ساهه جا سائين،
هن رات جي تنهائيءَ ۾ تون دور هوندي به ڪيترو نه
قريب آهين! گويا منهنجي پهلوءَ ۾ ويٺي، هن خط کي
تعجب مان ڏسي رهي آهين. هيءَ تنهنجي تصوير آهي!
توکي يقين نٿو اچي ته تون منهنجي مُوقلم کي ڏسي
رهي آهين. مان اهو مصور آهيان، جنهن زندگيءَ ۾ فقط
هڪ ئي تصوير ڪڍي آهي ۽ مان اها مڪمل ڪندس، مان اها
يقينن مڪمل ڪندس.
منهنجو تصور ۽ منهنجي تصوير! خدا ۽ ان جي تخليق!
جنهن وقت ڪَتيون ڪر موڙينديون آهن ۽ پوئين پهر جو
ڪائنات ۾ روحاني راز وسندا آهن، منهنجو بي چين روح
تنهنجي تلاش ڪندو آهي، اها تلاش ازل کان شروع ٿي
آهي، ابد تي ختم ٿيندي. شايد اها تلاش ڪڏهن به ختم
نه ٿيندي، ڇو ته ان ۾ منهنجي وجود جو راز مضمر
آهي، مان خود تنهنجي تلاش آهيان. تنهنجي تلاش نه
رهندي ته مان نه رهندس. بهتر آهي ته تون دور رهين،
تون قريب آئينءَ ته تون ئي تون رهندينءَ. مان ڪير،
مان ڪٿي! هن وقت ڏکڻ جي هير لڳي رهي آهي، گويا
ڪائنات ٿڌا ساهه ڀري رهي آهي. گذشته زندگيءَ جا
دلفريب واقعا اکين اڳيان ترندا ٿا اچن. وقت منهنجي
لاءِ بي معنيٰ لفظ آهي، وقت منهنجي لاءِ اهو بيٺل
تلاءُ آهي جنهن جا ماضي ۽ مستقبل ٻه ڪنارا آهن.
انساني دل ڪشتي آهي، ڪڏهن هن پار ڪڏهن هُن پار!
ماضي به حقيقت آهي، مستقبل به حقيقت آهي، فقط حال
غير يقيني آهي، فريب آهي، جو ماضي يا مستقبل ۾
رهيو، سو زندهه جاويد آهي، جو حال ۾ رهيو، تنهن
گويا خودڪشي ڪئي.
شاهه جو بيت: ”ڪنول پاڙون پاتار ۾ ڀؤنر ڀري آڪاس،“
اسان جي محبت جي بهترين تفسير آهي. تون ڪنول آهين،
تو ۾ نرمي ۽ نزاڪت آهي. حسن ۽ ملائمت آهي. ليڪن
تنهنجي زندگي حقيقت پرستي آهي. تنهنجون پاڙون
پاتار ۾ آهن. مان ڀؤنر آهيان. منهنجو خمير نغمي ۽
محبت مان ٺهيو آهي. تخيل پرستي منهنجي زندگي آهي.
ڪنول سان ڀؤنري جي محبت ازلي آهي، جيتوڻيڪ سندن
فطرت هڪٻئي کان نرالي آهي. ڀؤنرو ڦِرندو ۽ ڀِرندو
رهي ٿو، ڪنول مرڪندو رهي ٿو. انهن ۾ اها باهمي ڪشش
ڇو آهي؟ انهن ۾ اها ازلي آشنائي ڪٿان آئي؟ منهنجا
سائين، تون مون سان شڪايت ٿي ڪرين ته مان توکي ڇو
ڇڏي هليو ويس. ڪنول سان ڀؤنر جي ياري ڪيترو وقت
هلندي آهي؟ اوهان ازدواجي زندگي چاهي، ان جو ساز و
سامان چاهيو، اوهان چاهيو ته بهترين مڪان هجي،
ڪار هجي، چڱي نوڪري يا بزنس هجي، اوهان کي خوشيءَ
کان وڌيڪ خوشحاليءَ جو خيال هو. عاشقيءَ کان وڌيڪ
آرام پيارو هو. ڀؤنر سمجهي ويو ته ڪنول جون پاڙون
پاتار ۾ آهن، ڀؤنرو اڏامي ويو. هن جي زندگي ازلي
نغمو آهي، آسماني سير آهي. هن جو زمين ۽ ان جي
باشندن سان ڇا؟
تون دور رهي به منهنجي تخيل تي ڇانيل آهين! تنهنجو
ماضي منهنجي فن سان وابسته آهي. تنهنجي منهنجي
ازلي آشنائي آهي. تنهنجي منهنجي، اسان جي ڳالهڙي
حسن و عشق جو ابدي داستان آهي.
منهنجي چانڊوڪي، منهنجي روشني.
ننڍي هوندي جا ساٿي به ڪهڙا نه پيارا ٿا ٿين! انهن
جي محبت ۾ گويا ماضيءَ کي نئين زندگي ٿي ملي وڃي.
زندگيءَ ۾ ايتريون ته بي وفايون ۽ بي اعتنايون
آهن، ايترا ته ڏک ڏاکڙا، ڪٺن ڪشالا آهن، جو
ماڻهوءَ لاءِ سنگت ئي فقط آٿت آهي. مان ته ڀانيان
ٿو زندگي دوستيءَ جي سهاري ٿي تڳي!
رات ج- سان براج تي ويٺو هوس. ج- اسان جو جهونو
باهمي دوست آهي ۽ تازو ڪراچيءَ کان هتي آيو آهي.
آسمان جي نيري وسعت ۾ چنڊ پنهنجون منزلون طئه ڪندو
ٿي ويو. ستارا کيس تڪيندا رهيا. ٻن ستارن پاڻ ۾
سرگوشي ڪئي ته هي تيز تيز ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.
هن جي منزل ڪٿي آهي! اي ڪاش، هي اسان سان ترسي ها.
هيءَ آسمان جي بي انتها ۽ بي انت گهرائي! ۽ هيءَ
اڪيلائي! ۽ هي احساس ته اها چانڊوڪي چار گهڙيون
آهي! اي ڪاش، انهيءَ چنڊ کي اسان مڃائي سگهون ته
هو اسان سان ترسي. هيءَ پياري پياري رات وري نه
ايندي! ج- به چنڊ ڏانهن ڏسي شايد ساڳي ڳالهه سوچي
رهيو هو ۽ هن تولاءِ پڇيو، ”تازو ڪوئي خط آيو
اٿيئي“، ۽ يڪدم سندس ياد ماضيءَ جي ڪوهيڙي ۾
هٿوراڙيون هڻڻ لڳي.
مون سنڌوءَ ۾ نهاريو. چنڊ جو عڪس پاڻيءَ ۾ ٽڪرا
ٽڪرا ٿي ويو هو، ٽڪرو ڪنهن لهر جي جهولي ۾ هو.
ٽڪرو ڪنهن جي، جيئن منهنجي ۽ منهنجي دوست جي من ۾
تنهنجي گذشته زندگيءَ جي ياد ! مون کي ياد آيون
اهي راتيون جڏهن اسان سمنڊ جي ڪناري تي گهمڻ هلندا
هئاسون، تون آب هوا جي تبديل لاءِ ڪراچيءَ وئي
هئينءَ ۽ اتي تو واپس اچڻ جو ارادو باوجود مخالفت
جي بدلائي ڇڏيو هو. مون کي جڏهن معلوم ٿيو ته تون
اتي ڪاليج ۾ داخل ٿي آهين ته مون به تنهنجي وطن کي
الوداع ڪئي. اڙي بانوري! ساريءَ دنيا ۾ منهنجي فقط
تون ئي هم وطن آهين. جتي تون آهين، اتي منهنجو وطن
هينئر جڏهن تون دور آهين، مان پاڻ کي ديس ۾ پرديسي
پيو سمجهان! ڪراچيءَ ۾ اسان شام جو تنهنجي گهر کان
ڪياماڙيءَ واري رستي تي گهمندا هياسين. پهريون
نيٽي جيٽي وٽ ترسندا هياسين. اتي هڪ ٻوڌي مندر هو.
شام جو ان جا گهنڊ ڪنهن ماورائي دنيا جي صدا معلوم
ٿيندا هئا. گوتم ٻڌ جا حسين مجسما، شام جي ڌنڌ ۾
عجيب روحاني اسرار جا ذخيرا لڳندا هئا. خود تنهنجي
هستي هڪ حسين مجسمو لڳندي هئي. گويا ڪوئي روحاني
راز پنهنجي حل جي جستجوءَ ۾ عالمِ وجود ۾ آيو هو،
گويا ڪوئي ازلي پکيئڙو ڪائنات جي ڪنهن مبهم ڪنڊ
مان اڏري آيو هو ۽ زندگيءَ جي حسين قفس ۾ ڦاسي ويو
هو. تون آشنا هوندي بيگاني لڳندي هئينءَ، نزديڪ
هوندي دور هوندي هئينءَ. مون کي ان وقت نهايت تعجب
ايندو هو ته هِن سطح تي تنهنجا خيالات ۽ اعمال
بلڪل دنيوي انسانن جهڙا هوندا هئا. تون نهايت
سمجهو هئينءَ.
مان اهو تضاد اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان.
تنهنجو زندگيءَ جو نظريو بلڪل دنيوي آهي. تون هر
شيءِ کي نفعي نقصان جي تارازيءَ ۾ توريندي آهين،
تنهنجا اعمال ڳڻ ڳوت ۽ سوچ سمجهه جو ثبوت ڏيندا
آهن. ليڪن مون توکي جڏهن به فطرت جي نفيس جهوليءَ
۾ ڏٺو آهي، تڏهن تون هڪ غير مرئي شيءِ لڳندي آهين،
گويا تون شام جي رنگين لطافت آهين، لهرين جي حسين
راڻي آهين، سرد هوا جي پياري خُنڪي آهين. توکي ياد
آهي اها شام جڏهن ڪياماڙيءَ جي قريب اسان هڪ ٽُٽل
ڪشتيءَ تي هلي ويٺا هئاسين. ڳالهين ڪندي مون محسوس
ڪيو ته اها ڪشتي پاڻيءَ ۾ لڙهندي ٿي وئي. اڳتي
اٿاهه پاڻي هو، ڇوهه، ڇر، ڇِتيون ڇوليون- اڳتي،
جتي ڪوئي پنهنجو پرائو نه هو، دنيا ۽ ان جا دک نه
هئا، گذشته جو غم ۽ آئيندي جو اونو نه هو، اڳتي
جتي تون ۽ مان ٻه انسان نه هياسين، ڪشتيءَ جا ٻه
سڙهه هياسين ۽ زندگي روان دوان هئي، ڪنهن نامعلوم
ساحل جي تلاش ۾........ اهو ساحل ڪٿي آهي، اهو
ساحل ڇا آهي، اهو ساحل اڃا تائين پيو مون کي اشارا
ڪري، اڃا انهيءَ لاءِ ته منهنجي زندگيءَ جي ناوَ
بي چين آهي. پر پياري، هينئر سڙهه فقط هڪڙو آهي ۽
ساحل دور، نهايت دور! اهڙيءَ طرح توسان راتيون
گذري ويون. ڪيئي سال گذري ويا. اي ڪاش! مان چنڊ کي
روڪي سگهان ها! اي ڪاش، هي چنڊ آسمان تان نه هٽي
ها ۽ صبح نه ٿئي ها! اي ڪاش، هر چانڊوڪي رات، جا
توسان گذري، سا عمر دوام ٿي وڃي ها! هي چنڊ، جو
هينئر سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، سو چغلي هڻي رهيو آهي
ته تون ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ڇت تي محو خواب آهين. تو هن
جهوني پرديسي دوست کي وساري ڇڏيو آهي، هن حسن پرست
سودائيءَ کي، جنهن کي تنهنجي محبت ڪنهن حسن مطلق
جي تلاش ۾ ڀٽڪايو آهي.
اسان جي جهوني دوست تي هينئر غنودگي طاري آهي.
دريا جي ٿڌي هير کيس پنهنجي آغوش ۾ لوليون ڏئي رهي
آهي. هي انسان مون کي نهايت پيارو آهي، ڇو ته هن
توسان محبت ڪئي آهي. هيءُ منهنجي دل جو درد سمجهي
سگهندو، هيءُ ئي سمجهي سگهندو منهنجي بي معنيٰ بي
چيني، منهنجي بلاوجهه بيقراري هيءُ رقيب، منهنجو
قريب آهي، ڇو ته هن کي تولاءِ قرب آهي!
تنهنجو
اياز
*****
منهنجي مٺڙي،
تو لکيو آهي ته تون مغرب جي سير و سياحت لاءِ وڃي
رهي آهين. تنهنجي خط مان خوداعتمادي ۽ تنهنجو
مستقبل جو درخشان تصور پيو بَکي. تنهنجي زندگيءَ ۾
خوشي آهي يا نه، ڪم از ڪم خوشحالي ته بلڪل ظاهر
آهي. هن دنيا ۾، هن فتح و شڪست جي بازگاهه ۾،
تنهنجي جيت آهي. مان سوچيان ٿو ته مون هارايو آهي
يا جيتيو آهي؟ شايد منهنجي زندگي هار ۽ جيت کان بي
نياز آهي! مان فقط تماشائي آهيان! آهه ! جهونا
جهونا کيڏاري اڃا تائين نه سمجهي سگهيا ته هن دنيا
جي هر فتح شڪست آهي، هر شڪست فتح آهي! مان ٿوريءَ
عمر ۾ زندگيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون. هيٺاهيون مٿاهيون
ڏسي چڪو آهيان. منهنجو روح بلڪل مطمئن آهي. هي ڏک
سک، عزت ذلت پاڇا آهن، اڏامندڙ پکين جا وهندڙ
پاڻيءَ تي پاڇا، جن جي ڪائي حقيقت نه آهي. آهه،
انسان ڪيتري نه عزم ۽ استقلال سان ڪوشش ٿو ڪري ته
مون کي اهميت ملي. اهميت، اهميت، اهميت آخر ڇا
آهي؟ گويا شرير ٻار رنگين خوبصورت پوپٽن پٺيان
ڊوڙي ڊوڙي، سهڪي سهڪي، کين پڪڙي سندن پر ڇِني
وجهي! او پرين! اوهين پوپٽ پڪڙيندا رهو، اوهان جي
زندگي صدا بهار هجي، اسين هن چمن جي رنگ و بو کي
ئي بي حقيقت ٿا سمجهون. ايتري ڀڄ ڊوڙ، وٺ پڪڙ ڇا
لاءِ؟
تنهنجون منهنجون راهون الڳ نڪتيون، تو منزل معين
ڪئي ۽ ان جي تلاش ۾ نهايت دور نڪري وئينءَ. منهنجي
لاءِ، تلاش ئي منزل ٿي ويئي. مان ڀٽڪندو رهيو
آهيان ته منهنجي منزل ڪٿي آهي؟ شايد ڪائي منزل نه
آهي. دنيا جي هر چيز وانگر منزل جو تصور به هڪ
فريب آهي. زندگي لاانتها جستجو آهي، ليڪن زندگي به
فريب آهي، جستجو به فريب لا انتها فريب! آهه! مان
هر فريب کان پڇندو رهيو آهيان ته حقيقت ڇا آهي؟ اي
ڪاش! تون مان هڪٻئي جي منزل ٿيون ها، اي ڪاش ٻه
فريب ملي هڪ حقيقت ٺاهن ها! اي ڪاش، هيءَ چانـڊوڪي
رات ائين اڪيلي نه گذري ها! تو پڇيو آهي ته آخر
مون کي ڇا کپي؟ چڪور کي چنڊ کان سواءِ ڇا کپي؟
چڪور جو اڏرندو رهندو آهي، ٿڙندو رهندو آهي، پهچي
نه پهچندو آهي پنهنجي محبوب کي! چنڊ، جو نهايت دور
هوندو آهي، نهايت ٿڌو هوندو آهي! تون هجين، تنهنجي
چانڊوڪي هجي! مون کي توکان ڪجهه نه کپي! مان هن
گوشئه زمين جو گمنام شاعر آهيان، شايد گمنام
جيئندس، گمنام مرندس! مون کي پنهنجي تڙپ، پنهنجي
محبت بخشي ڇڏ. اهي کسي، توکي ڇا هٿ ايندو. مون کي
زندگيءَ ۽ موت جا حسين همسفر ملي پوندا.
منهنجي چانڊوڪي، منهنجي روشني شب بخير!
تنهنجو
اياز
*****
منهنجي پرهه، منهنجي روشني!
تو لاءِ تنهنجي دور افتاده دوست جا سلام، اڄ خلاف
معمول توکي هيءَ خط صبح جي وقت لکي رهيو آهيان.
رات جو پويون پهر توسان گذريو. عجيب خواب هيو.
جڏهن اک کلي ته دل نه چاهيو ته توسان تار ٽٽي وڃي.
ان ڪري توکي صبح سويري هي خط لکڻ ويٺو آهيان. مون
خواب ۾ ڏٺو ته منهنجي ڪلهي تي جي ٻه فرشتا ڏينهن
رات هوندا آهن، سي سير لاءِ نڪري ويا. رستي تي
تنهنجي ڪلهن وارا ٻه فرشتا انهن کي مليا. تنهنجن
فرشتن منهنجن فرشتن کان پڇيو ته: ”اوهان جو انسان
ڪيئن آهي؟“ منهنجي فرشتن وراڻيو ته ”هو اوهان جي
انسان لاءِ روئي رهيو آهي.“ پوءِ منهنجن فرشتن،
تنهنجن فرشتن کان پڇيو ته، ”اوهان جو انسان ڪيئن
آهي؟“ جنهن تي انهن جواب ڏنو ته: ”هو توهان جي
انسان تي کلندو آهي.“ ان تي منهنجا فرشتا عبرت ۾
کلڻ لڳا ۽ تنهنجا فرشتا ندامت ۾ روئڻ لڳا. آهي نه
عجيب خواب؟ پر سائين، الائي ڇو، منهنجي دل چئي رهي
آهي ته گذريءَ رات اوهان به اهو ئي خواب ڏٺو
هوندو.
هن وقت پرهه جي ٿڌڙي هير لڳي رهي آهي ۽ دل ۾
تنهنجي تازي ياد شگفته ٿي رهي آهي. نه معلوم ڇو
بار بار عمر خيام جو شعر ياد پيو اچي:
”هينئر مان ۽ مئي ۽ مئفروش جي گهٽي
اي ساقي! هي صلاح جو وقت آهي؟
هن وقت حديثون ڇڏ، ۽ پيءُ ۽ پيئار!“
اڄ واقعي وري دل ٿي آهي ته پرهه جو پيئان! پيئندو
رهان، پيئندو رهان، جيستائين سج جي ڪشتي لالاڻ جي
ليٽ ۾ ٻڏي وڃي ۽ شام ٿي وڃي! آهه! هي بلورين جام!
هيءَ هي اُساٽ. اڄ ايتري ڇڪ آهي هن ڇنال ۾! جيتري
اُساٽ تڏهن هئي، جڏهن مون توکي هميشه لاءِ ڇڏيو
هو.
پنهل کان پوءِ........
پنهل کان پوءِ.......... ڏيندس باهه ڀنڀور
کي...........!
جڏهن تون وئينءَ ته مون چاهيو ته ساريءَ ڪائنات کي
قلابازيون کارايان، ساري نظامِ دهر کي الٽ پلٽ
ڪريان، ساري جڳ ۾ ڀنڀٽ ٻاريان. عرش و فرش کي ڄڀين
۾ ڄرڪايان، ڏيان باهه ڀنڀور کي آهستي آهستي وقت
پنهنجو ڄار وڇائيندو ويو، اندر جا عقاب انهيءَ ۾
اٽڪندا ويا. پرڙا ڦڙڪائي ڦڙڪائي، ساڻا ٿي، سانت ۾
اچي ويا. وقت جو تيز رفتار ڪاروان گذرندو ويو.
سندس قدم ماضيءَ جا نشان مليا ميٽ ڪندا ويا، ڀنڀور
جلي ويو، شعلا وسامي ويا، پنهونءَ جا پيرا مٽجي
ويا، سسئيءَ جا سڏڪا ڪنهن نه سڻيا، سنسان هوائن ۾
سيسراٽ گم ٿي ويا. مٺڙي، ماضيءَ کي ياد ڪري يقين
ئي نه ٿو اچي ته هتان به ڪوئي ڪيچ جو قافلو گذريو
هو. هزارن اميدن ۽ آرزوئن جو ڪاروان منزل انداز
ٿيو هو. اڄ ته ڀنڀور ۾ فقط رک ئي رک ٿي اڏامي
سسئيءَ جي روح جي رک، پنهونءَ جي پيار جي رک. پنهل
کان پوءِ....... ڀنڀور.....باهه......رک......
اڄ دل چاهي ٿي ته هي اُلا اُلا، هي شراب، ڳيتون
ڪري پيئان، سُرڪين مان سڪ نه ٿي لهي، جيئن منهنجو
سينو سڙڻ لڳي، لڱن جي لهس ساهه کي سيڪ ڏئي ۽
تنهنجو تصور به ڄري پڄري رک ٿي وڃي. سرد سرد رک،
جنهن ۾ نه چڻنگ نه چوچڙي نه سيڪ نه ساڙو. تنهن جي
نفي منهنجو اثبات، تنهنجي نيستي منهنجي هستي،
تنهنجي وجود جي فنا، منهنجي نجات آهي. پرينهنءَ
تون ڪنهن اجنبي ديس ڏانهن وڃي رهي آهين. نظرن کان
به دور، دل کان به دور وڃ، ڀلي وڃ، مان توکي وساري
ڇڏيندس، پرالائي ڇو دل نه ٿي مڃي دل چوي ٿي ته اجل
جو بي پناهه سيلاب به توکي مون کي وڇوڙي نه
سگهندو، لڙهندا هڪٻئي کي چنبڙنداسين ۽ وڃي ڪائنات
جي ٻئي ڪپر تي ڪرنداسين.
تنهنجو
ازل جو آشنا، اياز
شيخ اياز
عشق اسان وٽ...
روشن منهنجي گهري دوست هئي. ايئن چئجي ته هوءَ
منهنجو پهريون پيار هئي. هن جي شادي ڪراچيءَ ۾ ٿي
چڪي هئي، جتي هوءَ رهندي هئي ۽ سال ڏيڍ ۾ هڪ ڀيرو
ماءُ وٽ شڪارپور ايندي هئي. هڪ ڀيري مان سکر کان
جيڪب آباد ڪنهن قتل جي مقدمي هلائڻ لاءِ ويو هوس.
جڏهن جيڪب آباد کان موٽندي سکر- شڪارپور جي
چودڳيءَ وٽ پهتس ته مون ڊرائيور کي چيو ته هو
شڪارپور روشن جي گهر ڏانهن هلي. جيتوڻيڪ ايئن
سمجهڻ لاءِ ڪوبه سبب نه هو پر مون کي پڪ هئي ته
هوءَ شڪارپور آئي هئي. هوءَ ويجهو آمريڪا مان موٽي
هئي ۽ مون کي ڪجهه تحفا به موڪليا هئائين، ان ڪري
مون ڀانيو هو ته هن جو غصو مون تي گهٽجي ويو
هوندو، جو هن کي منهنجي بي وفائيءَ تي هو. مان هن
جي گهر ويس ته هوءَ موجود هئي پر هن کي اڃان تائين
مون تي غصو هو ۽ مون سان رخ ڏيئي نه ڳالهايائين.
روشن مون لاءِ ڄڻ شڪارپور هئي. اُهي باغ جن ۾ ڪيئي
ڪَرني جا وڻ هوندا هئا جن ۾ تيز خوشبو هوندي هئي،
اُهي کوهن تي نار ۽ اُنهن جي ڀرسان توت ۽ شهتوت جي
وڻن تي طوطن ۽ هيڙهن جون اُڏارون، مينهن جي واڙن ۾
تازي کير جا گُوها ۽ اُنهن جي هيٺان رکيل ٽامي جون
باٽليون، ۽ اُهي رابيل جون ڪنڍيون جي هر شام مان
هن لاءِ وٺي ويندو هوس جڏهن هوءَ مون سان گڏ
پڙهندي هئي. روشن وٽان موٽڻ وقت ۽ ان جي ٻئي ۽
ٽئين ڏينهن تي، مون کي هن جو سوداءُ هو ۽ ان تي ڏک
به هو ته مان هُن سان دل کولي ڳالهائي نه سگهيو
هوس. ان ڳالهه جي چوٿين ڏينهن منهنجي هڪ دوست جي
سکر مان ڪراچيءَ بدلي ٿي. اسان اُن رات گڏجي ماني
کاڌي ۽ مان هن کي پنهنجي ڪار ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن
تي ڇڏڻ ويس. مان اڃا پلئٽ فارم تي بيٺو هوس ته مون
روشن کي ويٽنگ روم مان ايندي ڏٺو. هوءَ ڪراچيءَ
واپس وڃي رهي هئي. جڏهن گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺي ته مان
هن جي ڪڍ ويس ۽ گاڏي جي در ۾ هٿ وجهي هن کي سڏ
ڪيم: ”روشن!“ هوءَ مون کي ڏسي لهي آئي ۽ مون کي
چيائين: ”تون پيتل آهين. هتي ريلوي اسٽيشن تي
تماشو وجهندين ڇا؟ دراصل مون کي اڃا توتي ڪاوڙ
آهي. هاڻي مان شادي شده آهيان، مون مان ڇا ٿو
چاهين؟“ مان شڪي ٿي، هن جي گاڏي کان هٽي ويس.
انهيءَ کان پوءِ روشن کي سنڌ سرڪار سري لنڪا
موڪليو هو، جتان موٽي، هوءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي
رهي هئي. منهنجو دوست ڪهاڻيڪار، شيخ حفيظ، روشن
سان اڪثر ملندو رهندو هو. ٽن چئن مهينن کان پوءِ
مان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئي ڪيس هلائڻ ڪراچيءَ ويس، جتي
شيخ حفيظ مون کي ٻڌايو ته روشن تمام تيزيءَ سان
پنهنجي آتم ڪهاڻي پوري ڪري رهي آهي، جنهن تي مون
هن کي چيو: ”اڃا ته حياتي پئي اٿس، ايڏي تڪڙ
ڇالاءِ؟“ پوءِ مون هن کي روشن لاءِ نياپو ڏنو. ٻئي
ڏينهن تي حفيظ چيو ته هُن کي سخت بخار هو، ان ڪري
هُن کيس نياپو نه ڏنو هو. مان ٽئين ڏينهن تي سکر
موٽي وڃڻ وارو هوس. سامان ٽئڪسيءَ ۾ رکائي، مون
حفيظ کي چيو ته ”هل ته کاري در روشن جي گهر هلون!“
جڏهن ٽئڪسي کاري در وٽ پهتي تڏهن حفيظ چيو ته ”تون
اتي ٽئڪسيءَ ۾ ترس. مان هن کان پڇان ته توکي مٿي
وٺي اچان يا هوءَ پاڻ توسان گهر جي پٺئين دروازي
کان ملندي.“ ٿوريءَ دير ۾ هو موٽي آيو ۽ چيائين:
”هن کي ته هوش ئي ڪونه آهي ۽ هوءَ بخار ۾ وڦلي ٿي.
مون کي مناسب نٿو لڳي ته تون مٿي هلين.“
مون روشن جي گهر کي ايئن ڏٺو ڄڻ ان کي آخري ڀيرو
ڏسي رهيو هوس. ريل ۾ مون کي ساري رات ننڊ نه آئي
هئي. سکر ۾ ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن مان صبح شام پيئندو
رهيو هوس. ٽئين ڏينهن شام جو مون وٽ رشيد ڀٽي ۽
مقبول صديقي آيا ۽ چيائون ته ”رات ڪراچيءَ ٿا وڃون
ڪو ڪم هجيئي ته ٻڌاءِ.“ مون هنن کي چيو ته ”مون کي
سوداءُ ٿي پيو آهي ته روشن مري ويندي. ڄڻ ته مون
کي ان ڳالهه جو علم سابقه
آهي. اوهين پهچڻ شرط شيخ حفيظ کي چئجو ته هو مون
کي هن جي صحت جي باري ۾ تار ڪري.“ ٻئي ڏينهن تي
مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس ته شام جو حفيظ جي تار
پهتي:
“گل مرجهائجي چڪو آهي. ڏاڍي دير ٿي وئي آهي.“
روشن ڦوهه جوانيءَ ۾ مري چڪي هئي. اُن وقت ته مون
لاءِ ڄڻ ڪائنات جو انت ٿي چڪو هو. پر ڇا، هڪ
ڀُورڙي ڇوڪري ڪائنات جو انت ٿي سگهي ٿي؟ رابيل جا
گل اُن کان سواءِ به رات جو ٽڙي ٿي پيا ۽ پرهه جو
پوپٽ ساڳيءَ ريت اُڏري رهيا هئا!
مون ٿڌو ساهه ڀري سعديءَ جي غزل مان هيٺيون سٽون
جهونگاريون:
’اي ساربان آهسته راد کارام جانم مي رود
وان دل که باخود داشتم، با دلستانم مي رود
من مانده ام مهجور ازو بيچاره ورنجور ازو
گوئي که نيشي دور ازو در استخوانم مي رود.‘
(اي اوٺار، آهستي هل، جو منهنجي جان جو آرام وڃي
ٿو./ جيڪا دل مون وٽ هئي، اُها دل جي لٽيندڙ سان
گڏ وڃي ٿي./ مان هن کان نه رڳو وڇوڙيل رهيو آهيان،
پر ويچارو ۽ ڏکارو به رهيون آهيان؛/ ڄڻ ته هن کان
پري رهي پيڙا منهنجي هڏن جي مک تائين پهتي آهي.)
ريل گاڏي ’مستفعلن مستفعل‘ ڪندي، جنگشاهي ٽپي چڪي
هئي. هڪ ٻي تصوير اکين اڳيان اُڀري آئي. بارش پئجي
رهي هئي. اسان گل مهر جي وڻ هيٺان بيٺا هئاسين، ته
راحت مون کي چيو هو: ”سچ ٻڌاءِ، تون مون ۾ روشن
تلاش ڪري رهيو آهين. تون مون سان محبت ٿو ڪرين يا
روشن جي اولڙي سان ٿو ڪرين!“
”چري! روشن کي مُئي ڪيئي سال ٿيا. هوءَ مون کان
وسري چڪي آهي. تون پنهنجي ليکي حقيقت آهين، تنهنجو
روشن سان ڇا؟“ راحت مون سان ڪيڏو وقت گڏ گذاريو
هو! مون کي اڄ به اُها رات ياد آهي، جڏهن ڀٽ شاهه
تي هُوءَ مون سان ويٺي هئي ۽ علڻ فقير منهنجي وائي
ڳاتي هئي:
عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن آيو جهول ڀري!
ڪوئي ڪيئن ڪري!!
ڪراچي جا ڏينهن راتيون[
|