سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: اخلاق حميده

ڀاڱو ٽيون

صفحو :6

اخلاق حميده

ميرزا علي نواز بيگ

 

روزبروز هن جي بخت جو ستارو زور ٿيندو ويو ۽ پنهنجي نيت جي صفحائيءَ جي برڪتن جي ڪري، سڀڪنهن طرف کان هن کي نفعو حاصل ٿيڻ لڳو. نيٺ هو ان شهر ۾ هڪ وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ آيو. جڏهن منهنجي پيءَ هيءُ جهان ڇڏيو، تڏهن هن جي بيشمار دولت منهنجي هٿ ۾ اچي ويئي. آءٌ به پيءُ وانگر بهبوديءَ ۽ فارغباليءَ جي دوڪان تي ويهي، انهيءَ شغل ۾ مشغول ٿي ويس. مگر حرص جو وڻ، ۽ مال جي حاصل ڪرڻ جي حب، منهنجيءَ دل جي زمين ۾ ڄمي ويئي ۽ دنيا جي محبت جي چنبي، احتياط ۽ خودداريءَ جي واڳ منهنجي هٿ مان زوريءَ کسي ورتي. آخر خريد فروخت جي معاملي ۾ بي ايماني ۽ ڪوڙ کي شريڪ ڪري، ڪم ڪرڻ شروع ڪيم. ڪيترو به پاڻ کي انهيءَ خطاڪاريءَ کان منع ڪيم ٿي. مگر نفس بي قناعت تي فتح پائي نٿي سگهيس. جيتوڻيڪ سج اڀرڻ کان اڳي بازار ۾ دوڪان کولڻ جي منع هئي، پر تنهن هوندي به هڪڙي ڏينهن صبح جو سڀني کان اڳ بازار ۾ ويس ۽ دوڪان جو در کولي ڪپڙو وڇائي ويٺس ته هڪ شخص نهايت غريب مال سان منهنجي دوڪان تي چڙهي آيو. خدا تعاليٰ  جي شفقتن ۽ نعمتن جو شڪرانو ڪري، هڪ بي بها موتيءَ جو داڻو کيسي مان ڪڍي، مون کي چيائين ته ”اي جوان، آءٌ عرب جي هڪ عزت ۽ وقار واري خاندان مان آهيان، مون وٽ بيحد مال اسباب هو، مگر هڪ اکروٽ جي خيانت سببان آسمان منهنجي مٿي تي مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ جي خاڪ وسائي وڌي آهي! هي هڪ موتي، انهيءَ اسباب مان منهنجي تصرف ۾ آيو آهي، پر اهل و عيال جي ضرورتن مون کي هن ڳالهه لاءِ تيار ڪيو آهي ته هي موتي وڪڻي، عيال جو گذران ۽ پنهنجي حال جي تدارڪ جو وسيلو بنايان ۽ ڏسان ته هاڻي غيب مان منهنجي واسطي ڪهڙو حڪم ٿئي ٿو.“ مون موتي هن جي هٿ مان ورتو. جيتوڻيڪ ان جي قيمت تمام وڏي هئي ۽ ان جي صفائي ۽ جلوي منهنجي اکين ۾ اونداهي آڻي ڇڏي، پر تڏهن به بيپرواهيءَ سان موتي موٽائي هن جي هٿ ۾ ڏئي، چيومانس ته ”هن موتيءَ جو ڪو گهڻو ملهه ڪونهي، مون کي رڳو صرف تنهنجي عاجزيءَ ۽ ضعيفيءَ هن موتيءَ جي خريد ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو آهي، تنهنڪري ٻڌاءِ ته هن جي قيمت ڪيتري آهي؟“ پوءِ هن کان منهن ڦيري، وري ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويس، مگر حقيقت ڪري ان موتيءَ جو خيال منهنجي رڳ رڳ ۾ ڀرجي ويو هو، ۽ ڊپ هوم ته مبادا اهو تحفو منهنجي بيپرواهيءَ سببان ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾ نه اچي وڃي. هن شخص جواب ڏنو ته ”اي عزيز، جيتوڻيڪ ظاهر ۾ مون کي مفلس ۽ پريشان حال ڏسين ٿو، پر يقين ڪر ته انهن تڪليفن هوندي به مون هن قسم جا ڪيترائي قيمتي داڻا، دوستن کي عطا ڪيا آهن. هن هڪ داڻي جي خريد فروخت، ايتري چون و چرا جي قابل آهي ئي ڪانه. مون کي پاڻ به ان جي قيمت ڪٿڻ جي ڄاڻ آهي، ليڪن جڏهن تنهنجي دڪان تي آيو آهيان، تڏهن مون کي حيا مانع آهي جو ٻئي دوڪان تي وڃان. توکي هن ڪم ۾ مهارت آهي. تنهنڪري آءٌ سڀ تنهنجي سچائيءَ ۽ انصاف تي ڇڏيان ٿو. جيڪي مناسب توکي نظر اچي سو ڏي.“ ائين چئي. موتي وري منهنجي اڳيان کڻي رکيائين. مون موتي کڻي، ڪيترو ئي پنهنجي نفس سان جهيڙو ڪيو ۽ خيال ڪيو ۽ خيال ڪيو ته اڌ قيمت هن کي ڏيان، پر منهنجي بي انصاف طبع، راضي نه ٿي، ۽ آخر ويهه درهم کيسي مان ڪڍي هن جي اڳيان رکيم، جي هن يڪدم کڻي ورتا ۽ هڪ نهايت درد ڀريل آہ، جگر مان ڪڍي چيائين ته ”اهو انصاف ۽ مروت آهي؟“ پوءِ پئسا کيسي ۾ وجهي، نظر کان غائب ٿي ويو.

آءٌ پنهنجي هن سودي تي نهايت خوش ٿيس ۽ دل ۾ چيم ته اڄ گهڻو نفعو حاصل ڪيو اٿم جو ههڙو موتي، جو هڪ هزار درهمن ۾ به سستو آهي، سو ويهن درهمن ۾ هن غريب شخص کان ورتم. آءٌ هميشہ پنهنجي ڪاروباري قابليت تي فخر ڪندو هوس، پر اها خبر ئي ڪانه هيم ته زمانو انهيءَ جو مون کي ڪهڙو نتيجو ڏيندو!

هن ڳالهه کي ٻه ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن وري به سڀني کان اڳ صبح جو دوڪان کولي وڃي ويٺس ته شهر جي وڏن ماڻهن مان هڪڙو گهوڙي تي سوار ٿي اچي بازار مان لنگهيو. مون انهيءَ مهل دوڪان مان منهن ٻاهر ڪڍيو ته ڏسان ته ڪير آهي، اوچتو گهوڙو وٺي ٽٺو ۽ هو شخص گهوڙي تان ڪِري پيو ۽ ڪنڌ ڀڄي پوڻ سبب هڪ ساعت ۾ مري ويو. هن سان جيڪي خادم ۽ همراهه هئا، سي پنهنجا گريبان ڦاڙڻ لڳا ۽ منهنجا ٻئي هٿ ٻڌي مون کي جهلي قابو ڪري مڪن ۽ چنبن سان مارڪٽ ڪرڻ بيٺا. بازار جا دوڪاندار ۽ راهگير گهڻيئي اچي گڏ ٿيا؛ ۽ جيئن ته اڪثر ماڻهو نفسانيت ۽ طمع جي ڪري مون کي شرير ۽ بدنفس سمجهندا هئا، تنهنڪري هنن جي خواهش هوندي هئي ته مون کي ڪنهن حادثي ۽ عقوبت ۾ گرفتار ڏسن. اهي سڀ منهنجي خصومت تي ڪمر ٻڌي بيٺا، ۽ مون ڪيترو به حقيقت حال بيان ڪئي، مگر ڪنهن به نه ٻڌي ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته ”نااهلن کي مال ۽ دولت جلد گمراهه ڪري. ههڙين براين ڏانهن مشغول ڪري ٿي.“ انهيءَ قسم جون ايتريقدر ته ڳالهيون ڪيائون جو خلق کي يقين ٿي ويو ته مون ڄاڻي واڻي هن شخص جو خون ڪيو آهي. سپاهي ۽ ڪوٽوال به خبر ملڻ تي اتي اچي حاضر ٿيا ۽ مون کي وٺي وڃي شام جي بادشاهه وٽ حاضر ڪيائون.

بادشاهه به طامع ماڻهو هو، منهنجي مال ۽ اسباب جو ذڪر گهڻي قدر ٻڌو هئائين، سو بهاني ۽ وجهه لاءِ منتظر ويٺو هو ته انهيءَ مال مان حصو پنهنجي هٿ آڻي. پهريائين ته يڪدم منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائين، مگر پوءِ حاضرينن جي سفارش تي مون تي هڪ هزار ڏنڊ وڌائين ۽ جان بخشي ڪيائين. اهڙيءَ ريت اڌ کان گهڻو مال انهيءَ ناحقي خون ۾ تاراج ٿي ويو. انهيءَ نقصان جي بار کان منهنجي طاقت جي ڪمر ڀڄي پئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ آءٌ وري به انهيءَ نقصان جي تدارڪ واسطي ڪوشش ۽ سعي جو دام، هر طرف پکيڙي نفعي جي شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳس.

هڪڙي ڏينهن پنهنجي دوڪان تي ويٺو هوس، ته ٻه زالون نهايت هار سينگار سان منهنجي دوڪان جي در وٽ اچي ويٺيون. هڪڙيءَ جي ڪڇ ۾ کير پياڪ ٻار ۽ ٻيءَ کي سامان جي ڳنڍڙي هٿ ۾ هئي. جنهن کي ٻار ڪڇ ۾ هو، تنهن ٿوريون اشرفيون کيسي مان ڪڍي، هن ٻيءَ کي هٿ ۾ ڏئي چيو ته ”ڪالهه جيڪو اسباب حاجي جلال قزوينيءَ کان خريد ڪيو هوسون تنهن جي قيمت ۾؛ اهي ڏيئي چوينس ته باقي رقم صبح جو سوير پهچائي ڏينديس، باقي جواهر، جن لاءِ وعدو ڪيو اٿس سي به جلد هٿ ڪري رکي، ڇاڪاڻ ته شاديءَ ۾ باقي ڏهه ڏينهن آهن. جڏهن هوءَ زال رواني ٿي وئي، مون جو شادي ۽ جواهرن جو ذڪر ٻڌو ۽ اشرفين کي ڏٺم، سو بڇڙو خيال ڪري لالچي ٿيس ۽ پڇيومانس ته ”ڀلو ٿيئي، پنهنجي رفيقياڻيءَ کي ڪيڏانهن موڪليو اٿئي.“ چيائين ته ”فلاڻي مشهور ۽ معروف شخص جي ڌيءَ، وزير جي پٽ کي نڪاح ۾ ٿا ڏين؛ اسين ڪنواريتي طرف جي ماڻهن مان آهيون ۽ بازار ۾ ڪن ڪمن ڪارين واسطي آيون آهيون. ريشمي ڪپڙن ۽ جواهرن جي ضرورت هئي، سو ڪپڙا ته ڪالهه حاجي جلال کان خريد ڪيا هئاسون ۽ اڄ انهن جي قيمت موڪلي ڏنيمانس؛ جيئن ته جواهرات لاءِ به انجام ڪيو هئائين ته هٿ ڪري ڏيندس، تنهنڪري پنهنجي رفيقياڻيءَ کي انهيءَ بابت تاڪيد ڪرڻ لاءِ به اشارو ڪيم.“ مون جڏهن هن زال کان اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن انهيءَ خوشخبريءَ جو ظاهر ٿيڻ پنهنجي بخت ۽ اقبال جي مددگاري سمجهيم، ۽ دل ۾ هن سودي مان وڏي نفعي حاصل ڪرڻ جا خيال پچائڻ لڳس. پوءِ هن زال کي چيم ته ”مون وٽ گهڻائي وڏيءَ قيمت وارا جواهر موجود آهن، جي سڀيئي توکي ڏيکاريان ٿو ۽ جيڪي توهان کي انهيءَ ڪم واسطي گهربل هجن سي انهن مان چونڊي ڪڍ، قيمت بابت جيڪا توهان جي مصلحت ۽ مرضي هوندي، تنهن موجب فيصل ڪئي ويندي.“ هن زال جواب ڏنو ته ”زالون جن کي جواهر خريد ڪرڻا آهن، سي بلڪل جواهر شناس آهن، هو وڏيءَ خبرداريءَ سان جواهر پسند ڪن ٿيون. هنن ٿورن ڏينهن ۾ ڪيترا جواهر پيش ڪيا اٿئون، پر هنن پسند نه ڪيا آهن. هنن کي نهايت عمدا ۽ وڏيءَ قيمت وارا جواهر گهربل آهن. تنهن کان سواءِ اسان جي ڏيتي ليتي حاجي جلال سان آهي. جڏهن هن کان ٻيو سامان به خريد ڪيو اٿئون، تڏهن جيڪڏهن جواهر به هن کان وٺنداسون ته ضرور ڪجهه رعايت ڪندو.“ مون چيومانس ته ”آءٌ به توهان جي مرضي موافق ڪم ڪندس، ۽ توهان کي ناراض نه ڪندس. اميد اٿم ته توهان جي معرفت آءٌ به ڪو سودو ڪري، وڏن ماڻهن کان نفع حاصل ڪريان.“ جواب ڏنائين ته ”چڱو، اسين ڏسنداسون.“ ايتري ۾ سندس رفيقياڻي به اچي وئي، جنهن کيسي مان وڏيءَ قيمت وارن موتين جي هڪ لڙهي ڪڍي هن کي ڏني. هوءَ مون ڏانهن نگاهه ڪري، هن سان ڳالهائڻ لڳي. پوءِ وڏي آواز سان چيائين ته ”هاڻي جي آندا اٿئي ته رک“ جڏهن پنهنجي رفيقياڻيءَ سان ڳالهائي بس ڪيائين، تڏهن مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ”دڪاندار، پنهنجي جواهرات کڻي اچ ته ڏسان.“ آءٌ جواهرن جي صندوقڙي کڻي آيس جا منهنجي استطاعت جو خزانو ۽ ڪارخاني جي موڙي هئي. صندوقڙي کولي ٿوريون موتين جون لڙهيون ۽ ٻيا قيمتي جواهر هن کي ڏيکاريم، ۽ هر هڪ جي قيمت هن کي ٻڌائيندو ويس. اهو موتي جيڪو هن غريب شخص کان خريد ڪيو هوم، تنهن جي پڻ ٻه هزار درهم قيمت ٻڌائي، انهن ۾ رکيم. هن زال چيو ته ”مون کي خبر نه آهي ته هي جواهر پسند ڪنديون يا نه!“ صندوقڙيءَ تي مهر هڻي، کيسي مان قلمدان ڪڍي، ڪجهه لکيائين ۽ پوءِ ان تي به مهر هڻي پنهنجي رفيقياڻيءَ کي ڏنائين ۽ چيائين ته ”آءٌ هتي ويٺي آهيان، تون هي جواهر بيبيءَ کي ڏيکاري اچ.“ وري مون کي چيائين ته ”تو وٽ به ڪو ماڻهو هجي ته منهنجي رفيقياڻيءَ سان گڏي موڪل، جو گهر جي رستي جو واقف ٿي اچي.“ مون وٽ هڪ اعتبار وارو غلام هو، جنهن کي هن جي رفيقياڻيءَ سان گڏي موڪليم، هوءَ زال پاڻ پنهنجي ٻار سميت منهنجي دوڪان تي ويهي رهي.

انهيءَ وچ ۾ راهگذرن مان ٻه ماڻهو بازار مان وڙهندا منهنجي دڪان وٽ اچي پهتا، ۽ اتي خنجر ڪڍي هڪٻئي تي حملو ڪيائون ۽ هڪٻئي کي زخمي ڪري وڌائون. انهيءَ جهيڙي جي تماشي ڏسڻ واسطي گهڻائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. انهيءَ وچ ۾ سپاهي به اتي اچي نڪتا، ۽ هنن کي قيد ڪري بادشاهه وٽ وٺي ويا. ٿوريءَ دير کان پوءِ بادشاهه جا ماڻهو بازار جي دڪاندارن کي، شاهديءَ ڏيڻ لاءِ سڏڻ واسطي آيا ۽ دڪاندارن کي زور زبردستيءَ سان دڪان تان اٿاري وٺي ٿي ويا. مون کي به انهن سان گڏ هلڻ لاءِ چيائون. هوءَ زال ساڳيءَ طرح ٻار ڪڇ ۾ کنيو هلڻ ويٺي هئي ۽ مون کي چيائين ته ”وڃ ۽ دڪان بنسبت خاطر جمع رک. آءٌ تنهنجي موٽي اچڻ تائين نظرداري ڪندي رهنديس.“ آءٌ ٿورا قدم اڳتي ويس ته دل ۾ خيال ٿيم ته مبادا هيءَ زال ڪا حرڪت ڪري، تنهنڪري هڪ ڪاسائيءَ کي چئي ويس، جنهن جو دڪان منهنجي دڪان جي ڀر ۾ هو ته هن زال جي نگهباني ڪج. ڪاسائيءَ کي منهنجي شاهديءَ بابت خبر ڪانه هئي، تنهن سمجهيو ته آءٌ هن کي دڪان جي پارت ڪري رهيو آهيان، سو مون کي چيائين ته ”خاطر جمع رک.“ غلام کي هن زال سان وئي گهڻي مدت گذري وئي هئي ۽ هن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. هوءَ زال به اڪيلي دڪان ۾ ويٺي هئي، تنهنڪري مون کي نهايت پريشاني ۽ فڪر هو. اهڙيءَ صورت ۾ بادشاهه جي بارگاهه تي به ڏاڍو لاچار ويس. جڏهن آءٌ بارگاهه تي پهتس، تڏهن ٻيا دڪاندار شاهدي ڏئي موٽيا هئا. مون کي به بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيائون. بادشاهه مون کان پڇيو، پر جيئن ته منهنجو هوش خيال صرف هن زال جي طرف هو، تنهنڪري پريشانيءَ جي حالت ۾ جيڪي ٻيا ماڻهو چئي ويا هئا، تنهنجي خلاف شاهدي ڏنيم. بادشاهه کلي پڇيو ته ”هي اهو ئي احمق شخص آهي نه، جنهن اڳي هڪ وڏي ماڻهوءَ جو خون ڪيو هو؟“ جواب ڏنائونس ته ”هائو. ”بادشاهه چيو ته اهو ئي سبب آهي جو سڀني ماڻهن جي ڏنل شاهدي جي برخلاف شاهدي ڏئي رهيو آهي. ههڙن بوافضول، خدا ناشناسن کي وڏي ۽ معقول سزا واجب ۽ لازم آهي. مون کي ڪوٽوال جي حوالات ۾ ڏنائين. جڏهن مون کي بارگاهه کان ٻاهر وٺي ويا، تڏهن ڪوٽوال کي ڪجهه رشوت ڏئي، پاڻ کي ضامن تي آزاد ڪرايم.

جڏهن دڪان تي موٽي آيس، تڏهن ڏٺم ته هوءَ ٻار واري زال آهي ئي ڪانه ۽ غلام نهايت افسوس ۽ فڪر ۾ دڪان تي ويٺو آهي. پڇيومانس ته ”جواهرات جي سودي بابت ڇا ٿيو؟“ انهيءَ کان اڳ غلام پڇيو ته ”هوءَ زال جيڪا هتي ويٺي هئي، سا ڪيڏانهن وئي؟“ مون جواب ڏنو ته ”انهيءَ زال کي مهر علي ڪاسائي جي حوالي ڪيو اٿم.“ تون ٻڌاءِ ته ڪيڏانهن ويو هئين ۽ جواهرن جي صندوقڙي ڪيڏانهن ڪيئي.“ غلام جواب ڏنو ته ”تو جواهرن جي صندوقڙي اعتبار ڪري هن زال جي حوالي ۾ ڏني هئي، ۽ مون کي ڪجهه به نه چيو هئي ته ڇا ڪريان. مون کي فقط هن سان گڏ موڪليو هئي ته گهر جي رستي جو واقف ٿي اچان. آءٌ هن سان گڏجي بازار کان ٻاهر نڪتس ۽ ٿورين گهٽين مان لنگهي. چاليهن ڌين واري گهٽيءَ وٽ، هڪ گهر جي در وٽ پهتاسون، جتي ڪيترائي معتبر ماڻهو بيٺا هئا. مون کي چيائين ته ”تون هتي ترس ته آءٌ موٽي اچان ٿي“ زال اندر جاءِ ۾ لنگهي وئي ۽ آءٌ ظهر جي نماز تائين در تي منتظر بيٺو هوس، پر هن جو ڪو پتو ئي ڪونه پيو. جڏهن نماز جو وقت ٿيو، تڏهن اندران ٻانگ جو آواز آيو ۽ ماڻهو ٽوليون ٽوليون ٿي اوڏانهن وڃڻ لڳا. مون خيال ڪيو ته شايد ڪو ماڻهو گهر ۾ فوت ٿيو آهي ۽ هي ماڻهو هن جي عذر خواهي لاءِ وڃي رهيا آهن. ٿوريءَ دير کان پوءِ، سڀئي ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ آءٌ انتظار ڪري ڪڪ ٿي پيو هوس، تنهنڪري انهن مان هڪڙي کان پڇيم ته ”جيڪا زال هن گهر ۾ لنگهي ويئي سا وري ٻاهر نه ايندي ڇا؟، ان شخص کلي چيو ته ”اڙي غلام، ننڊ ۾ آهين ڇا! هن جاءِ کي ڪهڙي شخص جو گهر خيال ڪيو اٿئي، ۽ ڪهڙيءَ زال جو احوال پڇي رهيو آهين؟ توکي منع نه آهي، قدم اڳتي رکي ڏس ته هيءَ ڪهڙي قسم جو گهر آهي.“ آءٌ پنهنجي جاءِ تان اٿي وڪڙ ۾ گهڙيس، ڊپ ۽ خوف ۾ پئي ويس جڏهن مسجد جي اڱڻ ۾ پهتس، تڏهن مون کي محراب ۽ منبر ڏسڻ ۾ آيا ۽ اتي ڪيترائي ماڻهو وضو ڪري رهيا هئا، ڪيترا نماز پڙهي رهيا هئا ۽ مسجد جي ٻئي طرف کان به دروازو کليل ڏٺم، جتان به ماڻهو پئي آيا ويا. مون خيال ڪيو ته هوءَ زال به انهيءَ در مان هلي ويئي هوندي، تنهنڪري آءٌ به انهيءَ در مان ٻاهر نڪري ويس. جڏهن گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس، ته هن هن زال جهڙي هڪ زال ڏٺم، پر هن وٽ اهڙي ڪا به شيءِ ڪانه هئي، جنهن جي نشان تي هن کي سڃاڻان. هن جي نالي ۽ نشان جي به خبر نه هئي جو هن جو پتو ڳولي لهان. گهٽيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن اجايو رلي لاچار موٽي آيو آهيان.“ مون جڏهن غلام کان اها نااميديءَ جي خبر ٻڌي، تڏهن انهيءَ غم کان منهنجي جان چپن تي اچي وئي ۽ يڪدم عقل ۽ هوش کان پالهو ٿي ويس. ۽ ڪاسائيءَ وٽ وڃي پڇيومانس ته ”هوءَ زال جيڪا تنهنجي حوالي ۾ ڏئي ويو هوس، سا ڪيڏانهن وئي؟“ هن جواب ڏنو ته ”تو ڪڏهن زال منهنجي حوالي ڪئي هئي. جڏهن تون وئين تڏهن ڏٺم ته هڪ زال دوڪان ۾ ويٺي هئي، جنهن کي ٻار ڪڇ ۾ هو. مون پڇيومانس ته ڪنهن سان ڪم اٿئي؟ جواب ڏنائين ته ”هن جواهريءَ کان پئسا لهڻندي آهيان، تنهنڪري ان واسطي ويٺي آهيان.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ پنهنجي ٻار کي کڻي مون وٽ آئي ۽ هيٺ رکي چيائين ته ”هيءُ هتي پيو هجي ۽ آءٌ موٽي اچان ٿي.“ ٻار کي اتي ڇڏي وئي جو اڃا تائين ئي منهنجي دڪان ۾ آهي.“ چيومانس ته ”وڃ ۽ ٻاهر کڻي اچينس ته ڏسان.“ ڪاسائي ٻار کي ٻاهر کڻي آيو. اڃان منهن تان ڪپڙو لاٿومانس ته ڏٺم ته خمير مان ٻار جي صورت ٺاهي، ڪپڙا ڍڪائي ڇڏيا اٿنس. ڪاسائي کي چيم ته ”هيءُ عجيب ٻار آهي!“ ڪاسائيءَ چيو ته ”هاڻي هن کي وڃي ڦٽو ڪر جيڪي آهي سو آهي، وڃي ان زال سان صفائي ڪر.“ مون ڪاسائيءَ کي چيو ته ”زال تنهنجي حوالي ۾ ڇڏي ويو هوس، اها مون کي پيدا ڪري ڏي، ڇاڪاڻ ته هوءَ مون کان هزارن تُمانن جا جواهر به کڻي وئي آهي.“ هن مون کي جواب ڏنو ته ”اي احمق، آءٌ تنهنجو غلام هوس ڇا جو زال منهنجي حوالي ۾ ڏني هيئي. تنهنجو ڪم هو پاڻ هن جي سنڀال ڪرڻ؟“

مون هوش ۽ حواس کان نڪري، ڪاتي کڻي ڪاسائيءَ جي منهن ۾ اڇلائي هنئين، جنهنڪري هن جو مغز ۽ منهن جو اڌ وڍجي پيو. بازار جي ماڻهن ۽ هن جي عزيزن مون کي کڻي ٻڌو ۽ بادشاهه جي خدمت ۾ وٺي ويا.

بادشاهه منهنجي قتل ڪرڻ واسطي حڪم ڪيو، پر وري به حاضرينن بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”هيءُ شخص مجهول ۽ ديوانو ڏسجي ٿو، تنهنڪري هن جي قتل ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو. هن جي سموري ملڪيت ضبط ڪجي، ۽ هن کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏجي ته ٻين واسطي عبرت ٿئي.“ منهنجي گهر ۽ دڪان ۾ جيڪو اسباب پيل هو، سو سمورو انهيءَ گناهه جي عيوض ضبط ڪيو ويو ۽ مون کي شام جي ولايت مان نيڪالي ڏني ويئي. آءٌ مٿي اگهاڙو ۽ هٿين خالي شهر مان نڪري روانو ٿيس ۽ بيابان ۾ پهچي، رستو وڃائي ڇڏيم. ٻن ڏينهن تائين بکيو ۽ اڃيو، حيران پئي گهميس ۽ پنهنجي بخت جي بيداد جي شڪايت پي ڪيم ته اوچتو هڪ نقاب پوش سوار، اتي اچي نڪتو ۽ مون کي پنهنجي پٺيان سوار ڪري، عام رستي تي آڻي چيائين ته .مون کي سڃاڻين ٿو؟، مون جواب ڏنس ته ”ڀانيان ٿو ته تنهنجي آواز جو واقف آهيان.، چيائين ته ”آءٌ اهو ساڳيو شخص آهيان، جنهن فلاڻي ڏينهن ويهن درهمن ۾ توکي هڪ موتي وڪرو ڪيو هو ۽ تنهنجي ايمانداريءَ ۽ انصاف جو امتحان ورتو هوم. اهو موتي هينئر مون وٽ آهي.“ کيسي ۾ هٿ وجهي، موتي ٻاهر ڪڍي مون کي ڏيکاريائين. چيائين ته ”توکي معلوم هجي ته آءٌ اقابيل ملائڪ آهيان، ۽ ڪيترا هزار ملائڪ منهنجي تابع فرمان آهن. منهنجي نوڪري صرف هي آهي ته مختلف شڪليون بنائي، سڀني شهرن ۽ بازارن ۾ گهمندو رهان، ۽ خلق مان هر هڪ جي امانت ۽ انصاف جو امتحان وٺندو رهان. جيڪڏهن ڪنهن کي ايماندار ڏسان ٿو ته سڀڪنهن طرح هن جي مدد ۽ اعانت ڪريان ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص کي خيانت ڪندڙ ۽ ڪوڙ ۾ مبتلا ڏسان ٿو ته خلل ۽ خرابي هن جي جان ۽ مال کي پهچايان ٿو. توکي معلوم هجي ته ناصواب عملن جي وسيلي، خلق سان ناانصافي ۽ دغا ڪرڻ سڀ کان بڇڙو ڪم آهي. توکان جيڪا دغا ۽ بي انصافي ظاهر ٿي آهي، تنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو تنهنجي ايتري دولت ۽ مال ٿوري ئي وقت ۾ برباد ٿي ويو.“ مون روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪيو، پر مون کي چيائين ته ”هاڻي ڪجهه به فائدو نه ٿيندو.“ ۽ پوءِ هو منهنجي نظر کان غائب ٿي ويو.

آءٌ هن ملڪ ۾ اچي پهتس ۽ مدت تائين مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ سان گذاريندو رهيس، ۽ ندامت ۽ پشيمانيءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه هوندو هوم. انهيءَ مدت اندر ڪنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو هوس ته ڪو به چڱو نتيجو نه نڪرندو هو. پنهنجي حال مال، زر ۽ اڳوڻي وقت تي تيسين افسوس ڪندو رهيس، جيسين اکين کان انڌو ٿي پيس. هاڻي گدائيءَ جو پيشو اختيار ڪيو اٿم. هن حالت کي صرف شوم طبعي، بيجا حرص، بي انصافيءَ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري پهتو آهيان. ”اي جوان، اهو مضمون هن سبب ورد زبان ڪيو اٿم، ۽ سڀڪنهن وقت زبان تي جاري رکان ٿو ته شريف خواهه رذيل، ننڍو خواهه وڏو، سچ ۽ انصاف جي رستي کان پاسو ڪري، مون وانگر راحت ۽ فارغباليءَ کان محروم نه ٿئي.“

هن ڳالهه جي موتين پوئڻ جي مدعا هي آهي ته اڍنگيءَ روش واري جي راحت ۽ آسائش جي مڪان کي زوال جو سيلاب نقصان پهچائي ٿو، ۽ سڀڪنهن صدق انديش ۽ پاڪيزہ سرشت جي مقصدن جي تاج کي، نصرت ۽ سرفرازيءَ جو موتي زينت بخشي ٿو، سڀڪو هوشمند، جيڪو پرهيزگاري ۽ پاڪسائيءَ جي زيورن سان سينگاريل آهي، سو دل جي ارادي سان طمع ۽ حرص جي ڪنڊن واري ميدان جي هُوس نٿو ڪري، ۽ ابليس جي فريب ۾ اچي ٻين ماڻهن جي خانه خرابيءَ واسطي تيار نٿو ٿئي. پاڻ کي هن جواهريءَ وانگر آرام ۽ آسائش جي فردوس مان ڪڍي، مفلسي ۽ تنگيءَ جي محنت ۽ مصيبت واري ملڪ ۾ نٿو پهچائي. سڀڪو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته حرص ۽ طمع، نفسانيت ۽ مال جي محبت، ڪوڙ ۽ خيانت جا حلقهء بگوش غلام آهن، ۽ ڪيترن ئي ناپسند عملن جو باعث آهن. پوءِ ڪيستائين، ڪهڙي مطلب واسطي، مال گڏ ڪرڻ لاءِ مردم آزاريءَ ۽ بدديانتي ڪري، پنهنجي پياري عمر کي ههڙيءَ خسيس محبت، ۽ دنيا جي جنس واسطي برباد ڪرڻ گهرجي؟ يقين آهي ته اهڙو مال جيڪو حرص جو تاجر، مڪر ۽ فريب جي دلالن جي مدد سان، ضعيفن ۽ مسڪينن جا بازو موڙي حاصل ڪندو، سو ٿوري ئي وقت ۾ بهار جي رنگ وانگر، حادثي جي خزان سان، اختيار جي تصوف مان نڪري ويندو. صاف ضمير ۽ صاف طبيعت ماڻهو، راستگوئي ۽ پڪي ارادي سان مڪر ۽ فريب کان پرهيز ڪري، جهاد نفس جي معرڪي ۾، مردانه وار ڪوشش ڪن ٿا، ۽ پنهنجي دل جي اڻوڻندڙ آرزوئن جو ايتريقدر مقابلو ڪن ٿا، جو نيٺ نفس نافرجام جي ارادن تي فتح حاصل ڪري، بهبوديءَ جي ڪنوار، مراد ۽ اقبال جي آرسيءَ ۾ ڏسڻ لڳن ٿا، ۽ دولت جي فردوس مان سعادت ۽ ڪامرانيءَ جا گل چونڊجڻ لڳن ٿا.

مرد عاقل ۽ حقيقت سڃاڻندڙ اهو آهي، جو آزادگيءَ ۽ صداقت جي پاڻيءَ سان، ارڏائي ۽ اڍنگائيءَ جي شعلن کي اُجهائي ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته بدڪردار ۽ شهوت پرست ماڻهو، هميشہ بي اعتبار ۽ خلق جي نظر ۾ مردود ۽ حقير ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙن ماڻهن جي اعتبار جون تارون، هميشہ ماڻهن جي صحبت جي نعمت کان بي بهره رهن ٿيون ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي مقصد کي پهچي نٿا سگهن.

حقيقت ڪري سچ، زر ڪامل آهي ۽ جنهن کي ان مان ڪو بخرو حاصل آهي، تنهن جي عزت ۽ وقار کي ڪڏهن به ڪو نقصان نٿو رسي، ۽ هن جو قدر ۽ احترام هميشہ پشيماني، خواريءَ ۽ شرمساريءَ کان بچيل رهي ٿو. اهو به يقين آهي ته جيڪو خيانت ۽ بڇڙائيءَ جو ٻج، پنهنجي خيال جي زمين ۾ پوکيندو، سو هرگز عافيت جو ڦل حاصل نه ڪندو. ۽ غزني جي قاضيءَ وانگر پنهنجي اعتبار ۽ راحت کي، شرمساريءَ عقوبت سان مبدل ڪري، پنهنجي حياتيءَ ۽ هستيءَ کي فنا ۽ نيستيءَ ڏانهن ڇڪي ويندو.

ڳالهه ڪندا آهن ته جنهن وقت غزنيءَ جي حڪومت ۾، نافرمان فرمائيءَ جو خطبو، عظمت ۽ اجلال جي منبرن تي، سلطان محمود سبڪتگين جي نالي بلند آواز سان پڙهيو ويندو هو، تنهن وقت هڪ شخص، آذربائجان کان هندستان جي سفر جي ارادي سان روانو ٿيو. جڏهن غزنيءَ ۾ پهتو، تڏهن هن کي ان ملڪ جي صفائي ۽ آب و هوا نهايت پسند آئي، تنهنڪري اتي ترسي پيو. جيئن ته هن کي مال جي خريد فروخت ۾ مهارت هئي، تنهنڪري دلالن جي بازار ۾ وڃي هن سان گڏ ڪم شروع ڪيائين. بخت هن جي مدد ڪئي، هن کي گهڻو نفعو ٿيڻ لڳو. اتي شاديءَ جو ارادو ڪري، هڪ پرهيزگار ۽ خوبصورت زال سان نڪاح ڪيائين. اقبال جي ياوريءَ سان، رفتي رفتي هن وٽ گهڻو ئي مال گڏ ٿي ويو. سوداگريءَ ۾ اهڙيءَ طرح اُن پيشي ۾ پنهنجو وقت صرف ڪندو رهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هندستان ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪيائين. جيئن ته غزنيءَ ۾ مسافر هو، تنهنڪري ڪو دوست ۽ مشفق ڪونه هوس، جنهن کي پنهنجي موٽي اچڻ تائين زال جي نگهباني ۽ حفاظت سپرد ڪري. تنهنڪري پنهنجي دل ۾ خيال ڪيائين ته زندگانيءَ جي قانون جو پهريون باب پنهنجي ننگ ۽ ناموس جي حفاظت آهي، تنهنڪري جيسين مون کي زال بنسبت خاطر جمع نه ٿيندي، تيسين هن سفر جو ارادو رکڻ مناسب نه آهي. شهر جو قاضي امانت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ بلڪل مشهور هو، تنهنڪري خيال ڪيائين ته قاضي شريعت تي هلندڙ شخص آهي، خداشناسيءَ ۽ دينداريءَ ۾ هن شهر جو خاص ۽ عام هن جي تعريف ڪري رهيو آهي. بهتر آهي ته زال ان جي حوالي ۾ ڇڏي وڃان ۽ جيسين هن سفر تان موٽي اچان، تيسين هن جي گهر ۾ رهي. اهو خيال ڪري قاضيءَ وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”آءٌ هن شهر ۾ مسافر آهيان، هتي شادي به ڪئي اٿم، هن وقت هندستان جي سوداگريءَ جو پڪو ارادو اٿم. منهنجي زال جوان آهي، جيتوڻيڪ هن جي عصمت ۽ پاڪدامنيءَ جا ورق، هن جي ذاتي جوهرن ۽ صفتن جي شيرازي سان محڪم ۽ مضبوط آهن، پر تڏهن به سڀڪنهن ماڻهوءَ کي دوست ۽ دشمن ٿين ٿا، تنهنڪري زماني جي واقعن کان سلامت رهي نٿو سگهجي. اهڙيءَ صورت ۾ احتياط ضروري آهي، مبادا ڪنهن ماڻهو کي گلا ڪرڻ جو وجهه ملي، تنهنڪري مون کي اميد آهي ته توهين منهنجي زال کي پنهنجي حفاظت ۽ نگهبانيءَ هيٺ وٺندا.“ قاضيءَ هن جي استدعا قبول ڪئي. پوءِ زال کي ٻارهن مهينن جو خرچ ڏئي، وٺي آڻي قاضيءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ پاڻ سفر تي روانو ٿي ويو.

هوءَ زال، رات ڏينهن قاضيءَ جي گهر ۾ پنهنجو وقت خدا تعاليٰ جي عباد ۽ اطاعت ۾ گذاريندي رهي، قريباً هڪ سال تائين اهڙيءَ طرح قاضي جي گهر ۾ زندگي بسر ڪيائين، جو ڪنهن نامحرم کي هن جي صورت ڏسڻ جو اتفاق نه ٿيو، ۽ نڪي هن جو ڪنهن آواز ئي ٻڌو. هڪڙي ڏينهن قاضي بيخبريءَ ۾ پنهنجي گهر آيو ۽ سندس نظر هن زال تي وڃي پئي. هن جي دلفريب صورت ۽ لاثاني جمال ڏسي، قاضي جو عقل ۽ هوش گم ٿي ويو. دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪنهن حيلي سان ان زال جي پاڪائيءَ جي قلعي تي خيانت جو شبخون ڪري، مگر جيئن ته ان زال جي حقيقت حال ۽ سيرت کان واقف هو، تنهنڪري جرائت ڪري نٿي سگهيو جو هن کي پنهنجي بيقرار دل جي حال کان آگاهه ڪري. اهڙيءَ صورت ۾، دل ۾ وَٽَ پيو کائيندو هو ۽ سوز مان آهون پيو ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن قاضيءَ جي زال حمال ۾ ويئي ۽ هن زال کي گهر جي سنڀال ۽ نظرداري واسطي ڇڏي ويئي. قاضي جڏهن گهر ۾ آيو، تڏهن ان زال کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي، شوق جي پڳ آسمان تي اڇلي، چيائين ته مقصود جو شڪار، جيڪو مون آسمان تي پئي ڳوليو سو هاڻي زمين تي منهنجي موچاري بخت جي دام ۾ اچي ويو آهي. گهر جو دروازو بند ڪري، ان زال کي چيائين ته ”اسان جي دينداري، سڄي عالم کي ويڙهيو پيئي آهي ۽ سڀني ماڻهن جي ڪنن تي پهچي ويئي آهي. بهشت جي حورن جو وسوسو به اسان جي درست نيت ۽ حقانيت کي احتياط ۽ شريعت جي رستي کان منحرف ڪري نٿو سگهي، تنهنڪري اسان کان ايتريقدر موشو ڇاڪاڻ ٿي ڪرين؟ - توکي هر وقت عاقبت انديشي، عصمت جي پردي هيٺ پناهه ڏئي رهي آهي ۽ اسان تي پڻ خدا شناسي ۽ روز محشر جي عقوبتن جي خوف کان، شهوت پرستي ۽ بدافعالي قبضو ڪري نٿي سگهي. بهرحال مهمان کان خذمت وٺڻ خدا ۽ رسول جي حڪمن جي خلاف آهي، پر تڏهن به تون هاڻي گهر جو هڪ ڀاتي آهين، اسين في الحال تنهنجي مهربانيءَ ۽ التفات جا مهمان آهيون، تنهنڪري جيڪڏهن ڪجهه طعام حاضر هجي ته کڻي اچ جو بک لڳي آهي.“ زال منهن کي چادر سان ڍڪي، گهڻي حجاب ۽ شرم سان طعام قاضيءَ جي اڳيان آڻي رکيو ۽ پاڻ وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهي. پوءِ ان زال کي چيائين ته .توکي خبر آهي ته ٽي شخص رحمت الاهي کان دُور ۽ قيامت جي ڏينهن سخت عذاب ۾ گرفتار ٿيڻ وارا آهن: پهريون اهو جو اڪيلو ماني کائي، ٻيو اهو جو اڪيلو سمهي، ۽ ٽيون اهو جو اڪيلو مسافري ڪري. هيتريءَ مدت ۾ ڪڏهن به اهڙو اتفاق نه ٿيو آهي جو انهن ٽنهي ڳالهين مان ڪنهن به هڪ جو مرتڪب ٿيو هجان؛ جيئن ته طعام کائڻ ۾ هاڻي اڪيلو آهيان، جيڪو اڪيلو ڪجهه به کائيندو آهي ته ابليس لعين هن سان شريڪ ٿي ويندو آهي، ابليس جيڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن به شيءِ کائڻ ۾ شراڪت ڪندو ته ايمان ۾ خلل پوڻ جو باعث ٿيندو، تنهنڪري ڪهڙي حرڪت آهي، جي مون کي شيطان جي شر کان پناهه ڏيئي، پنهنجا هٿ طعام سان آلا ڪرين.“ زال سان ايتري مڪر ۽ فريب جون ڳالهيون ڪيائين جو هوءَ زال راضي ٿي، دسترخوان تي اچي ويٺي. قاضي ضرورت ۽ احتياج موافق بيهوشيءَ جي دوا پاڻ سان رکندو هو، تنهن مان قدري زال واري طرف فرصت جي وقت ۾ طعام ۾ وجهي ڇڏي هئائين. اڃا زال ٻه – ٽي گرهه کنيا ته بيهوشيءَ جي دوا هن تي اثر ڪري ورتو ۽ هن جي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. ارادو ڪيائين ته اُتان اٿي، پر ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيس ۽ ڪرڻ سان بيهوش ٿي ويئي. قاضي دستر خوان کڻي، ارادو ڪيو ته عشرت جو انتظام ڪري زال سان صحبت ۾ مشغول ٿئي ته اوچتو در کڙڪيو. قاضي حيران ٿيو ته زال کي ڪٿي لڪائي جو ڪو به هن جي احوال کان واقف نه ٿئي. قضا سان گهر ۾ تهخان هو، جو قاضي ناڻي رکڻ لاءِ ٺهرايو هو. هن ۽ هن جي زال کان سواءِ ان جي ٻئي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. پوءِ فرش کڻي، چور دروازو کولي، زال کي کڻي تهخاني ۾ رکيائين. ۽ دروازو بند ڪري، فرش کي زمين تي وري برابر وڇائي، ٻاهر وڃي، گهر جو دروازو کوليائين ته ڏٺائين ته سندس زال آهي جا حمام مان موٽي آئي هئي. قاضيءَ چيس ته ”ڇاڪاڻ گهر اڪيلو ڇڏي، ٻيئي گڏجي ٻاهر وڃو ٿيون؟، جواب ڏنائيندس ته ”تاجر جي زال کي گهر جي نگهبانيءَ واسطي ڇڏي ويئي هيس.“ قاضيءَ چيس ته ”ٻن ڪلاڪن کان گهر ۾ اچي ويٺو آهيان، پر مون ته ڪنهن کي به گهر ۾ نه ڏٺو! اهڙن بي ڀروسي وارن ماڻهن تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. مبادا ڪا شيءِ نه کڻي وئي هجي!“ قاضيءَ جي زال، سوداگر جي زال جي حال تي متعجب ٿي چيو ته ”هوءَ اهڙي زال ته نه هئي، جو اهڙي قسم جي حرڪت ڪري! خبر نه آهي ته هن کي ڪهڙو حادثو پيش آيو!“

اڃا انهيءَ گفتگوءَ ۾ هئا ته قضا سان سوداگر به ساڳئي وقت هندستان جي سفر تان موٽي آيو. پنهنجي زال کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ، قاضيءَ جي گهر لنگهي آيو. قاضيءَ چيس ته ”مدت ٿي آهي جو تنهنجي زال اسان جي اجازت ۽ اطلاع کان سواءِ، گهر مان هلي وئي آهي، هن جو پتو ئي ڪونهي.“ تاجر چيس ته ”اي قاضي، هيءُ وقت چرچي ۽ مسخريءَ جو نه آهي، منهنجي زال کي موڪل ڏي.“ قاضيءَ قسم کڻي جواب ڏنس ته ”هن ڳالهه ۾ ذرو به خلاف نه آهي.“ هن چيس ته ”آءٌ پنهنجي زال کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، هن جا اطوار ۽ خصلتون ڄاڻان ٿو ته هوءَ اهڙي حرڪت ڪڏهن به نه ڪندي. البت هن ڳالهه جي ضرور ڪا ٻي صورت ڏسجي ٿي؟“ قاضيءَ کي انهيءَ تي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائينس ته ”عجيب نموني جو بيوقوف ۽ گهٽ عقل وارو آدمي آهين. ڳالهه اها آهي جيڪا توکي ٻڌائي اٿم. ڇاڪاڻ بيهودو بڪي رهيو آهين ۽ اسان کي اجائي تڪليف ڏيئي رهيو آهين؛ وڃ ۽ وڃي ڳولا ڪر ته تنهنجي زال ڪٿي آهي.“

تاجر کي زال سان ڏاڍي محبت هئي، تنهنڪري ٻڌڻ سان دماغ مان دونهان نڪري ويس، ۽ گريبان ڦاڙي، قاضيءَ جي بي انصافيءَ جو فرياد، سلطان جي خدمت ۾ کڻي ويو. اتي ۽ثنا ۽ دعا کان پوءِ عرض ڪيائين ته ”اي حضور، آءٌ آذربائجان جو رهاڪو آهيان ۽ حضور جي عدالت ۽ غريب نوازيءَ جي تعريف ٻڌي، مدت کان هن ملڪ ۾ اچي رهيو آهيان، حضور جي مهربانيءَ ۽ الطاف جي پاڇي هيٺ بلڪل آسودگيءَ سان وقت گذاريو اٿم. ٻارهن مهينا اڳي سفر جو ارادو ڪري، پنهنجي جوان ۽ خوبصورت زال کي قاضيءَ جي حفاظت ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو هوس، هاڻي موٽي آيو آهيان، مگر قاضي پنهنجي نفساني خواهش جي ڪري زال تي عاشق ٿي، موٽائي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. سلطان جي حڪم موجب، قاضيءَ کي حاضر ڪيو ويو. قاضي اڳيئي محلي جي ڪن بدمعاشن کي حقيقت حال کان واقف ڪري، ڪجهه پئسا ڏيئي سمجهائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن توهان کي سلطان جي خدمت ۾ شاهديءَ لاءِ وٺي وڃن ته چئجو ته قريب ٻه – ٽي مهينا ٿيندا جو تاجر جي زال کي ڏٺو هوسون ته قاضيءَ جي گهر مان ٻاهر نڪري ويئي هئي ۽ گم ٿي ويئي. جڏهن قاضي درٻار ۾ حاضر ٿي، سلطان جي اڳيان عزت واري جاءِ تي اچي ويٺو، تڏهن سلطان پڇيس ته ”اي قاضي، هيءُ تاجر توتي ڪهڙو فرياد ڪري رهيو آهي؟“

جواب ڏنائين ته ”هن شخص، پنهنجي زال مون کي سپرد ڪئي هئي، ۽ اٽڪل ٽي مهينا ٿيندا ته منهنجي خواهه منهنجي زال جي بيخبريءَ ۾ اها گهر مان نڪري ويئي ۽ هن وقت تائين موٽي نه آئي آهي. اسان ڪيتري به ڳولا ڪئي، مگر هن جو ڪو به پتو نه مليو. مون کان هن جي حفاظت ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ٿي آهي.“ تاجر چيو ته ”اهڙو ڪم ڪرڻ منهنجي زال جي طبيعت ۽ روش جي خلاف آهي، آءٌ اها ڳالهه قبول ڪري نٿو سگهان.“ سلطان پڇيو ته ”انهيءَ ڳالهه جا شاهد ڪير آهن؟“ قاضيءَ چيو ته ”پاڙي جا ڪيترائي ماڻهو انهيءَ حال کان آگاهه آهن.“ پوءِ انهن جا نالا ورتائين. سلطان جي حڪم موجب شاهد حاضر ڪيا ويا. هنن قاضيءَ جي سمجهاڻيءَ موجب شاهدي ڏني. سلطان، تاجر کي چيو ته ”قاضي شاهد پيش ڪري پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري تنهنجي دعويٰ هلي نٿي سگهي.“ تاجر نااميد ٿي موٽي ويو.

سلطان جي عادت هوندي هئي ته گهڻو ڪري رات جو مملڪن جي ڪمن جي جاچ ۽ رعيت جي هلت چلت ڏسڻ واسطي چمڙا پوش ڍڪي بازارين ۽ گهٽين ۾ گهمندو هو. انهيءَ رات به هو هميشہ جي دستور موجب، بارگاهه مان نڪري بازار ۾ ويو، ۽ هڪ دوڪان وٽان اچي لنگهيو. ڏٺائين ته ڪيترا ڇوڪرا راند ۾ مشغول هئا. انهن مان هڪ ڇوڪرو بادشاهه ٿيو ۽ ٻين ڇوڪرن کي چيائين ته ”آءٌ توهان جو بادشاهه آهيان ۽ منهنجو حڪم توهان تي جاري آهي، تهنڪري اوهان کي گهرجي ته منهنجن حڪمن جي انحرافي نه ڪريو.“ ٻئي ڇوڪري جواب ڏنس ته ”تون به جيڪڏهن سلطان محمود وانگر عدالت جي قاعدي جي برخلاف حڪم ڪندين ته توکي يڪدم بادشاهيءَ تان لاهي ڇڏينداسون.“ پهرئين ڇوڪري پڇيو ته ”ڪهڙو قاعدي جي خلاف حڪم ڪيو اٿس؟“ جواب ڏنائينس ته ”اڄ هڪ تاجر جو مقدمو پيش ٿيو هو، جنهن پنهنجي زال، قاضيءَ جي حفاظت ۾ ڏني هئي. قاضيءَ کان شاهد گهريا ويا، ليڪن قاضي زال کي گهر ۾ لڪائي، پاڙي جي ڪن اوباشن کي پئسا ڏيئي، سلطان جي سطمت ۾ آڻي ڪوڙي شاهدي ڏياري، جا سلطان قبول ڪري، تاجر کي جواب ڏيئي ڇڏيو. هو پنهنجي مدعا حاصل ڪرڻ کان سواءِ هليو ويو. اهڙو ڏٺو وائٺو ظلم، صرف سلطان جي تميز ۽ عدالت جي نارسائيءَ جي ڪري هن مظلوم شخص جي حق ۾ ٿيو.“ افسوس جو اهڙا ماڻهو، جيڪي انصاف ۽ تميز جي قاعدي کان بيگانا ۽ حقانيت جي رسمن ۽ عدل جي آدابن کان بي بهره آهن، سي حڪومت ۽ رياست جي تخت تي ويهي عقل جي ضعف سبب، صحيح راءِ جي برخلاف فيصلا ڪري، عاجزن ۽ ضعيفن جي حال کي اهڙا خطرناڪ ضرر پهچائين ٿا. جيڪڏهن آءٌ سلطان جي جاءِ تي هجان ها ته هوند قاضيءَ جي سچ ۽ ڪوڙ جي حقيقت، سندس شاهدن جي حالت سميت، هڪ لحظي ۾ معلوم ڪري وٺان ها.“

سلطان جڏهن اها ڳالهه ان ڇوڪري جي واتان ٻڌي، تڏهن بدن مان دونهان نڪري ويس ۽ دل ۾ چيائين ”عدل ۽ انصاف جي باري ۾ آءٌ پاڻ کي سڀني تي سرڪردو سمجهندو هوس، مگر افسوس جو هنن ڪمن ۾، هڪ ٻار جيتري به مون کي مهارت نه آهي.“ سلطان پنهنجي حالت تي نهايت غصي ٿي، گهر ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ فڪر ۽ غم جي ڪري صبح تائين ننڊ نه آيس.

سلطان سج اڀرڻ کان پوءِ، بارگاهه تي ويو ۽ ماڻهو موڪلي انهيءَ ڇوڪري کي گهرايائين. ڇوڪري تي نوازش جي نظر ڌري، چيائينس ته ”اڄ صبح کان شام تائين منهنجو نائب ٿي هتي ڪم ڪار ڪر، ۽ سڀڪنهن معاملي ۾ جيئن تنهنجي راءِ هجي، تيئن حڪم ڪر.“ پوءِ هڪ خادم کي چيائين ته ”جنهن تاجر، زال جي باري ۾ قاضيءَ جي دعويٰ ڪئي هئي، تنهن کي چئو ته اڄ وري به بارگاهه ۾ حاضر ٿي، قاضيءَ تي فرياد داخل ڪري.“

خادم هن کي وڃي چيو ۽ تاجر هڪ لمحي ۾ حاضر ٿي، قاضيءَ جي ظلم ۽ زبردستيءَ جو احوال عرض ڪيو. بادشاهه جي حڪم موجب، قاضي ۽ جا شاهد حاضر ڪيا ويا. قاضي هميشہ جي دستور موافق ارادو ڪيو ته پنهنجي درجي موجب عزت واري جاءِ تي ويهي، مگر ڇوڪري چيس ته ”اي قاضي، مدت کان قضا جي مسند تي ويهي، مقدمن جو شرعي طور سان فيصلو ڪيو اٿئي، مگر عدالت جي قاعدن کان بلڪل بيخبر ڏسجين ٿو؟ تون، هتي جوابدار جي صورت ۾ حاضر ڪيو ويو آهين ۽ نه صبحت ۽ مجلس واسطي آيو آهين. قاعدو آهي ته فرياديءَ سان گڏ هيٺ بيهي رهه ۽ جڏهن عدالت جو ڪم پورو ٿئي، تنهن کان پوءِ جيڪو حڪم ٿئي، تنهن موجب اطاعت ڪج.“ قاضي لاچار هيٺ وڃي تاجر جي ڀرسان بيهي رهيو.

تاجر پهريائين پنهنجي فرياد جو بيان ڏنو. جڏهن قاضيءَ جو وارو آيو، تڏهن قاضيءَ هن جي دعويٰ کان صفا انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”هن شخص پنهنجي زال منهنجي حفاظت ۾ ڏني هئي، مگر ٽي مهينا ٿيندا ته هوءَ منهنجي گهر مان ويئي هلي آهي.“ ڇوڪري پڇيس ته ”شاهد اٿئي؟“ قاضيءَ شاهدن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين ته ”هي منهنجا شاهد آهن.“ ڇوڪري شاهدن مان هڪڙي کي سڏي آهستي پڇيو ته ”تو تاجر جي زال ڏٺي هئي، ۽ هن کي سڃاڻندو هئين؟“ جواب ڏنائين ته ”هائو“ پڇيائينس ته ”هن جا ڪهڙا نشان قد ۽ منهن بابت آهن؟“ هن شخص حيران ٿي جواب ڏنو ته ”پيشاني تي تر، هڪ ڏند ڀڳل هوس، رنگ سانورو ۽ قد ڊگهو هوس، مگر بدن ۾ ضعيف هئي.“ ڇوڪري پڇيس ته ”تو ڪيڏيءَ مهل هن کي قاضيءَ جي گهر مان نڪرندي ڏٺو هو؟“ جواب ڏنائين ته ”صبح جي مهل هئي.“ هن کي چيائين ته ”تون هتي بيهي رهه.“ پوءِ ٻئي شاهد کي گهرايائين ۽ هن کان پڻ زال جي وصفن ۽ صفتن بابت پڇيائين. هن جواب ڏنو ته ”زال جو قد بندرو، رنگ سفيد هو، ڳلن تي لالائي، چپ تي تر هوس ۽ عصر جي نماز وقت گهر مان نڪتي هئي.“ هن کي به اتي بيهاري ڇڏيائين. ٽئي شاهد کي گهرايائين ته هن به پنهنجي شاهدي، مٿين ٻنهي شاهدن جي برخلاف ڏني. اهڙيءَ طرح سڀني شاهدن کي جدا جدا گهرائي پڇيائين ۽ سڀني هڪٻئي جي برخلاف ڳالهيون ڪيون. سلطان ڇوڪري جي ڀرسان ويٺي مقدمي جو سڄو احوال ملاحظو ڪيو. جڏهن شاهديون پوريون ٿي چڪيون، تڏهن هنن کي چيائين ته ”اي خدا ناشناسو، ڇاڪاڻ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو؟“ پوءِ خادمن کي حڪم ڏنائين ته شڪنجي جو سامان حاضر ڪريو ته هنن کان سچي ڳالهه جو اقرار ڪرائي وٺجي. هنن جڏهن شڪنجي جو نالو ٻڌو، تڏهن عذاب جي خوف کان چيائيون ته اسين بنا شڪنجي جي سڄي ڳالهه بيان ڪريون ٿا، تنهنڪري شڪنجي جو احتياج ڪونهي. اسين گهرج وارا هئاسون، قاضيءَ اسان کي پئسا ڏيئي، اسان کان زوريءَ هيءَ شاهدي ڏياري آهي. اسان کي تاجر جي زال جي مطلق خبر نه آهي، ۽ هن کي سڃاڻون به ڪونه ٿا.“ ڇوڪري، قاضيءَ کي پنهنجي نزديڪ سڏي چيو ته ”اي قاضي، تنهنجي شاهدن جيڪي چيو سو تو ٻڌو، هاڻي توکي هن بابت ڇا چوڻو آهي؟

قاضيءَ جي هٿن پيرن کي ڏڪڻي وٺي ويئي هئي، مگر وري به چيائين ته ”ڳالهه سچي اها آهي، جيڪا مون ڪئي آهي.“ ڇوڪري چيو ته ”قاضي هڪ پهلوان شخص آهي ۽ هن کي فخر مانع آهي، تنهنڪري سواءِ عقوبت جي، سچائيءَ جي رستي تي هرگز قدم نه رکندو.“

جهٽ پٽ عقوبت جو سامان حاضر ڪيو ويو، قاضي شڪنجي جو سامان ڏسي ڊڄي ويو. پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري، سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌايائين. ڇوڪرو پنهنجي جاءِ تان اٿي، سلطان جي اڳيان ادب سان اچي بيٺو ۽ چيائين ته ”هن کان پوءِ، اختيار حضور جي هٿ ۾ آهي.“

سلطان هن ڇوڪري جي عقل ۽ شعور تي نهايت تحسين ڪئي، قاضيءَ کي موت جي سزا جو حڪم ڏنائين، ۽ سندس سموري ملڪيت زال سميت، تاجر جي حوالي ۾ ڏنائين. پوءِ هن ڇوڪري تي نهايت مهرباني ۽ نوازش ڪرڻ لڳو. هن جي تربيت پنهنجي زير نظر شروع ڪرايائين، ۽ نيٺ درجي بدرجي هو اعليٰ درجي کي پهچي ويو.

هن ڳالهه جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪڏهن قاضي شرع ۽ امانت جي قانونن موافق، جن جي پيروي ڪرڻ، انصاف ۽ عدل وارن جو دستورالعمل آهي. راهه راست ۽ صداقت کان انحرافي نه ڪري ها ۽ بوالهوس نفس جي اشاري سان، شهوت پرستيءَ جي طمع ۾ گرفتار ٿي، هن جي زال جي حسن ۽ جمال تي فريفتو نه ٿئي ها ته هوند سندس جان ۽ مال کي نقصان نه پهچي ها.

عالي فطرت شخص اهو آهي، جيڪو دوستي ۽ ديانتداري جي قاعدن تي هلي، پنهنجي وسعت ۽ قدرت آهر سڀڪنهن امر ۾ صداقت ۽ امانت جي قانونن کي لازم ۽ مقدم سمجهي ٿو، ۽ اڄ خير جي عملن ڪرڻ سان، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن واسطي توشو گڏ ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هن دنيا جي بي بقا نقش و نگاري مطلق اعتبار نه آهي، ۽ عنقريب مقرر زندگي پوري ڪري اهڙي جاءِ تي وڃڻو آهي، جتي صالح عملن کان سواءِ ٻيو ڪو به رفيق گڏ نه هوندو ۽ لطف ايزدگيءَ کان سواءِ، ان رستي جي خطرن دُور ڪرڻ لاءِ ڪو به شفيق نه هوندو.

سون ۽ چاندي جي ميربحر جي رهنمائيءَ سان انهيءَ خطري واري سمنڊ جي ڪناري تي فراغت سان پهچڻ ممڪن نه آهي، ۽ نه اولاد ۽ عزيزن جي مددگاري، عدل ۽ انصاف جي باز پرس کان بچائي سگهندي. معرفت ربانيءَ جي سڃاڻن وارا ۽ جاوداني برڪتن حاصل ڪرڻ وارا اهي ماڻهو آهن، جيڪي نفساني ۽ بيهودن خيالن جي رستي تي، آخرت جي باز پرس جي خوف کان قدم نه رکي، مال ۽ خزاني کي هيچ سمجهندا آهن، زياده طلبي جي هوس ۾، خلق خدا جي حق تلفي نه ڪندا آهن، ۽ پنهنجي حلال جي رزق جي هڪ خشڪ ٽڪر تي قناعت ڪري، پنهنجي آبرو ۽ ناموس جي حفاظت ڪندا آهن. باوجود مفلسي ۽ تنگيءَ جي به، خيانت ۽ دغا سان ٻين جي مال ۾ اکيون نه وجهندا آهن. انهن موچارن افعالن جي برڪت سان، غيبي نعمتن تي فائز ۽ ڪامياب ٿيا آهن. بلخ جي شهر ۾ هڪ بادشاهه هو، جنهن جي عدل ۽ انصاف جي ڪري خاص ۽ عام جون دليون، ظالمن ۽ ستمگارن جي ظلم ۽ زبردستيءَ کان قرار ۽ پناهه ۾ هيون. هن جي امن جي انتظام ڪري، ماڻهو نهايت آسودا ۽ فارغ البال رهندا هئا.

هڪڙي ڏينهن، ان شهر جي هڪ ماڻهوءَ ٻئي شخص جي زمين خريد ڪري پنهنجي تصرف ۾ آندي. انهيءَ زمين ۾ هڪ وڏو خزانو سون ۽ چانديءَ جو هن کي هٿ آيو. هن شخص امانت جي قاعدن موافق اهو خزانو، انهيءَ شخص جي ملڪيت سمجهيو جنهن کان هن زمين خريد ڪئي هئي. سو هن کي وڃي چيائين ته ”اي ڀاءُ، جيڪا زمين توکان خريد ڪئي هيم، تنهن مان خزانو هٿ آيو آهي. مون زمين توکان خريد ڪئي هئي ۽ نه زمين وارو خزانو، تنهنڪري جيڪي هٿ آيو آهي، سو مال، مِلڪ تنهنجي آهي، منهنجو ان ۾ ڪو به حق نه آهي.“ هن شخص، اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيائينس ته ”مون زمين ۽ جيڪي ان ۾ هو سو توکي وڪرو ڪيو آهي، هاڻي جيڪي ان مان لڌو ويو آهي، سو مون تي حرام آهي. اها خاص تنهنجي مِلڪ آهي.“

هنن جو انهيءَ ڳالهه تي تمام گهڻو بحث هليو، ڇاڪاڻ ته هنن مان ڪنهن به هڪ، ٻئي جي ڳالهه قبول نٿي ڪئي، تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جي فيصلي واسطي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا، ۽ ساري حقيقت عرض ڪيائون. بادشاهه به انهيءَ ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ کان عاجز ٿي چپ ڪري ويهي رهيو. اهڙيءَ صورت ۾ هنن عرض ڪيو ته ”هي لڌل مال، شاهي خزاني ۾ داخل ڪري ڇڏجي، جو ڪنهن به ماڻهوءَ جي ملڪيت ٿي نٿو سگهي.“ بادشاهه چين ته ”هن ڳالهه جي فيصلي واسطي شرع شريف جي عدالتخاني تي حاضر ٿيو، ۽ جيڪو شرع جي مطابق حڪم ٿئي، تنهن تي عمل ڪريو.“

جڏهن قاضيءَ وٽ حاضر ٿيا، تڏهن سارو احوال هن کي ٻڌايائون. قاضيءَ هنن کان پڇيو ته ”توهان کي ڪو اولاد آهي؟“ هڪڙي جواب ڏنو ته ”مون کي پٽ آهي، ۽ ٻئي چيو ته مون کي ڌيءَ آهي.“ پوءِ چيائينِ ته ”انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ڪريو؛ ۽ جيڪو هنن جو اولاد ٿيندو سو انهيءَ خزاني جو مالڪ ٿيندو.“ هنن ائين وڃي ڪيو، ۽ سچائي ۽ صدق انديشي جي برڪت سان، هنن جي اولاد تي روز بروز نيون نيون نعمتون ۽ عطائون نازل ٿيڻ لڳيون.

هن قصي جي مدعا هيءَ آهي ته عزت ۽ جاهه جي طالبن، راحت ۽ اعتبار جي ڳوليندڙن کي لازم ۽ واجب آهي ته انهن جي طلب واسطي اهڙي رستي تي هلن، جو منزل مقصود تي پهچي وڃڻ، ۽ پنهنجي دل جي باغ ۾ اهڙو وڻ پوکين، جو ان جي ڦل ۽ ڇانوَ جي فيض کان فائدو وٺي، خوش وقت گذارين، ۽ زندگيءَ جي سمنڊ تي، احتياط جي ٻيڙيءَ جي رستي، نفساني خواهش ۽ شهوت پرستيءَ جي قبضي ۾ نه ڇڏين، جنهنڪري پاڻ کي عقوبتن ۽ مصيبتن جي طوفان ۾ ويڙهيل ڏسين، ۽ شيطاني نفس جي فريب سان پاڻ کي گنهگاريءَ ۽ گمراهيءَ جي بيابان ۾ ڦاسائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org