حشرات الارض يا جيت
جيڪي جانور، خدا تعاليٰ هن دنيا ۾ پيدا ڪيا آهن،
سي سڀ پنهنجي پنهنجي حياتيءَ جي طرز جا هر طرح
لائق آهن، تڏهن به انهن مان ڪن جون عادتون ٻين کان
وڌيڪ عجيب ۽ مزي جهڙيون آهن. انهيءَ ڳالهه ۾ جيڪي
ننڍڙا آهن، سي سڀني کان ڪسر آهن. ننڍڙيون
ڪِيوليون، ڪن وڏي قد وارن جانورن کان زياده سمجهه
ڏيکارين ٿيون: هو اتفاق ڪري گڏ رهنديون آهن، جيئن
ماڻهو گڏجي شهرن ۾ رهندا آهن؛ گهرَ جوڙين ٿيون،
رستا گهڙين ٿيون؛ انهن مان ڪي ته ٻيا جيت به ڌارين
ٿيون، جيئن ماڻهو ڳئون، مينهيون ڌاريندا آهن؛ ڪي
ته ماڻهن وانگي پاڻ وٽ غلام به رکن ٿيون.
جيتن جو تعداد يا انهن جا قسم، ٻي مخلوق کان زياده
آهن. جدا جدا جانورن جا اٽڪل ٻه هزار قسم شمار ڪيا
اٿن، ۽ جدا جدا پکين جا اٽڪل اَٺ هزار قسم پر جيتن
جا لکين قسم آهن. رڳو پوپٽن ۽ پتنگن جا پندرهن سؤ
(ڏيڍ هزار) قسم بيان ڪيا اٿن ۽ ٽنڊڻن جا ساڍا ٽي
هزار قسم لکيل آهن.
ڪن ڳالهين ۾، جيت پکين سان مشابهت رکن ٿا انهن
وانگي هُو زمين تي هلي به سگهن ٿا ۽ هوا ۾ اُڏامي
به سگهن ٿا. منجهانئن ڪي ته خوبصورتيءَ ڪري به
مشهور آهن.
ڪي جيت ايذاءُ پهچائيندا آهن، جهڙيءَ طرح ڪي مڇر،
ڪي وري وڻن ٻوٽن کي نقصان رسائيندا آهن. پر خيال
ڪري ڏسبو ته جيڪو نقصان هُو رسائين ٿا، تنهن کان
وڌيڪ فائدو پهچائين ٿا، جي اهي جيت نه هجن ته جيڪر
دنيا ۾ ماڻهو رهي ڪونه سگهي.
جسمي بناوت
جيڪي جيت آهن، تن ۾ هڪڙي هيءَ ڳالهه عام آهي ته
هُو اڌ مان ڄڻ ته وڍيل آهن، يا اڌ ۾ ڳنڍيل آهن.
ٽنڊڻ جي جسم جا ڀاڱا
|
(الف) مٿو
(ب) بُت جا ٽي ٽُڪر
(ت) پيٽ
(ث) کنڀن جا کوپا
(ج) کنڀ
(ح) سڱ يا مُڇون
(د) ڄاڙيون
(ز) ٽنگون |
مثلاً ماکيءَ جي مک ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: مٿو يا
سسي، بت ۽ پيٽ هر هڪ ڀاڱو ننڍن ننڍن ٽُڪرن يا سنڌن
مان جُڙيل آهي، جي ڇَلن يا پَٽن وانگي ڳنڍيل آهن.
ڪي جيت ڇِني، سنَڌ سنَڌ کان ڌار ڪري سگهجن ٿا.
مٿو يا سسي:
مٿي جي ڀاڱن مان، تمام عجيب آهن: وات، سڱ يا مُڇون
۽ اکيون. انهن جو مختصر بيان ڪجي ٿو:
وات:
وات جي حالت ۽ بناوت، کاڌي جي قسم تي تعلق رکي ٿي.
ڪن جيتن کي اهڙو وات آهي، جو انهن جو کاڌو چيري
ڦاڙي ۽ چٻاڙي سگهي ٿو؛ ڪن جو وات، نليءَ جهڙو آهي،
جنهن سان هُو پنهنجو کاڌو چوسي وٺن ٿا. انهيءَ نظر
تي جيت ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا چٻاڙڻ وارا ۽ ٻيا
چوسڻ وارا.
جي جيت کاڌو چٻاڙين ٿا، تن کي سڱ جهڙيون سخت
ڄاڙيون آهن(مٿين شڪل ۾
]د[
ڏسو). اُهي البت ڏنگيون ٿيون ٿين ۽ اڪثر اندررين
پاسي کان منجهن ڏند لڳل آهن؛ ڪن کي گوشت چيرڻ جي
لاءِ شيخون يا ڪِليون آهن؛ ڪن کي وري پڪڙڻ جي لاءِ
ڪُنڊا مليل آهن. ڪن جون ڄاريون، پنن وڍڻ لاءِ
قئنچيءَ جهڙيون آهن ۽ ڪن جون سخت ڪاٺيءَ کي پيهي
اٽي ڪرڻ لاءِ، جنڊ جي پُڙن وانگي آهن. ڪيترائي جيت
آهن، جن کي سندن ڄاڙيون، ڪارائين، ڪَپن، ڪوڏارين،
چنجورن ۽ چُونارن جي بجاءِ ڪم اچن ٿيون. پوپٽ ۽ ڪي
جيت، گلن جي تري مان ماکي چوسي وٺندا آهن. انهيءَ
لاءِ هنن کي هڪڙي ڊگهي پوري زبان مليل آهي، جا
هاٿيءَ جي سونڊ سان ٿوري گهڻي مشابهت رکي ٿي. جڏهن
اها ڪم ۾ نٿي اچينِ، تڏهن ويڙهي ڇڏيندا اٿس، پر
وري جهٽ ۾ اُکيلي، تير وانگي، گل جي تَرَ ۾
اُڇلائي وجهندا آهن ۽ منجهانئس ماکي چُهي وٺندا
آهن. اها بيشمار ڪنگڻين يا ڇلن مان جڙيل آهي ۽
منجهس ٽي علحديون نليون آهن. ماکي وچينءَ نليءَ
مان چوسيندا آهن. پاسي واريون نليون، هوا لاءِ
ڀانئجن ٿيون.
(پوپٽ جي زبان) |
مَک ۾ اها نلي ظاهر ڏسجي ٿي. جڏهن کير
پيئڻ ويهندي آهي تڏهن هوءَ پنهنجي
ننڍڙي زبان هيٺ لاهي وجهندي آهي. ڪن
جيتن ۾ ته زبان تمام وڏي قد جي
ٿي ٿئي. هڪڙي جيت ۾ ته سندس بُت کان
به |
وڏي زبان آهي، ۽ جڏهن ڪم نٿي اچي، تڏهن هُو ان کي
ٽنگن جي وچ ۾ کنيو وتندو آهي ۽ اها پيٽ سان لڳي
پٺيان نڪري پوي ٿي ۽ پڇ وانگي پيئي ڀانئجي.
سڱ يا مُڇون:
جيتن کي مٿي مان، اکين جي وچان، ڌاڳي جهڙا ٻه سڱ
نڪتل رهندا آهن، جن کي اڪثر مُڇون سڏيندا آهن.
پوپٽ جا ته ظاهر آهن، جيئن مُڇون وٽيل ٿينديون
آهن. (مٿي ٽنڊڻ جي شڪل ”ح“ ڏسو.) حقيقت ڪري اهي
ڇُهڻ جا اوزار آهن. اُهي جدا جدا جيتن ۾، جدا جدا
شڪل جا ٿين
ٿا. گهڻو ڪري اهي ڳچ جيترن ٽُڪرن مان جُڙيل آهن،
جي سنَڌن وانگي ڳنڍيل آهن، جنهنڪري جيت انهن کي هر
طرف ورائي سگهن ٿا. ڪِن کي ننڍا آهن، ڪن کي وڏا،
هڪڙي جيت ۾ ته اُهي سندس بت جي ڊيگهه کان چؤڻا وڏا
آهن.
جڏهن جيت ماٺ ڪري هڪ هنڌ ويهن ٿا، تڏهن هُو پنهنجا
سڱ يا مُڇون، پٺيءَ تي يا مٿي جي پاسي سان کنيو
جهلين، جڏهن چُرڻ جي ڪندا آهن. تڏهن لاهي هيٺ ڪندا
آهن. ڪي جيت اُڏامڻ مهل انهن کي پيا چوريندا آهن؛
ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي کي مٿي ۽ ٻئي کي هيٺ ڪندا آهن.
ڪن ماڻهن جي راءِ آهي ته اهي سڱ يا مُڇون، ڪنن
وانگي ٻڌڻ جا اوزار آهن. پر انهيءَ ڳالهه ۾ ته
بلڪل شڪ ڪونهي ته اهي خبر ڏيڻ ۽ وٺڻ جو اُپاءُ
آهن. جڏهن ماکيءَ جون مکيون يا ماڪوڙيون پاڻ ۾
گڏبيون آهن، تڏهن هو پنهنجيون مُڇيون هڪٻئي تي
رکنديون آهن ۽ پاڻ ۾ خبرچار ڏينديون وٺنديون آهن.
پيار ڪرڻ مهل به اهي ڪم اينديون آهن.
اکيون:
جيتن جي اکين کي عجب العجائب چئجي ته بحال آهي! ڪن
جون اکيون مفرد ٿينديون آهن ۽ ڪن جون مرڪب. مفرد
اکيون تعداد ۾ ٻن کان سورهن تائين ٿين ٿيون. جيتن
جي اکين کي جي خوردبينيءَ
سان ڏسبو ته هو تمام گهڻن چؤڪنڊن يا ڇپاسن ٽُڪرن
مان جڙيل ڏسڻ ۾ اينديون.
|
هن شڪل
۾ ماکيءَ جي مک جون اکيون ڏيکاريل
آهن. ٿورو ڀاڱو ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو آهي
ته اُن جي بناوت جي خبر پوي.
خوردبيني جيءَ وسيلي، پڙهيل ماڻهو مک
جي اک جو اندر ڏسي سگهيا آهن. |
انهن ڇپاسائن ننڍڙين اکين جو تعداد، جدا جدا جيتن
۾ جدا جدا آهي. ماڪوڙين ۾ ٻين جي بنسبت اُهي اکيون
ٿوريون آهن.
(ماڪوڙيءَ جي اک) |
عام مک کي اٽڪل چار هزار اکيون آهن.
پَٽ ڪنئين واري پتنگ کي اٽڪل ڇهه هزار
اکيون آهن؛ ڪن |
پوپٽن کي سترهن هزار اکيون آهن ۽ ڪن ٽنڊڻن کي ته
پنجويهه هزار به اکيون ٿين ٿيون!
هڪڙا جيت، انهن شين منجهه ويهندا آهن، جن کي کائي
گذران ڪندا آهن. اهڙن جيتن جون اکيون ويٺل ۽
چپتريون ٿين ٿيون. جن کي پنهنجو کاڌو ڳولڻو ٿو پوي
۽ پرڀرو نظر ڪرڻ جو ضرور ٿو ٿئي. انهن جون اکيون
وڏيون ۽ گول ٿيون ٿين. مڇر ۽ مک، اهي چؤڌاري ڏسي
سگهن ٿا، جنهنڪري هنن کي وٺڻ مشڪل آهي.
جيتن کي جو هيتريون اکيون آهن سو هن ڪري ته اُهي
چوري سگهڻ جهڙيون ناهن. اسان کي رڳو ٻه اکيون آهن،
مگر اسين اُهي ڪنهين به پاسي ڦيرائي ڏسي سگهون ٿا.
کنڀ:
ڪن جيتن کي کنڀ ڪين ٿيندا آهن، جيئن ته ڪارڙا ۽
جُون. ڪن کي رڳو هڪڙو کنڀن جو جوڙو ٿيندو آهي، جن
تي کوپا يا پوش چڙهيل ٿيندا آهن، پر گهڻن جيتن کي
ٻه- ٻه جوڙا کنڀن جا ٿيندا آهن. ڪي کنڀ آسانيءَ
سان ڀڄي پوڻ جهڙا آهن، ڪي سخت آهن، ڪي ڄاريءَ جهڙا
ٿيندا آهن ۽ ڪن تي سنهڙا ڇلر ٿيندا آهن.
(کَنڀن جا جوڙا) |
پوپٽن ۽ پتنگن جي کنڀن تي، جي ڇلر
ٿيندا آهن، سي اهڙيءَ طرح رکيل آهن،
جهڙيءَ طرح جايِن جي کُڏن تي نارا.
هڪڙي قطار جا ڪنارا، ٻيءَ قطار جي
کَنڀن ۾ پيل هوندا آهن. جڏهن پوپٽ جي
کنڀ کي هٿ لائبو آهي، تڏهن ان جا ڇلر، |
سنهي ميدي وانگي هٿ کي چهٽي پوندا آهن. ڇلر،
گهڻنئي شڪلين ۽ رنگن جا ٿيندا آهن. اُهي تمام
ننڍڙا آهن. پوپٽ جي هڪڙي کنڀ تي لک کن ڇلر بيهي
سگهندا هوندا.
چُرڻ:
جيت، جانورن وانگي هلن به ٿا، ڊُڪن به ٿا ۽ ٽپن به
ٿا؛ هنن مان ڪي پکين وانگي اُڏامن ٿا؛ ڪي نانگن
وانگي سُرن ٿا ۽ ڪي مَڇين وانگي ترن ٿا. انهن جا
ٻچا، جن کي اڃا ٽَنگون نٿيون ٿين، سي به چڱيءَ طرح
چُري سگهن ٿا. ڪي جيت ته پنهنجي قد کان ٻاهر وڏا
ٽِپ ڏين ٿا. قد جي نظر تي، جيڪڏهن اسين ڪارڙن
جيترو مٿي کڻي ٽپون ته جيڪر جبلن جي چوٽيءَ تائين،
ٽپو ڏيئي وڃي سگهون.
ڪي جيت، پنهنجا کنڀ اهڙو جلد چوريندا آهن، جو حيرت
وٺيو وڃي. شمار ڪيو اٿن ته: مک هڪڙي سيڪنڊ ۾ ٽي سؤ
ٽيهه (330) ڀيرا کنڀ هڻي ٿي.
کَل:
اسان جا هڏا گهڻو ڪري اسان جي بت جي اندر آهن،
مٿان رڳو نرم گوشت رکيل آهي. پر جيتن ۾ وري سرطان
مَڇيءَ وانگي سخت ڀاڱا ٻاهران آهن. کَل سخت ٿي
ٿئي، جا سندن بت کي جهليو بيٺي آهي. پر هڪڙن ۾ ٻين
کان زياده سخت ۽ سوٽ ٿي ٿئي. پوري قد تائين پهچڻ
کان اڳي جيت ڪيترائي دفعا پنهنجي بت جي کل لاهين
ٿا.
جانور، گوشت جي نَسن وسيلي چُرندا آهن. اسان جو
ماس، هڏن تي چُهٽيل آهي؛ پر جيتن ۾ کَلَ سان اٽڪيل
آهي. ڪن جيتن ۾ اهي گوشت جون نسون تمام گهڻيون ٿين
ٿيون. اسان ۾ ڇهه سؤ (600) کان گهٽ نَسون آهن؛ پر
ڪن جيتن ۾ چار هزار (4000) جيتريون شمار ڪيون اٿن.
ڪي جيت پنهنجي قد ڪري نهايت زور وارا ٿيندا آهن.
جيڪڏهن هاٿيءَ کي قد جي سراسريءَ تي وڏي ٽنڊڻ جهڙو
زور هجي ته جيڪر هُو جبل ڊاهي ۽ ٽَڪر ڇڪي سگهي!
حواسن جون رڳون:
هيءُ اهي رڳون آهن، جي مغز مان ڌاڳن وانگي شاخون
ٿي نڪرن ٿيون ۽ بت ۾ پکڙي وڃن ٿيون، جن جي ڪري
اسان کي سڀ شئي جو سماء پئجي سگهي ٿو. جيتن ۾ اهو
رڳن جو بندوبست اسان کان بلڪل ٻيءَ طرح جو آهي.
جهڙو اسان جي مغز ۾ ميڄالو رکيل آهي، اهڙو جيتن ۾
ڪونهي. هنن جون رڳون زنجير وانگي سندن ساري بت ۾
ڳنڍيون ۽ پکڙيون پيون آهن؛ رڳو ڪٿي ڪٿي ڳوڙهيون
آهن، جي رڳن جي تندن سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن اسان
جي سسي وڍي ڇڏبي ته اسين انهيءَ دم مري وينداسين.
پر جيتن جي سسي وڍي ڇڏبي ته باقي ڌڙ ۾ گهڻي تائين
ساهه رهي سگهي ٿو. بت جا ٻه ٽڪر ڪبا ته ٻيئي پيا
جيئندا؛ پر وڏو ٽڪر، ننڍي کان پوءِ ساهه ڇڏيندو.
هڪڙي مک جي سسي وڍي ڇڏي هئائون، ته به ڪيستائين
ويٺي کنڀ صفا ڪيائين. ڄڻ ته ڪي به ڪين ٿيو اٿس.
ٿوري تائين هيڏي هوڏي هلي، پوءِ اڏاڻي، ڄڻ ته سسي
صحيح سلامت اٿس! ڪن جيتن کي وڍي ٻه ٽُڪر ڪري ڇڏبو
آهي، ته به ٻن هفتن تائين انهن مان ساهه نه ويندو
آهي. پڇ واري ڀاڱي ۾ هميشہ
سسيءَ واري پاسي کان زياده وقت تائين ساهه رهي ٿو.
جيتن کي گهڻو ڪري پنجئي حواس تيز ٿين ٿا. ٻه سؤ
يارڊ پري، هڪڙِءَ پيتيءَ ۾ بند ٿيل ماکي، مکين
ڳولي ڪڍي آهي. پر ڪي جيت سو انڌا ٿيندا آهن. ڪهڙو
به وڏو آواز هوندو ته ان جو ماڪوڙين ماکيءَ جي
مکين ۽ ڏينڀن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيندو. اڃا اها پڪ
نه ٿي اهي ته اهي سڀ ٻوڙا آهن، شايد جيتري پنڌ تي
هُو ٻڌي سگهن ٿا، سو اسان جي حالت کان نرالو آهي.
جيت، جدا جدا رستن سان آواز ڪري سگهن ٿا. ’ڀون
ڀون‘ جو آواز کنڀن جي جلد چُرڻ کان ٿئي ٿو؛ تڏ
پنهنجون ٽنگون، کنڀن تي کرڙيندي آهي، ڪا وري هڪڙو
کنڀ ٻئي تي گسائيندي آهي؛ ٻيو هڪڙو جيت آهي، جو
پنهنجو مٿو ٻيءَ شئي تي هڻي کڙڪو ڪندو آهي.
رت جو دورو:
اسان جو رت جسم جي سڀني ڀاڱن تائين وڃي ٿو، انهيءَ
لاءِ ته انهيءَ کي پوري پرورش پئي ملي. جيتن جو به
ساڳوي ئي اهو حال آهي، پر انهن جو رت ڪڏهن ڪڏهن
رنگ کان سواءِ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿورو ٿئي ٿو، ڪڏهن
ڪڏهن ٿورو ڳاڙهو. هنن جي دل، شڪل ۾ هڪڙي ڊگهي
نليءَ جهڙي ٿئي ٿي.
ساهه کڻڻ:
جيتن کي به ساهه کڻڻ جو اهڙو ضرور آهي، جهڙو اسان
کي آهي، پر انهيءَ ڪم لاءِ جيڪو هنن ۾ اسباب يا
ڪارخانو رکيل آهي، سو اسان کان ٻيءَ طرح جو آهي.
اسين وات ۽ نڪ منجهان هوا اندر نيون ٿا؛ جيتن کي
بت تي ساهه کڻڻ جي لاءِ سنهڙا سوراخ، قطارن ۾ ڏنل
آهن، جن ۾ ننڍڙيون نليون جَڙيون پيون آهن، جن جي
وسيلي هو ساهه اندر نين ٿا. نلين کي ڇلا ڇلا پيل
آهن، جنهنڪر يهو هميشہ
کليل ٿيون رهن. ڪن سوراخن جا چَپَ چُرندڙ آهن،
جنهنڪري اُهي جيتن جي مرضيءَ تي پورجي پٽجي سگهن
ٿا، ڪن جي منهن تي وارن جي جهالر بيٺل آهي.
جيڪڏهن اسان جو وات ۽ نڪ بند ٿيندو ته اسين مري
وينداسين.ساڳي طرح،جي جيتن جا بت وارا ساهه کڻڻ جا
سوراخ بند ٿيندا ته هو گهُٽجي مري ويندا. جُونئن
کي مارڻ جو سولو رستو آهي مٿي ۾ ججهو تيل وجهڻ؛ ڇا
لاءِ جو تيل ان جي بت وارا سوراخ بند ڪري ڇڏيندو ۽
هُو گهُٽجي مري وينديون
|