سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: برک سائنسي

کوجنائون ۽ ايجادون

باب:  ٻيو

صفحو :5

باب اٺون

ٽيليفون

        اڳين وقتن ۾ ماڻهن کي پرديس ۾ رهندڙ مِٽن مائٽن جي يادگيري ايندي هئي ته ڪانگن ۽ ڪبوترن وسيلي نياپا موڪليندا هئا. گهر جي ڀت تي ڪو ڪانءُ اچي لَوندو هو ته ”مهمانن جي اچڻ“ جو اطلاع سمجهندا هئا. پر حقيقت ۾ اِهي سڀ ڳالهيون رڳو دل کي خوش ڪرڻ لاءِ هونديون هيون. نڪو انهيءَ طرح ”نياپي پهچڻ“ جي پڪ هئي ۽ نڪوئي ايندڙ جو اطلاع پڪو هوندو هو.

        هاڻي ته سائنس ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اڄ هزارين ميل پري رهندڙن سان ائين ٿو ڳالهائي سگهجي، ڄڻ اُنهن سان روبرو پيو ڳالهائجي. ”دوريون“ اصل ”دور“ ٿي ويون آهن! پر اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن؟ جن اهي شيون ٺاهيون ۽ کوجنا ڪئي، تن کي ڀانئيون ٿا ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍڻا پيا هوندا؟

        اچو ته اها آکاڻي اوهان کي ٻڌايون. اوڻيهين صديءَ ۾ ڪن ماڻهن کي آواز تي تجربي ڪرڻ جو شوق ٿيو. پهريائين ته سائنسدانن آواز جي علم جا قانون ٺاهيا ۽ اُهو طريقو پڻ سمجهايو ته ڪَن ڪيئن ٻُڌن ٿا؟ اها ڳالهه اسين اوهان کي سمجهايون ٿا، پر اِن لاءِ ضروري آهي ته ڪو تجربو ڪجي.

        مثال وٺو ته ٻه رانديگر ميدان ۾ ڪرڪيٽ راند پيا کيڏن. هڪ رانديگر بال اُڇلائي ٿو، ته ٻيو اُن کي بئٽ سان ڌڪ هڻي ٿو، جنهن جي ڪري ٺڪاءَ ٿئي ٿو. ڀلا اِهو آواز ڪيئن ٿيو، ۽ اسان جي ڪنن تائين ڪيئن پهتو؟

        جڏهن بال، بئٽ سان ٽَڪرائجي ٿو، تڏهن اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪا هوا آهي، تنهن ۾ زوردار چُرپُر اچي وڃي ٿي. هوا ۾ هڪ قسم جا سنهڙا ذرڙا مليل هوندا آهن، جيڪي ڌڪ لڳڻ جي ڪري هڪٻئي سان ٽڪرائجن ٿا ۽ هڪٻئي سان ٽڪرجندا، لهرين جي صورت ۾ چوڌاري پکڙجي وڃن ٿا، ۽ اُهي نيٺ اسان جي ڪَنن جي ”ٻڌڻ واري“ حصي سان اچي لڳن ٿا، ۽ ائين اسين اهو آواز ٻُڌي سگهون ٿا.

        انساني ڪَن هڪ حيرت انگيز مشين آهي. ڪَن جي سوراخ جو اندريون ڪنارو هڪ پردي ذريعي بند ٿيندو آهي، ۽ اُهو پردو هڪ لچڪيدار چمڙيءَ مان ٺهيل هوندو آهي. اُن جي پٺيان ٽي ننڍڙيون هڏيون هونديون آهن، جيڪي هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن. اُنهن مان هڪ هَڏي پردي سان مليل هوندي آهي ۽ ٻي ڪَن جي سوراخ سان. اِهو سوراخ چڱو اونهو هوندو آهي، ۽ منجهس هڪ ٿورڙي مُلائم شيءِ ڀريل هوندي آهي. اِنهيءَ ملائم شيءِ تي سنهڙا نرم پشم جهڙا ننڍڙا وار لڳل هوندا آهن. جڏهن آواز جون لهريون انهن وارن سان اچي لڳن ٿيون، تڏهن اُنهن ۾ چُرپُر پيدا ٿئي ٿي. اُها چرپر پوءِ ڪَن ۾ آواز جي پردي سان ٽڪرائجي ٿي ۽ اُتي اُهو ساڳيو آواز پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پوءِ اسين ٻڌون ٿا.

        انهيءَ ڪَن جي ساخت جي ساڳئي اصول تي گراهم بيل پنهنجي جڳ مشهور ايجاد جو بنياد رکيو. اُن جي تيار ڪرڻ ۾ هُن تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ گهڻن ئي تجربن کان پوءِ، 1876ع ۾، هُن ٽيليفون جو اوزار ٺاهيو، جيڪو اڄ دنيا جا انسان پري پري کان هڪٻئي سان ائين ڳالهائين ٿا، ڄڻ اُهي هڪٻئي جي آمهون سامهون ويٺا آهن. هاڻي ڪانگڙن ۽ ڪبوترن کي نياپن ڏيڻ جي بجاءِ ماڻهو ٽيليفون تي ڳالهائن ٿا ۽ ڪانگ جي ”لنوڻ“ کي مهمانن جي اچڻ جو اطلاع سمجهڻ بجاءِ ٽيليفون تي هڪٻئي کي اچڻ جو اطلاع ڏجي ٿو.

        دنيا جا سمورا شهر هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا آهن، ۽ سڌوسنئون نمبر ملائڻ جو طريقو رائج ٿي ويو آهي. سائنس جي ترقيءَ جي رفتار کي ڏسندي، اسين اِها اُميد پڻ ڪري سگهون ٿا ته ٿي سگهي ٿو ته جلد ئي اهڙو ٽيليفون ايجاد ٿئي ۽ عام به ٿئي، جنهن جي وسيلي آواز ٻڌڻ سان گڏ هڪٻئي جي شڪل به ڏسي سگهجي!

        10- مارچ 1876ع تي ٽيليفون ايجاد ٿيو. آگسٽ 1976ع تي سڄي آمريڪا جا ٽيليفون هڪ منٽ لاءِ بلڪل بند رهيا، اِن جو سبب اِهو هو ته پورا هڪ سؤ سال اڳ اُن تاريخ تي ٽيليفون جو موجد اليگزينڊر گراهم بيل وفات ڪري ويو هو. ۽ اُن جو ڏک ملهائڻ لاءِ هڪ منٽ لاءِ ٽيليفون بند ڪري پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

 

 

 

باب نائون

هوائي جهاز

        ”پکي ٿي اُڏامي اچان ها!“

        هي جملو پراڻي وقت ڪنهن انسان، پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چيو هوندو. پر هاڻ اُڏامڻ لاءِ پکي ٿيڻ يا پَـــــــرَن جي هجڻ جي دعا گهرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. اسان ۽ اوهان جي خدمت لاءِ هوائي جهاز موجود آهي. ڪراچيءَ ۾ گهر هجي ته صبح جي نيرن کائي هوائي جهاز ۾ وهو، ۽ ٻنپهرن جي ماني وڃي لاهور ۾ کائو ۽ جي مرضي هجيوَ ته رات جي ماني وري موٽي اچي پنهنجي گهر ڪراچيءَ ۾ کائو.

        ڪراچيءَ کان اسلام آباد اٺ سؤ ميل پري آهي، پر هوائي جهاز لاءِ رڳو ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر آهي. حقيقت اها آهي ته سائنس اهڙا ڪمال ڪري ڏيکاريا آهن جو جيڪي ڳالهيون انسانن خواب ۾ ڏٺيون، سي حقيقي شڪل ۾ اچي ويون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن انسان، پکين کي اُڏامندو ڏسي، سوچيو هجي ته ”انسان ڇو ائين نٿو اُڏامي سگهي؟“ ٿي سگهي ٿو ته کيس انسانن جي پَــرَن نه هجڻ جو احساس ٿيو هجي.

        هڪ انگريز سائنسدان راجر بيڪن اِن مسئلي تي سائنسي انداز سان سوچيو ۽ سائنسي طريقو ڳوليو، پر پوءِ کيس خبر پئي ته انسان جي مشڪن ۾ ايتري طاقت ڪانهي، جو هو پَـــــرَن کي ايتري حرڪت ڏيئي سگهن ۽ پرواز ڪري سگهن.

        پوءِ ڪيترين ئي صدين تائين ماڻهو تجربا ڪندا رهيا، پر اُنهن کي اِهو احساس ڪونه ٿيو ته اُڏامڻ لاءِ ڪنهن طاقت واري مشين جي ضرورت آهي، جيڪا تيل تي هلندڙ هجي! نيٺ پندرهين صديءَ ۾ اِٽليءَ جو هڪ ذهين ماڻهو ليونارڊو ڊاونچي، جيڪو هڪ وڏو نقاش، سنگ تراش، انجنيئر ۽ سائنسدان هو، تنهن گهڻن قسمن جي چُرپُر ڪندڙ پَـــــــرَن جي تجويز پيش ڪئي ۽ پوءِ اِها تجويز پڻ ڏنائين ته اُهي پَـــــرَ ڦرندڙ به هجن.

        اهڙي طرح چار سؤ سال اڳ هِن ماڻهوءَ کي سڀ کان پهرين هوائي جهاز ۽ اُن جي پکي جو خيال آيو. هوائي ڇَٽي پڻ ليونارڊو ڊاونچيءَ ايجاد ڪئي. ان کانپوءِ 1800ع ۾ هڪ انگريز سائسندان سر جارج ڪيلي پنهنجي ننڍڙي جهاز تي تجربا ڪيا، اُن کان پوءِ 1842ع ۾ وليم هنسن هڪ قسم جو هوائي جهاز پيش ڪيو، جنهن جو نالو هن ”ايريل“ رکيو هو. پر اهو جهاز به اڏامي ڪونه سگهيو.

        هنسن جي ساٿي جان سٽرنگ فيلو اِهو ڪم ڪندو رهيو، ۽ سندس ڪوشش جاري رهي ۽ نيٺ هن 1847ع ۾ هڪ هوائي جهاز ٺاهيو، جنهن جي پَــــــرَ جي ويڪر ڏهه  فٽ هئي، انهيءَ جهاز کي ٻاڦ وسيلي اُڏايو ويو ۽ اُهو نيٺ سٺ فٽ کن اڏاڻو. اِها انسان جي پهرين ڪامياب پرواز هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org