سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: برک سائنسي

کوجنائون ۽ ايجادون

باب: --

صفحو :3

باب چوٿون

ڏينهن ۽ رات ڪيئن ٿا ٿين؟

        زمين هر وقت لاٽونءَ وانگر، پنهنجي محور جي چوڌاري ڦِري پئي، پر اسين زمين جي ڦيري کي محسوس ڪري نٿا سگهون. اِنهيءَ ڦيري يا گردش جي ڪري ڏينهن ۽ رات ٿين ٿا. جڏهن زمين جو اُهو حصو، جنهن ۾ اسين رهون ٿا، سو سج جي سامهون اچي ٿو، تڏهين اسان وٽ ڏينهن هوندو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ وري رات، پوءِ جيئن جيئن زمين جي گردش ٿيندي ويندي، تيئن تيئن اُهو حصو جنهن ۾ ڏينهن هوندو آهي، سو روشنيءَ مان نڪرندو ويندو ۽ اسان وٽ رات ٿيندي ۽ ٻين حصن ۾ وري ڏينهن.

        زمين اولهه کان اوڀر طرف ڦرندي آهي، ۽ سندس ڦيرو چوويهن ڪلاڪن جو هوندو آهي، جنهن مان ٻارنهن ڪلاڪ کن ڏينهن ۽ ٻارنهن ڪلاڪ کن رات هوندي آهي. مطلب ته سج لهي به ڪونه ٿو ۽ لِڪي به ڪونه ٿو. پر زمين جي ڦيري جي ڪري، زمين تي رات ۽ ڏينهن جي تبديلي ٿئي ٿي.

        سج، چَنڊ ۽ تارا به پنهنجي جاءِ مٽائن ٿا. ائين ڏسبو آهي ڄڻ سج اوڀر کان ”اڀري ٿو“ ۽ اولهه ڏانهن ”لهي ٿو“. چنڊ به ساڳيءَ طرح آهي. تارا به شام جو هڪ هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ٻن- چئن ڪلاڪن کانپوءِ ڏسبو ته اُنهن جو هنڌ ٻيو هوندو ۽ اُهي به اوڀر کان اولهه ڏي رڙهي ويا آهن! اِهي سڀ زمين جي محوري گردش جي ڪري، اوڀر کان اولهه ڏي لهندي ڏسجن ٿا.

        اهي ته ٿيا تارا، چنڊ ۽ سج، ڀلا اوهين اِهو ٻڌايو ته آسمان ۾ جي ڪڪر ڏسبا آهن، سي ڇا آهن؟ توهان ڏسندا هوندا ته چلهه تي چڙهيل گرم پاڻي ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه گهٽ ٿي ويندو آهي. ڀلا، اُهو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ ڪپڙن کي ڌوئڻ کان پوءِ اُس ۾ سڪائبو آهي؛ ڪپڙا سُڪي ويندا آهن، پر اُهو پاڻي ڪيڏانهن ويو، جيڪو ڪپڙن ۾ هو؟

        حقيقت ۾ اهو پاڻي ٻاڦ يا بخار ٿي هوا ۾ ملي وڃي ٿو. اُس جي گرمي اهڙي طرح پاڻيءَ کي بخارجڻ ۾ مدد ڪري ٿي. سمنڊن، دريائن ۽ ڍنڍن جو پاڻي سج جي گرميءَ جي ڪري بخار ٿي هوا ۾ ملندو رهي ٿو، ۽ اُها هوا مٿي چڙهي ٿڌي ٿي وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ اُهو آبي بخار ڪڪر ٺهن ٿا. اهي ڪڪر پوءِ بلڪل ننڍن ڦُڙن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. اهڙي طرح ساڳيو پاڻي برسات يا مينهن جي صورت ۾ وَهي واپس سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو، ۽ ائين ساڳيو سلسلو وري شروع ٿيو وڃي. اِن کي ”پاڻيءَ جو چڪر“ به چئي سگهجي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين ته اهو آبي بخار مٿي ٿڌين هوائن سبب هڪدم ايترو ٿڌو ٿي ويندو آهي، جو برف جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ ڳڙن جي شڪل ۾ زمين تي اچي ڪِرندو آهي. پر اِها اُن جي ڪا فائدي واري صورت ڪانهي: ڪڏهين ڪڏهين ته اِهي برف جا ڳڙا سخت نقصان رسائيندا آهن، اِنهن جي ڪري فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچندو آهي، اِنهن جي ڪري گهرن جون ڇِتيون به ڪِري سگهن ٿيون.

        اِن باري ۾ اڄ اسين اهو به معلوم ڪري سگهون ٿا ته ميِنهن ڪيترو ۽ ڪٿي وسندو. هزارن سالن کان انسانن دنيا جي هر خطي ۾ موسمن جي ڦير گهير محسوس ڪئي آهي ۽ انهيءَ تبديليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي ته آخر مينهن ڪيئن ٿو وسي، ڏُڪار جا سبب ڪهڙا آهن، يا وري ٿڌيون ۽ گرم هوائون يا طوفان ڪيئن ٿا اچن، ۽ انهن جا سبب ڪهڙا آهن؟ مهاڻا ۽ هاري- ناري ته موسم تي ئي دارومدار رکن ٿا، ڇو ته سندن ڪم جو نمونو ئي اهڙو آهي. ان سلسلي ۾ هو چڱي ڄاڻ ۽ فهم پڻ رکن ٿا، ۽ هو پنهنجا ڪم ڪاريون آبهوا ۽ موسمن سارو ئي ڪندا آهن. مثال طور، هڪ سٺو ڪُڙمي پنهنجي ٻنيءَ جو ڪم يعني ٻنيءَ کي هر ڏيڻ، فصل پوکڻ، لڻڻ ۽ ٻيا ضروري ڪم صحيح وقت تي ڪندو، ڇو ته کيس اِهو اندازو هوندو آهي ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي، ۽ اِن ڪري هو هميشه موسمن جي مناسبت سان گرميءَ ۽ سرديءَ مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ڪندو آهي. مهاڻا پڻ ساڳيءَ طرح موسم جو چڱو فهم رکن ٿا.

        موسمن جي سمجهڻ لاءِ موسمن جو مشاهدو ۽ ذاتي تجربو به ضروري آهي، پر تمام گهڻن ملڪن ۾ موسميات جو قومي ادارو هوندو آهي، جيڪو سڄي سال ۾ آبهوا جي پيشنگوئي يا اڳڪٿي ڪندو آهي. اِهي ادارا پنهنجن ماڻهن کي آبهوا جي ايندڙ ردبدل جي خبر ڏين ٿا، ۽ اُنهن کي طوفان، ٻوڏن، سخت مينهن ۽ خشڪ ساليءَ جي نقصانن کان بچاءَ جو موقعو ڏين ٿا. اڳواٽ اطلاع ملڻ جي ڪري ماڻهو پنهنجا ٽڙ ٽپڙ، گهر تڙ ۽ جان مال بچائي سگهن ٿا ۽ پڻ پنهنجي فصلن جي وقتائتي پوکڻ، سنڀالڻ ۽ لاباري وغيره جو بندوبست ڪري سگهن ٿا. موسميات جا ماهر هوائن تي ضابطي رکڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا آهن، ۽ هو اهي ويچار ڪندا رهن ٿا ته طوفان (مينهن) ۽ هوائن کي پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت پٽاندر آڻين ۽ هلائين چلائين ته جيئن ڏڪار جي وقت مينهن وسائي سگهجي ۽ ٻوڏن جي وقت ۾ ميِنهن کي روڪي سگهجي. پر اڃا تائين هو ان ڪوشش ۾ پورا ڪامياب نه ويا آهن. پر اسان جا اڻ پڙهيل هاري ۽ مهاڻا، پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪري هوائن جي تبديلي محسوس ڪري وٺن ٿا، ۽ پنهنجو ڪم موسمن موجب ئي ڪن ٿا. ۽ ائين هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذهن آهر موسميات جا ماهر ثابت ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ سائنسدان اِنهن سڀن ڳالهين تي پوريءَ طرح ڪنٽرول ڪري سگهن. اسين سائنس جي اڄوڪيءَ تيز رفتاري ڏسي، اِها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهون ٿا.

 

باب پنجون

اُڀ ۾ ڇا آهي؟

        هاڻ اچو ته توهان کي ڪجهه خلا (اُڀ) جي باري ۾ ٻڌايون. هزارن سالن کان اسين تارا، چنڊ ۽ سج پيا ڏسون ۽ اسان کي ڏاڍو عجب به لڳندو آهي ته اُڀ ۾ هي سڀ ڇا آهي ۽ ڇا پيو ٿئي.

        سج- ڏينهن جو نظر ايندو آهي ۽ ايترو ته روشن ۽ چمڪيدار هوندو آهي، جو سڌيءَ طرح اِن ڏي نهارڻ خطري کان خالي نه آهي. سڌو ان ڏانهن نهارڻ جي ڪري اسان جي بينائي متاثر ٿي سگهي ٿي.

        سج اسان لاءِ خاص اهميت رکي ٿو، ڇوته اِن مان اسان کي روشني، اُس ۽ گرمي ملي ٿي، جن کان سواءِ اسين جيئرا رهي نٿا سگهون. موجوده دؤر ۾ سائنسدانن دوربين، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ٽيلسڪوپ“ پڻ چئبو آهي، ان وسيلي ۽ ٻين اوزارن جي ذريعي سج جي چڪاس ڪئي آهي. انهن خلا ڏي راڪيٽ پڻ موڪليا، جيڪي سج کي ويجهو پڻ پهتا ۽ تجربن ۽ مشاهدن کانپوءِ سائنسدانن اها ڄاڻ حاصل ڪئي، ته سج هڪ ٻرندڙ باهه جو گولو آهي، ان جي شڪل به اسان جي ڌرتيءَ ۽ ٻين گرهن ۽ سيارن وانگر گول آهي، ۽ اهو اسان جي ڌرتيءَ کان تيرنهن لک ڀيرا وڏو آهي ۽ هو اسان کان پندرهن سؤ لک ڪلوميٽر پري آهي.

        سج اسان کي روشني ڏئي ٿو ۽ تمام گهڻو گرم پڻ آهي. دنيا جي ڪابه ٻي باهه هن کان وڌيڪ يا هِن جيتري گرم نٿي ٿي سگهي. هيءُ اسان کان ايترو پري آهي، پر تنهن هوندي به اسين سندس ڪرڻن هيٺ بيهون ٿا ته گرمي محسوس ٿا ڪريون.

        سائنسي ڄاڻ موجب اِهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سج هڪ سؤ هزار لکن سالن کان ٻرندو رهيو آهي ۽ اُن کان 1500 ڀيرا وڌيڪ عرصو ٻرندو رهندو ته به اُهو پنهنجي مقدار ۾ رڳو سوين پتي مس گهٽبو.

        سج کان پوءِ اسان لاءِ ٻين سڀني گرهن کان وڌيڪ روشن چنڊ آهي. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته چنڊ رڳو رات جو نڪرندو يا ظاهر ٿيندو آهي. پر حقيقت ۾ اسين ان کي ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو به ڏسندا آهيون. چنڊ کي اسين هميشه ان ڪري نٿا ڏسي سگهون، جو سج تمام گهڻو روشن آهي ۽ سندس روشنيءَ باهه وانگر آهي، ۽ ڏينهن جو جڏهن اُهو چمڪي ٿو ته اُن جي تيز چمڪاٽ ۾ اسين چنڊ کي ۽ ٻين تارن کي ڏسي نٿا سگهون.

        ظاهري ڏسڻ سان اسين ائين سمجهندا آهيون ته چنڊ به سج جيڏوئي آهي، پر حقيقت ۾ چند سج کان تمام گهڻو ننڍو آهي، بلڪ اسان جي ڌرتيءَ جي پنجاهين پتيءَ جيترو ئي مس آهي. مٿي اُڀ ۾ اسان کي اِهو سج جيترو ئي وڏو ان ڪري نظر ايندو آهي، جو هيءُ ڌرتيءَ کي سج جي نسبت ويجهو آهي. چنڊ ڌرتيءَ کان 380،000 ڪلوميٽر پري آهي-- يعني سج جيڪڏهن اسان کان 375 ڪلوميٽر پري آهي ته چنڊ رڳو اسان کان هڪ ڪلوميٽر پري ٿيو.

        جيڪڏهين دوربينيءَ وسيلي چنڊ ڏي نهاربو ته اُن جي مٿاڇري تي جبل ڏسڻ ۾ ايندا. ڪيترن ئي سالن تائين سائنسدانن جو خيال هو ته اِهي چنڊ جا “سمنڊ“ آهن. پر هاڻي اسان کي اِها ڄاڻ حاصل ٿي آهي ته اِهو خيال غلط هو. چنڊ تي جبل ۽ ميدان آهن، پر پاڻي ڪونهي، ۽ نڪا ئي اُتي وري ڪا هوا آهي.

        1969ع ۾ پهريون ڀيرو ٻن شخصن ڌرتيءَ کان چنڊ ڏي سفر ڪيو ۽ اُن جي مٿاڇري تي پهتا، اُتان جا فوٽو پڻ ڪڍيائون ۽ اُتي جا پَهَڻ ۽ مٽي پڻ پاڻ سان آندائون. سائنسدانن انهن پهڻن جي چڪاس ڪري ٻڌايو ته اِهي پهڻ پڻ ڌرتيءَ جي پهڻن جهڙا آهن.

چنڊ تي اڃا تائين ڪوبه ماڻهو ڊگهي عرصي تائين رهي نٿو سگهي. هيستائين اُتي فلڪيات جا ماهر ۽ جملي ڪلاڪن لاءِ رهيا هئا، هو پاڻ سان کاڌو خوراڪ، پاڻي ۽ هوا پڻ کڻي ويا هئا. اُنهي سڄي سفر ۽ اُتان واپسيءَ ۾ هِنن کي هفتو کن لڳو.

        سج ۽ چنڊ کان سواءِ اُڀ ۾ تارا پڻ آهن، اڪثر ماڻهن جو اِهو خيال آهي ته تارن گڏجي ميڙ يا ٽولي ڪري ماڻهن، جانورن يا ڪنهن ٻئي شيءِ جهڙي شڪل ٺاهي آهي. حقيقت ۾ تارن جو هڪ ميڙ برابر آهي، جنهن کي ”جهڳٽو“ پڻ چئبو آهي. تارن جي انهيءَ ميڙ کي ناکئا ۽ جهاز ران پنهنجي سهولت خاطر نشاني طور استعمال ڪندا آهن، ڪيترائي تارا سدائين پنهنجي ساڳي شڪل ۾ رهن ٿا ۽ هزارن سالن کان اسين انهن کي ڏسون پيا. سائنسدانن دوربينيءَ وسيلي اِهو معلوم ڪيو آهي ته هر تارو حقيقت ۾ هڪ سج آهي. تارا سج کان کان به وڌيڪ پري مفاصلي تي آهن، ان ڪري ننڍا نظر اچن ٿا. ويجهي ۾ ويجهو تارو پڻ زمين کان 37 ڪروڙ لک ڪلوميٽر پري آهي. هر ستارو هڪ ٻرندڙ بال وانگر آهي، پر گهڻي مفاصلي هجڻ جي ڪري هو ننڍڙا نظر اچن ٿا ۽ سهڻي نموني ٽمڪندڙ ۽ چمڪندڙ نظر اچن ٿا. ڪيترائي تارا سالن جا سال ساڳيءَ جاءِ تي رهن ٿا. پر ڪي تارا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهن ٿا. غور سان هفتو کن جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي تارا ٻين تارن وانگر روان دوان نٿا رهن. انهن ڀٽڪندڙ تارن کي ’سيّاره‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. اهي تارا نه پر سياره آهن ۽ اسان جي ڌرتي پڻ هڪ سيارو آهي، جنهن جي مٿاڇري تي مِٽي، پاڻي ۽ هوا موجود آهي. ٻين سيارن وانگر ڌرتي پڻ ڦِري ٿي، پر جيئن ته اسين پاڻ ساڻس ڪشش ثقل جي اصول تحت گڏ ڦرون ٿا. اِن ڪري ڌرتي اسان کي ڪِرڻ کان بچائي ٿي ۽ اِهوئي سبب آهي جو اسين ڌرتيءَ جي ڦيري کي ڏسي نٿا سگهون.

        ڪنهن به شخص اڄ تائين ٻئي سياري ڏانهن سفر نه ڪيو آهي، پر سائنسدانن دوربين وسيلي اُنهن جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪيو آهي، ٻن سيّارن تي، جن جو نالو وينس (زهره) ۽ مارس (مريخ) آهي، تن تي خودڪار ڪيمره ۽ ريڊيو ٽرانسميٽر فِٽ ٿيل راڪيٽ پڻ موڪليا ويا، اهي سيّاره ويجها هئا. پر ڪنهن به سيّاري تي زندگي هجڻ جا آثار نظر ڪونه آيا آهن.

        ٻيون پڻ ڪيتريون ئي شيون اُڀ ۾ نظر اچن ٿيون، جن ۾ شهاب ثاقب يا شهاب هجز يعني ڪِرندڙ تارا پڻ شامل آهن. جيڪڏهن ڪنهن چٽي رات ۾ دوربين وسيلي جاچ ڪجي ته تمام گهڻا شهاب ثاقب نظر ايندا. اصل ۾ اهي هڪ پَهڻ جو ٽُڪر آهن؛ جيڪي خلا مان ڪِرن ٿا ۽ ڌرتيءَ جي هوا مان تيز رفتاريءَ سان لنگهڻ ڪري گرم ٿي روشني پکيڙين ٿا.

        آسمان (اُڀ) ۾ اوهان اڪثر هڪ ٻي عجيب شيءِ پڻ ڏٺي هوندي، اُها آهي ’پُڇڙ تارو‘، جنهن جو پُڇ چمڪندڙ ٿئي ٿو. اِهي پڻ ننڍا سيّاره آهن، پر اِهي پُڇ هجڻ جي ڪري غير معمولي آهن. سائنسدانن جي چوڻ موجب 1986ع ۾ هڪ اهڙو پُڇ وارو تارو نظر ايندو، اِهو پنجهتر ورهين ۾ هڪ ڀيرو نظر ايندو آهي.

        1957ع ۾ آسمان ۾ هڪ نئين قسم جو تارو نظر آيو. جيڪو ڪجهه وقت آسمان جي مٿان هلي گم ٿي ويو ٿي. اِهي مصنوعي سياره آهن، جن مان ڪي اندازي موجب هڪ موٽر ڪار جيڏا آهن، انهن مان ڪن سيّارن انسان پڻ پاڻ سان گڏ کنيا آهن. پر گهڻو ڪري انهن ۾ خودڪار ڪيمرا، ريڊيو ٽرانسميٽر ۽ ٻيا فني اوزار لڳل هوندا آهن. ڪجهه مصنوعي سيّاره ڌرتيءَ جا فوٽو پڻ ڪڍن ٿا ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته ڪٿي طوفان وغيره ته اچڻ وارو ناهي، ۽ انهيءَ صورت ۾ ماڻهن کي خبردار ڪري سگهجي، جيئن هو احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سگهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org