2
عورتن
جي معاملي ۾ سيٽان جي قسمت ڪڏهن به سندس ساٿ نٿي
ڏنو. هن ائين به نٿي چاهيو ته صرف مرد هجڻ جي ناتي
هرڪا ايندڙ ويندڙ هن تي ڇڪن ٿيندي وتي، پر هن
ايترو ضرور چاهيو ٿي ته سندس ايترو ته
حق
هئڻ کپي ته هو ڪجهه ڇوڪرين مان ڪا پنهنجي پسند جي
ڳولي سگهي. پر ان معاملي لاءِ اڃا تائين ڪابه اهڙي
ڇوڪري هن جي آڏو نه آئي هئي. هن جي ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جو طريقو ۽ هلت چلت جو نمونو ڪجهه اهڙو هو
جو پاڻ ئي ان افسوسناڪ نتيجي تي پهتو ته سندس پسند
جي ڪابه ڇوڪري ڪڏهن به هن کي نه چاهيندي. پر هاڻ
ته ڪمال ٿي ويو جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري، جيڪا هن کي
پهرين نظر ۾ ئي وڻي وئي سا پاڻ به، پنهنجو سڀ ڪجهه
هن مٿان نڇاور ڪرڻ لاءِ هئي. اهو هن لاءِ اهم نه
هو ته هوءَ هڪ غير ملڪ ۽ غير زبان جي، جپاني ڇوڪري
هئي. اها حقيقت آهي ته پيار محبت
جي
اشارن اڳيان زبان جو مضبوط قلعو به اچي ڦهڪو ڪندو
آهي. اها هن لاءِ گهٽ ڀاڳ جي ڳالهه هئي جو ڪا
ڇوڪري هن کي لفٽ ڪرائي- سا به هئڙي سدا ملوڪ!
منهن کان سواءِ چنبيليءَ جي باقي جسم بابت سيٽان
ڪجهه چئي نٿي سگهيو جو ڪموني جا ڊگها ۽ ڪلفدار
پُڙَ سندس جسم جي مڙني خامين کي، جيڪڏهن ڪي هيون
ته، ڍڪي ڇڏيو هو. هن کي پهرين ڪڏهن به سمجهه ۾ نه
ايندو هو ته ڪمونو عورت کي ڪيئن ٿو سونهن بخشي ۽
سندس عورتپڻي کي وڌيڪ جوت ڏئي ۽ اها سڌريل ماڻهن
جي هڪ بهترين ايجاد ڇو ٿي سڏي وڃي. پر اڄ هيءَ
ڪمونو پهريل عورت هڪ روايتي شهزاديءَ جي روپ ۾،
جنهن بابت هن اسڪولي ڏينهن ۾ آکاڻين جي ڪتابن ۾
پڙهيو هو، سندس سامهون ويٺي هئي ۽ نه فقط ويٺي هئي
پر سندس بلڪل سامهون ويٺي هئي ۽ هن کي عجيب چاهت
وارين نظر سان ڏسي رهي هئي. سيٽان کي هي سڀ هڪ
اهڙو ڪرشمو ٿي لڳو جنهن جو بندوبست قدرت فقط هن جي
وجهه ۽ فائدي لاءِ ويهي ڪيو هجي. بدقسمتيءَ سان
سيٽان اها ڳالهه شروع کان ئي نه سمجهي سگهيو ته هن
عورت جي هر ادا واپار آهي ويندي چپن جي مرڪ ۽ اک
جي نهار تائين سڀ ڪجهه ڪاروباري فرض جي پورائيءَ
لاءِ آهي.
هڪ خذمتگار ڇوڪري ڪجهه ڍڪيل پيالا هن جي اڳيان رکي هن کي خوابن
ڀري خوبصورت دنيا مان سجاڳ ڪري هن فاني دنيا ۾ آڻي
ڦٽو ڪيو. پر خواب ساڳيو ئي سندس ڀر ۾ ويٺو هو. وڏي
شانُ مانُ سان 'مس سدا بهار چنبيلي' پيالي ڏي ادا
سان نهاري معزز مهمان کي پيئڻ لاءِ اشارو ڪيو.
مهمان کي ان جي واپرائڻ جو طريقو ٻڌائڻ خاطر مسٽر
فوتابا پنهنجو پيالو کنيو، سندس مٿان ڪپڙي جو ڍڪ
لاٿو ۽ پيالي جي اندِ وات تي رکي پيئڻ شروع ڪيو.
سيٽان لاءِ اها هڪ عجب جوڳي ڳالهه هئي ته کاڌو
وغيره پهرين عورتن کي ڏيڻ بدران مردن کي ڏنو وڃي.
اها هڪ اهڙي گهٽتائي ۽ عورت جي شانُ ۾ گستاخي هئي،
جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ازالو ڪري سگهيو ٿي. هن
پنهنجو گرم پيالو خيال سان هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي ڀر
۾ ويٺل ساٿياڻيءَ کي پيش ڪيو.
ويٺل مائيڪو ڇوڪرين مان هڪ ان کي ان عمل تي ايڏو ته اچرج ۽ کل
آئي جو اهو به ڌيان ۾ نه رهيس ته کلڻ وقت هن کي
منهن اڳيان پکو جهلڻ کپي- متان مهمان شڪي ٿئي. پر
بهرحال بچاءُ ٿي ويو. مسٽر ماتسوموتو جي وقتائتي
ڪرڙين نگاهن کيس اتي جو اتي صحيح ڪري ورتو ۽ هن کل
کي روڪي وات اڳيان کڻي هٿ رکيو. گيشا- مس سدا بهار
چنبيليءَ پنهنجي مٿي جي هلڪي ڌوڻ سان سيٽان کي
اجازت ڏني ته ڀلي هو شروع ٿئي. پر هڪ جينٽلمئن کي
ائين هرگز نه ڪرڻ کپي ۽ 'ليڊيز فرسٽ' (عورت پهرين)
جي اصول تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کپي. منجهندي
سنجهندي هن پنهنجو پيالو وري کنيو ۽ گيشا جي خالي
هٿن تي رکيو.
سڄي ڪمري کي ڄڻ ماٺ وٺي ويئي. گيشا ان کي قبول ڪيو ۽ مٿي چپن تي
آڻي ان مان سرڪ ڀرڻ جو منهه ڪيو. پوءِ ٻيو پيالو
سيٽان کي پيئڻ لاءِ ڏنو. سيٽان مطمئن ٿي پنهنجي
چپن تي آندو ۽ ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀري پيالو پي خالي
ڪيو. سوپ پاڻيءَ جهڙو ڇڊڙو هو، پر بيحد لذيذ ۽
سامونڊي سواد وارو هو.
سوپ پيئڻ کان پوءِ پهرين ساڪي شراب جو دور هليو. سيٽان کي سندس
ڀر ۾ ويٺل خوبصورت ساٿيءَ پنهنجن نازڪ هٿن سان گرم
شراب جو جام پيش ڪيو جيڪو هن قبول ڪري پوءِ پنهنجن
ميزبانن سان ڪنهن ڳالهه جو سلسلو شروع ڪيو، جواب ۾
جپاني همراهن نه وڌيڪ پڇ پڇ ڪئي ۽ نه کيس وندرائڻ
لاءِ ڪا ڳالهه ٻولهه يا چرچو گهٻو ڪرڻ جي تڪليف
ورتي- آخر ائين ڪن به ڇو جڏهن ته ان ڪم لاءِ هنن
خرچ ڪري شهر جي خوبصورت گيشا کي گهرايو هو.
ماني مختلف ننڍڙن ڊشن ۾ ايندي رهي ۽ پوءِ سگهوئي اها خوبصورت
گيشا ڇوڪري سيٽان جي پاسي مان اُٿي بيٺي. اُٿڻ مهل
هن اهڙي ادا ڪئي ڄڻ هن جي دل هڪ پل لاءِ به سيٽان
کان پري ٿيڻ نٿي چاهي. بهرحال اتان رڙهي ڪمري جي
پرئين ڪنڊ ۾ رکيل ساميسين (جپاني واڄو) کڻي وڄائڻ
لڳي. ان ميوزڪ تي باقي ٻه مائيڪو ڇوڪريون پنهنجن
ڪاغذي پکن کي لوڏي نچڻ لڳيون ۽ ائين اهو سلسلو
ڪجهه دير تائين هلندو رهيو.
ساز بند ٿيڻ تي سيٽان تاڙيون وڄائي تعريف ڪئي. هن ڏٺو ته هي ئي
هڪڙو هو جنهن ائين ڪيو- پر پاڻ مجبور هو. ڪنهن سٺي
شيءِ کي داد ڏيڻ ۾ ڪهڙي خرابي، مسٽر ماتسوموتو
پنهنجا پير ڇنڊي اُٿيو جنهن مان مطلب صاف ظاهر هو
ته هاڻ پارٽي ختم ٿي. ٻئي مائيڪو ڇوڪريون پٺيان
رڙهي بيٺيون ۽ گيشا ڇوڪري 'مس سدا بهار چنبيلي'
گوڏن تي هٿ رکي مهمانن کان موڪلائڻ لاءِ جهڪي.
سيٽان جي سيني جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هن کي پنهنجن قديمي ابن ڏاڏن
جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيون، جڏهن انسان اڃا
تهذيب يافته نه ٿيو هو پر جهنگلي دور ۾ هو. ان دور
۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا دلپسند عورت ملي ويندي هئي
ته هن جي مٿي ۾ سونٽو هڻي، کيس وارن کان ڇڪي گهر
وٺي ايندو هو ۽ صدين کان اهوئي ٿيندو پيو اچي ته
جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي ته ڪري ڏيکارجي. هو
اڳتي وڌي ان سدا سهڻيءَ وٽ اچي بيٺو ۽ کيسي مان
پنهنجي نالي جو ڪارڊ ۽ پين ڪڍي اشاري سان هن کي
لکڻ لاءِ چيو. هن هڪ خوبصورت مرڪ چپن تي آڻي پين
جو ڍڪ لاهي، وڏي ڌيرج ۽ احتياط سان وڏن اکرن ۾ هڪ
سٽ لکي. سيٽان پنهنجو کاٻو هٿ مٿي ڪن وٽ جهلي
ٽيليفون تي ڳالهائڻ وارو انداز پيش ڪيو. گيشا
پنهنجي ساڄي هٿ جون آڱريون ڳل تي رکي لمحي لاءِ
سوچيو پوءِ ڪارڊ تي هڪ دفعو وري لکيو.
سيٽان موڪلائڻ بعد پنهنجي هوٽل ۾ آيو. لابيءَ مان ڪمري جي چاٻي
کنيائين. بوٽ لاهي ڪپڙا بيجدلائي پوءِ پنهنجي ڪمري
جي اڪيلائيءَ ۾ آرام سان ڪارڊ ڪڍي جانچڻ لڳو. ڪارڊ
جي پوئين پاسي هن ٻار جي لکڻيءَ جيان ڪچي اي بي سي
ڊيءَ ۾ پنهنجو اصلي نالو
Kanno - Masayo(ڪانوماسايو) لکيو هو. سيٽان اهو ڏسي خوش ٿيو ته کيس هن عزت ڏني
نه ته هوءَ انڪار به ڪري سگهي ٿي. نالي هيٺيان
ڪجهه انگ لکيل هئا جيڪي پڪ هن جو فون نمبر ئي ٿي
سگهن ٿا.
رچرڊ سيٽان جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو. ماڻس نپائي وڏو
ڪيس جنهن ننڍي هوندي کان ئي عورت جي عزت ڪرڻ جو
کيس سبق پڙهايو هو ۽ ان تي عمل ڪرڻ کي هن پنهنجو
اولين فرض سمجهيو ٿي. خوش قسمتيءَ سان، مس سدا
بهار چنبيلي هڪ باعصمت ۽ بااخلاق عورت هئي ۽ پوشاڪ
مان به سٺي ۽ سٻاجهي لڳي رهي هئي، سندس نوڪري يا
ڌنڌو- مردن سان ڪچهريءَ ۾ گڏ ويهڻ ۽ پنهنجين وڻندڙ
ادائن، ڳالهين، خبرن چارن ۽ راڳ ۽ ساز ذريعي کين
وندرائڻ هو. سيٽان کي گيشا عورتن بابت ڄاڻ ذري گهٽ
نه برابر هئي. پر ايتري پڪ هيس ته هوءَ چوويهه
ڪلاڪن مان اٺ ڪلاڪ کن ڪم ڪن ٿيون. اٺ ڪلاڪ آرام جا
ڪڍجن ته به اٺ ڪلاڪ بچن ٿا جن مان هوءَ ڪجهه وقت
هن لاءِ ڪڍي سگهي ٿي. فون نمبر ڏيڻ مان هن جو مطلب
صاف ٿو لڳي ته هوءَ ڳالهائڻ چاهي ٿي. هڪ گهڙيءَ
لاءِ هن جي دل ڄڻ ٻڏي وئي جنهن ۾ هن کي لڳو ته ڪٿي
ائين نه هجي ته هن منجهائس جان ڇڏائڻ لاءِ اهو
نمبر غلط ڏنو هجي. پر هن کان اڳ آمريڪا ۾ ته
ڇوڪرين کي هن سان انڪار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به دقت پيش نه
آئي هئي. سو هي نمبر ضرور صحيح هوندو. ڪم ڪار کان
واندو ٿي سڀاڻي هو اهو نمبر ضرور آزمائيندو. هن کي
اها ڳالهه سا ڌيان ۾ نه آئي ته ٿي سگهي ٿو ته هن
کي سندس زبان جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ ايندو هجي.
بهرحال هي پنهنجو پاڻ کي هڪ خوشنصيب انسان قرار
ڏئي پاسو ورائي سمهي رهيو.
ٻئي ڏينهن هو صبح ساجهر تيار ٿي، بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي هيٺ هوٽل جي
ڊائيننگ روم ۾ پهتو. نيرن ۾ آمريڪن نموني جو
ناشتو: بيضا، بيڪن ۽ ڪافي ڏسي هن کي خوشي ٿي.
گذريل ڏينهن هن کي اهو پڇڻ وسري ويو هو ته مسٽر
ماتسوموتو جي آفيس جو ڪم ڪهڙي وقت کان شروع ٿئي
ٿو. هن کي اهو سوچي خراب لڳو ته ائين نه ٿئي ته
پاڻ دير سان آفيس ۾ پهچي ۽ اتي پهچي خبر پوي ته
مسٽر ماتسوموتو- مالڪ ۽ سندس انجنيئرنگ اسٽاف هن
لاءِ ڪلاڪ کان انتظار ڪري رهيا آهن. سو جلدي نيرن
ڪري لابيءَ ۾ ويٺل ڪلارڪ کي ياماگچيءَ وارو ڪارڊ
ڏيکاريائين جنهن ان تي لکيل آفيس جي ائڊريس پڙهي،
پني ڀور تي ٽئڪسي ڊرائيور لاءِ جپانيءَ ۾ ڏَس
لکيو، ته هن صاحب کي فلاڻي روڊ تي فلاڻي آفيس ۾
پڄائڻو آهي. هونءَ آفيس اهڙي سولي هنڌ تي هئي جو
آمريڪن بدران ٻيو ڪو هجي ها ته ڪلارڪ کيس ريل
گاڏيءَ ۾ ئي وڃڻ جي صلاح ڏئي ها، پر ڪلارڪ کي لڳو
ته هي آمريڪن متان رستي تي گم ٿي وڃي، جو هنن کي
رڳو ڌارين ٻوليءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ ٿي اچي.
آفيس جا پار پار پتا لکرائي، سيٽان وڏي بهادريءَ سان هڪ دفعو
وري سر جو سانگو لاهي خودڪشيءَ جي موڊ ۾ ٽوڪيو جي
ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيو. بهرحال هي ڊرائيور به جيتوڻيڪ
خوفناڪ نموني سان ٽئڪسي هلائي رهيو هو، پر پهرئين
کان گهٽ ٽرڙو ٿي لڳو. رستي تان سيٽان ٽوڪيو جي
ماڻهن جا ڳاهٽ ۽ سوين دڪان ڏسندو رهيو. ٽئڪسي
ڊرائيور ڪجهه پنهنجي مت تي ڪجهه ماڻهن کان پار پتا
پڇرائيندو اچي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي در وٽ پهتو ۽
ميٽر ۾ آيل بل- ڇهه سؤ چاليهه يين وٺڻ لاءِ هٿ
وڌايو. سيٽان سندس هٿ تي ست سؤ يين رکي باقي ريجو
کيس بخشڻ جو اشارو ڪيو. ڊرائيور ڪاوڙ منجهان اهو
ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ باقي واپس ڏيڻ جا پئسا- سٺ
يين، ڳڻي مسافر جي هٿ تي واپس رکيا، جيڪو (آمريڪن)
اڳتي هلي شايد ڪنهن ڏينهن سڌري پئي- جيتوڻيڪ سندس
سڌرڻ ۾ هن کي شڪ هو.
اندر گهڙڻ سان سيٽان ڏٺو ته ماتسوموتو ڪمپنيءَ جون آفيسون کلي
چڪيون هيون ۽ ڪارخاني ۾ ڪم هلي رهيو هو. هن واچ ڏي
نهاريو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. بهرحال اها ڪا ايتري
دير نه هئي. هن کي هونءَ به ميزبانن جي پهچڻ کان
پوءِ اچڻ کتو ٿي، جيڪي اڌ منو ڪلاڪ کن اڳ کڻي آيا
هجن. بهرحال ان دوران هنن کي راتوڪي آيل ٽپال ڏسڻ
جو به ڪافي وقت ملي ويو هوندو ۽ سيٽان سان پروجيڪٽ
تي هاڻ سڪون سان ڳالهائي سگهيا ٿي. سيٽان جي
آمريڪن ڪمپنيءَ هنن کان لکها ڊالرن جي هڪ گهڻ
مقصدي اليڪٽرونڪ مشين ٺهرائڻ چاهي ٿي، جنهن سان
ڪيتريون ئي شيون چڪاس ڪري سگهجن.
اندر استقباليه ۾ ويٺل عورت سيٽان کي ڏسڻ سان ڇرڪ ڀري گهڙيال ڏي
نهاريو ۽ پوءِ کنڀ هجنس ها ته جيڪر اُڏامي وڃي ها،
پر بدقسمتيءَ سان هن کي ڪاٺ جي ان گول کروتڙي ۾ ئي
ڦاسي بيهڻو پيو جو در وٽ سيٽان اچي بيٺس ۽ سندس
نڪرڻ جو رستو بند ٿي ويو.
سيٽان تازو 'جپاني- انگريزي- ٻول چال' وارو ڪتابڙو پڙهي ڪجهه
جپاني جملا ياد ڪري آيو هو. تن مان هن هڪ آزمايو:
”وا ٽئڪسي وا - رچرڊ سيٽان ڊيسڪ.“
ڇوڪري اهو ٻڌي منجهي پئي ته هي چئي ڇا پيو. ٽئڪسي ۽ ڊيسڪ جي
ڪهڙي ڳالهه پيو ڪري.
سيٽان هڪ دفعو وري ساڳيو جملو ورجايو.
جپاني ڇوڪريءَ نئڙت سان جهڪي جپانيءَ ۾ وراڻيس:
”ايگو گا وڪاري ماسين“ (انگريزي آئون نٿي سمجهان.) ان سان گڏ
ساڳيو جملو انگريزيءَ ۾ پڻ ٺاهي چيس: ”نو انگلشو.“
”آئي ايم ناٽ اسپيڪنگ انگلش“ (آئون انگريزي نه پيو ڳالهايان)
سيٽان چيو ۽ وري ساڳيو جملو چوڻ شروع ڪيو:
”وا ٽئڪسي وا...“
ڇوڪري ٿورو گهٻرائي پر سگهوئي سمجهه ۾ اچي ويس ته هي مڙسالو
پنهنجو تعارف پيو ڪرائي ۽ هن جو مطلب 'وا ٽئڪسي
وا' مان جپاني لفظ 'وا تاڪشي وا' آهي- معنيٰ آئون
۽ ڊيسڪ مان مطلب 'ڊيسڪا' اٿس- يعني 'آهي' سو هن به
پنهنجو تعارف ڪرايس:
”واقتاڪشي وا چيوڪو ديس“ (آئون مس چيوڪو آهيان.)
چيوڪو سوچيو ته عجيب اتفاق آهي جو هن کان اڳ کانئس ڪڏهن به ڪنهن
نالو نه پڇيو هو. هي آمريڪن جنهن جي جيتوڻيڪ ڦڏي
سڏي شڪل آهي پر فضيلت وارو ٿو لڳي. چيوڪو جي هڪ
گهاٽي ساهيڙي هئي جنهن هڪ آمريڪيءَ سان وڃي شادي
ڪئي هئي جنهن مان ٻه ٻار به هئس، جن سان گڏ هوءَ
آمريڪا ۾ رهي ٿي. چيوڪو سيٽان وٽان پاسيري ٿي
ٻاهر پنهنجي آفيس جي ساهيڙي مس ريڪو ڏي وئي جنهن
کي ڪمپنيءَ وارن انگريزي زبان جي ڄاڻو ڪري رکيو
هو.
ريڪو کي ڄاڻ هئي ته سيٽان نالي آمريڪن اچي رهيو آهي ۽ ساڻس
انگريزي ڳالهائڻ جهڙي مصيبت لاءِ هن پاڻ کي اڳواٽ
تيار ڪري رکيو هو. ريڪو انگريزي ڄاڻڻ لاءِ لڳاتار
اٺ سال تعليم ورتي هئي، پر اڃا به سندس گرامر ۽
لهجي مان لڳو ٿي ته ڪو ڌاريون پيو ڳالهائي. رستي
تان هن پنهنجي ڊڪشنري کنئي ۽ وڏي همت سان چيوڪو
سان گڏ استقباليه ڏي وڌڻ لڳي. سيٽان جي ويجهو پهچي
هن چيو: ”مسٽر سيٽان، از اٽ ناٽ“ (مسٽر سيٽان،
اهوئي آهين نه؟)
”گڊ مارننگ“ سيٽان ٻڏل دل سان سلام ڪيس ۽ جهڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
ريڪو ڏٺو ته سيٽان جپانين وانگر جهڪڻ جي ڪوشش ڪندي وقت عجيب
ضرور لڳي رهيو هو پر بيوقوف هرگز نه. هن پنهنجي
واقفيت ڪرائي ۽ پوءِ دروازي جو طاق کولي سيٽان کي
اندر هلڻ لاءِ چيو. سيٽان در کي جهلي کيس پهرين
هلڻ لاءِ اشارو ڪيو. ريڪو کي جيتوڻيڪ اهو عجيب لڳو
پر دل ئي دل ۾ خوش به ٿي ۽ پوءِ کيس فوتابا جي
ٽيبل ڏي وٺي آئي.
هن کي ايڏو جلد آفيس ۾ ايندو ڏسي فوتابا به ٿورو پريشان ٿي ويو.
کيڪار کڙيءَ کان پوءِ کيس ڪانفرنس روم ۾ آندو ويو
۽ چانهه لاءِ آرڊر ڏنو ويو. سيٺ ماتسوموتو ۽ ٻين
کي به اتي اچڻو هو. تيسين هي ان مشينري جا نقشا/
ڊرائينگون ڪڍي ٽيبل تي وڇائڻ لڳو، جيڪا مشينري
ماتسوموتو ڪمپنيءَ کي ٺاهڻي هئي. ڊرائينگ انجنيئرن
جي عالمي زبان سمجهي وڃي ٿي جنهن ذريعي هو هر ڪا
ڳالهه سمجهي سگهن ٿا.
ٿوري دير بعد ڪالهه وارا سڀ همراهه اچي گڏ ٿيا. ريڪو کي ترجمي
خاطر وچ ۾ ويهاريو ويو. اڄ فوجي هارا نالي هڪ وڌيڪ
همراهه پڻ آيل هو، جيڪو ڪارخاني جو چيف انجنيئر
هو. هن خوش خير عافيت ڪرڻ بعد سيٽان کان سندس
مسافريءَ جو احوال ورتو ۽ جپان ۾ رهائش ۽ کاڌي
پيتي جو معلوم ڪيو ۽ ريڪو ترجمو ڪندي رهي.
جواب ۾ سيٽان پڻ ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار يا ناڪار ڪندو رهيو، هن کي
دير به ٿي رهي هئي، ته اڃا ڪم جي ڳالهه شروع نه
پئي ٿئي جنهن لاءِ هو آمريڪا کان هلي هتي جپان
پهتو آهي. آخرڪار هو وري ڊرائينگ ڪڍي هنن کي پيش
ڪرڻ وارو هو ته اسان جي آمريڪن ڪمپنيءَ کي هن قسم
جي گهڻ مقصدي اسيمبلي کپي جيڪا آيا هي ٺاهي سگهندا
يا نه، ته ايتري ۾ ڪانفرنس روم جو در کليو ۽ ڇوڪري
چانهه جو سمان کڻي اندر گهڙي. سيٽان ڊرائينگون وري
ويڙهي کڻي واپس بريف ڪيس ۾ وڌيون. نوجوان عورت
چانهه جا ڪوپ، ساسرون ۽ ڪيڪ پيسٽريون ٽيبل تي سهڻي
نموني سجائي رکڻ لڳي. پوءِ ٻي نوجوان عورت ظاهر
ٿي. هوءَ چانهه جون ٻه ڪيٽليون ۽ اڇي رنگ جا ڪجهه
وٽيل ننڍا ٽوال بانس جي پيالي ۾ کڻي آئي. نئڙت
منجهان سيٽان کانئس هڪ ٽوال وٺي هاڻ پنهنجن جوٽن
تي وڇائڻ وارو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ته اهو
آلو هو ۽ ٻيو ڪوسو پڻ. ريڪو خطري جي ڌپ سونگهي
ورتي ۽ پنهنجو اوشي بوري (ننڍڙو ٽوال) کولي ان سان
پنهنجو منهن ۽ هٿ صاف ڪيا ۽ پوءِ پنهنجي ڦڪي سائي
چانهه پيئڻ لڳي. سيٽان به ان پٺيان بنا کنڊ وجهڻ
جي پنهنجي ڦڪي چانهه پيئڻ شروع ڪئي- اهو سوچي ته
شايد سندس سواد اهڙو ئي ٿيندو هجي.
چانهه جي دور پوري ٿيڻ کان پوءِ هن کي فئڪٽريءَ گهمڻ جي دعوت
ڏني وئي. کيس پوءِ جو پروگرام پڻ ٻڌايو ويو ته
فئڪٽري ڏسڻ بعد منجهند جي ماني ٿيندي ۽ ان بعد کيس
ڪاماڪورا شهر ڏي 'عظيم - ٻڌا' جي مورتي ڏيکارڻ
لاءِ وٺي هلبو. پوءِ هڪ هڪ ٿي ماڻهو نڪرڻ لڳا.
ريڪو در کولي پهرين مردن کي وڃڻ ڏنو پر سيٽان سڀ
کان آخر ۾ نڪتو. هن ٻاهر نڪري ترجمو ڪندڙ ڇوڪريءَ
ريڪو کي پاسيرو سڏي چيو:
”توکي 'مس' چئي مخاطب ٿيان يا ٺلهو نالو 'ريڪو' وٺان؟“
”دوزو“ (ڀلي) ريڪو جپانيءَ ۾ وراڻيس.
”ريڪو! اهو ته ٻڌاءِ ته جنهن ڪم لاءِ آئون هتي آيو آهيان، ان
بابت ڳالهه ٻولهه ڪڏهن شروع ٿيندي؟“
ريڪو کي هي ماڻهو سوير کان ئي سٺو پئي لڳو. مرڪندي وراڻيائين،
”سيٽان سانَ! (سيٽان صاحب) توهان هتي جپان ۾
پهريون دفعو آيل ٿا ڏسجو. اسان جپانين ۾ اهو رواج
آهي ته ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڳالهه ٻولهه يڪدم نه ڪندا
آهيون. توهان اڄ فرحت وٺو جيئن هن ڪمپنيءَ کان
وڌيڪ واقف ٿي سگهو. سڀاڻي شايد توهان جا اهي نقشا
ڏٺا وڃن جن مطابق توهان ڪم چاهيو ٿا.“
سيٽان اهو ٻڌي ڍرو ٿيو. پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيائين: ”ريڪو!
ڪالهه رات منهنجي هڪ نوجوان عورت سان ملاقات ٿي،
مون کي ان وقت تنهنجي خبر نه هئي، سو ان کي وري
ملڻ لاءِ چيو هوم.“
ريڪو اهو ٻڌي ٿورو شرمائجي وئي، هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته
فارينر به ٻين جي جذبات جو ايڏو خيال رکي سگهن ٿا.
آخرڪار انهن ۾ سڀ جهنگلي به نه آهن. ”ڇا هن کي
انگريزي اچي ٿي؟“ ريڪو پڇيو.
”مون کي خبر ناهي، پر مون وٽ هن جو فون نمبر آهي.“ سيٽان ٻڌايس.
”سو ديسڪا، (ته اها ڳالهه آهي)، تون هن کي فون ڪرڻ لاءِ مون کي
چوڻ چاهين ٿو؟ اها مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي،
سيٽان سانَ- ته اهو ٻڌاءِ ته تون هن کي ڇا ٿو چوڻ
چاهين.“
اهو سوچڻ لاءِ سيٽان کي ڪجهه گهڙيون لڳيون. پوءِ هن چيو: ”آئون
هن کي ڊنر لاءِ وٺي وڃڻ ٿو چاهيان بشرطيڪه هوءَ
واندي هجي ته.“
هن سندس ڪارڊ ڪڍي ريڪو جي حوالي ڪيو. ڪارڊ پڙهي ريڪو جون اکيون
ڦاٽي ويون. ”هيءَ ته گيشا آهي. ڇا توکي اها خبر
آهي-؟“
هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. ريڪو وري ڪارڊ ڏي ڏٺو ۽ نمبر پڙهيو:
”بهرهال آئون تو پاران فون ڪريانس ٿي.“
سيٽان تيسين اهوئي پهه ڪيو ته هو ريڪو کي به ساڻ وٺي هلندو.
جيتوڻيڪ هيءَ مس سدا بهار چنبيليءَ جي پتيءَ ۾ به
نه آهي پر انگريزي سٺي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿي ۽ سندس
جذبات ۽ ڳالهين جي سٺي ترجماني ڪري سگهندي.
ڏينهن جو ڳپل حصو هن کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو ڪارخانو ئي ڏسڻ ۾
لڳي ويو. هي اهو ڏسي بيحد متاثر ٿيو ته ڪمپنيءَ ۾
ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ جون ننڍيون وڏيون شيون ٺهي
رهيون هيون ۽ ڇوڪرين جون قطارون مٿي تي هڪ ئي رنگ
جا رومال ٻڌي تحمل ۽ صبر سان مشينريءَ جا ننڍا
ننڍا پرزا ٺاهي رهيون هيون. ان دوران هن جي ملائڪن
کي به خبر نه پيئي ته سندس فون بعد مس سدا بهار
چنبيليءَ جي سلسلي ۾ پٺيان ڪمپنيءَ ۾ ڪهڙي هڻ وٺ
لڳي وئي هئي. ايتريقدر جو ڪمپنيءَ جو مالڪ مسٽر
ماتسوموتو پاڻ ان مسئلي جي فيصلي لاءِ اچي حاضر
ٿيو. هوءَ ته هڪ گيشا عورت آهي - سا به ٽوڪيو جي
سڀ کان سهڻي ۽ مهنگي ۾ مهنگي، جنهن جي سنگت جي هڪ
هڪ منٽ جي في سوين يين آهي. گذريل ڏينهن جي ڪلاڪ
ٻن جي ڪچهري ۽ گڏ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ئي
ڪمپنيءَ کي ڪيئي هزار يين، ان گيشا جي مالڪڻ کي
ادا ڪرڻا پيا هئا. پر اهو پهرين ڏينهن آيل مهمان
کي وندرائڻ لاءِ ضروري هو.
هلندڙ رسم رواج مطابق هو (گيشا عورتون) فقط اهو وقت مهمانن سان
کلي ڳالهائين ۽ کين وندرائين ريجهائين جن جا انهن
کي پئسا ٿا ملن. گيشا جي ان مرڪ ۽ پيار کي، نه
مهمان کي سچو پيار سمجهڻ کپي ۽ نه گيشا کي مهمان
جي موهت ٿيڻ تي دل ڏئي ساڻس عشق ۽ شادي ڪرڻ کپي.
جپان جي اها رسم رواج، تهذيب ۽ ثقافت صدين کان
هلندي اچي.
وعدي مطابق جڏهن ريڪو فون ملايو هو ته کيس تعجب ضرور لڳو ته
واقعي اهو ڪانو جو ذاتي نمبر هو جنهن ڪن خاص سببن
ڪري هن آمريڪن کي پنهنجو نالو به اصلي لکي ڏنو هو
جيتوڻيڪ هوءَ گيشا طور سڄي ٽوڪيو ۾'مس سدا بهار
چنبيلي' جي نالي سان مشهور آهي. بهرحال مس سدا
بهار چنبيلي سالن جون ريتون رسمون ڀڃي هڪ گراهڪ
سان دوستي رکڻ ٿي چاهي، ته اها سندس مرضي. ريڪو کي
فقط ان ڳالهه عجب ۾ وڌو ته هي آمريڪن همراهه، جيڪو
ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت مان ته صفا ڇسو پيو لڳي
۽ نه وري ٻين ماڻهن وانگر چالاڪ ۽ عياش آهي تنهن
سان ڪيئن هوءَ پهرين ئي ملاقات ۾ ايڏو ويجهو ٿي
ويئي جو کيس نه فقط پنهنجو ذاتي نالو ٻڌايو اٿس،
پر فون نمبر پڻ 'گيشا گهر' بدران پنهنجي ذاتي گهر
جو ڏنو اٿس.
مس ريڪو پنهنجي باس کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته سندن آمريڪن
مهمان هڪ گيشا عورت کي ڊنر لاءِ دعوت ڏني آهي ۽
هيترن سالن جي سکيا ۽ وهنوار ڄاڻڻ جي باوجود به مس
سدا بهار چنبيليءَ عام عورتن وانگر هن مان متاثر
ٿي ڀانئجي ۽ هن کيس چيو ته هوءَ ان جي پڪ بابت وري
فون ڪندي.
مس سدا بهار چنبيليءَ ان بعد هڪدم پنهنجي اڏي (گيشا گهر) تي فون
ڪري پنهنجي مالڪياڻيءَ کان ان جي پوئواريءَ بابت
اجازت گهري. اڏي جي مالڪياڻي 'ماماسان' يڪدم
ڪمپنيءَ جي مالڪ مسٽر ماتسوموتو کي فون ڪيو، جيڪو
سندس پراڻو ۽ عزت وارو گراهڪ سمجهيو ويو ٿي، جيئن
ته هن ئي ان آمريڪن جو پهرين تعارف ڪرايو هو جيڪو
اڃا به سندس ئي مهمان هو سو کيس مس سدا بهار
چنبيليءَ جي ملاقات جي مڙني خرچ پکن جي جوابداري
کڻڻ لاءِ آگاهه ڪيو.
سيٽان جو ههڙي وڏي درجي واريءَ گيشا سان وري ملڻ جو ٻڌي مسٽر
ماتسوموتو جا ٺپ ئي ٺري ويا. هاڻ ڇا ڪري. جي انڪار
ٿو ڪري ته ڪم ٿو خراب ٿئي. آيل مهمان جو موڊ خراب
ٿيندو ۽ واندڪائيءَ واري وقت ۾ اجايو ٻين
ڪارخانيدارن جي ور چڙهي ويندو. ساڳي وقت ڪيترو به
خرچ اچي پر ڪمپنيءَ کي عزت بچائڻي آهي. گيشا گهر
وارا ۽ آيل مهمان ڇا سوچيندو. اها ٻي ڳالهه ته
اڄڪلهه ڪمپني ڏيوالي ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ ههڙن
اجاين سجاين خرچن سهڻ جي سگهه نه اٿس پر ان هوندي
به 'کٽل آهيون ته به خان ته آهيون' وارو ڏيک ڏيڻ
ضروري هو. هوڏانهن آمريڪن مهمان کي ته اها به شايد
خبر نه هئي ته گيشا گرل جو چڪر ڇا آهي ۽ گيانا جي
ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا منٽن جي حساب سان پئسا
چڪائڻا پون ٿا. بهرحال مسٽر ماتسوموتو ٻڏندي ترندي
گيشا گهر جي پوڙهي مالڪياڻي ماماسان کي هڪ ٻي شام
لاءِ مس سدا بهار چنبيليءَ جي خذمتن جي ادائگيءَ
لاءِ هائوڪار ڪئي. هن ماماسان کي اها تاڪيد ڪئي ته
'ماڪورا گاني' (وهاڻي واري خذمت) ان وندر ۾ شامل
نه هئڻ گهرجي، جنهن جي بل لاءِ هو ٻڌل نه رهندو.
ماماسان کيس پڪ ڏني ته مس سدا بهار چنبيلي ان
ڳالهه کان پري آهي. جپان جي ٻين ڪيترن سهڻين ۽
اعليٰ قسم جي گيشا ڇوڪرين وانگر مس سدا بهار
چنبيلي پڻ هم بستري جهڙي عياشي مهيا ڪرڻ کان گريز
ڪري ٿي.
ان فيصلي جو اطلاع ريڪو کي گيشا گهر کان ڪيو ويو ته گيشا - مس
سدا بهار چنبيلي توهان جي آمريڪن مهمان جي ڏنل ڊنر
خوشيءَ سان قبول فرمائي ٿي ۽ هن سان گڏ فقط هڪ
مائيڪو (سکيا وٺندڙ گيشا) هوندي. ريڪو ڊنر لاءِ
ٽوڪيو جي 'نيو اوتاني' هوٽل جو نالو چونڊيو- اهو
ڄاڻي ته اتي مينو جپانيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ ڇپيل
پڻ ڏنو وڃي ٿو.
منجهند جي مانيءَ کان اڳ سيٽان باٿ روم مان ايندي وقت ريڪو جي
ڊيسڪ وٽان لنگهيو. هن کيس چٺي ڏني جنهن ۾ مس سدا
بهار چنبيليءَ سان ملاقات جو وقت ۽ جڳهه لکيل هئي.
سيٽان جو ملول چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. هن دفعي
مانيءَ جو بندوبست ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ انگريزي
نموني سان ٽيبلن، ڪانٽن ڇرين ذريعي ڪيو ويو هو.
مانيءَ دوران سيٽان پنهنجي هم پيشي جپاني انجنيئر
فيوجي هارا سان کل ڀوڳ ڪندو رهيو. هن کي جپاني
ماڻهن جي تهذيب تمدن، جيڪا سندس ملڪ جي تهذيب کان
مختلف هئي، وڻي رهي هئي. ڇو جو هي پهريون دفعو هو
جو هن ڏٺو ته پيار جي موٽ ۾ پيار ڪيو ٿي ويو.
منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هو ڏڪڻي فوتابا جي حوالي ڪيو ويو،
جيڪو کيس ڪمپنيءَ جي ڪار ۾ هڪ سامونڊي ڪناري واري
شهر ڪاماڪورا ڏي وٺي هليو. رستي تي هو جپان جي
ٻهراڙي وارن علائقن جو به ديدار ڪندو هليو. سيٽان
کي تعجب لڳو ته جپان جي زمين جو هڪ هڪ انچ استعمال
هيٺ آهي. زمين جا بچيل ٽڪرا سائي گاهه سان ڀريل
نظر آيا ٿي يا قطار ۾ پوکيل ڀاڄين ۽ ولين سان.
رستي جي مٿان جتي ڪٿي پليون ۽ اليڪٽرسٽيءَ جون
طاقتور تارون لنگهيون ٿي. هي ملڪ هڪ دور کان لنگهي
ٻئي دور ۾ گهڙندو نظر آيو ٿي. پراڻيون ۽ نيون شيون
هڪ ٻئي ۾ رلي ملي ويل ٿي لڳيون.
ڪاماڪورا شهر گوتم ٻڌ جي وڏي کان وڏي بوتي
(Statue)
کان مشهور آهي، جيڪو ٽامي جو ٺهيل آهي. سيٽان هن
آفت جيڏي بت جي چوڌاري ڦري کيس ڏٺو ۽ فوتابا اهو
ڏسي خوش ٿيو ته هڪ فارينر سندس ملڪ جي ڪنهن شيءِ
مان متاثر ٿيو آهي. ان بعد فوتابا 'هاسي ڪان نان'
مندر ۾ وٺي آيس جتي ڪاٺ مان ٺهيل هڪ ديويءَ جو بت
رکيل آهي.
”ويري بيوٽيفل.“ (تمام سهڻو) فوتابا چيو.
”ييس.“ سيٽان جهيڻي هائوڪار ڪئي.
ان بعد مندر کان ٻاهر نڪري سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺا. سامهون
وشال ساگر جون لهرون جڏهن سندس پير چمڻ لڳيون ته
سيٽان کي عجيب احساس ٿيو ته زندگي هن لاءِ ڄڻ هاڻ
سک جا دروازا کولي ڇڏيا هجن ۽ شايد اڃا ٻيا به
ڪيترائي هجن جيڪي اڳتي هلي کلن.
واپس پنهنجي ڪمري ۾ پهچي هن ايندڙ شام بابت سوچيو، ۽ ناممڪن
حالتن ۾ پيش ايندڙ ڳالهين تي غور ڪيو جن ۾ هو
زبردستي هيرو جي رول ۾ پيش ٿي رهيو هو، پر پاڻ
فلمي هيرو ته نه هو. پاڻ ته فقط آمريڪا جي هڪ شهر
جو رهاڪو انجنيئر هو، جنهن جي عورت جي معاملي ۾
ڪڏهن به ساعٿ نه رهي هئي، پر اڄ هن جي هڪ اهڙيءَ
حسن جي ديويءَ سان ملاقات رٿيل هئي جيڪا هن ڌرتيءَ
جي وڏي ۾ وڏي شهر- ٽوڪيو جي حسين ترين عورت مڃي
وئي ٿي.
سيٽان پوري ڇهين بجي پنهنجي عينڪ کي چڱيءَ طرح نڪ تي ڄمائي هيٺ
هوٽل جي لابيءَ ۾ پهتو. هن ڪلارڪ کي رات لاءِ ڪنهن
بهترين ٿيٽر ۾ ٽڪيٽن جي ائڊوانس بڪنگ لاءِ چيو ۽
في الحال کين نيو اوتاني هوٽل ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ هڪ
ٽئڪسي سڏائڻ لاءِ پڻ چيو. ٿورو ترسي هن ڪلارڪ کان
هڪ سوال پڇيو، جيڪو هن کي منجهائي رهيو هو:
”آئون هڪ عورت سان گڏ مانيءَ جي دعوت تي پيو وڃان. سندس سڄو
نالو مس ڪانو ماسايو آهي. ان سڄي نالي ۾ سندس ذات
ڪهڙي ٿي ۽ مون کي کيس ڇا سڏڻ کپي؟“
”ڪانو هن جي ذات ٿي ۽ ماسايو سندس نالو. جڏهن توهان جي دوستي
گهاٽي ٿي وڃي ته پوءِ هن کي ماسايو سانِ سڏي سگهين
ٿو. 'سان' معنيٰ 'سائين'، 'عزت ماب'، 'مانوارو' يا
'مانواري'. جيڪڏهن هن کي ڪا نوڪري آهي يا لقب ته
پوءِ ان موجب. مثال طور 'ڪانو - ماسايو - سين سي
ئي' معنيٰ 'ڪانو - ماسايو - مسترياڻي.' ڪلارڪ
سمجهايس.
”ڪانو - سان گيشا آهي. هن جو گيشائڪو نالو 'مس سدا بهار چنبيلي'
آهي.“ سيٽان ٻڌايس.
ڪلارڪ جون اکيون ڦاٽي ويون. ”توهان اڄ مس سدا بهار چنبيليءَ جي
شام خريد ڪئي آهي، سيٽان - سانَ؟ توهان کي ڪنهن
اعليٰ جاءِ جي ڳولا هوندي. هونءَ اسان جي هوٽل ۾
به توهان جهڙن وڏن ماڻهن لائق سوٽ (ڪمرو) مهيا ٿي
سگهي ٿو.“
”نه مهرباني. هيءَ اسان جي ملاقات گيشا ۽ گراهڪ جي نه، پر ذاتي
ياريءَ دوستيءَ جي ناتي هيٺ ٿي رهي آهي.“
”هوءَ توهان جي ذاتي دوست آهي“ بس سائين، مان اجهو توهان لاءِ
ٽئڪسي ٿو گهرايان ته توهان کي نيو اوتاني هوٽل ۾
ڇڏي اچي. موڪلائڻ وقت توهان کي 'گڊلڪ' (شال ڀاڳ
بلو ٿيئي) به نه چوندس جو توهان جو ڀاڳ اڳهين ڀلو
آهي.“
سيٽان نيو اوتاني هوٽل ۾ پهرين پهچي ويو. ڪمپنيءَ وارن هن لاءِ
اها هڪ بهترين جڳهه چونڊي هئي جنهن کي ڏسي هو خوش
ٿيو. چيف بئري کي گهرائي چيائين:
”منهنجو نالو سيٽان آهي. ڊنر لاءِ هڪ ٽيبل رزروڊ رکرائڻ چاهيان
ٿو جو منهنجا ڪجهه مهمان اچڻا آهن.“
بئرو ادب وچان جهڪيو: ”سائين توهان لاءِ اڳهين رزرويشن ٿي پئي
آهي. توهان پاران توهان جي ميزباني ڪمپنيءَ ان
سلسلي ۾ فون ڪيو هو ۽ اسان سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو
آهي. ڀلا سائين توهان هينئر ئي پنهنجي ٽيبل تي
ويهڻ چاهيداؤ يا مهمانن اچڻ کان پو”-؟“
”نه، في الحال آئون لابيءَ ۾ ويهان ٿو. مهرباني ڪري مون کي اهو
ته ٻڌاءِ ته 'گڊ ايونگ' (شام جي کيڪار) کي جپانيءَ
۾ ڇا ٿا چون؟“
”اهو تمام سولو آهي مسٽر سيٽان. 'ڪان بان وا'.“
”ڪان - بان - وا-“ سيٽان ورجايو.
”بلڪل صحيح ٿا چئو، سائين.“
سيٽان پوءِ لابيءَ جي در وٽ بيهي- تصوراتي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي
هڪ ڏينهن دنيا جي اهم شخصيت ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳو.
ايتري ۾ سامهون مس سدا بهار چنبيلي ايندي نظر آئي.
هن کي ڪمونو پهريل هو ۽ ساڻس گڏ هڪ ٻي ڇوڪري
آسماني ۽ اڇي رنگ جي وڳي ۾ هئي. سيٽان هن ڏي جهڙو
تهڙو نهاري وري پنهنجي ملاقاتيءَ جي خوبصورت چهري
ڏي ڏٺو. ويجهو اچڻ تي هو ساڻس جهڪي مليو ۽ سلام
ڪيائين: ”ڪان بان وا“.
گيشا پنهنجن گوڏن کي جهڪايو، ڪنڌ کي ٿورو پاسيرو ڪيو ۽ پوءِ ان
شانائتي ادا سان جهڪي سلام ڪيو جنهن جي سکڻ پٺيان
صدين جي تاريخ آهي. ”ڪان بان وا - سيٽانو - سان“
هن مرڪندي جواب ڏنو. جيڪڏهن اهڙي ادا سان 'سائرس'
ڳالهائي ها ته جيڪر 'اوڊيس' ته پنهنجي گهر جو رستو
به ڀلجي وڃي ها.
بلو ۽ اڇي وڳي واري ڇوڪريءَ پنهنجو سهڻو جپاني چهرو سيٽان ڏي
ڪري انگريزيءَ ۾ چيو: ”آئون پيگي آهيان،“ سندس
لهجو صحيح نه هو پر انگريزي سٺي ٿي ڳالهايائين،
”آئون مائيڪو آهيان. يعني 'شاگرد - گيشا'. گيشا
ٿيڻ کان اڳ ڪجهه سالن لاءِ ڇوڪري مائيڪو سڏبي آهي
۽ جڏهن به ڪا فرسٽ ڪلاس گيشا ڪٿي دعوت تي ويندي
آهي ته هوءَ پاڻ سان گڏ هڪ يا ٻه مائيڪو به کڻندي
آهي. هونءَ به مس سدا بهار چنبيليءَ کي انگريزي
ٿوري گهٽ ٿي اچي. آئون توهان جي وچ ۾ خلل ثابت نه
ٿينديس. بلڪ مون کي ته هونءَ به پنهنجن خيالن ۾ گم
رهڻ جي عادت آهي.“
پيگيءَ کي انگريزيءَ ۾ لس ئي لس ڳالهائيندو ٻڌي سيٽان کي ڏاڍو
مزو آيو. ٻنهي کي پاڻ سان گڏ وٺي مانيءَ لاءِ
ڊائننگ روم ۾ گهڙيو. بئري کين سندن ٽيبل ڏيکاري
جيڪا دريءَ ڀرسان هئي جنهن مان سڄي شهر جو نظارو
صاف پئي ڏٺو. گيشا وڏي شانائتي نموني سان پنهنجي
ڪرسيءَ تي ويٺي. سيٽان سامهون واري ڪرسيءَ تي ٿي
ويٺو ۽ پيگي پاسي واري بچيل ڪرسي رِيڙهي ان تي
ويٺي - ۽ هڪ دفعو وري دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ته
سونهن ۽ سوڀيا ۾ هيڏي مها سهڻي، ڳالهائڻ جي فن ۾
ههڙي اڪابر- مس سدا بهار چنبيليءَ هڪ فارينر کي
شام گذارڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪيئن چونڊيو آهي- جيڪو
سندس ڪابه ڳالهه ٻولهه، چرچو گهٻو يا شعر و شاعري
سمجهڻ کان قاصر آهي.
”مس ڪانو،“ سيٽان هاڻ پڇيو، ”ڊو يو اسپيڪ انگلش؟“ (تون انگريزي
ڳالهائي سگهين ٿي؟) گيشا مرڪيو. آڱوٺي ۽ آڱر سان
چپٽيءَ جو نشان ٺاهي جپانيءَ ۾ چيو: ”ساڪوشي“
(تمام ٿوري ٿوري) ۽ پوءِ وري انگريزيءَ ۾ چيو:
”لٽل بٽ.“
”پوءِ ته توسان ڳالهائڻ لاءِ مون کي جپاني سکڻي پوندي.“ سيٽان
چيو.
پيگي تکو تکو ترجمو ڪندي ويئي. گيشا مرڪيو ۽ خاص ادا سان هيٺين
پنبڻن وٽان هن ڏانهن نهاريو. سيٽان جو بلڊپريشر
گيشا جي نيڻن جي ان نهار سان خطرناڪ حد تائين مٿي
چڙهي ويو. اڄ ڏينهن تائين هن ڏي ڪنهن عورت اهڙي
پيار مان نه ڏٺو هو.
جڏهن هن جو مٿو بولاٽيون کائي کائي هڪ ٿانيڪو ٿيو، ته هن کانئن
ڪجهه پيئڻ لاءِ پڇيو. ٻنهي عورتن شراب پيئڻ کان
لهرايو. مس سدا بهار چنبيلي هن ڏي وري نئين
دلچسپيءَ منجهان نهارڻ لڳي. بئري کين مينو (کاڌي
جي لسٽ) آڻي ڏني. گيشا ان کي کولڻ کان اڳ ڪجهه
سيڪنڊ انتظار ڪيو تيسين سيٽان پنهنجو مينو کولي
جپان جي مشهور شيءِ اسٽيڪ (ڳائي گوشت جي چاپ) جو
آرڊر ڏنو ۽ سندس مهمانن پنهنجو آرڊر جپانيءَ ۾ ڏنو
جيڪو بئرو نوٽ ڪري کاڌو آڻڻ لاءِ روانو ٿيو.
سيٽان، ميزبان جي حيثيت ۾ پنهنجي ٻي مهمان- مائيڪو سان ڪا ڳالهه
ٻولهه چورڻ لڳو:
”توتي اهو انگريزي نالو 'پيگي' ڪنهن رکيو؟“
مائيڪو ڏند ڪڍي کلڻ لڳي. ”مون تي اهو نالو منهنجي بواءِ فرينڊ
رکيو. انگريزي به مون کي هن ئي سيکاري. هو جپان ۾
آمريڪن جي قائم ڪيل فوجي اڏي تي ايئرمئن آهي. اسان
ٻئي هڪ ٻئي لاءِ چريا آهيون.“
”توهان جو مڱڻو ٿي چڪو آهي-؟“ سيٽان پڇيو ۽ ان ئي وقت کيس اهو
به محسوس ٿيو ته ڪٿي سندس اها ڳالهه پيگيءَ کي
خراب نه لڳي هجي.
”آئون مڱڻو ڪيئن ٿي ڪري سگهان؟ گيشا جي ڌنڌي ۾ شادي نٿي ڪري
سگهجي،“ پيگيءَ وراڻيو، ”گيشا کي اڪيلو ئي رهڻو
پوي ٿو.“ ايتري ۾ هن عينڪ واري همراهه- سيٽان جي
منهن جو پنو لهندو ڏسي يڪدم ڳالهه سمجهي ويئي. سو
اتي جو اتي ڳالهه ڦيرائي چوڻ لڳي ”ها البت اها ٻي
ڳالهه آهي ته جيڪڏهن گيشا پاڻ به چاهي ٿي ته شادي
ٿئي ته پوءِ هن کي پهرين ان ڌنڌي مان نڪرڻو پوندو
آهي.“
سيٽان وڏي غور سان پڇيو: ”پوءِ ڀلا ائين ڪيتريون ئي گيشا عورتون
ڪن يا نه؟“
”ها مڙيئي چڱيون خاصيون ڪن ٿيون.“ پيگيءَ هڪدم ڪوڙ ٺاهي چيو.
”تنهنجي انگريزي ته ڏاڍي سٺي آهي. ڇا تون آمريڪا ۾ به رهي چڪي
آهين؟“
”رهي ته نه آهيان، پر هاڻ وڃي رهنديس. اتي ڪو گيشا گهر ناهي.
منهنجو بواءِ فرينڊ چئي ٿو ته آمريڪا ۾ گيشا گهر
جي گهڻي گهرج آهي ۽ وڏي ڪمائي ٿيندي. ڪجهه سالن
بعد آئون به مائيڪو مان ڦري گيشا سڏائينديس. مون
کي پنهنجو گيشائڪو نالو هوندو. پنهنجي لئه ۽
پنهنجو شان هوندو. پوءِ منهنجو بواءِ فرينڊ ۽ آئون
گڏجي ڪجهه انگريزي ڄاڻندڙ ڇوڪريون هٿ ڪنداسين ۽
آمريڪا ۾ پهريون گيشا گهر کولينداسين.“
”اهو سوچيو اٿوَ ته ان لاءِ ڪهڙو هنڌ مناسب ٿيندوَ؟“
پيگيءَ ڪنڌ ڌوڻيو: ”منهنجو بواءِ فرينڊ چوي ٿو ته نيويارڪ پاسي
کولينداسين ۽ تمام سهڻو هنڌ ڳولي ڇڏيو اٿس. براڊوي
۽ ايڪونجاهين گهٽيءَ جي ميلاپ وٽ.“
آمريڪا ۾ پيگيءَ جو گيشا گهر هلي سگهندو يا نه، ان بابت سوچڻ
بدران سيٽان پنهنجو ڌيان ان حسين ترين مخلوق ڏي
ڌريو جيڪا هر طرح مڪمل سونهن ۽ جوڀن جو مجسمو بڻيو
سامهون ويٺي هئي. سيٽان پنهنجو هڏائون هٿ ٽيبل تي
رکي مس سدا بهار چنبيليءَ ڏي وڌايو ۽ ان ڳالهه جو
اظهار ڪرڻ چاهيو ته هن جو سڄو ڌيان هن ڏي آهي. مس
سدا بهار چنبيليءَ مرڪيو ۽ پنهنجو ڪنڊائتين ۽
سهڻين آڱرين وارو هٿ هن جي هٿ مٿان رکيو. هٿ جي
معمولي ڇهاءَ سيٽان جي ڪرنگهي تائين ڄڻ ڪرنٽ
ڊوڙائي ڇڏيو. سيٽان گيشا جي بادامي اکين کي غور
سان ڏسڻ لڳو جن ۾ چاهت جي گرمي هئي. سندس وار
دونهين جهڙا ڪارا هئا ۽ منهن ۽ جسم جي چمڙي ڪريم
جهڙي اڇي ۽ لسي هئي. ”جنهن ماڻهوءَ جي شادي مس سدا
بهار چنبيليءَ جهڙي عورت سان ٿيندي ان کي ٻئي ڪهڙي
بهشت جي ضرورت.“ سيٽان دل ئي دل ۾ سوچيو.
بئري هن جي اڳيان فروٽ ڪاڪ ٽيل اچي رکيو ۽ سندس مهمانن اڳيان
پليٽن ۾ ساون پنن جي مٿان اڇي رنگ جا چورس ٽڪرا.
”شا شي مي.“ گيشا چيو. ۽ پوءِ هڪ اڇو ڳترو چاپ اسٽڪ (تيلين) سان
کڻي سيٽان کي چکڻ لاءِ کارايو. هن تجربي خاطر ان
کي چٻاڙيو، پر چڱيءَ طرح پرکي نه سگهيو ته ڪهڙي
شيءِ آهي.
”ڪچي مڇي،“ پيگيءَ چيو، ”شا شي مي جپان ۾ ڪچيءَ مڇيءَ جي ڊش کي
چئجي ٿو.“
اهو ٻڌي سيٽان کڻي اکيون بند ڪيون ۽ وڌيڪ چٻاڙڻ بدران منهن ڪڙو
ڪري هڪ ئي ڳيت ۾ ڳهي ويو.
”تو لاءِ ڪجهه گهرايون؟“ پيگيءَ پڇيو.
”نه. مهرباني.“ سيٽان وراڻيو ۽ پوءِ ڳالهه بدلائي کانئن اهم
سوال پڇيو:
”مانيءَ بعد توهان جي ڪجهه وقت ڪڍي سگهو ته 'نيچي - گيڪي' ٿيٽر
۾ ڊرامو هلي ڏسون.“
پيگيءَ ترجمو ڪيو ۽ پنهنجي سانئڻ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ لڳي.
گيشا تيلين سان شا شي مي - مڇيءَ جو ٻيو ڳترو کنيو
۽ هوا ۾ جهلي بيٺي.
”اف يو وِش“ (جيڪڏهن توهان چاهيو ته) گيشا آخرڪار وراڻيو. سندس
منهن تي فخر جون ريکائون هيون جو هن انگريزيءَ جو
جواب انگريزيءَ ۾ ئي ڏنو.
هوٽل مان اُٿڻ وقت لابيءَ ۾ موجود سڀني همراهن مس سدا بهار
چنبيليءَ کي مڙي مڙي ڏٺو. جيڪا واقعي هڪ جيئري
جاڳندي سونهن هئي.
نيچي - گيڪي ٿيٽر ۾ هلندڙ ڊرامو سيٽان کي ڏاڍو وڻيو. ڀر ۾ ويٺل
مس سدا بهار چنبيليءَ به سڄو وقت پنهنجو هٿ جهلڻ
لاءِ سندس حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڊرامي ختم ٿيڻ مهل
پيگيءَ کيس ٻڌايو ته هو ٽئڪسيءَ ذريعي پاڻهي گهر
هليا ويندا ۽ سيٽان کين گهر تائين ڇڏي اچڻ جي
تڪليف نه ڪري جو هو اڪثر اڪيليون هليون وينديون
آهن. سيٽان جيتوڻيڪ اها اُميد رکيو ويٺو هو ته ڇڏڻ
جي بهاني پنهنجي محبوبه جو گهر ڏسي ڇڏي ۽ ممڪن ٿي
سگهي ته سندس ماءُ پيءُ سان به ملي وٺي. پر في
الحال ان جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. پوءِ ٿورو
منجهندي پڇيائين:
”ڀلا سڀاڻ توهان سان ملي سگهان ٿو؟“
گيشا چپ ٿي وئي ته ڪهڙو جواب ڏجي. هونءَ گيشا جي زندگيءَ ۾ اهڙا
گهٽ لمحا ايندا آهن جو هوءَ ڪنهن ڳالهه جو جواب نه
ڏيئي سگهي.
”ڊو يو وش؟“ (تون ملڻ چاهين ٿو؟) گيشا پڇيو.
”آف ڪورس!“ (بلڪل) سيٽان وراڻيو. جواب ۾ پيگيءَ هن ڏي نهاري
مرڪيو. کيس اها ڄاڻ نه هئي ته سيٽان ڪو ايڏو امير
ماڻهو آهي. آمريڪن هجڻ ڪري، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو
ٻين کان شاهوڪار ٿي سگهي ٿو، پر هڪ ٽاپ ڪلاس جي
گيشا سان روز ملڻ تمام وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ
حد درجي جو امير به ٻه دفعا سوچيندو. ڇو جو ان جي
تمام ڳري ادائگي ٿئي ٿي.
بهرحال اهو ته پيگيءَ پئي سوچيو، پر اسان واري يار سيٽان کي اها
خبر نه هئي ته هو جيڪو هڪ هڪ منٽ گيشا سان گهاري
رهيو آهي ان جا پئسا سندس ميزبان - ماتسوموتو
ڪمپنيءَ جو مالڪ سيٺ ماتسوموتو گيشا گهر جي
مالڪياڻي - 'ماماسان' کي روڪڙا ادا ڪري رهيو آهي.
جپان جي رسم موجب ماماسان وڏي عمر جون عورتون،
غريب ۽ حسين ڇوڪرين کي حاصل ڪري ان کي گيشا بنجڻ
جي تربيت ڏينديون آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڳائڻ، نچڻ
کان علاوه ڪيترن ئي هنرن ۾ ان کي ڀڙ ڪنديون آهن.
ان ۾ ڪيترائي سال ۽ ڪيترائي پئسا لڳي ويندا آهن.
پر پوءِ به گيشا ٿي وڃڻ بعد کيس به ان جو ڦل/
ڪمائي ملندي آهي ۽ اها گيشا ان ماماسان جي سڄي عمر
ٻڌي ٻانهي ٿي رهندي آهي. ان ڪري گيشا جو پنهنجو
وقت به پنهنجو نه پر ان ماماسان يا گيشا گهر جي
مالڪياڻيءَ جي ملڪيت هوندو آهي.
نه وري ماتسوموتو ڪمپنيءَ سيٽان کي ان بابت آگاهه ڪرڻ چاهيو ٿي
جو هنن اها پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿي ته متان مهمان
شڪي ٿي پوي.
ساڳئي وقت سيٽان وري اهو پئي سوچيو ته مس سدا بهار چنبيليءَ جي
پهرين ملاقات ۾ ئي ساڻس ڪا دوستي ٿي وئي آهي ۽
هوءَ واندڪائيءَ مان پنهنجو ذاتي وقت ڪڍي هن سان
ملي رهي آهي جيئن پاڻ ڪم ڪار لاهڻ بعد فرصت جون
گهڙيون هن سان ملي ٿو. جيتوڻيڪ گيشا پنهنجي ڌنڌي
جي نوعيت مطابق هن سان کلي ڳالهائي رهي هئي، پر
سيٽان گيشا جي ان عمل کي واپاري ادا نه پر عشق ۽
محبت جو رنگ ڏئي رهيو هو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته
گيشا - مس سدا بهار چنبيليءَ کي به دل ۾ واقعي
سيٽان لاءِ پهرين ئي ملاقات ۾ محبت جي چڻنگ دکي
پئي هئي جا آهستي آهستي وڌي رهي هئي. هونءَ گيشائپ
جي ڌنڌي ۾ هڪ گيشا کي ڪنهن سان عشق يا شادي ڪرڻ جي
نه رسم رواج اجازت ٿي ڏني نه سندس رکوالي ڪندڙ
ماماسان، جنهن جي حڪم هيٺ هوءَ هئي. پر هتي حالتون
ڪجهه اهڙو رُخ اختيار ڪري رهيون هيون جو ان تي
پيگيءَ کي به تعجب لڳي رهيو هو ته هي ڇا ٿي رهيو
آهي. دل وندرائڻ لاءِ وڏا وڏا امير به فقط ڪڏهن
ڪڏهن گيشا جي سنگت خريد ڪندا آهن. هي ته لڳاتار
ٽئين ڏينهن لاءِ به گهر ڪري رهيو آهي. بهرحال گيشا
ساڻس ملڻ لاءِ هڪدم ها ۽ وعدو نه ڪيو:
”چئي نٿي سگهان، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻ مونکي ڪو ڪم هجي.“
مس سدا بهار چنبيليءَ انگريزيءَ جو هڪ هڪ لفظ خيال سان
انگريزيءَ ۾ اُچاريندي چيو.
سيٽان اڃا پٺتي هٽڻ نٿي چاهيو: ”فئڪٽريءَ تي ڪم پورو ٿيڻ تي
آئون ڀلا کڻي فون ڪندس ۽ پوءِ جي توکي ڪي گهڙيون
فرصت جون ملي ويون ته مون سان گڏ کڻي گهارجانءِ.“
پيگي اهو جملو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري گيشا کي ٻڌايو ۽ جواب ٻڌڻ
لاءِ پاڻ به آتي ٿي. ماٺ ۾ منٽ کن گذري ويو. ان
کان پوءِ گيشا سيٽان ڏي مرڪ ڀريل نگاهن سان
نهاريو.
”اوڪي يو ڪال.“ (چڱو ڀلا تون فون ڪجان”.) گيشا نيٺ چيو ۽ مڙي
وڃي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺي جيڪا ان ئي وقت اچي پهتي هئي. |