سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قومن جو خود اختياري حق

باب: --

صفحو : 2

 

خود اختياريءَ جي باري ۾ بحث جو نچوڙ

زمروالڊ کاٻي ڌر جي مارڪسي رسالي ”نقيب“ جي ٻئي نمبر (Vorbote نمبر 2، اپريل 1916ع) ۾ قومن جي خوداختياريءَ جي حق ۾ ۽ خلاف، اسان کي مرڪزي اخبار ”سوتسيال ديموڪرات“ جي اداري جي طرفان، ۽ پولش سوشل جمهوري مخالف اخبار ”گازي تارابو تنيچا“ جي اداري جي طرفان نظرياتي مقالا شايع ٿيا آهن. مٿي ذڪر ڪيل پهرين مقالن جو نقل ۽ ٻين مقالن جو ترجمون (8) پڙهندڙن جي نظرن مان گذري چڪو آهي. بين الاقوامي ميدان ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو هن سوال تي ايترو وسيع پيماني تي بحث ڪيو ويو آهي. سال اڳ 1916ع ۾ لنڊن واري بين الالقوامي سوشلسٽ ڪانگريس کان ويهه سال اڳ 1895 – 1896ع جي دوران ۾ جرمن مارڪسي رسالي "Neuezeit" ۾ جيڪو بحث ٿيو، انهيءَ ۾ روزالڪسمبرگ، ڪائوٽسڪي ۽ پولش ”نيپو دليگکوسي وتسيءَ“ (پولش جي آزاديءَ جي علم بردار جماعت پولش سوشلسٽ پارٽي) رڳو پولينڊ جي باري ۾ ٽن مختلف خيالن جو اظهار ڪيو. هن وقت تائين، جيتري قدر اسين ڄاڻون ٿا ته رڳو ڊچ ۽ پولينڊ وارن ڪنهن حد تائين خوداختياريءَ جي سوال تي باقاعدي بحث ڪيو آهي. اسان کي اميد آهي ته ”نقيب“ هن وقت انتهائي اهم سوال تي برطانيه آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ اٽليءَ وارن جي بحث کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو. سرڪاري سوشلزم، جنهن جي نمائندگي ”پنهنجي“ حڪومتن جا سڌا سنوان حامي، هي سمورا پليخانوف، ڊيوڊ اينڊ ڪمپني ۽ موقعي پرستيءَ جا ڳجها حامي ڪائوٽسڪي وادي (جن ۾ اڪسيلروڊ، مارتوف، چي ايڊزي وغيره شامل آهن) ٻئي ڌريون ڪن ٿا. ها، هي سرڪاري سوشلزم هن سوال تي افراتفريءَ جو اهڙو ته ڀانڊو ٿي ويو آهي، جو هاڻي ناگزير آهي ته گهڻن ڏينهن تائين هڪ طرف کان ته هن ڏس ۾ چپ چپات سان جند ڇڏائڻ ۽ ڪترائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ ٻئي طرف مزدورن جا مطالبا هوندا ته جيئن انهن کي هنن ”بدبخت سوالن“ جا ”سڌا سنوان ۽ کرا کرا“ جواب ڏنا وڃن. اسين ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجن پڙهندڙن کي خيالن جي هن رفتار کان آگاهه ڪيون، جيڪا ٻين ملڪن جي سوشلسٽن جي وچ ۾ جاري آهي.

پر اسان جي لاءِ، روسي سوشل جمهوريت پسندن جي لاءِ هيءُ سوال خاص اهميت رکي ٿو: هيءُ بحث انهيءَ بحث جو سلسلو آهي جيڪو 1903ع ۽ 1913ع (9) ۾ ٿيو هو. جنگ جي زماني ۾ هن سوال پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ وڏو مونجهارو پيدا ڪيو. ۽ گووزديف يا شاونسٽ ليبر پارٽيءَ جي مارتوف ۽ چي ايدزي جهڙن ممتاز اڳواڻن هن معاملي جي اصليت کان جان ڇڏائڻ لاءِ هن سوال کي اڃا به وڌيڪ منجهائي ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته بين الاقوامي ميدان ۾ بحث شروع ٿيو هو انهي جو نچوڙ پيش ڪيو وڃي.

جيئن ته انهن نظرياتي مقالن مان پڌرو آهي، پولش ساٿي اسان جن ڪن دليلن جا جواب، مثال طور مارڪس ازم ۽ پروڌون ازم جي باري ۾، سڌو سنئون ڏئي رهيا آهن. پر گهڻين ڳالهين جا جواب هو اسان کي سڌو سنئون نه، بلڪ اڻ سڌيءَ طرح ڏين ٿا ۽ پنهنجا جوابي دعويٰ پيش ڪن ٿا. اچو ته اسين انهن جي اڻ سڌن ۽ سڌن جوابن جو جائزو وٺون.

 

1. سوشلزم ۽ قومن جي خوداختياري

اسان جي دعويٰ آهي ته سوشلزم ۾ قومن جي خوداختياريءَ کي عملي روپ نه پهرائڻ سوشلزم سان غداري ٿيندي. اسان کي چيو ٿو وڃي: ”سوشلسٽ سماج تي خوداختياري حق جو اطلاق نٿو ٿي سگهي.“ راءِ جو اختلاف بنيادي آهي. اهو ڪٿان ٿو ڦٽي؟

”اسين ڄاڻون ٿا“، اسان جا مخالف جواب ٿا ڏين، ”ته سوشلزم هر قسم جي قومي ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته سوشلزم انهن مڙني طبقاتي مفادن کي ئي ختم ڪري ڇڏيندو جيڪي قومي ظلم ۽ ڏاڍ کي پيدا ٿا ڪن.“ قومي ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بنيادي اقتصادي شرطن جو ذڪر ڇو ٿي رهيو آهي، جن کي اسين هڪ زماني کان ڄاڻون ۽ مڃون ٿا جيڪي ترديد ڪرڻ جوڳا ئي نه آهن. جڏهن ته پوري دليل جو لاڳاپو سياسي ظلم ۽ جبر جي هڪ شڪل سان آهي. يعني: ڪنهن هڪ قوم کي زبردستيءَ ٻي رياست جي سرحدن جي اندر رکڻ جو سوال؟ بهرحال، هيءُ سياسي سوالن کان ڪترائڻ جي ڪوشش آهي! اڳتي هلي جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن سي هن خيال جي اڃا به وڌيڪ تصديق ڪن ٿا: ”اسان وٽ هيءُ فرض ڪري وٺڻ جو ڪو ڪارڻ ڪونه آهي ته سوشلسٽ سماج ۾ قوم جي حيثيت اقتصادي سياسي يونٽ جي هوندي. انومان اهوئي آهي ته قوم جي حيثيت هڪ تهذيبي ۽ لساني يونٽ جي هوندي ڇاڪاڻ جو هڪ سوشلسٽ تهذيبي حلقي جو علاقائي ورهاڱو (جنهن حد تائين سندس وجود هوندو) رڳو پيداوار جي تقاضائن پٽاندڙ هوندو ۽ انهيءَ ورهاڱي جي سوال جو فيصلو، سڀاويڪ آهي ته رڳو هڪ قوم ڪانه ڪندي، جنهن جي هٿ ۾ پوري طاقت هجي، (”خوداختياري حق جنهنجو مطالبو ڪري رهيو آهي)، پر ان جو تعين هڙئي لاڳاپو رکندڙ شهري گڏجي ڪندا...“

خوداختياريءَ جي جاءِ تي گڏيل تعين جو دليل پولش ساٿين کي ايترو ته وڻي ويو آهي جو انهن هن دليل کي پنهنجن نظرياتي مقالن ۾ ٽي دفعا دهرايو آهي! پر هي آڪٽومبري ۽ رجعت پسند دليل ذري ذر دهرائڻ سان سوشل جمهوري دليل بڻجي نه سگهندو. ڇاڪاڻ، سمورا رجعت پسند ۽ بورجوا هڪ خاص رياست ۾ زبردستيءَ جڪڙيل قومن کي هي حق ڏين ٿا ته عام پارليامينٽ ۾ انهيءَ رياست جي قسمت جو ”گڏيل فيصلو ڪن“. ويلهيلم ٻيو به بلجيم وارن کي اهو حق ڏئي ٿو ته عام جرمن پارليامينٽ ۾ جرمن سلطنت جي قسمت جو ”گڏيل فيصلو“ ٿي وڃي.

پر جنهن نُڪتي تي راءِ جو اختلاف آهي، اُهو نُڪتو جنهن تي بحث ٿي رهيو آهي، اُهو دراصل آهي: علحدگيءَ جو حق. ۽ انهي کان اسان جا حريف پلهءُ آجو ڪرڻ جي جاکوڙ ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڳالهه ايتري قدر افسوس ناڪ نه هجي ها ته چڱو خاصو تفريح جو سامان مهيا ڪري ها!

اسان جي پهرين نظرياتي مقالي ۾ چيو ويو آهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزاديءَ جي لاءِ سياسي ميدان ۾ ٻن قسمن جون تبديليون ناگزير آهن: [1] سڀني قومن جي لاءِ بلڪل هڪجهڙا حق. انهيءَ تي ڪوبه اختلاف نه آهي، ۽ انهن جو لاڳاپو رڳو انهن شين سان آهي جيڪي رياست جي اندر ٿي رهيون آهن – (2) سياسي علحدگيءَ جي آزادي. هن جو لاڳاپو رياست جي سرحدن جو تعين ڪرڻ سان آهي. رڳو هي آهي بحث طلب. ۽ هيءَ اهائي ڳالهه آهي جنهن جي باري ۾ اسان جن مخالفن بنهه ماٺ اختيار ڪئي آهي. هو نڪو رياست جي سرحدن جي باري سوچڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي وري عام طور تي رياست جي باري ۾. هيءَ آهي هڪ  قسم جي ”سامراجي اقتصاديت پرستي“ جيڪا 1891- 1902ع واري پراڻي ”اقتصاديت پرستيءَ“ سان ملي جلي ٿي. جنهن جو دليل هيءُ هو: سرمائيداري فتح ياب آهي، انهي ڪري سياسي سوال بي معنيٰ آهن – سامراج فتح ياب آهي انهيءَ ڪري سياسي سوال بي معنيٰ آهن! اهڙن قسمن جي غير سياسي نظرين ۽ مارڪس ازم جي وچ ۾ بنيادي دشمني آهي.

مارڪس ”گوٿا پروگرام“ تي تنقيد ۾ لکيو: ”سرمائيداري ۽ ڪميونسٽ سماج جي وچ ۾، هڪ انقلابي تبديليءَ جو دور لنگر انداز آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ سياسي تبديليءَ جو عبوري دور اچي ٿو، جنهن ۾ رياست، پرولتاريه جي انقلابي ڊڪٽيٽرشپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿي ٿي سگهي.“ هن وقت تائين سوشلسٽن جي لاءِ هيءَ سچائي رهي آهي، اهڙي سچائي جا رياست کي تسليم ڪري ٿي. انهيءَ دور ۾ به رياست کي مڃي ٿي، جڏهن فتح ياب سوشلزم وڌي ويجهي مڪمل ڪميونزم ۾ بدلجي وڃي ٿو، رياست جي مٽجي وڃڻ جي باري ۾ اينگلز جو قول مشهور آهي. ڄاڻي واڻي پهرئين ئي مقالي ۾ اسان هن تي زور ڏنو ته جمهوريت رياست جي هڪ شڪل آهي جيڪا رياست ساڻ مٽجي ويندي. ۽ جيستائين اسان جا مخالف مارڪس ازم جي جاءِ تي ڪو نئون ”غير رياستي نقط نظر نٿا پيش ڪن سندن سمورا دليل منڍ کان وٺي آخر تائين غلط آهن.

رياست جي باري ۾ ڳالهائڻ بدران (۽ انهيءَ ڪري رياست جي سرحدن جو تعين ڪرڻ بجاءِ!) هي ماڻهو هڪ ”سوشلسٽ تهذيبي حلقي“ جي ڳالهه ڪن ٿا. يعني ڄاڻي واڻي هڪ اهڙو اصطلاح استعمال ڪن ٿا، جيڪو هن معنيٰ ۾ بلڪل مبهم آهي ته هيءُ مڙني رياستي مسئلن کي ناس ڪري ڇڏي ٿو. هي ماڻهو ساڳي معني وارن لفظن جي ورجاءَ مان نتيجا ڪڍن ٿا: بيشڪ، جيڪڏهن رياست نه آهي ته پوءِ هن جي سرحدن جو به ڪو سوال ڪونه ٿو اڀري. پوءِ ته پوري جمهوري سياسي پروگرام جي به ضرورت ڪانه آهي. جڏهن رياست ”مٽجي ويندي“ ته رپبلڪ جو به ڪو وجود نه هوندو.

جرمن شاونسٽ لينچ پنهنجن مضمونن ۾، جنهن جو حوالو اسان پنهنجي پنجين نظرياتي مقالي (نوٽ) ۾ ڏنو آهي، اينگلز جي ”پوين راين“ منجهان هڪ دلچسپ ٽڪرو نقل ڪيو آهي. اينگلز هن ٽڪري ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هي چيو آهي ته تاريخي ارتقا جي دوران ۾، جنهن ڪيترين ننڍين ۽ بي جان قومن کي جذب ڪري ورتو، ”وڏين ۽ جاندار يورپي قومن“ جي سرحدن جو تعين گهڻي کان گهڻو آباديءَ جي ”زبان ۽ همدردين“ سان ٿيو. اينگلز انهن سرحدن کي ”قدرتي“ سرحدن جو نالو ڏنو آهي. هيءَ صورتحال هئي يورپ ۾، 1847 – 1848ع جي وچ ڌاري، ترقي پسند سرمائيداريءَ جي دور ۾. اڄ رجعت پسند، سامراجي سرمائيداري، جمهوري طور تي فيصل ٿيل انهن سرحدن کي ذري ذري ڊاهي ۽ ٽوڙي رهي آهي. هر شي هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته سوشلزم کي، سامراج کان، جنهن تي سوشلزم غالب ايندو، گهٽ جمهوري سرحدون ۽ يورپ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ زبردستيءَ ٿيل الحاق ورثي ۾ ملندا. ته پوءِ ڇا فتح ياب سوشلزم هڪ پاسي ته شروع کان آخر تائين مڪمل جمهوريت بحال ڪندو ۽ ٻئي پاسي رياستي سرحدن جي جمهوري تعين کان انڪار ڪندو؟ ڇا سوشلزم آباديءَ جي ”همدردين“ کي مڃڻ کان انڪار ڪندو؟ انهن سوالن کي کڻڻ سان ئي چٽو پتو پوي ٿو ته اسان جا پولش ساٿي ڪهڙي ريت نه مارڪس ازم کان تِرڪي ”سامراجي اقتصاديت پرستيءَ“ جي هنج ۾ پهچي ٿا وڃن.

پراڻن ”اقتصاديت پرستن“ مارڪس ازم کي مشڪري ٺاهي ڇڏيو ۽ مزدورن کي سيکاريو ته مارڪس وادين جي لاءِ ”رڳو“ ”اقتصادي پهلو“ اهم آهي. نوان اقتصاديت پرست يا ته سوچين ٿا ته فتح ياب سوشلزم جي جمهوري رياست جو وجود سواءِ سرحدن جي هوندو (جهڙي ريت مادي کان سواءِ ”احساسن جو نظام“) يا هيءَ ته سرحدن جو عين ”رڳو“ پيداواري ضرورتن پٽاندڙ ٿيندو. پر حقيقت ۾ انهن جو تعين جمهوري طور تي ٿيندو، يعني آباديءَ جي خواهش ۽ همدردين جي مطابق. سرمائيداري انهن همدردين ساڻ زور زبردستيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ اهڙي ريت قومن جي ميلاپ جي رستي ۾ نيون رڪاوٽون پيدا ڪري ٿي. طبقاتي ظلم ۽ ڏاڍ کان سواءِ پيداوار جي تنظيم ڪري ۽ رياست جي مڙني ميمبرن جي فلاح ۽ بهبود کي يقيني بنائي؛ سوشلزم، آباديءَ جي ”همدردين“ کي کليو ميدان ڏئي ٿو. ۽ انهيءَ ريت سوشلزم قومن جي ميلاپ ۽ کير کنڊ ٿيڻ جي عمل ۾ سولائي ۽ وڌيڪ تيزي پيدا ڪري ٿو.

اچو؛ اسين پڙهندڙن کي ڳري ۽ منجهيل ”اقتصاديت پرستيءَ“ کان ڪجهه ڇوٽڪارو ڏيون ۽ هڪ اهڙي سوشلسٽ ليکڪ جي خيالن جو نقل پيش ڪيون، جيڪو هن بحث ۾ ڌاري حيثيت رکي ٿو. هي ليکڪ آهي اوٽوبائوير – هن جو پنهنجو هڪ ”ننڍڙو نڪتو“ آهي – ”تهذيبي قومي خوداختياريءَ“ جو. – پر هن ڪيترن اهم مسئلن تي درست روشني وڌي آهي. مثال طور، هن پنهنجي ڪتاب ”قومي سوال ۽ سوشل ڊيموڪريسي“ جي اوڻٽيهين سيڪشن ۾ تمام درست چيو آهي ته قومي نظريو سامراجي پاليسين جي لاءِ ڍال آهي. ٽيهين سيڪشن ”سوشلسٽ ۽ قوميت جو اصول“ ۾ هو چوي ٿو:

”سوشلسٽ برادري سڄين قومن کي ڪڏهن به پنهنجي اندر جذب نه ڪندي. ٿورو تصور ڪيو: پورو عوام قومي تهذيب جي مڙني دولتن سان ٽٻ ڀريل آهي، قانون سازي ۽ نظم و نسق ۾ پورو ۽ سرگرم حصو وٺي رهيو آهي، هٿيارن سان ليس به آهي. ڇا اهڙين قومن کي زبردستيءَ هڪ غير سماجي آرگن ازم (Organissm) جي حڪومت هيٺ رکڻ ممڪن ٿيندو؟ سڄو رياستي اقتدار هٿيارن جي قوت جي سهاري سان برقرار آهي. اڄ جي قومي فوج به پنهنجي خاص ڍانچي ۽ بناوٽ جي آڌار تي پوئين زماني جي نائيٽ (Knighty) دستن ۽ ڀاڙي جي فوج وانگر ڪنهن هڪ خاص ماڻهوءَ، خاندان يا طبقي جي هٿن ۾ کيڏوڻو آهي. پر سوشلسٽ سماج جي جمهوري برادريءَ جي فوج مسلح عوام آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ فوج انتهائي سڌريل ماڻهن جي برادريءَ تي مشتمل آهي، جيڪي سواءِ ڪنهن زور زبردستيءَ جي پبلڪ ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ رياستي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ پوريءَ ريت ڀاڱي ڀائيوار ٿي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ ڌاري قوم جي غلبي جو سمورو امڪان ڪافور ٿي وڃي ٿو.“

هيءُ واقعي سچ آهي. سرمائيداريءَ جي زماني ۾ قومي ظلم ۽ ڏاڍ (۽ عام طور تي سياسي ظلم ۽ ڏاڍ) جو خاتمو ڪرڻ ناممڪن آهي. هن جي لاءِ لازمي ٿيو وڃي ته طبقن جو خاتمو ڪيو وڃي يعني سوشلزم جا بنياد رکيا وڃن. سوشلزم جو بنياد اقتصاديات  آهي. پر هن جو مقصد هرگز هيءُ ناهي ته سوشلزم کي رڳو اقتصاديات تائين محدود ڪري، رکي ڇڏجي. قومي ظلم ۽ جبر ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ بنياد جي ضرورت آهي، يعني سوشلسٽ پيداوار جي ضرورت آهي. پر هن جي لاءِ به، رياست جي جمهوري تنظيم جي، هڪ جمهوري فوج جي ضرورت آهي وغيره وغيره. پرولتاري طبقو سرمائيداريءَ جي جاءِ تي سوشلزم جي تعمير ڪري، قومي ظلم ۽ ڏاڍ کي بلڪل ختم ڪري ڇڏڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو. انهيءَ امڪان کي حقيقت ۾، ”رڳو“ – ”رڳو“! ان وقت بدلائي سگهبو جڏهن سڀني شعبن ۾ جمهوريت پوري ريت روان دوان ٿئي، جنهن ۾ آباديءَ جي ”همدردين“ پٽاندر رياست جي سرحدن جو تعين به شامل آهي، جنهن ۾ علحدگيءَ جي مڪمل آزاديءَ به شامل آهي. انهيءَ بنياد تي، پوءِ عملي طور تي هلڪي کان هلڪو قومي جهيڙو، هلڪي کان هلڪي قومي بي اعتماديءَ جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. قومن جي ميل ۽ ميلاپ کيرکنڊ ٿيڻ جي عمل ۾ تيزي پيدا ٿيندي، ۽ انهيءَ جي پڄاڻي هيءَ ٿيندي ته رياست مٽجي ويندي. هي آهي مارڪس ازم جو نظريو، جنهن کان ڀٽڪي اسان جي پولش ساٿين غلطي ڪئي آهي.

 

2. ڇا سامراج جي هيٺ جمهوريت ”عمل جي قابل“ آهي؟

قومن جي خوداختياريءَ جي خلاف پولش سوشل جمهوريت پسندن جو سمورو بحث هن دليل تي مبني آهي ته سرمائيداريءَ ۾ هي ”ناقابل عمل“ آهي. 1903ع ۾ ئي، روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس جي پروگرام ڪميشن ۾ اسان، ”اسڪرا“ وارن هن دليل تي ٺٺول ڪئي ۽ چيو ته، ”اقتصاديات پرستن“ (جيڪي مري ويا ۽ جن لاءِ روئڻ پٽڻ اجايو آهي) مارڪس ازم کي بڇڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هيءَ دليل انهيءَ ڪوشش کي ورجائي ٿو. پنهنجي مقالن ۾ اسان هن غلطيءَ تي خاص ڪري تفصيل سان بحث ڪيو، ۽ انهيءَ ۾ ئي سمورن اختلافن جو نظرياتي بنياد لڪل آهي. پولش ساٿين اسان جي هڪ دليل جو به جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. (يا جواب ڏئي نه سگهيا؟)

خوداختياريءَ جي اقتصادي طور تي ناممڪن هجڻ جي دليل کي، اقتصادي تجزئي سان ثابت ڪرڻ کپندو هو. جهڙي ريت اسان اقتصادي تجزيو ڪري ثابت ٿا ڪريون ته مشينن تي پابندي لڳائڻ يا ”محنت جي معاوضي جو ڪوپن“ رائج ڪرڻ وغيره ناممڪن آهي. ڪوبه اهڙي قسم جي تجزئي ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ڪوبه اها دعويٰ ڪونه ڪندو ته سرمائيداريءَ جي هيٺ هڪ ئي ملڪ ”جدا طور“ ”محنت جي معاوضي جو ڪوپن“  جاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هجي. ساڳي ريت هڪ ننڍڙو ملڪ، الڳ طور، انتهائي بي لگام سامراج جي دور ۽، گهربل خوداختياريءَ جي حاصلات ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو هجي ۽ اهو به سواءِ جنگ ۽ انقلاب جي. (ناروي 1905ع).

عام طور تي سياسي جمهوريت، سرمائيداريءَ تي بيٺل عمارت، جي ممڪن شڪلين (Forms) منجهان هڪ شڪل آهي (حالانڪ نظرياتي طور تي. نج سرمائيداريءَ جي لاءِ هيءَ نارمل شيءِ آهي). حقيقتون ثابت ٿيون ڪن ته سرمائيداريءَ ۽ سامراج، ٻئي قسمين قسمين سياسي شڪلين جي هيٺ ترقي ڪن ٿا ۽ انهن مڙني شڪلين کي پنهنجي تابع ڪري ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري نظرياتي طور تي اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته جمهوريت جي شڪلين منجهان هڪ شڪل ۽ جمهوريت جي مطالبن منجهان هڪ مطالبو“ عمل جي قابل نه آهي.

انهن دليلن جي جواب ۾ پولش ساٿين جي خاموشي هيءُ نتيجو ڪڍڻ تي مجبور ٿي ڪري ته نڪتي تي بحث ختم ٿي ويو. مثال طور اسان صاف صاف ٺوس دعويٰ ڪئي ته حڪمت عملي ۽ موجوده جنگ جي ٻين عناصرن جي ڪري پولينڊ جي بحاليءَ جي ”عملي هجڻ“ کان انڪار ”مضحڪي خيز“ ٿيندو. انهيءَ جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويو!

پولش ساٿين رڳو هڪ غلط دعويٰ (ٻئي سيڪشن جي پهرين نمبر) کي دهرايو ۽ چيو: ”غير ملڪي علائقن جي زبردستيءَ الحاق جي سوالن ۾ سياسي جمهوريت جون شڪليون ختم ٿي وڃن ٿيون. کلم کلا تشدد فيصلو ڪري ٿو .... سرمايو ڪڏهن به عوام کي پنهنجي رياست جي سرحدن جو سوال فيصل ڪرڻ نه ڏيندو ....“ جيئن ”سرمايو“ عوام کي اها اجازت نه ڏيندو ته هو پنهنجي لاءِ حاڪم چونڊي، سامراج جا نوڪر! ته عام طور تي ”کلم کلا تشدد“ کان سواءِ اهم جمهوري سوالن تي وڏا وڏا فيصلا ڪرڻ جي باري ۾ سوچي سگهجي ٿو. مثال طور شاهيت جي جاءِ تي رپبلڪ قائم ڪرڻ يا باضابطي فوج جي جاءِ تي مليشيا جي قيام جو سوال! داخلي طور تي پولش ساٿي مارڪس ازم کي  اڃا وڌيڪ ٺوس بنائڻ چاهين ٿا. پر هو انهيءَ ڪم ۾ انتهائي ناڪام رهن ٿا. خارجي طور تي ناقابل عمل هجڻ جي باري ۾ سندن ڳالهيون موقعي پرستي آهن. ڇاڪاڻ ته هو دل ئي دل ۾ سمجهن ٿا ته انقلاب جي هڪ پوري سلسلي کان سواءِ هيءَ ڳالهه ”عمل جي قابل نه آهي.“ بلڪل جهڙي ريت سامراج جي هيٺ سڄي جمهوريت ۽ انهيءَ جا سمورا مطالبا مجموعي طور تي ناقابل عمل آهن.

رڳو هڪ ڀيرو الساس جي متعلق بحث ۾ (ٻئي سيڪشن جو پهريون قلم) پولش ساٿين ”سامراجي اقتصاديت پرستي“ جو چولو لاٿو آهي ۽ اقتصاديات جو عام حوالو ڏيڻ کان سواءِ جمهوريت جي شڪلين منجهان هڪ شڪل جي سوال جو سڌو سنئون جواب ڏيڻ جو رويو اختيار ڪيو آهي. ۽ اهوئي رويو غلط ثابت ٿيو! هو لکن ٿا ته ”جيڪڏهن الساس وارا اڪيلائي، فرانسيسن کان پڇڻ کان سواءِ ئي، فرانس سان الساس جي يونين انهن مٿان ”مڙهي“ ڇڏين، ته هيءُ رويو غير جمهوري ٿيندو، حالانڪ الساس جو حصو جرمنيءَ سان آهي ۽ انهيءَ سان جنگ جو خطرو پيدا ٿي ويندو!! هيءَ مونجهارو وڏو دلچسپ آهي: خوداختياريءَ جو مطلب ئي هي هوندو آهي. هن جو پهرين شرط ئي هيءَ آهي (هيءَ ڳالهه خود ڏينهن جي روشنيءَ وانگر چٽي اهي -- ۽ انهيءَ تي اسان پنهنجن نظرياتي مقالن ۾ زور ڏنو آهي) ته ظالم ۽ جابر رياست کان علحدگيءَ جي آزادي. سياست ۾ هن حقيقت جو ذڪر نٿو ٿئي ته هڪ خاص رياست سان اتحاد جو مطلب آهي، انهيءَ خاص رياست جي مرضي حاصل ڪرڻ. هيءَ ڳالهه اهڙي ئي ٿيندي ته اقتصاديات ۾ سرمائيدار جي منافعي خوريءَ جي ”مرضيءَ،“ يا مزدور جي اجرت وٺڻ جي ”مرضيءَ“ تي روشني وڌي وڃي، پوءِ ته ڳالهه مشڪريءَ جهڙي ٿي ويندي.

جيڪڏهن ڪو مارڪسي سياستدان آهي ته ان کي گهرجي ته هو انهن جرمن سوشلسٽ بدمعاشن تي حملو ڪري جو اُهي الساس جي جدائيءَ جي آزاديءَ لاءِ نٿا وڙهن. ان کي گهرجي ته هو انهن فرانسيسي سوشلسٽ بدمعاشن تي حملو ڪري، جيڪي فرينچ بورجوا سان ملي ويا آهن. جيڪي پوري الساس کي پنهنجي سرزمين ۾ زبردستيءَ سان شامل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن ٻنهي قسمن جي بدمعاشن تي انهيءَ ڪري حملو ڪرڻ گهرجي جو هو ننڍي ئي سهي، هڪ الڳ رياست کان ڊڄن ٿا ۽ ”خود پنهنجي“ ملڪ جي سامراج جي خدمت ڪن ٿا. اسان کي ڏيکارڻو آهي ته سوشلسٽ ڪنهن به ريت، خوداختياريءَ کي تسليم ڪري، الساس وارن  جي خواهشن کي لتاڙڻ کان سواءِ، چند هفتن جي اندر هن مسئلي کي حل ڪري ڇڏيندا. اهو دليل ڏيڻ بجاءِ، هن ڀيانڪ خطري جو اظهار ڪرڻ ته ڪٿي فرانسيسي الساس وارا پنهنجي پاڻ کي فرانس مٿان ”مڙهي“ نه ڇڏين – محض مشڪري آهي.

 

- زبردستي الحاق ڇاهي؟

اسان جي نظرياتي مقالن (نمبر 7) ۾ هن سوال تي چٽي روشني وڌي ويئي آهي. پولش ساٿين هن جو جواب ڪونه ڏنو. هو هن کان پلاند بچائي ويا ۽ صاف صاف چيو ته [1] هو زبردستي الحاق جي مخالفت ڪن ٿا ۽ [2] وضاحت ڪئي ته ڇو ٿا مخالفت ڪن. سچ پچ هيءُ اهم سوال آهن انيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر هيءَ مختلف سوال آهن. جيڪڏهن اسان کي هن ڳالهه سان ذري به دلچسپي آهي ته اسين نظرياتي بنياد تي پنهنجا اصول فيصل ڪيون ۽ اسين اهي اصول صاف صاف چٽا توريل تڪيل انداز ۾ مرتب ڪيون، ته پوءِ اسين هن سوال کان پلاند آجو نٿا ڪري سگهون ته: زبردستي الحاق ڇاهي؟ جڏهن ته هيءُ تصور اسان جي سياسي پروپيگنڊا ۽ ايجي ٽيشن ۾ مقام حاصل ڪري چڪو آهي. هڪ عام بحث ۾ انهيءَ سوال کان پلئه آجو ڪرڻ جي تاويل جو اهوئي مقصد ٿي سگهي ٿو ته ان خاص رويي کان انڪار ڪيو ويو آهي.

اسان هي سوال کنيو ڇو؟ اسان سوال کڻندي ئي انهيءَ جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته ”زبردستيءَ الحاق جي خلاف احتجاج، خوداختياريءَ جي حق کي مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.“ زبردستيءَ الحاق جي تصور ۾ عام طور شامل آهن: (1) تشدد جو تصور (زبردستي اتحاد) (2) غير قومي ظلم ۽ ڏاڍ جو تصور (هڪ ”غير“ علائقي جو اتحاد وغيره) ۽ ڪڏهن (3) اسٽيٽسڪو (Statusquo) جي خلاف ورزيءَ جو تصور – اسان اهي ڳالهيون پنهنجي نظرياتي مقالي ۾ پيش ڪيون آهن ۽ انهيءَ تي ڪابه تنقيد نه ڪئي وئي آهي.

سوال ٿو اٿي: ڇا سوشل جمهوريت پسند عام طور تي تشدد جي مخالفت ڪري سگهن ٿا؟ ظاهر آهي، نه – انهيءَ ڪري جو اسين زبردستيءَ الحاق جي مخالفت انهيءَ ڪري نٿا ڪيون ته ڪو ان جو مطلب آهي تشدد. نه، انهيءَ جو ڪارڻ ڪجهه ٻيو آهي. بلڪل ساڳي طرح سوشلسٽ جمهوريت پسند اسٽيٽسڪو (Statusquo) کي برقرار رکڻ جي حمايت به نٿا ڪري سگهن. چاهي اوهان ڪيترو به ڪترايو، ور کائو، اوهان هن نتيجي کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي نٿا سگهون ته زبردستي الحاق قوم جي خوداختياريءَ جي خلاف ورزي آهي، انهيءَ جو مطلب آهي آباديءَ جي مرضيءَ جي خلاف هڪ رياست جون سرحدون قائم ڪرڻ.

زبردستيءَ الحاق هئڻ جي خلاف هجڻ جو مطلب آهي خوداختياري حق جي طرف ڏانهن هئڻ. ”ڪنهن قوم کي هڪ خاص رياست جي سرحدن اندر زبردستيءَ رکڻ“ جي خلاف هئڻ (اسان ڄاڻي ٻجهي نظرياتي مقالن جي نمبر 4 جي مقابلي ۾ هن تصور جي متعلق ڪجهه بدليل فارمولي کي به رکيو آهي، ۽ پولش ساٿين اسان کي انهيءَ جو صاف جواب ڏنو آهي. انهن پهرين سيڪشن جي چوٿين نمبر جي شروع ۾ چيو آهي ته هو ”زبردستي الحاق ڪندڙ رياستن جي سرحدن جي اندر، مظلوم ۽ محڪوم قومن کي ارهه زورائيءَ سان رکڻ جي خلاف آهي.“ ۽ قومن جي خوداختياري جي حق ۾ هجڻ، هڪ ئي ڳالهه آهي.

اسان لفظن جي انگڙ ونگڙ ۾ ڦاسڻ نٿا چاهيون. جيڪڏهن ڪا پارٽي پنهنجي پروگرام (يا ڪنهن تجويز ۾، جنهن کي مڃڻ سڀني جي لاءِ ضروري هجي – شڪل (Form) ڪابه هجي، انهي سان ڪو فرق نٿو پوي) چوي ٿي ته هوءَ زبردستيءَ الحاق* جي خلاف آهي، جيڪڏهن ڪا پارٽي هيءُ چوي ته هو پنهنجي رياست جي سرحدن اندر مظلوم ۽ محڪوم قومن کي زبردستيءَ رکڻ جي خلاف آهي ته اسين اعلان ٿا ڪريون ته اهڙي پارٽيءَ سان اسان اصولي طور تي اتفاق ڪنداسين. هيءَ اجائي ڳالهه ٿيندي ته اسان لفظ ”خوداختياريءَ“ سان چنبڙيا پيا هجون. جيڪڏهن اسان جي پارٽيءَ ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي لفظن ۾ اسان جي پارٽيءَ جي نڪتي 9 جي فارمولي ۾ اهڙي معنيٰ ۾ تبديلي چاهين ٿا ته اسين انهن ساٿين سان پنهنجي اختلاف کي اصولي اختلاف تصور نه ڪنداسين.

واحد شيءِ جنهن جي اهميت آهي، اُها آهي: اسان جن نعرن ۾ سياسي صحت ۽ صفائي، ۽ نظرياتي ٺوسيت هجي.

هن سوال تي زباني ڳالهه ٻولهه ۽ مباحثن ۾ -- جنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري، خاص طور تي هن زماني ۾ جڏهن جنگ هلي رهي آهي – ڪجهه اهڙي قسم جي دليل جو منهن ڏيڻو پيو (اسان کي هيءُ دليل ڪٿي به اخبار ۾ نظر نٿو اچي): هڪ خاص برائيءَ جي خلاف احتجاج جو مطلب انهيءَ مثبت (Positive) تصور کي لازمي طور تي تسليم ڪرڻ نه ٿيندو آهي، جيڪو برائي کي خارج ڪري ٿو. ظاهر آهي ته هيءُ دليل ڪمزور آهي ۽ معلوم ٿو ٿئي ته اهوئي ڪارڻ آهي جو اهو دليل ڪٿي اخبارن ۾ نظر ٿو اچي. جيڪڏهن سوشلسٽ پارٽي اعلان ڪري ٿي ته هوءَ ”زبردستي الحاق ڪندڙ رياست جي سرحدن جي اندر ڪنهن مظلوم ۽ محڪوم قوم کي زبردستيءَ رکڻ جي خلاف آهي، ته انهيءَ جو مطلب هيءُ ٿئي ٿو ته پارٽي عهد ڪري ٿي ته برسر اقتدار اچڻ کان پوءِ هو ڪنهن قوم کي پنهنجي رياست جي سرحدن جي اندر زبردستي رکڻ کان باز رهندي.

اسان کي ذرو به شڪ ناهي ته جيڪڏهن سڀاڻي هئڊن برگ کي روس مٿان نيم فتح حاصل ٿي وڃي، ۽ انهيءَ نيم فتح جو اظهار (برطانيه ۽ فرانس جي طرفان زارشاهيءَ کي هڪ حد تائين ڪمزور ڪرڻ جي خواهش جي آڌار تي) هڪ نئين پولش رياست جي شڪل ۾ هجي، جيڪا سرمائيداري ۽ سامراج جي اقتصادي قانون جي نقطي نظر کان بلڪل ”قابل عمل“ آهي، ۽ پوءِ ان کان بعد ٻئي ڏينهن ئي پيٽرس برگ، برلن ۽ وارسا ۾ سوشلسٽ انقلاب ڪامياب ٿي وڃي ته پولش سوشلسٽ حڪومت، روسي ۽ جرمني حڪومت وانگر، مثال طور تي يوڪرينين کي ”پولش رياست جي سرحدن جي اندر زبردستيءَ نه رکندي.“ جيڪڏهن انهيءَ حڪومت ۾ ”گازي تا رابو تنيچا“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر شامل هجن ته هو بلاشڪ پنهنجن ”نظرياتي مقالن“ کي قربان ڪري ڇڏيندا، ۽ هن ريت پنهنجي هن ”نظرئي“ جي ترديد ڪندا ته ”خوداختياري حق جو اطلاق سوشلسٽ سماج تي نٿو ٿي سگهي.“ جيڪڏهن اسان جو ٻيو خيال هجي ها ته اسين پولينڊ جي سوشل جمهوريت پسندن سان رفيقانه ڳالهه ٻولهه جو قصوئي نه ڇيڙيون ها، پر انهن سان شاونسٽن وانگر ڄمي وڙهون ٿا ---

سمجهو ته مان ڪنهن يورپي شهر جي روڊ تي نڪران ۽ هن ڳالهه جو احتجاج ڪيان ته مون کي انسان کي خريدڻ ۽ وڪڻڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ پوءِ مان وڃان ۽ پنهنجي هن احتجاج کي اخبارن ۾ دهرايان، ته پوءِ بلاشڪ ماڻهو هي سمجهڻ ۾ حق تي هوندا ته مان غلطين جو آقا آهيان ۽ غلاميءَ جي اصول (يا غلاميءَ جو نظام کڻي چئو) جو حامي آهيان. هيءَ حقيقت ته غلاميءَ سان منهنجون همدرديون، احتجاج جي مثبت شڪل ۾ ناهن (”مان غلاميءَ جي حق ۾ آهيان“) پر منفي شڪل جي پردي ۾ لڪل آهن، ڪنهن جي اکين ۾ ڌوڙ نه وجهي سگهنديون. سياسي ”احتجاج“ سياسي پروگرام جي برابر (يا هم معنيٰ) آهي. هيءَ ڳالهه ايتري صاف آهي جو هن جي وضاحت ڪرڻ جي مجبوري ئي بي تُڪي پئي لڳي. بهرحال اسان کي پورو ويساهه آهي ته جيڪڏهن اسين هيءُ چئون ته ٽئين انٽرنيشنل ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا جاءِ ڪانه هوندي، جيڪي سياسي احتجاج ۽ سياسي پروگرام ۾ فرق رکن ٿا، جيڪي ان کي آمهون سامهون رکن ٿا وغيره. ها، جيڪڏهن اسين اهو چئون ته گهٽ ۾ گهٽ زمر والڊ کاٻي ڌر جي طرف کان (اسان جي مراد مڙني زمروالڊ وادين سان نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ مارتوف ۽ ٻيا ڪائو ٽسڪي واد شامل آهن) ڪوبه ”احتجاج“ نه ٿيندو.

اسين لفظي جَهڳي نٿا چاهيون. اسان هن ڀرپور اميد جو اظهار ٿا ڪريون ته جلد ئي پولش سوشل جمهوريت پسند اسان جي (جيڪو سندن ئي آهي) پارٽي پروگرام مان قلم نائين کي ڪڍڻ لاءِ ۽ ان سان گڏوگڏ انٽرنيشنل (1896ع جي لنڊن ڪانگريس جي تجويز) جي پروگرام مان هيءُ نُڪتو ڪڍڻ لاءِ سرڪاري طور تي پنهنجي تجويز مرتب ڪندا، ۽ ”نئين ۽ پراڻي زبردستيءَ الحاق“ بابت ۽ ”زبردستي الحاق ڪندڙ رياست جي سرحدن اندر ڪنهن مظلوم ۽ محڪوم قوم کي ارهه زورائيءَ سان رکڻ“ بابت، پنهنجا سياسي خيال مرتب ڪندا. اچو هاڻي اسين ٻئي سوال تي ويچار ڪيون.

4. زبردستيءَ الحاق جي حق ۾ يا خلاف؟

پولش ساٿين پنهنجي نظرياتي مقالن جي پهرين سيڪشن جي ٽئين قلم ۾ وڌيڪ واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڪنهن به زبردستي الحاق جي خلاف آهن. بدقسمتيءَ سان انهيءَ سيڪشن جي چوٿين قلم ۾ اسان کي اهڙا دعويٰ ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جن کي اسين زبردستيءَ الحاق جي حمايت سمجهون ٿا. هي قلم هن عجيب جملي سان شروع ٿو ٿئي ۽ عجيب جو لفظ هن جي لاءِ گهڻو گهٽ آهي.

”زبردستي الحاق جي خلاف، زبردستي الحاق ڪندڙ رياست جي سرحدن جي اندر ڪنهن مظلوم ۽ محڪوم قوم کي زبردستيءَ رکڻ جي خلاف سوشل جمهوريت جي جدوجهد جي شروعات جو نقطو هيءُ آهي ته مادر وطن جا هڙئي بچاءَ ڇڏي ڏنا وڃن. (ليکڪن پاران ليڪون نڪتل) سامراج جي دؤر ۾ انهيءَ جو مطلب هيءُ هوندو آهي ته پنهنجي بورجوازيءَ جي لاءِ، ٻاهرين قومن کي ڪچلڻ ۽ لٽڻ جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي ...“


* ”پراڻي ۽ نئين زبردستيءَ الحاق جي خلاف“ هيءَ ترڪيب راديڪ جي هئي. جيڪا اُن "Berner Tagwacht" ۾، پنهنجي هڪ ليک ۾ استعمال ڪئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org