهس حرڪت پيدا ڪئي، ۽ ڳٺڙي چرڻ پرڻ لڳي. ڪنڌ کنيائين ته معلوم ٿيو ته هڪ زال ويٺي آهي. اها ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. اهڙا تماشا ته هميشه شهرن ۾ پيا ٿين. گناهه ۽ ثواب، ايمانداري ۽ بي ايماني، انصاف ۽ ظلم جا سيڪڙين نظارا پير صاحب ڏسي چڪو هو هن جو ڪو خاص اثر سندس دل تي ڪونه پيو هو. پر اڄ هن مصيبت ۾ گرفتار ٿيل زال کي ڏسي هن جي دل ۾ قياس آيو. انهيءَ جا ڪپڙا پراڻا ۽ ڦاٽل هئا. ڇا؟ انسان جي به ايترو زواليت ٿي سگهي  ٿي؟ پير صاحب انهي زال جي شڪل پوري طرح نه ڏسي سگهيو ڇو جو هن جو منهن ڍڪيل هو، ۽ چادر مان ٻه وڏيون وڏيون اکيون پي چلڪيون. اهي ڏسي پير صاحب جو جگر به ڏڪڻ لڳو، پر جڏهن اهو خيال آيس ته انهن اکين ڪڏهن خدا جو جلوو ڏسڻ جي ضرورت ڪانه سمجهي آهي ته هن جي دل کي سخت صدمو پهتو. مصيبت ۽ تڪليفن ڪري هن زال جو جسم سڪي رهيو هو، ۽ هوءَ هڏين جي پڃري وانگر پي لڳي. فقط هن جي وارن تي ڪو برو اثر نه پيل ٿي ڏٺو. خدا ڄاڻي ڪڏهن کان هن جي وارن جي سنڀال ڪانه ٿيل هئي، ڪي ته اڳڙين سان ٻڌل هئا ته ڪي سندس پٺيءَ تي پکڙجي ڄڻ هن جي هڏين جي پرده پوشي پي ڪئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ مهينن کان هن هٿ منهن ڌوتو ڪونهي، تنهن هوندي به سندس بدن جي ظاهر ڀاڱن مان حسن جو شعاع پي نڪتو.

انهي وچ ۾ قاسم به انهي زال تائين اچي رسيو هو، پير صاحب جي اکين ۾ اهو لقاءُ ڄڻ ڪنڊن وانگر چڀڻ لڳو. انهي ٻنهي ۾ ڪيترو فرق هو جي هڪڙي پاسي بهشت جو سک هو ته ٻئي پاسي دوزخ جي مصيبت.

جي پير صاحب پهرين انهي زال وٽ نه وڃي پهچي ها ته اهو خوبصورت جوان انهي فقيرياڻيءَ ڏي لوڻون ڦيري به ڪونه ڏسي ها. شايد صاحب جي لحاظ کان هو اتي بيهي رهيو. هن ائين ٿي سمجهيو ته مون ڪو پير صاحب تي احسان ڪري ڇڏيو آهي، جو هن جي بيهڻ جي نموني مان ائين پي لڳو. انهيءَ ڪمبخت زال کي ته مغرور حسين قاسم اهڙي نظر سان پي نهاريو ڄن هن جي ڏسڻ سان ئي هن کي نجات حاصل ٿي ويندي. اها حالت ڏسي پير صاحب جو چهرو سرخ ٿي ويو. تڏهن به قاسم کي شرم ڪونه آيو، هُن پير صاحب جي ڏسندي پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪي پئسا هن ڏکايل زال جي اڳيان اڇلايا.

فقيرياڻي به پٿر جي مورت وانگر هن جوان قاسم ڏانهن گهور ڪيو پي ڏٺو. هن نه پئسا کنيا ۽ نه فقيرن وانگر ڪا دعا ڪيائين. هن جي ڳاڙهين ڳاڙهين اکين مان باهه جون چڻگون نڪرڻ لڳيون ۽ ٿوري دير ۾ ائين معلوم ٿيو ڄڻ پاڻ به ڪچري جي ڍير ۾ پکڙجي وئي هجي. ڪکن جي ڍير مان جيئن باهه يڪدم شعلا ڪري اٿندي آهي، تئين هيءَ زال به يڪم ڪچري جي ڍير مان اٿي کڙي ٿي ۽ هڪڙو قدم اڳتي وڌي، انهي نوجوان ۽ خوبرو قاسم جي منهن تي ٿڪ ڦٽي ڪئي. پير صاحب جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. خيال ڪيائين ته، خدايا، هاڻ الهجي ڪهڙو قهرو ٿيندو!

زال جي اکين مان ڪاوڙ ۽ نفرت جي اهڙي باهه پي نڪتي جو جيڪر انهيءَ ۾ سچي پچي ڪنهن شيءِ کي جلائڻ جي طاقت هجي ها ته قاسم ڪڏهوڪو سڙي خاڪ ٿي رهي ها. هتي قاسم به هٻڪجي بيهي رهيو. هو يڪدم وير وٺي ڇڏي ها. انهيءَ لاءِ هن ۾ ڪافي طاقت هئي، پر هڪڙي لحظي لاءِ ته هن جا هوش حواس خطا ٿي رهيا هئا. پر جلدئي هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ انهي زال کان پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ تيار ٿيو.

زندگيءَ جي لالچ بڇڙي بلا آهي. زندگي ڇڏڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. هن زال ٿڪ ڦٽي ته ڪئي پر پوءِ، يڪدم هن کي هوش آيو ۽ هو ڊپ کان ٿڙڪڻ لڳي. هن جي اها حالت پير صاحب کان به لڪل نه رهي، ۽ هڪوار هن جي دل ۾ رحم جو چشمو اڀامي آيو. هو يڪدم انهي غضبناڪ شڪاريءَ ۽ ڊنل شڪار جي وچ ۾ بيهي رهيو ۽ جهٽ ۾ شڪار کي هنج ۾ کڻي مسجد ڏانهن ڀڳو. نيٺ مسجد جي ڏاڪڻ تائين پهچي، هن، ”غلام علي! غلام علي!“ جي رڙ مچائي. غلام علي سندس نوڪر هو. غلام عليءَ پنهنجي آقا ۾ نه ڪڏهن ايترو مونجهارو ڏٺو هو ۽ نه ايتري تکائي. هو حيران هو ته نيٺ ڳالهه آهي ڪهڙي. هن پير صاحب جي حڪم سان دروازو کڻي بند ڪيو. پير صاحب اڱڻ لنگهي سڄي پاسي واري ڏاڪڻ تان کڏ تي چڙهڻ لڳو ۽  کڏ تي پهچي، تمام آهستگيءَ سان پنهنجو بوجو اُس ۾ لاهي رکيو.

هتي قاسم کان ڪي به ڪين پُنو. اڃا هو پير صاحب جي پٺيان لڳڻ ۾ هو ته هتي هتي جا گهڻائي ماڻهو مڙيا ۽ انهيءَ گڙ ٻڙ جو سبب پڇڻ لڳا. قاسم کي انهن مان ئي جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيو ۽ خيال ڪيائين ته ڳالهه وڌائڻ جي هيءَ مهل نه آهي. ”ڪي ڪينهي، ڪي ڪينهي“، چوندو قاسم اتهين وڌيو.

(2)

جنهن مهل ڌڪ لڳندو آهي انهي مهل ايترو سور نٿو ٿئي. پير صاحب کي خود حيرت لڳي ته ايترو بوجو ايتري تيزيءَ سان ايترو مٿي ڪيئن کڻي آيو. ۽ ساڻ ئي ساڻ اهو به فڪر هوس ته ڪٿي قاسم پٺيان ڪونه ٿو اچي. پر ٿوري دير ۾ قاسم جي ڳڻتي ويندي رهي، تڏهن پير صاحب جي پيٽ ۾ ساهه پيو. پر جيئن ڪنهن سلامتي جي جاءِ کي رسي چورن کي چوريءَ جي مال جي جانچ ڪرڻ جي خواهش وڌي ويندي آهي، بس پير صاحب جي اهائي حالت هئي. اهو انهيءَ فڪر ۾ پي مئو ته اها جنهن کي هن موت جي چنبي مان ڇڏيو آهي، اها نيٺ آهي ڪير؟ ٿوري دير ترسي پير صاحب فرمايو، ”ڌيءَ، ڀلا تو ائين ڇوڪيو؟ تنهنجي ڪارسازي ياد ٿي پويم ته منهنجا وار اٿيو تا بيهن“.

زال خاموش رهي. پير صاحب وري چوڻ شروع ڪيو، ”جي خدا جي قدرت سان آءٌ تو تائين نه اچي پهچان ها ته، اڄ تنهنجي خون ٿيڻ ۾ ذرو شڪ ڪونه هو. اهو ضرور آهي ته تنهنجو خون ڪري نيٺ پڇتائي ها، پر تنهنجي ته حياتي ويندي رهي ها. هن لاءِ تنهنجي دل ۾ ايتري نفرت ڇو آهي. هن ضرور توسان ڪا بدسولوڪي ڪئي هوندي. تون مون کي انهيءَ کان واقف ڪين ڪنديئن؟

انهيءَ زال جو سارو جسم ڏڪي ويو. هن جواب ۾ فقط ايترو چيو، ”نه، هن منهنجو ڪو قصور ڪونه ڪيو آهي“. پير صاحب کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ چيائين، ”ته خدا جي واسطي اهوته ٻڌاءِ ته تو اها بيجا هلت ڇوڪئي؟“

زال جي دل ڀرجي آئي، معلوم ٿي ٿيو ته هن ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. هن يڪدم پنهنجي بدن تي ويڙهيل چادر هٽائي ڇڏي، ۽ وار منهن تان ڇنڊي چوڻ لڳي، ”توهين ڇا ٿا پڇو: مون هن تي ڇو ٿڪيو؟ توهين ته مسجد جا ملا نظر ٿا اچو! توهان کي حياتي جي حال جي ايتري به خبر ڪانهي؟ توهين پاڻ انهيءَ جو سبب نٿا سمجهي سگهو. جي آءٌ هن کي پيار نه ڪندي هجان ها ته... هاڻ سمجهيو ڪي نه... ته ڀلا آءٌ ڇو هن جي حسن کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪريان ها... مون کي ڪهڙي پئي هئي... توهين مون ڏي گهور ڪري ڇو پيا نهاريو؟ ڇا، اهڙي سڌي سادي ڳالهه به اوهان جي سمجهه ۾ نٿي اچي، ڏاڍا بيوقوف ٿا ڏسجو... ته عالم ٿيڻ جو دم ڇوٿا هڻو؟ ايترو به عقل ڪونهيو! ايتري نفرت جو ٻيو خاص سبب ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟ مون ورهين جا ورهيه هن جي پوڄا پي ڪئي آهي، مهينن جا مهينا بک ۽ اُڃ سٺي اٿم، ڏينهن کي ڏينهن ۽ رات کي رات نه سمجهيو اٿم. اهڙي ڪهڙي دنيا جي تڪليف هئي جا هن جي خاطر سهڻ لاءِ تيار نه هيس... ڇو ملا صاحب! هاڻ ته اوهين مون کان انهيءَ جو سبب ڪونه پڇندئو ته مون قاسم تي نواب جاني بيگ جي زينت... قاسم جي منهن تي ڇو ٿڪ ڦٽي ڪئي. مون هن تي انهيءَ ڪري ٿڪيو جو مون هن جي پوڄا ڪئي هئي، هن کي پيار ڪيو هوم، هن کي ڀانيم ٿي“.

پير صاحب اها ڳالهه ٻڌي انهيءَ زال جي شڪل تان اک به کڻي نٿي سگهيو. هن سمجيو ته هن اڻگهڙئي هيري ۾ به ڪا وڏي صفت آهي. تقرير ڪرڻ مهل هن جي چهري تي هڪڙي چلڪ اچي وئي هئي. اڄ پير صاحب کي پاڪيزگيءَ جو هڪ نئون نمونو نظر آيو، هن جي اکين ۾ چلڪ هئي ۽ انهي چلڪ ۾ سنجيدگي. حسن ته ڄڻ هن جي جسم مان ڦاٽيو پي نڪتو. پير صاحب تي انهيءَ حسن جو خاص اثر ٿيو. هن اثردار آواز سان چيو، ڳالهه برابر آهي، پر ڌيءَ، انهي قسم جي محبت، محبت نه پر چريائي چئجي“.

ايترو ٻڌندي ئي انهيءَ زال رڙ ڪري چيو، ”مون کي نصيحت نه ڪريو. ڀانيو ٿا ته آءٌ اهو نٿي سمجهان؟ ها، سمجهان ٿي ۽ اوهان کان وڌيڪ ٿي سمجهان. پر اوهين ڳالهه هرگز سمجهي ڪين سگهندو. توهان جو شمار نه عورتن ۾ آهي نه مردن ۾. توهان کي شايد انهيءَ ۾ ئي مزو ٿو اچي. توهان کي اها به ڪا خبر آهي ته اوهين ڪنهن سان پيا ڳالهايو. آءٌ جيئري نه آهيان آءٌ مرده آهيان. الله ڄاڻي ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي محبوب کي ملڻ جي سڪ ۾ هن فاني جسم ۾ دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏيو اٿم. منهنجو روح ته روحاني گلن تي شيدا آهي، پر شايد اوهان کي روحاني گلن جي خبر ئي ڪانه هوندي. آءٌ چون ٿي ۽ دعويٰ سان ٿي چوان ته روحاني گل ٿيندا آهن ۽ آهن، جو انهن تي يقين نٿو رکي هو ديوانو آهي. ڏسجو اوهين عالم ۽ ملا ٿي اهڙي ڀل نه ڪجو...“

آهستي آهستي ڪاوڙ جي باهه اجهامندي وئي. اڳڙين جي ڍير ۾ جيڪا چلڪ پيدا ٿي هئي سا غائب ٿي وئي ۽ اها زال ماٺ ڪري وري تڙڪي تي ليٽي پئي. جيئن اسپنج پاڻي کي چهيو وٺي تيئن ٿڪ به هن جي ڪاوڙ کي کائي ويو. پير صاحب ڪجهه دير تائين خاموش بيٺو رهيو. محبت جي اهڙي جيئري جاڳندي تصوير هن ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي. ويرم کن سهي هن وري چيو، ”ڌيءَ، آءٌ تنهنجي ڳالهه کي رد ڏيڻ نٿو چاهيان، پر تڏهن به ايتري چوڻ کان نٿو رهي سگهان ته محبت ڪرڻ جو انهيءَ کان به هڪڙو بهتر رستو آهي. هيءَ مسجد آهي، هتي توکي خدا جي محبت جي تعليم ملي ٿي سگهي جي تون منهنجو چيو مڃيندينءَ ته هتي تنهنجي روح کي آرام ۽ سچي خوشي حاصل ٿي ويندي“.

زال ڪو جواب ڪونه ڏنو ۽ مجبور ٿي پير صاحب غلام عليءَ کي سڏ ڪيو. اهو پنهنجي ڀڻ ڀڻ ۾ لڳو پيو هو، ”اڄ پير صاحب کي ڪهڙو اثر ٿيو آهي. زال ۽ اها به هڪڙي ڪميڻي زال کان نفرت ڪرڻ واري پير صاحب جي دل به اٿي ويئي ڇا؟ ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي. هي ته خدا جو شان آهي“. پير صاحب جي هڪل هن کي ڇرڪائي ڇڏيو. ڀڄندو وڃي کڏ تي پهتو. دل ۾ پي ڊنو ته متان منهنجي زبان مان ڪو اهڙو اڍنگو لفظ ته نڪري ڪونه ويو جو پير صاحب ٻڌي ورتو هجي...“

پير صاحب حڪم ڪيو ته، يڪدم حميده کي سڏي آءُ. اڄ هوءَ زال وٽ رهندي انهيءَ سان هن ڏکايل جي دل وندرندي. حميده کي تمام تاڪيد سان سمجهائي ڇڏجئين ته هن ڏکن جي ماريءَ کي کاڌي پيتي جي ڪا تڪليف نه ٿئي“.

غلام عليءَ ادب سان عرض ڪيو، ”جيڪو حڪم. هن کي ته ڪپڙن جي به ضرورت ٿي ڏسجي!“

پير صاحب ڌمڪي چيو، ”تنهنجو ڇا؟ آءٌ سڀ انتظام ڪندس. مون جيڪو حڪم ڏنو آهي انهيءَ جي تعميل ڪندين يا بيٺو بڪ ڪندين؟“

غلام علي ته چپ ڀيڙي ويندو رهيو. ڏاڪڻ کان هيٺ لهڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا هن جي دل ۾ خيال آيو ته، زال ته ڏاڍي حسين ۽ ڪمسن آهي. پير صاحب هن کي الهجي ڪٿان ڦاسائي آيو آهي.

غلام علي جي وڃڻ کان پوءِ پير صاحب وري هڪڙو ڀيرو هن نوجوان زال کي چوٽيءَ کان پيرن تائين جانچي نهاريو. هوءَ به سڌي ٿيو ماٺ ڪري پئي هئي، ۽ سندس اکين مان هڪ عجيب قسم جي روشني پي نڪتي. هلڻ مهل پير صاحب دريافت ڪيو، ”پٽ، تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

هن ٿوري ترسي جواب ڏنو، ”زليخا. ملا صاحب! آءٌ اوهان جو احسان ڪڏهن به لاهي ڪين سگهنديس جي منهنجي زبان مان اوهان جي شان جي برخلاف ڪو اکر نڪري ويو هجي ته الله لڳ معاف ڪجو“.

(3)

 سج لهي ويو، پر پير صاحب جي دل کي اڃا آرام ڪونه هو. هن کي بار بار صبح وارو حادثو ياد پي آيو. ڏينهن جو دستور جي برخلاف سندس عبادت ۾ به ڪجهه فرق پئجي رهيو هو. پر عشاءَ جي نماز کانپوءِ ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لڳو. جهڙي طرح پير صاحب جو مزاج سادو هو، اهڙي ريت سندس ڪوٺي به سادگي جو هڪ اعليٰ نمونو هئي. قريب ڏهين بجي رات جو چانڊوڪي چڙهي آئي ۽ ڪجهه هن جي ڪوٺيءَ ۾ به پهتي، پر هو ڪلام الاهيءَ ۾ محو هو ۽ چانڊوڪيءَ ڏي هن ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو. اوچتو کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته آسمان تي بادل چڙهي آيو آهي. مٿي نظر کڻي ڏٺائين ته ڏسندو ئي رهجي ويو. آسمان ته بلڪل صفا هو. بادل جو ته نالو نشان به ڪونه هو، پر انهيءَ جي بدران هڪڙو ماڻهو بيٺو هو جنهن کيس گهوري پي نهاريو. انهيءَ جي پاڇولي پير صاحب جي ڌيان ۾ بادل جو اثر پيدا ڪيو هو. انهي اجنبي کي سڃاڻڻ ۾ پير صاحب کي ڪا دير ڪانه لڳي. نرمي سان چيائين، ”قاسم! ڀلي ڪري آئين! اندر اچ!“

محبت ڀري آواز ته هيڪاري قاسم جي ڪاوڙ کي ڀڙڪائي ڇڏيو. هن جو مغرور چهرو ڪاوڙ کان پي ٻريو ۽ تمام وڏائي سان ڪوٺيءَ ۾ قدم رکي ڏاڍي واڪي چيائين، ”ڇو، پير صاحب اوهان مون کي ڌوڪو ڏيڻ ٿي چاهيو پر مون ته اوهان ٻنهي کي ڳولي لڌو. آءٌ ڪافر نه آهيان مسجد ۽ ملا کي آءٌ قدر ۽ عزت جي نظر سان ڏسندو آهيان. تنهن هوندي به آءٌ اهو ڪڏهن برداشت ڪري ڪين سگهندس ته ڪوبه منهنجي ۽ منهنجي بي عزتي ڪرڻ واري جي وچ ۾ دخل ڏئي. آءٌ هن رن کي سزا ڏيندس ۽ سزا به نهايت سخت. اوهين ماٺ ماٺ ڪري انهيءَ کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو. اجايو بحث ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو“.

پير صاحب جواب ڏنو، ”کڻي قبول ڪجي ته آءٌ اهڙو ڪمينو ٿيان جو جنهن مون وٽ پناهه اچي ورتي آهي، جو منهنجي حفاظت ۾ آهي. انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪريان، ته تون انهيءَ سان ڪهڙو سلوڪ ڪندين؟“

قاسم ڏند ڪرٽيندي پير صاحب جي آخري لفظن جو نقل ڪندي چيو، ”آءٌ هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندس؟ ٻڌو! آءٌ هن کي وارن کان جهلي گهليندو، منهن تي ٿڪون هڻندو قاضيءَ تائين وٺي ويندس ۽ وڃي ڪاٺ وجهائيندومانس؟“

پير صاحب هن جي ڪاوڙ جي ڪجهه پرواهه نه ڪندي چيو، ”هن کي ڪاٺ وجهائڻ جو ته ضرور ئي ڪونه ٿيندو، جو تنهنجي گهل گيندڙ ۾ ئي هوءَ رستي ۾ ختم ٿي ويندي ۽ الٽو توتي خون جي تهمت جو مقدمو هلندو. هن جيڪا تنهنجي بي عزتي ڪئي آهي انهيءَ حادثي جو ساري جهان ۾ ڪو اکئين ڏٺو شاهد ڪونهي ۽ آءٌ انهي مظلوم زال کي بچائڻ لاءِ تنهنجي شاهدي هرگز ڪانه ڀريندس. پر تنهنجي ڳالهين مان ته ائين ٿو لڳي جو ڄڻ توکي ڊپ ئي ڪونهي. ياد رکجيئين ته نواب جاني بيگ جو انصاف ساري سنڌ ۾ مشهور آهي ۽ نيٺ به تون آهين ڪير؟“

قاسم وري رڙ ڪري چيو، ”آءٌ ڪير آهيان؟ پير صاحب اهو ته اوهين تمام چڱي طرح ٿا ڄاڻو ته آءٌ ڪير آهيان؛ ۽ نه رڳو اوهين پر اها ڇتري جنهن منهنجي بي عزتي ڪئي آهي انهيءَ کي به تمام پوري طرح خبر آهي ته آءٌ ڪهڙي حيثيت جو ماڻهو آهيان ۽ ڪير آهيان. آءٌ قاسم آهيان... سڄي سنڌ، بلڪ سڄي هندوستان جو مغني، قاسم، ڀلا ٺٽي ۾ ڪير اهڙو آهي جنهن منهنجو نالو نه ٻڌو هوندو. آءٌ فقط نواب صاحب جي درٻار جو ڏيئو نه بلڪ هن وقت سڄي جهان ۾ مون کان وڌيڪ خوبصورت ٻيو ڪونهي. اها ڪا ٻٽاڪ ڪانهي، سڀني کي خبر آهي“.

پير صاحب چيو، ”آءٌ اهو قبول ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان“.

قاسم وري چڙ ۾ چيو، ”ڇا؟ ڇا؟ توهين اها دعويٰ قبول نٿا ڪري سگهو. توهين ڪوڙا ۽ فريبي آهيو. توهين ڪيئن انهيءَ جو انڪار ڪري ٿا سگهو؟ ڏسو منهنجي رڳن ۾ اصلي ترڪي خون پيو هلي، منهنجو جسم کير وانگر پيو چلڪي ۽ اڃا اوهان کي اعتبار ڪونه ٿو اچي“، ائين چئي هن پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان چولي جي ٻانهن کڻي مٿي ڪئي.

پير صاحب هٿ  ڇنڊي چيو، ”رهڻ ڏي، رهڻ ڏي. پنهنجو جسم مون کي ڏيکارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. کير آءٌ روز پيو ڏسان. جي رڳو انهي صفت جي ڪري تون دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ خوبصورت سمجهيو ٿو وڃين ته آءٌ هاڻ روز چار ڪلاڪ کير کي ڏسڻ جي عادت ڪري ڇڏيندس“.

ضد جي پوري ٿيڻ نه ڪري جيئن ڪو ٻار ششدرٿيندو آهي، قاسم جي به اها حالت ٿي ۽ وري خار کان چيائين، ”چڱو، اوهين مون سان چرچا ٿا ڪريو پر آءٌ اوهان کي ڏسي رهندس“.

پاڻ تي حملو ٿيندو ڏسي پير صاحب يڪدم پيرن ڀر اٿي بيٺو ۽ تکي نظر سان قاسم ڏي نهاري چوڻ لڳو، ”منهنجا پيارا پٽ، منهنجي ڳالهه ٻڌ. گهڙي کن پنهنجي بي عزتيءَ جي ڳالهه وساري ڇڏ ۽ مون کي ٻڌاءِ ته ڪڏهن تو پنهنجي زندگيءَ جي مقصد تي به غور ڪيو آهي؟ ڏينهن رات غرور ۽ نخوت، شراب ۽ گانو، چاپلوسي ۽ گناهه ۾ رهي ڪڏهن تو اهو به ويچار ڪرڻ جي ضرورت سمجهي ته حياتيءَ جو مطلب ڇا آهي. گهٽ ۾ گهٽ انسانن جي دلجوئي ڪرڻ ته سکين ها. ايترو ته سکين ها ته زال رڳو نفساني خواهش جي ٻانهي ڪانهي پر محبت جي ديوي به آهي. دنيا ۾ الفت ۽ محبت جو چشمو به ته زال جي دل مان نڪتو آهي“.

”زال! زال جي ايتري تعريف!“ اهي لفظ قاسم جي زبان مان بي خطا نڪري ويا. پر لفظن کان وڌيڪ هن جي چهري ۽ دل جي حالت مان صاف ظاهر هو ته هو زال ذات جو جاني دشمن آهي. هن چيو، ”پير صاحب! زال جي ته تعريف ٿا ڪريو ۽ شراب جي گلا! مون کي اوهان جي عقل تي کل پئي اچي. ڀلا شراب ۽ عورت ۾ فرق آهي ئي ڪهڙو؟ ۽ جيسين زال ۾ به جواني ۽ حسن ۽ نزاڪت آهي تيسين هوءَ پيار ۽ محبت جي قابل آهي. پوءِ نه!“

پير صاحب فرمايو، ”ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي جو تون زالن کي اهڙو ذليل ٿو سمجهين، انهي ئي ڪري ته تون منهنجي نظر ۾ اهڙو نيچ ۽ بيرحم پيو لڳين“.

اهو ٻڌي قاسم کي ايتري ڪاوڙ آئي جو هو يڪدم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ڪاوڙ مان چيائين، ”آءٌ نيچ ۽ بيرحم؟ چڱو، پير صاحب، آءٌ اوهان جو وعظ ٻڌڻ نٿو گهران. ماٺ ڪري اوهين انهيءَ بدڪار رن کي منهنجي حوالي کڻي ڪريو ۽ وري جي منهنجي ۽ اوهان جي ڪٿي ملاقات ٿي ته خيال سان منهنجي عزت رکجو ۽ مون کي پوري تعظيم ڏجو...“

هن حد تي پير صاحب به پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيو. هن اهڙي ڌڪار سان قاسم جي لفظن کي آلاپيو جو قاسم وائڙو ٿي ويهي رهيو. ”عزت رکجو ۽ تعظيم ڏجو!“ اهي ئي اکر پير صاحب جي ڪنن ۾ پي ڌنويان، ۽ جوش، مان چيائين، ”تون پورو بيوقوف آهين. انهيءَ ئي ڪري ته شرعي ڪتابن ۾ لکيو اٿن ته شراب ۽ نشي کان انسان سگهوئي حيوان ٿيو پوي. موسيقي، حسن ۽ انهن کان به وڌيڪ جوانيءَ جو نشو! جي اهڙي حالت ۾ تنهنجي دل پٿر ٿي وئي هجي ته انهيءَ ۾ ڪو عجب ڪونهي. توکي خبر آهي ته هن زال تنهنجي بي عزتي ڇو ڪئي؟“

قاسم جي ڪاوڙ به هاڻ وڌندي وئي ۽ جوش مان چيائين، ”نه. مون کي خبر نه آهي. توهين کڻي ٻڌايوم ته هن منهنجي بي عزتي ڪرڻ جي جرئت ڇو ڪئي“.

پير صاحب چيو، ”ها، اهو آءٌ توکي ٻڌائي سگهان ٿو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته تنهنجي سونهن ڏاڍي دلفريب آهي. هن زال جي دل توکي ڏسي ڌوڪو کاڌو هو، پر نيٺ هن کي خبر پئجي وئي ته تنهنجي دل محبت کان خالي آهي ۽ انهن تي بلڪل انهي طرح هوءَ تنهنجي بيوفائيءَ کان پريشان ٿي توکي فرت جي نگاهن سان ٿي ڏسي.“

جيئن صبح جو قاسم هٻڪجي بيهي رهيو هو تيئن هينئر پير صاحب جي ڳالهين جو ڪوبه جواب هن جي سمجهه ۾ نه آيو. هن کي خاموش ڏسي پير صاحب وري چوڻ شروع ڪيو، ”تون هن کي سخت سزا ڏيڻ ٿو گهرين پر تون ئي ايمان جي سلامتيءَ سان کڻي ٻڌائينم ته، ڪڏهن توکان ڪا خطا ڪانه ٿي آهي؟ تنهنجا سڀ ڪم بي عيب آهن ڇا؟ الله پاڪ توکي حسن جي دوا ڏني آهي، پر ڇا لاءِ؟ هن عريب زال جي تو ستياناس ڪئي، پر انهيءَ سان گڏ خدا ڄاڻي ته ٻين ڪيترين جي ٻيڙي ٻوڙي اٿئي. تون علم موسيقيءَ جو استاد آهين. پر انهيءَ مان به ڪنهن کي ڪهڙو فائدو؟ انهيءَ مان تنهنجي عاقبت سڌري پوندي ڇا؟ اهو ته پاڻ وڌيڪ خوفناڪ.“

قاسم ڳالهه ڪپيندي  چيو، ”اوهين وري ڪهڙا چڱا مڙس آهيو. اسان جهڙن کي طعنيٰ ڏيڻ ۽ ٽوڪرن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي. خدا جي ڏنل سونهن جي گلا ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه آهي. جي مون پنهنجي حسن ۽ پنهنجي علم جو ناجائز فائدو ورتو آهي ته اوهان به منهنجي دل کي ڏکوئي ڪو ثواب جو ڪم ڪونه ڪيو آهي“.

پير صاحب چيو، ”پر آءٌ تنهنجو فائدو ٿو چاهيان جي منهنجي ڳالهين جي ڪري تنهنجي دل تي اثر ٿئي ۽ تون پڇتائين، يا منهنجي نصيحت کان تنهنجي اونداهي دل ۾ نيڪيءَ جي روشني پيدا ٿي ۽ انهيءَ ريت هوءَ بدنصيب زال ڪاٺ پوڻ کان بچي ته ٻڌاءِ ته منهنجو ڪم تعريف جي لائق نه آهي؟ هيڻن کان وير وٺڻ ڪو چڱو ڪم ڪونهي، تنهن ڪري اهو خيال لاهي ڇڏ ۽ آرام سان هتان هليو وڃ. مسجد ۾ جهيڙو ڪرڻ سخت گناهه آهي“.

قاسم وري ڏاڍي واڪي چيو، ”آءٌ گناهه ڀر ڊڄڻ وارو ماڻهو نه آهيان. کڻي سمجهو ته هينئر اوهان جي چوڻ تي هليو به وڃان، ته به توهين سمجهو ٿا ته آءٌ پنهنجي دشمن کان بدلو وٺڻ کان سواءِ رهندس. آءٌ هن کي ضرور سزا ڏيندس. آءٌ ايترو قبول ڪندس ته سڄي عمر ايترو شرمندو ڪڏهن نه ٿيو آهيان جهڙو اڄ، ۽ نه توهان کان سواءِ ڪنهن به اڳي مون سان لعنت ۽ ملامت ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي. پر آءٌ ايترو چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته فقط ٺٽي ۾ نه پر سڄي سنڌ ۾ هرڪو انسان منهنجي حسن جي پوڄا ٿو ڪري“.

قاسم اهي ڳالهيون ڪيون ته پي پر انهن جي صداقت تي کيس به يقين ڪونه هو. پر وري پير صاحب ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”تنهنجو خيال غلط آهي. دنيا تنهنجي تعريف نٿي ڪري پر چاپلوسي ٿي ڪري. آءٌ ته ايتري تائين چوڻ لاءِ تيار آهيان ته شايد دنيا ۾ اهڙو ڪو انسان ورلي لڀندو جنهن کي دنيا جا ماڻهو توکان گهٽ ڀائيندا هجن. ٻڌي ٻڌائي ڳالهه تي نه لڳ. خود پنهنجي دل کان پڇ، پنهنجي عقل کان ڪم وٺ ۽ پوءِ ٻڌائينم ته ڪو اهڙو انسان به سجهئي جو توکي سچيءَ دل سان پيار ڪندو هجي؟“

قاسم، پير صاحب ڏي گهور ڪندو نهاريندو رهيو، پر وات مان اکر به ڪونه نڪتس.

پير صاحب وري فرمايو، ”منهنجي خيال ۾ آهي ته دنيا ۾ هڪڙي ۽ فقط هڪڙي هستي آهي جا توسان الفت ۽ محبت ٿي رکي. مون اڃا هاڻ توکي چيو ته هوءَ زال توکان نفرت ٿي ڪري. پر مون توکي اهو ڪونه ٻڌايو ته ڇو. نفرت جو شمار گناهه ۽ برائي ۾ ڪيو ويندو آهي، ۽ عيب سمجهڻ ۾ ايندو آهي، پر آءٌ جي ڪنهن جي به نفرت کي قدر جي نگاهن سان ڏسي ٿو سگهان ته اها، انهيءَ غريب زال جي نفرت آهي. جي آءٌ توکي هن جو غمناڪ احوال ٻڌايان ته شايد تنهنجي پٿر جي دل به پگهرجي وڃي ۽ تون بدلو وٺڻ جو خيال ڇڏي ڏين. ڀلا ماڻهو، آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان ته ٺٽي ۽ سنڌ جو ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي جو توسان محبت رکندو هجي جي ڪا محبت رکي ٿي ته بس اهائي خاڪ ۽ ڌوڙ ۾ ملايل، فلڪ جي ستايل زال“.

قاسم جنسي پي ڏڪيو ۽ پير صاحب ڏي پي ڏٺائين. هن جي چهري جو رنگ گهڙيءَ گهڙيءَ بدليو. شايد شرم ۾ ڪاوڙ جو اثر هن جي چهري تي واري واري سان پي پيو.

پير صاحب آهستي ۽ ڏاڍي نرميءَ سان چيو، ”ڇو، قاسم؟ توکي هن تي رحم نٿو اچي؟ جي توکي ٿورو به خيال هجي ته هينئر هتان ماٺ ڪري هليو وڃ. پر ڏس، منهنجا پيارا، منهنجا عزيز قاسم، ويندي ويندي اها ڳالهه نه وسارج ته اهائي هڪڙي بدنصيب اهڙي آهي جا توکي دل جو جان سان پيار ٿي ڪري“.

اوچتوئي دروازي کان هڪڙو سنهو ۽ سريلو آواز آيو، ”نه هوءَ بدنصيب ڪانهي“. پهرين دروازي جا تاڪ ٿورا کليل هئا، پر هن آواز سان گڏ اهي صفا کلي ويا ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙي موهني مورت بيٺي ڏسڻ ۾ آئي. هن جي پوشاڪ نه تمام اچي هئي نه تمام سادي، تنهن هوندي به هن جي بدن جي بيهڪ ۽ هن جي نزاڪت پوشاڪ جو شان وڌائي ڇڏيو هو. وار بلڪل چڱي طرح سينگاريل هئا ۽ هن جي موجوده حالت ڏسي ڪوبه هن کي بدنصيب سڏي نٿي سگهيو. هن کي ڏسي قاسم يڪدم ٺهي جڙي ويٺو. سندس ساهه تڪڙو تڪڙو پي آيو. زال جون اکيون پير صاحب جي چهري تي ڄميل هيون ۽ چيائين، ”ڏسو ڇا ٿا؟ آءٌ اهوئي ڪچري جو ڍير آهيان جنهن کي اڄ صبح جو اوهين رستي تان کڻي آيا هئو. ڇو توهان کان اهي لفظ وسري ويا آهن جي صبح جو اوهان مون کي چيا هئا. توهان مون کي خدا جي محبت جي نصيحت ڪئي هئي. توهان جي نصيحت منهنجي دل ۾ چڀي ويئي، ۽ منهنجي دل مان گناهه ۽ نفرت ائين ڌوپي ويا جيئن حميده ٻانهيءَ هنن ميرن ڪپڙن کي ڌوئي انهن جي گندگي دور ڪري ڇڏي ۽ اهي ئي ميرا ڪپڙا هينئر صاف ۽ پاڪ ٿا ڏسجن. انهيءَ ريت منهنجي دل ۾ به هڪڙي قسم جي روشني پيدا ٿي آهي. بس هاڻ مون کي ڪو فڪر ڪونهي. منهنجو رستو صاف ٿي ويو آهي، آءٌ هاڻ انهي رستي تي دل جي تسلي ۽ خوشيءَ جي ڳولها ڪندي رهنديس ۽ انشاءَ الله ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن منزل مقصود کي وڃي پڄنديس.

پير صاحب ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”اي، نيڪبخت نينگر...“ هو اڃا ڪجهه چوڻ تي هو پر ڪاوڙ ۾ اچي، قاسم قطع ڪلام ڪندي چيو، ”اوهين ٻئي شيطان آهيو. توهان هن زال جو شان انهي مراد سان وڌايو آهي ته آءٌ هن کي ڏسي ڊڄي وڃان. پر سچي پچي اوهين وڏا شيطان آهيو. توهان هن کي لڪائي به اهڙي هنڌ رکيو آهي جتي اوهين بيخطرو منهنجي لعنت ملامت ڪندا رهو ۽ هوءَ مون تي کلون ڪندي رهي“.

زليخا يڪدم تڙي ڄمائي چيو، ”نه، جناب هي ته ڇا، پر جي سئو ملا ڪوشش ڪن ها ته به منهنجو ارادو ڪونه بدلائي سگهن ها. ڇو جو اوڏي مهل آءٌ جيئري ڪانه هيس. آءٌ مئل هيس. پر خدا مون کي نيڪ راهه اختيار ڪرڻ جي توفيق ڏني ۽ هاڻ مون کي پنهنجي من ۾ خدا جو جلوو نظر ٿو اچي. آءٌ انهيءَ جي خبر ڏيڻ هتي آئي هيس، پر اوهان جي گفتگو ٻڌي ٿوري ويرم ٻاهر ترسي پيس. چڱو ٿيو جو ترسيس. سچي ڳالهه ڪرڻ يا ٻڌڻ ڪهڙو ڊپ آهي؟ هاڻ ته آءٌ صداقت ۽ سچائيءَ جو مزو چکي چڪي آهيان“.

جوش مان زليخا ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي آئي هئي. هنجي اکين اڳيان قاسم جون اکيون بيهي نٿي سگهيون. هن نوجوان، حسين زال جو حسن پنهنجو جادو هلائي چڪو هو. صبح جو ته قاسم زليخا جي اکين ڏي ڌيان به ڪوبه ٿي ڏنو، پر هينئر انهن جو مٿس اثر ئي ڪنهن ٻئي نموني جو ٿي پيو. پير صاحب ته اڳي ئي اثر لاءِ زمين تيار ڪري ڇڏي هئي. قاسم پير صاحب کي چيو، “چڱو صاحب، توهين ڏاڍا ڪوڙا آهيو. توهان اڃا هينئر مون کي پي چيو ته سڄي دنيا ۾ هن زال کان سواءِ ٻيو ڪو مون کي پيار نٿو ڪري، ۽ انهي بابت توهين الهجي مون کي ڪهڙا ڪهڙا واعظ ڏئي ويٺو، پر هاڻ ته ذرا اکيون کولي ڏسو ته ڪير مون سان پيار ٿو رکي ۽ ڪير مون کان نفرت ٿو ڪري. ڪهڙي نه سهڻي زال آهي! اهڙي سهڻي جهڙو آءٌ پاڻ آهيان“.

قاسم جي اکين ۾ فخر جا آثار پي ڏٺا ۽ هن آڱر سان اشارو ڪري چيو، ٻڌ، اي سونهن جي پتلي، ٻڌ! مون برابر توکي پيار ڪونه ٿي ڪيو، پر هاڻ آءٌ توکي موڪل ٿو ڏيان ته تون مون سان دل ڀري پيار ڪر“.

نفرت ۽ ڌڪار کان زليخا چار پنج قدم پٺتي هٽي وئي. هن جو آواز پي ڏڪيو ۽ چيائين، ”تون بيوقوف آهين، توکي منهنجي محبت سان مطلب ڪهڙو؟ آءٌ توکي پيار ڪريان يا نه ڪريان، تون انهيءَ ڳالهه ۾ دخل ڏيڻ وارو آهن ڪير؟ مون توکي ورهين کان پي پيار ڪيو آهي، سو تنهنجي موڪل سان ته ڪونه ٿي ڪيم. يا خدا! اڄ تنهنجي زبان مان محبت جو لفظ نڪتو ته سهي، پر انهي محبت جي هستي آهي ڪهڙي؟ ڪنهن وفادار زال اڳيان تنهنجي محبت ڪا شيءِ ڪانهي. ٽي ورهيه اڳي جڏهن مون پهرين توکي ڏٺوهو، اهو هڪڙو ڏينهن هو ۽ ٻيو اڄوڪو ڏينهن آهي. اهو سمورو وقت آءٌ درجي بدرجي هيٺ ڪرندي وئي آهيان. محلاتن مان نڪري جهوپڙين ۾ آيس ۽ جهوپڙين مان نڪري رستن تي ڀٽڪندي رهيس. ماڻهن مون کي مستانيءَ جو خطاب ڏنو ۽ اهو ڇا لاءِ؟ فقط انهيءَ لاءِ ته مون کي تنهنجي محبت جو ذرو ملي. کائڻ پيئڻ ڇڏائجي ويو، پنهنجي دل جو رت پي پي زندگي بسر ڪرڻ لڳيس. تنهنجي ستار جي جهڻڪار سان منهنجي دل جي تار وڄڻ لڳي ۽ انهيءَ مان مون کي راحت حاصل ٿي. منهنجي محبت! منهنجي محبت تنهنجي سانگي ڪهڙي مصيبت ڪانه کنئي آهي؟ چورن، ڌاڙيلن ۽ بدمعاش جي پرواهه ڪانه ڪيائين، مون پنهنجي جان جو جوکو کڻي تنهنجي محبت جي حفاظت پي ڪئي. هڪ لحظو به آءٌ تنهنجي محبت کان غافل نٿي رهيس. منهنجي جسم رستن جي ڪسين ۾ ڌڪا پي کاڌا، آءٌ دنيا جي نگاهن ۾ دوزخڻ ۽ گنهگار هيس، پر روحاني گل چونڊيو چونڊيو پنهنجي پلئو ۾ پي ڪٺا ڪيم ته هڪڙي ڏينهن انهن مان اچي تنهنجي پوڄا ڪنديس. خدا ڄاڻي مون تنهنجا ڪيترا نه نالا کڻي رکيا هئا جن سان توکي ياد ڪندي هيس. چانڊوڪي رات ۾ چنڊ کي ڏسي منهنجي دل ۾ تنهنجي محبت جا نغارا ٿي وڳا. تنهنجي محبت ۾ آءٌ باهه ۾ سڙڻ لاءِ تيار هيس. جبلن تان ٽپڻ لاءِ تيار هيس. زمين ۾ گهڙي وڃڻ لاءِ تيار هيس اڄ اهو ڏينهن آهي جو مايا جي ڄار ٽٽي رهي آهي ۽ هاڻ آءٌ آزاد آهيان، چڱي طرح آزاد آهيان. آءٌ سمجهي چڪي آهيان ته جنهن کي مون پيار ٿي ڪيو، جنهن منهنجي دل تي قبضو ڄمايو هو اهو حقيقت ۾ انهيءَ جي لائق نه هو، ته انهيءَ کي پنهنجي دل جو مالڪ بڻائجي. هن جي دل هڪڙي فاني شيءِ آهي جنهن تي انسان نه پر حيوان جي شڪل ٺهيل آهي. بس، جڏهن کان وٺي آءٌ انهيءَ حقيقت کان واقف ٿي آهيان تڏهن کان ئي منهنجي محبت جو خاتمو ٿي چڪو آهي. توتي ٿڪ اڇليندي منهنجا زنجير ٽٽي پيا. ورهين جا ورهيه منهنجي ڪنن ۾ تنهنجو آواز ۽ تنهنجو نالو پي وڳو آهي، انهيءَ ئي نالي تي منهنجي ساهه جو دارومدار هو. آءٌ تنهنجي محبت جو داستان توکي ڪيترو ٻڌايان. هاڻ تنهنجي نالي ۾ ڪو جادو ڪونه رهيو. اهو هاڻ اهڙو بي اثر آهي جهڙو سڌو سادو نالو، زليخا... قاسم آءٌ سچ ٿي چوان ته هاڻ آءٌ توکي پيار نه ٿي ڪريان...“

قاسم گوڏن ڀر بيهي، ٻئي هٿ ڊگهيري ڏاڍيان چيو، ”ڪرين ٿي... تون مون کي پيار ڪرين ٿي“. پوءِ اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”جي تو ڪڏهن به مون کي پيار ڪيو آهي جيئن چئين ٿي ته ڪيو اٿئي، ته جي آءٌ وري توکي سڏيان ته تون ڪڏهن اچڻ کان انڪار ڪري نٿي سگهين. دلرباٰ! هاڻ آءٌ توکي ڀانيان ٿو، ۽ توکي مون وٽ، منهنجي ڀاڪر ۾ اچڻو پوندو. آءٌ هت انهيءَ ڪري آيو هوس ته توکي ڪاٺ ۾ وجهرايان، پر نه، توکي انهيءَ ريت هٿ ڪرڻ سونهي نٿو، آءٌ توکي ٻي طرح باز آڻيندس“. ائين چئي قاسم ٻه چار قدم اڳتي وڌيو. هن جو اکيون محبت جي نشي سان لبريز هيون، ۽ چپ پي ڏڪيس. وري چيائين، ”پياري، جي آءٌ توکي پنهنجي ڇاتيءَ سان کڻي لايان ته تون مون کان نڪري سگهنديئن؟ وري به منهنجي گلا ڪري سگهنديئن؟“ ائين چوندي هو زليخا ڏي وڌيو.

پير صاحب ڇڙٻ ڏيئي چيو، ”اڙي، او، ناپاڪ ڪتا! خدا جي گهر ۾ ايتري گستاخي؟“ پير صاحب زليخا کي به ڌڪي اندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ خوف کان پير صاحب کي چهٽي پئي. هن جو ساهه تڪڙو تڪڙو پي آيو. قاسم به ضد ڪرڻ لڳو ۽ زليخا کي پير صاحب جي هٿن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيائين. انهيءَ خيال سان ته متان قاسم جا ناپاڪ هٿ زليخا کي لڳي وڃن، پير صاحب زليخا سوڌو پٺتي هٽڻ لڳو، پر قاسم ڀانيو ته ڊڄي ٿو ۽ انهيءَ تان انهيءَ کي همت پاڻ وڌي ۽ چيائين، ”توهين آهيو ڪير جو اسان جي وچ ۾ ٿا پئو؟ جي ڪالهه آءٌ هن کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائڻ چاهيان ها ته هوءَ انهيءَ ۾ پنهنجو فخر نه سمجهي ها؟ هوءَ اڃا هاڻ چئي چڪي آهي ته هوءَ مون کي پوڄي ٿي، ۽ منهنجي به اهائي مرضي آهي ته مون کي به انهيءَ طرح ڪو پيار ڪري. زليخا، هيڏانهن اچ. تون جنهن کي ڌڪارين ٿي انهي کي تو اڃا سڃاتو ڪونهي. آءٌ تنهنجي شڪل مان ئي چئي ٿو سگهان ته توکي پنهنجي دل جي پڪ ڪانهي. چڱي طرح خيال ڪرنه ته پوءِ پڇتائڻو پوندئي. مون تنهنجي لعل لبن تي مهر لڳائي ڪانهي ته تنهنجي ڪاوڙ، يڪدم ڪافور ٿي ويندي. پوءِ هڪڙي کان سئو ملا اچي وڃن ته به تون پنهنجو تن، من، ڌن مون کي ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهين“.

پير صاحب جي پٺيان بيٺي، سڏڪا ڀريندي زليخا دعا گهرڻ لڳي، ”يا الله پنهنجي بنديءَ تي رحم ڪر! مون کي هن مصيبت کان بچاءِ، هاڻ منهنجي عزت تنهنجي هٿن ۾ آهي“. انهيءَ دعا پير صاحب جي دل تي ڏاڍو اثر ڄمايو ۽ قاسم کي چيائين، ”آءٌ چئي نٿو سگهان ته ڪنهن عورت ۽ مرد جي جهيڙي ۾ پوڻ ڪري خدا مون سان خوش ٿيندو يا ناراض. ڪنهن فقير لاءِ اهو ڪم ڪيتري قدر درست آهي اهو به چئي نٿو سگهان، پر تنهن هوندي به منهنجي دل ٿي چوي ته مون کي هن شريف زال جي عزت ضرور بچائڻ گهرجي، تنهن ڪري قاسم، ٻڌ! جي تون پنهنجو خير گهرين ته يڪدم هتان هليو وڃ“.

قاسم ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، ۽ چيائين، ”آءٌ ويندس، پر هڪڙو شرط آهي ته وڃڻ کان اڳي هن خوبرو، نازڪ اندام حسين زال کي ضرور پيار ڪندس. انهيءَ لاءِ جي مون کي ڪنهن توهان جهڙي ملي کي به ستائڻو پيو ته انهيءَ جي به آءٌ ڪا پرواهه ڪانه رکندس“.

پير صاحب جو دماغ صبح کان وٺي پريشان هو. قاسم جي گفتگو هيڪاري هن کي باهه ڏياري ڇڏي. جهٽ وجهي کڻي قاسم کي جهليائين ۽ زمين تي ڪيرائي وڌائينس. جهيڙي جو آواز ٻڌي غلام علي يڪدم ڏنڊو هٿ ۾ کنيو ڊوڙندو آيو ۽ هڪڙو ڏنڊو قاسم جي مٿي تي ڄمائڻ وارو هو ته پير صاحب هن کي جهلي ورتو ۽ چيائين، ”غلام علي، پهرين هن زال کي وٺي وڃي حميده وٽ پهچائي اچ“.

زليخا ماٺ ڪيو وائڙي ٿي بيٺي هئي، هوءَ پير صاحب جو حڪم ٻڌي، غلام عليءَ سان گڏجي اندر هلي وئي. پير صاحب در ٻيڪڙي قاسم ڏي وڌيو ۽ هن بيحال کي پٽ تي پيل ڏسي، نوڙي هن جي ڪلهي تي هت رکيو ۽ چيائين، ”منهنجا نادان ٻار! جي چاهين ته تون به پنهنجي دل کي پاڪ ۽ صاف ڪري ٿو سگهين“.

قاسم چرين وانگر چوڻ لڳو، ”بس ڪريو! بس ڪريو! توهين پورا شيطان آهيو، ۽ هوءَ زال فريبڻ آهي. آءٌ سچ ٿو چوان ته اڄ صبح جو مون اوهان کي ڏٺو انهيءَ کان اڳي آءٌ ٺٽي جو هڪ بيتاج بادشاهه هوس. پر توهان مون کي حد لعنت ۽ ملامت ڪئي آهي ۽ جيترو اوهان کان پڄي سگهيو آهي منهنجي بي عزتي ڪئي اٿو. منهنجي حياتي ٺهي يا بگڙي، چڱي ٿئي يا بري، تنهن ۾ توهان جو ڇا؟ مون کي نصيحت ڪرڻ جو اوهان کي ڪو حق ڪونهي، نه هن ڪمبخت زال کي منهنجي پوڄا ڪرڻ جو ڪو حق آهي. آه! محبت جو نالو ٻڌي انسان ڪهڙو يبوس ٿيو وڃي. اڄ صبح تائين آءٌ ڏاڍي آرام ۾ هوس. مون کان وڌيڪ خوشحال ڪو ورلي هن دنيا ۾ هوندو. پر هاڻي... وڃو! پاسي ٿيو! منهنجي منهن تان ٽرو!... آءٌ اوهان جي ڳالهه اصل نٿو ٻڌڻ گهران... ائين چئي هو اٿيو ۽ ماٺ ماڻ ڪري ڪنڌ جهڪائي ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪري ويو.

(4)

هن واقعي کي گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا. پير صاحب ۽ مسجد جي پسگردائي ۾ رهڻ وارن قاسم جون ڳالهيون سڀ نه ته به گهڻي قدر وساري ڇڏيون هيون، فقط هڪڙي زليخا هئي جا قاسم کي ڪڏهن وساري نٿي سگهي. پر اها به خدا جي قدرت سان هن کي ڪڏهن ياد ڪرڻ نه چاهيندي هئي. هن جي حياتيءَ ۾ هڪڙو زبردست انقلاب اچي چڪو هو. پير صاحب جي صحبت ۽ تعليم هن جو ڦرڪوئي ڦيرائي ڇڏيو هو. هن کي خدا جي عبادت مان خوشي حاصل ٿيڻ لڳي. جڏهن پير صاحب ڪلام الله جي تلاوت ڪرڻ وهندو هو ته هوءَ تمام ادب سان ويهي ٻڌندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سندس چوڻ تي پير صاحب هن کي معنيٰ به سمجهائيندو هو ۽ اگرچه پير صاحب هن جي ذهانت کان گهڻو خوش هو ته به هن جي منهن تي ڪڏهن سندس تعريف ڪونه ڪندو هو. هوءَ پراڻين ڳالهين کي ڪڏهن ياد ڪونه ڪندي هئي، ۽ جي ڪڏهن حميده اڪيلائيءَ ۾ هن کان ڪجهه کڻي پڇندي هئي ته هوءَ لاچار جواب ڏيندي هئي پر سندس چهرو ڦڪوٿي ويندو هو. حقيقت ڪري هن جو هاڻ نماز، تسبيح ۽ ڪلام پاڪ جي دور کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه سان مطلب نه هو.

هڪڙي ڏينهن ڳالهه ۾ ڳالهه ڪندي پير صاحب زليخا کي چيو، ”زليخا، تو استاد قاسم بابت ڪا ڳالهه ٻڌي آهي؟“

يڪدم زليخا جو هانو ڏڪي ويو. پر متان انهيءَ جو اثر سندس چهري مان معلوم ٿئي انهيءَ ڪري جلدي جلدي پڇيائين، ”ڇو؟ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مون ته ڪجهه ڪونه ٻڌو آهي“.

پير صاحب بيخياليءَ سان چوندو ويو، ”ڪونه ٻڌو اٿئي؟“ مون ته اصل ٿي چيو ته قاسم جهڙي مغرور انسان جو ڪنڌ ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور هيٺ  ٿيندو. حقيقت هن ريت آهي ته هن پنهنجي حسن تي غرور رکي هڪڙي شاهي ٻانهيءَ سان چرچو ڪيو. هن وڃي بيگم صاحبه کي دانهن ڏني. توکي ته خبر آهي ته نواب صاحب جو فقط نالو آهي ۽ حڪومت سڄي بيگم صاحبه پئي هلائي. اها اچي مٽي ۽ يڪدم قاسم جي شهر نيڪاليءَ جو حڪم ڏنائين. نواب صاحب قاسم جي گهڻي سفارش ڪئي پر انهيءَ جي به ڪانه هلي. قاسم به آڪڙجي معافي وٺڻ کان سواءِ شهر مان نڪري ويو. ماڻهو ٿا چون ته اها سڄي قاسم جي هڪڙي شاگرد جي حرڪت هئي، جنهن هن کي ڪڍائي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ ٿي چاهيو. ايترو چئي پير صاحب زليخا ڏي ڏٺو ته مٿس انهيءَ جو ڪهڙو اثر ٿيو آهي، پر هوءَ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي“.

شام جو جڏهن حميده ڪم کان واندي ٿي تڏهن زليخا هن کان قاسم بابت پڇا ڪئي. اهو پهريون ئي دفعو هو جو زليخا پاڻ قاسم جو ذڪر ڇيڙيو هو. حميده بيدليءَ سان جواب ڏنو، ”جيڪي تو ٻڌو آهي سو سڀ سچ آهي“.

پير صاحب جي نوڪرياڻي ڪڏهن ڪڏهن نانوائڻ جي دوڪان تي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ نانوائڻ جي دڪان تان ئي سڄي شهر جي خبر چار ملندي هئي. پر زليخا حميده مان به ڪا وڌيڪ حقيقت معلوم ڪري نه سگهي.

انهي رات زليخا کي پوري ننڊ نه آئي.

(5)

نانوائڻ جي دوڪان مان دونهون پي نڪتو. نانوائڻ جي دوڪان مان دونهون نڪرڻ ته معمولي ڳالهه آهي... هڪڙو بورچي خاني جو ۽ ٻيو چلمن ۽ سلفين جو. انهيءَ ڏينهن ۾ نانواين جا دوڪان هوٽلن ۽ ساقي خانن جوبه ڪم ڏيندا هئا. اڄ انهيءَ نانوائڻ جي دوڪان تي ڪي شرابي اچي مڙيا هئا ۽ يٽ شٽ ويٺي هنيائون. هڪڙي چيو، ”ڪالهه جو هتي گانو ٿيو هو سو اوهان مان ڪنهن ٻڌو؟“

ٻئي چيو، ”نه، مون ڪونه ٻڌو. پر انهيءَ جي ٻڌڻ مان ڇا وري ها؟ گانو ته اهو جو هڪڙي ڏينهن هتي ٿيو هو جڏهن الهجي ڪيئن هيءَ نانوائڻ استاد قاسم کي هتي ڦاسائي آئي هئي. ڳائڻ ۾ قاسم لاجواب هو. بس هن کان پوءِ ته...“ جملو اڃا پورو ئي ڪونه ٿيو هو ته ٽئي ٽوڪ ڪندي چيو ته الهجي ڇا پيو بڪين. قاسم ڳائڻ وڄائڻ مان ڇا ڄاڻي هن جي شڪل البته سهڻي هئي تنهن ڪري ماڻهن هن جي تعريف ٿي ڪئي... زالون ته هن تي ڇڪن هيون“.

وري ڪنهن ٻئي چيو، ”جڏهن کان وٺي ڀڳو آهي تڏهن کان هن جو ڪو پتو ڪونهي“.

هنن موالين کان ٿورو پرڀرو هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙو نوجوان بوتل گلاس جهليو ويٺو هو. ڪن هن کي پڪ شرابي ۽ ڪن چريو ڪري ٿي سمجهيو. هن ڪنهن سان به ڳالهايو ڪونه ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ مرادو پاڻ سان ڪجهه پي ڀڻڪيو. اڄ هن دعويٰ سان چيو، ”آءُ قاسم جو پتو ڄاڻان“.

سڀني هن ڏي ڦري ڏٺو ۽ سڀني گڏجي چيو، ”ها، ها. هن کي ضرور خبر هوندي. ڪنهن چيو، فرمايو ته هو ڪٿي آهي؟“ هن چيو، ٻڌو! قاسم پاڻ کي درياهه ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو“.

سڀ ئي کلڻ لڳا. جو هن جي ويجهو ويٺو هو انهيءَ هن جي ڪلهي تي هٿ هڻي چيو، ”يار، تون ڏاڍو چرچائي نڪتين. اسين ته توکي چريو سمجهيو ويٺا هئاسين“.

وري ڪنهن ٻئي پڇيو، ”ڇو سائين معاف ڪجو. اسان کي اوهان جو نالو نٿو اچي، ڇا؟ اوهين قاسم جا دوست آهيو؟“

هن شراب جو هڪ ڍڪ ڀري چيو، ”اوهين پڇو ٿا ته قاسم منهنجو دوست هو ڇا؟ ها. هو منهنجو تمام گهرو دوست هو. ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄي هن جي دوستيءَ کان انڪار ڪريان. ڪو ڏينهن ته اهڙو هو جو اوهان جهڙا چاپلوسي مڙس هن جي خوشامند ڪندا هئا ۽ فخر سان ائين چوندا هئا ته ڳائڻ ۽ شڪل ۾ قاسم جو ثاني آهي ئي ڪو نه. اڄ توهين انهيءَ ئي تي ٺٺوليون پيا ڪريو. آءٌ هن جو سڄو داستان ڄاڻان. مون کي اها به خبر آهي ته هن کي ٺٽي مان شهر نيڪالي ڇو ملي“.

ڪنهن چيو، ”اها ڪنهن کي خبر ڪانهي! نه زالن سان کونسڦٽائي ڪري ها نه هن جي بي عزتي ٿئي ها. بدمعاشن کان خدا سڀني کي بچائي رکي“.

ٻئي چيو، ”يارو ماٺ ته ڪريو، ڪي ٻڌڻ ته ڏيو. هن جي ڳالهين مان ڏاڍو مزو پيو اچي. هي قاسم جو دوست آهي ۽ ضرور ڪا پڪي خبر هونديس“.

هن وري شراب جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري رومال سان منهن اگهي ڇڏيو ۽ چيائين ته، ”ڪير ٿو چوي ته هن ڪنهن بدمعاش رن جي پٺيان لڳي پنهنجو خانو خراب ڪيو. توهين بيوقوف آهيو جي اهڙي ڳالهه ٿا ڪريو... فعل بد پاڻ ڪريو، لعنت ڪريو شيطان تي“.

وري ٿوري دير ماٺ ڪري هن نوڪر کي ٻي ٻاٽليءَ جو حڪم ڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”هي شراب نه آهي پر جام جمشيد آهي. اوهان کي خبر آهي ته آءُ محبت جو جسم آهيان ۽ محبت جي شراب سان متوالو پيو ٿيان، ۽ پنهنجو غم دور ڪرڻ لاءِ شراب پيو پيان“. ائين چئي هو پنهنجون آڱريون نچائڻ لڳو ڄڻ ستار پيو وڄائي. ٿورو ڀڻڪي ڀڻڪي چيائين ته توهان ماڻهن کي راڳ جي ڪهڙي خبر. اچو مون سان گڏجي سر ۾ سر ملائي ڳايو ڏسان ته مون سان گڏ ڪير ٿو ڳائي سگهي، ٻڌو،

مستي مين بهي سر اپنا ساقي کي قدم پر هو،

اتنا تو کرم کرنا اي لعزش مستانه.

ڏسو، هاڻ ڪڏهن ائين نه چئجو ته قاسم ڳائڻ ڪين ڄاڻندو هو. ٻڌو ۽ ڏاڍي غور سان ٻڌو ته هو عشق جي پٺيان برباد ٿيو ۽ آءُ... آءُ...“ هن جي زبان اٽڪڻ لڳي ۽ هو اونڌو ٿي زمين تي ڪري پيو. ماڻهو وري پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي ويا. ٿوري دير کان پوءِ چانڊوڪي نڪتي ۽ هڪڙو هڪڙو ٿي سڀ پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا.

صبح جو جڏهن نوڪر دوڪان کي ٻهاري ٿي ڏني ته هڪڙي شرابي کي پٽ تي پيل ڏسي هن کي اٿاريائين، ”اٿ! اٿ! صبح تي ويو آهي“.

شرابي چيو، ”شراب! شراب! ٿورو شراب اڃا به کڻي ڏينم. مون پنهنجو سڄو مال ته هن دوڪان ۾ برباد ڪري ڇڏيو آهي... توهين مون کي شراب جو هڪڙو ڍڪ به ڪونه ڏيندئو؟“

نوڪر ڇڙٻ ڏئي چيس، ”ڏس سج چڙهي آيو آهي، هاڻ شراب جو نالو نه وٺ. وڃ وڃي پنهنجو ڪم ڪر“.

شرابيءَ وري منت آزيءَ سان عرض ڪيو، .سج اڀري آيو آهي، اهو ته آءٌ به پيو ڏسان، پرجي شراب جي ڏين ته آءٌ تنهنجو احسانمند رهندس“.

نوڪر نه ڪئي هم ته تم، هن کي ٻانهه کان جهلي کڻي اٿاريائين ۽ چيائين، ”جي پنهنجو خير گهرين ته يڪدم هن دروازي کان ٻاهر نڪري وڃ“.

شرابي جا پير پي اٽڪيا. هو اکيون اڌبند ڪيو ٿاٻڙندو، لڏندو لمندو ٻاهر نڪتو، هن کي اصل خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪيڏانهن پيو وڃان. ٿورو اڳتي وڌي هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ هو هڪڙي ڪسي تي ڪري پيو...

صبح جي نماز کان فارغ ٿي زليخا مسجد جي ٿلهي تي تڙڪي تي نڪري بيهندي هئي. اڄ هن اتهين انهيءَ شرابي کي ڪسيءَ ۾ ڪرندو ڏٺو ته يڪدم هن کي پنهنجي حياتيءَ جو اهو ڏينهن ياد پيو جنهن ڏينهن هوءَ پاڻ بنهه انهي شخص وانگر خسته ۽ پريشان حال مسجد جي سامهون اچي ڪسيءَ تي ڪري هئي. جلدي ڊوڙي وڃي هن کي پهتي ۽ پنهنجي ٻٽونءَ ۾ جيترا پئسا هئس سڀ هن ماڻهو جي ڪپڙن ۾ کڻي اٿلايائين.

انهيءَ تي جو هن شخص منهن مٿي کنيو ته زليخا جتي جي تتي پٿر وانگر ڄمي وئي. ٻنهي جون اکيون مليون. هن مڙسالي جي اکين مان غم ۽ مصيبت جا ڳوڙها پي ڳڙيا، پر زليخا کي ڏسي اهي اکيون خوفناڪ ٿي ويون. هن اٿي بيهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، ۽ هن جي حرڪت مان صفا ظاهر هو ته هن جي مراد اهائي هئي ته اٿي زليخا جي منهن تي ٿڪ اڇلي. پر جڏهن نيٺ هو اٿي ۽ زليخا کي سامهون ٿيو تڏهن زليخا جي اکين ۾ اهو رحم، اها محبت ۽ اها همدردي ڌٺائين جو هٻڪي بيهي رهيو. زليخا پنهنجي محبوب جو نالو وٺڻ چاهيو پر سندس زبان اٿلي ڪانه ٿي، پر سندس ٻئي ٻانهون پاڻ مرادو قاسم کي سنڀالڻ لاءِ کلي پيون ۽ قاسم به پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو، ۽ ائين چوندو زليخا جي قدمن تي ڪري پيو:

مستي مين سر اپنا ساقي ڪي قدم پر هو،

اتنا تو کرم کرنا اي لغزش مستانه.

انهيءَ کان پوءِ دل صاف ٿي وئي ۽ پير صاحب اها حالت ڏسي ٻنهي جو نڪاح پڙهي ڇڏيو، زليخا ۽ قاسم ٻئي پير صاحب جي خدمت ۾ رهڻ لڳا ۽ مرڻ گهڙي تائين ڪڏهن به خدا جي ياد کان غافل نه رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com