10
لنچ بعد سيٽان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ڪارخاني تي
پهتو. سيٽان هاڻ تازو توانو لڳي رهيو هو، پر سندس
منهن تي اها رونق نظر نه پئي آئي جنهن کان هرڪو
واقف هو. فيوجي هارا انجنيئر جي سامهون ٽيبل تي
ويهي هن چيو: ”يار ڪو ڪم هجنئي ته مون کي به ڏي ته
آئون به ويهي ڪريان.“
”مشينريءَ جو نقشو (ڊيزائين) ته مڪمل ٿي ويو،“
فيوجي هارا چيس، ”هاڻ ان نقشي موجب ان جا اوزار
پيا ٺهن ۽ ٻيو ته ڪو ڪم مون کي نٿو سجهي.“
”ڪجهه نه ڪجهه مون کي ڪرڻ کپي. تو منهنجو ڪم ويهي
ڪيو آهي، مون کي به تو لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.“ سيٽان
چيو.
فيوجي هارا کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو ڪم کيس
ڏئي. ”في الحال ته ڪوبه ڪم ناهي جو توهان کي ڏيان.
ڪيترن هفتن کان اسان کي ڪوبه نئون ڌنڌو نه مليو
آهي، سواءِ ان توهان واري ڪم جي.“ هن پنهنجي دوست
ڏي نهاريو جيئن ئي ريڪو ترجمو ڪري ٻڌايو. ”جيئن ته
توهان کي اسان جي ڪمپنيءَ جون دکدائڪ حقيقتون
معلوم ٿي چڪيون آهن ان ڪري مون کي پنهنجي ڪمپنيءَ
بابت توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کپي. جپاني ماڻهو هر
ڳالهه ۾ عزت جو سوال آڻيندا آهن جيئن انڊو پاڪ ۾
مهمان اچي ويو ته غريب گهر وارو قرض کڻي به هن جي
خدمت چڱيءَ طرح ڪندو توڙي کڻي سندس ٻار ڀلي ٻن
ڏينهن کان بک تي هجن. ٻار جو طهر يا شادي ڌام ڌوم
سان ڪئي ويندي جو ان ۾ عزت جو سوال آهي پوءِ چاهي
سڄي عمر پيو ان جو قرض لاهجي، تهڙيءَ طرح اسان وٽ
جپان ۾ ڪا شيءِ ٺاهڻ نه ايندي ته به ڪمپني انڪار
نه ڪندي ته هن کي اها شيءِ ٺاهڻ نٿي اچي جو ائين
ڪرڻ وڏي بي عزتي سمجهي وڃي ٿي. ميوي جي واپاريءَ
کان صوف گهرائبا ته هو انڪار هرگز نه ڪندو ته نٿو
موڪلي سگهان جو انهن جي موسم ئي ڪانهي. پر چوندو
ته بس سائين هلو ته پٺيان موڪليان ٿو، ڄاڻ ته آيا.
ٽن مهينن کان پوءِ جڏهن انهن جي موسم ايندي ته
پوءِ توهان کي اطلاع ڪندو ته هاڻ اهي دڪان تي پهچي
ويا آهن.“
”ڀلا ان ڳالهه جو سيٺ ماتسوموتوءَ جي ڪمپنيءَ سان
ڪهڙو تعلق؟“ سيٽان پڇيو.
”فقط ايترو، سيٽان
سائين، ڪجهه مهينا اڳ اسان کي آمريڪا جي هوائي فوج
طرفان ڪنهن اوزار ٺاهڻ جو آرڊر مليو هو جيڪو رڊار
۾ لڳائڻ لاءِ هو. ڪيترين آمريڪن ڪمپنين به ان لاءِ
انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ان کي ٺاهڻ هنن جي وس جي
ڳالهه ناهي. پر اسان لاءِ کليو کلايو انڪار ڪرڻ بي
عزتيءَ جي ڳالهه هئي ته هڪ اليڪٽرانڪس جي شيءَ
اسان نه ٺاهي سگهنداسين! اسان ڪوشش ۾ لڳا رهياسين
ته من ڪنهن طرح به ڪامياب ٿي وڃون.
”ان جي تياريءَ لاءِ جيڪا اسان وٽ بجيٽ هئي اها
سموري ختم ٿي ويئي. ان بعد جيڪا موڙي ۽ ٻئي
پروجيڪت لاءِ رکيل رقم هئي اها به سڄي لڳائي
ڇڏيسين پر ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. آخر ۾ هرهڪ فنڊ
۾ بچيل رقم جو آخري پئسو به لڳائي ڇڏيوسين، پر اها
شيءِ هنن جي گهرج مطابق ٺهي نه سگهي ۽ ساڳي وقت
اسان ان کي به بي عزتي ٿي سمجهيو ته حقيقت کان ڪم
وٺي آمريڪا جي فوج کي اطلاع ڪريون ته اها شيءِ
ٺاهڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي. هنن کي اهوئي لکندا
آياسين ته سندن آرڊر ڏنل شيءِ تي ڪم جاري آهي، پر
ٻين ڪمپنين کي خبر هئي ته اسان ناڪامياب ويا آهيون
۽ نقصان ۾ اچي ويا آهيون. فلپين ۾ اسان پنهنجو وڏو
گراهڪ وڃائي ڇڏيوسين جو اتي جي مئنيجر کي اسان ۾
اعتماد نه رهيو ۽ ڏنل آرڊر ڪئنسل ڪرائي ڇڏيائين.“
”تنهنجي معنيٰ ته سيٺ ماتسموتو ۽ سندس فئڪٽري
(ڪارخانو) خطري ۾ آهي؟“
فيوجي هارا ڪنڌ ڌوڻيو: ”صحيح طرح آئون نٿو چئي
سگهان، پر ايترو ضرور آهي ته اسان جي ڪمپنيءَ کي
ڪيتري عرصي کان ڪوبه آرڊر/ ڌنڌو نه پيو ملي.“
سيٽان ڪجهه دير خاموش ويٺو رهيو ۽ پوءِ چيائين:
”آئون پنهنجي ملڪ موٽڻ چاهيان ٿو،“ پوءِ ٿوري دير
لاءِ سوچي چوڻ لڳو: ”پر هيئن به آهي ته منهنجي
ڪمپنيءَ جي هدايت آهي ته اڳو پوءِ مشينريءَ جو
نمونو پاڻ ساڻ کڻيو اچجان”، سو لڳي ٿو ته اڃا ڪجهه
ڏينهن ٻيا به هتي رهڻو پوندو.“
”ڪجهه ڏينهن لاءِ توهان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري دل ڇو
نٿا وندرايو؟“
”دل ته مون گهڻي ئي وندرائي آهي. مهرباني.” سيٽان
رکائيءَ سان جواب ڏنو. “۽ پوءِ پاڻ ئي ندامت محسوس
ڪندي چيائين، ”سائين معاف ڪجو، منهنجي ڳالهه دل ۾
نه ڪجو.“
فيوجي هارا سندس ڏک محسوس ڪندي ڪنهن طرح هن کي
مشغول رکڻ چاهيو. هن آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو
جيڪو نقشن وارا پنا کڻي آيو. انهن مان هڪ نقشو
فيوجي هارا چونڊي ٽيبل تي وڇايو: ”هونءَ جاسوسيءَ
جي خيال کان هوائي فوج طرفان اسان کي اها تاڪيد
ڪئي ويئي آهي ته هي ڪنهن به غير ضروري ماڻهوءَ کي
نه ڏيکاريو وڃي، پر توهان غير ضروري نه پر بيحد
ضروري ۽ اهم ماڻهو آهيو.“
سيٽان نقشي تي جهڪيو ۽ ان کي چڱيءَ طرح غور سان
جانچڻ لڳو. ”توهان ههڙو ڏکيو ڪم هٿن ۾ کڻي چريائي
ڪئي،“ سيٽان نيٺ ڳالهايو، ”ڀلا ان کي ٺاهڻ لاءِ
ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا اٿانوَ؟“
فيوجي هارا ڪنڌ ڌوڻيو ۽ نقشن جا ٻيا ڍير کيس وڌائي
ڏنا. سيٽان هڪ هڪ ڪري انهن کي جانچڻ شروع ڪيو.
ڇهين بجي شام جو ريڪو سيٽان جي ڀرسان اچي سندس
ڪلهي تي هٿ رکيو پر سيٽان سندس هٿ پري ڪري ڇڏيو ۽
پنهنجو مٿو هٿن ۾ جهلي نقشن (بلو پرنٽ) کي ئي غور
سان ڏسندو رهيو. ريڪو چپڙي ڪري هلي ويئي ۽ ٿوري
دير کان پوءِ سوشيءَ مڇي ۽ چانورن جو دٻو سيٽان
کجي کائڻ لاءِ کڻي آئي. سيٽان فقط ايترو وراڻيو:
”ريڪو چان (پياري ريڪو) تون ڀلي گهر هلي وڃ.“ هن
چئيوان نوڪر وانگر ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. سيٽان کي
بروقت احساس ٿيو ته هن کي ايترو کهرو نه ٿيڻ کپي.
”اورتي اچ ريڪو.“ سيٽان جهڪي کيس چمي ڏني ۽ چيو:
”منهنجو فڪر نه ڪر، مون کي اڄ رات دير تائين هتي
ڪم ڪرڻو آهي. تون ڀلي موڪل ڪر. گهر پهچي پنهنجي
ماءُ کي به منهنجا سلام ڏجان“. هن وري جهڪي
هائوڪار ڪئي ۽ ٻاهر نڪري آئي.
سيٽان سڄي رات نقشن کي اٿلائيندو پٿلائيندو رهيو ۽
ممڪن صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڊرائينگن ۾ تبديلي ڪندو
رهيو. صبح جو فيوجي هارا ۽ ٻيا آيا ته هن کي ان ئي
حالت ۾ ڏٺائون. فيوجي هارا کيس ماني گهرائي ڏني ۽
اسٽاف جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته سيٽان کي ڪوبه
منجهائي نه جيئن هو هڪ منو ٿي ڪم ڪندو رهي. سيٽان
ڊرائنگ پيپر ٽيبل تي وڇائي ان تي مختلف نموني جي
'مشين ڊرائنگ' ٺاهيندو ويو. مٿان اچي شام به ٿي.
سڀ هليا ويا، پر ياماگچي ۽ ماتسوموتو سيٺ اڃا
موجود هئا. هنن سيٽان کي ڪنهن به طرح ٻي رات ٽڪڻ
لاءِ نٿي ڇڏڻ چاهيو.
اتي فيوجي هارا - جپاني انجنيئر به ماتسوموتو جي
آفيس ۾ اچي نڪتو. ”سيٽان سانَ کي گيشا واري ڳالهه
تان گهرو صدمو رسيو آهي.“ هن سمجهايو، ”۽ هن جو
ڌيان ان ڳالهه تان هٽائڻ لاءِ مون کيس ايئر فورس
واري نقشي جو ڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو پاڻ کان حل نه
ٿيو آهي. هينئر آئون هن کي ڏسيو پيو اچان. هن ان
مشڪل کي ايترو ته حل ڪري نقشي کي مڪمل ڪري ورتو
آهي جو مون کي لڳي ٿو ته هرڪو ڏسي تعجب کائيندو.“
”آئون هڪ شرنائيءَ واري کي سڃاڻان،“ سيٺ ماتسوموتو
چيو، ”هن کي هڪ دلي صدمو رسيو جنهن ڪري ڏاڍو ڏک ٿي
پيس. پوءِ جڏهن هن ڏک جي حالت ۾ شرنائيءَ کڻي
وڄائي ته ان مان اهڙا ته عمدا عمدا سر نڪتا جو ٻڌڻ
وارا دنگ رهجي ويا. ڪاش ان وقت ڪو اهي سر محفوظ
ڪري سگهي ها. عشق جي چوٽ انسان جي دل ۾ جيڪو درد
پيدا ڪري ٿي ان پيڙ ا۾ هو ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ڪم
ڪريو وڃي.“
”منهنجي خيال ۾ ته سيٽان جي به ساڳي حالت آهي،“
فيوجي هارا چيو، ”انجنيئري ۾ ڪڏهن ڪڏهن دماغ
ڪاميابين جون اتاهيون چوٽيون ڇهي وٺندو آهي ۽ هر
مشڪل ڪم آسان پيو لڳندو آهي.“
”پوءِ اسان کي هن وقت ڇا ڪرڻ کپي؟“ ياماگچيءَ
پڇيو.
”سيٽان کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ کپي.“
ٻئي ڏينهن فيوجي هارا پهريون ماڻهو هو جيڪو صبح
ساڻ آفيس پهتو. هن ڏٺو ته سيٽان ٻانهن تي ڪنڌ رکي
ڪوچ تي گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. ٽيبل تي هڪ تمام
پيچيده ۽ منجهيل ڊرائنگ ٺهي تيار ٿي رکي هئي.
ڊرائنگ مٿان پني تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ لکيل هو:
”پيارا فيوجي هارا! مون توهان جي ڊرائنگ مڪمل ڪري
ورتي اهي. مبارڪ هجناوَ! - ڊڪ سيٽان.“
فيوجي هارا ان تيار ڪيل نقشي کي ڪلاڪ کن لاءِ غور
سان جانچيندو رهيو. هڪ هڪ ذرو چڱيءَ طرح سمجهڻ لڳو
جيڪو هر لحاظ کان صحيح هو ۽ گهربل پرزي مطابق هو.
هن پوءِ اهو نقشو کڻي، پنهنجي اسسٽنٽ کي ڏنو ته ان
مطابق آمريڪن ايئر فورس وارن لاءِ اهو مشين جو
پرزو هڪدم ٺاهڻ شروع ڪري ڏئي. ڀر ۾ بيٺل سيٽن
ماتسوموتو وائڙو ٿي سيٽان جو پڇيو ته اهو ته خيريت
سان آهي.
فيوجي هارا ان جو جواب ڏيڻ بدران چيس:
”مون کي لڳي ٿو سيٽان بلڪل صحيح نقشو ٺاهي اها
ڪاميابي اسان کي ڏياري آهي جيڪا اسان حاصل نه پئي
ڪري سگهياسين.“
يارهين بجي ڌاري سيٽان پاسا ورائي اُٿيو. سندس سڄو
جسم سور کان ڏکي رهيو هو. هٿ منهن ڌوئي شيو
ڪيائين. تيسين ريڪو چانهه کڻي آئي. هو فيوجي هارا
جي سامهون ويهي چانهه ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو.
”توهان جي ٺهيل ڊيزائين مون کنئي آهي.” فيوجي هارا
چيو، ”۽ مون کي پڪ آهي ته هر لحاظ کان صحيح آهي.
توهان جي سچ پچ ته وڏي مهرباني.“
”نه. اهڙي ڳالهه ناهي. آئون ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي
موڊ ۾ هوس جيئن پاڻ کي مشغول رکي سگهان.” سيٽان
چيو.
”سيٽان سائين،“ ريڪو چيو، ”منهنجي خيال ۾ توهان کي
سڌو هوتيرو (هوٽل) تي وڃي آرام ڪرڻ کپي. توهان کي
بستري تي ليٽي ننڊ ڪرڻ کپي.“
”پوءِ ڀلا اڄ باقي ڪم في الحال توهان هلائي سگهو
ٿا؟“
“فيوجي هارا مرڪيو، ”بس سڀاڻي صبح جو هليا اچجو.
پر گهڻو جلدي به نه.“
انهن ٻن ڏينهن دوران هوٽل تي هن لاءِ 126 پهريون
ته ڪنهن جپانيءَ جو هو جنهن جي نالي کان هي واقف
نه هو. ڪمري ۾ پهچي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ هن فون
آپريٽر کي چيو. فون تي ڳالهائيندڙ همراهه ٻڌايو ته
هو ڪنهن اخبار جي تجارتي صفحي جو انچارج آهي ۽
کانئس ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ڪارڪردگيءَ بابت
تاثرات معلوم ڪرڻ چاهي ٿو.
”واهه واهه، اهي تمام سٺو ڪم پيا ڪن،“ سيٽان
ٻڌاين، ”تازو هنن آمريڪن ايئر فورس وارن لاءِ رڊار
جو هڪ گهربل پرزو پڻ ڊيزائين ڪيو آهي. جيڪو بيحد
پيچيدو آهي.“
”ڇا واقعي اها حقيقت پيا ٻڌايو.“
”بلڪل سچ. بلڪ هو ته اهو پروزو ٺاهي به رهيا آهن.“
اخباري نمائندي لاءِ اها هڪ گرما گرم خبر هئي جيڪا
هو اخبار ۾ ڏئي سگهيو ٿي.
”سائين توهان جي مهرباني.“ اخباري نمائندي
موڪلايو.
”مڙيئي خير آهي.“ سيٽان وراڻيو ۽ سوچڻ لڳو ته
ماتسوموتو وارن جي ڪجهه ته لئي ويٺي.
ٻيو فون ساڪاموتو جو آيل هو جنهن سان پوءِ به
ڳالهائي سگهيو ٿي. مس نارما نياپو ڇڏيو هوته هن
گهربل شيءِ پهچائي ڇڏي آهي. جپان ٽريول سروس طرفان
خط ڇڏيل هو جنهن ۾ هنن پڇيو هو ته جيڪڏهن کيس هن
هفتي ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ هلڻو هجي ته هو ان جو جوڳو
بندوبست ڪن. سيٽان ڪاوڙ ۾ اچي اهو خط ته ڦاڙي
ڇڏيو. هاڻ گهمڻ وري ڪهڙا. هن سوچيو.
مس ڪانوماسايو - مس سدا بهار چنبيليءَ جو فون آيو
هو. جنهن جو نالو پڙهي هن جي وري طبيعت خراب ٿي
ويئي. ڄڻ ڪنهن پٺيءَ ۾ خنجر هڻي ڪڍيو هجيس. هن ان
نياپي واري چٺي به پنهنجن هٿن ۾ جهلڻ نٿي چاهي.
آخري نياپو ڪنهن محترمه - مس هازاما نالي جو هو،
اهو نياپو فون ذريعي ڏنو ويو هو ته جيئن ئي سيٽان
کي واندڪائي ٿئي ته هن سان ڳالهائي. سيٽان اهو
نالو ان کان اڳ نه ٻڌو هو. بهرحال اها به ترسي
سگهي ٿي. هن آپريٽر کي فون ڪري چيو ته في الحال هن
کي ڪنهن سان به فون تي ڳالهائڻو ناهي. هو ڪپڙا
بدلائي بستري ۾ گهڙي ويو ۽ ليٽڻ سان ئي ننڊ وٺي
ويس.
چئن ڪلاڪن بعد جڏهن سندس اک کلي ته بک جو احساس
ٿيس. ڪپڙا پائي هاڻ ٽائي ٻڌي رهيو هو ته اوچتو کيس
ياد آيو ته مس هازاما نالي هڪ ڇوڪريءَ جو به فون
آيو هو. هن ٽيليفون آپريٽر کي هن نمبر ملائڻ لاءِ
چيو. ٿوري دير بعد هازاما ڇوڪريءَ جو آواز فون مان
ٻرڻ لڳو- ”مسٽر سيٽان؟ مون کي سڃاڻو ٿا؟ آئون پيگي
آهيان.”
”ها سڃاتم،“ سيٽان وراڻيو. پر سندس آواز ۾ اها
گرمي نه هئي.
”منهنجي بواءِ فرينڊ - ايئرمئن ملسپ کان سواءِ ٻي
ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪو مون توکي فون ڪيو آهي.
توسان ڪنهن ضروري ڪم جي سلسلي ۾ ملڻ چاهيان ٿي.“
”ملو ته ڀلي پر اهو ته ٻڌايو ته مائيڪو (سيکڙاٽ
گيشا) ڪلاڪ جي ملاقات جو گهڻو ٿي وٺي؟“ هن پڇيو.
ڇوڪريءَ کي سيٽان جي اها ٽوڪ سمجهه ۾ نه آئي.
”مائيڪو جو اگهه ڪو گهڻو ناهي. آئون خوش نصيب
آهيان جو مون کي ڪلاڪ جا پنڌرهن ڊالر کن مليو
وڃن.“
”بهتر. ته پوءِ آئون توکي ڪلاڪ لاءِ معاوضي تي
گهرائڻ چاهيان ٿو.“
”تون مون کي، معاوضي تي گهرائڻ چاهين ٿو؟“ چڱو ڀلا
تون جي ان ۾ خوش آهين ته ائين ئي سهي. پاڻ نائين
وڳي ملنداسين. ملڻ جي جاءِ بابت استقباليه تي
ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته هو تنهنجي ٽئڪسي ڊرائيور کي
ٻڌائي ڇڏيندا.“
سيٽان تيسين ماني گهرائي کاڌي. پوڻي نائين بجي هيٺ
ٽئڪسيءَ لاءِ آيو جنهن جي ڊرائيور کي استقباليه ۾
ويٺل ڪلارڪ سمجهائي ڇڏيو ته ڪٿي وٺي هلڻو آهي.
ڊرائيور هن کي ڪيڏانهن ۽ ڪٿان ڦيرائي وٺي پئي ويو
هن نه ڌيان ٿي ڏنو ۽ نه ان جي پرواهه هيس. هن هڪ
دفعو فيصلو ڪيو هو ته ٽوڪيو جا هو سڀ رستا ياد ڪري
ڇڏيندو جيئن اچڻ وڃڻ ۾ سولائي ٿئيس. پر هاڻ اهي سڀ
سهڻا خيال موڪلائي ويا هئس. نيٺ ٽئڪسي هڪ گهٽيءَ ۾
هڪ عمارت اڳيان اچي بيٺي. سيٽان ڊرائيور کي پئسا
ڏئي ان عمارت جي در وٽ آيو ۽ هن بوٽ لاٿو. خدمتگار
ڇوڪريءَ جهڪي در جو طاق کوليو ۽ هي اندر گهڙيو.
سامهون ڪارن گلن واري ڪموني ۾ ملبوس اڇي رنگ جي
چهري واري مائيڪو بيٺي هئي: ”مون کي مس هازاما ملڻ
لاءِ هتي گهرايو آهي.“ سيٽان چيس.
مائيڪو وراڻيو: ”ڇا توهان مون کي نه سڃاڻو؟“
سيٽان وائڙو ٿي ويو. ”او معاف ڪجو! مون ته توهان
کي سڃاتو ئي ڪونه،“ هن چيو. پر جيسين هوءَ ڪو جواب
ڏئي، خدمتگار ڇوڪري کين هڪ پرائيويٽ ڪمري ڏي وٺي
هلي. ويهڻ کان اڳ پيگي سيٽان اڳيان جهڪي ”مون کي
معاوضي تي گهرائڻ لاءِ وڏي مهرباني. سڄي گيشا گهر
۾ توهان جي ڳالهه پئي هلي ته توهان پهريا آهيو
جنهن مائيڪو کي نالي سان گهرايو آهي.“
”پاڻ سٺو ٿيو. تنهنجي لئه ويٺي.“
”واقعي. مون تولاءِ ڪجهه کاڌو گهرايو آهي. پر جيئن
ته تو مون کي ڀاڙي تي رکيو آهي سو توکي وندرائڻ
لاءِ جيڪي چوين ائين ڪريان. چئين ته راڳ ٻڌايان“،
ڪو ساز وڄايان يا ڊانس ڪريان. ۽ پوءِ خبرون چارون
ڪريون.“
”جيڪي توکي وڻي.“
هن ساميسين (واڄو) کڻي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن جو
ٿلهه هو: ”ڊٺل قلعي مٿان چنڊ چمڪي رهيو آهي.“
ٿوري دير بعد در جو طاق گهرڪيو ۽ خدمتگار ڇوڪري
ننڍڙن پيالن ۾ کاڌو ڇڏي موٽي ويئي. ”قاعدي مطابق
ڪم جي وقت مون کي کائڻ نه کپي،“ پيگيءَ چيو، ”پر
آئون توسان ڳالهيون ضرور ڪنديس.“
سيٽان کي هن ڇوڪريءَ لاءِ دل ۾ رحم جو جذبو پيدا
ٿيو. ”جيڪڏهن تون نه کائيندينءَ ته مون کي شرمساري
ٿيندي.“
”هاڻ پاڻ کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن سي تمام اهم
آهن، پهرين تون ماٺڙي ڪري ٻڌ ته آئون ڇا ٿي چوان.
توکي ياد آهي پهرين رات جڏهن تون مس ڪانوماسايو-
مس سدا بهار چنبيليءَ سان مليو هئين؟ تو هڪ اهڙي
ڳالهه ڪئي هئي جنهن پهرين رات ئي ماسايو جي دل
جيتي ورتي هئي. اسان وٽ جپاني مرد عورتن سان ائين
ورتاءُ نٿا رکن جيئن آمريڪن 'فرسٽ ليڊيز' جي اصول
تي هلي عورت کي عزت بخشين ٿا. تو پاڻ پيئڻ کان اڳ
مس سدا بهار چنبيليءَ کي پنهنجو سوپ پيئڻ لاءِ
آڇيو هو - ياد اٿئي نه؟ اهڙي سٺي برتاءَ جو ته هن
ڪڏهن سوچيو به نه هو. سو ظاهر آهي پهرين ئي مئچ ۾
تنهنجو گهڻو اسڪور ٿي ويو هو. هن توکي پنهنجي گهر
جو فون نمبر ڏنو، جيتوڻيڪ ڪابه گيشا پنهنجو ذاتي
نمبر نه ڏيندي آهي، پر گيشا سان ڳالهائڻ لاءِ گيشا
گهر سندس انچارج 'ماما سانِ' کي فون ڪرڻو پوندو
آهي. گيشا گهر جي مالڪ 'ماما سانِ' وٽ گيشائون
ائين آهن جيئن ڪنهن دڪاندار وٽ مسواڙ تي رکيل
سائيڪلون. مالڪ کي ڪلاڪ جي حساب سان پئسا ڏيئي
سائيڪل کڻو. پئسا مالڪ جا ئي ٿيا. سائيڪل جي حوالي
فقط اها رقم ٿيندي جيڪا سندس مرمت لاءِ ڪم اچي.“
”بهرحال هوءَ تمام سٺي هئي. مون کي چڱو بيوقوف
بڻايائين.“
”نه“ پيگيءَ چيو. ”اها ڳالهه ناهي، توئي هن کي
بيوقوف بڻايو. تون شاديءَ لاءِ هڪدم سنجيدو ٿي
وئين جنهن بابت گيشا ٿي ڪري هوءَ سوچي به نٿي
سگهي. پر پوءِ هن جو به توسان عشق ٿي ويو ۽ توکي
پسند ڪرڻ لڳي. تون ڇا ٿو سمجهين ته هوءَ ڪيوٽو
گهمڻ لاءِ هر ايري غيري سان ڀڳي بيٺي آهي؟ هن توکي
پسند ٿي ڪيو تڏهن توسان هلي، تنهنجيون تصويرون
ڪڍيائين جيڪي اڄ به هن جي ڪمري ۾ سامهون لڳل آهن.
تو هڪَ، فقط تو هڪَ کي هن چاهيو آهي ۽ چاهي ٿي.”
اها سيٽان لاءِ نه فقط خبر هئي، پر خوشخبري هئي.
”جيڪڏهن مون هن کي غلط سمجهيو آهي ته آئون معافي
ٿو گهران.“
منهن تي پالش جو گهاتو تهه هجڻ جي باوجود پيگي
اکين رستي ڪجهه چوڻ لڳي. ”مس سدا بهار چنبيلي ڪنهن
زماني ۾ مائيڪو هئي. هوءَ هڪ تمام غريب خاندان جي
ڇوڪري هئي. سندس ماءُ پيءُ اتراهين ڏيهه ۾ رهندا
هئا. غربت ۽ ڏڪار ڪري هن پنهنجي ڌيءَ کي ٽوڪيو ۾
اچي پئسن تي وڪيو.“
”وڪيو؟ پئسن تي!“
”جي ها. گيشا گهر جي مالڪڻ ماما سان سندس مائٽن کي
روڪ ڏيئي سندس ڌيءَ هميشه لاءِ خريد ڪئي. هوءَ مون
وانگر ناهي. آئون ڪنهن وقت به گيشا گهر ڇڏي سگهان
ٿي جو آئون پنهنجن مائٽن جو کاوان پيئان ٿي، پر
هوءَ ڄڻ زرخريد ٻانهي ٿي جنهن کي ماما سان کارائي
پياري ۽ پهرائي وڏو ڪيو ۽ پوءِ هوءَ جڏهن سورهن
سالن جي ٿي ته سندس مالڪڻ - ماما سان هن کي ڪنهن
سيٺ وٽ پهرين رات لاءِ وڏي رقم تي وڪيو. هوءَ
ويچاري ڇا ٿي ڪري سگهي.“ سيٽان کي ڄڻ نڙيءَ ۾
ڳوڙهو ڦاسي پيو ۽ هن وڏي زور سان ڳت ڏني.
”پر پوءِ ان بعد هن کي مردن سان نفرت ٿي پيئي.
اڳتي هلي هوءَ اعليٰ درجي جي گيشا بڻي. پوءِ توهان
آيائو. توهان کي جيڪڏهن مون ۾ يقين هجي ته توهان
کي هڪ ڳالهه ٻڌايان؟“
سيٽان معاملي تي ڪجهه سوچيندي چيو: ”جيڪڏهن تون
چئين ٿي ته مون کي اعتبار آهي.“
”ته ٻڌ! توسان گڏ هوءَ اُتامي هلي هئي ۽ ويندي
هوءَ توسان گڏ ستي به هئي، پر ان جو بل سيٺ
ماتسوموتوءَ کي نه موڪليو ويو. پر گيشا گهر کي ان
جا پئسا ملي ويا. گيشا گهر ان جا ٻه هزار ڊالر
وصول ڪيا هئا. توکي خبر آهي ته اها رقم گيشا گهر
جي مالڪڻ - ماماسان کي ڪنهن ادا ڪئي؟ ماسايو پاڻ.
هن پنهنجي کيسي مان پنهنجي بچايل پونجيءَ مان ڪڍي
ڏنا. ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي پيار جا پئسا ٻئي کان
وصول نٿي ڪرڻ چاهيا.“
سيٽان اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو.
”سيٽان! ائين سمجهه ته هن پنهنجو پاڻ توکي ارپي
ڇڏيو ۽ هن ان جا پئسا تنهنجي ميزبان سيٺ کان به
وٺڻ نٿي چاهيا. تون پهريون ماڻهو آهين جنهن سان هن
رهڻ ۽ سمهڻ پسند ڪيو.“
”پيگي تون به اعتبار ڪرين يا نه، ته منهنجي لاءِ
به اهو اُتاميءَ ۾ رهائش وارو پهريون ئي دفعو هو
جو ڪنهن عورت سان مون پيار ڪيو.“
”سيٽان، هن کي اها خبر آهي. هڪ تنهنجي اها معصوميت
به هئي جنهن تي هوءَ عاشق آهي. ڪابه گيشا ڪنهن سان
سچو پيار يا عشق نه ڪندي آهي پر تو اهڙيون حالتون
پيدا ڪيون جو هن جو توسان سچو عشق ٿي ويو. جيڪڏهن
تون چاهين ته هوءَ تنهنجي زال به ٿي رهندي.“
سيٽان عينڪ لاهي پنهنجون آليون اکيون اگهيون.
”تون ڪيئن ٿي اهو چئين،“ هن پڇيو، ”ڇا هرهڪ کي اها
خبر آهي.“
”نه هرهڪ کي نه. فقط مون کي. هن مون کي ڀيڻ ٺاهيو
آهي.“
ان رات سيٽان کي تمام ٿوري دير لاءِ ننڊ آئي. هن
جو ذهن عجيب جذبن هيٺ پيڙجي رهيو هو. ٻئي ڏينهن
تيار ٿي آفيس آيو. فيوجي هارا انجنيئر، ياماگچي،
فوتابا، ريڪو ۽ سيٺ ماتسوموتو هڪ ئي هنڌ موجود
هئا. ماتسوموتو تمام سٺي موڊ ۾ هو. بلڪ هو شعر
ٺاهي رهيو هو.
جپان ۾ خبرون تمام تکيون ٿيون ڊوڙن. تجارتي اخبار
جي نمائندي واري خبر ماتسوموتو تائين پهچي ويئي
هئي ته سومر واري اخبار ۾ اها خوشخبري اچي رهي آهي
ته ماتسوموتو ڪمپني آمريڪن ايئرفورس وارن لاءِ اهو
پرزو ٺاهي ڏيکاريو آهي جيڪو ناممڪن سمجهيو ويو ٿي.
ظاهر آهي اها خبر اچڻ سان وڌيڪ ڪاروبار ملڻ لاءِ
فون اچڻ شروع ٿي ويندا.
ماتسوموتو پنهنجي آفيس جي ڀت تي سيٽان جي اها
ڊرائنگ هڻي ڇڏي جيڪا آمريڪن ايئر فورس وارن جي
پرزي لاءِ ٺاهي وئي هئي. پاڻ ان خوشيءَ ۾ زبردست
شعر لکيو هئائين، ماتسوموتو شاعريءَ ۾ هائيڪو پسند
ڪيو ٿي. هائيڪو ٽي سٽو ٿئي جنهن ۾ ڪل سترهن پڌ/
ماترائون ٿين. هن برش سان اهو شعر بصر جي کلن جهڙي
پني تي لکڻ شروع ڪيو. ان جپاني هائيڪو جو مطلب هو:
وڏو طوفان بپا ٿيو
طاقتور پکي ان اندر اُڏاڻو
سج ان مان نڪري پيو.
ريڪو مرڪ سان سيٽان کي جهڪي کيڪاريو. سيٽان پيار
مان هن جي ڪنڌ تي ٻانهن رکندي چيو، ”ريڪو منهنجو
خيال رکڻ لاءِ تنهنجي سچ ته وڏي مهرباني. تون ڪيڏي
ته سٺي ڇوڪري آهين.“
هن سيٽان جي هٿ جون آڱريون دٻائي چيو: ”نه پيارا
سيٽان، ايتري سٺي ڪٿي آهيان.“
”نه تون آهين.“ ايترو چئي هو ماٺ ٿي ويو، جو ان
کان وڌيڪ هن چوڻ نٿي چاهيو. هن کي ياد اچي ويو ته
ريڪو هن لاءِ ڇا ڇا ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
سيٽان ريڪو سان گڏ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ويو، جتي
کيڪار کڙي ۽ چانهه بعد، هن کي تيار ٿيل اليڪٽرانڪ
مشين جو اهو نمونو ڏنو ويو جنهن جو آرڊر سيٽان جي
آمريڪن ڪمپنيءَ ڏنو هو. اهو تمام بهترين نموني جو
ٺهيل نظر اچي رهيو هو. فيوجي هارا چيو: ”مون هن کي
رات چڪاسي ڏٺو ۽ هن مشين ائين لس ئي لس ڪم ٿي ڪيو
ڄڻ ڪنهن شاعر جو غزل هجي. آئون ان جي تعريف ان ڪري
نٿو ڪريان جو اسان ٺاهيو آهي.“
”چئبو ته توهان منهنجو ڪم ڪري ورتو.“
”جيستائين ڪم جي ڳالهه آهي ته توهان پڻ اسان جي
وڏي مدد ڪئي آهي جو آمريڪن ايئر فورس لاءِ ان
مشينري پرزي جو نقشو ٺاهي ڏنو اٿوَ جيڪو اسان لاءِ
ناممڪن هو ۽ مون کي يقين آهي ته هاڻ ڊرائنگ موجب
ٺهيل اهو پرزو بلڪل صحيح طرح ڪم ڪندو.“
”بهرحال اُميد ته اهائي آهي. ٻي ڳالهه ته فيوجي
هارا آئون ريڪو جا به ٿورا مڃي چڪو آهيان ۽ توهان
کي پڻ مهرباني چوڻ آيو آهيان جو توهان منهنجو هيڏو
خيال رکيو.“
فيوجي هارا مرڪيو، ”ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. دوستن
سان ڪو ليکو آهي ڇا. هونءَ توهان سان سيٺ
ماتسوموتو ملڻ لاءِ پئي چيو.“
ڪجهه منٽن بعد هو ماتسوموتو جي ڪمري ۾ آيو جتي
ترجمي لاءِ ريڪو به اچي نڪتي هئي. ماتسوموتو وڏي
شان سان چيو: ”آمريڪا جي ڪمپنيءَ جيڪو اسان کي ڪم
سونپيو هو سو هاڻ مڪمل ٿي ويو آهي. اسان کي افسوس
آهي ته ان جي پوري ٿيڻ ڪري اسان جو بهترين دوست
سيٽان اسان کان جدا ٿي ويندو جنهن لاءِ ڪير به نٿو
چاهي ته هو هليو وڃي.“
”دومو اري گاتو - (وڏي مهرباني) - مئني ٿئنڪس (لک
لائق).“ سيٽان چيو. هن پاڻ به آمريڪا وڃڻ نٿي
چاهيو. پوءِ هن کي مس ماسايو جا لفظ ياد اچي ويا
”يوئي تومو داچي“ - (تون منهنجو سٺو دوست آهين.)
ماتسوموتو وري چوڻ لڳو: ”تمام وڏي جاکوڙ ۽ وڏي
هوشياريءَ سان سيٽان سان آمريڪن ايئر فورس جي پرزي
جو نقشو ٺاهي اسان جي ڪمپنيءَ کي ٻڏڻ کان بچائي
ورتو آهي.“
هن هڪ لفافو سيٽان کي ڏيندي چيو: ”هڪ تمام معمولي
خرچي اسان طرفان.“
لفافي منجهه اهو چيڪ پيل هو جيڪو سيٽان گيشا جي
خرچ جي سلسلي ۾ ڏنو هو. اها جيتوڻيڪ وڏي رقم هئي
پر سيٽان ان کي هاڻ پاڻ وٽ رکڻ بهتر سمجهيو.
”ٿوري ئي عرصي ۾،“ سيٺ ماتسوموتو چيو، ”سيٽان
ايترو ته اسان سان رلي ملي ويو آهي جو هو اسان مان
ئي هڪ ٿو لڳي. آئون سمجهان ٿو ته سندس آمريڪن
ڪمپنيءَ ۾ هو وڏي عهدي جو مالڪ آهي، پر ان هوندي
به آئون کيس پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ پاڻ وٽ رکڻ جي آڇ
ڪندس. اسان لاءِ عزت افزائي ٿيندي جيڪڏهن هو اسان
جي ڪمپني - ماتسوموتو ڪمپنيءَ ۾ وائيس پريزيڊنٽ جي
عهدي تي رهي ”وڪري ۽ انجنيئرنگ کاتي“ ۾ ڪم ڪري. ٿي
سگهي ٿو اڳتي هلي اسان جو ڪارخانو بين الاقوامي
شهرت وارو ثابت ٿئي ۽ فقط ماتسوموتو ڪمپنيءَ بدران
”ماتسوموتو ائنڊ سيٽان ڪمپني“ جي نالي سان سڏجي –
اڃا به ”سيٽان ائنڊ ماتسوموتو ڪمپني.“
ماتسوموتو وڌيڪ ڳالهائڻ ڇڏي ماٺ اختيار ڪئي ۽ ان
اوچتي ماٺ ۾ ياماگچي، فوتابا ۽ فيوجي هار اجن جهڪي
ٻاهر نڪتا جيئن ماتسوموتو ۽ سيٽان اڪيلائيءَ ۾
ڳالهائي سگهن. فقط ريڪو ترجمي خاطر ترسي پيئي.
ماتسسوموتو ڳالهايو: ”اسان جي ڪمپني آمريڪن وانگر
ڪا امير ڪمپني ناهي، پر اسان ٽي شيون ڏيون ٿا. هڪ
مهيني سر پگهار.“ هن سيٽان ڏي هڪ موڙيل پني جو ٽڪر
وڌايو. سيٽان ان کي کولي پڙهيو ته ٽي چار لک يين
جو انگ لکيل هو- يعني ٻه هزار کن ڊالر. ”ٻي شيءِ
جيڪا جپان ۾ تمام اهم آهي: خرچ پکي لاءِ پئسو -
توهان آمريڪن گراهڪن کي کارائي پياري سگهو ٿا،
فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري سگهو ٿا وغيره وغيره. اهو
سمورو خرچ ڪمپنيءَ تي ۽ ٽين شي”: هر سال فائدي
موجب ان جو حصو- بونس توهان کي به ملندو ۽ جي
ڪمپنيءَ جو اؤج اچي ويو ته توهان کي پڻ ڀائيواريءَ
۾ شامل ڪيو ويندو.“
”مون کي هن وقت سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا جواب ڏجي.“
سيٽان چيو.
ريڪو سيٽان جو اهو جملو ترجمو نه ڪيو. ان جي بدران
هن سيٽان کي چيو: ”آئون ٿي تو پاران جواب ڏيان.”
پوءِ هن جپانيءَ ۾ هڪ چڱي خاصي ڄڻ تقرير ڪري وڌي.
جيڪا ٻڌي ماتسوموتو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويٺي ويٺي ڪنڌ
جهڪايو ۽ پوءِ مرڪي سيٽان سان هٿ ملائي موڪلايو.
سيٽنا ان بعد ريڪو کي ڪانفرنس روم ۾ وٺي آيو ۽
دروازو بند ڪري پڇيو:
”خدا جي واسطي اهو ته ٻڌاءِ ته موتسوموتوءَ کي مون
پاران ڇا چيو؟”
ريڪو مرڪي ٻڌايو: ”مون هن کي تو پاران چيو ته اها
تولاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هو توکي ههڙي
بزردستي ڪمپنيءَ ۾ حصيدار ڪري رهيو آهي.“ سيٽان
ڪنڌ ڌوڻيو، ”پوءِ چيومانس ته تون هينئر هڪدم
پنهنجي ملڪ وڃڻ ٿو چاهين جيئن اسان جو ٺهيل مشينري
جو نمونو اتي ڏيکاري سگهين. ان ڪم ۾ دير نٿو ڪرڻ
چاهين جو توکي اهو انديشو آهي ته متان وچائين ڪو
ٻيو رقيب اهڙي شيءِ ٺاهي وچ ۾ ڦيٽارو نه پيدا
ڪري.“
”اڙي نه نه!“
”ٺيڪ آهي سيٽان، سڀ ڪجهه هلي ٿو ۽ پوءِ مون چيو ته
تون ڪنهن فال واري کي ڍارو هڻائي صلاح مشورو ڪرڻ
چاهين ٿو ته آيا جپان ۾ نوڪري ڪجي يا نه. جپان ۾
جوتشين، ڍارو هڻڻ ۽ ڀاڳ ٻڌائڻ وارن جو ڏاڍو مانُ ۽
اهميت آهي ۽ انهن سان صلاح مشورو ڪرڻ تمام ضروري
سمجهيو وڃي ٿو جيئن توهان وٽ وڪيل سان صلاح مشورو
ڪرڻ تمام ضروري آهي- ٻنهي ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي.
ٻئي ڌڪا هڻن ٿا.“
”ريڪو جيئن ته منهنجو هتي جو ڪم پورو ٿي ويو آهي
ان ڪري مون کي هاڻ آمريڪا واپس وڃڻ کپي، پر هڪڙي
دل جپان ڇڏڻ تي به نٿي چاهي.“
هوءَ خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳي: ”اهو ته پاڻ سٺو. پوءِ
هتي ئي رهي پئه؟ منهنجو باس ٿي اسان جي ئي آفيس ۾
ڪم ڪر؟“
”آئون ان بابت سوچيندس.“ هن وعدو ڪيو.
پوءِ سڀني کان موڪلايائين، فوجي هارا سان گرم
جوشيءَ سان هٿ ملايائين ۽ ريڪو کي ورانڊي ۾ اڪيلو
ڏسي چمي ڏنائين ان بعد پنهنجي هوٽل ۾ پهتو. هوٽل ۾
پهچڻ سان ٻه فون ڪيائين. هڪ جي جواب ۾ خبر پيس ته
مس ماسايو- مس سدا بهار چنبيلي- ڏينهن ٻن لاءِ
ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويئي آهي ۽ اڱاري ڏينهن
ايندي. مايوسيءَ جي عالم ۾ هن اهوئي حساب لڳايو ته
هو ايستائين ترسي نه سگهندو ۽ ٻيو فون ٽڪيٽ لاءِ
جپان ايئر لائين جي آفيس کي ڪيائين. |