سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :10

 

 

ماءُ جو قهر [1]

هڪڙي ڏينهن صبح جو حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ جي ڪناري تي ٻه لاش لڌا، جن مان هڪڙو مرد جو هيو ته ٻيو زال جو. ٻئي ڳوٺ ۾ پنهنجي وسعت آهر مشهور ها. سڀڪو سڃاڻندو هون. زال ڪرڙوڍ هئي پر سال کن کان انهيءَ مڙس سان پرڻي هئي.

هڪ ٻئي سان سلوڪ به چڱو هون جنهن ڪري پاڻ ۾ وڙهي مرڻ جو امڪان ڪونه ٿي ڏٺو، ٿورا گهڻا زيور ۽ نقد پيسا به سندن بدن تي هئا جنهن مان ڦرلٽ جو انومان به نڪري نٿي سگهيو، بلڪ ائين ٿي ڏٺو ته ڪنهن هنن کي تکي اوزار سان خون ڪري ڦليليءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو هو.

جاچ مان ڪجهه پتو ڪونه پيو. ممڪن هو ته ڳالهه لئه مٽي ٿي وڃي ها پر پسگردائيءَ جي ڳوٺن مان هڪڙي ڳوٺ جو هڪڙو نوجوان رشيد نالي جوابدار جي حيثيت ۾ ڦليليءَ جي ٿاڻي تي پاڻ وڃي حاضر ٿيو.

سوالن جي جواب ۾ هن فقط ايترو ظاهر ڪيو، ”آءٌ هن مڙس کي ٻن سالن کان سڃاڻان ۽ هن زال کي ڇهن مهينن کان. هو اڪثر مون کان پنهنجي گهر جي ڀڳل ٽٽل فرنيچر جي مرمت ڪرائيندا هئا ۽ مون کان گهڻو ئي نئون سامان به خريد ڪيو هئائون، جو هن پسگردائيءَ ۾ منهنجو ئي هڪڙو فرنيچر جو دوڪان آهي“.

جڏهن هن کان پڇيو ويو، ”تو هنن کي ڇو ماريو؟“

تڏهن هن تڙي کڙي جواب ڏنو، ”انهيءَ ڪري جو مون انهن جو خون ڪرڻ ٿي چاهيو“.

هي نوجوان بنا ڪنهن شڪ جي، قدرتي ٻار (حرامي) هو. ڄمڻ کان ئي ماءُ پيءُ کان ڌار ٿيل هو ۽ ماءُ پيءُ کان پري پليو نپنو هو. سامت جي عمر ۾ اچي، لکڻ پڙهڻ سکي، پوءِ واڍڪو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين. ڇوڪرو ته غير معمولي ريت ذهين ۽ هوشيار هو، جنهن ڪري پنهنجي ڌنڌي ۾ به گهڻي ترقي ڪري ويو ۽ اگرچه شهر کان پري رهندو هو ته به سندس فرنيچر هائوس مشهور هو ۽ پري جا ماڻهو وٽائنس سامان ٺهرائڻ ايندا هئا. ڌنڌي سان گڏ پڙهڻ جو به شوق هوس ۽ هميشه ناول يا فيلسوفيءَ  جا ڪتاب پڙهندو رهندو هو. طبيعت جو نازڪ مزاج ۽ جوشيلو جوان هو.

هن جي وڪيل هن کي چرئي ٿي پوڻ جي صلاح ڏني.

حقيقت ڪري، ”هرڪو ائين ڀائيندو ته جي هي جوان هوش ۾ هجي ها ته پنهنجن سٺن مان سٺن گراهڪن جو خون ڪري، پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هڻي، پنهنجي روزيءَ کي ڪيئن لت هڻي ها. جاچ مان معلوم ٿيو ته انهن ٻن گراهڪن ٻن ورهين جي اندر جي نه ته به ٻن هزارن جو سامان خريد ڪيو هو. سڀني ائين ٿي سمجهيو ته هو ضرور چريو هوندو نه ته اهڙو ڪم ڇو ڪري ها. پر جي چريو به هوته سڄي جهان مان چونڊي چونڊي انهن ٻن جو خون ڇو ڪيائين؟ ماڻهن اهوئي فيصلو ڪيو ته سخت پورهيو ڪري ڪري ۽ فيلسوفيءَ جا ڪتاب پڙهي پڙهي رشيد جو دماغ ڦري ويو هو.

انهن خيالن کي ڌيان ۾ رکي رشيد جي وڪيل پنهنجي تقرير ۾ چيو، هي جوان پنهنجي ڪم جو ڪاريگر آهي، هر قسم جي ڪوشش وٺي هن هنر کي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي. پر جڏهن ڏٺائين ته ايتري محنت کان پوءِ هن کي محنت جو پورو ڦل نٿو ملي، ۽ سماج ۾ سندس درجو ساڳيو ئي گهٽ ٿو رهي، تڏهن هن کي جوش چڙهي ويو... هي هڪڙو عجيب اتفاق آهي جو هن پنهنجي چريائيءَ جي جوش ۾ ٻن ماڻهن جو خون ڪيو آهي جن سان هن جي ڪنهن قسم جي دشمني يا اڻبڻت ڪانه هئي... وغيره وغيره.

ماڻهن ۾ سسپس ٿيڻ لڳي ۽ سڀني ائين سمجهيو ته بس رشيد جي وڪيل ڪيس کٽيو. سرڪاري وڪيل به ڪو سخت اعتراض پيش نه ڪيو ۽ ٽي اکر ڳالهائي فيصلو جج صاحب جي هٿ ۾ ڇڏيائين.

تنهن کان پوءِ جج صاحب، شايد پنهنجي خاطري ڪرڻ لاءِ جوابدار کان پڇيو، ”توکي ڪي چوڻو آهي؟“

رشيد يڪدم ٽپ ڏئي کڙو ٿيو.

هو هڪڙو کڙو تڙو، برجستو جوان هو. سندس اکين مان هوشياري ۽ سمجهه ظاهر هئي. هن جو آواز بلند ۽ سندس بيهڪ آزاد هئي، جنهن ڪري جيڪي به دليل هن جي وڪيل هن جي چريائيءَ جي ثابتي ۾ پيش ڪيا هئا تن جو اثر هڪڙو هڪڙو ٿي گم ٿيندا ويا. هن بلند آواز سان چٻي چٿي اهڙيءَ طرح پنهنجو بيان شروع ڪيو جو سڀڪو هن جو هڪڙو هڪڙو لفظ ٻڌي سگهي. چيائين، ”جيئن ته آءٌ پنهنجي عمر چرين جي اسپتال ۾ گذارڻ نٿو چاهيان ۽ چرين جي اسپتال ۾ وڃڻ کان موت هر طرح بهتر ٿو سمجهان انهيءَ ڪري سڄي حقيقت ٻڌائڻ ٿو گهران... مون هنن ٻنهي کي انهيءَ ڪري قتل ڪيو جو هو منهنجا ماءُ پيءُ هئا“.

”ماءُ پيءُ!“ ”سڄي ڪورٽ مان رڙ نڪري وئي“.

”هائو، قبلا، ماءُ پيءُ. سڄي حقيقت ٻڌي وڃو پوءِ جيڪا فتويٰ وڻيو سان ڏجو“.

”ٽيويهه ورهيه ٿيا ته هڪڙي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پٽ ڄائو. انهي يڪدم ٻار کي ڪپڙن ۾ ويڙهي سيڙهي رستي کي کڻي ڦٽو ڪيو. هن کي اهو ڪو خيال پيو ته هن جي انهي گناهه کان هڪڙي معصوم ٻار تي ڪهڙا ڪهڙا ستم وهندا... هو ڄڻ ڄائي ڄم کان دوزخ جي باهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو، ۽ حرامزادگيءَ جو اهڙو ته ٺپو هن جي پيشانيءَ تي لڳو جو سڄي عمر ڪوشش سان به لهي نه سگهيو. ٻار جي قسمت ۾ بچڻ لکيل هو سو هڪڙي واڍي صبح جو واٽ ويندي ٻار لڌو. هن پوليس ۾ رپورٽ ڪئي ۽ ڳالهه اخبارن ۾ شايع ٿي. واڍو پاڻ بنا اولاد هو ۽ ٻار کي پاڻ رکڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. پوليس انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو اعتراض ڪونه آندو پر اخبارن جي معرفت ٻار جي ماءُ پيءُ کي به خبر پئي ته ٻار بچي پيو آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي. اڄ ڪلهه زمانو ڏسو ٿا ته ڪهڙو آهي. پنهنجا حقي حلالي ٻار به پالڻ مشڪل آهن ته ڪنهن کي ڪهڙي گتي پئي آهي جو ڪنهن ٻئي جا ٻار پالي ۽ سو به خاص هڪڙو غريب واڍو.

”پر نه! اهو واڍو، جنهن جي حوالي قسمت مون کي ڪيو هو، منهنجي ماءُ پيءُ کان وڌيڪ مهربان ۽ رحمدل هو. هن بازن جو پورهيو ڪري، پاڻ بکون ڪاٽي به مون کي آسائش سان پاليو نپايو، پڙهايو لکايو ۽ هنر سيکاريو. توهين سمجهندئو ته آءٌ انهيءَ لاءِ شڪر گذار هوس. ها، برابر شڪر گذار ته بلڪل هوس پر انهيءَ جي اها نيڪي مون لاءِ هڪڙو عذاب هئي. آءٌ هميشه ائين چوندو هوس، ”يا الله، اهڙي محتاجي، اهڙي خيرات ۽ اهڙي احسان کان ته مون کي ماري ڇڏين ها ته بهتر هو.

”سڄي پاڙي، نه بلڪ سڄي ڳوٺ، سڄي دنيا کي منهنجي ڄم جي خبر هئي. آءٌ سياڻو ٿيندو ويس. هڪڙي ڏينهن اسڪول ۾ راند ڪندي، هڪڙي ڇوڪري مون کي ”حرامي“ ڪري ڪوٺيو. اگرچ انهيءَ ڇوڪري کي انهي لفظ جي معنيٰ جي به پوري خبر ڪانه هئي، مون کي خبر هئي ته هن ڪنهن خاص مطلب سان مون کي اهو لقب ڪونه ڏنو آهي، ته به مون کي باهه وٺي وئي ۽ منهنجو هانو ڦاٽو.

”آءٌ بنا ڪنهن غرور جي خاطريءَ سان چئي ٿو سگهان ته اسڪول ۾ مون جهڙو هوشيار ۽ چالاڪ ڪونه هو. جي منهنجا ماءُ پيءُ مون کي پڙهائين ها، جي آءٌ حلالي هجان ها ته وڏي درجي کي پهچان ها، ۽ منهنجي سنڀاليندڙ غريب واڍي به انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو عذر نٿي ڪيو. جيڪي هوس هو منهنجي تعليم جي پٺيان لائڻ ۾ راضي هو، پر انهيءَ واقعي کان پوءِ منهنجي دل ٽٽي پئي. سمجهيم ته ڪيترو به پڙهان، ڪيڏي به عهدي کي رسان، ته به اهو ٽڪو جو منهنجي ماءُ ڄمڻ گهڙيءَ سان منهنجي پيشانيءَ تي هڻي ڇڏيو هو، سو مرڻ گهڙيءَ تائين ڪونه لهندو. ها منهنجي خواهش اها ئي هئي ته سڪول ڇڏي ڪو اهڙو ڌنڌو اختيار ڪريان جنهن ۾ خود مختيار هجان، جنهن ۾ مون کي ٻين سان ڪو تعلق رکڻو نه پوي، جنهن ۾ پنهنجي منهن رڌو پيو هجان. انهيءَ ڪري هي هنر سکي پنهنجو دوڪان کوليم جنهن ۾ پنهنجي سر مٿو هڻي، خدا جي مهربانيءَ ۽ پنهنجي شوق ۽ ڪوشش سان چڱي ترقي ڪيم. سکيو وقت گذريو...

”پر، قبلا، مون کي سدائين اهو خيال دل تي هو ته اهو گناهه منهنجي ماءَ ۽ پيءُ نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڪيو هو، پر انهي گناهه جي سزا مون کي ڀوڳڻي ٿي پئي. آءٌ بيڪس، بي يار ۽ بي مددگار، بنا رحم ۽ بنا ڪرم رهجي ويس. انهن جو فرض هو ته مون کي محبت ڏين، مون کي سنڀالين، پر هنن مون کي ڌڪاري کڻي ڦٽو ڪيو. ساري عمر ماءُ جي محبت جي بدران ماءُ جو قهر منهنجي سر تي پي وٺو“.

”مون کي زندگي انهن جي صدقي ملي“ پر هاءِ! ڪهڙِي نه زندگي. اها زندگي مون لاءِ جان جو آزار آهي. هنن جي بيشرمي جي ڪري منهنجي دل م هڪڙوئي خيال گهر ڪرڻ لڳو، اهو خيال هو موت جو. هنن مرن کان به لنگهائي ڇڏي هئي، ۽ حيوانن کان به وڌيڪ مون سان بدسلوڪي ڪئي هيائون، ۽ اخلاق ۽ فطرت جي برخلاف حد لنگهائي چڪا هئا“.

”دنيا ۽ قدرت جو دستور آهي ته جنهن ڳالهه کان ڪو انسان ڀڄندو آهي، ته جتي ڪٿي اها ئي ڳالهه آڏو ايندي اٿس؛ جنهن جي مال ملڪيت لٽجي ويندي آهي اهو روئي پٽي وري به پنهنجي ڀونگي اڏي ويهندو آهي؛ جنهن کي ڌوڪو آيو آهي، جنهن کي روحاني ۽ جسماني تڪليف ڏني ويندي آهي اهو رت ڪاڻ پيو اڃائبو آهي ۽ جيڪو هم جنسن ۾ بي عزت ۽ ذليل ڪيو ويندو آهي، اهو خون ڪرڻ تي ڪمر ٻڌي ويهندو آهي...

۽ آءٌ... آءٌ... ڦريو لٽيو ويو هوس... مون کي روحاني ۽ جسماني تڪليف پهچائي وئي هئي ۽... ها قبلا، آءٌ بي عزت ۽ ذليل ڪيو ويو هوس... تنهن ڪري مون اهي خون ڪيا ۽ پنهنجو وير ورتم. ڇا، اهو منهنجو حق نه هو؟

”اوهين ڀلي مون کي ماءُ پيءُ جو خوني سڏيو. پر سوال آهي ته هي ٻئي فوتي منهنجا ماءُ پيءُ سڏجڻ جا لائق آهن؟ اهي جن تي آءٌ هڪڙو اڻ گهريو ٻار هوس؛ جن لاءِ آءٌ هڪڙو خوف، خطرو ۽ ذلت هوس؛ جن لاءِ منهنجو ڄم هڪڙو عذاب هو ۽ منهنجي زندگي هڪڙي وڏي اٽڪ، هنن نفس اماره جي پيروي ڪئي؛ هنن نفساني خواهش جي پورائي ڪئي؛ ۽ هنن کي اڻ گهريو ٻار ڄائو، هنن انهيءَ کي ڌڪي ڇڏيو... پر فطرت يا قدرت ٻار کي بچائي رکيو... وير وٺڻ لاءَ نه ته ٻيو ڇا لاءِ؟

”تنهن هوندي به آءٌ پڇاڙي تائين انهن سان محبت ڪرڻ لاءِ تيار هوس. جيئن آءٌ چئي چڪو آهيان، مرد فوتي پهرين پهرين ٻه سال ٿيا هئا ته ڏٺو هوم. مون کي ڪوبه شڪ ڪونه پيو. هن ٻه ننگ فرنيچر جا ٺهرايا، پوءِ، گهڻو پوءِ مون کي خبر پئي ته هن ڄاڻي واڻي مون کي ڄاڻي سڃاڻي مون سان آمدورفت رکي. اڪثر منهنجي دوڪان تي ايندو هو ۽ گهڻوئي سامان خريد ڪري ويندو هو، ۽ بازاري اگهه کان به وڌيڪ قيمت ڏئي ويندو هو. ڪڏهن ته ويهي مون سان دنياسازيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. مون کي هن جون ڳالهيون وڻنديون هيون ۽ پاڻ به وڻندو هوم. منهنجي دل خودبخود ڏانهس ڇڪجي ويندي هئي..:“

”هن سال جي منڍ ڌاري هو انهيءَ زال کي جا منهنجي ماءُ هئي ساڻ وٺي آيو. جڏهن هو پهرين پهرين منهنجي دڪان تي آئي ته سڄي پي ڏڪي، مون خيال ڪيو ته شايد سندس دل ضعيف آهي، ۽ دل جي ڌڙڪ اٿس، مون کان ٿڌو پاڻي گهري منهنجي پيءُ جي پاسي ۾ ويهي رهي. هن زبان سان هڪڙو اکر به ڪونه ڳالهايو ۽ چتائي ڏاڍي شوق سان منهنجي ڪم کي ڏسڻ لڳي. منهنجي پيءُ جيڪي به کانئس پڇيو ٿي انهي جي جواب ۾ فقط ها نه کان سواءِ ٻيو ڪو جواب ڪونه ڏنائين“.

”ٻئي مهيني هو وري آئي. هن ڀيري هو سنڀاليل هئي ۽ مون سان گهڻي ئي ڳالهيون ڪيائين ۽ وڃڻ مهل هڪڙو وڏو آرڊر ڏئي وئي. مون وري هن کي ٽي ڀيرا ڏٺو، پر تڏهن به مون کي ڪوشڪ يا گمان ڪونه پيو هو. پر هڪڙي ڏينهن هيءَ مون کان پنهنجي اصل نسل، ماءُ پيءُ ۽ گذران وغيره جي خبر چار پڇڻ لڳي. تنهن تي مون جواب ڏنومانس، ”صاحبه! مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي خبر ڪانهي ته ڪير هئا. انهن مون کي ڄڻي کڻي الله جي آسري واٽ تي ڦٽو ڪيو“. انهيءَ تي هن هٿ کڻي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو ۽ بيهوش ٿي ڪري پئي. تڏهن يڪدم مون کي خيال آيو ته شايد اهائي منهنجي ماءُ آهي، پر مون هن کي کڙڪ پوڻ نه ڏني ته مون کي ڪو اهڙو شڪ پيو آهي.

هاڻ پنهنجي منهن آءُ هنن جي حالت دريافت ڪرڻ لڳس جو هاڻ منهنجو وارو هو. مون کي خبر پئي ته اڳئين جولاءِ جي مهيني ۾ هن شادي ڪئي هئي، وڌيڪ معلوم ٿيو ته هن جو ڪنواري هوندي منهنجي پيءُ سان رستو هو، پر انهن جي مائٽن ۾ اڻبڻت  هئڻ ڪري منهنجي ماءُ جي مائٽن هنن کي منهنجي پيءُ سان شادي ڪرڻ نه ڏني. نيٺ منهنجي پيءُ ته ٻئي هنڌان شادي ڪئي پر منهنجي ماءُ ائين رهجي وئي. منهنجي پيءُ جي پهرين زال کي گذرئي هاڻ ٽي سال ٿيڻ تي هئا ته نيٺ هن منهنجي ماءُ جي مائٽن کي مڃائي هن سان شادي ڪئي. پر سندن پهرين ڏينهن جي دوستي ۽ نفساني محبت جو نتيجو آءٌ هوس... جنهن کي هنن منڍ کان ئي پاڻئون تڙي پري ڪيو هو.

هڪڙي ڏينهن شام جو هوءَ وري مون وٽ آئي. واردات واري ڏينهن. دستور موجب منهنجو پيءُ به ساڻس آيو. انهيءَ ڏينهن نمونو ئي ٻيو هوس. خدا ڄاڻي ڇو. وڃڻ کان ٿوروئي اڳ مون کي چيائين، ”خدا توکي پنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي بخشي جو تون مون کي محنتي ۽ ايماندار ٿو لڳين. هينئر تنهنجي شادي ڪرڻ جي عمر آهي... ضرور ڪا ڇوڪري ڳولهي شادي ڪج. آءٌ توکي ٿوري مدد ڪري سگهنديس جو مون کي خبر آهي ته شاديءَ کي خانه آبادي تڏهن ٿو چئي سگهجي، جڏهن ٻئي دليون مليل هجن ۽ ٻنهي ۾ انتهائي محبت هجي. منهنجي گهرواري به پهرين شادي پنهنجي پسنديءَ جي برخلاف ڪئي هئي ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون ڏٺائين. مون کي خدا سڀ ڪي ڏنو آهي، آءٌ سکي آسودي آهيان، پر مون کي اولاد ڪونهي. هان، هي وٺ پنهنجي شادي جو خرچ...“

ائين چئي پنهنجن ڪپڙن مان هڪڙو سيل مهر ٿيل لفافو مون کي ڏنائين.

مون هن جي اک سان اک ملائي چيو، ”ڇا؟ تون منهنجي ماءُ آهين؟“

هوءَ يڪدم دهلجي پٺتي هٽي ۽ پنهنجي وات تي کڻي هٿ ڏنائين... منهنجي پيءُ هن کي پنهنجي ٻانهن جي ٽيڪ ڏني ۽ هرٻيندڙ آواز سان مون کي چيائين، ”تون ته ڪو چريو ٿو ڏسجين!“

مون چيو، ”هرگز نه. آءٌ چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته اوهين منهنجا ماءُ پيءُ آهيو. آءٌ اهڙو سٿرو ٺڳجڻ جو نه آهيان. توهين قبول ڪريو پوءِ خاطري رکو ته آءٌ اوهان جو ڳجهه ڪڏهن به ظاهر ڪونه ڪندس... نه اوهان کي ستائيندس، پر پنهنجي باقي حياتي واڍڪي ڪم ۾ دل جاءِ ڪري پيو گذاريندس“.

پر هو پنهنجي زال جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي دروازي ڏي وڌڻ لڳو. هوءَ پي رني. آءٌ اڳڀرو وڌي ويس ۽ دروازو بند ڪري، انهيءَ ۾ ڪنجي ڦيرائي، ڪنجي کيسي ۾ وجهي بيهي رهيس، ۽ چيم، ”هن ڏي ڏسو! توهين اڃا به ائين چوڻ جي جرائت ڪريو ٿا ته هيءَ منهنجو ماءُ ڪانهي؟“

هو ڪاوڙ کان پيلو سائو ٿي ويو. منجهي پيو. شايد انهيءَ خيال منجهائي وڌس ته، جنهن ڳجهه کي هن ساري عمر سانڍيو پي سانڍيو اهو ڳجهه اوچتو ئي اوچتو ڦاٽي پيو. جي اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته ڪيڏي نه بدنامي ٿيندي! ۽ وري ڪاوڙ مان مون کي چوڻ لڳو، ”تون بدمعاش آهين! اسان کان پئسا ڦرڻ ٿو چاهين... توهان ڪمذات ماڻهن سان مهرباني ۽ ڀلائي ڪرڻ جو اجهو اهو نتيجو ٿو ملي“.

”منهنجي ماءُ گهٻرايل هئي، ۽ ذري ذري پي چيائين، .هتان نڪري هلون ته چڱو... نڪري هلون ته چڱو!“

پر جڏهن هن ڏٺو ته دروازي کي ڪلف لڳل آهي ته وري مون ڏي منهن ڪري چيائين، ”جي اشرافت سان دروازو نٿو کولين ته ياد رک هن دغابازيءَ ۾ زبردستي لاءِ توکي جيل ڀوڳڻو پوندو... “

”ٿوري دير ته آءٌ ماٺ ۾ رهيس، پر ماءُ جي حالت ڏسي مون کي دل ۾ قياس آيو ۽ اڳتي وڌي دروازو کوليم. هو نڪري ويا ۽ اوندهه ۾ هنن کي شامداس پارڪ ڏانهن ويندو ڏٺم“.

انهيءَ مهل مون کي ائين لڳو ڄڻ ته مون تي ڪا بجلي ڪري آهي، منهنجين اميدن تي پاڻي ڦري ويو آهي، ڄڻ تباهي ۽ بربادي گهيري وئي اٿم. منهنجي دل ۾ رکي رکي ڏک ۽ ڪاوڙ، رنج ۽ نفرت، مايوسي ۽ بيزاريءَ جون لهرون پي اڀريون. هنن جي بي انصافي، بي عزتي ۽ هنن جو قهر منهنجي اکين آڏو ڦري ويا. جنهن ريت هنن منهنجي محبت کي ڌڪاريو هو، انهيءَ ريت انهن کي بڇڙي ڪرڻ جو ارادو ڪيم. اهو خيال ڪري آءٌ هنن جي پٺيان ڊوڙيس ته ڦليليءَ جي ويجهوئي وڃي رسان ۽ کين بيرحميءَ جو مزو چکايان.

جلدئي آءٌ وڃي انهن کي پڳس. انهيءَ مهل اوندهه به گهڻي هئي. منهنجي ماءُ اڃا پي رنو ۽ منهنجي پيءُ هن کي چيو، ”هي سڄو تنهنجو ڪم آهي. تون هن کي ڏسڻ لاءِ ڇو پي ماندي ٿينئن؟ توکي خبر به هئي ته هن کي کڙڪ پئجي وئي ته اسان جي ٻيڙي ٻڏي ويندي. پاڻ کي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ به هن کي گهڻي مدد ڪري ٿي سگهياسون...“

”آءٌ ڊوڙي وڃي گڏيوسان ۽ ليلهائي چيو، مان، ”ڏسو! ڏسو! اوهين منهنجا ماءُ پيءُ آهيو. مون کي اڳي ته ڏسي وائسي کڻي ڦٽو ڪيو، هاڻ وري به ساڳي حالت ڪرڻ ٿا گهرو ڇا؟“

”انهيءَ تي منهنجي پيءُ مون کي هڪڙي چماٽ ٺوڪي ڪڍي. مون بيتاب ٿي هن کي ڪوٽ کان کڻي جهليو ته هن کيسي مان هڪڙو ڪپ ڪڍيو، ۽ مون تي الر ڪري آيو...

”هاڻ ته، قبلا، منهنجو مٿو ئي ڦري ويو، آءٌ پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري ويس ۽ نيٺ اهوئي ڪيم جنهن تي سڄي عمر خيال پي ڊوڙايو هوم. واڍو ته اڳي ئي آهيان، سو ڪپ ته هميشه کيسي ۾ رهندو هوم. هن جو ڪپ ڏسي مون به پنهنجو ڪپ ڪڍيو ۽ هڪڙي ئي ڌڪ سان هن جو فيصلو ڪري ڇڏيم.

”تنهن تي هوءَ، ”خون! خون!“ جون دانهون ڪرڻ لڳي ته مون هن کي به هڪڙو ڌڪ هڻي دوزخ جي حوالي ڪيو، ۽ ٻنهي کي ڦليليءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو...

”آءٌ پنهنجي عمر چرين جي اسپتال ۾ گذارڻ نٿو گهران، انهيءَ ڪري جو آءٌ چريو ڪونه آهيان، آءٌ بلڪل هوش ۾ آهيان... تنهن ڪري مون کي خون جي سزا ۾ ڦاسي ڏجو، جو آءُ خوني آهيان...“

جوابدار ويهي رهيو.

جج صاحب هن کي بيڏوهي ٺهرائي ڇڏي ڏنو.

وڪيلن ۾ ڪيترا ڏينهن بحث هليو ته اها فتويٰ قاعدي جي لحاظ کان غلط هئي... پر ڪير چئي سگهي ته جج صاحب قاعدي جي لحاظ سان يا انصاف جي لحاظ سان اها فتويٰ ڏني.

توهين کڻي فيصلو ڪريو ته ڪورٽ جي فتويٰ صحيح هئي يا غلط.

 


 

 

ڀاڄائيءَ جي مضمون نويسي

 

]هن ۽ هن کان پوئين آکاڻي ۾ منهنجا سنگتي ۽ ساٿي جي منهنجي سنگت جا واقف آهن، ضرور ائين سمجهندا ته هنن آکاڻين ۾ ڪن خاص ماڻهن جو بيان آهي. پر آءٌ خاطري ٿو ڏيان ته اگرچه منهنجي خبر هوندي ڪي اهڙا واقعا ٿي گذريا آهن، ته به ڪن خاص ماڻهن ڏي اشارو ڪونهي.[

”ادا، ٻڌو ٿا؟“

مون جواب ڏنو، ”ها، ڀاڄائي، ڇا پئي چوين؟“

”اوهان ”سنڌو“ (1) پڙهيو؟“

”ڪهڙي مهيني جو؟“

”هن سيپٽمبر مهيني جو“

”ها، مون پڙهيو آهي.“

”پهرئين صفحه تي ڏياري نمبر نڪرڻ جو اشتهار پڙهيو؟“

”ها، ڪا اهڙي ڳالهه دل سان لڳيم ته پئي، شايد پڙهيو هوندم.“

”سنڌوءَ جي مهتمم اعلان ڪيو آهي ته، انهيءَ نمبر لاءِ سڀني کان وڌيڪ چرچي جهڙي مضمون لاءِ پنجاهه روپيا انعام ڏنو ويندو“.

”چڱو! پر اهي لفظ منهنجي نظر مان ته ڪين گذريا“.

”تڏهن توهان پڙهيو ڇا، ڌوڙ؟ انهيءَ کان سواءِ پنج انعام ڏهين ڏهين روپئي جا به مقرر ڪيا ويا آهن.“

”تمام چڱو! پوءِ ڪهڙو ارادو آهي؟“

”آءٌ خيال پئي ڪريان ته آءُ به هڪڙو مضمون لکي موڪلي ڏيان، پنجاهه روپين مان گهڻائي ڪم نڪري پوندا“.

”چڱو! تڏهن توکي اميد آهي ته تو کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به انعام نٿو ملي سگهي“.

”ڀلا آءٌ اهڙي اميد ڇونه رکان؟ ڇو؟ آءٌ لکي ڪانه ڄاڻان ڇا؟“

”مون ڪڏهن چيو ته تون لکي ڪون ڄاڻين. پر اهو به ياد رکجئين ته سڄي سنڌ جا مضمون نويس پنهنجو قلم هلائيندا. سنڌ ۾ به ڪيئي گڻنگ لکڻ وارا پيا آهن“.

”پوءِ ڇا! جو ماڻهو مٿو هڻي مضمون لکندو انهيءَ کي ئي انعام ملندو. ڪڏهن به ڪنهن جي محنت اجائي نٿي وڃي“.

آءٌ قبول ٿو ڪريان ته ته ڪنهن جي به محنت اجائي نٿي وڃي. آءٌ ٿي پڇان ته نيٺ انهي بحث ڪرڻ مان اوهان جو مطلب ڇا آهي؟“

”منهنجو مطلب آهي ته توکي خاطري ڏياريان ته تنهنجو خيال غلط آهي، تنهنجون اميدون اجايون آهن، ۽ تنهنجو مضمون ڪڏهن به پهريون نمبر ڪين ايندو“.

”ٺهيو، کڻي پهريون نمبر نه ئي اچي، مَنَ ٻئي يا ٽئي نمبر جي انعام جو لائق ٿئي. ٻيا پنج انعام به ته آهن نه؟ مَنَ انهن مان هڪڙو اڌ مون کي ملي پوي؟ آءٌ ڏهه روپيا به کڻي قبول ڪندس، نه کان، اهي ئي چڱا“.

”تون اها اميد به لاهي ڇڏ. سنڌ جي چئني ڪنڊن کان مضمون ايندا، انهن جي مقابلي ۾ تنهنجو مضمون مورن ۾ ڪانگ جهڙو پيو لڳندو. جي فقط تنهنجو مضمون ڇاپڻ جو لائق ڄاڻن ته اهائي غنيمت سمجهجئين“.

”بس، بس! خدا جي واسطي وڌيڪ بدسڳڻي نه ڪريو. توهان سان ته ڪا ڳالهه ڪري پڇتائڻو ٿو پوي. پهرين سَٽَ ڪنهن جي دل ڀڃيو ڇڏيو، پوءِ مضمون ڇا، ڌوڙ لکيو ٿيندو؟ توهين پاڻ ته مضمون لکي ڪونه ڄاڻو ۽ ڀانيو ته ڪو ٻيو به نه لکي ته چڱو“.

”نه، نه! تون لک ۽ ڀلي لک. آءٌ پاڻ دعا ڪندس ته ڇهئي انعام توکي ملن ۽ ٻيا مضمون تنهنجي مضمون جو منهن تڪيندا رهجي وڃن. پَرَ ڀاڄائي، ڳالهه ٻڌي اٿئي دعا ته آءٌ ضرور ڪندس، پر انعام اڌواڌ ورهائڻ جو انجام ڪري ڇڏ“.

توهان کي هڪڙي ڪوڏي به ڪين ڏينديس. اڄ ڪلهه اسان کي پاڻ پيسن جي ضرورت آهي. اڃا سياري لاءِ گرم ڪپڙا ڪونه ورتا اٿئون. پنجاهه روپيا ته ڄڻ چٽڻي ٿي ويندا. بس، مني آرڊر اچڻ جي دير آهي، هت آيا ۽ هت ويا“.

”ٻيو نه ته مَنَ روپئي ٻن جي مٺائي کارائين!“

”ادا، اوهين به عجيب انسان آهيو. ٻڌو به پيا ته مون وٽ دمڙي به ڪانه بچندي، نه ته ڀاءَ کان مٿي روپيا ڪهڙي شيءِ آهن“.

اڃا قصو انهيءَ حد کي رسيو هو ته ادو حميد لڪڻ ڦيرائيندو، سيٽي وڄائيندو اندر گهڙيو. هن جو دستور هو ته چئين بجي آفيس مان نڪري سڌو پنهنجي دوست نذير جي گهر بنهه ائين وڃي نڪرندو هو جيئن رڍون سڄو ڏينهن جهنگ ۾ چري پاڻهي پاڻ شام جو وٿاڻ ۾ اچيو بيهن. هن جو چوڻ آهي ته دوستن سان يٽ شٽ هڻڻ ڪري سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهيو وڃي انهيءَ ڪري هو ڪڏهن به سج لٿي کان اڳ ڪونه ايندو هو. انهيءَ ڏينهن به شام جي نماز مهل گهر آيو ۽ آفيس جا ڪپڙا مٽائي اڱڻ ۾ کٽ تي چڙهي ويٺو ۽ پکي جي ڏنڊي سان پنهنجي پٺ کنهندي ڀاڄائي کي چيائين، ”دلارام ڪا خير جي خبر چار ٻڌاءِ، ڏينهن ڪيئن گذريو؟“

مون ڀاڄائيءَ ڏي ٽيڏي نظر ڪري جواب ڏنو، ادا انهيءَ کان وڌيڪ ٻي خير جي خبر ڪهڙي ته ڀاڄائيءَ کي چرچي جي مضمون لکڻ لاءِ پنجاهه روپئي جو انعام ملڻو آهي. اجهو سڀاڻ جا پرهينءَ مني آرڊر اچي ويندو“.

حميد: ڇا؟ سچي ٿا چئو يا اجايو پيا مون کي چيڙايو.

آءٌ: سنڌوءَ جي ڏياريءَ جي نمبر جو قسم ته هڪڙو هڪڙو لفظ سچو آهي. منجهس هڪڙي تر جيترو به ڪوڙ ڪونهي.

حميد: ته ڀلا اسين به ته ڏسون ته اهو مضمون ڪهڙو آهي.

تنهن تي ڀاڄائيءَ نڪ چاڙهي جواب ڏنو، ”سو لکيو ڪٿي جو اوهين ڏسندئو؟ هن نڀاڳي گهر جي ڪم ڪار کان فرصت نصيب ٿئي ته ٻه چار اکر لکي وٺنديس. ٻيو ادي جي ته هميشه اها عادت آهي ته ٿوري ڳالهه تي به پيٽ ۾ هاءِ واويلا اچي لڳندس ته ڪنهن کي ٻڌايان. جيسين پيٽ هلڪو نه ڪندو، تيسين ماني هضم ڪانه ٿينديس. ٿوري گهڻي ڳالهه مان کڻي ڳالهوڙو بنائڻ ته هن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. مون ته لفظ ايترو چيو هو ته سنڌوءَ جي ڏياري نمبر لاءِ منهنجو به ارادو هو ته آءٌ مضمون لکان. هاڻ هن جي سمجهه ۾ جيڪي به اچي سو سڄي زماني ۾ اڏائيندو وتندو. چوڻ واري جي زبان کي خدا جهلي“.

حميد: مار هتي ته مرڻ کان اڳ ئي پٽڻ شروع ٿي ويو! پر، نه دلارام تون ضرور ڪوشش ڪج. نيڪ ارادن جي پڇاڙي هميشه نيڪ ٿيندي آهي.

ڀاڄائي: پر...

آءٌ: وچ ۾ ٽپي پوڻ معاف ٿئي، پر تو ٻڌايو ئي ڪونهي ته مضمون ڇا تي لکنديئين“.

ڀاڄائي: ڇاتي؟ اڙي ادا، سوين خيال منهنجي دماغ ۾ ڀريا پيا آهن. ڪو هڪڙو هجي ته ٻڌايانو. فقط فرصت ملڻ جي دير آهي. لکڻ وهان سهي پوءِ مضمون ائين هلندو ڄڻ درياهه پلٽيو.

آءُ: تڏهن به ٻڌون ته سهي. ڳالهه کولي ڪجئين. گڏيل ڳالهه منهنجي مغز ۾ ئي نٿي ويهي.

ڀاڄائي: ٻڌوس! گڏيل ڳالهيون وري آءٌ ٿي ڪريان! ۽ ڳالهه ڪهڙي به گڏيل هجي ته اوهان کان ڪيئن لڪل رهندي؟ سنڌو اوهين به پڙهندا آهيو. جڏهن منهنجي حق ۾ پنجاهه روپين جي انعام جو اعلان ٿيندو تڏهن اوهان به پڙهندا. چنڊ اڀرندو آهي ته سڄي دنيا ڏسندي آهي.

آءٌ: تڏهن، من اشاري طور اسان کي ٻڌايو. اهو ياد رکجو ته مضمون چرچي جو هجڻ گهرجي، نه ته انعام ڪونه ملندو.

ڀاڄائي: (مرڪي) واه! ٻلي شير پڙهايا ڦر شير ٻلي ڪون کاوڻ آيا. انهي اشتهار جو ٻڌايومانس به مون، وري مون کي ٿو ٻڌائي ته مضمون ڪهڙو هجڻ گهرجي. ادا اوهين خاطري رکو. مون اشتهار پوريءَ طرح پڙهيو آهي، ۽ جي هڪڙو مضمون هجي ته ٻڌايانو. مون ته اڳي ئي چيو آهي ته منهنجو دماغ مضمونن سان ڀريو پيو آهي. سو ڪهڙو ٻڌايانو. جڏهن لکڻ وهنديس، تڏهن خبر پوندي.

(2)

ڀاڄائيءَ چيو: ٻڌو ٿا؟

ادي حميد جواب ڏنو، ”ها، بيگم ڇا ٿي چوين؟“

”آءٌ ڏياري نمبر لاءِ اڄ مضمون لکڻ شروع ڪنديس“

”پوءِ ڪهڙو خيال آهي؟ ڇا سڄي شهر ۾ ڍنڍورو ڏياريان ته اڄ منهنجي بيگم صاحبه، اديبه فاضله مضمون تحرير فرمائيندي تنهن ڪري سڀ شهر جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ ماٺ ڪري ويهن ۽ گوڙ گهمسان نه ڪن؟“

”لاحول ولا، ڪهڙا نه انسان آهيو! منهنجو چوڻ جو مطلب هو ته آفيس کان موٽندي هڪ مس جي ڪپڙي ۽ هڪڙي فائونٽين پين وٺيو اچجو. هن گهر ۾ ته نه ڪڏهن آهي مس، نه ڪو قلم. جڏهن ڪو لکڻ جو ڪم پوي ته پاڙي مان پني منڱي پئي ڪم ٽپايان. پر نيٺ به بي غيرتي جي ڪا حد آهي. ٽڪي جي مس قلم لاءِ خان صاحب جي زال جا هزار گفتا ٻڌڻا ٿا پون. ها، پر فائونٽين پين ڪهڙي آڻيندو آهي“.

”اهڙي ساڳي جهڙي خود وائسراءِ هند ڪم آڻيندو آهي“.

”توبه! اوهان کي ته ڳالهه ڳالهه تي مسخري ٿي سجهي. ڪا ڳالهه ٿي ڪجي ته اوهين چرچن ۾ اڏايو ڇڏيو“.

”واه! هي چڱو داد پيو ملي. چرچي ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو هو ته مضمون لکڻ کان اڳ ئي تنهنجي طبيعت ۾ چرچو مسخري جاءِ ڪري وڃي، جو آخر به چرچي جو مضمون لکڻو اٿئي.

پر ٺهيو! جي اها ڳالهه توکي پسند نه ٿي اچي ته آءٌ اقرار ٿو ڪريان ته اڳتي ڪنهن فيلسوفي طريقي سان توسان تمام سنجيدي گفتگو ڪبي... ها، سو اوهان مس جي ڪپڙي ۽ فائونٽين پين جي فرمائش ڪئي هئي. تمام چڱو. اسان پنهنجو سڄو ڌيان لائي اوهان جو حڪم ٻڌو ۽ اوهان جا لفظ اسان جي لوح قلب تي نقش ٿي ويا آهن. جي عمر وفا ڪئي، خدا طاقت بخشي، ۽ خدا تعاليٰ جلشانه جي مرضي شامل حال رهي، ته انشاءَ الله سڀ شيون خدمت ۾ حاضر ڪبيون. درآنحاليڪ، اهو امر مسلم آهي ته، اوهان جو قضيئه فرامين المقاصده درحقيقت عامته الورود جي پابندين کان آزاد ۽ منوي الرڪن جي زنجيرن ۾ مقيد آهي، تنهن هوندي به اشياءِ مطلوبه جو حصول ناقابل منفصله ۽ ممتع فيه آهي“.

ادي حميد جو ٻه چار لمبا چوڙا لفظ جاءِ بجاءِ، معنيٰ بي معنيٰ استعمال ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته ڀاڄائيءَ جون ته وايون بتال ٿي ويون. ٻيو ته وس ڪونه ٿي هليس، پر ويچاري معصوم ٻار جا ڪڇ ۾ هيس انهيءَ کي ٻه ٽي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. چي نامراد، صبح ئي صبح ۾ ضد تي چڙهي آهين! توکي حلوو پوري ڪٿان سڏائي ڏيان؟ جي مون وٽ ايترا پئسا هجن ها ته جيڪر آءٌ مضمون لکڻ لاءِ مس قلم نه سڏائي وٺان ها“.

ناشتو ڪري ادي حميد ڪپڙا مٽايا ۽ آفيس وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ڀاڄائي به دل ۾ تاڻيو ته هن مهل آڪڙ ڪرڻ کان هيڪاري نقصان رسندو، جي هينئر وري ياد نه ڏياريم ته شام جو مس قلم نصيب ڪونه ٿيندا. تنهن تي چوڻ لڳي، فائونٽين پين ياد رکجو متان وساري ڇڏيو ۽ مون کي پنجاهه روپئي جو نقصان رسي. باقي ٿورا ڏينهن وڃي بچيا آهن.

”تمام چڱو“.

”۽ مس جي ڪپڙي به“

”تمام چڱو“

”۽ ها، اڇا ڪاغذ به ڪينهن. دستو کن وٺيو اچجو“.

”تمام چڱو“

”نوٽ پيپر جو هڪڙو پئڊ به. مضمون سان گڏ سنڌوءَ جي مهتمم ڏي خط به ضرور لکڻوپوندو“.

”تمام چڱو“.

”توبهه طوطي وانگر ٻه لفظ کڻي ياد ڪيا اٿو. هاڻي تمام چڱو جي ڌم لائي ڏجو ۽ سانجهين جو اچي چئجو ته مون کي ڳالهه ئي وسري وئي“.

”تمام چڱو... ٻيو ڪي؟“

”بس“.

سانجهين جو ادي حميد گهر ۾ پير پاتو ئي مس هو ته سندس ٻار جي ماءُ جو سڀني کان پهريون سوال انهن شين بابت هو جن جي صبح جو فرمائش ڪئي هيائين. پڇيائين ته، سي وٺي آيئو.

ادي حميد وائڙو ٿي پڇيو ته: ”سي ڇا؟“

”اهي شيون جي مون چيون هيون“.

”ڪهڙيون شيون؟“

”مضمون لکڻ لاءِ مس قلم وغيره“

”ڪهڙو مضمون“

”لاحول ولا! اصل ٻار ٿي پيا آهيو... هو ڏياري نمبر وارو...“

”اڙي هائو، برابر، مون کي هينئر ڳالهه ياد آئي. اجهو هينئر ٿو آڻيان، بس، اک ڇنڀ ۾“.

”ائين چئي ادو حميد ٻاهر نڪري ويو ۽ اڌ منٽ ۾ اهي سڀ شيون کڻي آيو جي ڄاڻي واڻي اندر اچڻ کان اڳ جاري ۾ لڪائي آيو هو“.

ڀاڄائيءَ جي ڪاوڙ به اهي شيون ڏسي ڍري ٿي.

 

(3)

انهيءَ واقعي کان پورو هڪڙو هفتو پوءِ آءٌ ڀاڄائيءَ جي گهر آيس. رات جا نو لڳا هئا. ادي حميد کٽ تي ليٽيو اخبار پي پڙهي ۽ ڀاڄائي ڪجهه لکڻ ۾ مشغول هئي.

مون بيخبر ٿي پڇيو، ”ڀاڄائي. ڇا پيو لکجي؟“

”اڙي ادا! اهو ساڳيو ڏياري نمبر لاءِ مضمون جو اڃا نه لکي سگهي آهيان“.

”ڀاڄائي تون به غضب ٿي ڪرين، لکين چرچي جو مضمون ۽ سو به وري رات جو“.

”ڇو، انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟“

”حرڪت؟ توکي خبر ڪانهي ته رات جو بتيءَ اڳيان جيڪي ٿو لکجي انهيءَ ۾ گاسليٽ جي بانس ٿيو پوي. انهي حالت ۾ ماڻهو تنهنجو مضمون پڙهڻ کان ئي نفرت پيا ڪندا، ۽ جي ڪنهن کڻي پڙهيو به ته بنهه سرسري طرح. اها ته ضرور توکي خبر هوندي ته انعام جو فيصلو سنڌوءَ جا بانيڪار نيٺ پڙهي ڪندا“.

”توهان جو چوڻ درست آهي، پر آءٌ به مٺي ڇا ڪريان. مون کي فرصت ئي فقط رات جو ٿي ملي يا گهڻو گهڻو ته ٻن پهرن جو ڪجهه وقت ٿو بچيم“.

”ٻن پهرن جو؟ اوڏيءَ مهل ته هرگز اکر به نه لکڻ گهرجي ۽ خاص چرچي جو مضمون. توکي ته خبر هجڻ گهرجي ته ٻن پهرن جي لکيل مضمون ۾ سج جي گرميءَ جو ڏاڍو گهڻو اثر ٿو ٿئي ۽ انهيءَ جي تپش کان پڙهندڙ جي دل ڪومائجيو وڃي، ۽ فرحت جي بدران هيڪاري نفرت پيدا ٿي ٿئي، پوءِ به تنهنجي مرضي. انهي حالت ۾ ڪيئن تنهنجو مضمون انعام جي لائق ٿيندو؟ آءٌ ته ڀانيان ٿو ته صبح جو وقت سڀني کان بهتر وقت آهي“.

مطلب ته منهنجي ڳالهه جو ڀاڄائيءَ جي دل تي ايترو اثر ٿيو جو يڪدم ڪاغذ پَٽَ ويڙهي خاني ۾ وڌائين ۽ پاڻ کٽ تي ليٽي پئي ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته سوير صبح جو اٿي مضمون لکڻ شروع ڪنديس.

اوڏي مهل ئي مون به اهو ارادو ڪيو ته آءٌ صبح جو روز اٿڻ ساڻ اچي ڀاڄائيءَ کي ستائيندس ته هوءَ مضمون لکي نه سگهي، ته ڀل اهو خام خيال سندس مغز مان نڪري وڃي. ادي حميد کي به مون اک هنئي ته هو مون کي انهي ارادي پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي.

 

(4)

ٻئي ڏينهن علي الصبح آءٌ ڀاڄائيءَ جي گهر اچي پهتس. هوءَ مضمون لکڻ لاءِ تيار ويٺي هئي پر اڃا لکڻ شروع ڪونه ڪيو هيائين. فقط ڪاغذ جي سري تي ”786“ جو انگ برڪت لاءِ لکيو هيائين.

ادو حميد اڃا هنڌ تي ليٽيو پيو هو ۽ پاسا پئي ورايائين.

مون کي ڏسندي ئي چپن ۾ مرڪيو ۽ آرس ڀڃي چوڻ لڳو،

”بيگم، ٻڌين ٿي؟“

”جي، ڇا ٿا چئو؟“

”پهرين باه ٻاري پاڻي ته گرم ڪري وٺ. اڄ آفيس ۾ سوير ڀرو وڃڻو اٿم. ڏاڍو گهڻو ڪم رهيو پيو آهي“.

اوڏي مهل ڀاڄائي به فرمانبرداريءَ جي هڪڙي ثابتي ڏئي چڪي، يڪدم اٿي چلهه ۾ باهه ٻاريائين ۽ ديڳڙو چاڙهيائين. ايترو ڪم ڪري وري اچي ميز وٽ ويٺي ۽ مضمون لکڻ جي ارادي سان ڪاغذ پاڻ ڏي سيري، فائونٽين پين هٿ ۾ کنيائين. پر ادي حميد وري اک پٽي چيو ته، ڪٻٽ مان ڪپڙا ڪونه ڪڍيئي؟ ڇا، غسل ڪري وري به اهي ئي ميرا ڪپڙا پايان؟“ ڀاڄائيءَ جي طبيعت تي البت ور چڙهڻ لڳو، پر زبان مان ”اُف“ به ڪونه ڪڍيائين. ڪٻٽ کولي ڪپڙا ڪڍڻ لڳي. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي، قميص ۾ ٻيڙا پائي، سڀني ڪپڙن کي کولي تيار ڪري ڪليءَ تي ٽنگي ڇڏيائين، پوءِ انهي خيال سان ته هاڻ سڀ ڪم لٿو ۽ مضمون لکڻ ۾ ڪنهن به قسم جو رخنو ڪونه پوندو، هوءَ شوڪارو ڀري ٻئي ڀيري ڪرسي سيري اچي ميز وٽ ويٺي. تنهن تي مون ڏاڍي لاڏ سان چيو، ”اڙي ڀاڄائي، اڄ ته مضمون لکڻ ۾ ايتري مشغول آهين جو منهنجي خاطرداري ڪرڻ ئي وسري وئي اٿئي. تنهنجي مراد اها آهي ڇا ته آءٌ چانهه پيڻ کان سواءِ هليو وڃان؟“

ڀاڄائيءَ گهنڊ پائي جواب ڏنو، ”اڙي ادا، ڇا چوان! اڄ ئي، بدبختين، مئي نوڪرياڻي کي به ڪو موت اچڻو هو. اَٺَ اچي لڳا آهن ۽ اڃا نڀاڳيءَ جو ڪو پتو ڪونهي. خدا ڄاڻي ڪيڏانهن وڃي غرق ٿي آهي. منهنجو خيال هو ته هوءَ اچي ته ڪٽلي چاڙهڻ لاءِ چوانس.

مون وري ساڳئي انداز سان چيو ته نه ڙي، ڀاڄائي، تنهنجي هٿ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي هٿ جي ٺهيل چانهه مون کي ڪيئن وڻندي؟ جيڪر تون پاڻ نه کڻي ٺاهين؟

ويچاري ڀاڄائي ڀڳيءَ دل سان اٿي، ۽ مضمون نويسيءَ جون جيڪي شيون ميز تي موجود هيون انهن ڏي حسرت ڀري نگاهه سان ڏسي، منهن موڙي، بورچي خاني ڏي هلي وئي، ۽ اسٽو ٻاري ڪٽلي چاڙهيائين. انهيءَ خيال سان ته نيٺ وري به اٿڻو پوندو، ڪرسي سيري چلهه وٽ ئي ويهي رهي. اڃا چانهه ٽهڪڻ تي هئي ته ادي حميد چيو، ”ڪالهه چار بيدا بچي پيا هئا، اهي ڪٿي آهن؟ سي تري نه وٺين؟ يا هن کي هڪڙي چانهه جي ڪوپ سان ٽاري ڇڏينديئن؟“

ڀاڄائيءَ دل ۾ خيال ڪيو ته ٺهيو جت مردي تي مڻ مٽيءَ جو ات سوا مڻ ئي سهي. اٿي گنج مان بيدا ڪڍيائين ۽ مصالحو وغيره تيار ڪري، چانهه ٺاهي، تئو چاڙهي بيدا به تري ورتائين. پوءِ ناشتو ٽري تي رکي اسان جي سامهون اچي رکيائين. مون گهڻو ئي زور ڪيومانس ته ڀاڄائي تون به چانهه ڍُڪ پيءُ ۽ ٻه ٽي گرهه کڻ، پر هن خدا جي بنديءَ ڪڻو به وات ۾ ڪونه وڌو. وات سان اکر به ڪونه ڪڇي، پر پيشانيءَ جي گهنڊن مان صفا ظاهر هوته، ڪاوڙ کان اندر ۾ پي جلي ۽ سڙي.

ايتري ۾ ڀاڄائيءَ جي ننڍڙي ڌيءَ ڪلو پاسا ورائڻ لڳي ۽ ننڊ مان جاڳڻ جا آثار ڏيکارڻ لڳي. ڀاڄائيءَ گهڻوئي ڀانيو ته ٿڦي ٿڦي سمهاري ڇڏيانس، پر هن دل ڀري ننڊ ڪئي هئي، سو سمهڻ ته ٺهيو پر اٽلو روئڻ لڳي. ڀاڄائيءَ هن کي کير پياري ماٺ ڪرائي ۽ رانديڪا هن جي سامهون رکي پٽ تي ويهاري ڇڏيائينس ۽ چوڻ لڳي، ”ڌيئڙي هتي ويهي راند ڪر. روئج نه، ته آءٌ مضمون لکي وٺان، نه ته توکي پنجاهه روپين جو چندن هار ٺهرائي ڪونه ڏينديس“.

ڪلو تمام معصوم هئي. سمجهيائين ته اکر به ڪونه، پر تنهن هوندي به ماٺ ڪري راند ڪرڻ لڳي ۽ ڀاڄائي مضمون لکڻ لاءِ مضمون نويسيءَ جو سڄو اسباب اندر کڻي وئي.

هاڻ، ادي حميد جي گهر اچڻ کان اڳي واٽ تي آءٌ ڏاڏي مَتُل کي چئي آيو هوس ته ڪلوءَ جي ماءُ اوهان کي سڏايو آهي جو ضروري ڪم اٿس. مون کي خبر آهي ته ڏاڏي مَتُل گهڻ ڳالهاڻؤ آهي. هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ٻڌايو سج لاهيو ڇڏي. اها هميشه سندس عادت هئي. اگرچه سڀني کي اها عادت ناپسند هئي، ته به هن کي چوڻ جي ڪنهن کي طاقت ڪانه ٿيندي هئي. هوءَ اسان جي ڪا مائيٽياڻي ڪانهي، پر پاڙي جي وڏي آهي ۽ ننڍو وڏو هن کي ڏاڏي ڪري سڏيندو آهي.

ڏاڏي به انهيءَ مهل اچي سهيڙي، هن کي ڏسي ڀاڄائي اٿي ۽ هن کي کيڪاري چيائين، اچو، ڏاڏي، هاڻ ته ڏسڻ کان مهانگا ٿي پيا آهيو. ورهين کان پوءِ ٿا منهن ڏيکاريو. اسين سڏايو ٿڪجيو پئون پر اوهين ڪڏهن ليئو به ڪونه پايو“.

”ڏاڏي مَتُل، ماشاءَ الله بت ۾ البت ڀريل آهي جنهن ڪري ٿوري ئي هلڻ ڪري سهڪيو پوي. تنهن ڪري کٽ تي ويهي ٿوري دير ساهه پٽيائين پوءِ جواب ڏنائين، ”اڙي امان، ڇا ٿي پڇين! ڪا هڪڙي ڳالهه هجي ته ماڻهو منهن ڏئي. تون ته ڄاڻين ٿي ته اوڙي پاڙي ۾ ڪا شادي ٿئي، خدانخواسته ڪا مرادي ٿئي، ڪو ساٺ سڳڻ ٿيڻو هجي ته مون کان سواءِ ته ڪا مائي آڱرئي چوري نه ٿي سگهي. آءٌ به ڏسنديس ته منهنجي مرڻ کان پوءِ جهان جو ڪم ڪيئن ٿو هلي“.

”اي ڏاڏي، خير گهرو! توهان جا دشمن مرن. توهين اسان جي پاڙي جي رونق آهيو. اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي. انهيءَ تي ته اوهان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته سڀڪو اوهان جي عزت ٿو ڪري ۽ اوهان کي بزرگ ڪري ٿو سمجهي“.

”اڙي امان، چلهه ۾ پوي اهڙي عزت، ٻن پئي اهڙي بزرگي، جان ٺيڪ آهي ته سڀ ڪي پيو وڻي. اڃا ڪالهوڪو ذڪر آهي ته آءٌ زڪام کان پي مُيَس ته اصغريءَ جو نياپو آيم ته ڏاڏي اچي منهنجي ٻار کي ڏسي وڃو، جو هوءَ ننڊ مان ڇرڪيو ٿي اٿي. مون گهڻو ئي چيو ته اڄ معاف ڪريو پر نه مڃيائون، ڏوليءَ ۾ وجهائي گهر سڏائي ورتائون ۽ شام تائين ويهاري ڇڏيائون. هاڻ خيال ته ڪريو ته مون کي ڪيترو نقصان پيو هوندو... امان، سوپاريءَ تڙ ته ڏينم، ۽ امان ناس ڪا اٿئي؟“

مون دل ۾ خيال ڪيو ته هاڻ ڏاڏي مَتُلَ کي چاٻي اچي وئي آهي، سو جي ڀاڄائي سهماڻين تائين واندي ٿي ته به نصيبن واري چئبي، هاڻ منهنجو وڌيڪ ترسڻ بيڪار هو. ٻيو ته آفيس وڃڻ جو وقت به اچي ڀريو هو سو آءٌ ماٺ ماٺ ڪري هليو ويس.

 

 

(5)

ٻئي ڏينهن صبح جو ڪو اهڙو اتفاق ٿي پيو جو ڀاڄائيءَ ڏي وڃي ڪونه سگهيس. تنهن هوندي به صبح ساڻ ڏاڏي متل کي چئي آيس ته ڪلوءَ جي ماءُ اوهان کي سڏايو آهي، ۽ جيسين هوءَ برقعو پائي گاڏي ۾ نه چڙهي تيسين آءٌ ڌرڻو ماري اتي ويهي رهيس. شام جو خبر پيم ته انهي ڏينهن ڏاڏيءَ وچين تائي ڀاڄائيءَ جو مٿو پئي کاڌو، جنهن ڪري ڀاڄائي اڃا مضمون جو هڪڙو لفظ به نه لکي سگهي هئي. هاڻ ته مون کي اها عادت پئجي وئي هئي ته روز صبح جو ڏاڏي متل کي ڀاڄائيءَ ڏي موڪلي ڏيندو هوس ۽ روز شام جو ڀاڄائيءَ سان وڃي همدردي ڪندو هوس ته ڏاڏي توکي ناحق ڇو پئي ايترو ستائي. ڀاڄائيءَ ۾ به ايتري همت ڪانه هئي جو ڏاڏيءَ کي چوي ته مون اوهان کي ڪونه سڏايو آهي، توهين ڇو آيا آهيو؟ انهيءَ ريت هڪڙو هفتو ته خير سان گذري ويو. پر اڻٽيهه راتيون چور جون ته هڪڙي ساڌ جي به ٿيندي آهي ۽ نيٺ ڀاڄائي به اسان جي بيماريءَ جو وجهه وٺي ٻن ڏينهن ۾ مضمون لکي ورتو ۽ يڪدم لفافي ۾ بند ڪري ٽپال جي رستي سنڌوءَ جي سمپادڪ کي موڪلي ڏنائين. ٻئي ڏينهن جڏهن ٽپالي خط ڏيڻ آيو ته ڀاڄائيءَ نوڪرياڻي واتان هن کي چوائي موڪليو، هڪڙي هفتي کان پوءِ پنجاهه روپين جو مني آرڊر ”مسز حميد“ جي نالي ايندو سو سنڀال سان پهچائج. ٽپالي ته ”حاضر سائين“ چئي هليو ويو، پر انهيءَ کان پوءِ ڀاڄائيءَ جي اها حالت هئي ته ٽپال جي مهل جي کڻي دروازو کڙڪيو ۽ سمجهيائين ته ٽپالي هوندو، ته يڪدم نوڪرياڻي کي دروازي تي موڪلي پاڻ فائونٽين پين کولي تيار ٿي بيهندي هئي ته متان مني آرڊر تي صحيح ڪرڻ ۾ دير لڳي وڃي. پر ڀيري ڀيري سان مايوس ٿي فائونٽين پين بند رکڻي پوندي هيس.

مضمون لکڻ کان پنج ڏينهن پوءِ ٽپالي ڀاڄائيءَ نالي هڪڙو خط ڏئي هليو ويو. لفافي تي ”سنڌوءَ“ رسالي جي مهر لڳل هئي. ڀاڄائي خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳي. نوڪرياڻيءَ پڇيس ته مائي ڪنهن جو خط آهي جو اوهين ايترو خوش پيا ٿيو؟ تنهن تي ڀاڄائيءَ ڏاڍي فخر سان جواب ڏنو، مون ”سنڌوءَ“ رسالي ڏي هڪڙو مضمون موڪليو هو جنهن لاءِ پنجاهه روپين جو انعام رکيل هو. انهن مني آرڊر موڪلڻ جي بدران شايد پنجاهه رپين جا نوٽ لفافي ۾ بند ڪري موڪليا آهن“.

”واه مائي واه! مبارڪ هجيو، پر، مائي لفافو سنڀالي کولجو، متان ڪو نوٽ ڦاٽي پوي“.

ڀاڄائيءَ تمام خبرداريءَ سان لفافو کوليو. منجهس نوٽ ته ڪين هئا پر ڀاڄائيءَ وارو موڪليل مضمون هو جنهن سان گڏ ڀاڄائيءَ ڏي هڪڙو خط هو جنهن ۾ هيئن لکيل هو:

”صاحبه! اوهان جو نوازش نامو مضمون، سوڌو پهتو. مهرباني. اسان جي ڏياري نمبر لاءِ جيترا مضمون اسان کي کتا ٿي اهي پهچي چڪا آهن، ۽ انهن مان چونڊ به ٿي رهي آهي، جنهن ڪري اسين اوهان جو مضمون شايع ڪري نه ٿا سگهون. انهيءَ کان سواءِ اوهان جو موڪليل مضمون سنڌوءَ  جي دستوري مضمونن جي درجي کان گهٽ آهي، جنهن ڪري ڪنهن ايندڙ رسالي ۾ به ڇاپجڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي، تنهن ڪري اوهان جو مضمون موٽائي ٿو موڪلجي“.

 

”بولچند“

]پڙهندڙ خود خيال ڪري سگهندا ته نااميديءَ ڪري ڀاڄائيءَ جي دل کي ڪيتري قدر صدمو پهتو هوندو. اهو ته ڀاڄائيءَ جي دل ڄاڻي ۽ ٻيو خدا ڄاڻي ته مٿس نااميديءَ جو ڪهڙو اثر ٿيو. مون کي فقط ايتري خبر آهي ته انهي رات ڀاڄائيءَ مانيءَ جو هڪڙو گرهه به نه کاڌو. ٻيو بس.[


[1]  هيءَ آکاڻي ماهوار ”سنڌو“ رسالي جي جون 1934ع واري پرچي ۾ ڇاپيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com