ڀاڱو ٻيون
گفتگو جي
آدب جي بيان ۾
آدميت ۽ انسانيت واسطي، گفتگوءَ
جو طريقو به هڪ لازمي ڳالهه آهي. گفتگو اهڙيءَ طرح
سان ڪرڻ گهرجي، جيئن ادب جي حدن کان ٻاهر لنگهي نه
وڃجي. دانائن جو چوڻ آهي ته دانش ۽ ڪمالات انساني
جي واسطي، پهريائين حسن محاورہ ۽ سخنداني ضروري
ڳالهيون آهن.“ عقلمندن ۽ سياڻن چيو آهي ته ”زبان
سڀڪنهن صاحبِ عقل جي فضيلت ۽ لياقت جي خزاني جي
ڪنجي آهي، ۽ سڀڪنهن شخص جي ڏاهپ آهر هن جي مشهوري
ڪري ٿي، جيئن سعدي چيو آهي ته
تا مرد سخن نه گفتہ باشد، عيب و
هنرش نهفتہ باشد.
گفتگوءَ جي طريقي مان، بي هنر ۽
صاحب ڪمال جي حال جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي.
عاقلن، عقل کي بادشاهه جي منزل تي، تميز کي وزير
جي بجاءِ ۽ گفتگو کي سپاهه جي مرتبي تي سمجهيو
آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي عقل ۾ اچي ٿو، تنهن کي تميز
ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري ٿي ۽ گفتگو اُن کي لفظن جي
صورت ۾ آڻي ٿي. زبان جي ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ مهر
۽ محبت پيدا ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ طرح، وير ۽
دشمنيءَ جي باهه به سيني ۾ زبان جي وسيلي ڀڙڪي ٿي.
جيڪڏهن ڪلام قاصد نه هجي ها، ته ڦٽيل دل عاشقن جي
اندر جو راز، غيرتمند معشوقن جي ڪن تي ڪير پهچائي
ها! جيڪڏهن سخن جو وسندڙ ڪڪر وجود ۾ نه هجي، ته
ڪهڙيءَ طرح دانشمندن جي زبان جا گوهر شاهوار سندن
ٻڌندڙن جي ڪنن تي پهچي سگهن ها! شيرين زبان جي
هوا، مقصد جي ٻيڙي کي مراد جي ڪناري تي رسائي ٿي،
۽ سخت ۽ ناصواب سخن جي بجلي، هڪ لمحي ۾ گفتگو ڪندڙ
جي آسودگيءَ جي پوک کي ائين ساڙي ڇڏي ٿي، جيئن هڪ
بيعقل تعبير ڪرڻ واري پنهنجي عمر ۽ زندگاني جي
ڌاڳي کي، زوال جي ڪئنچيءَ سان ڪتري ڇڏيو:
ڳالهه ٿا ڪن ته سلطان ملڪ شاهه
سلجوقي، هڪ رات جو خواب ڏٺو ته سندس سڀيئي ڏند،
وات مان هيٺ ڪِري پيا آهن. جڏهن صبح جو ننڊ مان
جاڳيو، تڏهن انهيءَ واقعي کان نهايت خوف ۽ فڪر ۾
پئجي، حڪم ڏنائين ته ”ڪنهن تعبير ڪرڻ واري کي حاضر
ڪجي، جو هن خواب جو تعبير ڪري!“
هڪڙي تعبير ڪرڻ واري کي، بادشاهه
جي خدمت ۾ وٺي آيا، اگرچ هو انهيءَ فن ۾ ماهر هو،
پر تڏهن به هن جي مغز ۾ غرور ۽ وڏائيءَ جي هوا
اهڙي ڀريل هئي، جو ڪنهن کي به خيال ۾ نٿي آندائين،
حضرت يوسف کي به پنهنجي مدرسي جو هڪ شاگرد ٿي
سمجهيائين. سلطان خواب جي ساري حقيقت هن کي بيان
ڪري ٻڌائي. هُن ناخردمند تعبير ڪندڙ، ڪنهن به
انديشي ۽ تامل کان سواءِ چيو ته ”هن خواب جو مطلب
آهي ته ”بادشاهه جا سڀئي عزيز ۽ خويش، بادشاهه جي
روبرو مري ويندا!“ سلطان کي هي ناملائم جواب، طبع
جي خلاف ڏسڻ ۾ آيو، ۽ نهايت غضب ۾ اچي حڪم ڪيائين
ته ”هن بيعقل تعبير ڪندڙ کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي.“
سلطان جي حڪم جي تعميل ڪئي ويئي،
۽ تعبير ڪندڙ جي حياتيءَ جو لباس لاٿو ويو. سلطان
وري حڪم ڪيو ته ”ڪنهن ٻئي تعبير ڪندڙ کي حاضر
ڪجي.“ سلطان، اُن کي به خواب جو حال ٻڌايو. اهو
ٻيو تعبير ڪندڙ، جيئن ته بزرگن جي راهه ۽ روش کان
واقف هو، تنهنڪري احتياط ۽ عاقبت انديشيءَ کي
سامهون رکي، چيائين ته ”جيتوڻيڪ پروردگار عالم غيب
جو ڄاڻيندڙ ۽ ڳجهن جو واقف آهي، ۽ نبين ۽ امان کان
سواءِ ڪنهن کي به ههڙين ڳالهين ۽ ڳجهن جي خبر يا
آگاهي ڪانهي، پر تڏهن به قريني ۽ هن فن جي قانونن
موجب، جيڪو خواب حضور ڏٺو آهي، تنهن مان ثابت آهي
ته حضور جي عمر وڏي ٿيندي؛ ڇاڪاڻ ته هن پيشي جا
ڄاڻندڙ، ڏندن کي اولاد سان مشابهت ڏيندا آهن، ۽
ائين ظاهر ٿئي ٿو ته حضور جي عمر سڀني عزيزن ۽
خويشن کان زيادہ ٿيندي.“ سلطان کي هن جو حسنِ ڪلام
۽ طريقي بيان نهايت پسند آيو، ۽ هن کي گهڻو ئي
انعام ڏنائين، ۽ حاضرين مجلس ڏانهن منهن ڪري
چيائين ته ”جيڪي پهرين تعبير ڪندڙ چيو سو ٻئي
تعبير ڪندڙ جي قول سان بلڪل موافق آهي، ۽ ٻنهي جي
مضمون جو ساڳو مضمون آهي. مگر هن پنهنجي ڪمال تي
مغرور ٿي، اهڙيءَ بي ادبي سان تقرير ڪئي جو پاڻ کي
مصيبت جي تير جو نشان بنايائين، ۽ هي شخص، شرم ۽
حيا جي رمزن جو واقف آهي، تنهنڪري احتياط سان بيان
ڪري، پاڻ کي انعام جو لائق بنايو اٿس.“
مطلب ته گفتگو جو رستو بلڪل
ناهموار ۽ خوفناڪ آهي، ۽ ان ۾ گهڻا خطرا آهن،
تنهنڪري بنا غور ۽ تامل جي هڪ لفظ به چپن مان نه
ڪڍجي. ڇاڪاڻ ته بي تامل گفتگو گهڻن ئي سِرن کي فنا
ڪيو آهي، ۽ گهڻن ئي حياتن کي زوال پهچايو آهي.
گفتگو ڪرڻ لاءِ، ڪيترن قاعدن جي ڄاڻ رکڻ لازم ٿئي
ٿي: پهريون هي ته سواءِ ضرورت جي ڳالهائڻ نه
گهرجي، پوءِ کڻي ان ۾ ڪيترو به صدق ۽ لطف هجي.
ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وقت کان سواءِ ۽ موقعي جي خلاف
تقرير ڪبي، ته دانائن ۽ عقلمندن جي اڳيان اُن جو
ڪو به مرتبو نه ٿيندو، ۽ ڪو به اُن جي ٻڌڻ جي رغبت
نه ڪندو، پر اُلٽو اُن تي ٽوڪبازي ڪرڻ ۾ ايندي.
ٻيو قاعدو هيءُ آهي ته جڏهن گفتگو شروع ڪجي، تڏهن
سجھو خيال اوڏانهن رکجي، ۽ صحيح قول ۽ سهڻا لفظ، ۽
وڻندڙ نُڪتا ڪم ۾ آڻجن جو ٻڌندڙن کي نهايت رغبت
ٿئي. ائين نه ٿئي جو هن جي ڪلام جي بي مزي هجڻ
ڪري، سامعين کي نفرت اچي. ٽيون قاعدو هيءُ آهي ته
ڪنايي جي خنجر، ڏنگ جي نشرت ۽ بيهودن لفظن سان خلق
جي سيني کي چيرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ جيڪو
زخم زبان جي ترار سان دل کي پهچي ٿو، سو ڪنهن به
ملم سان نٿو ڇٽي، ۽ سالن تائين انهيءَ وير ۽ ڪلفت
جي مٽِي دل جي دامن تان ڪنهن به تدارڪ جي پاڻيءَ
سان ڌوئي صاف ڪري نٿي سگهجي. چوٿون ته گفتگوءَ کي
ٻٽاڪ ۽ خودثنائيءَ جي مصالحي سان انتظام نه ڏجي.
ڇاڪاڻ ته اها نالائقن ۽ ڪمينن جي طبع آهي، ۽ خاص ۽
عام ان کي قبول نه ڪري، ڪوڙ ۽ بناوٽ سمجهندا.
جيڪڏهن ظاهريءَ طرح هن جي گلا نه ڪندا، ته به چئني
طرفن کان اکين ۽ ڀِرن جي اشارن، ۽ بيهودن لفظن سان
هن تي مسخرين ۽ ٺٺولين جا تير هڻڻ شروع ڪندا،
جيسين انهيءَ ڪوڙي ۽ خود ساخته تقرير کي نقاب جي
پردي اندر ڍڪي نه ڇڏين. ڇاڪاڻ ته خلق کي ڪوڙ کان
زيادہ ڪو به عيب يا خرابي نظر ۾ نه آهي. ڪوڙ کي
ڏوهن ۽ گناهن جي فوج، لشڪر جو پيءُ – ماءُ ۽
سرڪردو سمجهيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪوڙ نه هجي ته ڪنهن
به دل جو پکي، ڪنهن به عصيان ۽ گناهه جي فضا ۾
هوند پر ۽ کنڀڙاٽيون نه کولي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو،
ڪوڙ کان پاسو ڪري ته يقيناً هن جي طبيعت ڪنهن به
گناهه ڏانهن مائل نه ٿيندي. عقلمندن جو چوڻ آهي ته
”ايمان جي ٻيڙيءَ واسطي، ڪوڙ جي مخالف هوا جهڙي ٻي
ڪا به نقصان ڪار شيءِ نه آهي، ۽ خداوند عالم جي
حڪمن کان سرڪشي ڪرائڻ واسطي، ڪوڙ کان وڌيڪ طاقت
وارو دشمن ڪو به نه آهي. انهيءَ ئي ڪري ڪوڙ
ڳالهائيندڙن کي حق جل و اعليٰ جي دشمنن ۾ شمار ڪيو
ويو آهي.“
مشهور آهي ته هڪڙي ڏينهن، هڪ شخص،
ابليس لعين کي گڏيو، ۽ ڏٺائين ته هُو هڪ ديوار کي
پٺي ڏيئي وڏيءَ فراغت ۽ اطمينان سان ويٺو آهي.
تڏهن پڇيائينس ته .اي ابليس! ڇاڪاڻ ته اڄ پنهنجي
مڪاريءَ کي ڇڏي، خلق جي فتني ۽ فساد کي زور وٺائڻ
ڇڏي ڏنو اٿئي؟، جواب ڏنائينس ته ”ٻه نائب پنهنجا
قائم مقام ڪري خلق ۾ ڇڏيا اٿم؛ جيڪي ايمان جي
ماڙيءَ جي ڊاهڻ واسطي، خدا تعاليٰ جي حڪمن جي
نافرماني ڪرائڻ لاءِ، ۽ گناهن ۽ بڇڙاين ڪرائڻ ۾
مون کان سؤ دفعا وڌيڪ هوشيار آهن: انهن مان هڪ ڪوڙ
ڳالهائيندڙ ۽ ٻيو سفلو يعني ڪمينو آهي. جڏهن کان
هنن ٻن عملن جو تخم ماڻهن جي دلين ۾ ڇٽيو اٿم،
تڏهن کان فتني ۽ فساد جو سرشتو، بني آدم ۾ اهڙو
مضبوط ۽ محڪم ٿي ويو آهي، جو هاڻي منهنجي وسوسي
پيدا ڪرڻ ۽ تحرڪ هلائڻ جو وڌيڪ احتياج ڪونه رهيو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو خداوند عالم جو، ڪوڙ
ڳالهائيندڙَ ۽ سفلي کان وڌيڪ بڇڙو دشمن ٻيو ڪو به
نه آهي. هر روز انهن ٻن عملن جي ڪري، ڪيترا ماڻهو
رحمت الاهيءَ جي فيض کان محروم ٿي جهنم جي عذاب جا
حقدار ٿين ٿا، ۽ انهيءَ سبب ڪري، مون کي فراغت آهي
۽ آءٌ ههڙو خوش ۽ خورم آهيان.“
پنجون هي ته، جڏهن گفتگو شروع
ڪجي، تڏهن پنهنجيءَ راءِ جي واڳ کي، زبان جي
اختيار ۾ ڇڏي نه ڏجي، مگر جيتري قدر ٿي سگهي ته
پنهنجو مطلب مختصر لفظن ۾ ظاهر ڪجي جو ٻين کي به
گفتگوءَ ڪرڻ جو وارو ملي. مرد عاقل اهو آهي، جنهن
جي ماٺ ڳالهائڻ کان زياده هجي، ڇاڪاڻ ته ڳالهائڻ ۾
لغزشون ۽ خطرا گهڻا آهن، ۽ ماٺ ۾ اُهي نه آهن.
انهيءَ ڪري دانائن ماٺ کي ’سلامتيءَ جي ڪتاب جو
ديباچو سمجهيو آهي.‘
اڳئين زماني ۾ هڪ شخص هو، جو بلڪل
ڏاهو ۽ عقل وارو هو ۽ سڀ ڪنهن ڪمال ۽ قابليت سان
سينگاريل هو. هُو اڪثر وقت ماٺ ۾ رهندو هو ۽ ڪتاب
جو مطالعو پيو ڪندو هو. جيسين ضرورت نه ٿيندي هيس
تيسين ڳالهائيندو نه هو. هڪڙي ڏينهن، هڪ شخص هن
کان پڇيو ته ”باوجود ايتري ڪمالات ۽ قابليت جي به
ڪهڙو سبب آهي جو تون پنهنجي عمل جي فيض کان ٻين کي
فائدو نٿو پهچائين؟“ جواب ڏنائين ته ”اي عزيز!
ماٺ، هڪ وڏو ڪسب آهي، ۽ گفتگو بحث ۽ جدال جو مادو
آهي. ماٺ جي فائدن کان ڪيترائي فيض حاصل ٿين ٿا،
جيڪي ڳالهائڻ ۾ نه آهن.“
ڇهون هيءُ ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪجي
۽ ٻڌندڙ ان کي غور ۽ خيال سان نه ٻڌي، ۽ ٻيو دفعو
سوال ڪري ته ٻئي دفعي اها ڳالهه پهرئين دفعي کان
زياده چٽائيءَ سان چئجي ۽ نه پيشانيءَ ۾ گهنڊ وجهي
سختيءَ سان، هُن عراقي جوان وانگر، ناصواب جواب،
ڏجي جنهن ڪري هن کي ڪيترن فيضن کان بي بهر ۽ محروم
رهڻو پيو هو.
هيءَ ڳالهه هن طرح بيان ٿا ڪن ته
عراق جي هڪ شهر ۾، هڪ نهايت دانشمند شخص رهندو هو.
هن جي قابليت جي فيض کان، خلق کي گهڻو فائدو رسندو
هو، ۽ هن کي سڀڪنهن فن ۾ ڪمال حاصل هو، خاص ڪري
جدا جدا نمونن جي اکرن لکڻ، ۽ پڙهڻ ۾ هن سان ڪنهن
به برابري نٿي ڪئي. هن کي هڪ پٽ هو جو بلڪل اڻ
سڌريل هو، ڪو به هنر نه ڄاڻندو هو. پيءُ جي مرڻ
کان پوءِ، بي سعادتيءَ جي دامن کي پست فطرت جي ڪمر
تي ٻڌي، ڪمينن ۽ هلڪيءَ طبع وارن ماڻهن سان دوستي
۽ محبت جو رستو جاري رکي، بيهودگيءَ سان گهٽين ۽
بازارين ۾ پيو گهمندو هو، ۽ پيءُ جي مال مان اجايا
خرچ ڪرڻ لڳو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ جيڪا موجودات هوس،
سا سموري کپائي ڇڏيائين. جنهنڪري مفلسي ۽ تنگيءَ
منهن ڏيکاريس، ۽ هڪ وقت جي مانيءَ واسطي به محتاج
رهڻو پيس. جڏهن سندس استطاعت جي بهار کي زوال جي
خزان پهتي، تڏهن بيگاني خواهه آشنا جي شرمساريءَ
کان، هندستان ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين. انهيءَ
وقت هندستان جي بادشاهت جي واڳ، شهزادي سليم جي
اقتدار جي هٿ ۾ هئي. هو پنهنجي پيءَ جي نالي جي
شهرت سبب، بادشاهه جي خدمت ۾ پهچي ويو، ۽ بادشاهه
به قدرشناسيءَ جي قاعدي موجب، هن تي نوازش ۽
مهربانيءَ جي نظر ڪري، هن تي نوازشون ۽ شفقتون
ڪيون، ۽ هو ٿوري ئي وقت ۾ وڏي درجي کي پهچي ويو.
هڪڙي ڏينهن، هڪ شخص، ڪيترا نظم
لکي، بادشاهه جي خدمت ۾ هديه طور پيش ڪيا. حاضر
ماڻهن کي اهي ڏسي نهايت خوشي حاصل ٿي، بادشاهه
انهيءَ عراقي جوان کان پڇيو ته ”پنهنجي پيءُ جي
قابليت ۽ ڪمالات مان ڪجهه حاصل ڪيو اٿئي؟، جوان
جواب ڏنو ته ”پيءَ جي ڪمالات کان بلڪل بي بهر
آهيان.“
بادشاهه انهيءَ ڳالهه کان نٽائي
ٻي ڪنهن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏنو، ۽ ٿوري دير کان
پوءِ ويسر سبب يا ڄاڻي واڻي آزمائش جي ارادي سان،
وري به انهيءَ عراقي جوان کان سوال ڪيائين ته
”تنهنجي پيءُ جي هنرن مان ڪو به نه سکيو آهين؟“ هن
بدبخت، بي سعادت، ادب ۽ حيا کي ڇڏي، بي ادبيءَ ۽
غصي سان جواب ڏنو ته ”هڪ دفعي چيم ته پيءُ جي
ڪمالات مان ڪجهه به نه سکيو آهيان“. بادشاهه جڏهن
هن جو جواب ناصواب ٻڌو، تڏهن کلي چيائين ته
”افسوس، لائق ۽ خردمند پيءُ مري وڃن ۽ ناخلاف بي
هنر پٽ هنن جي جاءِ وٺن! قريني مان ظاهر ٿئي ٿو ته
اوباشن ۽ رذيلن جي خدمت ۾ رهي، انسانيت جي ڪتاب
مان هڪ باب به نه پڙهيو اٿئي، ۽ نڪي ڪنهن اديب وٽ
ادب سکيو آهين! اهڙيءَ صورت ۾ تو جهڙن نالائقن ۽
هلڪن ماڻهن ان التفات ۽ مهرباني ڪرڻ لائق نه آهي –
ٽوهه کي ڪيترو به ڪوثر جي پاڻيءَ سان سيراب ڪبو ته
ان مان ميٺاڄ جي اميد رکڻ حماقت آهي!“ بادشاهه هن
کي انهيءَ بي ادبيءَ ۽ بيهودگيءَ ڪرڻ سببان مجلس
مان ڪڍائي ڇڏيو. فقط هڪ بيجا گفتگوءَ جي ڪري
ههڙيءَ بزرگيءَ جو موقعو پنهنجي مقصد جي هٿن مان
وڃائي ڇڏيائين! جڏهن هن جي بخت ۽ اقبال پٺ ڏني،
تڏهن مدت تاءِ پشيماني سان رلندو، خون جگر کائيندو
وتيو، ۽ نيٺ خالي هٿين، ڪنهن به مدعا حاصل ڪرڻ کان
سواءِ، موٽي عراق ڏانهن هليو ويو.
بي ادبي ۽ احمقي سان گفتگو ڪرڻ،
عافيت ۽ بهبوديءَ لاءِ زيان ڪار آهي. زبان جي
نرمي، نفاق کي اهڙيءَ طرح دفع ڪري ٿي، جهڙيءَ طرح
حجاج جي ڪاوڙ ۽ ظلم کي هڪ ٻار جي ملائم ۽ مٺي
ڳالهائڻ خاموش ڪيو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن جي عمر ۽
حياتي هن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان بچي پئي.
اها ڳالهه هن طرح آهي ته حجاج جي
حڪومت جي وقت ۾، جڏهن هن جي ظلم جو تنور بيرحميءَ
۽ شقاوت جي ڪکن سان هميشہ ٻرندڙ رهندو هو، ۽ هن جي
ذات نامسعود جي شرارت سبب، سڪل ۽ آلي جو ڪو به
تفاوت نه هوندو هو جنهنڪري عام ۽ خاص سان ساڳي ظلم
جي هلت ڪئي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن، مسلمانن جي هڪ
قبيلي جي مردن ۽ زالن کي هن جي اڳيان آندو ويو.
هنن سان ڪيترا ٻار به هئا. هن ناپاڪ ظلم ۽ جور جي
مفتيءَ جي اشاري سان، انهيءَ جماعت جي ننڍن خواه
وڏن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هڪڙو ننڍو ٻار، انهيءَ
جماعت مان ٻاهر نڪري آيو ۽ مٿاهين جاءِ تي بيهي
چيائين ته ”اي امير! جيڪڏهين ڪو لاچار ڪنهن مطلب
واسطي توکي عرض ڪري ته تون هن جي اهڙي عرض تي غور
ڪندين يا نه؟“
حجاج جڏهن ان ٻار جا اهي لفظ ٻڌا،
تڏهن چيائين ته ”بيشڪ، غور ڪندس“. ٻار چيس ته اسين
پري کان آيا آهيون، تنهنڪري فقط هڪ ڍڪ پاڻيءَ جي
واسطي محتاج آهيون. جيڪڏهن حضور جي مروت ۽ عنايت
سان ٿورو پاڻي ملندو ته اسين حضور جي واسطي خير جي
دعا گهرنداسون“. حجاج جي حڪم موجب، انهيءَ جماعت
جي ماڻهن کي پاڻي ڏنو ويو. وري به انهيءَ ٻار عرض
ڪيو ته ”جيڪڏهين حضور جي مهربانيءَ سان مانيءَ جو
ٽڪر به مزاحمت ٿيندو ته اها رعايت ڪماليت جي درعي
کي پهچندي.“ حجاج جي حڪم موجب، هنن کي ماني به ڏني
ويئي. انهيءَ مهل هن ٻار ڪيو ته ”هاڻي اسين حضور
جي نعمت ۽ عنايت موجب دسترخوان جا مهمان ٿي
وياسون، ۽ جيئن ته مهمان سان رعايت ڪرڻ سڀڪنهن
مذهب ۽ ملت ۾ واجب آهي، تنهنڪري جيڪڏهن حضور هن
جماعت جو گناهه معاف ڪري، ۽ جيئدان ڏئي ته هي حضور
جو ڪرم ليکجڻ ۾ ايندو.“ انهن ڳالهين جو اهو اثر
ٿيو، جو حجاج انهي جماعت کي معاف ڪري ڇڏيو.
ملائم گفتو جي برڪت سان ڪيترن
ماڻهن مصيبت جي ڪُن مان نجات حاصل ڪئي. جيڪڏهن ٻار
جي تقرير ادب ۽ نرميءَ سان نه هجي ها ته اها تدبير
ڪڏهن به حجاج جي دل تي اثر نه ڪري ها. دانائيءَ جي
ماڙيءَ جي مضبوطيءَ واسطي، موافق سخن، ۽ اهو وقت
تي چوڻ تمام ضروري آهي، ۽ ان جو اثر ننڍي خواهه
وڏي تي ٿئي ٿو. ڏاهن سخن کي جواهر سان تشبيهه ڏني
آهي ۽ انسان کي کاڻ سمجهيو اٿن.
|