سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قومن جو خود اختياري حق

باب: --

صفحو : 4

 

8. ڊچ ۽ پولش بين الاقواميت پسند سوشل جمهوريت پسندن جي پوزيشن ۾ خاص ۽ عام شيون ڪهڙيون آهن؟

هن حقيقت ۾ تر جيترو به شڪ نٿو ٿي سگهي ته ڊچ ۽ پولش مارڪس وادي جيڪي خود اختياري جي مخالفت ڪن ٿا، بين الاقوامي سوشل جمهوريت پسندن جا بهترين انقلابي ۽ بين الاقواميت پسند جزا آهن. ته پوءِ جئن اسان ڏٺو سندن نظرياتي دليل غلطين جو ڍڳ ڇو بنجي ويا؟ عام طور هڪ به دليل درست ڪونهي، ”سامراجي اقتصاديت پرستيءَ“ کان سواءِ ڪجهه به ناهي!

هيءَ ڳالهه ناهي ته ڊچ ۽ پولش ساٿين ۾ خراب داخلي خصوصيتون آهن، هيءُ ته سندن ملڪن جون خصوصي خارجي حالتون آهن. ٻئي ملڪ [1] وڏين طاقتن جي موجوده ”نظام“ ۾ ننڍا ۽ بي وس آهن [2] ٻئي جاگرافي طور تي زبردست سامراجي ديون، زبردست حريفن جي وچ ۾ واقع آهن (برطانيا ۽ جرمني، جرمني ۽ روس) [3] انهيءَ وقت جون يادون ۽ روايتون گهڻو مضبوط آهن. جڏهن ٻئي قومون خود پاڻ ”وڏيون طاقتون“ هيون. هالينڊ برطانيا کان وڌيڪ نو آباديون رکندڙ زبردست ”وڏي طاقت“ هو. پولينڊ، روسي يا پروشيا کان وڌيڪ سڌريل ۽ وڌيڪ زبردست ”وڏي طاقت“ هو. [4] ٻئي اڄ تائين ٻين قومن تي ظلم جبر ۽ امتيازي حق برقرار رکيو ويٺا آهن: ڊچ بورجواجون ڏاٺون ڊچ ايسٽ انڊيز جي دولت ۾ کتل آهن. پولش جاگيردار يوڪريني ۽ بيلو روسي ”خلوپ“ (ڪمين) کي لٽين ٿا ۽ پولش بورجوا يهودين کي وغيره وغيره.

انهن چئني خاص حالتن جي گڏيل انو کائي، آئرلينڊ پرتگال (هڪ زمانو هو جڏهن هيءُ اسپين ۾ زبردستيءَ شامل هو) الساس، ناروي، فن لينڊ ۽ يوڪرين ليٿويائي، بيلو روسي ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ هڪ وقت موجود ناهي. ۽ اِهوئي اُهو انوکوپن آهي جنهن ۾ معاملي جي اصليت پوشيده آهي! جڏهن ڊچ ۽ پولش جمهوريت پسند خود اختياري حق جي خلاف عام دليلن جو سهاور وٺن ٿا يعني جڏهن هو عام طور تي سامراج جي باري ۾؛ عام طور تي سوشلزم جي باري ۾، جمهوريت ۽ قومي ظلم ڏاڍ جي باري ۾ دليل پيش ڪن ٿا ته سچ پچ هيءُ چوڻو پوندو ته هو غلطين جو ڍير ڪندا پيا وڃن. پر ضرورت رڳو هيتري آهي ته عام دليلن جي غلط خول کي الڳ ڪري معاملي جي اهميت جو جائزو هالينڊ ۽ پولينڊ جي خصوصي حالتن جي پنهنجي انوکي حيثيت جي نقطي نظر سان ورتو وڃي، ته پوءِ سندن خصوصي پوزيشن سمجهه اچي وڃي ٿي ۽ جائز لڳي ٿي. ماڻهو مندن جي ڪٽ ۾ ڦاسڻ کان سواءِ هيءَ چئي سگهي ٿو ته جڏهن ڊچ ۽ پولش مارڪس وادي، خوداختياريءَ جي مخالفت ڪندي ڪندي وات منجهان گجي ڪڍڻ شروع ڪن ٿا، ته اُهي ان وقت اها ڳالهه نٿا ڪن جيڪا هو چوڻ چاهين ٿا يا هيئنءَ کڻي چئجي هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهين ٿا، اهو ساڳيءَ ڳالهه ڪانهي جيڪا هو چون ٿا.*

اسين پنهنجن نظرياتي مقالن ۾ هڪ مثال ڏئي چڪا آهيون. گورٽر پنهنجي ملڪ جي خود اختياري جي خلاف آهي پر ”پنهنجي“ قوم جي هٿان ستايل ڊچ ايسٽ انڊيز جي حق خود اختياريءَ جي حق ۾ آهي! پوءِ ڀلا هن ۾ عجب کائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته هو اسان کي بين الاقواميت جو وڌيڪ مخلص دوست ۽ اسان جو وڌيڪ گهرو ساٿي نظر اچي ٿو. انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ جيڪي خود اختياريءَ کي انهي ريت مڃين ٿا، جهڙي ريت زباني طور تي، رياڪاريءَ سان جرمنن ۾ ڪائوٽسڪي ۽ اسان وٽ ٽراٽسڪي ۽ مارتوف مڃين ٿا؟ مارڪس ازم جي عام ۽ بنيادي اصولن جي مطابق بي شڪ هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته ”منهنجي پنهنجي قوم“ جي ظلم ڏاڍ جي شڪار قومن جي آزادي علحدگي جي لاءِ وڙهڻ هڪ فرض آهي. پر هن منجهان هرگز هيءُ نتيجو نٿو نڪري ته مسئلي جي اصليت آهي هالينڊ جي ئي آزادي، جيڪا انتهائي تنگ نظر، بي جان، خود غرض ۽ بي حس اڪيلائي پسند ڪناري ڪشيءَ جو شڪار آهي – سڄي دنيا سڙي ٿي ته سڙي وڃي، اسان کي ڪا پرواهه ناهي، ”اسين“ پرائي ڦُر ۽ ان مان بچيل سچيل ”گرهه“ يعني ايسٽ انڊيز منجهان خوش آهيون. باقي ٻي ڪنهن شي سان ”اسان کي“ ڪجهه به ڏيڻو وٺڻو ناهي.

هڪ ٻيو مثال ٻڌو – پولش سوشل جمهوريت پسند ڪارل راديڪ جنهن خاص طور تي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ جرمن سوشل جمهوريت پسندن جي وچ ۾ بين الاقواميت پسندي جي لاءِ ثابت قدم جدوجهد ڪري وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي، پنهنجي هڪ مضمون ”قومن جي خود اختياري حق“ (جيڪو کاٻي ڌر جي ريڊيڪل ماهنامي "Lichtstrahlen" جي نمبر 3، تاريخ 5 ڊسمبر 1915ع، ايڊيشن جي ٽيئن سال، ۾ ڇپيو. هن رسالي جو ايڊيٽر هو بورهاردت. رسالي کي پروشيا جي سنسر شپ غير قانوني قرار ڏنو) ۾ پوري خلوص سان خوداختياريءَ جي خلاف بغاوت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حمايت ۾ رڳو ڊچ ۽ پولش ماهرن جو اثر و رسوخ قبول ڪري ٿو ۽ ٻين دليلن سان گڏ هي دليل پيش ڪري ٿو ته خوداختياريءَ جو حق هيءُ تصور اڀاري ٿو ته ”سوشل جمهوريت پسند جو هيءُ فرض آهي ته هو آزاديءَ جي هر هڪ جدوجهد جي حمايت ڪري.“

عام نظرئي جي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته هيءَ دليل منڍ کان ئي بيزار بيزار نظر ايندو. ڇاڪاڻ صاف ظاهر آهي ته هيءُ دليل آهي ئي غير منطقي. پهرين، جيستائين اسين خاص (Specific) کي عام (General) جي تابع نه بنائينداسين اوستائين جمهوريت جو هڪ به اهڙو خاص مطالبو ڪونه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو جيڪو خرابيءَ جو باعث نه ٺهي. اسان تي نڪو آزادي جي لاءِ ”هر هڪ“ جدوجهد جي حمايت جو فرض عائد ٿئي ٿو ۽ نه ئي ”هرهڪ“ رپبلڪن تحريڪ ۽ پادري شاهي جي خلاف ”هر“ تحريڪ جي خلاف حمايت جو. ٻيو، قومي ظلم جبر جي خلاف جدوجهد جو هڪڙوئي فارمولا نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو جيڪو ساڳي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا نه هجي. خود راديڪ "Nerner Tagwacht" (1915ع، نمبر 353) ۾ هي فارمولو لاڳو ڪيو آهي: ”پراڻي ۽ نئين زبردستي الحاق جي خلاف“ هر پولش قوم پرست هن منجهان صحيح طور تي هيءَ ”نتيجو“ ڪڍندو ته ”پولينڊ جو الحاق زوريءَ ٿيو آهي، مان الحاق جي خلاف آهيان يعني مان پولينڊ جي آزاديءَ جي حق ۾ آهيان. يا روزا لڪمبرگ جي مضمون کي کڻي وٺو. مون کي ياد اچي ٿو ته هن 1908ع (روزا لڪسمبرگ جي مضمون ”قومي سوال ۽ خودمختياري“ ڏانهن حوالو – مترجم) ۾ هن خيال جو اظهار ڪيو هو ته هيٺ ڏنل فارمولو ڪافي آهي: ”ظلم ۽ جبر جي خلاف“ پر ڪوبه قوم پرست چوندو ۽ بلڪل درست چوندو ته زبردستي الحاق قومي ظلم جبر جو هڪ قسم آهي ۽ انهي ڪري .... وغيره وغيره.

بهرحال، انهن عام دليلن جي بجاءِ پولينڊ جي خاص حالتن کي وٺو هن وقت جنگين يا انقلابن کان سواءِ سندس آزادي ”ممڪن نه آهي.“ هن وقت رڳو پولينڊ جي آزاديءَ لاءِ پوري يورپ جي جنگ جي حمايت ڪرڻ جو مطلب ٿيندو بدترين قسم جي قوم پرستي، جيڪا پولينڊ وارن جي ننڍي تعداد جي مفاد کي انهن ڪروڙين عوام جي مفاد کان مٿي رکي ٿي جيڪي جنگ جي مصيبت ڀوڳي رهيا آهن پر ”فراڪي“ (پولش سوشلسٽ پارٽيءَ جي ساڄي ڌر) جو بلڪل اهوئي حال آهي، جيڪي محض زباني سوشلسٽ آهن ۽ جن جي مقابلي ۾ پولش سوشل جمهوريت پسند هزار دفعا صحيح رستي تي آهن. هن وقت، پاڙيسري طاقتن جي موجوده باهمي لاڳاپن جي روشنيءَ ۾، پوليند جي آزاديءَ جو نعرو بلند ڪرڻ، واقعي خيالي جنت ۾ رهڻ جي برابر آهي. انهيءَ جو مطلب آهي تنگ نظر قوم پرستيءَ جو شڪار ٿيڻ، انهيءَ جو مطلب آهي سموري يورپي يا گهٽ ۾ گهٽ روسي ۽ جرمن انقلاب جي پهرين گهربل لازمي شرطن کي نظر انداز ڪرڻ. اهڙي ريت روس ۾ به 1908 – 1914ع ۾ اتحادين جي آزادي جي نعري کي الڳ ڪرڻ جو مطلب به خيالي جنت ڏانهن موٽڻ ۽ عملي طور تي استوليپن ليبر پارٽي کي سهڪار ڏيڻ هو (هاڻي هي پوتريسوف ۽ گووزديف پارٽي آهي، پر سندس رنگ اهوئي آهي جيڪو اڳي هو). پر سوشل جمهوريت پسندن جي پروگرام مان اتحادين جي آزادي جو مطالبو عام طور ڪڍي ڇڏڻ محض پاڳلپڻو ٿيندو.

هيءُ رهيو ٽيون ۽ گهڻو ڪري سڀ کان اهم مثال: پولش نظرياتي مقالي ۾ (3 سيڪشن جي 2 قلم آخر ۾) اسان کي آزاد پولش ”بفراسٽيٽ“ جي خيال جي خلاف هيءَ عبارت نظر اچي ٿي ته هيءَ ”ننڍي ۽ بي جان گروهن جي خيالي هوائي جنت آهي. جيڪڏهن هن خيال کي عملي شڪل ڏني وئي ته هن جو مطلب ٿيندو هڪ ننڍڙي پولش رياست جو قيام، جيڪا وڏين طاقتن منجهان ڪنهن نه ڪنهن گروهه جي فوجي نوآبادي ٿيندي، انهيءَ جي فوجي ۽ اقتصادي مفاد جي لاءِ محض گَڏي، غير ملڪي سرمائي جي ڦرلٽ جو علائقو، ٿيندڙ جنگين جو ميدان.“

هن وقت پولينڊ جي آزاديءَ جي نعري جي خلاف هيءُ سڀ ڪجهه درست آهي ڇاڪاڻ ته رڳو پولينڊ ۾ انقلاب اچي به وڃي ته انهيءَ سان هتي ڪا تبديلي ڪانه ٿيندي ۽ پولش عوام جو توجهه اصلي سوال کان هٽايو ويندو: سندن جدوجهد ۽ روسي ۽ جرمن پرولتاريه جي جدوجهد ۾ جيڪو رشتو آهي انهيءَ کان، سندن توجهه هٽي ويندو. هيءُ ڪو عقيدو ناهي پر حقيقت آهي ته پولش پرولتاريه سوشلزم ۽ آزاديءَ جي مقصد ۾، جنهن ۾ پولينڊ جي آزادي به شامل آهي، رڳو هن ريت مدد ڪري سگهي ٿو ته هو تنگ نظر پولش قوم پرستن جي خلاف پاڙيسري ملڪن جي پرولتاريه سان ملي ڪري جدوجهد ڪري. هن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته تنگ نظر پولش قوم پرستن جي خلاف جدوجهد ۾ پولش سوشل جمهوريت پسندن تاريخي طور تي وڏيون ۽ زبردست خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

پر اهي ئي دليل جيڪي موجوده دور ۾ پولينڊ جي خاص حالتن جي نقطي نظر کان درست آهن، ظاهر آهي ته انهيءَ عام شڪل ۾ جيڪا کين ڏني وئي، غلط ٿي وڃي ٿي. جيستائين جنگيون جاري آهن، پولينڊ روس ۽ جرمني جي وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻيل رهندو. ٻن جنگين جي وچواري دور ۾ وڌيڪ سياسي آزادي (۽ اهڙي ريت سياسي خودمختياري) جي خلاف هيءُ ڪو دليل نه ٿيو اهڙي ريت غير ملڪي سرمائي هٿان ڦرلٽ ۽ ٻاهرين مفادن گُڏيءَ وارو دليل به ساڳي ريت بيڪار آهي. پولش سوشل جمهوريت پسند آزاد پولينڊ جو نعرو هاڻي انهيءَ ڪاڻ نٿا بند ڪري سگهن جو پولينڊ وارا بين الاقواميت پسند پرولتارين جي حيثيت سان، هن ڏس ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهن، جيستائين ڪ هو به ”فراڪيءَ“ وانگر ڪنهن سامراجي بادشاهت جا ڪِريل دلال نٿا بڻجن. پر روسي ۽ جرمن مزدور هن ڏس کان بي نياز نٿا رهي سگهن ته آيا هو پولينڊ جي زبردستيءَ الحاق ۾ حصو وٺندا (انهيءَ جو مطلب هيءَ ٿيندو ته جرمن ۽ روسي مزدورن ۽ هارين کي ذليل ترين گستاخيءَ جي تعليم ڏني وڃي، کين ٻين قومن جي قتل ۽ تباهي ڏانهن تسليم ۽ رضا جو سبق پڙهايو وڃي) يا پولينڊ آزاد ٿيندو.

بي شڪ صورتحال ڏاڍي ئي منجهيل آهي، پر هڪ ئي واهه آهي جنهن تي هلي سڀئي شريڪ ٿيندڙ پنهنجي بين الالقواميت پسندي برقرار رکي سگهن ٿا: روسي ۽ جرمن سوشل جمهوريت پسند پولينڊ جي بنا شرط شروط جي ”آزادي علحدگيءَ جو مطالبو ڪن ۽ پولش سوشل جمهوريت پسند موجوده عهد ۾ يا موجوده دور ۾، آزاد پولينڊ جو نعرو بلند ڪرڻ کان سواءِ ننڍن ۽ وڏن ملڪن ۾ پرولتاري جدوجهد جي اتحاد لاءِ ڪم ڪن.

 

9. اينگلز جو خط ڪائوٽسڪي جي نالي

ڪائوٽسڪيءَ (جيڪو ان وقت تائين مارڪسسٽ هو) پنهنجي ڪتابڙي ”سوشلزم ۽ نوآبادياتي سياست“ (برلن 1907ع) ۾ پنهنجي نالي اينگلز جو هڪ خط شايع ڪيو، جيڪو 12 سيپٽمبر 1882ع ۾ لکيو ويو هو. هي خط بحث هيٺ آيل سوال جي سلسلي ۾ ڏاڍو دلچسپ آهي. هتي هن خط جو خاص حصو ڏجي ٿو:

”.... منهنجي خيال ۾ صحيح معنيٰ ۾ نوآباديون يعني اُهي ملڪ جن تي يورپي آباديءَ جو قبضو آهي، مثال طور ڪيناڊا، ڪيپ، آسٽريليا آزاد ٿي ويندا. ٻئي پاسي اُهي ملڪ آهن جتي ڏيهي آبادي رهي ٿي ۽ جيڪي محڪوم آهن، مثال طور هندستان، الجيريا، ڊچ، پرتگالي ۽ اسپانوي واريل ملڪ – تن کي وقت لڳندو. پرولتاريه کي گهرجي ته هٿوهٿ انهن ملڪن کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي وٺي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي تيزيءَ سان انهن ملڪن کي آزاديءَ ڏانهن کڻي وڃي. اهو عمل ڪهڙي ريت اڀرندو، سو چوڻ ڏکيو آهي. هندستان ۾ شايد، اڃا به گهڻو ڪري ضرور انقلاب ايندو، جيئن ته پنهنجي آزادي ماڻڻ لاءِ پرولتاريه نوآبادياتي جنگ نٿو ڪري سگهي انهيءَ حقيقت کي اهڙي ريت ئي قبول ڪيو وڃي. ظاهر آهي ته هيءُ انقلاب هر قسم جي تباهي ڦهلائڻ کان سواءِ ڪونه گذرندو. پر اهڙي قسم جون شيون ته انقلابن ۾ ٿينديون آهن، اهڙين شين کان پلاند ڇڏائي نٿو سگهجي. اهائي ڳالهه ٻين ملڪن ۾ به ٿي سگهي ٿي. مثال طور مصر ۽ الجيريا ۾ يقيني طور هي اسان جي لاءِ تمام سٺو ٿيندو. اسان کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ پيو آهي. يورپ ۽ اترئين امريڪا جي ٻيهر منظم ٿيڻ جي آڌار تي هيءُ هڪ اهڙي زبردست ديو جهڙي طاقت ۽ مثال بڻجي ته نيم تهذيب وارا ملڪ خودبخود اسان جي پٺيان پٺيان ايندا. اقتصادي گهرجون خود ئي کين انهيءَ دڳ تي لڳائي ڇڏينديون. جيتري قدر هن جو لاڳاپو آهي ته اِهي ملڪ سوشلسٽ تنظيم تائين پهچڻ کان اڳ ڪهڙين ڪهڙين سماجي ۽ سياسي منزلن منجهان گذرندا، انهيءَ سوال جي باري ۾، منهنجو خيال آهي ته اسين اَڄ رڳو قياس آرايون ئي ڪري سگهون ٿا. رڳو هڪ ڳالهه يقين واري آهي: فتح ياب پرولتاريه، خود پنهنجي فتح کي ضرب پهچائڻ کان سواءِ ڪنهن به ڌارين قوم تي ڪنهن به قسم جون برڪتون زبردستيءَ مڙهي نٿي سگهي ...“

اينگلز هرگز هيءَ نٿي سمجهيو ته رڳو ”اقتصاديات“ خود بخود ۽ سڌو سنئون مڙني تڪليفن کي دور ڪري ڇڏيندي.  اقتصادي انقلاب مڙني قومن کي ترغيب ڏياريندو ته هو به سوشلزم جي لاءِ جدوجهد ڪن. پر گڏوگڏ سوشلسٽ رياست جي خلاف انقلاب ۽ جنگيون ممڪن آهن. سياست ناگزير طور تي پاڻ کي اقتصاديات جي مطابق ٺهڪائي ڇڏيندي، پر اهو ترت ۽ سڌو سڌو صاف صاف، سادگيءَ سان سڌو سنئون نه ٿيندو. اينگلز رڳو هڪ شي کي ”يقيني چيو آهي ۽ اُهو آهي قطعي طور تي بين الالقواميت جو اصول. هو انهيءَ اصول کي سڀني ”غير قومن، تي لاڳو ڪري ٿو يعني رڳو نوآبادياتي قومن تي نه. پر اُهو اصول هيءُ آهي ته انهن مٿان برڪتن کي زبردستيءَ مڙهڻ جو مقصد هوندو ته پرولتاريه جي فتح کي ڌڪ هنيو وڃي.

پرولتاريه محض هن ڪري مقدس نه ٺهي ويندو ۽ مڙني غلطين ۽ ڪمزورين کان پاڪ نه ٿي ويندو ته انهيءَ سوشل انقلاب برپا ڪيو آهي. پر ممڪن غلطيون (۽ خود غرضي – يعني ٻين جي سر تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش) ناگزير طور تي کيس هن حقيقت جو قائل ڪنديون.

اسين سڀ زمروالڊ کاٻي ڌر وارا هن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته سوشلسٽ انقلاب، ويجهي مستقبل ۾ عين ممڪن آهي. ڪائوٽسڪي به 1914ع ۾ مارڪس ازم کان غداري ڪري شاونزم جو جهنڊو کڻڻ کان اڳ، انهيءَ ۾ ويساهه رکندو هو – هن ته خود چيو هو ته سوشلسٽ انقلاب ڪنهن به ڏينهن تي ٿي سگهي ٿو ”اڄ نه ته سڀاڻي“ – قومي نفرت ايترو جلد دور نه ٿيندي. ظالم جابر قوم کان مظلوم محڪوم قوم جي نفرت (۽ اها نفرت بلڪل قدرتي آهي) ڪجهه ڏينهن باقي رهندي. اها نفرت سوشلزم جي فتح کان پوءِ ۽ قومن جي وچ ۾ بلڪ جمهوري لاڳاپن جي مڪمل طور قائم ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿيندي. جيڪڏهن اسين سوشلزم جا وفادار آهيون ته اسان کي گهرجي ته انهيءَ وقت تائين اسين عوام کي بين الالقواميت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي تعليم ڏيون، ظالم جابر قوم ۾ هيءَ تعليم مظلوم محڪوم قومن جي آزادي جي علحدگيءَ جي حمايت ڪرڻ کان سواءِ پيدا نٿي ٿي سگهي.

 

10. 1916ع جي آئرش بغاوت

اسان جا مقالا هن بغاوت کان اڳي لکيا ويا هئا. هيءَ بغاوت اسان جن نظرياتي خيالن کي پرکڻ ۽ جانچڻ جو مسالو مهيا ڪري ٿي.

خوداختياريءَ جي مخالفن جا خيال هن نتيجي تي پهچائين ٿا ته سامراج جي ظلم ۽ ستم جو شڪار ننڍين ننڍين قومن جي حياتيءَ جي قوت خشڪ ٿي چڪي آهي، هي قومون سامراج جي خلاف ڪوبه رول ادا ڪري نٿيون سگهن، انهن جي خالص قومي خواهشن ۽ تمنائن جي حمايت مان ڪوبه نتيجو ڪونه نڪرندو وغيره وغيره. 1914ع – 1916ع جي سامراجي جنگ ۾ اهڙيون حقيقتون اڀري سامهون آيون آهن، جيڪي انهن خيالن کي رد ڪن ٿيون.

جنگ الهندي يورپي قومن جي لاءِ، ۽ مجموعي طور تي سامراج جي لاءِ وڏي بحران جو دور ثابت ٿي. هر بحران گٺل پيٺل شين کي هٽائي الڳ ڪري ڇڏي ٿو، مٿيون کلون ڇلي وٺي ٿو، مدي خارج شين کي گهلي وڃي ٿو ۽ وڌيڪ گهرن چشمن ۽ قوتن کي اڀاري سامهون آڻي ٿو. مظلوم محڪوم قومن جي تحريڪ جي نقطه نظر کان هن بحران ڪهڙي شي کي اڀاري سامهون آندو؟ نوآبادين ۾ ڌڙا ڌڙ بغاوتن جون ڪوششون ٿيون ظاهر آهي ته ظالم جابر قومن فوجي سنسرشپ جي ذريعي انهن کي لڪائڻ لاءِ ڪيترا جتن ڪيا. پر هي ڄاڻ آهي ته سينگاپور ۾ انگريزن پنهنجن هندستاني سپاهين جي بغاوت وڏي بي درديءَ سان چيڀاٽي. فرانسيسي انام ۾ بغاوت جي ڪوشش ٿي (ناشي سلووا ڏسو)، جرمن ڪامورون ۾ بغاوت جو جهنڊو اڀو ٿيو (جونيوس جو پمفليٽ ڏسو). يورپ ۾ هڪ پاسي آئرلينڊ ۾ بغاوت ٿي جنهن کي ”آزاد پسند“ انگريزن (جن کي فوج ۾ جبري ڀرتيءَ جو قانون آئرلينڊ ۾ لاڳو ڪرڻ جي جرئت نه ٿي) خون ۾ غرق* ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي، آسٽريا جي حڪومت چيڪ ڊائٽ (Diet) جي ميمبرن کي ”غداريءَ“ جي سزا ۾ ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو ۽ انهيءَ ”ڏوهه“ هيٺ پوري جي پوري چيڪ رجمينٽن کي گولين سان اڏايو ويو.

ظاهر آهي ته هيءَ فهرست تمام گهڻي نامڪمل آهي. پوءِ به هيءَ فهرست ثابت ڪري ٿي ته سامراج جي بحران جي ڪارڻ قومي بغاوت جا ڀنڀٽ نوآبادين ۽ يورپ ٻنهي هنڌن تي ڀڙڪي اٿيا، خوفناڪ ڌمڪين ڪچلڻ ۽ چيڀاٽڻ جي مڙني جاکوڙن جي باوجود قومي همدرديون ۽ نفرتون اڀرنديون رهيون. پوءِ به سامراج جو بحران اڃا پنهنجي عروج جي آخري نڪتي کان ڏاڍو پري آهي: سامراجي بورجوازيءَ جي طاقت اڃا ڀڳي نه ويئي آهي (شايد ”ڏڪائيندڙ“ جنگ انهيءَ نُڪتي تائين پهچائي ڇڏي، اڃا ائين نه ٿيو آهي). سامراجي ملڪن ۾ پرولتاري تحريڪون اڃا ڏاڍيون ڪمزور آهن. جڏهن جنگ بنهه ٿڪائي ڇڏيندي يا جڏهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ رياست ۾ پرولتاري جدوجهد جا ڌڪا کائي کائي بورجوازي اقتدار لوڏن ۾ اچڻ لڳندو، جهڙي ريت 1905ع ۾ زارشاهيءَ جو اقتدار ڏڪي اٿيو هو، ته ان وقت ڇا ٿيندو؟

زمروالڊ وارن جي اخبار "Berner Tagwacht" ۾، جنهن ۾ ڪجهه کاٻي ڌر جا ماڻهو به شامل آهن، 9 مئي 1916ع تي آئرش بغاوت جي باري ۾ هڪ مضمون ”سندن راڳ ختم ٿيو“ شايع ٿيو، هن جي هيٺان لکندڙ جي نالي جا ٻه حرف ڪ – ر – لکيل آهن. هن مضمون ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته آئرش بغاوت ”سازش جي ذريعي تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش“ جي سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. ڇاڪاڻ، ليکڪ جي لکڻ پٽاندڙ، ”آئرش سوال زرعي سوال هو“، هارين کي سڌارن سان خوش ڪيو ويو ۽ قوم پرست تحريڪ ”هاڻي خاص شهري، پيٽي بورجوا تحريڪ ٺهي ويئي جنهن کي پنهنجي سموري سنسني خيزيءَ جي باوجود ڪا خاص سماجي اهميت حاصل ڪانه هئي.“

هيءَ ڪا اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪانهي ته هيءُ اصول پرستانه ۽ نظرئي پرستانه خيال، روسي قوم پرست لبرل، ڪيڊٽ مسٽر ڪوليشر (”ريچ“ نمبر 102، 15 اپريل 1916ع) جي خيال سان هم آهنگ ٿي ويو آهي. هن ۾ هن بغاوت کي ”ڊبلن جي سازش“ جو نالو ڏنو آهي.

مثال مشهور آهي ته ”هر خرابيءَ ۾ چڱائي لڪيل آهي“. ڪيترائي ساٿي جن جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ جيڪي هي نٿا ڏسي سگهن ته ”خود اختياري“ کان انڪار ڪندي ڪندي ۽ ننڍين قومن جي تحريڪن ڏانهن بيزاريءَ جو رويو اختيار ڪندي ڪندي هو ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃن. اميد آهي ته هن مثال جي روشنيءَ ۾ هاڻي هنن ساٿين جون اکيون کلي وينديون ڇاڪاڻ ته هو هن حقيقت کي ڏسندا ۽ ”اتفاق سان“ هڪ سامراجي بورجوازيءَ جو نمائندو ۽ هڪ سوشل جمهوريت پسند، ٻنهي جا خيال هم آهنگ نظر اچي رهيا آهن!!

”سازش سان تختو اونڌو ڪرڻ“ جي اصطلاح کي جيڪڏهن سائنسي مفهوم ۾ ورتو وڃي ته ڄاڻ ته پوندي ته هي اصطلاح رڳو انهيءَ وقت استعمال ٿي سگهي ٿو، جڏهن بغاوت جي ڪوشش کان پوءِ سازش ڪرڻ وارن يا انهن احمق مٿي ڦرلين جي ٽولي جو انڪشاف ٿئي، ۽ انهيءَ بغاوت سان عوام کي ڪابه همدردي پيدا نه ٿي هجي. صدين کان پراڻي آئرش قومي تحريڪ، مختلف منزلن ۽ طبقاتي مفادن جي گهڻن ئي گروهن مان نڪرڻ کان پوءِ ۽ ٻين شين سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ هڪ عام آئرش قومي ڪانگريس ۾ پڌري ٿي ("Vorwarts" 20 مارچ 1902ع). هن ڪانگريس هڪ رٿ منظور ڪئي جنهن ۾ آئرش آزاديءَ جو مطالبو ڪيو هو. عام ايجي ٽيشن، مظاهرن، اخبارن تي پابندي وغيره جي ڊگهي دور کان پوءِ شهري پيٽي بورجوا جي هڪ حصي ۽ مزدورن جي هڪ حصي طرفان روڊن تي جدوجهد جي شڪل ۾ هن تحريڪ جو اظهار ٿيو. جيڪو به هن قسم جي بغاوت کي ”سازش ذريعي تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش“ جو نالو ڏي ٿو، يا ته پڪو رجعت پسند آهي يا محض اصول پرست، جيڪو سوشل انقلاب کي هڪ زندهه حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ جي قطعي صلاحيت نٿو رکي.

هيءُ سمجهڻ ته نوآبادين ۽ يورپ ۾ ننڍين ننڍين قومن جي بغاوت کان سواءِ، پنهنجي مڙني تعصبن جي هوندي پيٽي بورجوا جي هڪڙي حصي جي انقلابي اٻڙڪي کان سواءِ، جاگيردار، ڪليسا، شاهي وغيره جي ظلم ستم جي خلاف، قومي ظلم جبر جي خلاف، طبقاتي طور تي بي شعور پرولتاري ۽ نيم پرولتاري عوام جي تحريڪ کان سواءِ سوشل انقلاب جو تصور ڪري سگهجي ٿو. ها ائين سمجهڻ سوشل انقلاب جي رستي کي ڇڏي ڏيڻ آهي. رڳو اهڙا ماڻهو جيڪي هي سمجهن ٿا ته ڪنهن هڪ جاءِ تي هڪ ئي فوج صف ٻڌندي ۽ چوندي ”اسين سوشلزم چاهيون ٿا“ ۽ پوءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي هڪ فوج صف آرا ٿيندي ۽ چوندي ”اسين سامراج چاهيون ٿا“ ۽ اهڙي ريت سوشل انقلاب اچي ويندو، ها رڳو اهڙا ماڻهو جيڪي ههڙي قسم جي اصول پرستيءَ جي مضحڪي خيز خول ۾ بند آهن، آئرش بغاوت کي ”سازش ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش“ چئي هن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا.

جيڪو به ”خالص“ سوشل انقلاب جي واٽ ڏسي رهيو آهي اهو انتظار ڪندي ڪندي مري ويندو. پر اهڙو انقلاب نه آيو آهي نه ايندو. اهڙو ماڻهو انقلاب جي زباني خدمت ڪري ٿو ۽ ذرو به نٿو سمجهي ته انقلاب آهي ڇا؟

1905ع جو روسي انقلاب بورجوا جمهوري انقلاب هو. هيءُ انقلاب ڪيترين جنگين تي مشتمل هو، جنهن ۾ آباديءَ جي مڙني بي اطمينان طبقن، گروهن ۽ عناصرن حصو ورتو. انهيءَ ۾ اهي عوام به شامل هئا جيڪي وڏن ڀيانڪ تعصبن جو شڪار آهن، جيڪي جدوجهد جو مقصد انتهائي مبهم ۽ عجيب و غريب تصور رکندا هئا. انهن ۾ ننڍا گروهه هئا جن جاپاني روپيو قبول ڪيو، انهيءَ ۾ مفت خور ۽ چالباز ماڻهو هئا وغيره وغيره. خارجي طور تي هيءَ عام تحريڪ زار شاهيءَ جي چيلهه ڀڃي رهي هئي. ۽ جمهوريت جي لاءِ راه هموار ڪري رهي هئي. انهيءَ ڪري طبقاتي شعور رکندڙ مزدورن هن جي اڳواڻي ڪئي.

يورپ ۾ سوشلسٽ انقلاب مڙني مختلف مظلوم و محڪوم ۽ بي اطمينان عناصرن جي عام اُٻڙڪي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي. پيٽي بورجوازي ۽ ٻيا پوئتي پيل مزدورن جا حلقا به ناگزير طور تي هن ۾ حصو وٺندا. انهيءَ قسم جي شرڪت کان سواءِ عام جدوجهد ناممڪن آهي، انهيءَ کان سواءِ ڪوبه انقلاب ممڪن ناهي) ۽ اهڙي ريت ناگزير طور تي پنهنجا تعصب ۽ رجعت پسند عجيب و غريب تصور پاڻ سان گڏ آڻيندا، پنهنجون ڪمزوريون ۽ غلطيون ساڻ آڻيندا. پر خارجي طور تي ٿيندو هيءُ ته هو سرمائي تي حملو ڪندا ۽ انقلاب جو طبقاتي شعور رکندڙ هراول دستو- ترقي يافته پرولتاريه، مختلف قسمن ۽ اڻ سڌو گوناگون ۽ ظاهري طور تي غير مربوط عام جدوجهد جي انهيءَ خارجي سچائيءَ جو اظهار ڪندي هن جدوجهد کي متحد ڪري سگهندو ۽ انهيءَ جو رخ اقتدار تي قبضو ڪرڻ ڏانهن، بيٺڪن تي ڇاپا هڻڻ ۽ ٽرسٽن جي ضبطيءَ  ڏانهن موڙيندو، جنهن کان سڀئي نفرت ڪن ٿا (جيتوڻيڪ ڪارڻ جدا جدا آهن) ۽ ٻيا آمرانه قدم کڻندو جيڪي بحيثيت ڪل، بورجوازيءَ جو تختو اونڌو ڪندا ۽ سوشلزم جي فتح جو جهنڊو لهرائيندا. پر سوشلزم ترت ئي پاڻ کي پيٽي بورجوا خامين کان ”پاڪ“ ڪري نه سگهندو.

پولش مقالن (پهرين سيڪشن جي چوٿين قلم) ۾ اسان جي نظر مان گذري ٿو ته سوشل جمهوريت پسندن کي ”گهرجي ته يورپي سامراج جي خلاف ننڍي عمر وارن نو آبادياتي بورجوازيءَ جي جدوجهد جو پورو لاڀ پرائين ته جيئن يورپ ۾ انقلابي بحران تيز ٿئي.

ڇا هيءَ ڳالهه پڌري ناهي ته هن سلسلي ۾ نوآبادين کي يورپ کان جدا ڪري پيش ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي؟ يورپ ۾ مظلوم محڪوم قومن جي جدوجهد، هڪ اهڙي جدوجهد آهي جيڪا وڌي بغاوتون ڪرائي سگهي ٿي ۽ رستن تي جنگ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. جيڪا فوج جي فولادي نظم و ضبط کي ڀڃي سگهي ٿي ۽ مارشل لا جاري ڪري سگهي ٿي. يعني هيءُ ته جدوجهد ڪنهن ڏوراهين آباديءَ ۾ وڌيڪ پڪل بغاوت جي مقابلي ۾ ”يورپ ۾ انقلابي بحران کي“ وڌيڪ ”تيز“ ڪندي آئرلينڊ جي بغاوت انگريز سامراجي بورجوازيءَ جي اقتدار کي جيڪو ڌڪ هنيو آهي، ته هو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ايتري ئي زورآور ڌڪ جي مقابلي ۾ سياسي طور تي سئوڻو وڌيڪ اهم آهي.

فرانسيسي شاونسٽ اخبارن تازو اطلاع ڏنو ته غير قانوني اخبار ”آزادبيلجم“ جو 80 نمبر، بيلجم پڌرو ٿيو آهي. بي شڪ، فرانس جون شاونسٽ اخبارون گهڻو ڪري ڌُڪا هڻنديون آهن، پر هاڻوڪي خبر ۾ ڪجهه سچائي معلوم ٿئي ٿي. شاونسٽ ۽ ڪائوٽسڪي پرست جرمن سوشل جمهوريت پسند، جنگ جي ٻن سالن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ آزاد اخبار ڪڍڻ ۾ ناڪام ويا، ۽ فوجي سنسر شپ جو طوق وڏي غلامي واري وفاداريءَ سان ڳچيءَ ۾ پائيندا رهيا، (رڳو کاٻي ڌر جا ريڊيڪل عناصر اهڙا هئا جن سنسرشپ جي هوندي پمفليٽ ۽ پڌرناما ڇاپيا ۽ اها عزت جي ڳالهه آهي.) پر هڪ مظلوم مهذب قوم فوجي ظلم ۽ ڏاڍ جو جواب، جنهن جي جانورپڻي ۽ وحشت جو مثال نٿو ملي، انقلابي احتجاج جو هڪ قلعو قائم ڪري ڇڏيو! تاريخ جي جدليات ڪجهه اهڙي آهي ته ننڍيون قومون، جيڪي سامراج جي خلاف جدوجهد ۾ هڪ آزاد عنصر جي حيثيت سان بي وس آهن، هڪ اٻڙڪي جو، هڪ جرثومي جو ڪم ڪن ٿيون، جيڪو سامراج جي خلاف اصلي طاقت يعني سوشلسٽ پرولتاريه کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ مدد ڪري ٿو.

موجوده جنگ ۾ جنرل اسٽاف وڏي ڌيان ۽ جاکوڙ سان پنهنجي دشمن جي ڪئمپ ۾ سڀني قومي ۽ انقلابي تحريڪن منجهان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا: جرمن – آئرش بغاوت منجهان فائدو وٺن ٿا ۽ فرانسيسي – چيڪ تحريڪ منجهان وغيره. هو پنهنجي نقطه نظر کان بلڪل مناسب ڪارروائي ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن دشمن جي ننڍي کان ننڍي ڪمزوريءَ منجهان به فائدو نه ورتو وڃي، جيڪڏهن هر هڪ موقعي جو فائدو نه ورتو وڃي ته انهيءَ جو مطلب ٿيندو ته هڪ سنگين جنگ ڏانهن اسان جو رويو سنجيدو ناهي. هيءَ هن ڪري اڃا به وڌيڪ لازمي بڻجيو وڃي ٿو ته پهرين کان ئي اهو ڄاڻڻ ناممڪن آهي ته بارودخانو ڪنهن مهل، ڪهڙي گهڙيءَ ۽ ڪهڙي قوت سان ”ڀڙڪي“ اٿندو. سوشلزم جي لاءِ پرولتاريه جي عظيم آزاديءَ جي جنگ ۾ جيڪڏهن اسين سامراج جي آندل هرهڪ جدا مصيبت جي خلاف هر هڪ عوامي تحريڪ کي استعمال ڪري بحران کي اڃا وڌيڪ ڦهلائڻ ۽ تيز ڪرڻ جو گُر نه سکي سگهنداسين ته پوءِ اسين وڏا لڳڙا (يا ڦلهڙا) انقلابي ثابت ٿينداسين. جيڪڏهن اسين هڪ پاسي اعلان ڪندا رهون ۽ ڀانت ڀانت جي سُرن ۽ تالن جو رينگٽ ڪندا رهون ته اسين سڀني قومي ظلم جبر جي ”خلاف“ آهيون ۽ ٻئي پاسي ظلم ڪندڙن جي خلاف مظلوم ۽ محڪوم قوم جي انتهائي باعمل ۽ ڪن روشن خيال حلقن جي جانفروش بغاوت کي ”سازش ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش“ جو نالو ڏيندا رهون. انهيءَ جو مطلب هيءُ ٿيندو ته اسين به ڪائوٽسڪي پرستن جي احمقانه ليول تائين ئي ڪرندا پيا وڃون.

آئرلينڊ وارن جي بدقسمتي اها آهي ته هو وقت کان اڳ ئي اٿي بيٺا آهن، اڃا پرولتاريه جي يورپي بغاوت پڪي ڪانه هئي ته اٿي کڙا ٿيا. سرمائيداريءَ جي تعمير ايتري هموار ۽ هم آهنگ ڪانه آهي جو بغاوتن جي ڦٽڻ سان ئي مختلف چشما ترت هڪ ٻئي ۾ ملي وڃن ۽ کين نه پوئتي هٽڻو پوي ۽ نه ناڪامين جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ جو ابتڙ اها ئي حقيقت ته، مختلف وقتن تي، مختلف جاين تي ۽ مختلف قسمن جون بغاوتون منهن ڪڍن ٿيون، عام تحريڪ جي وسعت ۽ گهرائي جي ضمانت ڏين ٿيون. اڌ پڪل، نامڪمل، ايڪڙ ٻيڪڙ، وکريل ۽ نتيجي جي طور تي ناڪام انقلابي تحريڪن ۾ ئي عوام تجربو حصل ڪري ٿو، علم جي هٿيار سان هٿيار بند ٿئي ٿو، طاقت وٺي ٿو، پنهنجن اصلي اڳواڻن کي، سوشلسٽ پرولتارين کي سڃاڻي ٿو ۽ اهڙي ريت عام حملي جي تياري ڪري ٿو، بلڪل جهڙي ريت الڳ الڳ هڙتالن، مقامي ۽ قومي مظاهرن، فوج ۾ بغاوتن، هارين جي هنگامن ۽ بغاوتن وغيره. 1905ع جي عام وهڪري جي لاءِ رستو هموار ڪيو هو.

11. پڄاڻي

پولش سوشل جمهوريت پسندن جي غلط بيانيءَ جي ابتڙ قومن جي خوداختياريءَ جي مطالبي اسان جي پارٽيءَ جي پرچار ۾، عوام جي هٿياربنديءَ، رياست کان ڪليسا جي علحدگيءَ، عوام جي هٿان سرڪاري عهديدارن جي چونڊ وغيره ڪو گهٽ رول ادا ڪونه ڪيو آهي جنهن کي تنگ نظر ماڻهو ”خيالي جنت“ (يوٽوپيا) چون ٿا. انهيءَ جي ابتڙ 1905ع کان پوءِ قومي تحريڪن جي تازي اٻڙڪي سڀاويڪ اسان جي پرچار کي وڌيڪ تقويت بخشي جهڙوڪ: 1912 – 1913ع ۾ ڪيترن مضمونن 1913ع ۾ اسان جي پارٽي جي رٿ، جنهن معاملي جي اصليت جي توريل تڪيل ۽ ”ڪائوٽسڪي پرستن جي خلاف“ تشريح ڪئي (يعني اها رٿ خالص زباني ”اعتراف“ سان نٿي ٺهڪي اچي).

انهيءَ مهل هڪ حقيقت اڀري آڏو آئي جنهن کي نظر انداز ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: مختلف قومن جي موقعي پرستن – يوڪريني يورڪيوچ، بنڊسٽ ليب مان ۽ سيمڪوفسڪيءَ، جيڪو پوتريسوف اينڊ ڪمپنيءَ جو روسي خيمي بردار آهي – خود اختياريءَ جي خلاف روزا لڪسمبرگ جي دليلن جي حق ۾ راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيو! جلد ئي ڄاڻ پئجي وئي ته اهائي شي جيڪا پولش سوشل جمهوريت پسند جي نظر ۾ پولينڊ جي تحريڪ جي مخصوص حالتن جي باري ۾ رڳو غلط نظرياتي فارمولو هو، عملي طور تي، وسيع تر حالتن ۾، ننڍي رياست جي پيماني تي نه، پر وڏي رياست جي پيماني تي، ننڍڙي پولش پيماني تي نه، پر بين الالقوامي پيماني تي، خارجي طور تي، مهاروسي سامراج جي موقعي پرست حمايت بنجي وئي. سياسي خيال ۽ فڪر ۾ (جيڪا ڪن ماڻهن جي انفرادي راءِ کان مختلف آهي) رجحانن جي تاريخ اسان جي پروگرام جي صحت جي تصديق ڪري ڇڏي.

۽ هاڻي لينچ جهڙا صافگو سوشل سامراج وادي واقعي خوداختياري ۽ زبردستيءَ الحاق کان انڪار ڪري ٻنهي جي خلاف هٿيار کڻي رهيا آهن. پر ڪائوٽسڪي پرست رياڪاريءَ سان خوداختياريءَ مڃين ٿا. اسان وٽ روس ۾ ٽراٽسڪي ۽ مارتوف اهو ئي رستو اختيار ڪيو آهي. زباني طور تي ٻئي ڪائوٽسڪي وانگر خود اختياريءَ جي حق ۾ آهن. ۽ عمل ۾؟ ٽراٽسڪيءَ جي ڏس ۾ رناشي سلوط ۾ سندس مضمون (قوم ۽ معيشت ڏسو) اسان کي سندس ساڳيوئي پراڻو ”ايڪليڪٽسزم“ Ecleticism* نظر اچي ٿو؛ هڪ پاسي ته معيشت قومن کي متحد ڪري ٿي ۽ ٻئي پاسي قومي ظلم ۽ ڏاڍ انهيءَ ۾ ڦيٽارو وجهي ٿو. نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ نتيجو هيءُ آهي ته موجوده رياڪاريءَ جو پردو نٿو ڦاٽي، پرچار بي جان رهي ٿو، بنيادي ۽ ضروري مسئلن کي هٿ نٿو لاتو وڃي، انهن شين کي هٿ نٿو لڳايو وڃي جن جو عمل سان گهرو سنٻنڌ آهي يعني ”منهنجي“ قوم جي مٿان ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ قوم ڏانهن رويو. مارٽوف ۽ ٻيا ٻاهريان سيڪريٽري مزي سان ڀلجي ٿا وڃن (ظاهر آهي ته ڀلجڻ سان گهران ڪجهه وڃي ڪونه ٿو) ته ساڻن گڏ ڪم ڪندڙ ۽ ميمبر ساٿي سيمڪوفسڪي خود اختياريءَ جي خلاف وڙهي رهيو آهي. گووزرديف پرستن جي قانوني اخبار (”ناش گولس“) ۾ مارٽوف خود اختياريءَ جي حق ۾ لکيو ۽ هي ناقابل ترديد حقيقت ثابت ڪئي ته هيءُ خوداختياري سامراجي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لازمي نٿي ٺاهي وغيره، پر هو اصلي مسئلي کان پلئه آجو ڪري ويو (هو غير قانوني، آزاد اخبارن ۾ به هن مسئلي کان جان ڇڏائي ويو). اُهو مسئلو هيءُ آهي ته امن جي زماني ۾ به روس، قومن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ ۾ سامراج جي بنياد تي سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، جيڪو وڌيڪ اڻ سڌريل، وچئين دور (Medieval) جي زماني جو، اقتصادي طور تي پوئتي پيل ۽ فوجي آفيسرشاهي جي مشين ۾ جڪڙيل سامراج آهي. اُهو روسي سوشل جمهوريت پسند جيڪو قومن جي خوداختياريءَ کي اهڙي ريت تسليم ڪري ٿو، جهڙي ريت پليخانوف،  پوترسيوف اينڊ ڪمپني ڪن ٿا يعني جيڪو زار شاهيءَ جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيل قومن جي آزادي علحدگيءَ جي لاءِ عملي طور وڙهڻ کان سواءِ خوداختياريءَ کي ”تسليم“ ڪري ٿو اهو دراصل سامراج وادي ۽ زار شاهيءَ جو پٺو آهي.

داخلي طور تي ٽراٽسڪي ۽ مارٽوف جي نيت کڻي ڪهڙي به ”نيڪ“ هجي، خارجي طور تي هو پنهنجي فرار ۽ گوٿناٿ ذريعي روسي سوشل سامراجين جي حمايت ڪن ٿا. سامراجي دور سڀني ”وڏين“ طاقتن کي گهڻن ئي قومن کي لٽڻ وارين طاقتن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ سامراج جو اڀار ڪهڙي به حالت ۾ هن سوال تي به، بين الاقوامي سوشل جمهوريت پسندن ۾ لاڙن جي فرق کي اڃا وڌيڪ واضح ۽ چٽو ڪندو.

 

1916ع جي جولاءِ ۾ لکيو ويو،       لينن جون لکڻيون

”سبورنيڪ سوتسيال ڊيموڪراتا“   چوٿون ايڊيشن، جلد 21

جي پهرين پرچي ۾،             صفحو 306 – 344

آڪٽوبر 1916ع ۾ شايع ٿيو.

صحيح: ن. لينن

 

 

سمجهاڻيون

(1) ڊريفوس جو ڪيس – 1894ع ۾ جنرل اسٽاف جي هڪ يهودي آفيسر ڊريفوس تي فرانسيسي فوجي ازم رجعت پرست شاهي جي حلقن اشتعال انگيز ڪيس هلايو. هن تي جاسوسيءَ ۽ غداريءَ جو ڪوڙو الزام هو. فوجي عدالت ڊريفوس کي عمر قيد جي سزا ڏني. فرانس ۾ ڊريفوس جي ڪيس جي ٻيهر شنوائيءَ جي لاءِ وسيع تحريڪ هلي، انهيءَ ۾ رپبلڪ پسندن ۽ شاهي پرستن جي وچ ۾ زبردست جدوجهد ٿي. ۽ 1906ع ۾ ڊريفوس کي آزاد ڪيو ويو.

لينن چيو هو ته ڊريفوس جو ڪيس رجعت پرست جي هزارين شرمناڪ چالبازين منجهان هڪ آهي.

(2) زابيرن واقعو نومبر 1913ع ۾ زابيرن شهر (الساس)  ۾ ٿيو. هڪ پروشائيءَ آفيسر الساسين جي بي عزتي ڪئي. انهيءَ جي خلاف مقامي آباديءَ ۾ خاص ڪري فرانسيسي آباديءَ ۾ روشپائي فوجي ازم جي ظلم ستم جي خلاف وڏو جوش ۽ هيجان برپا ٿي ويو آهي.

(3) فيبئن – سڌاروادي ۽ موقعي پرست ”فيبئن سوسائٽيءَ“ جو ميمبر هيءَ سوسائٽي بورجوا دانشورن جي هڪ گروهه 1884ع ۾ انگلستان ۾ قائم ڪئي هئي. فيبئن سوسائٽيءَ رومن سپه سالار فيبئس ڪنڪٽيٽر کان نالو ورتو هو، جيڪو هر شي کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ فيصلي ڪن جنگ کان ڪترائڻ ۾ مشهور هو. فيبئن پرولتاريه کي طبقاتي جنگ کان ڀٽڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ هن ڳالهه جي وڪالت ڪندو هو ته پرامن طريقي سان، ننڍن ننڍن سڌارن جي ذريعي سرمائيداريءَ کان سوشلزم جي منزل ۾ وک رکي وڃي.

(4) جنوري 1912ع ۾ پر اڳ ۾ روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جي ڪانفرنس منشويڪ انسداد پسندن Liquidators کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت بالشويڪن ۽ منشويڪن جو؛ هڪ ئي پارٽيءَ ۾ رسمي طور تي متحد ٿيڻ جو سلسلو سدائين ختم ٿي ويو.

(5) لينن قومي سوال تي انهيءَ رٿ جو حوالو ڏنو آهي جيڪا پاڻ ڏني هئائين ۽ جيڪا روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ ۽ پارٽي ميمبرن جي جلسي منظور ڪئي هئي. هيءُ جلسو 6-14 آڪٽوبر (نئين ڪلينڊر مطابق) 1913ع ۾ ٿيو هو.

(4) ”ناشي ديلو“ (اسان جو مقصد، هڪ منشويڪ ماهنامو؛ روس ۾ Liquidators جو خاص رسالو جيڪو 1915ع ۾ ڇپيو.

(7) پهرين بين الاقوامي سوشلسٽ ڪانفرنس زمروالڊ ۾ 1915ع ۾ 5 تاريخ کان 8 سيپٽمبر تائين ٿي هئي. ڪانفرنس ۾ انقلابي بين الاقواميت پسندن ۽ ڪائوٽسڪي واري گهڻائي جي وچ ۾ جدوجهد ٿي. انقلابي بين الاقواميت پسندن جي اڳواڻي لينن ڪئي. کاٻي ڌر جي بين الاقواميت پسندن کي وٺي لينن زمروالڊ کاٻي ڌر جو گروپ ٺاهيو. هن گروپ ۾ رڳو بالشويڪ پارٽيءَ جنگ جي خلاف واحد درست ۽ پوري طور تي بااصول بين الاقواميت رويو اختيار ڪيو.

ڪانفرنس ۾ هڪ پڌرنامو منظور ٿيو. انهيءَ ۾ عالمگير جنگ کي سامراجي جنگ چيو ويو، انهن ”سوشلسٽن“ جي عمل جي طريقي جي ملامت ڪئي وئي، جن جنگي قرضن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ۽ بورجوا حڪومتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا ... يورپ جي مزدورن کي اپيل ڪئي وئي ته جنگ جي خلاف ۽ زبردستيءَ الحاق ۽ جنگي تعاون کان سواءِ امن جي خاطر جدوجهد ڪن.

ڪانفرنس هڪ ٻي تجويز منظور ڪئي جنهن ۾ جنگ جو شڪار ٿيندڙن سان همدردي ڪئي وئي. ڪانفرنس هڪ سوشلسٽ بين الالقوامي ڪميشن جي چونڊ ڪئي.

(8) ”سامراج ۽ قومي ظلم ستم تي نظرياتي مقالا“ گازي ”تارابو تنيچا“ جي اداري لکيا هئا ۽ اهي مقالا ”سبورنيڪ سوتسيال ديموڪراتا“ نمبر پهرين (آڪٽوبر 1916ع) ۾ شايع ٿيا.

(9) لينن جي ذهن ۾ 1903ع وارو بحث آهي، جيڪو روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي جي پروگرام جي ترتيب جي باري ۾ ٿيو هو، ۽ جيڪو ٻي پارٽي ڪانگريس منظور ڪيو هو. سندس ذهن ۾ اُهو بحث به آهي جيڪو 1911ع ۾ ٿيو هو. هن بحث ۾ هڪ پاسي ته بالشويڪ هئا ۽ ٻئي طرف مڙيءَ Liquidator، ٽراٽسڪي پسند ۽ بنڊست هئا. هيءَ بحث ”تهذيبي قومي خودمختياري“ جي سوال تي ٿيو هو.


 


* هي ياد هوندو ته سڀني پولش سوشل جمهوريت پسندن پنهنجي زمروالڊ جي پڌرنامي ۾ عام طور تي خود اختياري کي تسليم ڪيو پر ڪجهه مختلف لفظن ۾.

* Deit: قاعدا ٺاهيندڙ مجلس

* مختلف قسمن جي خيالن، رجحانن ۽ نظرين کي ميڪانڪي ۽ غير اصولي طور تي گڏڻ، ملائي سيلائي ڇڏڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org