سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:حشرات الارض

باب: --

صفحو :6

جنگي ماڪوڙي

(جنگي ماڪوڙي)

جدا جدا ٻِرن جون ماڪوڙيون اڪثر پاڻ ۾ وڙهي پونديون آهن، جيئن ٻه لشڪر پاڻ ۾ جنگ ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙين لڙاين ۾ ڏاڍي خونريزي ٿيندي آهي.

ٻِرن جي چؤڌاري نسترن وانگي پهريواريون ماڪوڙيون بيٺل هونديون آهن. جڏهن ڪنهن غنيم جي ڪاهه جو ڊپ ٿيندو آهي يا شڪ پوندو آهي، تڏهن اهي چوڪيداريون، هڪدم اندر ٻِرن ۾ وڃي پنهنجن مُڇن سان سڀني کي خبر ڏين ٿيون؛ پوءِ سگهوئي هزارين ماڪوڙيون دشمن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪريو پون. جيڪا سڙڪ ٻڌي هلنديون آهن، تنهن ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي، منجهن وڏي مٿي واريون جيڪي ماڪوڙيون ٿينديون آهن، سي کين بيهاريو وڃن. اهي جنگي آفيسرن وانگي ٿيون ڀانئجن، جو ٻين وانگي بار ڪونه کڻنديون آهن. جيتوڻيڪ اهي جنگي ماڪوڙيون سڏبيون آهن، تڏهن به هو گهڻو ڪري جنگ يا ويڙهه ۾ شامل نٿيون ٿين. ماڪوڙيون، ڏاڍي چڙ ۽ تيسي مان وڙهنديون آهن. چڪ وجهنديون ته پوءِ پاڻهي ڪين ڇڏينديون جيسين ڪم ٻيو ڪو، ڇني ڦاڙي نه ڪڍندن. انهن جو جهيڙو ڪڏهن ڳئن تي لڳندو آهي ۽ ڪڏهن ٻانهن يا غلامن تي. جن جو ذڪراسين هاڻي ڪريون ٿا.

 

غلام وٺندڙ ماڪوڙيون

هڪڙيون ڪاري رنگ جون ماڪوڙيون ٿينديون آهن، جي ماڻهن ۾ حبشن سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون. انهن کي ڳاڙهي رنگ واريون ماڪوڙيون غلام ڪري وٺي وينديون آهن. هنن پوئين جو لشڪر ڪاهي، هنن اڳين جي ٻِرن ۾ ايندو آهي. ڪاريون ماڪوڙيون تمام غريب ۽ ڊڄڻيون آهن، تنهنڪري ڳاڙهيون ماڪوڙيون، هنن جا ٻچا، جي اڃا ڪينئن جهڙا هوندا آهن يا آرام جي حالت ۾ پيل هوندا آهن. تن کي حُڪمؤن کڻي وينديون آهن. انهيءَ چڙهائي ۾، هڪڙي ماڪوڙي به هنن جي ڪانه مرندي آهي، هُو اڪثر سامهون ڪين ٿينديون اٿن. پر وڏيون ماڪوڙيون، ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ هنن سان وڙهي پونديون آهن، جنهنڪري سُتتئي جنگ جو ميدان سسين، ٽنگن، مئلن ۽ ڦٽِيلن سان ڀرجي پوندو آهي. ڳاڙهين ماڪوڙين کي اڪثر هنن جا ٻچا وڌيڪ پسند ايندا آهن، جڏهن هنن کي جيتي، پنهنجي قبضي ۾ آڻينديون آهن، تڏهن پاڻ ۾ چڱو سلوڪ رکنديون آهن. انهن پنهنجن غلامن جي بچائڻ لاءِ ڳاڙهيون ماڪوڙيون ڏاڍو وڙهنديون آهن.

انهن غلام ڪندڙن ماڪوڙين جو سڀ ڪم ڪار سندن غلام ماڪوڙيون ڪنديون آهن، هنن کان سواءِ جيڪر هنن جو ڪم نه هلي سگهي. هنن جا گهر، هي غلام ماڪوڙيون جوڙين، هنن جا ٻچا پالين، هنن کي کاڌو آڻي ڏين، بلڪ هيءُ پنهنجن ڌڃاڻين کي ويهي کارائين؛ جي هنن جي سنڀال لاءِ هي غلام ماڪوڙيون نه هجن ته هو رئيس ماڪوڙيون جيڪر سگهو ئي مري وڃن!

 

 

ٽنڊي ماڪوڙي

         هنن کي ’ٽنڊي‘ هن ڪري چون ٿا جو هو ڪنڌ توڙي پُڇ يا پويون ڌڙ مٿي ڪري هلندو آهي. (هن ماڪوڙي جي وڏي شڪل توڙي ان جو سچو قد هتي ڏنو ويو آهي.) هي ماڪوڙا بلڪل انڌا ٿيندا آهن. هنن

(ٽنڊي ماڪوڙو ۽ ان جي سچي قد واري ليڪ)

جو چڪ، ٻرندي ٽانڊي جهڙو آهي. هنن کي ڪا هڪڙي رهڻ جي جاءِ ڪانهي هيڏي، هوڏي گهمندا وتن. هو شڪارين وانگي آهن، هنن جي ڊپ کان ڪئا توڙي بلائون ۽نانگ سڀ ڀڄي پاسو ڪندا آهن. جڏهن هو ميڙ ڪري ڪنهن گهر ۾ اچي پوندا آهن، تڏهن ماڻهو، لاچار گهر ڇڏي هليا ويندا آهن، وري اچي ڏسندا آهن ته سڀ قسم جو ايذاءُ رسائيندڙ جانور يا جيت مئو پيو هوندو آهي.

 

 

اُڏهي

حقيقت ڪري اُڏيهي، جيتن جي وچؤن ٻي جماعت مان آهي. جيئن مٿي به چيو ويو آهي، پر جڏهن گهڻن ڳالهين ۾ هو ماڪوڙين سان مشابهت رکي ٿي، تڏهن ان جو ذڪر به هتي ڪريون ٿا. انگريزي ۾ اُن کي ’اڇي ماڪوڙي‘ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’ڪاٺيءَ جون ڪينئون‘ سڏيندا آهن. هُوء َ’ايشيا‘ ۽ ’آمريڪا‘ کنڊن ۾ لڀندي آهي. ۽ ’يورپ‘ کنڊ مان فقط ’فرانس‘ جي ڏيهه ۾ ٿوري گهڻي لڀندي آهي.

(اُڏهيءَ جي راڻي)

اُڏهي، ڪاٺي ٽُڪي ان ۾ پنهنجو گهر جوڙيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هُوءَ زمين ۾ به گهر جوڙيندي آهي. اهو بعضي بعضي اهڙو وڏو ٿيندو آهي، جو عمق ۾ ٻارهن فوٽ ٿي ويندو آهي، ۽ وري مضبوط به اهڙو ٿيندو آهي، جو جيڪڏهن مٿانئس مينهن بيهي رهي، ته به نه ڊهي! اهو اُڏيهيءَ جو گهر، هڪڙي ٽَڪري يا ٻُٺيءَ وانگي ٿو ٿئي. (هن جي شڪل مٿي ڏني ويئي آهي.) انهيءَ ۾ چار جماعتون رهن ٿيون: (1) بادشاهه ۽ (2) راڻي، جي ٻيئي گڏجي تري ۾ زمين سان لڳ وچين ڪمري ۾ رهن ٿا، خاص جڏهن سندن کنڀ ڇڻي پون ٿا، (3) ڪم ڪندڙ يا پورهيت جيت، جي گهر جوڙين ٿا ۽ ٻچن کي پالين ٿا، (4) سپاهي يا جنگي جيت، جي نڪي گهر جوڙين، نڪي ٻچا نپائين، هنن جو ڪم اهو آهي ته جڏهن سندن قلعي تي ڪا ڪاهه ٿئي ته هو ان کي بچائين.

پورهيتن توڙي سپاهين کي کنڀ ڪين ٿيندا آهن. سپاهين جا مٿا تمام وڏا آهن ۽ قد ۾ به مزورن کان ٻيڻا ٿيندا. نر يعني بادشاهه، انهن کان به وڏو آهي، پر مادي يعني راڻي ته ڪڏهن ڪڏهن اڌ فوٽ جيڏي به ٿيندي آهي ۽ منٽ- منٽ ۾ سٺ آنا لاهيندي آهي. (راڻيءَ جي شڪل به مٿي ڏني ويئي آهي.)

اُڏهيءَ جي گهر واري بُٺي يا قلعي جا پاسا ٿُلها ۽ تمام سخت ٿين ٿا. انهن مان جدا جدا ڪوٺين ۽ ڪمرن ڏي رستا کوٽي جاري ڪيل اهن. کاڌي جي گدامن جون جايون جدا آهن. بادشاهي ڪمري جي مٿان آنن جون ڪوٺيون ٺهيل آهن. راڻيءَ جي خدمت ۾ ٻيون ڪيتريون ئي نوڪرياڻيون رهن ٿيون، جي هن کي کارائين ٿيون ۽ جيڪي هزارين آنا هُوءَ پيئي لاهي، سي راتو ڏينهن کنيو پيون وڃن.

ڪنهن مهل نَرَ ۽ ماديون گڏجي گوڙ ڪري ٽُنگ مان نڪري ٻاهر ٿينديون آهن. سگهو ئي پنهنجي بُٺيءَ جي چوٽيءَ تان ترڪي هيٺ زمين تي ڪِري پون ٿيون. جنهنڪري سندن کنڀ ڇڻيون پون، پوءِ سندن دشمن پکي وغيره، اچيو کايو وڃنن.

جيڪڏهن اڏهيءَ جي گهر ڀڃڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته سندن سپاهي هڪدم بچاءَ جي لاءِ نڪري ايندا آهن ۽ جي گهرکي ڪٿان شڪست پهچندي آهي ته پورهيتون جهٽ ۾ مٽيءَ جون ڳوڙهيون آڻي انهيءَ هنڌ جي مرمت ڪري ڇڏينديون آهن.

اڏهي هميشہ لِڪ ۽ پردي ۾ ڪم ڪندي آهي هوءَ پنهنجي دشمن کان بچاءَ جي لاءِ مٽيءَ جا ٽڪر وچان ڪڍي ڇڏيندي آهي. پر انهيءَ هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ٻيون ماڪوڙيون مٿن ڪاهي اينديون آهن. ۽ تمام گهڻن کي ماري ڇڏينديون آهن. ’ماڪوڙيخور‘ جانور به هنن جو وڏو دشمن آهي، هو پنهنجي ڊگهي چنبڙندڙ زبان هنن جي سوراخن ۾ لنگهائي وجهندو آهي ۽ جڏهن هي جيت ان تي ويهي ويندا آهن ۽ ان کي ڍڪي ڇڏيندا آهن، تڏهن هو پنهنجي زبان ڪڍي وٺندو آهي ۽ انهن کي کائي ڇڏيندو آهي.

’ڏکڻ آفريقا‘ جا حبشي اڏيهيءَ کي ڏاڍي چَهَر سان کائيندا آهن. ’هنن کي تئي تي ڀُڃي، ٻُڪن جا ٻڪ کائي ويندا آهن. ’آمريڪا‘ جا جهنگلي ماڻهو کنڀن واري اڏهي وٺي، اٽي ۾ ڳوهي، ان جي ماني پچائي کائيندا آهن.

اڏهي اڪثر ڏاڍو نقصان پهچائيندي آهي. جاءِ جي ڪامُن جو اندر، اهڙيءَ طرح کائي چٽ ڪري ڇڏيندي آهي، جو ٻاهران شڪ ئي ڪونه پوندو آهي، خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن اوچتو ڇت ڪري پوندي آهي. وڻن جي پاڙن کي به کائي نقصان رسائيندي آهي. منجهانئس هي فائدو سو آهي ته ڪِني سڙيل ڪاٺيءَ کي کپايو ڇڏي ۽ زمين کي پؤرو ڪيو ڇڏي، ڄڻ ته هَرَ اچي ويا آهن.

 

 

ماڪوڙين جوشينهن

هيءُ هڪڙو عجيب ننڍڙو جيت آهي، جو جڏهن اڃا ٻچو هوندو آهي ته ماڪوڙين تي گذران ڪندو آهي. وڏو ٿئي ٿو ته بس. اهو ميرانجهڙي رنگ جو سوٻٽ ٿو ٿئي ۽ پيٽ تي ڪارا بُج اٿس. ان جون ٽنگون اهڙيون ڄميل آهن، جو هو رڳو پٺيرو هلي سگهي ٿو. هُو هيئن ڪندو آهي، جو واريءَ ۾ کڏڙي کڻي انهيءَ جي تري ۾ لڪي ويهي رهندو آهي. جيڪڏهن ڪا ماڪوڙي يا ڪو ٻيو جيت کَڏڙيءَ جي ڪناري تان اچي لنگهندو آهي، ته واري لهي پوندي آهي ۽اهو تِرڪي اچي اندر پوندو آهي، جنهن کي جهلي کائي ويندو آهي. ۽ جي اهو نه تِرڪندو آهي ۽ ڀڄڻ جي ڪندو آهي ته هيءُ مٿانئس واريءَ جو وسڪارو ڪندو آهي، جو گهڻو ڪري آڻي هيٺ ڪيرائيندو اٿس.

جڏهن هيءُ سوٻٽ ڪامل صورت وٺي ٿو، تڏهن شڪل ۾ ڀنڀوريءَ جهڙو ٿئي ٿو.

 

ڀنڀوري

ڀنڀوري تمام خوبصورت جيت آهي.

(ڀنڀوري)

انهن مان گهڻن کي ته اهڙا چڱا رنگ ٿيندا آهن، جو پوپٽن جي رنگن کان گهٽ نه هوندا آهن. هنن جون اکيون وڏيون ٿينديون آهن،  کنڀ طرحين طرحين رنگن جا ٿيندا آهن ۽ سنهڙا به اهڙا آهن، جو منجهانئن شيشي وانگي آرپار ڏسي سگهبو آهي. هو تمام تڪڙو اڏامنديون آهن. وٺڻ جي ڪبي اٿن ته جهٽ گُسائي نڪري وينديون آهن. هو اڏامندي، مکين، پوپٽن، مڇرن ۽ ٻين جيتن کي جهلي ڏاري کائي وينديون آهن. جڏهن وٺبو اٿن ته ڏاڍوچڪ هڻنديون آهن، مگر هنن جي چڪ ۾ زهر ڪونهي.

مادي، پاڻيءَ ۾ آنا لاهيندي آهي.ٻچا، شڪل ۾ وڏين ڀنڀورين جهڙا ٿيندا آهن. انهن جون هيٺيون چپ تمام وڏو ٿيندو آهي، جو اوچتو ڪڍي جهٽ هڻي  شڪار کي وٺندا آهن. هيءُ ٻچا ڏاڍا هٻڇي ٿيندا آهن. ٻيا جيت نه ملندا اٿن ته هڪٻئي کي کائي ويندا آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org