12
ٻئي ڏينهن صبح جو، سيٽان پنهنجي مسافريءَ جو سربستو احوال سيٺ
ماتسوموتوءَ کي ڏنو. ان بعد پنهنجي سيڪريٽري ايلن
يامادا کي ٻڌايو ته هوءَ سندس فون، آمريڪن
ايئرفورس بيس تي رهندڙ ڪرنل هاورڊ سان ملائي، جنهن
سان هو پهرين به رڊار جي سلسلي ۾ ڳالهائي چڪو هو.
پوري اڍائين بجي سرڪاري گاڏي پيگيءَ جي بواءِ فرينڊ ايئرمئن
ملسپ کي فئڪٽريءَ تي اچي لاٿو. (جنهن لاءِ سيٽان
صبح جو سندس ڪرنل کي فون ڪيو هو.) قدبت جو سنهو،
مٿي تي ڳاڙها وار ۽ ٽوپلو هٿن ۾ هوس. سندس وردي
چڱيءَ طرح استري ٿيل ۽ ڪلف ڏنل هئي ۽ ڪارا بوٽ
پالش کان ايترو ته چمڪي رهيا هئا جو اشتهار جو
نمونو ٿي لڳا.
”ايئرمئن ملسپ، ويهو.” سيٽان هن کي ڪرسي آڇيندي چيو. سيڪريٽري
ايلن هنن لاءِ ڪوڪا ڪولا کڻڻ لاءِ ٻاهر ويئي ۽ آيل
مهمان اسپرنگ وانگر هيڏانهن هوڏانهن لڏي جڏهن آرام
سان ويٺو ته سيٽان فرحتي ٿي پڇيس، ”ڪريو خبر پيگي
ڪيئن آهي؟“
ملسپ اهو ٻڌي ڇرڪ ڀري چيو: ”ڇا سائين توهان مون سان هن بابت
ڳالهائي مون کي اها نصيحت ڪرڻ ٿا چاهيو ته آئون هن
کان پري رهان.“
”نه، هرگز نه. آئون هن سان ملي چڪو آهيان ۽ آئون کانئس بيحد
متاثر آهيان.“
ملسپ هٿ سان نرڙ تان پگهر اُگهيو، ”شڪر آهي.“
پوءِ يڪدم هن کي ڌيان ۾ آيو. ”سائين منهنجي خيال ۾ ته آئون به
توهان کي سڃاڻان ٿو. توهان ئي ته نه آهيو جيڪي هن
جي ڀيڻ سان ملندا رهيا آهيو؟“
”بلڪل صحيح آهي،“ سيٽان چيو. اتي ايلن هنن لاءِ ڪوڪ کڻي آئي.
پوءِ هنن کان اجازت وٺي ڪمري جا در بند ڪري ٻاهر
هلي ويئي.
”آئون ذاتي ڳالهيون پڇڻ نٿو چاهيان، بس ايترو ضرور معلوم ڪرڻ
چاهيان ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ تنهنجي ڪا هن سان
ملاقات ٿي آهي؟“
ملسپ پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته آيا ڪو ٻيو ٻڌي ته نه
رهيو آهي. ”گذريل رات ئي آئون هن سان مليو آهيان،
پر اها ڳالهه سائين پاڻ تائين محدود رکجو، گيشا
گهر وارا خبر ناهي ڇو اڄڪلهه تٿان پٿان ۾ آهن.
توهان کي ته خبر آهي ته آئون ڪو ڪميشنڊ آفيسر ته
آهيان ڪونه. آئون ته هڪ سپاهي ئي ٿيس...“
سيٽان هٿ جي اشاري سان اهو چوڻ کان کيس جهليو. ”پاڻ ٻنهي جو
ساڳيو مسئلو آهي. اڃا به ڏٺو وڃي ته منهنجو مسئلو
توکان گنڀير آهي. مون کي اها خبر ناهي ته مس
ڪانوماسايو اڄڪلهه ڪٿي آهي. گيشا گهران بابت ڪنهن
کي به نٿو ٻڌائي.“
”پيگيءَ کي خبر ضرور هوندي،“ ملسپ چيو، ”توهان ائڊريس ۽ فون
نمبر ٻڌايو. آئون اڄ ئي هن کان معلوم ڪري توهان کي
اطلاع ڪندس.“
سيٽان پنهنجي گهر جو پتو پنهنجي نالي واري ڪارڊ تي لکي هن کي
ڏنو. ”مون وٽ اڃا فون ناهي.“ هن چيو. ”چڱو مهرباني
ملسپ. پيگيءَ کي به منهنجا سلام چئجان”.“
پنجين وڳي آفيس ۾ سيٽان جو فون آيو. ”ڊڪ سيٽان، آئون ساڪاموتو
پيو ڳالهايان تنهنجي ڪم جي خبرچار پئي لڌم ۽ مون
کي اها ڄاڻ پيئي ته مس سدا بهار چنبيلي اڄڪلهه
ٽوڪيو کان ٻاهر رهي ٿي. هن جو ڪنهن گراهڪ سان
معاشقو ٿي پيو هو ۽ جذباتي طرح ايترو ته پريشان
رهڻ لڳي آهي جو گيشا گهر وارن هن کي ان گراهڪ کان
پري رکڻ ڪارڻ ٻئي شهر ۾ موڪلي ڇڏيو آهي جيسين هوءَ
هن کي وساري يا نارمل حالت ۾ اچي. سو هاڻ منهنجيون
دعائون توهان سان آهن. اُميد ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن
کي حاصل ڪري اسان کان به مبارڪون ماڻيندين.
”ٻي ڳالهه ته جنهن گيشا گهر سان مس سدا بهار چنبيليءَ جو واسطو
آهي، ان تي منهنجي ڪافي اثر آهي جو آئون سندن وڏي
۾ وڏو گراهڪ آهيان ۽ هنن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو
منهنجي ڪمپنيءَ مان آهي. مون هنن کي صاف صاف چئي
ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن هو تنهنجي ۽ مس سدا بهار
چنبيليءَ جي وچ ۾ رنڊڪ پيدا ڪندا ته سٺي ڳالهه نه
ٿيندي.“
”توهان جي وڏي مهرباني.“ سيٽان چيو.
”نه، اهو مون تي فرض آهي ته تولاءِ جيڪي ڪجهه پڄي سگهي اهو
ڪريان. آئون آمريڪا ڪالاهان ڪمپنيءَ سان ٻه دفعا
ڳالهائي چڪو آهيان ۽ هو مون کي مشينريءَ جو نمونو
ٺاهڻ ۽ ان جو اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ بلو پرنٽون
(نقشا) موڪلي رهيا آهن.“ ساڪاموتو چيو.
”ڏاڍو سٺو. چڱو وڌيڪ پوءِ ملاقات تي روبرو خبرون ڪنداسين.“
سيٽان چيو.
”بلڪل صحيح. منهنجي آمريڪا کان موٽڻ تائين انتظار ڪجان”. تيسين
مون طرفان تو لاءِ دعائون آهن. ها اهو ٻڌائڻ وسري
ويم ته مس نارما شاديءَ جون تياري ڪري رهي آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ سندس ملاقات ڪنهن همراهه سان ٿي هئي.
هو عمر ۾ مڙيئي هن کان ڪجهه وڏو آهي. ٽيڪساز جو ڪو
امير آمريڪن آهي.“
انگريزيءَ بدران سيٽان جپانيءَ ۾ پڇيو: ”سو ديسڪا“ (ڇا واقعي؟)
ساڪاموتو کلي چيو. ”بلڪل. مون نوڪري ڏيارڻ واري کاتي کي ٻي
انگريزي ڳالهائيندڙ سيڪريٽري موڪلڻ لاءِ فون ڪيو.
خبر پيئي ته هنن جي هڪ بهتر انگريزي ڳالهائيندڙ
ڇوڪري تو وٽ پهچي ويئي آهي. بهرحال ان تي تنهنجو
ئي حق هو.“
جڏهن ڳالهه ٻولهه ختم ٿي ته سيٽان ڏٺو ته ريڪو سامهون در وٽ
بيٺي آهي. ”هلي آ اندر اچ.“ سيٽان کيس سڏ ڪيو.
”ڊڪ چان. منهنجي هڪ ساهيڙي آهي جنهن جي چاچي هڪ گيشا ريسٽورنٽ
هلائيندي آهي. هن وعدو ڪيو آهي ته هوءَ تولاءِ
ماسايو جو اتو پتو لهڻ جي ضرور ڪوشش ڪندي.“
سيٽان ريڪو کي پاڻ ڏي ويجهو ڇڪي چيو: ”ريڪو مان توکي اهو ٻڌايان
ته مون کي خود خبر ناهي ته آئون ڇو اچي ماسايو
پٺيان پيو آهيان. بس مون کي ڇڙي اها ڄاڻ آهي ته
آئون هن بنا هڪ پل به رهي نٿو سگهان.“
”پيارا ڊڪ، آئون سمجهان ٿي.“
”پر هڪ ڳالهه آئون چٽيءَ طرح محسوس ڪريان ٿو.“ سيٽان وڌيڪ چيو،
”ته هر حال ۾ مون کي تنهنجي دوستيءَ جي ضرورت آهي.
جيسين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي تيسين تون منهنجن
بلڪل ويجهن دوستن مان آهين.“
”اها مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو تون مون کي ايڏي عزت ڏين
ٿو ۽ پنهنجو سمجهين ٿو، ڊڪ. آئون نٿي سمجهان ته ڪو
ٻيو مون کي ايترو پنهنجو سمجهي ٿو.“ هوءَ پنهنجي
منهن کي هٿن سان ڍڪي روئڻ لڳي. پوءِ پنهنجيون
اکيون اگهي مرڪڻ لڳي. ”ڊڪ چان، تو مون کي هڪ نئون
ماڻهو بڻائي ڇڏيو آهي.“ هوءَ اهو چئي ٻاهر هلي
ويئي.
”ڌوڙ آهي پيئي.“ سيٽان پنهنجي منهن دل ۾ چيو.
پوءِ ڪاغذ پٽ ٺاهي گهر ڏي روانو ٿيو. نوڪرياڻيءَ جيڪا ماني ٺاهي
هئي سا کاڌائين. ستين بجي ڪي مهمان آيا جيڪي هن
گهر ۾ نوان هئا. نوڪرياڻيءَ ٻنهي کي جهڪي کيڪاريو
۽ سيٽان کي سڏي آئي. سيٽان ايئرمئن ملسپ ۽ پيگيءَ
کي ڏسي خوشيءَ سان سندن آڌرڀاءُ ڪيو.
”اوهه! هيءَ ته واهه جي جاءِ آهي.“ پيگيءَ چيو، “ماسايو کي ته
واهه جي وڻندي.“ اهو چئي هن دريءَ کان ٻاهر ڏٺو.
”واهه واهه. هتي ته ويندي ٻارن جي کيڏڻ لاءِ به
چڱو پٽ آهي.“
”ڪهڙن ٻارن لاءِ؟“ سيٽان پڇيو.
پيگي سيٽان کي گهورڻ لڳي. ”تنهنجي ٻارن لاءِ. ظاهر آهي تون اهو
ئي چاهيندين ته ماسايو مان توکي ٻار ٿين، يا نه؟“
سيٽان اها ڳالهه لنوائي چيو، ”في الحال ته آئون چاهيندس ته
ماسايو کي ڳولي لهان.“
”اها ته سمجهه ته توکي ملي ويئي.“ پيگيءَ کيس خاطري ڏني،
”ماماسان مون کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي ته جي ماسايو
بابت ڪنهن کي به ٻڌايئي ته ڌنڌي مان ڪڍي
ڇڏينديسانءِ، سو مون هن سان وعدو ڪيو ته ڪنهن کي
به نه ٻڌائينديس.“ اهو چئي پيگي سيٽان جي منهن جو
پنو پڙهڻ لڳي. ” عينڪ بنا لڳين ته ٺاهوڪو ٿو.
تنهنجا ٻار به تو جيان ڊگها ۽ سهڻا ٿيندا. منهنجو
الائي ڇا حشر ٿيندو. پڪ هن جهڙا ڳاڙهي مٿي وارا
ڄمندا.“ هن وري سيٽان جي منهن جو غور سان جائزو
ورتو. ”تون ڏاڍو ٿڪل ٿو لڳين. ڇا نئين نوڪريءَ
ٿڪائي رکيو اٿئي؟ توکي کپي ته موڪل ڪري ڪجهه ڏينهن
لاءِ شمودا شهر ۾ وڃي آرام ڪر.“
”نه، اڃا ته ضرورت نه اٿم.“ سيٽان وراڻيو.
پيگي هاڻ وڌيڪ صبر کان ڪم نه وٺي سگهي. ”تون شمودا ضرور وڃ. هر
سال وانگر هن سال به اتي جمعي ڏينهن جشن ٿيڻو آهي
جنهن ۾ هر عمر جا ماڻهو ناچ گانا ڪندا آهن. هن سال
گيشائن جي پريڊ/ فلوٽ ۾ ماسايو به بهرو وٺندي.“
سيٽان، ٻئي ڏينهن پنهنجي سيڪريٽري ايلن ذريعي شمودا وڃڻ لاءِ
ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. مسز ايلن فلپائين کان آيل تار
ماتسوموتوءَ کي پڙهي ٻڌائي ته هو سيٽان جي قيمتي
صلاحن کان متاثر آهن ۽ واپار جو وڌيڪ آرڊر ڏنو
اٿن. سيٺ ماتسوموتو پنهنجي ٺاهيل هائڪو (شعر) واري
پکيءَ بابت وري غور سان سوچيو جيڪو سندس نئين
آمريڪن وائيس پريزيڊنٽ جي ذهانت جي علامت هو، جنهن
ڪري ڪمپنيءَ تان مشڪل ڏينهن ٽرڻ لڳا هئا. بهتر
ڪاروبار وري شروع ٿيڻ لڳو هو. سيٺ کي خوش ٿيندو
ڏسي مسز ايلن بنا دير جي کيس ٻڌايو ته مسٽر سيٽان
سڀاڻ کان ڏينهن ٻن لاءِ شمودا جشن ڏسڻ لاءِ وڃڻ
چاهي ٿو. سيٺ خوشيءَ مان هڪدم اجازت ڏني ته سڀاڻ
ڇو، هو چاهي ته اڄ ئي وڃي سگهي ٿو. |