ٽنڊڻ
هن قسم جي جيتن جون بيشمار ذاتيون ۽
جماعتون آهن. پنجٽيهه هزار ته اڳين
ڪتابن ۾ لکيون اٿن. پر انهن کان به
وڌيڪ آهن. (هڪڙي جي شڪل نموني لاءِ
هتي ڏجي ٿي.) انهن ۾ گهڻا ته رنگ برنگ
جا ٿيندا |
|
آهن. هنن جو بت ڏاڍو ٿئي ٿو، جنهنڪري مرڻ کان پوءِ
به آسانيءَ سان هنن کي صحيح سالم صورت ۾ گهڻن
ڏينهن تائين رکي سگهجي ٿو.
هنن جي کنڀن تي کوپا چڙهيل رهندا آهن. هنن کي چار
کنڀ ٿا ٿين، پر اڳيان ٻه کنڀ اڏامڻ جي ڪم ۾ آڻيندا
آهن. اهي فقط پوش يا کوپي وانگي آهن ۽ ٿورو گهڻو
سخت ٿين ٿا. اهي اندرين سنهن کنڀن جي بچاءَ لاءِ
آهن. جي اڏامڻ جي ڪم ايندا آهن.
ٽنڊڻ، جدا جدا قد جا ٿيندا آهن، ڪي تمام ننڍا ٿا
ٿين ۽ ڪي ته پنج انچ ڊگها به ٿيندا آهن.
ڪي ٽنڊڻ، ماس کائيندڙ آهن. اهي ٻين زيانڪار جيتن
کي کائي ناس ڪن ٿا، تنهنڪري ماڻهن کي فائدو رسائين
ٿا. گهڻا ٽنڊڻ ته جانورن جي ڇيڻي ۽ ڪرفتيءَ تي
گذران ڪندا آهن، انهيءَ ڪري شڪارين وانگي ڪمائتا
آهن. ڪي وري وڻ ٻوٽي جي پاڙن، پنن، ڇوڏن ۽ ميون تي
گذاريندا آهن.
ڇيڻي جو ٽنڊڻ
(ڇيڻي جو ٽنڊڻ) |
هيءُ ٽنڊڻ، اڪثر ڇيڻن تي گذاريندو
آهي، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. هن کي
’پاڏو‘ به سڏيندا آهن.هو آنا به ڇيڻي
۾ لاهيندو آهي، پوءِ انهيءَ ڇيڻي جي
پنوڙي کي زمين تي ڦيرائيندو گهمائيندو
وتندو آهي، |
نيٺ زمين ۾ کڏ کڻي پوريندواٿس. جڏهن ڇيڻي کي
هلائيندو آهي، تڏهن مٿو زمين تي کوڙي، پوئين ٽنگن
سان ڇيڻي کي ڌڪيندو ڦيرائيندو ويندو آهي، جيئن مٿي
شڪل ۾ ڏيکاريل آهي. ڇيڻي پوُرڻ لاءِ جو هي ٽنڊڻ
زمين کوٽيندا آهن، تنهنڪري زمين کي ڀڃي ڀوري
ڇڏيندا آهن، جا آباديءَ لاءِ وڌيڪ لائق ٿيندي آهي.
قديم ’مصر‘ جا ماڻهو، هن ٽنڊڻ جي پوڄا ڪندا هئا.
هو انهن جون شڪليون، پَهڻ يا ڪاٺيءَ مان گهڙي،
تعويذن وانگي، ڳچيءَ يا ٻانهن ۾ ٻڌندا هئا.
دفن ڪندڙ ٽنڊڻ
هيءُ ٽنڊڻ، هڪ انچ ڊگهو ٿيندو آهي. اهو رنگ جو
ڪارو ٿيندو آهي، مگر پُٺن تي ٻه پيلا پَٽا ٿينس
ٿا. منجهس اهڙي خراب بانس ٿيندي آهي، جو جي ڪپڙن
کي لڳي ويندو آهي ته ڌوتي کان سواءِ انهن مان سندس
بدبوءِ نه ويندي آهي.
جڏهن ڪو ڪُئو يا ٻيو ننڍو جيتامڙو مري ويندو آهي،
تڏهن هي ٽنڊڻ گهڻا گڏجي ان کي دفن ڪرڻ جي لاءِ
ايندا آهن. هو پهريائين ته ٽنگن سان زمين کوٽي لاش
جي هيٺان لنگهي ويندا آهن، پوءِ اتي بيهي هيٺ کڏ
کوٽيندا ۽ مٽي ٻاهر اڇلائيندا ويندا آهن. انهيءَ
طرح اها لاش ٿورو ٿورو ٿي هيٺ گهڙندي ويندي آهي،
ڇوويهن ڪلاڪن جي اندر، يعني ڏينهن رات جي عرصي ۾
اها لاش پنجن انچن جيڏي اونهيءَ کڏ ۾ گم ٿي ويندي
آهي، پر اڃا به هيٺ ستن کان ڏهن انچن تائين نيندا
اٿس. تنهن کان پوءِ مٿانئس اچي ويهندا آهن ۽ جيڪا
مٽي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن، سا وري وجهي لاش لَٽي
کڏ ڀري ڇڏيندا آهن، جيئن قبر ۾ لاش پوربي آهي.
ماديون لاش منجهه آنا لاهي ڇڏينديون آهن، جتي
پاڻهي ٻچا ڦٽندا آهن ۽ مئل جو کاڌو پنهنجي لاءِ
موجود ڏسندا آهن.
ڪوريئڙو
حقيقت ڪري ڪوريئڙا ۽ وڇون، جيتن جي جماعت مان نه
چئبا، ڇو جو هنن کي اَٺ تنگون ٿين ٿيون ۽ جيتن کي
ڇهه، تنهن کان سواءِ هنن جي صورت بدلجي به نٿي،
نڪي هنن کي سڱ يا مُڇون آهن.
(ڪوريئڙو)
۽ هنن جون اکيون به مفرد آهن، نه مرڪب، پر اسين
هنن جو هتي ذڪر ڪريون ٿا.
ڪوريئڙا ڪيترن ئي قسمن جا آهن. گهڻا ته تمام ننڍڙا
آهن، جي رڳو هڪڙي سنهڙي تند تي هوا ۾ اڏامندا وتن.
ڪي پاڻيءَ ۾ گهر ٺاهي رهن ٿا. هڪڙو وڏو ڪوريئڙو ته
اهڙو آهي جو پنهنجو گهر کوپي وانگي ساڻ کنيو وتي.
هن کي نانگ وانگي ڏند ٿين ٿا، جن سان هو زخم ڪري
منجهس زهر نيٽائي وجهي ٿو. هو اڪثر ماڪوڙين تي
گذران ڪري ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن پکين کي به آکيرن مان
ڪڍيو کايو وڃي.
جنهن ڪوريئڙي جي شڪل اسان مٿي ڏني آهي ۽ جو گول
تاڃي ڪڍندو آهي ، تنهن کي انگريزي ۾ ”جاميٽري يا
اقليدس ڄاڻندڙ ڪوريئڙو“ چوندا آهن، ڇا لاءِ جو،
هو تاڇي پوري ماپ ۽ شڪل سان ڪڍندو آهي. هو اڪثر
باغن ۾ رهندو آهي. تنهنڪري ”باغ جو ڪوريئڙو“ به
چوندا اٿس.
ڄاري يا تند، هڪڙي کؤنر جهڙي شئي مان ٺاهيندو آهي،
جا هو پيٽ منجهان ڪڍندو آهي. پهرين اها آلي آهي،
پر نڪرڻ سان هوا ۾ سڪي پوي ٿي. هر هڪ تند، ڪيترن
هزارن تندن مان ٺهيل آهي. جڏهن ڄاري ٺاهي تيار ڪري
ٿو، تڏهن پاڻ منجهس يا پاسي کان لڪيو ويهيو رهي.
ڪا مک يا ڪو ٻيو جيت اچي ڦاٿو ته ٽپ ڏيئي وڃي
جهليندس ۽ کائيندس، جي جيت وڏو هوندو ۽ ان جي ڀڄي
وڃڻ جو امڪان هوندو ته ڪوريئڙو هن جي چوڌاري،
تندون ويڙهي وڃي ٿو، جنهنڪري هن کي قابو ڪيو ڇڏي،
پوءِ ويهي کائيس ٿو. ڪنهن مهل ڪوريئڙو ڄاريءَ جي
وچ تي ويهي اهڙا تڪڙا لوڏا ڏيندو آهي، جو پاڻ ڏسبو
ئي ڪين آهي.
ماڻهن ڪوشش ڪئي آهي ته ڪوريئڙن کان ريشم ڪڍن، ۽
ايتري ڄاري هٿ به ڪئي اٿن، جو اُن مان دستانا
جوڙيا اٿن، پر وڌيڪ ملي نٿي سگهي. ڪوريئڙي جا آنا،
هڪڙي ڳوٿريءَ ۾ رهندا آهن ۽ جڏهن ٻچا ڦٽندا آهن،
تڏهن سڀ گڏ رهندا آهن.
ڪن ڪوريئڙن کي ساهه کڻڻ لاءِ ڦڦڙ ٿيندا آهن ۽ اَٺ
اکيون ٿينديون آهن. تاڃي ٺاهڻ جي رس لاءِ پيٽ جي
هيٺان هنن کي چار غدود يا ڳوڙهيون رهن ٿيون، جن
مان وقت سر تند ڪڍن ٿا.
ڪي ڪوريئڙا، زمين ۾ نليءَ وانگي سوراخ ٺاهي ڇڏيندا
آهن، جو پَٽجي پورجي سگهندو آهي. اهي اڪثر ’يورپ‘
جي ڏکڻ ۾ ٿيندا آهن.
هڪڙو ته اهڙي قسم جو ڪوريئڙو آهي، جنهن جي چڪ پوڻ
ڪري ماڻهو ڏڪي، ڏڪي بيهوش ٿيو پوي. چون ٿا ته:
اهڙو بيمار، باجي جي مِٺي آواز ٻڌڻ سان هوش ۾
ايندو آهي ۽ چڪ جي اثر کان ڇُٽي پوندو آهي. اهو به
زمين جي اندر رهڻ وارڻ ڪوريئڙن مان آهي، ان کي
ڏانوَر چوندا آهن.
وڇون
هيءُ جيت مشهور آهي. هن کي نه رڳو وڏا چنبا ٿين
ٿا. پر هڪڙو خوفناڪ ڏنگڻ جو هٿيار به ٿئي ٿو. پڇ ۾
ڇهه ٽُڪرا ٿا ٿينس، انهن کي گُريون چوندا آهن.
ڇيڙي ۾ ڪَنڊي وانگي وريل ڏنگ اٿس، جنهن جي پاڙ ۾
زهر جي ڳوٿري ٿي ٿئيس. پوئين بن تنگن جي پٺيان به
ڦڻيءَ جهڙيون پڇاڙيون اٿس، جن ۾ ڪيترائي ڏندا ٿا
ٿين.
(وڇون)
وڇون اڪثر گرم ملڪن ۾ رهندا اهن. هنن جو گذر،
جيتن تي ٿيندو آهي، اگرچ ڪي وڏا وڏا ته ڪِرڙيون به
کايو وڃن. وڇونءَ جي ڏنگ مان، جيڪو سُور پيدا
ٿيندو آهي، سو سڀ ڪنهن ٻُڌو هوندو! ’سلون‘ ٻيٽ ۾
هڪڙو وڏو ڪارو وڇون ٿو ٿئي، تنهن جو ڏنگ، ماڻهوءَ
کي ماري وجهي ٿو.
گهڻا وڇون گڏ ٿيندا آهن. ته پاڻ ۾ ڏاڍو وڙهندا
آهن. نيٺ هڪڙا ٻين کي ماري کائي ويندا آهن. مادي
پنهنجن ننڍڙن ٻچن کي پٺن تي کڻي گهمائيندي وتندي
آهي. چون ٿا ته: اهي ٻچا، جڏهن وڏيرڙا ٿا ٿين،
تڏهن ماءُ کي کائي ڇڏين ٿا!
وڇون، اڪثر رات جو نڪرندا آهن. ڏينهن جو ڀترن هيٺ
يا ڪَکن پنن ۾ لڪا ويٺا هوندا آهن. |