سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:8 

شيخ اياز

ڄڻ جيءُ جهٽين ٿِي تون!

 

هڪ ڏينهن رسيس ۾ مان ڪاليج جي ورانڊي ۾ ٽهلي رهيو هوس ۽ ڪجهه ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به ٽهلي رهيون هيون، ريشم منهنجي سامهون بيهي مون کي اسلام عليڪم ڪندي چيو، ”منهنجو هڪ ڪم ڪندين؟“

مون کي اها خبر هئي ته هوءَ منهنجي گهري دوست جمال صديقيءَ جي دوست ۽ پاڙيسري هئي. مون هن کي چيو ته، ”چؤ!“

”مون لاءِ گاجرا جي دڪان تان هيتريون پينسلون، قطون ۽ مس ڪپڙي وٺي ايندين.“

جڏهن مون هائو ڪئي تڏهن هُن مون کي گهرجي ائڊريس ٻڌائي ۽ هڪ يا ٻه رپيا ڏنائين جي مون هن کي موٽائي ڏنا ۽ چيو ته گهر اچي وٺندو سانءِ. ياد نه آهي ته اهو ٻلديو گاجرا هويا ٻيو ڪو گاجرا هيو. هن جو دڪان شاهي بازار ۾ هو. مان هن جون گهربل شيون وٺي هن جي ڏس تي هن جو گهر ڳولي لڌو ۽ هن جو در کڙڪايو ته هن در کوليو. ٻيو مرد گهر ۾ ڪونه هو. هن جي ماءُ ماني پچائي رهي هئي ۽ مان باهه تي هٿ سيڪڻ اوڪڙو ويهي رهيس. ٻاهر ولهه ٿي وسي ۽ ڏاڍي ٿڌ هئي. هوا منهنجا لڱ ڳڱاٽي ڇڏيا ها. اندر ۾ به مون کي سياٽو ٿي رهيو هو. هن هڪ ڪاٺ جي صندلي سوري مون کي ڏني ۽ پاڻ ٻي صندلي سوري باهه جي ڀرسان هٿ پير سيڪڻ لڳي. هن جون ٻانهون ۽ پنيون ڄڻ سون مان پلٽيون ويون هيون. هن مون کي آندل شين جي قيمت آڇي، جا مون نه ورتي. ان تي هن جي ماءُ چيو ته، ”پُٽ آيو آهين ته ڀينڊيون ۽ ماني کائيندو وڃ!“ مون کي باهه تي اها پوهه جي رات اڃا نه وسري آهي ۽ اهي ڪانڊا ٽانڊا نه وسريا آهن، جي ڪاٺين مان ٺهيا ها جي اڃا ٻري رهيون هيون. مان اڌ رات تائين هن سان ڳالهائيندو رهيس. هن جو منهن اڱرن جي تَوَ ۾ پگهاريل سون وانگر لڳي رهيو هو. اُن رات اسان جي ايتري واقفيت ٿي جو مون صبح جو رسيس ۾ هن کي ورانڊي ۾ بيهاري چيو، ”ريشم! ٻيو ڪوئي ڪم.“

“في الحال ته ڪونهي.“ هن جواب ڏنو، ”جڏهن پيو ته چوندي سانءِ. ”تو ته ڏٺو مان ماءُ سان اڪيلي ٿي رهان ۽ اسان جي گهر ۾ ڪوئي مرد ڪونهي جو اسان کي بازار مان ڪجهه آڻي ڏئي.“

هڪ ڀيري هن مون کي ورانڊي ۾ روڪي چيو، ”تون انگريزي ڏاڍي چڱين ڄاڻين! ڪاليج جي مسيلنيءَ ۾ تنهنجي انگريزيءَ ۾ آرٽيڪل ڇپي آهي ته سڀ ڇوڪريون تنهنجيءَ ساراهه ۾ نه ٿيون ماپن، تون مون کي روز انگريزي سيکارڻ ايندين؟“ مون چيو، ”هائو.“

پوءِ جنهن وقت هن جي ماءُ هيٺ ماني پچائيندي هئي مان ڏاڪڻ جي مٿان واري ڪمري ۾ هُن کي انگريزي سيکاريندو هوس. وچ وچ ۾ هوءَ مون کي ڪيئي چرچا ٻُڌائيندي هئي ۽ پاڙي وارن لطف الله بدوي، غلام علي مسرور، جمال جي مائٽن ۽ ٻين جي باري ۾ ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. چوندي هئي ته اسان جي پاڙي ۾ ٻه لطف الله آهن. هڪ منهنجي گهر ڀرسان مسجد ۾ پيش امام ٿي نماز پڙهائيندو اهي ۽ ٻيو آهي لطو حجم. لطوءَ جو سڄو نالو لطف الله آهي. هڪ مٿا ڪوڙيندو آهي ۽ ٻيو ڳوڙهيون ڳالهيون ڪري ماڻهن جا مٿا وڃائيندو آهي. هن جي دوست جمال جا مائٽ ملان هيا، جن جي باري ۾ هُوءَ اڪيچار لطيفا ٻڌائيندي هئي. مون هن کي هڪ ترڪيءَ جي شاعر جو هڪ نظم ٻڌايو ته: ”مون رات جو خواب ۾ ڏٺو ته جنت ۾ پهچي ويو آهيان، ڀرسان حورون ميوَن ۽ مِٺائين جون ٿالهيون جھلي بيٺيون آهن، جن منجهان هڪ ملان طرح طرح جا ڦل ۽ مٺايون کائي رهيو آهي ۽ ٿالهيون خالي ڪري ڇڏيون اٿائين ۽ ايترو کائي ويو آهي جو طوبيٰ جي هيٺان ويهي الٽيون ڪري رهيو آهي.“ ان تي ريشم ڏاڍو کلي ۽ چيائين: ”هڪ ملان جي ڳالهه ٻڌايانءِ جو وهڪجي ويو آهي ۽ پوءِ مون کي ڪن ۾ ڪجهه چئي گوڏن تي هٿ هڻي کِل ۾ ويڙهجي وئي، جڏهن مون ”کلڻي“ ڪهاڻي لکي هئي ته هوءَ ئي منهنجي ڌيان ۾ هئي، پر اها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي.

هوءَ ڪاليج ۾ سائنس پڙهندي هئي، جتي هڪ شودو پروفيسر ماکيجاڻي نالي پڙهائيندو هو، جنهن مان پارپتيءَ نالي ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿي پيو هو. پارپتي هُن جي گهر خانگي تعليم وٺندي هئي. هن پنهنجي شرمندگيءَ کي لڪائڻ لاءِ ليباريٽريءَ ۾ سنکيو کاڌو هو ۽ ڪاليج ۾ ڪافي چؤپچو ٿي هئي. ان کان مهينو اڳ ريشم هن وٽ خانگي تعليم لاءِ وئي هئي ۽ موٽي اچي ماءُ کي ٻڌايائين ته ماکيجاڻيءَ مون سان هٿ ڇوهي ٿي ڪئي، پر مون کيس ڌڪو ڏنو. ريشم جي وڏيءَ ڀيڻ جو مڙس اُتي ويٺو هو. اُن سس کي چيو ته ماکيجاڻيءَ جي زال جي دعوت ڪر ته هن کي ماکيءَ ۾ اهڙو ماڪوڙو چنبڙايان جو ماکيجاڻي وسري وڃيس. ٻي ڏينهن تي ريشم پروفيسر وٽ نه وئي ۽ چيائين ته، ”مون کي هو ابليس جي اولاد وانگر ٿي لڳو. مان هن وٽ وڃڻ مناسب نه ٿي سمجهان. هن جي زال مُئي مک آهي ۽ هو هن جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه به ڪري سگهندو آهي.“ مهيني کان پوءِ اِهو پارپتيءَ وارو واقعو ٿيو. پارپتي بيهوش ٿي وئي هئي ۽ هن جي آپگهات جو سبب سڀني کي معلوم هيو. شاگردن جو هڪ هجوم ڪٺو ٿي ويو ۽ ماکيجاڻيءَ کي موچڙا ٿي هنيائون، پر پوءِ پارپتي هوش ۾ اچي وئي ۽ پرنسپال وچ ۾ پئي شاگردن کي ٿڌو ڪيو.

مان ريشم کي لالٽين جي روشنيءَ ۾ پڙهائيندو هوس ۽ سيءَ جي ڪري اسان اڌ ڌڙ تي سوٽي سَوڙ وجهي ڇڏيندا هياسين. هن جي دوستيءَ جي باري ۾ مون هن جي وفات تائين ڪافي ڪجهه اڳيئي لکيو آهي، جو جيڪڏهن ڪٺو ڪري هڪ وقت پڙهجي ته هڪ ناول وانگر لڳندو.

ان وقت ۾ مَنو مون کان وسري چُڪي هئي ۽ مون کي ريشم سان ورانڊي ۾ گڏ گهمندي ڏسندي هئي ته هن جو منهن پيلو ٿي ويندو هو.

ماکيجاڻيءَ ريشم کي فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ ۾ فيل ڪيو ۽ غصي ۾ هوءَ ڪراچيءَ هلي وئي ۽ اتي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين.

ان کان پوءِ گائتريءَ وارو واقعو ٿيو هو، جڏهن گائتري به مون کي گهر اچڻ کان منع ڪئي تڏهن منهنجي شڪارپور مان دل اچاٽ ٿي وئي. اَٿت تڏهن آئي جڏهن مان احمد ميان سومري کي اباڻي زمين مان 19 جريب وڪيا ۽ انٽر ميڊيٽ ۾ سڄي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اڻويهه هزار شاگردن ۾ پارسيءَ ۾ فرسٽ آيس ۽ مون کي اسڪالرشپ ملي ۽ مون به ڪراچيءَ وڃي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. مون کي ياد ٿو اچي ڪينجهر ۾ ٻيڙيءَ جي آڳل تي مون هڪ پاڻيءَ جو پکي ويٺو ڏٺو هو. اُن جي باري ۾ ميربحرن چيو ٿي ته اُن کي ڪوبه نه اڏاري ڇو ته اُهو جڏهن اڏامندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهه ڪڍي ويندو آهي.

انٽرميڊيٽ ۾ مسيلنيءَ جي ايڊيٽرشپ لاءِ منهنجي خلاف هڪ گاجرا ذات جو ڇوڪرو بيٺو هو. مون تي اڃا تائين علامه اقبال جو اثر هو. وري جو گاجرا اليڪشن ۾ هر ڪنهن کي چوڻ لڳو ته ڄٽ کي ووٽ ڏيندؤ ڇا ته مون کي ڏاڍي خار آئي. ان وقت انگريزن خلاف هلچل جاري هئي ۽ ڪاليج جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ گاجرا به جيل ۾ ويو. هن کي طرح طرح جا عذاب ڏنا ويا، جڏهن هو جيل مان نڪتو تڏهن هن کي آنڊن جي سلهه ٿي پئي هئي. هُن کي لکي در ڀرسان ڪنهن بيٺڪ ۾ رهايو هئائون. مان هن کان پڇڻ ويو هوس. ڇو ته هو منهنجو دوست به هئو. هن حالت زارونزار هئي ۽ هن جي اکين ۾ ڊنل سهي وارو خوف هيو. هن مون کي چيو ته، ”مان پرنسپال کي چئي ڇڏيو آهي ته، جي مان نه بچان ته مسيلنيءَ جي ايڊيٽرشپ توکي سپرد ڪئي وڃي.“ مون هن کي رحم سان ڏٺو ۽ جي وَس پڄي ها ته هن کي بچائي وٺان ها. ٽئين ڏينهن هو گذاري ويو. چڱو جو هو ديس ۾ گذاري ويو ۽ پرديس ۾ ڌڪا ڌوڻا نه کاڌائين، پر ان جي ڪري ڇا ٿئي ها! هن جي رک هونءَ ئي اتر پرديش ۾ گنگا ۾ لوڙهيائون. هندو سنڌوءَ ۾ رک نه لوڙهيندا هئا. معلوم نه آهي ته هنن کي ساڌ ٻيلي کان وڌيڪ گنگا گهاٽ ڇو پسند آهي، جتي لکين مڙهه جلي بدبوءِ ڦهلائي ڇڏيندا آهن. اسان سنڌي مسلمان ته مڪي مديني پنهنجو لاش دفنائڻ لاءِ نه موڪليندا آهيون. ڊامنيڪ لاپيئريءَ جو چوڻ  آهي ته مهاراشترا جي گاڊسي وصيت ڪئي هئي ته هن جو لاش سنڌوءَ ۾ لوڙهيو وڃي. نه ڄاڻان ڇو؟

ڪراچيءَ ۾ رسيس وارو وقت ريشم سان سائنس ڪاليج ۾ بيٺو هوندو هوس ۽ ڪاليج جي موڪل ٿيڻ کان پوءِ قراة العين سان. هڪ ۾ شربت ابريشم جو لطف ۽ ٻيءَ ۾ رُبِ انار جو. هيءَ زندگي مون تي ڪيتري نه مهربان رهي آهي!

 

]ڪِٿي نَه ڀَڃبو ٿَڪُ مسافر- ڀاڱو ٽيون ص 125- 129[


 

اعجاز منگي

 

چانڊوڪي، چمپا جي مالها

 

(شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٽيون دؤر)

 

ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟
ان جا سپنا نيارا آهن؟
هر سپني کان پيارا آهن؟
سمنڊ جيان بي انت ته ناهي!
ڪاري رات ڪنارا آهن؟
جن تي يار ڦرن ڇا اهڙا
چانڊوڪيءَ جا چارا آهن؟
جڳ سارو جهرمر جهرمر
تنهنجي سنگ ستارا آهن؟
تون، مان، ڇانو گلن جي- توکي
سرتي ڪي سانڀارا آهن؟
يا هِن جڳ ۽ هُن جڳ وچ ۾
ويسر جا وسڪارا آهن؟
تو وٽ ننڊ ابد جي آهي،
يا جاڳين ٿي، ڏينهن ڏٺو آ؟

اڄڪلهه اياز جي شاعري، فڪري لحاظ کان ٽين موڙ ۾ داخل ٿيل آهي. هي نظم ان ٽين موڙ جي زبردست نمائندگي ڪندڙ نظم آهي، انهيءَ لحاظ کان، فني حساب سان هي نهايت دلڪش، موهيندڙ ۽ پيارو نظم آهي ۽ فڪري لحاظ کان هن ۾ لوهه جهڙي خاموش گهرائي آهي.

جيتوڻيڪ اسان جي شاعر پنهنجي هزارن صفحن تي ڦهليل شاعريءَ ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، ڪيترائي جواب ڏنا آهن، پر هن نظم کان اڳ ۽ پوءِ اياز اهڙي طرح لاجواب- سوال اٿاري نه سگهيو آهي.

مون هن نظم جي چونڊ نهايت سوچي پوءِ ڪئي آهي، ان چونڊ جا بنيادي سبب آهن، هڪ ته اهو نظم پنهنجي موضوع جي اعتبار کان، اياز جي سوچ جي آخري ڌارا جي نمائندگي ڪندڙ نظم آهي ۽ ٻيو ته هي نظم ”ريشم“ کي مخاطب ٿي لکيل آهي، ريشم جنهن مان اياز پنهنجي پهرين شاعريءَ جي لاءِ پٽ ڌاڳا کنيا هئا، جتان اياز پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي هئي، سو آدجڳاد کي ڳنڍ ڏيندڙ هي نظم منهنجي نظر ۾ اياز جي اعليٰ ۽ ارفع (Sublime) شاعريءَ منجهان آهي.

هي دلڪش سواليه نظم، شاعر جي فڪري ڪتاب جو ٽيون ۽ آخري جلد آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ بيحد ضروري آهي ته اياز جي پهرين ٻن فڪري موڙن جو مطالعو ڪيو وڃي.

ان مطالعي کان پوءِ سمجهي سگهبو، ته ڇا اياز پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ناڪام شاعر آهي؟ يا هن جي شاعري مسلسل ارتقا جو اهڃاڻ آهي ۽ اهڙي ريت هن دؤر جو ڇيد به ڪري سگهبو ۽ اياز جي پوئين شاعريءَ تي اٿاريل اعتراضن کي به سمجهي سگهبو.

اياز جو پهريون مجموعو ”ڀونئر ڀري آڪاس“، ڪنهن به مهاڳ کان سواءِ ڇپيو هو، ۽ منهنجي نظر ۾ ان مجموعي لاءِ مهاڳ جي ڪائي ضرورت ڪانه هئي ڇو اياز جو نثري شاهڪار ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ان جو بهترين مهاڳ هيو ۽ اهڙو مهاڳ اياز جو ڪوئي به شعري مجموعو حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ڇو ته اياز جي ڪتابن جا اڪثر مهاڳ يا ته اياز جي شخصيت جي چوگرد چڪر لڳائيندا نظر ٿا اچن، يا اهي پنهنجي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۾ ڀٽڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪيو وڃي، ته اياز جي شاعريءَ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي؛ ان ڪري اڄ تائين اياز هڪ متضاد ڳجهارت وانگر رهيو آهي ۽ هن جو متڪتبه فڪر چٽو نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي شاعر پاڻ نثر جو سهارو ورتو آهي ۽ هو پنهنجون مشاهداتي ڊائريون ۽ مطالعاتي يادگيريون لکي پنهنجي فڪر، سفر جي لاڙن، موڙن ۽ گهٽن گهيرن کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

ان ڏس ۾ هن جي ڪامياب ڪوشش ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ آهي، ڇو ته ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پڙهڻ کان پوءِ ”ڀونئر ڀري آڪاس“ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته شاعر کي ڪهڙو خيال ڪيئن آيو؟ ڪٿي آيو؟ ڪهڙن واقعن کي هن منظوم ڪيو آهي؟ ڪهڙن واقعن کي هن ڇڏي ڏنو آهي، دراصل اياز جو هر مجموعو هڪ الڳ ڪتاب جي گُهر ٿو ڪري، پر ڪي ڪي شعر هڪ ڪتاب تائين کولي سگهجن ٿا مثال طور اهوئي شعر ته:

ريشم! ايڏو موت مٺو آ؟

بيماريءَ جي بستري تي ٻڍڙو اياز پنهنجي پهرئين پيار کي ياد ڪندي ڪيتري نه معصوميت سان پڇي ٿو ته ”اي منهنجي سَرتي، تو ته جوانيءَ ۾ موت کي قبول ڪيو، تون ٻڌاءِ ته موت ڇاهي؟ ڇا ان ۾ ڪنهن ”ڇپيل زندگيءَ جو ڪوئي روپ آهي؟“

دنيا جي عظيم مفڪرن، سائنسدانن، شاعرن ۽ اديبن کي پاسيرو رکي، رڳو ريشم کان پڇيو وڃي ته ريشم موت ڇاهي؟ رڳو ريشم کان ڇو؟ ايترو ڳنڀير ۽ پريشان ڪندڙ خطرناڪ سوال ايتري معصوميت سان فقط ريشم کان ئي پڇي سگهجي ٿو. ريشم جنهن کي اياز آهستي آهستي کولي رهيو آهي، نوجوانيءَ جي لڄ ۽ سماج جي حجاب جو پردو هٽائي ٿو اياز ريشم جي مک تان، پر نهايت آهستي، تمام احتياط ۽ ڌيرج سان ايتري آهستگي ۽ ڌيرج ”فيض“ جي نظم(1) ”منظر“ ۾ به ناهي.

”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ قبرستان جو اهو منظر هاڻي سمجهه ۾ ٿو اچي، ته اها قبر ڪنهن جي هئي، اسان جي شاعر اهو ماتم ڪنهن لاءِ ٿي ڪيو، جنهن جي موت تي اياز موت جي خلاف ايترو لکيو، جيترو هڪ وقت لکي سگهجي ٿو، اهو راز، راز ئي رهيو؛ جيستائين اياز ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ نه ڇپائي ۽ ان جو صحيح تعارف ”ڪراچيءَ جا ڏينهن راتيون“ ۾ ٿيو، جنهن ۾ اياز هن کي پنهنجو ”پهريون پيار“ لکيو آهي.

۽ اياز جو اهو پهريون پيار ترگنيف جي ناول ‘First Love’ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ گهرو آهي؛ جيتوڻيڪ ان پهرئين پيار جا سمورا پاڇا اياز جي ڦهليل شاعريءَ ۾ منتشر آهن، ۽ انهن منتشر پاڇن جي صحيح ترتيب اياز کان سواءِ ڪنهن ٻئي نقاد لاءِ ناممڪن آهي.

مثال طور ڪير ٿي ڄاڻي سگهيو ته اياز جا ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ هي چار سٽا ريشم جي ياد ۾ لکيل آهن ته:

ڪيو گلن سان پيار نه سائين
چئو گلن کي يار نه سائين
گل سدا مرجهائي ويندا
ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا

يا

چئو چنڊ کي يار نه سائين
ڪيو چنڊ سان پيار نه سائين
 

هي راز جي ڳالهه ان وقت آشڪار ٿي جڏهن ابراهيم جوئي مرحومه روشن تي هڪ رسالو مرتب ڪيو هو ۽ ان ۾ اهي ٻئي شعر شامل هيا؛ ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ ابراهيم جوئي کي ان لڪل پريت جي خبر هئي، جنهن جو ثبوت ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ جو اهو خط آهي، جيڪو اياز ابراهيم جوئي کي لکيو هيو. ۽ ان رسالي ۾ روشن جا اهي شعر به ڏنل هيا جن جي گهاڙيٽي ۽ ترنم مان سڌي خبر ٿي پئي ته يا ته روشن، اياز جي شاعريءَ کان تمام گهڻي متاثر هئي، يا اياز هن جي شعرن جي اصلاح ڪندو هو ۽ انهن نظمن مان هڪ نظم جون سٽون هي هيون:

کولي نه ٿو ٻڌائين، تون راز زندگيءَ جا

او ساز زندگيءَ جا.

ان کان سواءِ اياز جو هڪ نظم:

شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
ڪٿي آن روشني او روشني منهنجي

اها روشني به ساڳي ريشم آهي. جنهن جو اصل نالو روشن هيو. جيڪا اياز جي رومانوي احساسن جي پهرين همرڪاب عورت هئي ۽ اياز هن جو نالو جڏهن به ورتو آهي ته عزت سان، احترام سان ۽ احتياط سان، جنهن مان هن جي تعلق جي نوعيت جي خبر ٿي پوي ته ان تعلق ۾ افلاطوني عشق جو اهو احساس آهي، جنهن جو ذائقو هڪ ماڻهو زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو ئي محسوس ڪندو آهي.

گيتا جي الفت جو باب ”وڄون وسڻ آئيون“ جي دؤر جو آهي، جيڪو اياز جي ٻئي موڙ، ٻئي جنم جو داستان آهي. هڪ آواره شاعر جو پهريون عشق هن جي جنم ڀومي شڪارپور سان واڳيل آهي ۽ شاعر خود لکيو آهي ته ”روشن مون لاءِ ڄڻ شڪارپور هئي. اهي باغ جن ۾ ڪيئي ڪرني جا وڻ هوندا هئا، جن ۾ تيز خوشبوءِ هوندي هئي، اهي کوهن تي نار ۽ انهن جي ڀر سان توت ۽ شهتوت جي وڻن تي طوطن ۽ هيڙهن جون اڏارون، مينهن جي واڙن ۾ تازي کير جا گوها ۽ انهن جي هيٺان رکيل ٽامي جون بالٽيون ۽ اهي رابيل جون ڪنڊيون جي هر شام مان هن لاءِ وٺي ويندو هوس جڏهن هوءَ مون سان گڏ پڙهندي هئي.“

سو اهڙي طرح شاعر جو هڪ عشق ۽ هن جا بي انتها لڳ لاڳاپا ۽ شڪارپور جي صوفيانه آبهوا ۾ هن جي تربيت ۽ اتان جي موهيندڙ ڪلچر جا هن جي طبيعت تي اثر، هن جا پهريان سياسي ۽ سماجي مشاهدا، ان دؤر ۾ شڪارپور ادبي ۽ علمي طور سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ شهر هو ۽ اهڙي ريت پنهنجي نوجوانيءَ ۾ اياز شڪارپور جي صِف اول جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن منجهان هو.

شڪارپور جي ٻولي، محاورا ۽ ثقافت اياز جي شاعريءَ ۾ جاءِ جاءِ تي نظر ٿي اچي، شڪارپور جي ٻڍڙن ۽ اياز جي همعصرن جو چوڻ آهي ته اياز فطرتاً باغي هيو، شيخ خاندان جي روائتي ڍانچي تي پهريون ڌڪ هڻڻ وارو شخص اياز هيو.

منهنجو هيڊ ماستر تاج محمد ميمڻ مون کي ٻڌائيندو هيو ته جڏهن اياز مئٽرڪ پڙهندو هيو ته هن کي اي ٽي شهاڻيءَ جي پوري انگلش سنڌي ڊڪشنري ياد هوندي هئي ۽ اسان ڏکيا لفظ ڊڪشنريءَ ۾ ڏسڻ بجاءِ اياز کان پڇندا هئاسين، ۽ اياز جو نوجوان پٽ ۽ منهنجو بهترين دوست سرمد چوندو هو ته ”بابا نوجوانيءَ ۾ شيخ برادريءَ جي چڱن مڙسن جي آڏو سگريٽ پيئندو هو ۽ ڪورٽ مان نڪرندي هنن جي پويان هلڻ جي بجاءِ يا ته هنن سان گڏ هلندو هو يا هنن جي اڳيان هلندو هو.“

اياز جي دؤر ۾ شڪارپور سنڌ جو پئرس سمجهي ويندي هئي ۽ سنڌي ادب جو مهندار رسالو ”سنڌو“ اتان نڪرندو هو جنهن ۾ سڀ کان ترقي پسند ۽ گهري شاعري فقط اياز جي هوندي هئي.

جيتوڻيڪ اياز شروع ۾ ڪهاڻيون به لکيون جيڪي ”سفيد وحشي“ جي نالي ۾ ڪتابي شڪل ۾ آيون جي هن انگريز سامراج جي مخالف تصوّر هيٺ لکيون هيون، پر جلد اياز نثر کي ڇڏي نظم ۾ اظهار ڪرڻ لڳو، شايد هن جي طبيعت جي آوارگي ۽ بغاوت کي شاعريءَ جي رومانوي ۽ جذباتي سر زمين وڌيڪ موزون لڳي.

هيءَ مٿين اپٽار فقط هڪ جهلڪ آهي جنهن مان اسان جي شاعر جي پهرئين جنم جو منهن مهانڊو سڃاڻڻ ۾ آساني ٿئي.

جڏهن مون اياز تي ڪوئي تحقيقي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ هن جو سمورو ننڍپڻ، شڪارپور جو ماحول ۽ ان دؤر جا سٺا ۽ خراب ماڻهو، ان دؤر ۾ شڪارپور جو تاريخي آرڪيٽيڪچر، اتان جو منفرد ڪلچر سڀ ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪو آغا سليم جي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ ڪيل شڪارپور جي تصوير ڪشيءَ کان تمام گهڻو پرڪشش ۽ رومانوي آهي.

هاڻي اياز جي شاعريءَ تي لکڻ منهنجي لاءِ وڌيڪ سولو آهي، اهو شاعر جيڪو پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ ٽائيم جي ٽڪ ٽڪ وانگر ٻڌي رهيو آهي ۽ هر شعر ائين لکي رهيو آهي ڄڻ اهو هن جي زندگيءَ جو آخري شعر هجي، سو ان وقت هن جي پهرئين مجموعي کي پڙهندي هڪ عجيب ڪيفيت محسوس ٿي رهي آهي. هن جي پهرئين مجموعي ۾ انب جي ٻور جهڙي مهڪ آهي، پهرين محبت جي خمار جهڙي غنودگي آهي هن جي گيتن ۾ هن جي سٽ سٽ ۾ اها تازگي نواڻ ۽ بوءِ آهي جيڪا بانبڙا پائيندڙ ٻارن جي تن بدن ۾ هوندي آهي، جيڪا ڪنواري جسم ۾ هوندي آهي، جيڪا ڪچي ميوي ۾ هوندي آهي.

اياز جي اها شاعري الهڙ ڏينهن ۾ مدمست راتين جي شاعري آهي. ان شاعريءَ جو سمورو حسن ان جي نواڻ ۾ آهي، ائين جيئن ڪوئي ٻار نئون ڳالهائڻ سکي، ائين جيئن نئون نڪور جوڀن ڪنهن جي جسم جو ڪڙو کڙڪائي، جيئن ڪا نينگري پهريون ڀيرو ڇاتيون ڍڪڻ لڳي، اهڙي لڪ ڇپ، اهڙي سمجهه، اهڙي بي سمجهي، اهڙي بي اختياري ۽ بي چيني جهڙي جسم جي شروعاتي محبتن ۾ پنهان هوندي آهي.

”ڀونئر ڀري آڪاس“ جي سموري شاعري هڪ بدمست موالي جي ٿيئڙن ڀري چال جهڙي آهي، هو هر هر پنهنجا پير سنڀالي ڪڏهن مسجد جي دڪيءَ تي ويهي ٿو، ته ڪڏهن مندر جي ڀت هن کي سهارو ٿي ڏئي.

شراب اور پلاؤڪه ڪڇ نشا اتري

                                                                 (فيض)

جهڙي ڪيفيت وارو هي رند اياز، اڌ رات جو ڪلال جا ڪڙا ٿو کڙڪائي ۽ در در سين ٿو هڻي.

اصل ۾ هو آواره تصوّرن جو شاعر آهي، آواره

مڪمل طور تي آواره!

 

ڀونئر ڀري آڪاس

آواره تصورن جو شاعر

(سدا سيلاني آهي ساه اياز جو)

”ڀونئر ڀري آڪاس“ هڪ منظوم آواره گردي آهي. ان مجموعي ۾ اسان جو شاعر مڪمل طور تي رولاڪ آهي، ڇو ته پنهنجي شروعات ۾ اياز اڻگهڙيو ڪاٺ آهي، ان ڪري هن ۾ مستي آهي، آواره گردي آهي، بغاوت آهي ۽ هڪ طرفي مستي، هڪ طرفي آواره گردي نه، هڪ رخي بغاوت نه، پر ڪل رخي مستي، ڪل رخي آواره گردي ۽ ڪل رخي بغاوت آهي ۽ ڪل رخو فرار به آهي اياز جي شاعريءَ ۾!

اهو اياز ته وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل پنڇي آهي، جيڪو پڪڙ ۾ نه اچي. اهو اياز ته من موجي بادل آهي، وسيو ته وسيو، نه وسيو ته نه وسيو. ڪير ٿو روڪي سگهي ان آواره اياز کي، هن جي ته سڀني سان دوستي آهي، سڀني سان ياري آهي، پن پن سان، گل گل سان، ستارن سان، چانڊوڪين سان، اونداهين سان ۽ سڀني سان، جنهن پل جنهن سان آهي، سو پل سمورو ان جو آهي ۽ ايندڙ پل جي ته کيس به خبر ڪونهي.

اهڙي پياري ۽ البيلي شاعر جو مجموعو هڪ خماريل بيت سان لکي ٿو، هو لکي ٿو ته:

اڃان اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنهن سر لاءِ

مان اياز جي هڪ هڪ لفظ کي غور سان جاچيندو آهيان، ڇو ته اياز لفظن جي اجائي چونڊ ڪندو ئي ناهي، هن جهڙو لفظ شعار شاعر هن ننڍي کنڊ ۾ ڳولهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، هو گهربل لفظن لاءِ هر ٻوليءَ جي سرحد ٽپي ويندو آهي[1] ٻوليءَ پالي کان وٺي بنگلا ڀاشا تائين، هنديءَ کان وٺي عربيءَ تائين ۽ عربيءَ کان وٺي سنڌ جي علائقائي ٻولين تائين هو ڀٽڪندو رهيو آهي. ان ڪري هن جي مٿئين بيت کي ۽ هر نظم جي هر سٽ کي سمجهڻ لاءِ هڪ هڪ لفظ ۽ بيهڪ جي هڪ هڪ نشانيءَ کي نظر ۾ رکڻ بيحد ضروري آهي:

اها سٽ ته:

اڃا اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي.

ان تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇا ٿو چوڻ چاهي اياز؟

ان سٽ ۾ اياز هڪ ڇِتي اُڃ (DIPSO MANIA) جي دانهن ٿو ڪري، ائين نه ٿو چوي ته هو سڪايل آهي، هن کي مڌ چڪو به نه مليو آهي، هو ته چوي پيو ”اڃا“، يعني اڃا هن کي کپي، هن جي اڃ اڃا سائي نه ٿي آهي، ڇو ته اها ازل جي اڃ آ، اها اڃ هن کي فطرت ڀاڳ ڪري لکي ڏني آهي، ۽ اڃ آهي شراب جي، هڪ مستيءَ جي اڃ آهي اياز ۾، هڪ خمار جي تڙپ آهي شاعر جي روح ۾ جيڪا مِٽڻي ناهي، ڇو ته ازلي آهي.

ازلي اڃ جو تصور خالصتاً اياز جو تصور آهي، خيام به ڳالهه ٿو ڪري اڃ جي پر خيام جي اڃ جي هڪ حد آهي، پر اياز جي اڃ جي ته ڪا حد ئي ناهي. هيءَ ته لطيف واري ڳالهه ٿي:

لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لهان نه حد

هي ته بيدل واري ڳالهه ٿي:

حد حد چليا هر ڪوئي، بيحد چليا نه ڪوءِ

هڪ بيحد اڃ جو تصور، شروعات ۾ ئي پياس. عمر خيام ائين نه ٿو چئي سگهي، عمر خيام ته چوي ٿو ته پيالو ڀريل هجي، وڻ جي ڇانو هجي، بک جي ٽيڪ لاءِ ماني ڳڀو هجي ۽ مان مستيءَ ۾ مخمور هجان ۽ جي ان بدمستيءَ ۾ پيالو ٽٽي پوي ته الله کي چوان ”ته اي منهنجا الله، منهنجو پيالو ٽوڙي وڌءُ، اي الله معاف ڪجانءِ، پر لڳي ٿو اڄ تون به الوٽ آهين.“ اها حجت خيام جي خاص سڃاڻ آهي، خيام ۽ شراب، ادب ۾ لفظ ناهن. اهو ان ڪري ته خيام وٽ ٻي ڳالهه آهي ئي ڪونه. هو موت، زندگي، گل ۽ ستارن تان ٿيڙ کائي وري اچي پيالي جي ڀر ۾ ٿو ڪري، جيڪڏهن خيام جي پوري شاعريءَ کي هڪ سٽ ۾ بند ڪرڻ چاهجي ته ڪري سگهجي ٿي ۽ اها سٽ به خيام کي اياز کان وٺڻي پوندي، اياز ٿو چوي:

زندگي يا شراب جي نيئن آ؟

جنهن جي مستي روان دوان آهي.

پهرين سٽ ئي خيام لاءِ کوڙ آهي، پوئين سٽ يوناني فلسفي هيواڪليٽر جي همسري ٿي ڪري، جنهن چيو هو ته ڪائنات جمود (STATIC) واري شي ناهي پر اها روان دوان (DYNAMIC) آهي، ڪائنات معنيٰ ڇا؟ ڪائنات جي جامع معنيٰ زندگي آهي ۽ جي ناهي ته هجڻ گهرجي. اياز جي ان شراب گهرڻ واري دانهن ۾ فرار جو ڪوئي عنصر ناهي. پر اها شراب جي ضرورت غالب جهڙي آهي. جيتوڻيڪ اياز جي ڳالهه وڌيڪ ڳوري ۽ گهري آهي پر اهو قسم آهي غالب جهڙو غالب ٿو چوي ته:

مئي سي غرض نشاط هي ڪس روسياه ڪو

اڪ  گونه  بيخودي  مجهي  دن رات  چاهيئي.

ڇو ته ديوانِ غالب ۽ ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي شعرن جا مهانڊا گهڻو ڪري هڪ جهڙا آهن، جيڪڏهن تحقيق کان پاسيرو ٿي فقط مزي ۾ اچي چئجي ته اياز جي ابتدا غالب جي انتها آهي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته ان ڪتاب کان پوءِ اياز جن موضوعن کي کنيو آ، کوليو آ، سمجهيو ۽ سمجهايو آ، اهي موضوع ته غالب ڏٺا به نه هيا. غالب اردو شاعريءَ جي تاريخ ۾ منفرد ۽ بلند شاعر ان ڪري آهي ڇو ته غالب اردوءَ جي روائتي شاعريءَ کان هٽيل آهي جنهن ۾ محبوب جي بي اعتنائي ۽ بي وفائيءَ جو ماتم هيو. جيڪڏهن غالب کان پوءِ اقبال آهي ته اقبال جي ”بانگِ درا“ جي ڪجهه نظمن کي ڇڏي باقي هن جي سڄي شاعري مسلم قوميت جي بغاوت جي خشڪ مشورن (Suggestions) سان ڀريل آهي، ان ۾ موضوع ۽ غير جانبدارانه جانبداريءَ واري اتاهين پرک ۽ پڪڙ ناهي جيڪا اياز ۾ آهي.

پر غالب ۾ اها شعوري انا (Concious Ego) ناهي جيڪا اياز جي شاعريءَ جو شان آهي، غالب وٽ انا جو نالو ئي ناهي، هو ته محبوب جي پيرن ۾ ڪتي ٻلي وانگر پيو آهي. غالب کي جتان کڻجي، اتي غالب ڪريو پيو آ:

  

پلادي اوڪ سي ساقي جو هم سي نفرت هي
پياله گر نهين ديتا نه دي شراب تو دي
 

ڪتني شيرين هين تيري لب ڪه رقيب
گاليان کاڪي بي مزه نه هوا
 

دائم پڙا هوا تيري در پر نهين هون مين
خاڪ ايسي زندگي په ڪِ پٿر نهين هون مين
 

اياز وٽ محبوب جو تصور ڪائنات جو حسين ترين تصور آهي، ڪائنات ته حسين ئي ان ڪري آهي، جو محبوب ان ۾ دل وانگر ڌڙڪي رهيو آهي.

  ]ٽماهي مهراڻ 2/1-1992ع[

علامه ڊاڪٽر ع- م دائودپوٽو

مرحومه روشن بيگم

 

آهه! ويچاريءَ جي عمر بقاءَ نه ڪيو. سندس ڄمار گل وانگر هئي، جا خزان جي سرد مهر جهوٽي لڳڻ سان ختم ٿي ويئي- ظالم اجل کيس مدت مدير تائين جيئڻ نه ڏنو. سندس اميدن جي مکڙي ڦرڻ ڦولڻ کان اڳ مرجهائجي وئي-  نه ته اها سرسبز ۽ شاداب گلاب جي گل جيان سنڌي ادب جي گلشن کي سڳنڌ بخشي ها، ۽ پنهنجي هم جنس سنڌي ڀينرن لاءِ مثال بنجي ها. بس انهيءَ ۾ به حڪيم جي حڪمت هئي.

اِنالله و اِنا اليھ راجعون؟

منهنجي ساڻس گهڻي قدر ڏيٺ ڪانه هئي، اگرچه سندس والده صاحبه مائي ساره ۽ همشيره صاحبه اديبه بادام بيگم سان ادبي نقطئھ نظر کان چڱيءَ پر واقفيت هئي. پهريائين جڏهن منهنجي روبرو ٿي، تڏهن مون سندس ايم.اي ڊگري لاءِ سنڌيءَ ۾ زباني امتحان ورتو- نهايت لائق، بافضيلت، حيادار ۽ پنهنجي موضوع ۾ قابل ڏسڻ ۾ آئي- سندس مضمون ۾ نسواني لطافت ۽ نزاڪت هئي، سندس بالرزه اکرن مان سندس اندروني اضطراب ۽ امنگن جي جهلڪ نظر ٿي آئي، ۽ سندس خيالن جي تعميري طاقت باڪمال هئي.

انهيءَ کان اڳ ۾ مون سندس هڪ، نئين نموني جو نظم ڪنهن سنڌي مخزن ۾ پڙهيو هو، ۽ انجي نوعيت منهنجي دل تي گهاٽو اثر وڌو هو، ڇاڪاڻ ته اهڙو مضمون اڳي ڪو ڇڊو پڙهيو هوم. مطلب ته ٽامس هارڊيءَ جي هڪ نهايت سهڻي نظم تان ورتل هو، مگر انکي پنهنجي اصليت ۽ رعنائي هئي. لفظ وسري ويا اٿم پر انهن جو نغمو اڃا تائين به منهنجي ذهن ۾ ٻُري رهيو آهي. محبوب جو انتظار آهي، ڏيا تيل ڦليل جا ٻري رهيا آهن، اکيون تارا تڪي رهيون آهن، رات جو اونداهو ستارن سان ڀريل سجاف کڄي رهيو آهي، ۽ صبح جي صفائي ڏيکاري ڏئي رهي آهي، پر سهڻو سڄڻ اڃا پيدا نه ٿيو. آيا وعدو وسري ويس، يا مورڳو ڏهاڳ جو ڏنءُ ڏئي ويو وغيره وغيره.

ايم.اي امتحان ۾ امتياز حاصل ڪيائين. سندس همت اڻ ٿڪ هئي، ولايت يا اميريڪا مان تربيت ۽ تجربو حاصل ڪري موٽي ته خيال ٿيس ڇو نه ڪو موضوع پي.ايڇ.ڊي لاءِ کڻان- سو هلي آئي مون وٽ ته کيس انهيءَ باري ۾ ڪا صلاح ڏيان، ۽ پڻ وينتي ڪيائين ته موضوع لکڻ لاءِ مان سندس رهبري ڪريان ۽ وائيس چانسيلر کي انهيءَ ضمن ۾ پنهنجي منوتي لکي ڏيان. مون وڏيءَ خوشيءَ سان اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ کيس اها صلاح ڏنم ته بزرگ محمد هاشم ٺٽويءَ (رحه) جي مشهور ڪتاب ”قوت العاشقين“ جا جدا جدا نسخا ڀيٽي، هڪ مستند متن تيار ڪري ۽ پڻ انجي سوانح عمريءَ ۾ تصنيفات تي بسط ۽ تفصيل سان تمهيد لکي.

مٿينءَ سٽا سٽڻ بعد هوءَ وري مون وٽ ڪانه آهي، تان جو ڪيترن مهينن بعد سندس وفات حسرت آيات جي ڏک ڀري خبر ڊان اخبار ۾ پڙهيم- شل کيس مغفرت ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ بخشي!


[1] . گوتم ٻڌ جي زبان

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org