سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قومن جو خود اختياري حق

باب: --

صفحو : 1

قومن جو خود اختياري حق

سهيل سانگي

 

سوشلسٽ انقلاب

۽

قومن جي خودمختياريءَ جو حق

(مقالا)

1. سامراج، سوشلزم ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزادي

سامراج، سرمائيداريءَ جي عروج جي سڀ کان مٿين منزل آهي. ترقي يافته ملڪن جو سرمايو قومي رياستن جون سرحدون ٽپي ٻاهر نڪري ويو آهي. انهيءَ، مقابلي بدران هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آهي. اهڙي ريت هن سوشلزم کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون خارجي (Objective) ضرورتون ۽ شرطون مهيا ڪري ڏنيون آهن. انهيءَ ڪري اولهه يورپ ۽ گڏيل آمريڪي رياستن ۾ سرمائيدار حڪومتن جو تختو ڪڍڻ لاءِ، بورزوازين جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ، پرولتاريه جي انقلابي جدوجهد وقت جو آواز بنجي چڪي آهي. سامراج؛ طبقاتي دشمني ۽ عناد کي انتهائي حد تائين تکو ۽ تيز ڪري، عوام جي عام زندگيءَ جي حالتن کي، اقتصادي (ٽرسٽن ۽ مهانگائي جي ذريعي) ۽ سياسي – (جنگ بازيءَ جي شدت) لڳاتار ڀرپور جنگن ۽ رجعت کي ڦهلائي؛ هوا ڏيئي، قومي ظلم ۽ ڏاڍ؛ ۽ بيٺڪي ڦرلٽ ۾ وڌيڪ شدت ۽ وسعت پيدا ڪري، ٻنهي طريقن سان بد کان بدتر بنائي، عوام کي هن جدوجهد ڏانهن گهلي وڌائي رهيو آهي. فتح حاصل ڪندڙ سوشلزم جو هيءُ لازمي فرض هئڻ گهرجي ته مڪمل جمهوريت بحال ڪري، ۽ نتيجي ۾ نه رڳو قومن ۾ مڪمل برابريءَ جو بنياد رکي پر مظلوم ۽ محڪوم قومن جي خودمختياريءَ جي حق کي، يعني آزاد سياسي علحدگيءَ جي حق کي عملي روپ ڏئي. سوشلسٽ پارٽيون جيڪي هن وقت، انقلاب جي دوران ۽ انقلاب جي فتح کان پوءِ پنهنجين مڙني سرگرمين منجهان جيڪڏهن اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام وينديون ته، هو محڪوم قومن کي آزاد ڪري ڇڏينديون ۽ انهن ساڻ آزاد (رضاڪارانه) اتحاد جي بنياد تي (۽ آزادانه اتحاد علحدگيءَ جي آزاديءَ کان سواءِ ڪوڙو اصطلاح آهي) لاڳاپا قائم ڪنديون، ته اهڙيون پارٽيون سوشلزم سان غداري ڪنديون.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي ته جمهوريت به رياست جو هڪ روپ ئي آهي، جيڪو انهيءَ وقت مِٽجي ويندو، جڏهن رياست مٽجي ويندي. پر رياست جو مٽجڻ، رڳو انهيءَ وقت عملي روپ اختيار ڪندو جڏهن فتحياب ۽ مستحڪم سوشلزم جي منزل کان پوءِ، مڪمل ڪميونزم جي منزل ۾ داخل ٿيڻ جو مسلسل هلندڙ عمل ايندو.

2. سوشلسٽ انقلاب، جمهوريت لاءِ جدوجهد

سوشلسٽ انقلاب رڳو ڪو هڪ قدم ناهي، ڪنهن هڪ ئي مورچي تي لڙائي ڪونه آهي، پر شديد طبقاتي جدوجهد جو پورو دور آهي. سمورن مورچن تي لڙاين جو هڪ پورو سلسلو آهي. يعني اقتصاديات ۽ سياست جي مڙني مسئلن جي چوڌاري سموريون لڙايون، جن جو واحد انجام بورجوازين جي ملڪيت جي ضبطي ٿي سگهي ٿو. اهو سمجهڻ بنيادي غلطي ٿيندي ته ڪو، جمهوريت جي لاءِ جدوجهد پرولتاريه کي سوشلسٽ انقلاب جي رستي کان ڀٽڪائي سگهي ٿي. يا انهيءَ کي جهڪو ڪري سگهي ٿي. يا انهيءَ تي ڍڪ وجهي سگهي ٿي، وغيره وغيره. انهيءَ جي برخلاف، جتي سوشلزم ان وقت تائين فتح حاصل ڪري سگهي، جيستائين ڪ مڪمل جمهوريت کي رواج هيٺ نه آڻي. اتي پرولتاريه ان وقت تائين بورجوازيءَ تي فتح حاصل ڪرڻ جو سانڀاهو نٿو ڪري سگهي جيستائين ڪ، جمهوريت جي لاءِ ڀرپور، لڳاتار ۽ انقلابي جدوجهد نٿو ڪري.

هيءَ سنگين چُڪ ٿيندي ته جمهوري پروگرام جي ڪجهه نڪتن منجهان هڪ کي، مثال طور قومن جي خودمختياريءَ جي نڪتي کي، رڳو هن بنياد تي ڪڍيو وڃي ته، هي سامراج جي تحت ”ناممڪن“ آهي، يا ”خيالي پلاءُ“ آهي. قومن جي خودمختياريءَ جو حق سرمائيداريءَ جي ڍانچي اندر حاصل ڪري ٿو سگهجي – انهيءَ دعويٰ کي يا ته بنهه اقتصادي مفهوم ۾ وٺڻ گهرجي يا رائج الوقت واري سياسي مفهوم ۾.

پهرين صورت ۾ نظرياتي حيثيت سان هيءَ دعويٰ بنيادي طور غلط آهي. پهرين، هن مفهوم ۾ ته، سرمائيداريءَ جي هيٺ پورهئي جي اجوري جي ڪوپن يا بحران جو خاتمو وغيره ناممڪن آهي. پر ساڳي انداز ۾ هيءُ دليل پيش ڪرڻ ته اهڙي ريت قومن جي خوداختياري به ناممڪن آهي، بنهه غلط آهي. ٻيو، 1905ع ۾ سويڊن کان ناروي جي علحدگيءَ جو هڪ مثال به هن مفهوم ۾ ”ناممڪن“ بنائڻ جي دليل جي ترديد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ٽيون، هن حقيقت کان انڪار ڪرڻ کل جهڙي ڳالهه ٿيندي ته سياسي ڳانڍاپن ۾ هلڪڙي تبديلي به – مثال طور جرمني ۽ انگلنڊ جي رشتن ۾ تبديلي – نين رياستن کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪارڻ ٿي سگهي ٿي. ۽ اهي تبديليون پولش، هندستاني رياستن وغيره جو قيام اَڄ نه، ته سڀاڻي ممڪن بنائي سگهن ٿيون. چوٿون، فنانس سرمايو (مالياتي موڙي) فطري تڙپ کان مجبور ٿي، ڪنهن به ملڪ جي آزاد ترين، تنهائي جمهوري ۽ رپبلڪن حڪومت کي، ۽ چونڊيل حاڪمن کي، چاهي اهي (ملڪ) خودمختيار ڇو نه هجن ”آزاديءَ سان“ خريد ڪندو رشوت ڏيندو. عام سرمائي وانگر، فنانس سرمائي جو غلبو سياسي جمهوريت جي دائري جي اندر ڪنهن به قسم جي سڌاري سان ختم ڪري نٿو سگهجي. بهرحال، فنانس سرمائي جو هيءُ غلبو سياسي جمهوريت جي اهميت کي ناس نٿو ڪري، جيڪا طبقاتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ طبقاتي جدوجهد جو وڌيڪ آزاد، وڌيڪ ڦهليل ۽ وڌيڪ چٽو روپ آهي. انهيءَ ڪري اقتصادي نقطه نظر کان، سرمائيداريءَ هيٺ سياسي جمهوريت جي مطالبن مان هڪ مطالبي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ”ناممڪن“ هجڻ جي باري سڀ دليل سرمائيداريءَ ۽ عام طور تي سياسي جمهوريت جي عام ۽ بنيادي رشتن جي غلط نظرياتي تفسير ئي بنجي رهجي وڃن ٿا.

ٻيءَ صورت ۾ هيءَ دعوا ناممڪن ۽ ناقص آهي. ڇاڪاڻ ته سامراج جي هيٺ رڳو قومن جو حق خودمختياري ئي نه، پر سياسي جمهوريت جي مڙني مطالبن جو حاصل ٿيڻ ”ممڪن“ آهي. پر: اڻ پورو، بگڙيل شڪل ۾ محض نيڪال طور (مثال طور 1905ع ۾ سويڊن کان ناروي جي علحدگي) سمورا انقلابي سوشل جمهوريت پسند بيٺڪن کي جلدي آزاد ڪرڻ جو، جيڪو مطالبو پيش ڪن ٿا. اهو به سرمائيداريءَ جي اندرئي انقلابن جي هڪ پوري سلسلي کان سواءِ ”حاصل ٿيڻ جوڳو“ نه آهي. بهرحال انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته، سوشل جمهوريت پسند، انهن مڙني مطالبن جي لاءِ فوري ۽ ثابت قدم جدوجهد کان باز رهن. انهيءَ جدوجهد کان الڳ رهڻ رڳو بوجوازين ۽ رجعت پسندن جي فائدي ۾ ٿيندو. ان جي برعڪس، هن جو مطلب هي آهي: لازمي آهي ته، انهن مڙني مطالبن کي، سڌارواديءَ ڍنگ سان نه، پر انقلابي ڍنگ سان ترتيب ڏنو وڃي ۽ اڳتي وڌايو وڃي. بورجوا قانون جي دائري ۾ رهي ڪري نه، پر انهيءَ کي ٽوڙي، اورانگهي اڳتي وڌايو وڃي. پارليامينٽ ۾ تقريرن ۽ زباني احتجاجن تي اڪتفا ڪندي نه، پر اصلي عملي قدم ۾ عوام کي پاڻ سان کڻي، ڳنڍي، ڇڪي، هر قسم جي بنيادي جمهوري مطالبن جي لاءِ جدوجهد ۾ ڦهلاءَ ۽ شدت پيدا ڪري، اڳتي وڌايو وڃي. ۽ انهيءَ انقلاب جي تار؛ بورجوازيءَ جي خلاف؛ پرولتاريه جي سڌي سنئين حملي سان ٽٽي – يعني سوشلسٽ انقلاب تي جيڪو بورجوازيءَ جي ملڪيت ضبط ڪري وٺندو. سوشلسٽ انقلاب – وڏي هڙتال، رستي تي ڪنهن مظاهري، فاقن ڪري پيدا ٿيندڙ ڪنهن فساد، فوجن ۾ بغاوت يا ڪنهن بيٺڪي بغاوت جي نتيجي ۾ ئي نه، پر بلڪل ممڪن آهي ته ڪنهن سياسي بحران [مثال: ڊريفوس جو ڪيس ( )، زابيرن وارو واقعو (2)] يا ڪنهن مظلوم ۽ محڪوم قوم جي علحدگيءَ جي سلسلي ۾ ريفرنڊم جي نتيجي ۾ به پڌرو ٿي پوي.

سامراجيت جي ڪري قومي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌارو ۽ تيزي، هڪ سوشل جمهوريت پسند جي لاءِ اڃا به وڌيڪ لازمي ڪري ڇڏي ٿي ته هو نه رڳو قومن جي آزادي ۽ علحدگيءِ لاءِ ئي جدوجهد کي تيز ڪري جنهن کي بورجوازي ”خيالي جنت“ واري جدوجهد جو نالو ڏيندا آهن – بلڪ انهيءَ جي ابتڙ انهيءَ ڏس ۾ پڻ، اڀرندڙ جهيڙن ۽ ٽڪرن مان گهڻي کان گهڻو فائدو حاصل ڪري ۽ انهن جهيڙن ۽ ٽڪرن کي بورجوازيءَ جي خلاف، انقلابي رخ ۽ ڌاري لاءِ استعمال ڪري.

 

3. خوداختياريءَ جي حق جو مطلب ۽ فيڊريشن سان انجو لاڳاپو

قومن جي خوداختياريءَ جي حق جو مطلب آهي: رڳو سياسي معنيٰ ۾ خوداختياريءَ جو حق. انهيءَ جو مطلب آهي، ظالم ۽ جابر قوم کان آزاد، سياسي علحدگيءَ جو حق. ٺوس معنيٰ ۾ هن سياسي جمهوريت جي مطالبي جو مطلب آهي علحدگيءَ جي حق ۾ ايجي ٽيشن ڪرڻ جي مڪمل آزادي، علحدگي چاهيندڙ قوم جو ريفرينڊم جي ذريعي علحدگيءَ جي سوال کي نبيرڻ جي آزادي. نتيجي طور، هي مطالبو ۽ علحدگي، ورهاڱو ۽ ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪرڻ جو مطالبو، ٻئي هڪ نه آهن. هيءَ مطالبو رڳو منطقي اظهار آهي ڪنهن به شڪل ۾ قومي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد جو. رياست جو جمهوري نظام علحدگيءَ جي مڪمل آزاديءَ ڏانهن جيترو ويجهو ايندو ويندو، عملي طور تي علحدگيءَ جي لاءِ جدوجهد ايتري ئي ڪمزور ۽ گهٽ ٿيندي ويندي. ڇاڪاڻ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اقتصادي ترقي ۽ عوام جي مفاد، ٻنهي نقطي نگاهه کان، وڏين رياستن جا وڏا فائدا آهن. ۽ هي فائدا سرمائيداريءَ جي نشونما ساڻ وڌندا وڃن ٿا. خوداختياريءَ جي حق کي مڃڻ، ۽ فيڊريشن کي هڪ اصول جي حيثيت سان مڃڻ، هڪ ئي ڳالهه نه آهي. هڪ شخص انهيءَ اصول جو ڪٽر دشمن ۽ جمهوري مرڪزيت جو حامي ٿي سگهي ٿو. ۽ پوءِ به قومي نا برابريءَ تي فيڊريشن کي ترجيح ڏئي سگهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته اهوئي مڪمل جمهوري مرڪزيت جو واحد رستو آهي. انهيءَ نقطي نگاهه کان مارڪس، مرڪزيت پسند هجڻ جي باوجود، انگريزن جي هٿان آئرلينڊ جي زوريءَ محڪومي تي، آئرلينڊ ۽ برطانيه جي فيڊريشن کي ترجيح ڏني هئي.

سوشلزم جو مقصد ننڍين رياست ۾ انسان ذات جي ڀاڱن ۽ قومن جي مڙني الڳ الڳ خاني بندين کي ختم ڪرڻ آهي. قومن کي هڪ ٻئي ڏانهن آڻڻ ئي نه، بلڪ انهن کي کير کنڊ ڪري ڇڏڻ آهي. انهيءَ مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين، هڪ طرف ته ”تهذيبي قومي خودمختياري“ بابت رينر ۽ بائوير جي خيالن جي رجعت پسند نوعيت کان عام ماڻهن کي واقف ڪيون ۽ ٻئي طرف، رڳو عام طور نه، مبهم مبهم انداز ۾ نه، اجاين ڏٽن ساڻ نه، سوشلزم جي قائم ٿيڻ تائين، انهي کي ”پوءِ کڻڻ“ جي ڳالهه ڪري نه، پر صاف صاف، چِٽي نموني ۽ توريل تڪيل انداز ۾، سياسي پروگرام  مرتب ڪري مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيون. هڪ اهڙو پروگرام مرتب ڪيون، جيڪو ظالم ۽ جابر قومن جي سوشلسٽن جي بزدلي ۽ رياڪاري کي به نظر ۾ رکي، جيئن انسان مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي ڊڪٽيٽرشپ واري عبوري دور مان گذري ئي طبقن جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. ٺيڪ اهڙي نموني انسان، قومن جي کير کنڊ ٿي وڃڻ واري اڻ ٽر منزل تائين؛ مڙني مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مڪمل آزادي؛ يعني سندن آزادي علحدگيءَ جي عبوري دور مان ئي گذري پهچي سگهي ٿو.

 

4. قومن جي خودمختياريءَ جي سوال جي پرولتاري، انقلابي ترتيب

رڳو قومن جي خوداختياريءَ جو مطالبو نه، پر اسان جن ترت جمهوري فرضن جي پروگرام جا سمورا نُڪتا، گهڻو اڳ، سترهين ارڙهين صدين ۾ پيٽي بورجوا پيش ڪيا هئا. پيٽي بورجوا اڄ تائين انهن مڙني مطالبن کي خيالي جنت جي رهواسين جي انداز ۾ کڻي رهيو آهي. هو طبقاتي جدوجهد کي نٿو ڏسي. هن جون اکيون هن حقيقت جي ڏِس کان به پوريل آهن ته: طبقاتي جدوجهد جمهوريت ۾ اڃا به وڌيڪ وڌي ۽ تيز ٿئي ٿي. هو ”پرامن“ سرمائيداريءَ تي ويساهه رکي ٿو. سامراجيت جي هٿ هيٺ قومن جي برابري ۽ هڪ پرامن اتحاد جي خيالي تصور جي نوعيت بس اهائي آهي، جيڪا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ٿي. ۽ جنهن جي ڪائوٽسڪي وادي وڪالت ڪن ٿا. لازمي آهي ته تنگ نظر ۽ موقعي پرستيءَ واري خيالي جنت جي بجاءِ سوشل جمهوريت جو پروگرام هيءُ نظريو پيش ڪري ته سامراج جي هٿ هيٺ قومن جو بنيادي، اصلي ۽ ناگزير ورهاڱو ايتري حد تائين آهي، جيڪو رڳو ظالم جابر ۽ مظلوم محڪوم قومن جي وچ ۾ ٿيندو آهي.

ظالم ۽ جابر قومن جو پرولتاريه عام قسم جي گٺل پيٺل جملن ۽ فقرن تائين پاڻ کي محدود نٿو رکي سگهي، جيڪي ڪوبه صلح پسند (Pacifist) بورجوا زبردستيءَ واري الحاق جي خلاف ۽ قومن جي هڪجهڙن حقن جي باري ۾ عام طور چئي سگهي ٿو. پرولتاريه هن سوال کان اکيون ٻوٽي نٿو سگهي، جيڪو سامراجي بورجوازيءَ جي لاءِ خاص طور تي ”اڻ وڻندڙ“ آهي، يعني رياست جي سرحدن جو سوال – جيڪو قومي ظلم ۽ ڏاڍ تي بيٺل آهي. پرولتاريه هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن کي هڪ  خاص رياست جي سرحدن جي اندر زبردستيءَ سان بند ڪري رکڻ جي خلاف جنگ ڪري. ۽ اهوئي مطلب آهي خودمختياريءَ جي حق جي لاءِ جدوجهد جو. پرولتاريه جو فرض آهي ته انهن بيٺڪن ۽ انهن قومن جي سياسي علحدگيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري، جن کي پرولتاريه جي ”پنهنجي“ قوم ظلم ۽ محڪوميءَ جو شڪار بنائي رکيو آهي. جيستائين پرولتاريه ائين نٿو ڪري، پرولتاري بين الاقواميت ٺلهو بي معنيٰ اصطلاح ئي رهندو. انهيءَ کان سواءِ ظالم ۽ جابر، ۽ مظلوم و محڪوم قومن جي مزدورن جي وچ ۾ نه باهمي اعتماد ممڪن ٿي سگهندو ۽ نه ئي طبقاتي هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهندي. نڪو خوداختياريءَ جي حق جي باري ۾ سڌارواديءَ ۽ ڪائوٽسڪي واديءَ جي وڪالت جي رياڪاريءَ جو پول پڌرو ٿي سگهندو. جيڪي انهن قومن جي باري ۾ پنهنجن چپن کي چن هنيو ويٺا آهن، جن قومن کي انهن جي ”پنهنجي“ قوم ظلم ۽ محڪوميءَ جو شڪار ٺاهي ٿي، ۽ اُرهه زورائي سان سندن ”پنهنجي“ رياست جي سرحدن اندر بند ڪري رکيو آهي.

ٻئي طرف، مظلوم ۽ محڪوم قومن جي سوشلسٽن کي گهرجي ته هو مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مزدورن ۽، ظالم ۽ جابر قومن جي مزدورن جي وچ ۾ مڪمل ۽ ڀرپور ٻڌيءَ جي لاءِ، جنهن ۾ تنظيمي ايڪتا به شامل آهي وڙهن ۽ انهيءَ کي عملي روپ ڏين. ٻيءَ حالت ۾ پرولتاريه جي آزاد پاليسي لاءِ وڙهڻ، ۽ بورجوازيءَ جي سمورن چور دروازن، دغابازين، ٺڳيءَ ۽ فريب ڪارين جي هوندي، ٻين ملڪن جي پرولتاريه ساڻ طبقاتي يڪجهتيءَ جو جهنڊو جهولائڻ ناممڪن ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته مظلوم ۽ محڪوم قومن جو بورجوا طبقو قومي آزاديءَ جي نعرن کي سدائين، مزدورن کي گوهي ڏيندڙ هٿڪنڊن طور بدلائيندو رهندو آهي. اندرين سياست ۾، بورجوازي انهن نعرن کي حڪمران قومن جي بورجوازيءَ ساڻ رجعت پسند ٺاهن (معاهدن) ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي (مثال طور روس، آسٽريا ۽ پولش، جن رجعت سان ٺاهه ڪيا ته جيئن يهودين ۽ يوڪرينين کي پنهنجي ظلم ۽ جبر جو شڪار بنائي سگهن). بورجوازي خارجي سياست جي ميدان ۾ حريف سامراجي طاقتن منجهان ڪنهن هڪ سان ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته جيئن پنهنجون غاصبانه مرادون حاصل ڪري سگهي (بلقان ۾ ننڍين ننڍين رياستن جي پاليسي، وغيره وغيره).

اهوبه ٿي سگهي ٿو ته هڪ سامراجي طاقت جي خلاف قومي آزاديءَ جدوجهد کي، ٻي ”وڏي“ طاقت خاص حالتن ۾ پنهنجن ٺهڪندڙ سامراجي مفادن جي خاطر استعمال ڪري، انهيءَ حقيقت جي بنياد تي سوشل جمهوريت پسند قومن جي خوداختياريءَ جي حق کي تسليم ڪرڻ کان اهڙي طرح انڪار نٿا ڪري سگهن، جهڙي طرح؛ هن حقيقت جي باوجود ته بورجوازيءَ ڪئين ڀيرا رپبلڪن نعرن کي سياسي فريب ۽ مالي ڦرلٽ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي (جيئن لاطيني ملڪن ۾). پوءِ به سوشل جمهوريت پسندن کي رپبلڪن ازم تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي.*

5. قومي سوال تي مارڪس ازم ۽ پروڌون ازم

پيٽي بورجوا جمهوريت پسندن جي خلاف، مارڪس سواءِ ڪنهن پابنديءَ جي مڙني جمهوري مطالبن کي بجاءِ خود مقصد نه، پر جاگيرداريءَ جي خلاف بورجوازيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ عوام جي جدوجهد جو تاريخي مظهر قرار ڏنو آهي. انهن منجهان هڪ به جمهوري مطالبو اهڙو نه آهي جنهن کي بورجوازي، مزدورن کي دوکو ڏيڻ جي لاءِ حربي جي طور تي استعمال ڪري نه سگهندي هجي، يا ڪن حالتن ۾ نه ڪيو هجي. انهيءَ ڏس ۾ سياسي جمهوريت جي مطالبن منجهان هڪ کي مثال طور قومن جي خوداختياريءَ جي حق کي کڻيءَ، انهيءَ کي باقي مڙني مطالبن جي خلاف رکي ڏسڻ، بنيادي طور تي غلط نظريو آهي. عملي طور تي، پرولتاريه پنهنجي خودمختياري انهيءَ مهل برقرار رکي سگهي ٿو، جڏهن هو رپبلڪ جي مطالبي سميت، مڙني جمهوري مطالبن جي لاءِ، پنهنجي جدوجهد کي بورجوازيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي انقلابي جدوجهد جي تابع بنائي.

ٻئي طرف، پروڌون پرستن جي برخلاف، جن ”سماجي انقلاب جي خاطر“ قومي سوال کان ”انڪار“ ڪيو، مارڪس، خاص طور تي ترقي يافته ملڪن ۾ پرولتاري طبقاتي جدوجهد جي مفاد کي ذهن ۾ رکندي، بين الالقواميت ۽ سوشلزم جي بنيادي اصول کي اڳيان رکيو، يعني ڪابه قوم؛ جيڪا ٻين قومن کي چيڀاٽي ۽ دٻائي ٿي، آزاد ٿي نٿي سگهي. جرمن مزدورن جي انقلابي مقصدن جي مفاد کي آڏو رکندي مارڪس 1848ع ۾ مطالبو ڪيو ته جرمن ۾ جيتيل جمهوريت انهن قومن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ انهن کي آزاد ڪري، جيڪي جرمنن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار هيون. انگلنڊ کان آئرلينڊ جي علحدگيءَ جو مطالبو ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ چيو: ”حالانڪ ممڪن آهي ته علحدگيءَ کانپوءِ فيڊريشن وجود ۾ اچي وڃي.“ رڳو اهوئي مطالبو آڏو رکندي مارڪس جائي به انگريز مزدورن کي بين الالقوامي جذبي جي سکيا ڏيندو هو. رڳو اهڙي ريت مارڪس موقعي پرستن ۽ بورجوا سڌار وادين جي مخالفت ڪئي جيڪي اڄ تائين اڌ صديءَ کان پوءِ، آئريش ”سڌار“ کي، انهي، خاص تاريخي مسئلي جي انقلابي حل کي پورو ڪرڻ جي ڪم ۾ ناڪام آهن. سرمائي کان معافي وٺندڙن جي برخلاف جيڪي وڏيون دانهون ڪري چوندا رهن ٿا ته ننڍين قومن جي علحدگيءَ جي آزادي خيالي پلاءُ ۽ ناممڪن آهي، جيڪي وڏو وات ڦاڙي رڳو اقتصادي ئي نه پر سياسي ڪنسنٽريشن* جي ترقي پسند نوعيت جو راڳ آلاپيندا آهن. ها، انهن معافي وٺندڙن جي برخلاف، مارڪس رڳو هن ريت غير سامراجي طريقي سان انهيءَ ڪنسنٽريشن جي ترقي پسند نوعيت تي زور ڏئي سگهيو، رڳو هن ريت قومن جي ميلاپ تي، زور زبردستيءَ سان نه، پر مڙني ملڪن جي پرولتاريه جي آزاد اتحاد جي بنياد تي قومن جي ميلاپ تي زور ڏئي سگهيو. رڳو انهيءَ طرح مارڪس قومن جي برابريءَ ۽ خوداختياريءَ جي، زباني ۽ اڪثر منافقانه اعتراف جو مقابلو قومي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ميدان ۾ به عوام جي انقلابي قدمن سان ڪيو. 16-1914ع واري سامراجي جنگ موقعي پرستن ۽ ڪائوٽسڪي وادين جي رياڪارين جو پردو چاڪ ڪيو. انهيءَ مارڪس جي انهيءَ پاليسيءَ جي صحت جي واضح نموني تصديق ڪئي، جنهن کي ترقي يافته  ملڪن جي لاءِ نموني جي طور ڪم ڪرڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ سموري جا سمورا ترقي يافته ملڪ ٻين قومن کي ڦرين ۽ چيڀاٽين ٿا.**

4. قومن جي خوداختياريءَ جي لحاظ کان ملڪن جا ٽي قسم

هن لحاظ کان، ملڪن کي ٿلهي ليکي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

پهريون قسم، مغربي يورپ جا ترقي يافته سرمائيدار ملڪ ۽ گڏيل آمريڪي رياستون. انهن ملڪن ۾ بورجوا ترقي پسند قومي تحريڪون گهڻو اڳ ختم ٿي چڪيون آهن. انهن مڙني وڏين قومن منجهان هر وڏي قوم نوآبادين ۾ ۽ خود پنهنجي ملڪ اندر، ٻين قومن کي ظلم ۽ محڪوميءَ جو شڪار بنائي ٿي. انهن حڪمران قومن جي پرولتاريه جا اهي ئي فرض آهن. جيڪي اوڻوهين صديءَ ۾ آئرلينڊ جي سلسلي ۾ انگلنڊ جي پرولتاريه جا فرض هئا.*

ٻيو قسم، اڀرندو يورپ: آسٽريا، بلقان ۽ خاص طور تي روس. هتي مس مس ويهين صديءَ ڌاري وڃي خاص طور تي بورجوا جمهوري قومي تحريڪون پروان چڙهيون ۽ قومي جدوجهد تيز ٿي. انهن ملڪن جي پرولتاريه جا فرض – انهن ملڪن جي بورجوا جمهوريت جي نئين سر اڏاوت جي تڪميل جي لحاظ کان ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب جي مدد ڪرڻ جي لحاظ کان – انهيءَ وقت تائين پورا نٿا ٿي سگهن، جيستائين اِهو (يعني پرولتاريه) قومن جي خوداختياريءَ جو جهنڊو نٿو کڻي. هن ڏِسَ ۾ سڀ کان ڪٺن، پر سڀ کان اهم فرض هي آهي ته ظالم ۽ جابر قومن جي مزدورن جي طبقاتي جدوجهد کي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مزدورن جي طبقاتي جدوجهد سان ملائي هڪ ڪيو وڃي.

ٽيون قسم، نوآبادياتي ملڪ جيئن چين، ايران، ترڪي ۽ مڙني نوآبادين جي گڏيل آبادي جيڪا هڪ ارب آهي. انهن ملڪن ۾ بورجوا جمهوري تحريڪون اڃا مشڪل سان شروع ٿيون آهن، يا ته تڪميل جي منزل کان تمام گهڻو پري آهن. سوشلسٽن کي گهرجي ته نوآبادين جي، نه رڳو سواءِ ڪنهن معاوضي ۽ بنا ڪنهن شرط شروط جي ترت آزادي جو مطالبو ڪن (۽ انهيءَ مطالبي جو سياسي مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ته خوداختياريءَ جي حق کي مڃيو وڃي) پر کين گهرجي ته انهن ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جي لاءِ بورجوا جمهوري تحريڪن ۾ وڌيڪ انقلابي عناصرن جي ڄمي حمايت ڪن، ۽ انهن کي ظلم ۽ محڪوميءَ جو کاڄ بنائيندڙ سامراجي طاقتن جي خلاف، سندن بغاوت ۾ - جيڪڏهن ضرورت پوي ته – انهن جي انقلابي جنگ ۾ مدد ڏين.

 

7. سوشل شاونزم ۽ قومن جي خوداختياريءَ جو حق

سامراجي عهد ۽ 1914 – 1916ع جي جنگ خاص ڪري هن فرض کي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ شاونزم ۽ قوم پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي وڃي. قومن جي خوداختياريءَ جي سوال تي سوشل شاونسٽن يعني موقعي پرستن ۽ ڪائوٽسڪي وادين ۾ ٻه اهم نقطي نظر آهن، جيڪي رجعت پسند سامراجي جنگ کي ”مادر وطن جي حفاظت“ جي لاءِ جنگ جو نالو ڏيئي، انهيءَ مٿان ليپي ڏيڻ جو فرض پورو ڪن ٿا.

هڪ پاسي اسان کي بورجوازيءَ جا ڪجهه صاف گو ٻيلي نظر اچن ٿا، جيڪي زبردستي الحاق جي حمايت هن بنياد تي ڪن ٿا ته سامراج ۽ سياسي ڪنسنٽريشن ترقي پسندي آهي، ۽ جيڪي خوداختياريءَ جي حق جي مخالفت هن ريت ڪن ٿا ته هيءُ رڳو خيالي پلاءُ آهي، وهم آهي، پيٽي بورجوا تصور آهي وغيره وغيره. انهن ماڻهن ۾ ڪونوف، پارووس ۽ جرمنيءَ جا انتها پسند موقعي پرست، فيبئون (3) جو گروهه ۽ انگلستان  جا ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ روس جا موقعي پرست سيمڪوفسڪي، ليب مان يورڪيوچ وغيره شامل آهن.

ٻئي طرف اسين ڪائوٽسڪي وادين کي ڏسون ٿا جن ۾ وانڊرويلڊي، ريناڊيل ۽ فرانس، انگلنڊ جا ڪيترا صلح پسند وغيره شامل آهن. هيءُ ماڻهو پهرين گروهه سان اتحاد چاهين ٿا ۽ عملي طور تي انهن جو ڪردار اهوئي آهي جيڪو پهرين گروهه جو. هن معنيٰ ۾ ته اهي به خوداختياريءَ جي حق جي حمايت ڪن ٿا، جيڪا رڳو رياڪارانه زباني جمع خرچ  آهي. هي ماڻهو سياسي علحدگيءَ جي آزادي، جي مطالبي کي ”انتها پسند“ مطالبو سمجهن ٿا، (ڪائوٽسڪي 21 مئي 1915ع جي اخبار "Neue Zeit" ۾). هي ظالم ۽ جابر قومن جي ئي سوشلسٽن جي انقلابي طريقه ڪار جي ضرورت جي وڪالت نٿا ڪن. انجي ابتڙ هو انهن جي انقلابي فرضن کان ماٺڙي ڪيو اکيون پوريو ڇڏين. سندن موقعي پرستيءَ جي وڪالت ڪن ٿا. اِهي ماڻهو عوام کي دوکي ڏيڻ ۾ سندن ڪم وڌيڪ آسان ڪيو ڇڏين. اهي رياست جي سرحدن جي سوال کان ئي ڪترائي نڪريو وڃن ٿا، جيڪو زبردستيءَ محڪوم ۽ مظلوم قومن کي پنهنجي اندر جڪڙي رکي ٿو وغيره وغيره.

ٻئي گروهه موقعي پرست آهن، جيڪي مارڪس ازم کي بگاڙين ۽ مسخ ڪن ٿا ۽ جيڪي مارڪس جي طريقه ڪار جي نظرياتي اهميت ۽ عملي ضرورت کي سمجهڻ جون سڀئي صلاحيتون وڃائي ويٺا آهن، جنهن جو هڪ مثال مارڪس آئرلينڊ جي سلسلي ۾ ڏنو هو.

زبردستيءَ الحاق جو خاص سوال جنگ جي ڪري خاص ڪري ترت اهميت اختيار ڪري ويو آهي. پر زبردستيءَ الحاق آهي ڇا؟ هيءُ صاف آهي ته زبردستيءَ الحاق جي خلاف احتجاج جو مطلب هوندو آهي: يا ته قومن جي خوداختياريءَ جي حق کي مڃڻ، يا هيءُ ته هيءُ احتجاج محض صلح پسنديءَ واري لفاظي تي ٻڌل آهي، جيڪا* اسٽيٽسڪو (Statusquo) جي حمايت ڪري ٿي ۽ انقلابي تشدد سميت سڀني تشددن جي مخالفت ڪري ٿي. انهيءَ قسم جي لفاظي بنيادي طور تي غلط آهي. ۽ مارڪس ازم جو انهيءَ سان ڪوبه ميل ۽ ڳانڍاپو ڪونه آهي.

 

8. مستقبل قريب ۾ پرولتاريه جا ٺوس فرض

سوشلسٽ انقلاب ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿي سگهي ٿو. انهيءَ صورت ۾ پرولتاريه اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي فرض کي، بينڪن کي ضبط ڪرڻ جي فرض کي ۽ ڊڪٽيٽريءَ جا ٻيا قدم کڻڻ جي فرض کي منهن ڏيندو. انهيءَ صورت حال ۾؛ بورجوازي -- ۽ خاص ڪري فيبئن ۽ ڪائوٽسڪي واديءَ جهڙا دانشور - انقلاب کي ناڪام ڪرڻ ۽ انهيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. اهي انهيءَ انقلاب کي سختيءَ سان محدود جمهوري مقصد تائين بيهاري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندا. ان وقت ۾ جڏهن پرولتاريه، بورجوا اقتدار جي بنيادن تي حملو شروع ڪري ڏنو هجي؛ سڀئي خالص جمهوري مطالبا هڪ حد تائين انقلاب جي رستي ۾ رڪاوٽ بنجي وڃن، ته پوءِ سڀني مظلوم ۽ محڪوم قومن کي آزاد هئڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ سندن آزاديءَ (يعني سندن خوداختياريءَ جي حق) کي عملي جامو پارائڻ جي ضرورت سوشلسٽ انقلاب جي لاءِ ايتري ئي اهم ۽ ترت هوندي، جيتري اهم ۽ ترت اها ضرورت بورجوا جمهوري انقلاب جي فتح لاءِ هئي. مثال طور، 1848ع ۾ جرمنيءَ ۾ ۽ 1915ع ۾ روس ۾.

بهرحال، ممڪن آهي ته سوشلسٽ انقلاب جي شروعات ٿيندي ٿيندي پنج، ڏهه يا ان کان به وڌيڪ سال گذري وڃن. هن صورت ۾ هيءُ فرض ٿيندو ته عوام کي انقلابي جذبي ساڻ اهڙي سکيا ڏني وڃي ته جيئن سوشلسٽ شاونسٽن ۽ موقعي پرستن جي لاءِ مزدورن جي پارٽي سان ڳنڍيو رهڻ ۽ 1914 – 1916ع وانگر فتح حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي. سوشلسٽن جو فرض هيءُ ٿيندو ته هو عوام کي ٻڌائين ته: اُهي برطانوي سوشلسٽ جيڪي بيٺڪن ۽ آئرلينڊ جي علحدگيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو نه ڪن، اُهي جرمن سوشلسٽ جيڪي بيٺڪن ۽ الساسوالون، ڊچ ۽ پولينڊ وارن جي علحدگيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو نٿا ڪن، جيڪي سڌو سنئون انقلابي پروپيگنڊا ۽ عام انقلابي قدمن کي قومي ظلم ۽ جبر ڏانهن وٺي نٿا ڳنڍين، جيڪي زابيرن جهڙن واقعن مان فائدو وٺي وڏي پيماني تي ظالم ۽ جابر قوم جي پرولتاريه ۾ غير قانوني پروپيگنڊا ڪرڻ ۾، روڊن تي مظاهرا ڪرائڻ ۽ عام انقلابي قدم کڻڻ جي لاءِ اڀارڻ ۾ ناڪام وڃن، اُهي روسي سوشلسٽ جيڪي فن لينڊ، پولينڊ، يوڪرين وغيره جي لاءِ علحدگيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن – ها، اهڙا سمورا سوشلسٽ؛ شاونسٽن جي نقش قدم تي، رت ۽ گند سان ڀريل سامراجي بادشاهتن ۽ سامراجي بورجوازي جي مسواڙي دلالن جي رستي تي هلي رهيا آهن.

 

9. خوداختياريءَ جي حق ڏانهن روسي ۽ پولش سوشل جمهوريت پسندي ۽ ٻي انٽرنيشنل جو رويو

خوداختياريءَ حق جي سوال تي روسي سوشل جمهوريت پسندن ۽ پولش سوشل جمهوريت پسندن جا اختلاف گهڻو اڳ 1903ع جي ڪانگريس ۾ ئي اڀري سامهون آيا هيا، جنهن ڪانگريس روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جو پروگرام منظور ڪيو هو، جنهن پولش ڊيموڪريٽڪ وفد جي احتجاج جي باوجود ڀاڱو نائون هن پروگرام ۾ شامل ڪيو هو، جيڪو قومن جي خوداختياريءَ جي حق کي تسليم ڪري ٿو. اُن کان پوءِ هن وقت تائين پولش جمهوريت پسندن نڪو اسان جي پروگرام منجهان ڀاڱو 9 ڪڍڻ جي ڪا تجويز پيش ڪئي آهي، نه انهيءَ جي جاءِ تي ڪو ٻيو فارمولا پيش ڪيو آهي.

روس ۾ جتي گهٽ ۾ گهٽ 57 سيڪڙو يعني ڏهن ڪروڙن کان به مٿي آبادي مظلوم ۽ محڪوم قومن سان لاڳاپو رکي ٿي، جتي هي قومون گهڻو سرحدي علائقن ۾ آباد آهن. جتي هنن قومن منجهان ڪي قومون خود مها روسين کان به وڌيڪ سڌريل آهن. جتي جي سياسي نظام جو شان ان جو خاص جنگليپڻو ۽ وچئين زماني وارو ڪردار آهي، جتي اڃا بورجوا جمهوري انقلاب مڪمل نه ٿيو آهي. ان روس ۾ زارشاهيءَ جي ظلم ۽ ڏاڍ جو کاڄ ٿيندڙ قومن لاءِ، روس کان آزاد علحدگيءَ جي حق کي تسليم ڪرڻ، سوشلسٽ جمهوريت پسندن جي لاءِ سندن جمهوري ۽ سوشلسٽ فرضن جي مفادن وٽان بنهه فرض ٿي وڃي ٿو. اسان جي پارٽي، جيڪا جنوري 1902 (4) ۾ ٻيهر قائم ٿي، 1913ع ۾ هڪ تجويز (5) منظور ڪئي ۽ انهيءَ ۾ ٻيهر خوداختياري جي حق جو اعلان ڪيو ويو. ۽ ان جي وضاحت انهيءَ ٺوس مفهوم ۾ ڪئي وئي، جنهن تي مٿي روشني وڌي وئي آهي. 1914 – 1916ع ۾ بورجوازي ۽ موقعي پرست سوشلسٽ (روبانووچ، پليخانوف، ”ناشي ديلو (6) وغيره) جي منڊليءَ ۾ مها روسي شاونزم جو؛ جيڪو طوفان اٿيو هو؛ اهو اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين پهرين کان به اڃا وڌيڪ شدت سان انهيءَ مطالبي تي اصرار ڪيون ۽ اهو اعلان ڪيون ته جيڪي ماڻهو انهيءَ مطالبي کي منظور نٿا ڪن، اُهي حقيقت ۾ مها روسي شاونزم ۽ زارشاهيءَ جي پٺڀرائي ڪن ٿا. اسان جي پارٽي اعلان ڪري ٿي ته هوءَ خوداختياري جي حق جي اهڙي قسم جي مخالفت جي ڪابه ذميداري قطعي قبول نٿي ڪري.

قومي سوال تي پولش جمهوريت پسندن جو تازو فارمولو [زمروالڊ ڪانفرنس (7) ۾ پولش سوشل جمهوريت پسندن جو اعلان] اجهو هن ريت خيالن سان سينگاريل آهي:

هي اعلان جرمن حڪومت ۽ ٻين حڪومتن کي نندي ٿو جيڪي ”پولش مون“ کي داءُ لڳندڙ راند ۾ ضمانت سمجهن ٿيون ۽ ”پولش عوام کي خود پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ کان محروم ڪن ٿيون.“ اعلان ۾ چيو ويو آهي: ”پولش سوشل جمهوريت پسند پوري ملڪ جي نئين سر وَڍَ ڪٽ ۽ ورهاڱي جي خلاف قطعيت سان پرجوش احتجاج ڪن ٿا...“ اعلان انهن سوشلسٽن کي چَهبڪ هڻي ٿو، جن ”مظلوم ۽ محڪوم قومن کي آزاد ڪرائڻ جو فرض“ هوهن زولرن وارن تي ڇڏي ڏنو آهي. اعلان هن ويساهه جو اظهار ڪري ٿو ته رڳو انقلاب بين الالقوامي پرولتاريه جي ايندڙ جدوجهد ۾، سوشلزم جي لاءِ جدوجهد ۾ حصو وٺڻ ئي ”قومي ظلم ۽ ڏاڍ جي زنجيرن کي ڇنندو ۽ غير ملڪي غلبي کي مڙني شڪلين کي ختم ڪندو، پولش عوام جي لاءِ قومن جي مجلس ۾ هڪ برابر ميمبر جي حيثيت سان، همه گير، آزاد ترقي ۽ نشونما جو امڪان پيدا ڪندو. اعلان ۾ هيءُ به مڃيو ويو آهي ته موجوده جنگ ”پولينڊ وارن جي لاءِ“ ”ڀاءُ؛ ڀاءُ جي ٻٽي قتل“ جو ڪم ڪري ٿي. (بين الالقوامي سوشلسٽ ڪميٽيءَ جو خبر نامو. پرچو 2، 27 سيپٽمبر 1905ع صفحو 15 – روسي ترجمو ”انٽرنيشنل ۽ جنگ“ جي مجموعي ۾ شايع ٿيو آهي – صفحو 97)

انهن دليلن ۽ قومن جي خوداختياري جي حق کي تسليم ڪرڻ ۾ سواءِ هن کان ٻيو ڪو خاص فرق نه آهي ته انهن دليلن جو سياسي فارمولو ٻي انٽرنيشنل جي اڪثر پروگرامن ۽ تجويزن کان وڌيڪ ڌنڌلو ۽ مبهم آهي. جيڪڏهن انهن خيالن کي تڪي توري سياسي فارمولن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ۽ اهو طيءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته آيا انهن فارمولن جو اطلاق سرمائيداري نظام تي ٿئي ٿو يا رڳو سوشلسٽ نظام تي، ته پوءِ پولش جمهوريت پسندن، قومن جي رڳو خوداختياري حق کان انڪار ڪري جيڪا غلطي ڪئي آهي، اُها اڃا به وڌيڪ صاف ۽ واضح ٿي ويندي.

1896ع جي لنڊن واري بين الالقوامي سوشلسٽ ڪانگريس جي فيصلي ۾، جيڪو قومن جي خوداختياري حق کي تسليم ڪري ٿو، مٿي ذڪر ڪيل مقالن جي بنياد تي هنن ڳالهين جو اضافو ڪرڻ گهرجي: (1) سامراج جي هيٺ هن مطالبي جي خاص اهميت، (2) هن مطالبي سميت، سياسي جمهوريت جي سڀني مطالبن جي سياسي طور تي مشروط نوعيت ۽ طبقاتي مسالو، (3) ظالم ۽ جابر قومن جي سوشل جمهوريت پسندن، ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي سوشل جمهوريت پسندن جي ٺوس فرضن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت (4) موقعي پرستن ۽ ڪائوٽسڪي وادين جي طرفان خوداختياريءَ کي سواءِ اصول جي، رڳو زباني طور تسليم ڪرڻ، يعني جيتري قدر سياسي اهميت جو لاڳاپو آهي ته اتي رڳو رياڪاريءَ سان تسليم ڪرڻ، (5) حقيقت ۾ شاونسٽن ۽ انهن سوشل جمهوريت پسندن جي، خاص طور تي وڏين طاقتن (مها روسي، اينگلو آمريڪي، جرمن، فرانسيسي، اٽيلين، جاپاني وغيره) جي سوشل جمهوريت پسندن جي هم آهنگي، جيڪي انهن جي ”پنهنجين“ قومن جي ظلم ۽ ستم جو شڪار ٿيندڙ نوآبادين ۽ ٻين قومن جي آزادي ۽ علحدگيءَ جو جهنڊو نٿا کڻن (6) هن مطالبي جي لاءِ ۽ هن سان گڏوگڏ سياسي جمهوريت جي سڀني بنيادي مطالبن جي لاءِ جدوجهد کي، بورجوا حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ سوشلزم حاصل ڪرڻ جي خاطر انقلابي عام جدوجهد جي تابع بنائڻ جي ضرورت.

ڪن ننڍين قومن جي نقطه نظر کي، خاص طور تي پولش سوشل جمهوريت پسندن جي نقطي نظر کي انٽرنيشنل مٿان چنبڙائڻ نظرياتي غلطي ٿيندي – انهن جمهوريت پسندن جي نقطي نظر کي جيڪي پولش بورجوازي (جيڪو قوم پرست نعرن سان عوام کي دوکو ڏئي رهيو هو) جي خلاف جدوجهد ڪندي اهڙا ته گمراهه ٿيا جو خوداختياريءَ جو غلط، انڪار ڪرڻ تي لهي آيا – انهيءَ جو مطلب اهو ٿيندو ته مارڪس ازم جي جاءِ تي پروڌون ازم کي پنهنجو ڪيو وڃي ۽ عملي طور تي انهيءَ جو مطلب ٿيندو وڏين طاقتن جي خطرناڪ ترين شاونزم ۽ موقعي پرستيءَ جي اڻ ڄاتل طور حمايت.

”سوتسيال ديموڪرات“ جي ايڊيٽر، روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جي مرڪزي اخبار –

"Neue Zeit" جي تازي شماري (تاريخ 3 مارچ 1916ع) ۾ ڪائوٽسڪيءَ رڪيڪ ترين جرمن شاونزم جي نمائندي اوستيرلتز ڏانهن کلم کلا مسيحي صلح صفائي لاءِ هٿ وڌايو آهي. هاپس برگون جي آسٽريا کان محڪوم قومن جي علحدگيءَ جي آزاديءَ کان ته هو انڪار ٿو ڪري ڇڏي، پر روسي پولينڊ جي علحدگيءَ جي آزاديءَ کي مڃي ٿو وٺي. هو اهڙي ريت هنڊن برگ ۽ ويلهيلم ٻئي جي لاءِ دلالت جي خدمت انجام ڏئي ٿو. خود پنهنجي هٿان ئي ڪائوٽسڪيءَ واد جو پردو کڄڻ، هن کان بهتر ٻيو ڇا ٿي ٿِي سگهيو!

 

1916 جي جنوري – فيبروري         لينن جون  تصنيفون

۾ لکيو هو                             چوٿون ايڊيشن، جلد 22،

"Vorbote" جي                                  صفحو 132 – 145

ٻئي شماري ۾ اپريل 1916ع ۾ ڇپيو:

روسي زبان ۾ ”سبورينڪ سوتسيال ديموڪراتا“ جي پهرين شماري ۾ آڪٽوبر 1916ع ۾ ڇپيو.


* هيءَ چوڻ جي ضرورت نه آهي ته خوداختياريءَ جي حق جي مخالفت محض هن بنياد تي ڪرڻ ته انهيءَ جو مطلب آهي: ”مادر وطن جي حفاظت“، اڃا به وڌيڪ مضڪه خيز ٿيندو. 1914 – 1916ع جا سوشل شاونسٽ انهيءَ منطق جي زور تي، يعني اهڙي سطحيپڻي سان، هن دليل کي جمهوريت جي مڙني مطالبن (مثال طور رپبلڪن ازم) تي ۽ قومي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد جي فارمولي تي لاڳو ڪن ٿا. ۽ هيءَ سڀ ”مادر وطن“ جو جواز حاصل ڪرڻ جي لاءِ – مارڪسزم مادر وطن جي حفاظت جي خيال کي تسليم ڪري ٿو، پر مارڪسزم هن خيال تائين، ڪن ”عام اصولن“ يا پروگرام جي ڪن الڳ نڪتن جي بنياد تي نه پهتو آهي. پر هر الڳ الڳ جنگين جي خاص تاريخي حالتن جي تجزئي جي بنياد تي مارڪسزم وطن جي حفاظت جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو. (مثال طور عظيم فرانسيسي جنگين ۽ يورپ ۾ گاريڊ لدي جي جنگين ۾). پر مارڪس ازم 16-1914ع جي سامراجي جنگ ۾ ”مادر وطن جي حفاظت“ جي نعري جي مخالفت ڪئي آهي.

* Concentration. هڪ عام مرڪز تي گڏجڻ. (سنڌيڪار)

** گهڻو ڪري هن ڳالهه جو حوالو ڏنو ويندو آهي ته ڪن قومن جي قومي تحريڪن ڏانهن، مثال طور 1848ع ۾ چيڪن جي قومي تحريڪن ڏانهن مارڪس جو مخالفانه رويو هن جي ترديد ڪري ٿو ته ڪو مارڪسزم جي نقطي نظر کان قومن جي خوداختياريءَ کي مڃڻ ضروري آهي. تازو هن جو حوالو جرمن شاونسٽ لينچ "Die Gocke" جي شماري 8 ۽ 9 ۾ ڏنو آهي، جو غلط آهي. ڇاڪاڻ ته 1848ع ۾ هن ڳالهه جا تاريخي ۽ سياسي ڪارڻ موجود هئا ته ”رجعت پسند“ ۽ انقلابي جمهوري قومن جي وچ ۾ فرق ڪيو وڃي. مارڪس درست هو جڏهن هن ”رجعت پسند“ قومن کي مذموم قرار ڏنو ۽ انقلابي جمهوري قومن جي حمايت ڪئي. خوداختياريءَ جو حق جمهوريت جي مطالبن منجهان هڪ آهي، جنهن کي فطري طور تي جمهوريت جي عام مفاد جي تابع هئڻ گهرجي. 1848ع ۾ ۽ ان کان پوءِ جي سالن ۾ هيءُ عام مفاد زارشاهيءَ جي خلاف جدوجهد ۾ مضمر هو.

* ڪن ننڍين رياستن ۾ جيڪي 16-1914ع جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيون آهن (مثال طور هالينڊ ۽ سوئٽرزلينڊ)، بورجوازي وڌيڪ شدمد سان ”قومن جي خوداختياريءَ“ جو نعرو بلند ڪري رهيو آهي، ته جيئن سامراجي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جو جواز حاصل ڪري سگهي. اِهائي اُها نيت آهي جيڪا انهن ملڪن ۾ سوشل جمهوريت پسندن کي خوداختياريءَ جي مخالفت لاءِ مجبور ڪري ٿي. صحيح پرولتاري پاليسيءَ جي حمايت يعني سامراجي جنگ ۾ ”مادر وطن جي حفاظت“، جي مخالفت جي پاليسيءَ جي حمايت غلط دليلن سان ڪئي وڃي ٿي. نتيجو هيءُ ٿو ٿئي ته نظرياتي طور تي مارڪس ازم بگڙجي ٿو ۽ عمل ۾ هڪ عجيب قسم جي ننڍين قومن واري تنگ نظري پيدا ٿي وڃي ٿي. جيڪا قومن جي انهن ڪروڙن ماڻهن کي ويساري ڇڏي ٿي، جن کي ”وڏين طاقتن“ جي قومن محڪوم ٺاهي رکيو آهي. ڪامريڊ گورٽر پنهنجي بهترين پمفلٽ ”سامراج، جنگ ۽ سوشل جمهوريت“ ۾ قومن جي خوداختياريءَ جي اصول کي غلط طريقي سان رد ڪري ٿو، ان جو اطلاق درست نموني سان ڪري ٿو، جڏهن هو ڊچ ايسٽ انڊيز جي لاءِ ”سياسي ۽ قومي آزاديءَ“ کي ترت مڃڻ لاءِ مطالبو ڪري ٿو ۽ ڊچ موقعي پرستن کي بي نقاب ڪري ٿو، جيڪي اِهو مطالبو ڪرڻ ۽ انهيءَ جي لاءِ وڙهڻ کان انڪار ڪن ٿا.

* موجود ساڳي صورتحال جي برقراري (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org