سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: اخلاق حميده

ڀاڱو پهريون

صفحو :2

اخلاق حميده

ميرزا علي نواز بيگ

بسم الله الرحمان الرحيم

 

ڀاڱو پهريون

 

تواضع جي بيان ۾

 

شرم ۽ حيا جا آداب، تواضع ۽ گفتگوءَ جا طريقا عاقلن ۽ ڏاهن جي ڪمالات کي ظاهر ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو اهڙن صفتن سان سينگاريل آهن، سي اعتبار ۽ سعادتِ جاودانيءَ جي خزاني جا ڪنجيدار ٿين ٿا. جيڪي ماڻهو نفساني غرور ۽ وڏائيءَ جي ڪري شرم ۽ حيا جي سنئينءَ راهه کان نڪري وڃن ٿا، سي پاڻ کي خطري واري موت جي بيابان ۽ بي سعادتيءَ جي ميدان ۾ مردود ڏسن ٿا، ۽ زماني جي خاص توڙي عام ماڻهن جي نظر ۾ نامقبول ٿين ٿا.

خداوند عالم، ڪائنات جي نظام رکڻ واسطي، هر انساني طبقي ۾ پيغمبر پيدا ڪيا، جن کي عقل ۽ ڪمالات جي زيورن سان مزين فرمايائين، ۽ انهن کي ساريءَ مخلوقات ۾ ممتاز ڪيائين. انهيءَ لاءِ ته هو سندس حڪم پهچائين، هر خاص ۽ عام کي انسانن عبادت ۽ بندگيءَ واسطي اشارو ڪن، ۽ گمراهيءَ جي اڻسڌي رڻ پٽ مان هنن کي ڇوٽڪاري جي راهه تي آڻين، ۽ چڱن ڪمن جي فائدن ۽ دينداريءَ جي احڪامن جي ترغيب ۽ دعوت ڏين. انهيءَ لاءِ ته جيئن دنيا جي هر حصي ۾ ماڻهن کي شائسته طريقي سان خدائي قانون ۽ قائدا پهچن ۽ هر ڪنهن کان خدا تعالي جي وحدانيت جي ڄاڻ سان گڏ انسان جي پرهيزگاريءَ ۽ نيڪوڪاري جا قانون مخفي ۽ لڪل نه رهن.

اهڙيءَ صورت ۾ هر انسان تي واجب آهي، ته جڏهن هُو تميز ۽ عقل جي حد کي پهچي، تڏهن پنهنجي اختيار جي واڳ نفساني هوا ۽ هوس جي حوالي نه ڪري، بلڪ خدا تعاليٰ جي نعمتن جو شڪرانو ڪري، ته جيئن ڪنهن به پريشانيءَ کان سواءِ گمراهيءَ جي ميدان مان نڪري، سلامتيءَ سان راستگاريءَ جي منزل تي پهچي وڃي. دنيا جو ڪاروبار هڪٻئي جي مدد ۽ اعانت سان بهبوديءَ کي پهچي ٿو، ۽ جيئن ته غريبن جي نظر هميشه دولت ۽ نعمت وارن ماڻهن جي مروت ۽ مهربانيءَ تي رهي ٿي، ان ڪري دولتمندن کي به دنياوي ڪمن جي پورائيءَ واسطي، پنهنجن زيردستن ۽ احتياجمندن ڏانهن رجوع ڪرڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي سربلنديءَ ۽ سرفرازيءَ جو سامان، سپاهه ۽ لشڪر جي مدد تي منحصر آهي.جهڙيءَ ريت ڪنهن به بيجان ماڻهوءَ جون اکيون بينائيءَ جو ڪم ڏيئي نه سگهنديون؛جھجھحگھڦفاا ۽ ڪنهن به در جو ڪلف ڪنجيءَ کان سواءِ کلي نه سگهندو، تهڙيءَ ريت سڄيءَ دنيا جو انتظام، ۽ بني آدم جي ننڍي خواه وڏي جو ڪاروبار، به پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح مليل ۽ گڏيل آهي، جهڙيءَ طرح مغز ۽ کل، ڪنڊو ۽ گل، لفظ ۽ معنيٰ، جسم روح ۽ سواءِ هڪٻئي جي مدد ۽ توسل جي پورو ٿيڻ وارو نه آهي. جنهن صورت ۾، سڄي انساني فرقي جو ڪاروبار ۽ اسباب، انتظام هڪ سلسلو ۽ هڪ ڪارخانو آهي، تنهن صورت ۾ بهتر طريقو اهو آهي ته وڏو توڙي ننڍو، موافقت جي آسمان، ۽ اتفاق جي برج هيٺ پروين وانگر، هڪٻئي سان پيار ۽ محبت سان ملي جلي رهن. هرذي حيات کي لازم آهي ته هو حسن سلوڪ ۽ اتحاد سان پاڻ به اهڙي روش اختيار ڪري، جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي جاءِ ٿي وڃي ۽ نه تند خوئي جهڙي ناملائم طبع جي ڪري، هر قسم جو رنج ۽ الم سهڻو پوي، جنهنڪري ڪڏهن به آرام سان گذاري نه سگهجي. مطلب ته تند خوئي ۽ ناهموار خُلق، اهڙو ڪَرٽ آهي، جو پيءُ ۽ پٽ جي صحبت جي وڻ کي به ڪپي ٿو ڇڏي. غرور انسان ۾ هڪ وڏو عيب آهي، مگر تواضع انسانيت ۽ آدميت آهي. هن سهڻي شيوه جي ڪري آشنا، خواه بيگاني کي راحت پهچي ٿي، مگر بي ادبي هڪ اهڙو سيلاب آهي، جو عزت ۽ وقار جي ماڙيءَ کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ بيخ ۽ بنياد کان پٽي ڇڏي ٿو. عاقلن چيو ته ته ’ادب هڪ جواهرن جو سرمو آهي، جنهن جي پائڻ سان اعتبار جي اکين کي ڪوبه ضعف يا خلل پهچي نه سگهندو، ۽ زماني جا وڏا خواهه ننڍا هن جي وجود کي مهر ۽ محبت جي مجلسن جو ڏيئو ڪري سمجهندا، ۽ روز بروز هن جي اقبال جي ستاري کي مٿانهين درجي تي پيا وڌائيندا، ۽ هن ڇوڪري وانگر هن جي عزت ۽ سعادت، بادشاهي الطافن سان پيا سينگاريندا‘.

اها ڳالهه هن طرح ڪن ٿا ته بغداد جي ولايت ۾، هڪڙي ڏينهن، ڪن ڇوڪرن گهٽيءَ ۾ راند پيئي ڪئي، بادشاهه به سير واسطي انهيءَ گهٽي مان اچي لنگهيو. جڏهن بادشاهه جي جاه ۽ جلال جا آثار ظاهر ٿيا، تڏهن انهن ڇوڪرن مان هڪ ڇوڪرو پنهنجي عقل ۽ شعور سببان اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ادب سان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو، ۽ ٻيا ڇوڪرا ساڳيءَ طرح پنهنجي راند ۾ مشغول هئا، ۽ بادشاهه جو ڪو به خيال نه ڪيائون.

بادشاهه کي ان ڇوڪري جي عاقلانه هلت، نهايت پسند آئي، تنهنڪري گهوڙي جي واڳ جهلي، بلڪل مهرباني ۽ شفقت سان ان ڇوڪري ڏانهن متوجه ٿيو، ۽ امتحان واسطي پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي، ڇوڪرن جي وچ ۾ کڻي ڦٽي ڪيائين، ۽ چيائين ته ”جيڪو به ڇوڪرو منڊي جلدي کڻي ايندو، سو بادشاهي انعام جو لائق ٿيندو.“ ڇوڪرا  منڊيءَ جي کڻڻ لاءِ، هڪٻئي تي اڳرائي ڪرڻ لڳا. نيٺ اها منڊي هڪ ڇوڪري جي هٿ ۾ اچي ويئي جنهن آڻي بادشاهه جي هٿ ۾ ڏني. اُهو ڇوڪرو ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، سو ادب ۽ خودداريءَ جي حد کان قدم ٻاهر نه رکندي ذرو به پنهنجيءَ جاءِ تان نه چريو.

بادشاهه آڏيءَ آک سان هن جو اهو حال ڏسي، ٻي دفعي منڊي هن جي نزديڪ اڇلايائين جا هن کڻي ورتي، ۽ ان تان مٽي صاف ڪري، چمي، نهايت ادب سان ٻنهي هٿن تي رکي، بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪئي. بادشاهه کي هن جو حيا ۽ ادب گهڻو پسند آيو، ۽ ٻين ڇوڪرن مان هر هڪ کي انعام ڏيئي، هڪ خادم کي اشارو ڪيائين ته ”هن ڇوڪري جي پيءُ ۽ ماءُ کي راضي ڪري مون وٽ حاضر ڪر! ڇاڪاڻ ته هي ڇوڪرو وڌيڪ تربيت ڏيارڻ جو لائق آهي.“

اتفاق سان هن جو پيءُ مري ويل هو ۽ ماءُ پيرسن ۽ نادار هئي، ۽ خدا تعالي کان پي گهريائين ته ڪو ڇوڪري جي تربيت ڪرڻ لاءِ خواهشمند ٿئي. بادشاهه ان زال کي گهڻو انعام ڏئي، ڇوڪري کي پنهنجي حوالي ۾ ورتو، ۽ بارگاهه تي وٺي آيو، ۽ هن جو نالو ’فيروز بخت‘ رکيائين، ۽ هن جي تربيت واسطي جوڳو بندوبست ڪيائين.

اهڙيءَ ريت رفتي رفتي انهيءَ ڇوڪري بادشاهي توجهه ۽ مهربانيءَ جي ڪري، قسمين قسمين ڪمالات حاصل ڪيا، خاص ڪري سواريءَ ۽ شجاعت جي هنرن ۾ نهايت قابليت کي پهتو، ۽ بادشاهه روز بروز هن جي عزت ۽ درجو وڌائيندو ويو. اتفاق سان، بادشاهه جو هڪ دشمن هو جو هن کان زياده طاقت وارو هو، ۽ هميشه خصومت جي ڪمان تي زه چاڙهي، دشمني جي ترار هٿ ۾ رکندو هو، ۽ بادشاهه کي هميشه هن جو فڪر ۽ ڊپ دل ۾ رهندو هو. هڪ دفعي اهو دشمن وڏي لشڪر سان بغداد تي ڪاهي آيو. بادشاهه لڙائي جي سامان ۽ سپاهه درست ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ۽ ارادو ڪيائين ته پاڻ دشمن جي دفع ڪرڻ واسطي روانو ٿئي.

فيروز بخت خدمت ۾ حاضر ٿي، دعا ۽ ثنا ڪرڻ بعد عرض ڪيو ته ”اي خداوند! ههڙي معمولي دشمن کي ڪهڙي حشمت ۽ طاقت آهي، جو حضور پاڻ بنفس نفيس هن جي مقابلي تي وڃن؟ هن ۾ حضور جي اعليٰ مرتبي ۽ شان جي گهٽتائي آهي، تنهنڪري عرض آهي ته غلام کي اجازت ملي ته هن معاملي جي دفعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن خداوند جي اقبال جي مدد سان، فاتح موٽيس ته عين مطلب، پر جيڪڏهن نه، ته پنهنجي جان هن ڪم ۾ حضور تان نثار ڪري، نيڪبختن جي قطار ۾ پنهنجي مراد کي پهچي، ٻنهي جهانن جي سعادت حاصل ڪندس.“

بادشاهه هن کي رخصت ڏني، ۽ فيروز بخت لشڪر وٺي قلعي کان ٻاهر نڪتو، ۽ دشمن سان مقابلو ڪيو. ٻنهي طرفين سخت جنگ لڳي، ۽ گهڻي خونريزي ٿي. آخر وڙهندي وڙهندي فيروز بخت کي فتح حاصل ٿي، ۽ دشمن جو لشڪر ميدان مان ڀڄي نڪتو. فيروز بخت، نهايت خوشيءَ سان بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي بيحد نوازشون ڪيون، ۽ حڪومت جي ڪاروبار جي واڳ هن جي حوالي ۾ ڏنائين.

مطلب ته شرم ۽ ادب، رفعت ۽ رتبي جي ماڙي جي ڏاڪڻ آهي، ۽ ادب جي رستي سڀني عطائن جي منزل تي پهچي سگهجي ٿو، ۽ شرم جي گلڪاري مان سڀني مدعائن جا گل چونڊي سگهجن ٿا. عاقلن ۽ دانشمندن جو چوڻ آهي ته ”هر فرد بشر جڏهن آدميت جي مدرسي ۾ قدم رکي، تڏهن هن کي واجب ۽ لازم آهي ته، پهريائين شرم ۽ ادب جي قاعدن سکڻ ۾ جلدي ڪري، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ئي رستي ڪامل زندگاني حال ڪري سگهندو، ۽ اقبالمند ٿيندو، جو حقيقت ۾ انسانيت جي پيشانيءَ جو ادبي تاج آهي.“

جيڪو ماڻهو عزت ۽ اعتبار جو خواهان ۽ امتياز ۽ وقار جو طالب آهي، سو جيڪڏهن اياز وانگر، پنهنجي دل جي آرسيءَ کي بيشرميءَ جي غبار کان صاف رکندو، ته دولت ۽ افتخار جي پاڪيزه خلعت سان، پنهنجي وجود کي سينگاريندو، ۽ سندس موجودگيءَ مان، هر خاص ۽ عام کي فيض پهچندو.

اياز جو قصو هن طرح آهي:

هڪڙي ڏينهن، سلطان محمود غزنوي، ڪيترن ماڻهن سان گڏجي شڪار تي روانو ٿيو. جڏهن شڪار گاهه ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي سپاهه جي مٿان هڪ هماء کي اڏامندو ڏٺائين! چوڻي آهي ته ’جنهن جي مٿان هماء جو پاڇو پوندو، سو دولت ۽ سعادت کي پهچندو‘ تنهنڪري بادشاهه جا ماڻهو، اهڙي سعادت حاصل ڪرڻ واسطي، هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڊوڙيا، ۽ هڪٻئي تي سبقت ۽ پيشدستي پيئي ڪيائون، مگر اياز شرم ۽ حيا جي ڪري ادب جي جاءِ تي رهي، پنهنجي احتياط جي واڳ هٿان نه ڇڏي، ۽ پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو.

سلطان جي محرمن مان، هڪڙي هن کان پڇيو ته ”توکي ڇا ٿيو آهي جو تون ههڙي الاهي عطيي جو ڳولائو نه ٿيو آهي، ۽ پنهنجن يارن سان شراڪت نه ڪئي اٿئي؟“ اياز جواب ڏنو ته ”ثابت عقيدو، غلامن واسطي ادب جي قاعدن ۽ حيا جي قانونن موجب بندگيءَ جي راهه و رسم جي خلاف آهي ته پنهنجي خداوند جي حاضريءَ ۾، بي ادبن وانگر، شرم جي گهوڙي جي واڳ خودداريءَ جي قبضي مان ڦٽي ڪري، بندگيءَ جي رستي کان نڪري وڃن. مون کي ادب جي خلعت بدن تي بهتر آهي انهي کان جو هماء جو پاڇو منهنجي مٿي تي پئي؛ ۽ سلطان جي مهربانيءَ جو پاڇو جو منهنجي حال جي پيشاني تي پئجي رهيو آهي، سو منهنجي واسطي ڪافي آهي. تنهنڪري مون کي ڪنهن ٻئي هماء جي پاڇي جي ضرورت نه آهي.“

جنهن وقت لشڪر جا ماڻهو، انهيءَ ڪوشش ۽ تلاش ۾ هئا، تنهن وقت سلطان آڏيءَ اک سان پنهنجي ماڻهن جي هلت کي پيئي جاچيو. جڏهن ڏٺائين ته اياز ادب ۽ حيا جي واديءَ ۾ ثابت قدم بيٺو آهي، تڏهن بادشاهه کي هن جي اها هلت نهايت پسند آئي، ۽ شڪار تان موٽي اچڻ بعد، اياز کي قسمين قسمين انعام ڏنائين، ۽ نوازشون ڪيائين. اهڙيءَ طرح روز بروز هن جو درجو وڌائيندو ويو، جو نيٺ وڏيءَ عزت ۽ اعليٰ مرتبي کي پهچي ويو، ۽ مقربن ۾ شمار ٿيڻ ۽ سلطنت جي ڪمن ڪارين ۾ بهرو وٺڻ لڳو.

مطلب ته سڀڪو شعور وارو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي صحيح راءِ موجب، شرم ۽ حيا سان پاڻ کي سينگاريل رکي ٿو ته، رذيل خواهه شريف، هن جي صحبت ملاقات واسطي خواهشمند رهي ٿو، ۽ اهڙيءَ رجوعات جي ڪري هن جو اعتبار ماڻهن جي دلين ۾ وڌي ٿو، ۽ روز بروز ماڻهن جي دلين ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿيندي وڃي ٿي، ۽ هن جي عزت ۽ احترام کي ڪڏهن به زوال جو آسيب نٿو پهچي.

ادب، هڪ اهڙو اعليٰ گڻ آهي، جو انسان کي هميشہ سرسبز رکي ٿو، ۽ هن جي گهڻي نيڪنامي ٿئي ٿي. دانائن جو چوڻ آهي ته ”جنهن جي وجود جو گل، ادب جي رنگ ۽ بوءِ کان عاري آهي، سو ماڻهن جي نظر ۾ هڪ ڪنڊي وانگر خوار ۽ بيڪار رهندو، ۽ ماڻهن جي دل هن جي صحبت کان بيزار رهندي، ۽ هن کي آشنا يا بيگانو ڌڪاريندو ۽ دوري اختيار ڪندو“. بي ادب ماڻهو يقين آهي ته زماني جي تاديب ۽ تنبيهه جي چماٽ ڳلن تي کائِي، پاڻ کي زخمي ڏسندو، ۽ هرگز هن جي مهر ۽ محبت جو نقش ڪنهن به دل جي صفحي تي درست نه بيهندو. هيءَ حقيقت آهي ته پيءُ ۽ پٽ کان وڌيڪ ٻي ويجهي عزازت ڪانهي، ۽ پيءُ جي پٽ واسطي ڀلائي ۽ محبت تصور کان ٻاهر آهي، مگر جيڪڏهن پٽ کان هڪ وار جيتري بي ادبي، پيءُ جي حق ۾ صادر ٿئي ته پٽ جي محبت جو درجو، پيءُ جي شفقت وارين نظرن ۾ گهٽجي ويندو، آخر ڪاوڙ ۽ تنبيهه جي ضرورت محسوس ٿيندي. پوءِ جن ماڻهن جو پاڻ ۾، پيءُ ۽ پٽ وانگر قرابت جو سلسلو محبت ۽ مهربانيءَ جو نه آهي، سي جيڪڏهن پاڻ ۾ هڪٻئي جي بي ادبي ڪندا ته ڪيتريقدر اُن مان خرابي ۽ ناخوشي پيدا ٿيندي! ادب هڪ مُنڊي آهي جا سڀڪنهن عاقل ۽ دانشمند جي آڱر ۾ پوري اچي سگهي ٿي، ۽ اُن جي فوقيت جو گهوڙو، سڀني معرڪن ۾ جولان ڪري سگهي ٿو.

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڏينهن اياز، سلطان محمود جي خدمت ۾ بيٺو هو، اوچتو پنهنجو موزو زمين تي اهڙيءَ طرح هنيائين، جو اُن جو آواز سلطان جي ڪنن تي پيو. سلطان اهڙي بي ادبي ڪندي هن کي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو، تنهنڪري انهيءَ حرڪت کان تعجب ۾ پئجي ويو، ۽ ڄاڻي واڻي ڪنهن بهاني سان هن کي ٻاهر موڪلي، حاضرين کي چيائين ته ”جنهن وقت کان اياز اسان جي خدمت ۾ آيو آهي، تنهن وقت کان وٺي ڪڏهن به هن کان اهڙي بي ادبي صادر نه ٿي آهي؛ ۽ شرم ۽ ادب وارن ماڻهن جي هلت جي برخلاف ڪڏهن به ڪو امر هن کان ظاهر نه ٿيو آهي، تنهنڪري هن حرڪت جي ظاهر ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟“ ائين چئي، هڪ خادم کي انهيءَ حقيقت معلوم ڪرڻ واسطي ٻاهر موڪليائين.

خادم ٻاهر وڃي ڏٺو ته اياز پنهنجي پير مان موزو لاهي، هڪ ڪارو وڇون اُن مان ڪڍي پئي ماريو. خادم پڇيس ته ”هي وڇون تنهنجي موزي ۾ هو ڇا؟“

اياز جواب ڏنس ته ”هائو، سلطان جي خدمت ۾ هن وڇونءَ جي سبب گهڻي شرمساري ڪڍي اٿم. چاليهه ڏنگ مون کي پير ۾ هنيائين، مگر بندگيءَ جي دستور جي خلاف، ادب جي حدن کان پير ٻاهر رکي، بيتابي نه ڏيکاريم؛ ايستائين جو خودداريءَ جي واڳ منهنجي طاقت جي قبضي مان نڪري ويئي، ۽ بي اختيار بيشرمانه حرڪت مون کان ظاهر ٿي؛ هاڻي جيسين جيئرو هوندس، تيسين منهنجو چهرو هن شرمساريءَ ۽ خجالت جي چماٽ کان مجروح رهندو!

خادم موٽي اچي حقيقت عرض گذاري، ۽ هيءَ ڳالهه پاڻ سلطان جي نوازشن جي واڌاري جو باعث ٿي ۽ اياز تي اڳي کان به وڌيڪ شفقتون ڪرڻ لڳو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org