باب ڇهون
دنيا جو هڪ عظيم سائنسدان
ننڍڙي ايڊيسن کي ننڍيءَ عمر کان ئي سائنسي تجربن ڪرڻ جو
شوق هو. سندس مرضي اِها هئي ته سائنسي ايجادن
وسيلي انسانذات کي گهڻي کان گهڻا سک ڏجن. پاڻ هڪ
غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ تيرهن سالن جي عمر تائين
گهر ۾ ئي تجربا ڪندو رهيو. اُن کان پوءِ هن پيٽ
گذر لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ اخبارون وڪڻڻ شروع ڪيون.
ڪجهه وقت کان پوءِ هِن پنهنجي هفتيوار اخبار ڪڍي،
جنهن جو نالو ”هيرالڊ“ رکيو. اُن وقت سندس مالي
حالت اهڙي هئي، جو اُها اخبار ڪمپوز به پنهنجي
ننڍڙيءَ پريس ۾ پاڻ ڪندو هو، ڇپيندو به پاڻ هو ۽
وڪڻندو به پاڻ هو. پوءِ هُن هڪ اسٽيشن ماستر وٽ
نوڪري ڪئي، جنهن کيس تار ڪرڻ سيکاري. هُن اِها
نوڪري پنج سال ڪئي، اِن وچ ۾ سندس سائنسي تجربا به
جاري رهيا.
اُن کانپوءِ هو 1819ع ۾ نيويارڪ ويو ۽ اُتي هڪ تار آفيس
۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. کيس هر مهيني ڏيڍ هزار پگهار ملڻ
لڳو. اُن کان پوءِ جلد ئي کيس سندس ڪيل ايجادن جي
قيمت ٻه لک رپيا ملي. سندس ايجاد ڪيل شين کي تمام
گهڻي اهميت ملي. ائين هو پئسي ۾ به آسودو ٿي ويو،
۽ پنهنجو ڪم وڌيڪ آرام سان ڪرڻ لڳو.
سندس ايجادن جو تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي. سندس
ايجادن ۾: بجليءَ جا بلب، بجليءَ جون لاريون،
موٽرون، گرامو فون، سئنيما، بجليءَ جون انجڻيون ۽
ٻيون ڪيتريون ئي بجليءَ تي هلندڙ شيون شامل آهن.
1915ع ۾ هِن عظيم سائنسدان کي سائنس جو نوبل پرائيز
مليو. 1930ع تائين ايڊيسن اٽڪل پندرهن سؤ نيون
ايجادون ڪيون. 1931ع ۾ هيءُ عظيم سائنسدان گذاري
ويو.
الله سائينءَ انسان کي دماغ ڏنو آهي. دماغ جو ڪم سوچڻ
آهي. ايڊيسن پنهنجي دماغ کان ڪم ورتو، سوچيو ۽ عمل
ڪيو، ۽ پنهنجي سوچ ۽ عمل موجب هُن لکن ڪروڙن
انسانن لاءِ پنهنجي ايجادن وسيلي سک جو سامان پيدا
ڪيو. جيڪو ماڻهو ايڊيسن وانگر قدرت جي عطا ڪيل
نعمتن کي صحيح نموني ڪم آڻيندو، اهو ائين ئي
ڪاميابي حاصل ڪندو.
اچو، اڳتي پڙهون، ۽ هِن عظيم آمريڪي سائنسدان جي هڪ اهم
ايجاد جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪريون.
بابت ستون
گراموفون
ٽامس الوا ايڊيسن کي هڪ ڀيرو خيال آيو ته آواز جون
لهرون ڪنهن نرم شيءِ تي پنهنجي شبيهه ٺاهي
سگهنديون، جن کي پوءِ پڻ ٻڌي سگهبو.
اِهو خيال ۽ تصوّر ته تمام سولو هو، پر اِن کي عملي
صورت ڏيڻ ۾ ايڊيسن کي تمام ڊگهو عرصو لڳي ويو.
سندس سالن جي محنت ۽ تجربي کان پوءِ مَس مَس 1876ع
۾ ڳالهائيندڙ مشين تيار ٿي. اُن مشين جي شڪل
اڄڪلهه واري گراموفون جهڙي ڪانه هئي ۽ نڪو ان وقت
جا ريڪارڊ اڄڪلهه جي ريڪارڊن جهڙا هئا. شروعاتي
دؤر ۾ ريڪارڊن جي شڪل ”ويلڻ“ وانگر هئي ۽ نه وري
اڄڪلهه جي گول ۽ پکڙيل ٿالهيءَ وانگر.
ايڊيسن جيڪي ريڪارڊ پهرين ٺاهيا، اُهي پِتل جا پترا هڪ
ٽيوب تي ويڙهيل هئا، جن تي پيچدار کڏا يا کانچا
ٺهيل هئا. آواز انهن کَــــڏن يا کانچن مان نڪرندو
هو. پر پهريائين پتل جي پَتري تي آواز جا اُهي
کَـــڏا ۽ کانچا ٺاهڻا هئا. اُن لاءِ ايڊيسن هيئن
ڪيو، جو ٽيوب جي ڇيڙي تي اهڙيءَ طرح هڪڙو سَنهڙو
پردو لڳايائين، جو اُن ۾ لڳل سُئي، ٽيوب جي ڦرڻ
مهل ٽيوب تي ويڙهيل پِتل جي سالم پَتري تي هلڻ
لڳندي هئي. آواز سان ٽيوب جي پردي تي چُرپر ٿيڻ جي
ڪري سُئيءَ تي به اُن جو اثر ٿي پيو، ۽ سُئي ڦرندڙ
ٽيوب جي پِتل واري پَتري تي پنهنجا نشان ڇڏيا ٿي.
اُهي نشان ئي آواز جا کَـــڏا ۽ کانچا هئا، انهن
تي ٽيوب جي ڦيرائڻ سان سئيءَ جي ٻيهر ڦرڻ تي ساڳئي
آواز کي وري پيدا ڪرڻ ۾ ايڊيسن ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڪجهه وقت گذارڻ کان پوءِ ايڊيسن ۽ سندس هڪ ٻئي سائنسدان
ساٿيءَ گراهم بيل گڏجي ٽيوب تي پِتل جي پتري ويڙهڻ
جي بجاءِ ميڻ جهڙو نرم پر پڪو ڇهه استعمال ڪيو،
جنهن تي سُئيءَ جي چُرپُر وڌيڪ چڱي نموني ٿي سگهي
ٿي. اُن مان ئي آواز جي نشانن ۽ اُنهن مان ٻيهر
نڪرندڙ آواز کي فونو گرام چيو ويو. آهستي آهستي
آواز جي نشانن ڪرڻ لاءِ ٿالهيءَ جهڙي يا گول پتري
جهڙي مٿاڇري تي جدا جدا مصالحا استعمال ٿيندا
رهيا، جن تي آواز جي هلڪي دٻاءَ سان سُئي هيٺ مٿي
به سَوَلائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ۽ اُن ۾ سستائي ۽
پڻ ٻيا سهنج به وڌيڪ هئا.
بهرحال وقت سان گڏوگڏ جيئن ٻين شين جي ظاهري شڪل ۽
ڪارڪردگيءَ ۾ ڦيرڦار ٿيندي رهي آهي، تيئن گراموفون
۾ پڻ تبديليون ٿيون آهن، ۽ اڄ اُهو ماڻهوءَ جي
وندر توڙي تعليم لاءِ هڪ نهايت ڪارائتو وسيلو ثابت
ٿيو آهي. |