سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: وڻجارن وايون

 

صفحو:9 

ڀڳت جمڙو مل

محترم ڀڳت ”جمڙومل“ ولد سرڳواسي ’ڀاڻو مل‘، ذات اوڏ، جن ديهه ”ڪرنا“ تعلقو عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيا. تاريخ ولادت نامعلوم، عمر اندازي موجب 38 سال، ڌرمي ڪتاب ”گيتا“ ۽ چار درجا سنڌي پڙهڻ بعد تعليم ترڪ ڪري پنهنجي موروثي ڌنڌي مال چارڻ ۽ هارپي کي لڳي ويا، ۽ پنهنجي حال غريبيءَ ۾ مست و مگن هئا، ته آغازِ جواني کان ٿورو پوءِ کين ’عشق مجاز‘ جي جهڙپ اچي ويئي، جنهن سندن حالت ’سدا جيئري شاهه‘ جي هن بيت:

مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جيئن پڃيو،

هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سنڌن مان!

جي مصداق ڪري ڇڏي، ۽ بي التفاتِ يار ۽ ناڪامي الفت، باعث درد و الم ۽ رنج و غم اچي دل ۾ ديرا دمايا، جي آخرڪار بي ضبط ٿي، اُڌما کائي، شاعريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. پاڻ تقريباً ٻارهن سالن کان شاعري ڪندا ۽ پنهنجي ڪلام کي خود ڳائيندا پيا اچن. پاڻ ڏوهيڙن ۽ ڪافين کان سواءِ ’وائيون‘ ۽ ’ڀُڄن‘ پڻ چوندا آهن. سندن ڪلام ۾ عاجزي ۽ انڪساري کان سواءِ هن فاني جهان جي بي ثباتيءَ جو ذڪر پڻ نمايان نظر ايندو. 

هتي سندس ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

*

ٿلهه:

جوڙ جڳت ۾ جيئڙا ڀلجي، ويٺين وطن ڀلائي- ڏس تون ٺاهي.

1.

ڇڏي انڌارو، ثابت سارو، عين جي عينڪ پائي- ڏس تون ٺاهي.

2.

ڇا تون آهين، ڇا ٿو ڀانئين، ڇا منجهه تنهنجو ڇاهي- ڏس تون ٺاهي.

3.

ملڪيت مايا، ڀيڻ ۽ ڀايا، ايهي لوڪ لاڳايا لاهي- ڏس تون ٺاهي.

4.

”جمڙا“ جاڳي، صورت ساڳي، قرب منجهاران ڪاهي- ڏس تون ٺاهي.

ٿلهه:

من ۾ ٻاريو مچ ميهار، تار ترڻ لئه تڪڙي آهيان...

1.

آگ اندر ۾ ٻارڻ ٻاري، رم جهم رم جهم راڳ اچاري؛

 

پل پل پرينءَ جي پچار- ڏوهه ڏاڍي جي ڏڪڙي آهيان...

2.

وچ درياهه ۾ واڳن ورائي، ڪمين، ڪڇونئن شورش لائي،

 

سوين وريا سينسار، ٻول پرينءَ جي پڪڙي آهيان...

3.

برڙ بلائون باري باريون، سير درياهه ۾ سهڙيون ساريون،

 

هرڙ ڪري هزار، ڇيهون ڇيهون ڪري ڇِڪڙي آهيان...

4.

”جمڙي“ جون تون سڻج صدائون، ٻڏڙي ڪري پئي درد جون دانهون،

 

سڻجان سڏ سردار، ٿاڦوڙا هڻي ٿڪڙي آهيان...

 

 

 

*

ٿلهه:

پار پکيئڙا پر ۾ اُڏري، وطن اباڻي ويندين- وري نه ايندين؟

1.

قرب ۾ ڪاهي، قرب ڪمائي، پريم پيالا پيندين- وري نه ايندين؟

2.

ٻوٽا سارا، محبت وارا، خان خوشيءَ سان کيندين- وري نه ايندين؟

3.

روح ۾ راڳي، برهه بيراڳي، ايئن جوڳي بنجي جيندين- وري نه ايندين؟

4.

جاڳي ”جمڙا“ جيءَ جاڳائي، ٿانيڪو وڃي ٿيندين- وري نه ايندين؟

 

”ماجد“ اهروي*

 

اسم گرامي ’عبدالمجيد‘ تخلص ”ماجد“، خلف ’ٺارو فقير‘، ذات خاصخيلي، پاڻ 9 ذوالحج 1330 هجري تي ڳوٺ ’صوفي فقير‘ تعلقه عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيا. چار درجا سنڌي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ مزيد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ (صوفي ’روشن الدين‘ مرحوم جن جي مدد ۽ ڪوشش سان) ’سنڌ مدرسته الاسلام‘ ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيا. جتي تعليم سان گڏوگڏ مرحوم حڪيم ’فتح محمد‘ سيوهاڻي ۽ مرحوم ’قاضي عبدالقيوم‘ جن جي صحبت ۾ رهي، کانئن طب به سکندا رهيا. چوندا آهن ته: ’هڪ بندي من ۾ ٻي ڪري الله‘ سو ”ماجد“ صاحب به اڃا ٽئين درجي انگريزي ۾ پهتا هئا، ته هڪ ڏينهن کين تار ملي ته ”تنهنجا ٻئي وڏا ڀائر گذاري ويا آهن، انهي ڪري جلد پهچ.“ لهذا پاڻ تعليم کي نامڪمل ڇڏي، ڳوٺ اچي پنهنجو مال (ٻڪريون) ۽ کيتي جو ڪم سنڀاليائون. سندن والد ’ٺارو فقير‘ جن درويش هئڻ سان گڏ چڱا شاعر ۽ طبيب پڻ هئا، انهيءَ ڪري شاعري ۽ طب ”ماجد“ جن کي ورثي طور مليل آهن، جن کي خوش اسلوبيءَ سان سنڀاليندا پيا اچن. سندن شاعري جي شروعات ننڍپڻ ۾ هاريءَ جي شان ۾ لکيل هڪ شعر سان ٿي. ان بعد ڪافي”واقعاتي“ شعر لکيائون جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار آهن. سندن شاعريءَ جو ٻيو دور سندن جوانيءَ جي زماني کان شروع ٿيو، جنهن ۾ پاڻ ڪافيون، وايون، بيت، مولود، مداحون ۽ ٽيهه اکريون چڱي تعداد ۾ لکيائون.

سندن شاعريءَ جو ٽيون ۽ موجوده دور 1952ع کان شروع ٿيو آهي، جيڪو سندن موزون شاعريءَ جو دور آهي؛ جنهن ۾ پاڻ ”ماجد“ تخلص سان بي شمار مناجاتون، نعتون، قطعون، مرثيا، نظم، غزل، ڪافيون ۽ بيت چيا اٿن ۽ چوندا رهن ٿا. قديم زماني ۾ ڳوٺ ”صوفي فقير“ کي ”اُهر شريف“ سڏيو ويندو هو؛ انهيءَ ڪري ”ماجد“ صاحب پنهنجي تخلص جي پويان اها پراڻي نسبت لڳائي، پاڻ کي ”ماجد اهروي“ لکندا آهن. پاڻ ڳوٺ جي بارسوخ ماڻهن ۾ شمار ڪيا ويندا آهن ۽ هن وقت ”بزم ادب- صوفي فقير“ جا جنرل سيڪريٽري آهن. هتي سندن ٻه ڪافيون نموني طور پيش ڪيون وڃن ٿيون.

 

*

ٿلهه:

ڪيم نه ڪتڻ جي ڪار،

ساريون راتيون سمهي وڃايم.

(1)

ڏور ارٽ ۾ وڌم نه ڏانئي،

نــــــــيـــــڙم ننـــــڊ خـــــــــمـــــار،

ويٺيس وقت ڪتڻ جو وڃائي،

سمهي سمهي سور پرايم.

(2)

ڪتيم ڪجهه نه، ٿلهو نڪي ٿورو،

ٿـــــــيـــــڙس آءُ بيــــــــــڪـــــار،

ڪين ڪپهه جو ڦوليم ڦورو،

مٿان ڏينهن ڏهاڳ جو آيم.

(3)

سرتين ساجهر ارٽ سان اوريو،

مون نه ڪئي ڪـــــا سار،

سر ڪاپي تان گهوري گهوريو،

ڪين ڪتيم ۽ ڪين ڪتايم.

(4)

ڍرڪي مالهه هاڻي ارٽ پيو الڙي،

وئــــــــــڙيـــــم ســـــڀ ڄمـــــار،

ڪين اڙايم ارٽ سان دلڙي،

”ماجد“ مونين لئون ڪين لايم.

*

ٿلهه:

اينـــــدا شـــــال وري،

ڏيهه مبارڪ مئيءَ کي ڏيندا.

(1)

آءُ اڪنڊي انهن لئه آهيان،

کوٽي تـــــوڙي کـــــري،

عمر اباڻن ريءَ ڪنهن جي ناهيان،

ڪڍي بندياڻي بند مان نيندا.

(2)

ساهه سانگين کي روز سنڀاري،

ڪئڙيس ڪوٽ چري،

هتي وهان ڪيئن مارو وساري،

ٿورا ڪڏهن هن مٺيءَ تي ٿيندا.

(3)

سيل نباهي وينديس سانگين،

اچي ٿــــــر جـــــا ٿري،

نينهن نهوڙيو جهنگ جي جهانگين،

گولي پنهنجي ساڻ گڏيندا.

(4)

”ماجد“ مارو من سي موٽن،

آيـــــم خبر کـــــري،

قلب ڪنبايو ڪوٺين ڪوٽن،

وٺي ويڙهيچا مئيءَ کي ويندا.

 

يتيم رونجهو*

 

محترم ”يتيم“ خلف ’حاميد‘ رونجهو جن سال 1918ع ڌاري ديهه ”ڊيٻو“ تعلقو عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيا. سنڌي چئن درجن ۽ قرآن پاڪ جي چند سيپارن کان وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيا.

”رونجها“ قوم هڪ مالدار قوم آهي، انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، ”جتي سندن مال جو سٺو چارو، اتي سندن اوطارو“ مطلب ته سندن هر هنڌ رهڻ پيو ٿئي.

سو يتيم جن به انهي هل هلان واري ماحول ۾ پليا، ۽ قدرت جي مختلف هنڌن جي مختلف دلڪش ۽ دلفريب نظارن کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪيائون، جيڪا رفته رفته هلي هن وقت سٺي معيار کي پهچي ويئي آهي. سندن شاعري بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندن شاعري ۾ واقعاتي شعر به آهن، ته مناظري ۽ مقابلي جا بيت به آهن. منظرنگاري ۽ سيرت نگاري سندن شاعري جي خاص وصف آهي.

پاڻ طبع جا حليم ۽ سليم، شريف صورت ۽ نيڪ سيرت انسان آهن. هن وقت ڳوٺ ”هوندو پلي“ جي لڳ مقيم آهن. سندن شغل کيتي آهي.

سندن ڪلام ۾ عاجزي ۽ انڪساري به بدرجه ڪثرت نظر ايندي.

ٿلهه:

موڪل ڏئي مون کي ميان،

ماروئڙن سان ملان،

کاهڙ وڃي کير پيان،

ٿر ٿانيڪي ٿيان.

(1)

آءٌ قابو منجهه ڪوٽن،

ڳوٺاڻا خوش ڳوٺن،

رهن پنوهار پوٺن؛

آءٌ هت جاڙجيان.

(2)

گاموين سان گڏجان،

اوڏاهين وڃي اڏجان،

سانگيئڙن جي سڏجان،

ننگ نباهي نيان.

(3)

وس نه ويچاريءَ جو هلي،

ساڙيس سڪ جي سلي،

جيئڙو جدائيءَ ۾ جلي،

ڪنهن در دانهن ڏيان.

(4)

ياد ”يتيم“ ٿي ماري،

وڃي وسڪاري ڌاري،

ڳڻتي روز ٿي ڳاري،

پاڻي پلر پيان.

 

*

ٿلهه:

منهنجو محب ميهر سان،

ڏسان وڃي اکين سان،

ٿيئي مان مليو،

ساهڙ سويلو...

(1)

ڪريان سير سختيءَ ۾،

اٿم سڪ ستايو،

ڪچو ڪڇ ۾ آهم،

سڏڙا ٿي سائين،

اچان پئي ايڏاهين؛

ڀري شل مَ ڀيلو...

(2)

ننڍي هوندي کان،

ڪشي قرب قابو،

اٿم عشق ازليءَ،

لڳل نينهن ناتو،

پڪو پيچ پاتو؛

ڪيو هاڻ هيلو...

(3)

ٻڏان ٿي ڇڏي ٻر،

ڪريان درد مان وچ،

ملان محب کي من،

ويون ٻيئي ٻانهون،

دريا جي ٿي دانهون؛

لنگهي ٻيٽ ٻيلو...

(4)

رڙي رات ڏينهان ۽،

وڃي درد ڌڪجي،

هجان گڏ حبيبن،

روئي ٿو ”رونجهو“،

لهي من تان مونجهو؛

وچان پئي مَ ويلو...

 

فقير شمس علي پلي*

 

محترم فقير ”شمس علي“ خلف ”رَلو“ پلي، جن ڳوٺ ”چڱو پلي“ (لڳ ڍورو نارو) تعلقه عمرڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر جا ويٺل آهن. سندن ولادت ڳوٺ ”چڱو پلي“ ۾ سال 1926ع ۾ ٿي.

تعليم چار درجا سنڌي، پر کين ننڍپڻ ۾ ئي صوفيانه صحبتون نصيب ٿيون، جن ۾ قديم صوفياء ڪرام جي ڪلام ٻڌڻ، سمجهڻ، ۽ انهن جي رسالن کي مطالعي ڪرڻ باعث لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت ئي برجسته، پخته ۽ ان سان گڏ شاعريءَ جو ملڪو پڻ سٺو اٿن.

سندن وايون، ڪافيون ۽ بيت سوزيلا، پاڪيزه ۽ فقيرانه آهن. ناري جي مشهور شاعر فقير ’محمد ايوب‘ آريسر جن سان سندن صحبت ۽ محبت، دوستانه طالبانه آهي.

تصوف جي ڪن خاص مقامن ۽ مدارجن، وحدت ۽ ڪثرت، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي ڄاڻ ۽ پرک پڻ کين فقير صاحب جن کان مرحمت ٿيل آهي.

هتي سندن ٽي ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

*

ٿلهه:

قيل ڪريان ڇا ڪاپڙين جي،

چڙهيا ناٿ نظاري-

 

 

منزل ماري...

(1)

ناد نفليون وير وڄائي،

هليا هوت هوڪاري-

 

 

منزل ماري...

(2)

ڪشتيون ڪنٺا پائي ڪنڌن ۾،

سُرهو سانگ سڌاري-

 

 

منزل ماري...

(3)

جهوليون، ڏنڊا، جهرمر، جهوڙا،

سهڻي رنگ سينگاري-

منزل ماري...

 

*

ٿلهه:

عشق اڙانگو آهي يار،

باري کڻن بهادر بار.

(1)

عشق ڪمائين گوهر غازي،

برهه جي آهي بيرنگ بازي،

مور نه ڄاڻن ملا قاضي؛

منجهس الاهي آهي اسرار.

(2)

اچن اڏيءَ تي عاشق ڪاهي،

اصل عشاقن عادت آهي،

لاڳاپا سڀ لوڪ جا لاهي؛

ڌڙ سر کان ڪن ڌارو ڌار.

(3)

لاهي سورهه سر جا سانگا،

گهُون لنگهي گهٽ گهيڙ اڙانگا،

ناٿ نباهن نيهي نانگا؛

پل ۾ ٿيئڙا پريئين پار.

(4)

”شمس علي“ ٿي شائق تنهنجو،

فضل ڪندو رب فائق پنهنجو،

لولاڪ لما لائق جنهنجو؛

ٻڏل ٻيڙو پوندو پار!

 

 

*

ٿلهه:

اونهون عشق سندو اسرار ڏٺم،

اهڙو ٻيو نه برابر بار ڏٺم...

(1)

ذاتي ظاهر ذوق ظهور ڪيو،

مچي مرد مٿير مشهور ٿيو،

اتي اناالحق ’منصور‘ چيو؛

جنهن جو سوريءَ سر هسوار ڏٺم...

(2)

صدا صاف، سچي ’سرمد‘ ڪئي،

قابو قول مٿي بيٺو رند رهي،

لولي لاڏ منجهان لاالھ چئي؛

تنهن جو ڌڙ سر کان ڌارو ڌار ڏٺم...

(3)

عشق ’صنعان‘ تي آيو ڄلي،

پايو جوان جڻيون تنهن خوب کلي،

بيتاب ٿيو ڏسي جلوو جلي؛

ناچو نينهن سندو نروار ڏٺم...

(4)

عشق عجب آڙاهه مچي،

شاهي ”شمس عليءَ“ تي شاهه اچي،

اهو پسڻ پسي ٿيس پاهه پچي؛

ڪئي مهر، وفا سو مهندار ڏٺم...

 قاضي محمد علي ”اختر“ مورائي*

 

محترم ”اختر“ مورائي، پنهنجي خود نوشته تعارف ۾ هن طرح رقم طراز آهن:

”فدويءَ جو اصل نالو  ’محمد علي‘ ولد مولانا مولوي ’عبدالڪريم‘
قاضي، ڄمڻ جو هنڌ ’مورو شريف‘، ضلع نوابشاهه. پنهنجي عمر عزيز جون ٽيٽيهه بهارون ماڻي چڪو آهيان. مورائي قاضي خاندان سان رشته قرابت هئڻ سبب قدرتي طرح فهم و فراست ۽ علم و ادب عنايت ٿيل آهن. ادبي دنيا ۾ تخلص ”اختر“ ۽ اسلامي دنيا ۾ ”مسلم“ اٿم. مذڪوره ٻئي تخلص ڪن خاص رازن ڪري پاڻ لاءِ انتخاب ڪيا اٿم. ادبي دنيا واري تخلص لاءِ صرف هيترو چوندس ته جڏهن آءٌ ننڍڙو هئس، تڏهن منهنجي والد ماجد جن هڪ چانڊوڪي رات جو فرمايو ته ”هي آسماني ستارا ڪابه حيثيت نٿا رکن بمقابله هنن دنيائي تارن جي- جيئن هي منهنجو تارو آهي!“ (اهو اشارو منهنجي طرف هو) سندن انهي ارشاد مبارڪ ئي مون کي هن درجي تي رسايو آهي.

اسلامي تخلص لاءِ به هيترو چوندس، ته پنهنجي اولاد گرامي کي حضرت خليل الله جن فرمايو ته ”لاتموتن“ سان گڏ ’الا و انتم مسلمون!‘. پنجن ورهين جي عمر ۾ صرف پنجن مهينن ۾ قرآن مجيد پنهنجي والد صاحب جن وٽ پورو ڪري، پوءِ پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس. اُردو، فارسي ۽ عربي تعليم حضرت والد صاحب جن وٽ پوري ڪري، پوءِ پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس. اُردو، فارسي ۽ عربي تعليم حضرت والد صاحب جن، ’برادرم اڪبر‘، مولانا محمد اسماعيل ”مخلص“ ۽ ’سالڪ سيلاني‘ جن وٽان مرحمت ٿي. ان کان علاوه ’اديب فاضل‘ سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾، ۽ ’اديب اردو‘ سٺن نمبرن سان پاس ڪيل آهن. منهنجو خاص مشغلو سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪرڻ آهي؛ علاوه ازين علم طب جو به نهايت شائق آهيان، انهيءَ ڏس ۾ سخا کي پنهنجو شيوو تصور ڪندو آهيان.“

”اختر“ مورائي جن جي خودنوشته تعارف کان پوءِ، هتي سندن موڪليل ٻه ڪافيون پيش ڪيون وڃن ٿيون.

*

ٿلهه:

اچي قابو ٿيس ڪهڙي هنڌ ڙي الا؟

ملان مارن شل پيرين پنڌ ڙي الا!

(1)

نٿا کاڄ سلوڻا وڻن مون کي،

ياد پيرون پڪا ٿا اچن مون کي؛

وري شال مٺا مارو ملن مون کي،

جن جي سڪڙي اٿم سَنڌ سَنڌ ڙي الا!

(2)

کٿي ڪين لڱن تان لاهيان مان،

پنهنجن ماروئڙن جي آهيان مان؛

در تنهنجي ڌڻي ٿي دانهيان مان،

موٽي شال وڃان انهي ڪنڌ ڙي الا!

(3)

”اختر“ مارو ملن دل شاد ٿئي،

وري من جو چمن هي آباد ٿئي؛

شل بدن هي منهنجو آزاد ٿئي،

وري پهچان ساڳئي هنڌ ڙي الا!

 

*

ٿلهه: ايڏي ڪاوڙ تون دلدار نه ڪر،

                 ڌڪي در تان پنهنجي تون ڌار نه ڪر!

تنهنجي سڪ ته سڄڻ مون کي آهه گهڻي،

تو کي ڳالهه رسڻ جي ڪيئن آ وڻي؛

ڇڏ ڪاوڙ تون، پرين پرچ کڻي،

تون ته محب ملڻ کان انڪار نه ڪر!

ڏسي مون کي مٺل ٿو نقاب ڪرين،

ڇا لئه سڄڻ مون کان ٿو حجاب ڪرين؟

ڪيڏو محب مون تي ٿو عتاب ڪرين،

مون تي ويڻن جا ايهي وار نه ڪر!

منهنجي دل ته سڄڻ ذرا ٺار به تون،

جيڪي واعدا ڪيئي سي پار به تون؛

ڪين ڳڻتين ۾ مون کي ڳار به تون،

مون سان محب ملڻ کان عار نه ڪر!

تنهنجي محبت آهه مستان ڪيو،

انهيءَ تير نظر جي آ بي جان ڪيو؛

تنهنجي هڪ ئي جهلڪ آ حيران ڪيو،

پري ”اختر“ پاڻ کان يار نه ڪر!

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حافظ ملوڪ پلي*

 

محترم ’حافظ ملوڪ‘، خلف ’تاج محمد‘ پلي، جن تاريخ 7 جنوري 1937ع تي پنهنجي ڳوٺ ”چڱو پلي“ (متصل ڍورو نارو) تعلقه عمرڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر ۾ تولد ٿيا.

پڙهڻ لائق ٿيڻ تي کين اسڪول ۾ وهاريو ويو، جتي قرآن شريف، ست درجا سنڌي ۽ ڪجهه اردو پڙهيائين. ان بعد، ڪن سببن باعث تعليم کي ترڪ ڪري اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿيا، ۽ پنهنجو زمينداري ڪاروبار سنڀالڻ لڳا. سندن دل ننڍي هوندي ئي فقيرانه ۽ شاعريءَ ڏانهن مائل هوندي هئي. ويتر جو کين فقير ’محمد ايوب‘ آريسر ۽ ’شمس علي‘ پلي جن جي فقيرانه ۽ شاعرانه ڪچهرين ۽ صحبتن ۾ وهڻ ۽ رهڻ جا موقعا ميسر ٿيا، تن ته سندن شاعرانه شعور کي هيڪاري وڌيڪ اُجاگر ڪيو، ۽ فروغ ڏنو. چنانچه پاڻ فقير محمد ايوب آريسر جن جي شاعريءَ کان متاثر ٿي، شاعري شروع ڪيائون ۽ ڪندا رهن ٿا. 

هتي سندن ٻه ڪافيون نموني طور پيش ڪجن ٿيون:

 

*

ٿلهه:

آ مل پنهل پاڳارا وي، ڪرم ڪري ڪو ڪوهيارا ڪامل!

1.

پهرين پيارل پيار ڏيئي، پوءِ دور نه ڪر دلدارا وي،

 

آ مل آ مل جانب، جاني، گڏجي ڪريون گذارا وي-

 

جيءَ ۾ جدائيءَ آ لائي جل جل!

2.

نازڪ ناز نرالا نت نت، ڪريئين يار نيارا وي،

 

عين اکين جا عجب عجائب، الٽا الٽ اشارا وي-

 

گهور تنين جي ڪيڙس گهايل!

3.

دور وڃي ڇو ويٺين دلبر؟ دوست، مٺا دلدارا وي،

 

موٽي ملڻ جي ڪريو مون سان، محب، مٺا موچارا وي-

 

ساريو ساري ساهه سڪايل!

4.

ويل نٿو هڪ وارث وسرين، مرسل مير مهندارا وي،

 

آسوندن جي اڱڻ عجيبا، پاءِ تون پير پيارا وي-

 

جيڻ جڏيءَ جو آ توري مشڪل!

5.

حب ته حبيبا ”حافظ“ کي آ،  تنهنجي بيشمارا وي،

 

روئي رات گذاريم ساري، تولئه تڪيندي تارا وي-

 

ڪانه اڄهي ٿي ٻي ڪا اٽڪل!

 

*

ٿلهه:

هڪ ته پيا مون زنجير، ٻيو وري ڏمر ڏينهاڻي-

 

ٽيو  ٿي ساريان پکڙا پراڻا...

1.

ڪين ٿي ڀانيم وڇڙي ويندس، ڌار ڌنارن کان ٿي ايندس،

 

منهنجو ملڪ ملير، آهي جوءِ ڏاڏاڻي-

 

مون نه وڻن هي ٽول ٽڪاڻا...

2.

سانگ سانگين جا سڪيو ساريان، پل پل پيئي پر ۾ پوڪاريان؛

 

نيڻن وهايان نير، نيرن منجهه نماڻي-

 

ساريو سڪايل سانگي سياڻا...

3.

قسمت ڪيڙو قيد ڪڙائي، لوهه قلم جي انگ اڙائي؛

 

ماڙين اندر مير، بيوس ڪيس بندياڻي-

 

ڏور ڪري مون کان ڏيهه، ڏاڏاڻا...

4.

”ملوڪ“ مونجهاري مارن واري، سورن ساڙيا سنڌ سنڌ ساري؛

 

هينئڙي منجهه همير، آهي اُڪنڊ اباڻي-

 

ٿر ۾ ڏسان وڃي تن جا ٿاڻا...

مظهرالدين ”مظهر“ تونيه*

 

محترم ”مظهر“ تونيه پنهنجي خودنوشته تعارف ۾ هن ريت رقم طراز آهن:

باغ حيات کي 18 بهارون بخشي چڪو آهيان ۽ اوڻهين جي رنگينيءَ مان لطف اندوز پيو ٿيان. 18 آگسٽ 1942ع جو ڳوٺ ”تونيا“، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوابشاهه ۾ هڪ مسڪين ’رسول بخش‘ تونيه جي گهر تولد ٿيس. ’در محمّد‘ ۽ ’مظهرالدين‘ ٻن نالن مان ٻيو نالو ”مظهر“ تخلص جي صورت ۾ باقي آهي.

غربت جي گود ۾ محبت ۽ محنت جي تعليم ملي. غريبي حال ۽ مالي مجبورين جي هزارها مشڪلاتن کي شرمسار ڪري، 1959ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان سٺي ڪلاس ۾ پاس ڪيم. مستقبل کي روشن بنائڻ خاطر حيدرآباد ۾ ڪامرس ڪاليج ۾ اچي داخلا ورتم ۽ هڪ سال گذرڻ بعد مالي ڪمزوري سبب ان ڪاليج کي خيرآباد چوڻو پيو؛ بلڪه ان هوندي به همت جي دامن کي نه ڇڏيندي، هن وقت بي. يو اي. ايس ڪورس جي ٻئي سال جو شاگرد آهيان. ان شاء الله جيستائين پساهه آهن، تيستائين تعليم کي هٿن مان نه ڇڏيندس.

شاعري چوٿين درجي انگريزيءَ کان شروع ڪيم؛ ان لاءِ شروع ۾ استاد عزيزم قادر بخش ”راز“ تونيه ورتم، جنهن منهنجي چڱي همت افزائي ڪئي، ۽ ان وقت منهنجو تخلص ”ناشاد“ هو.بلڪه پوءِ هڪ دوست محمد پناهه ”مسرور“ ڦرڙي جي صلاح سان ”مظهر“ رکيم ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جڏهن حيدرآباد آيس ته محترم ”معمور“ يوسفاڻيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن جي صحبت مون ۾ ڦيرو آندو، ۽ مون کي شاعريءَ جي ميدان ۾ وڌيڪ آماده ڪيو. مون کي لطيفي محفلن ۾ وٺي وڃڻ ۽ مطالعو وسيع ڪرڻ لاءِ ڪتاب ڏيڻ، سندن مهرباني هئي. ان کان پوءِ علم و ادب ۾ منهنجو ڪافي اُنس وڌي ويو؛ حالانڪه اڳ به مان افسانه ۽ مضمون لکندو هئس. هن وقت منهنجي مطالعي جا خاص موضوع فلسفه، نفسيات، دينيات، تواريخ ۽ طب آهن.

*

ٿلهه:

دل سندو دلبر، هئو صفا ستمگر- افسوس جنهن نه رهائي!

1.

هاءِ ڏسڻ سان وئي اک اڙجي، تنهنجي ديد سان دل وئي ڪڙجي؛

 

ڪيائين نه ڪائي مهر، ٿي ويو وڏو قهر- افسوس جنهن نه رهائي!

2.

سندس سڪ ۾ بر وسايم، سڏي کيس پنهل پڪاريم؛

 

ڇڏيم پنهنجو گهر، بنيس تنهن لاءِ گداگر- افسوس جنهن نه رهائي!

3.

سڄڻ ٿي ويو جيئري جدا، الائي ڇو ٿيو ائين بي وفا؟

 

محب ايندو مون وٽ هيڪر- محبت سان ملندس ”مظهر“-افسوس جنهن نه رهائي!

 

*

 

ٿلهه:

مون کي مارن سان ملائي ڌڻي- اها جدائي ڪيئن باب ۾ بڻي!

1.

مون کي مارن جون ڳالهيون ڳارن ٿيون، سدا سڪ انهيءَ ۾ ساڙن ٿيون؛

 

رويو اکيون تن لاءِ تاڻن ٿيون- آيو عمر آهي مون کي زوري کڻي.

2.

دل ۾ پنوهارن جي تار اٿم، شاهي شان سان نه پيار اٿم،

 

ڏاڍو ڏکن جو سر تي بار اٿم- ڪئي قسمت مون سان جاڙ گهڻي.

3.

”مظهر“ ڳري ويو آهي ماس هڏن، بچيو نه ڪوئي آهي خون بدن،

 

”تنيه“ روئي وهائي ٿو نير اکين- هاڻي کٽي قسمت جيئن قادر کي وڻي!

 

* ڀڳت جمڙومل، ويدانت جي مطالعي وارو ۽ تصوف جي طريقي تي هلندڙ هو، 1980ع ڌاري وفات ڪيائين.

 (ايڊيٽر)

* سائين عبدالحميد ماجد اهروي حياتي جي آخري ايامن ۾ هڪ دفعي مون وٽ ڳوٺ آيو ۽ جڏهن مون حال احوال پڇيو ته چيائين ’هٽ تاڙ‘ پئي ٿئي. اهو سندس صوفيانه نڪتو هو، مون نه سمجهيو ته چيائين جلد حياتي جو دڪان بند ٿيڻ وارو آهي، ان ڪچهري بعد واقعي جلد پاڻ حياتيءَ جي قيد مان آزاد ٿي ويا ۽ مون وٽ سندن هڪ ڪتاب ”جانب آيو جوءِ ۾“ نشاني طور رهجي ويو، سندن وفات جو سال 1997ع آهي. (ايڊيٽر)

* يتيم رونجهو سال 65-1961ع واري عرصي ۾ وفات ڪئي، سندس فرزند عبدالحميد ’روشن‘ سروري  (وفات 5-  آگسٽ 2017ع) جو پڻ شاعري سان شغف رهيو، اسان جي ڳوٺ ڪافي وقت رهيو، ترنم سان خطبه جي انداز ۾ شعر پڙهندو هو، رونجهن جو هي سڄو پاڙو سروري جماعت ۾ شامل آهي، محمد ڄام اداسي (وفات 25- ڊسمبر 2019ع) ۽ محمد يعقوب معصوم (وفات 18- جنوري 2016ع) تعليمي خواه ادبي دنيا ۾ معمور يوسفاڻي صاحب جا شاگرد هئا، هن وقت هنن سڀني جون يادون فتح محمد ’فتح سروري‘ سنڀالي ٿو. (ايڊيٽر)

* فقير صاحب جي ڪلام جو ذخيرو سندس پوين وٽ ٻڌجي پيو، پاڻ سال 1978ع ۾ هن جهان مان برقعو مٽايائون. (ايڊيٽر)

* قاضي صاحب 8 جنوري 1927ع تي ڄائو، سنڌي فائنل، ايم.اي سنڌي ۽ ايم.اي فارسي فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائين، سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو، بزمِ سعيد ۽ بزمِ لطيف مورو قائم ڪيائين. سٺو افسانه نگار، مضمون نويس ۽ ناٽڪ نويس پڻ هو. اردو زبان ۾ به شاعري ڪيائين، ڳوٺ سڌار، فردوس (هالا) ۽ ماهوار نئين زندگي ۾ سندس شاعري ۽ افسانا ڇپيا هئا. شاعري ۾ ’اختر‘ ۽ ’مسلم‘ تخلص استعمال ڪندو هو، مزاحيه شعري ۾ ’علامه کڙپي‘ جي نالي سان شاعري ڪيائين، سندس موضوع خاص طرح اسلامي تعليمات، معاشرتي ناهمواريون ۽ سماج ۾ ٿيندڙ خرابيون رهيا، سندس وفات 6 مارچ 1991ع تي ٿي. (ايڊيٽر)

* حافظ ملوڪ جو ڪلام فن ۽ فڪر ۾ انتهائي پختو ۽ تصوف جي تعليم وارو آهي، افسوس جو پاڻ 30 سالن جي عمر ۾ 1967ع ۾ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ سندس ڪلام جو ذخيرو به ختم ٿي ويو. (ايڊيٽر)

* مظهرالدين سنڌي ۽ سوشالاجي جي سبجيڪٽن ۾ ايم.اي (M.A) ڪئي. هن حڪمت جا به امتحان ڏنا ۽ حڪمت سندس شوق هو. ڪجهه وقت سنڌي ۾ ليڪچرار به ٿيو ۽ بعد سکر ۾ روڊس کاتي ۾ ’ڊرافٽس مئن‘ (Draftsman) پڻ رهيو. سندس ڀائر ۽ ڀينرون سڀ تعليم يافته آهن. هن 28 آگسٽ 1999ع تي وفات ڪئي، پنهنجي ڳوٺ جي مقام فضل شاهه (لڳ خانواهڻ) ۾ سندن آخري آرامگاهه آهي. مظهرالدين حياتي جو گهڻو عرصو حيدرآباد ۾ گذاريو، کيس اولاد ڪونه هو، سندس ڪتابن سان گڏ سندس قلمي پورهيو ’دائودپوٽه لئبرري‘ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. سندس ڪجهه خط، سندس استاد معمور يوسفاڻي جي لئبرري ۾ موجود آهن. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org