شيخ حفيظ
(تاثر)
آخري باب
روشن هنڌ تي اٿي ويٺي هئي. کيس بيمار ٿئي چوٿون
ڏينهن هو. پر تنهن هوندي به هوءَ ايترو هاريل نظر
ڪين پئي آئي. آءٌ ڪمري ۾ گهڙيس ته..... اڳ ۾ ئي
ويٺو هو. ٻئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. آءٌ اڃا
ورانڊي ۾ ئي هيس ته منهنجي ڪن تي روشن جي کِلڻ جو
آواز پيو- لمبا ڊگها ٽهڪ ٻڌم، جيڪي زنجير جي ڪڙين
مثل هڪ ٻئي ۾ پوئيل معلوم ٿيندا هئا. هوءَ سدائين
ائين کِلندي هئي. روشن جي کل ڏاڍي بيباڪ هئي. سندس
ٽهڪ ڄڻ سندس سيني جي گهراين مان نڪرندا هئا.
ڪمري ۾ گهڙي، آءٌ..... گڏ، سامهون واري پلنگ تي
ويهي رهيس. اسحاق (روشن جو شريڪ حيات) اٿي منهنجي
لاءِ چانهه جو بندوبست ڪرائڻ ويو.
“ڇا تي پيا کلو“ مون پلنگ تي ويهندي پڇيو.
”پڇانس ٿو، ڪڏهن چاڪ ٿيندينءَ“....... وراڻيو.
”ڄڻ منهنجي هٿ وس ئي ته آهي“ روشن گهُٽيل ٽهڪن ۾
ويڙهيل جملو اُڇليو. هن اڃان کِلي پورو ڪين ڪيو هو
جو آءٌ آيو هيس ۽ هاڻي هر ڳالهه سان ٿورو گهڻو
کِلي، پنهنجو کِلڻ پئي پورو ڪيائين. ڄڻ کِلڻ جو
مقرر ٿيل اسٽاڪ کيس هڪ مدي اندر کپائڻو هو. ان وقت
ڪنهن نه سمجهيو، شايد هن به نه پئي سمجهيو، مقرر
ٿيل اسٽاڪ ٽهڪن جو، مقرر ٿيل مدي اندر کپائڻو هو-
ڪي هوريان، ڪي ڏاڍيان پر کپائڻا سڀ هئا.
آءٌ وڃي ويٺس ته گفتگو ذاتي حالن احوالن تان ڦري
ادب تي اچي بيٺي ۽ اتان ٿڙي سماج جي جوڙجڪ تي آئي
۽ پوءِ اميري غريبيءَ جي جهاد جو ذڪر نڪتو. روشن
چيو: ”مان پاڻ هن موجوده سرشتي جي سخت خلاف
آهيان. جڏهن ڪنهن غريب کي ڏسندي آهيان ته دل ۾
ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. الا! چوندي آهيان ته هي انهيءَ
حال ۾ ڇو آهي ۽ پوءِ دل ٿيندي اٿم ته جيڪر هي چرخو
ئي ڦيري ڇڏيان، جيڪر موجوده نظام کي پٽي اڇلي
ڇڏيان“، چوندي چوندي روشن ڳنڀير ٿي وئي هئي. سندس
نراڙ تي ويچار وارا گهنج پئجي ويا هئا ۽ جوش سبب
هن جيڪي وات سان چيو تنهنجي تائيد، هٿ کي هوا ۾
ائين هلائي ڪيائين، جيئن پٿر اڇلائڻ ويل هلائبو
آهي. ........ کي روشن جي ڳنڀيرتا ڪانه آئڙي. هو
پڻ ڪجهه سنجيدو ٿي ويو. آءٌ هن جي چهري ڏانهن ڏسي
رهيو هوس. هن ڄڻ، ڪجهه چوڻ کان اڳ پنهنجون پوريون
قوتون سهيڙيون ۽ پوءِ چيائين، ”پوءِ تون ڪميونسٽ
ٿي پئو نه! انهيءَ کانسواءِ ته سماج کي بدلائڻ جو
ڪو طريقو ئي ڪونهي.“.... ڪجهه قدر ڪميونزم ڏانهن
لاڙو رکندو آهي ۽ پاڪستان جي ٻين ڪميونسٽن مثل هي
به هوٽلن ۾ ويهي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ ۾ ماهر آهي.
روشن کي ڪميونسٽ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ وقت هروڀرو ڪو هن
روشن کي ڪميونسٽ بنائڻ ڪين پئي چاهيو. هن ائين
ڳالهه مَٽائڻ لاءِ چئي هئي ۽ تير نشاني تي پورو
لڳو. روشن مرڪي پئي. هن ٻه ٽي دفعا اکيون ڇنڀيون.
هڪ نکريل مرڪ هن جي چپن تي اُسري آئي ۽ چيائين:
”مون ۾ ايتري طاقت ڪانهي. مان ڪمزور آهيان، نه ته
ضرور ڪميونسٽ بنجان ها.....“
..... کي چرچي ڪرڻ جو موقعو مليو. هن روشن کي اڌ ۾
ئي روڪي چيو: ”ڇو، ڇا ٿيو ٿي؟ ڏنڊي ڏوٽي ته ويٺي
آهين.“
”توکي ڪهڙي خبر؟“ روشن مرڪندي مرڪندي هڪ ٿڌو ساهه
کنيون ۽ ٿوري ڳنڀير پڻ ٿي وئي.
گفتگو ان بعد منهنجي ذاتي زندگيءَ تي ڦري آئي.
روشن ۽ ..... ٻئي لڳا مونکي مسڪو لڳائڻ. مون
گهڻيون ئي رڙيون ڪيون: ”گڻيش کوپرا مل جو اهو نلڪو
ڪنهن ٻئي جي پيرن ڪڍڻ لاءِ وهائجو“ مون چيو، پر هو
ٻئي شايد قسم کنيون ويٺا ها. آءٌ به چپ ڪري هنن
ٻنهي جي ڳالهين مان لطف وٺڻ لڳس. گهڻي تائين ڪمرو
ٽهڪڙن سان گونجندو رهيو ۽ پوءِ..... اٿي ويو.
....... جي هلي وڃڻ بعد، روشن جي طبيعت وري خراب
ٿيڻ لڳي ۽ رات جو، جڏهن ڊاڪٽر کيس ڏسڻ آيو ته مون
محسوس ڪيو، ڊاڪٽر ڪجهه پريشان هو. ٻئي ڏينهن، شام
جو روشن جي طبيعت ڪجهه وڌيڪ خراب هئي. آءٌ گهڻي
رات لڙئي تائين اتي ويٺو رهيس. موٽيس ته گهر جو در
به بند هو. در کي هڪ ٻه دفعا کڙڪايم پر ڪير ڪين
جاڳيو. آءٌ بلڊنگ جي ڇت تي مٿي وڃي پسار ڪرڻ لڳي
ويس. روشن جي بيماريءَ بابت ويچاريندو رهيس- سندس
خيالات بابت ۽ پنهنجي مختصر دوستيءَ بابت جنهن ۾
هن ڄڻ سچ پچ مونکي پنهنجو ننڍو ڀاءُ بنائي ڇڏيو
هو.
”ادا، ماني کاءُ! نه کائيندين؟ ڏس مان چڙي ويندي
سانءِ“. جهڙا انيڪ ننڍڙا جملا منهنجي دماغ ۾ ڦري
رهيا هئا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ آءٌ سچ پچ هڪ
ٻار آهيان- ٻار جيڪو روشن جي اشارن تي نچي سگهي
ٿو، کلي سگهي ٿو، روئي سگهي ٿو. ڇت تي پسار ڪندي
مونکي ڪلاڪ کن گذريو ته هيٺ گهر ۾ روشني ٿيل نظر
آيم. اديون روزو رکڻ لاءِ اٿيون هيون. آءٌ لٿس، در
کڙڪايم، در کليو، اندر وڃي سمهي رهيس.
اڳلي ڏينهن شام جو روشن جي حالت ڪجهه وڌيڪ خراب
هئي. ڊاڪٽر بدلايو ويو ۽ ڊاڪٽر سان گڏ علاج بدلجي
ويو. ان شام جو آءٌ جلدي وري آيس. ڊاڪٽر ڏاڍي آٿت
ڏني هئي ۽ مونکي ڊاڪٽر جي ڳالهين تي اعتبار اچي
ويو. مونکي ڇا، سڀني کي اعتباراچي ويو- سڀ ساڳي
فريب ۾ مبتلا ٿي ويا. ڪنهن کي به اهو گمان ڪين آيو
ته هي ڊاڪٽر روشن لاءِ ملڪ الموت ثابت ٿيندو. ڪنهن
به اهو ڪين ويچاريو ته هن ڊاڪٽر جو عيش عشرت آرام
۽ مسرت روشن جي زندگي کسيندا. هڪ ڄار هئي- هڪ دغا
هئي پر اسين سڀ- مان،
اسحاق، ماسي (روشن جي ماءُ) رسول بخش (روشن جو
ماسات) سڀ ڦاسي پياسين. خود پاڻ روشن خاموش رهي ڄڻ
راضي به رضا هجي. ائين ڦاسي پياسين جيئن ڪو الڙ
پکي ڪوڙڪي ۾ رکيل پڪي تي نظر وجهي هيٺان وڇيل
ڇُڙڪڻ ڦاهيءَ تي نظر ڪرڻ ئي وساري وهندو آهي. آه!
هي دام، جنهن اسان کان روشن ڇني ورتي.
ڊاڪٽر ٻئي ڏينهن صبح جو آيو. آءٌ صبح جو روشن وٽ
ڪين ويندو هيس پر انهيءَ ڏينهن آفيس مان موڪل هجڻ
سبب، اتي ئي هيس. ڊاڪٽر روشن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ
لاءِ چيو. سڀني ها ڪئي. آءٌ به خاموش رهيس. منهنجو
دماغ سوچڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو هو. منهنجي ڏسندي ڏسندي
روشن ڪار ۾ ليٽي پيئي هئي ۽ ڪار آهستي آهستي سول
اسپتال ڏانهن رواني ٿي ويئي.
آءٌ گهر وري آيس. اهو ڏينهن آءٌ اداس هيس. رکي
رکي منهنجي من ۾ وسوسا پئي پيا ۽ مون مٿو ڌوڻي
انهن کي ڪڍي ٿي ڇڏيو. شام جو آءٌ اسپتال ۾ روشن
سان ملڻ ويس ماسي ويٺي هئي. اڄ ڪلهه جي نوجوانن جي
عادتن خصلتن تان ڳالهه ڦرندي منهنجي عمر تي اچي
بيٺي ۽ روشن منهنجي عمر بابت ڌڪا هڻڻ شروع ڪيا.
”23...... 22...... 20...... 18.......
40........“ مختلف عمريون ٻڌائيندي رهي. ماسي به
انهيءَ وندر ڀري ڳالهه ٻولهه ۾ اچي شريڪ ٿي.
ماسيءَ پڻ هڪ ٻه ڌڪو هنيو پر سڀ فضول. ٻئي منهنجي
عمر جو اندازو ٺيڪ ڪين لڳائي سگهيون. اسحاق آيو
چيائين ”اٿي ته هلي گهران ڪجهه سامان کڻي اچون“.
مون اٿندي اٿندي پنهنجي صحيح عمر ٻڌائي ڇڏي. در تي
وڃي، مون ڪنڌ ورائي ڪمري ۾ نهاريو ٻئي ماءُ ڌيءَ
منهنجي عمر متعلق تعجب ۾ هيون. سامان کڻي اسان
ورياسين ته روشن جي طبيعت ڪجهه خراب هئي. مون
پنهنجي موجودگي مناسب نه سمجهي ۽ اٿي هليو آيس.
انديشن جا طوفان ساوڻ جي ڪارن ڪڪرن مثل کنوندا
کڄندا منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي ويا. آءٌ هوريان
هوريان پير گسائيندو گهر اچي پهتس. ڪپڙن بدلائڻ
بنا آءٌ اونڌو ٻوٿ ڪري هنڌ ۾ ڪري پيس. ادين پڇيو
”ڇا هي“. مون چيو ”ڪجهه نه، ٿڪجي پيو آهيان“.
ڪيتري دير هنڌ ۾ ائين پيو هيس ۽ پوءِ ننڊ کڻي وئي.
صبح جو وڏي اديءَ رڙيون پئي ڪيون ”اُٺ جيڏو ٿي ويو
آهين، اڃا ايتري تميز ڪانه آئي اٿيئي جو
لٽا مٽائي سمهين.“ ”ادي......“ مون اديءَ جي اکين
۾ اکيون وجهي چيو ۽ هوءَ ڄڻ انهيءَ هڪ لفظ مان سڀ
ڪجهه سمجهي وئي. ”ڪيئن آهي روشن؟“ اديءَ پڇيو.
”ڏاڍي تڪليف اٿس“ مون وراڻيو ۽ وهنجڻي ۾ گهري در
ڏئي ڇڏيم. لٽا لاهي آءٌ نل مان وهندڙ ڌار هيٺان
ويٺس ته ائين محسوس ڪيم ڄڻ جسم ۾ هڪ باهه پئي ٻري
۽ پاڻي پوڻ سبب دونهان ۽ ٻاڦون پيون نڪرن. مون دل
۾ سوچيو ”مونسان ايتري ويدن آهي، ويچاري اسحاق ۽
ماسيءَ سان ڪهڙي حالت هوندي! آءٌ ته رڳو سندس وات
چيو ڀاءُ آهيان“.
اڌ ڪلاڪ کن تڙڳندو رهيس تڏهن وڃي مس مس آٿت آئي.
انهيءَ وچ ۾ ادا ٽي دفعا وهنجڻي جي در تي ٺڪ ٺڪ
ڪري
ويو هو. هن کي آفيس وڃڻ ۾ دير ٿي رهي هئي. ٻاهر
نڪتس ته هن ويچاري منهنجي جذبات جو خيال رکندي
ڪجهه ڪين چيو رڳو ايترو چيائين ”آهين تون به
مولائي“ ۽ وهنجڻي ۾
گهري ويو. لٽا پائي نيرن ڪيم ۽ آفيس هليو ويس.
آفيس ۾ فون تي اسحاق سان ڳالهايم ته معلوم ٿيو ته
رات ڪافي ڏکي گذري هئي. اسحاق
مونکي هڪ اڌ ڪم لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ آءٌ
آفيس جي ڪمن ۾ لڳي ويس. شام جو آءٌ انصاريءَ سان
گڏ روشن سان ملڻ ويس. انصاري روشن سان گڏ قانون
پڙهندو هو. اسين وياسين ته روشن ڄڻ پنهنجون رهيون
سهيون قوتون ميڙي اسانکي آڌرڀاءُ ڏيڻ لڳي. ڳالهيون
تعليم جي محور تي ڦرڻ لڳيون. جهٽ پلڪ ويهي اسان
اٿي آياسين. ٻاهر نڪري انصاري چيو، ”آءٌ ته روشن
کي سڃاڻي به ڪين سگهيس“. مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ
انصاري چوندو هجي ”روشن جي حالت ڏاڍي خراب آهي.
توهان هر وقت سندس آڏو بيٺا آهيو تڏهن آهستي آهستي
پوندڙ
فرق توهان کي نظر ڪين ٿو اچي“. پر ٻيءَ گهڙيءَ
مونکي ڊاڪٽر جو ڏياريل يقين ياد آيو، ۽ مون سوچيو
اهي ڪنا خيال دل ۾ نه آڻڻ گهرجن- روشن خوش ٿي
پوندي. انصاري پنهنجي ڪم سان وڃڻو هو، هو اوڏانهن
لڙي ويو ۽ آءٌ وري به پير کسڪائيندو اسحاق جا
ٻڌايل ڪم پورا ڪرڻ لاءِ اُسهي پيس. رات جو 12 بجي
گهر آيس. ادا ويٺي ڪو ناول پڙهيو. در اچي کوليائين
۽ آءٌ سمهي پيس. انصاريءَ سان گڏ واري ملاقات
منهنجي آخري ملاقات هئي جنهن ۾ روشن مونسان ٻه ٽي
لفظ
ڳالهايا هئا. ان بعد وري موقعو ڪين آيو. ڳالهائڻ
جو هوءَ آخري ڏينهن تائين، بلڪ مرڻ کان ڪن ڪلاڪن
تائين ڳالهائيندي رهي پر آءٌ هميشھ سندس آرام جو
خيال ڪري سندس ڪمري ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندو هيس ۽
ويندو هيس ته رڳو اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي تي پنهنجي
پنهنجي مجبوري ظاهر ڪري ڇڏيندا هئاسين.
اڳلي ڏينهن ساڳي ڪار ٿي. فرق رڳو ايترو هو جو شام
جو جڏهن آءٌ روشن کي ڏسڻ ويس ته روشن ڏاڍو پئي لڇي
پڇي ۽ آءٌ کيس وڌيڪ ويل لڇندو پڇندو نه سهي، اتان
هليو آيس. ٻئي ڏينهن تي آءٌ اسپتال ۾ روشن کي ڏسڻ
ويس. روشن جي مونجهه جو خيال ڪري اسحاق ڪمري جي
دريءَ تان پردو هٽائي ڇڏيو هو. آءٌ ورانڊي ۾ ئي
هيس ته سامهون روشن ليٽيل نظر آئي. هن مونکي ايندو
ڏسي ورتو هو ۽ دريءَ ۾ ئي اکيون وجهيو پئجي رهي.
آءٌ ويجهو پهتس ته اسان جون اکيون مليون- گهڙي پل
لاءِ، پوءِ ڄڻ هن ٿڪجي اکيون هيٺ ڪري ورتيون.
انهيءَ هڪڙي نظر ۾ مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ روشن
چوندي هجي. ”ادا..... ڏسين ٿو؟ مان ڪيترو لڇي پڇي
آهيان...... ڪيترو پاڻ پتوڙيو اٿم..... پر هي
ڪمبخت موت مونکي نهوڙي نيڻ تي ضديو بيٺو آهي“. مون
محسوس ڪيو ڄڻ روشن چوندي هجي ”ڏس مون چيو ڪين ته
مون ۾ طاقت ڪانه آهي..... زندگيءَ جي اجوڳ پورهئي
منهنجو اندر ڪوري ڇڏيو آهي...... مان سڄي عمر
وهندي رهي آهيان- گهاڻي جي ڏاند جيان- ها گهاڻي جي
ڏاند جيان مان ڳهندي رهي آهيان..... ۽ ڏس اڄ جڏهن
مان مس مس انهيءَ لائق ٿي آهيان جو پاڻ جهڙن لاءِ
ڪجهه ڪري سگهان ته موت منهنجي چائنٺ تي بيٺو، در
ٿو کڙڪائين.... ڏس هن کي روڪڻ لاءِ مون ڪيڏا وس
ڪيا آهن!..... هي ڪمبخت پڻ اميرن جو ساٿي ٿو نظر
اچي.... پورهيا ڪري ڪري ڪو سنئين ڳاٽ مس ٿئي ته هي
اچي هٿ وجهندس..... ڏس..... تون ڏس.... پاڻ ڏس ۽
ٻين کي ٻڌائجان..... انهن کي ٻڌائجان جيڪي مون
وانگر سمجهن ٿا..... جيئن مان اڳ سمجهندي هيس تيئن
سمجهن نٿا ته پهرين پاڻ سنوين پيرين ٿيو ته پوءِ
ئي ڪجهه ڪري سگهبو؛ ادا انهن کي چئجان ته اها اڻ
ٿيڻي آهي. جيسين هو سنوين پيرين ٿيندا تيستين موت
اچي در کڙڪائيندو، تيسين فنا اچي ڀاڪر ڀريندن.
غريبن لاءِ، اميرن جي دنيا ۾ ڪابه جاءِ ڪانه آهي.
اميري غريبي انسانيت جا ٻه فرقا آهن، ٻه مذهب آهن
۽ ٻه طبقا آهن. غريبيءَ وٽ هر ڪنهن لاءِ جاءِ آهي
پر اميري وٽ ڪنهن لاءِ به جاءِ ڪانهي. ادا، تون
انهن منهنجي نوجوان ڀينرن ڀائرن کي چئجان، جيڪي
مون وانگر پاڻ پتوڙي رهيا آهن.... ها، کين چئجان،
سونهري سپنا بنائڻ ڇڏي ڏين...... ڪيڏو به پورهيو
ڪري، ڪيڏي به ذلت سهي، غريب امير نٿو ٿي سگهي.
ناڻي جا چار جهول غريب امير نٿا بنائي سگهن. اميري
۽ غريبيءَ جي هن سماج ۾ قدرت جو هر قانون، خدا ۽
مذهب جو هر حڪم، وقت جي هر لهر غريب کي ڌڪي غريبي
ڏانهن اماڻي ٿي نه ته.... ته قبر ۾. کين
چئجان..... ادا“!
روشن وٽان موٽي آءٌ گهر اچي سمهيس. ٻئي ڏينهن صبح
جو ئي اچي اسپتال سهڙيس. روشن جي حالت ڏاڍي خراب
هئي. اسحاق ٻڌايو، رات جو ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ ماڻهو
موڪليو هيائين پر ڊاڪٽر ائين چئي ماڻهوءَ کي
موٽائي موڪليو هو ته موڪل جو ڏينهن آهي ڊاڪٽر مريض
سان ٻڌل ڪين آهي! صبح جو ڊاڪٽر آيو. چيائين ”ڪائي
فڪر جي ڳالهه ڪانهي، سڀاڻي اسپتال کلندي ته سڀ ٺيڪ
ڪري وٺبو“ ۽ ڊاڪٽر ويو هليو. ڊاڪٽر جي ايڏي
لاپرواهي ڏسي مون ڀانيو شايد سچ پچ روشن کي ڪا خاص
تڪليف ڪانه آهي. سڀني ائين ڀانيو. ڪنهن کي خبر هئي
ته ڊاڪٽر پنهنجي عيش خاطر روشن جي حياتيءَ جي به
پرواهه ڪين ڪندو! ڪنهن کي خبر هئي ته هي ڊاڪٽر
جلاد آهي! ڊاڪٽر ويندي مهل لڇ پڇ بند ڪرڻ لاءِ
مارفيا
(Marphia)
جي سئي هڻڻ لاءِ چئي ويو. نرس آئي سئي هنيائين ۽
روشن سمهي پئي. آءٌ ڪجهه وقت ويٺو رهيس ۽ پوءِ
موٽي آيس. شام جو ويس ته روشن اڃان هاڻي سئيءَ جي
اثر مان اٿي هئي. هوءَ پيٽ سور جي شڪايت ڪري رهي
هئي. جيتوڻيڪ درد سندس جگر ۾ هو- جگر جيڪو ڊاڪٽر
جي لاپرواهيءَ سبب اڳي کان وڌيڪ خراب ٿي ويو هو-
جگر جنهن تي هن هزارين گهاؤ سٺا هئا. جگر جنهن ڳهي
ڳهي ٿڪجي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. جگر جنهن جي تڪليف کي
ڊاڪٽر ڪا تڪليف ئي ڪانه پئي سمجهيو. آءٌ روشن جو
لڇڻ پڇڻ وڌيڪ ڪين سهي سگهيس ۽ اسحاق کان موڪلايم.
”مون لاءِ ڪو ڪم هجئي ته چئو“. مون ڀڻڪيو.
”نه ڪوئي ڪونهي“ اسحاق منجهيل من سان چيو.
”چڱو ڀلا ڪو ٿي پويئي ته مونکي سڌ ڪناءِ“، چئي آءٌ
گهر ڏانهن هليس. ياد نه اٿم ته ان بعد ڪيڏانهن ويس
۽ ڇا ڪيم. رات جو ٻارهين لڳي مٿي جي سور کان بيتاب
ٿي آءٌ گهران هيٺ لٿس ته ڪنهن هوٽل مان چانهه پي
اچان. موٽيس ته ادا ٻڌايو.....
ها، هن ٻڌايو ته اسحاق آيو هو ۽ ...... منحوس
خبر.... 5 منٽن ۾ آءٌ اسپتال پهتس. روشن کٽ تي
ليٽي پيئي هئي. سڌي سنواٽي، بس فقط ساهه ڪين پئي
کنيائين ۽ سيرانديءَ کان ماسيءَ ويٺي ڪڏهن قرآن ٿي
پڙهيو ته ڪڏهن روئڻ ٿي شروع ڪيو. آءٌ ڪمري ۾ گهڙي
ائين بيهي رهيس ڄڻ ڪا سوال جي نشاني هجان. ادا
مونسان گڏ آيو هو سو منهنجي پٺيان بيٺو هو ۽ آءٌ
بيٺو رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ مون ائين محسوس ڪيو
ڄڻ زمين منهنجي پيرن هيٺان کسڪي ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش
ڪري رهي هئي ۽ آءٌ ڀر ۾ پيل ڪرسي تي ويهي رهيس.
روشن ساهه بند ڪري ڇڏيو هو. منهنجي دل چيو جيڪر
آءٌ کيس چنبڙي پوان- ڌونڌاڙيان ۽ چوان ”ڇو
ڀيڻ!.... او ادي!.... ايتري ۾ ٿڪجي پئينءَ؟ اڃان
ته رات باقي هئي. اڃان ته لڙڻو هوءِ...... ايتري ۾
ٿڪجي پئين؟ اڃان ته صبح ڪونه ٿيو هو. اڃان ته
انڌير باقي هو.... تون ٿڪجي پئينءَ؟ ادي، اٿي!
اٿي، ادي! او ڀيڻ!..... روشن! ادي!.....
جيجي!..... ڀيڻ!..... اٿي! ڏس، اڃان لڙڻو آ“. لڙڪ
منهنجي اکين ۾ تري آيا ۽ مون
ڪنڌ ورائي اکيون ڇپڪي، پي ڇڏيا. ”بابي جي مرڻ تي
مون نير ڪين هاريا، هاڻي ڪئين هاريان“؛ دل ۾ خيال
آيو. لاري آئي، ڏولي آئي. روشن کي کٽ تان کڻي
ڏوليءَ ۾ وڌوسين. ڏولي کڻي لاريءَ ۾ رکي سين ۽ گهر
موٽي آياسين- گهر جتان جيئري جاڳندي روشن نڪتي هئي
۽ جتي مئل روشن موٽائي آياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو
روشن کي قبر ۾ وجهي مٿان رابيل جي گلن جو ڇٽ وجهي
ڇڏيائيون ۽ مون سوچيو ”روشن کي رابيل جي گلن سان
ڪيڏو پيار هو! ها... کيس رابيل جي گلن سان ڏاڍو
پيار هو ۽ زندگيءَ جي سمورن پورهين جي موٽ، کيس
رابيل جي گلن جو هي ڇٽ ئي ته مليو آهي“. روشن کي
دفنائي اڄ چوٿون ڏينهن آهي پر اڃان دل چويٿي ”روشن
مئي ئي ڪانه آهي“. سچ پچ روشن اَمر آهي- شهيد آهي-
ڪڏهن ڪانه مرندي... دل ٿي چوي.....
عبدالغفور انصاري
هڪ روشن ڏيو،
گل ٿي ويو
25 مئي 1955ع واري رات ڏاڍي خراب هئي. الائي ڇو
ننڊ ئي نه پئي آيم! جي اتفاق سان جهوٽو ٿي آيم ته
وري ڪونه ڪو ڀيانڪ خواب ڏسي ڇرڪ ڀري اٿي ٿي کڙو
ٿيس. پاسا ورائي سڄي رات ڪاٽيم. صبح جو سوير اٿي
ڏاڙهي لاهڻ جو سعيو ڪيم. اڃا صابڻ مس لڳايو هوم ته
رشيد کي اندر ڪمري ۾ ايندو ڏٺم. رشيد کي بي مهل بي
موقعي پاڻ وٽ ڏسي ائين محسوس ڪيم ته ڪا غير رواجي
ڳالهه ضرور آهي. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ”روشن هن
دنيا مان هميشھ لاءِ لاڏاڻو ڪري هلي ويئي هئي.“
اهڙي منحوس خبر تي اعتبار ئي نه پيو اچيم. نيٺ،
حفيظ پڪ ڏياري ته ظالم موت سنڌ جي اونداهي زمين جو
هڪ روشن چراغ گل ڪري چڪو هو.
خبر ٻڌي، سچ پچ، پيرن هيٺان زمين نڪري ويم. ڪجهه
به نه پيو سجهيم. ڏاڙهي لاهڻ لاءِ لڳايل صابڻ
لاهي، ڪم ڪاريون ملتوي ڪري، ڪمري ۾ ويهي رهيس ۽
رسالي ”شاگرد“ ۽ لاڪاليج مخزن ۾ آيل روشن جا فوٽا،
هر هر، ڏسڻ لڳس.
روشن جو نالو سنڌي عورتن جي تواريخ ۾ سونهري اکرن
۾ لکيو ويندو. روشن سچ پچ ته روشن هئي. ماڻهو
چوندا آهن ته هرڪو ماڻهو چاليهين پتي پنهنجي نالي
تي ڇڪ ڪندو آهي، پر روشن سڄي ساري روشن هئي. آزاد
خيالي، ايمانداري، اورچائي ۽ خوش خلقي ئي گڻ هئا
جن هن کي پنهنجي دوستن ۾ ايترو هر دل عزيز بڻايو
هو.
روشن سان منهنجي واقفيت گذريل سال لاڪاليج ۾ ٿي.
هوءَ ايل-ايل-بي جي شاگرد هجڻ سان گڏ ڪاليج يونين
جي اسسٽنٽ سيڪريٽري پڻ هئي.
هونئن ته ورهاڱي کان اڳ جڏهن روشن اڃا ڊي-جي-سنڌ
ڪاليج جي شاگرد هئي تڏهن هن جو سنڌي عورتن لاءِ
شايع ڪرايل رسالو ”ساٿي“ به پڙهيو هوم ۽ وقت به
وقت سندس لکيل مڌر گيت ۽ حقيقت افروز مضمون به
پڙهندو هوس، پر روشن سان روبرو واقفيت ۽ هنجي
شخصيت کي سمجهڻ جو موقعو گذريل سال مليم.
روشن جهڙي خوش خلق خاتون ڪا ورلي لڀندي ۽ آزاد
خيال به وري جهڙس ڪا لڀندي.
ڪاليج جي هر شغل ۾ حصو وٺڻ هوءَ پنهنجو فرض
سمجهندي هئي. ڇا راندين ۾، ڇا مجلسن ۽ ڇا محفلن ۾،
مطلب ته ڪاليج جي هر ڪاميابيءَ ۾ روشن جو هٿ ضرور
هوندو هو.
روشن وچولي گهراڻي جي هڪ ڇوڪري هوندي به پنهنجي
ڪوشش ۽ اورچائيءَ سان ايتري تعليم حاصل ڪئي هئي،
جيتري اڄ تائين ڪنهن سنڌي ڇوڪريءَ ڪانه حاصل ڪئي
آهي.
بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ايس.سي پاس ڪرڻ کانپوءِ
روشن ڪراچي يونيورسٽي مان بي.اي، بي.ٽي ۽
ايل.اي.بي جو پهريون سال پاس ڪيو هو. ان کانسواءِ
آمريڪا مان ٻارن جي نفسيات ۾ ڊپلوما به حاصل ڪئي
هئائين. ايل.اي..بي جي آخرين سال پاس ڪرڻ ۾ رڳا 5
مهينا هئس، جڏهن ظالم موت هنکي اها تمنا پوري ڪرڻ
نه ڏني ۽ هميشھ لاءِ ڪاليجن ۽ ڪتابن کان آجو ڪري
ڇڏيائين.
روشن هڪ سچي قوم پرست عورت هئي. سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ
هنکي بي پناهه محبت هئي. ڀٽائيءَ لاءِ خاص عقيدت
هئس. انهيءَ عقيدت جي ماتحت هن سنڌ مسلم لاڪاليج ۾
لطيف سوسائٽي برپا ڪئي جنهن جي هوءَ پهرين
سيڪريٽري هئي.
چالاڻي کان فقط چند مهينا اڳ هن ڪاليج ۾ يوم لطيف
ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. انهي جلسي جي ڪاميابيءَ لاءِ
هن سر ٽوڙ ڪوشش ڪئي. نيٺ جلسو اهڙو ٿيو جهڙو
ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ شايد ڪو ٿيو هجي. جلسي ۾ هن
شاهه صاحب جي تعليمات تي هلڻ لاءِ تلقين ڪئي. جلسي
جي ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ حد کان وڌيڪ خوش هئي.
ائين معلوم ٿي رهيو هو ڄڻ هن شاهه جي ورسي ملهائي
قو م ڏانهن هڪ ضروري فرض پورو ڪيو هجي. شريمتي
سشيلا مهتاڻي جي ڳايل وجد آموز شاهه جي ڪلام هن تي
ايترو ته اثر ڪيو جو هوءَ انکي چئي رهي هئي، ”ڀيڻ،
اڳتي آءٌ تو وٽ اچي شاهه جو ڪلام ڳائڻ سکنديس.“
روشن کي سنڌي قوم لاءِ زبردست اونو هو. خاص ڪري
زناني طبقي لاءِ روشن کي اها ڳالهه ڏاڍو ڏک
پهچائيندي هئي ته اڪثر ڪري سنڌي، خاص ڪري زالون
ذهني، سماجي ۽ سياسي طرح تمام پٺتي پيل آهن. روشن
پڪو پهه ڪيو هو ته تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هوءَ
عملي طرح سنڌي عورتن ۾ ڪم ڪندي ۽ باقي زندگي انهن
۾ ذهني، سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ لاءِ جدوجهد ۾
صرف ڪندي. پنهنجي وس ۽ حيثيت آهر هن اهو ڪم شروع
به ڪيو هو ۽ ڪافي ڪاميابيءَ جا آثار اڳيان آيا
هئس.
روشن مذهبي تنگ نظري، پرده، گهڻين شادين، مائٽن جو
اولاد جي شاديءَ ۾ دخل ڏيڻ ۽ ٻين خراب رسمن جي
بلڪل خلاف هئي. هوءَ چوندي هئي ته اهي ڳالهيون
اسانجي سماج لاءِ ڪئنسر
(Cancer)
مثل آهن ۽ انهن جي پاڙ پٽڻ سان ئي اسانجو ملڪ بي
پناهه ترقي ڪري سگهي ٿو. هوءَ خود به انهن بدعتن
کان پاڪ هئي. هنجي وفات کان صرف ٻه ٽي ڏينهن اڳ
مان سندس طبع پرسيءَ لاءِ اسپتال ۾ ويس. هوءَ
بيماريءَ سبب ڪافي لهڪارجي وئي هئي، پر تنهن هوندي
به هن مرڪ سان منهنجي آجيان ڪئي. ان وقت به هن سان
جيڪي ڳالهيون ٿيون تن مان ائين معلوم ٿي رهيو هئو
ته هن کي موت جي بستري تي به قوم لاءِ بي حد اونو
آهي. روشن جي والده ماجده هن جي خدمت لاءِ اسپتال
۾ موجود هئي. هن ڪجهه ڌاڳا ۽ ڳانا ٺاهي روشن جي
گلي ۾ پاتا هئا. شايد اهي ڪنهن پير جا پڙهيل هئا.
اهي ڌاڳا ڏسي روشن کان پڇيم ”ڇا تون به انهن ۾
اعتقاد رکين ٿي؟“ جواب ڏنائين ”ڄاڻان ٿي ته اهي
ڌاڳا بلڪل بيڪار آهن پر امان رجعت پسند آهي،
انهيءَ زور ڪري ٻڌا آهن. مان به اهي محض هن ڪري نه
ٿي لاهي ڦٽو ڪريان جو اهي گهٽ ۾ گهٽ امان جي دل کي
آٿت ڏين ٿا“.
روشن گهڻا ملڪ ڏٺا هئا. آمريڪا، تعليمي دوري تي
وئي هئي، موٽندي يورپ جو سير به ڪيو هئائين. وفات
کان صرف مهينو اڳ هوءَ شاگردن جي هڪ وفد سان سلون
وئي هئي. سلون وڃڻ لاءِ هن کي ڪافي شوق ۽ اشتياق
هئو. اڃان به ارادو هوس ته هڪ وفد ٺاهي وچ مشرق جي
دوري تي هلجي، ڄڻ يمراج ديوتا هنکي چئي رهيو هئو
”روشن ڏسي وٺ جيڪي ڏسڻو اٿئي متان مان توکي اڳ ئي
ڪيڏانهن کڻي وڃان ۽ تنهنجا ڪي ارادا اڌورا رهجي
وڃن“.
وفات کان ڪجهه اڳ، اڃان به سال 1955ع جي شروع کان
وٺي روشن جي طبيعت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويو هو. هوءَ
حد کان وڌيڪ سٺي
(Too Good)
ٿي پئي هئي. دوستن ۽ احبابن ۾ ڪافي چاهه وٺڻ لڳي
هئي. ڄڻ موت جي فرشتي هن کي اڳ ۾ ڄاڻ ڪري ڇڏيو هجي
ته ”اي روشن! ڪر، جيڪي ڪرڻو اٿيئي. مان تنهنجو
مهمان آهيان ۽ جلد ئي توکي دوستن جي دائري کان دور
وٺي ويندس“.
روشن مسٽر اسحاق خواجه جي رفيقه حيات هئي. مسٽر
اسحاق به روشن وانگر رلڻو ملڻو ۽ آزاد خيال آهي.
روشن جي اسحاق سان شادي هنجي پنهنجي پسند جو نتيجو
هئي. روشن ۽ اسحاق جي رفاقت کي ڪامياب ازدواجي
زندگي ڪوٺي سگهجي ٿو. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، روشن
۽ اسان شاديءَ جي مسئلي تي ڳالهائي رهيا هئاسين.
ڳالهين ڳالهين ۾ روشن جذباتي ٿي وئي ۽ چيائين ”جي
اسحاق اتفاق سان وفات به ڪري وڃي ته مان ٻي شادي
هرگز ڪين ڪندس.“
چوندا آهن ته چڱن ماڻهن جي حياتي ٿئي چند ڏينهن،
روشن به چڱي هئي سو ملڪ الموت هنکي ٽيهن ورهين جي
ننڍي ڄمار ۾ ابدي آرام لاءِ وٺي ويو.
اي موت! توتي شل موت اچي!!. جو ڀلن انسانن کي
انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏيڻ
يا دنيا کان دور ڪريو ڇڏين!!!
سچ چيو آهي قليچ:
”اهل جي علم عقل جا آهن موت جلدي اچي انهن کي پيش،
احمقن وٽ اچي مج عزرائيل ڄڻ ته آهي اهو انهنجو
خريش“
مبارڪ اياز
لطيفه خانم؛ سليم خواجه
نيرن لڙي
صبح جي جهيڻي جهيڻي روشني آهستي آهستي پکڙندي ٿي
ويئي، پر ڪنهن گهر ۾ رات جي انڌوڪار پنهنجو آستانو
اڏيو هو ۽ جڏهن سڄي دنيا نندرا ديويءَ جي گود مان
ڪر موڙي اٿي رهي هئي ته ڪو دائمي ننڊ سمهي چڪو هو.
هڪ اهڙي صبح جو آءٌ اڃان هنڌ ۾ ئي پئي هيس ته
مونکي ٻڌايو ويو ته روشن فوت ٿي ويئي..... روشن
فوت ٿي وئي!..... روشن مري سگهي ٿي؟..... منهنجا
ڄڻ حواس گم ٿي ويا!.... ڪيئن يقين ڪيان ها؟.....
هڪ کل مک مرڪندڙ مکڙو منهنجي اڳيان ڦري ويو. روشن،
جا پنهنجي گهر جي روشني، ڪاليج جي رونق ۽ محفلن جي
جان هئي سان ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟...... روشن،
جيڪا زنده دل هئي، هر شئي جي شوقين هئي، کائڻ جي،
پهرڻ جي، پڙهڻ، کيڏڻ گهمڻ، سئر ڪرڻ ۽ شين جمع ڪرڻ
جي- اها روشن، پنهنجي هر شوق کي ختم ڪري، پنهنجي
هر شئي کي ڇڏي ڪيئن وڃي سگهي ٿي؟..... ۽ اگر اهو
ممڪن آهي ته پوءِ زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو!.......
۽ پوءِ مون سوچيو- سڀان آءٌ به ائين مري ويندس، هر
شخص ختم ٿي ويندو ۽ دنيا جو نظام ائين ئي برقرار
رهندو...... زندگي ڪيڏي نه بي اعتماد ۽ فاني آهي!
۽ آءٌ ويچار ۾ پئجي ويس- روشن...... روشن.....
1953ع جي ڳالهه آ، جڏهن مان لاڪاليج ۾ داخل ٿي
هيس. رات جو پڙهائي ٿيندي هئي، تنهنڪري ڇوڪرين
لاءِ اچڻ وڃڻ نهايت ڏکي ڳالهه هئي. مون ڏاڍي مشڪل
سان اچڻ وڃڻ جو بندوبست ڪيو هو. ٿورڙا ڏينهن گذريا
ته ڪاليج جي ڇوڪرين ۾ هڪ ڄڻي ٻي به وڌي- ڀريل
منهن، کليل رنگ، ڊگهو قد، موزون جسم. سڀني ڇوڪرين
انهيءَ نئين آيل ساهيڙيءَ جي آجيان ڪئي ۽ سڀني هڪ
عجيب دلچسپي محسوس ڪئي. توهان جو نالو؟ بي اي ڪٿان
پاس ڪيو؟ اهڙا ٻيا ڪيترا سوال وسڪارا ڪري وسڻ لڳا
۽ جواب ۾ ڊگرين جي ڊگهي وچور ٻڌي سڀ رعب ۾ اچي
ويونسين. ”گهر ڪٿي اٿو؟“ اهو منهنجو سوال هيو،
”کاري در تي“ هن وراڻيو ”ته پوءِ پاڻ پاڙيسري
آهيون“ مون چيو.
روشن سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي پر انهيءَ
پهرين ملاقات ۾ ئي هن مونکي پنهنجو ڪري ورتو هو.
موٽ تي هوءَ مونکي پاڻ سان ڪار ۾ وهاري گهر کڻي
آئي ۽ اهڙي طرح ملاقاتن جي ڏورهڪ ڊگهي زنجير جيان
سنورندي آئي ۽ اسانجي دوستي پائيدار ٿي. مونکي
تڏهن ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اسان هميشھ کان هڪ هيون
سين. اسانجي دماغن ۾ هڪ ئي قسم جا خيال پيدا ٿيندا
هئا. هوءَ پنهنجي ماحول کي ڏسندي، ان بابت سوچيندي
۽ محسوس ڪندي هئي. غريبن جي دکن دردن کي ڏسي هن جي
دل ۾ به درد ٿيندو هو ۽ هوءَ اميرن کي پار ڪڍڻ
لڳندي هئي. اسانجي ڳالهين جي ڪا پڄاڻي ئي ڪانه
هوندي هئي، کٽنديون ئي ڪين هيون پر اهي هونديون
هميشھ اسان جي ملڪ جي غلط نظام بابت هيون جنهن جي
سبب کان هڪڙا بک پيا مرن ته ٻيا عيش پيا ڪن. سياست
توڙي سياحت، راند روند خواهه موسيقي، روشن کي هر
شئي سان دلچسپي هئي. سياست تي جڏهن گفتگو ٿيندي
هئي ته روشن انهيءَ موضوع جي اٿاهه گهراين ۾ ڪاهي
پوندي هئي. هوءَ چڱو چوکو ڳائي ڄاڻندي هئي ۽
راندين ۾ ته هن الائجي ڪيترا انعام حاصل ڪيا هئا.
ڏيساور جي سياحت جا به هن کي چڱا موقعا مليا.
اڃان روشن سان ملاقات ٿئي ڪو گهڻو عرصو ڪين ٿيو
هو، شايد هڪ مهينو ٿيو هو ته هوءَ آمريڪا وڃڻ لاءِ
تيار ٿي. وڃڻ کان اڳ هوءَ منهنجي ماءُ وٽ آئي ۽
چيائين ”آءٌ وڃان ٿي آمريڪا پر اسحاق روزانو لطيفه
کي ڪاليج مان موٽائي گهر ڇڏي پيو ويندو. اوهان هن
تي ڀروسو ڪجو، هو نهايت شريف انسان آهي.“ انهيءَ
واقعي کان آءٌ ڏاڍي متاثر ٿيس ۽ ٻنهي لاءِ مانُ،
منهنجي دل ۾ وڌي ويو. پنهنجي مڙس تي ايترو ڀروسو
مون ٻيءَ ڪنهن عورت ۾ ڪين ڏٺو ۽ ائين ئي محسوس
ڪيان ته روشن جي مڙس جي شرافت جو سبب ئي روشن جو
اهڙو اعتماد ۽ ڀروسو هو. زال آمريڪا وڃڻ لاءِ
سنبري ته اسحاق هر ڪم پنهنجي روشن خياليءَ کان ڪم
وٺي خوشيءَ سان ڪيو. زال مڙس ۾ ايترو ايڪو ۽ ڀروسو
ورلي ڪٿي نظر ايندو. ٻنهي هڪ ٻئي جي ڀروسي کي ڪٿي
به چوٽ ڪين رسائي.
هڪ ڏينهن اسحاق چيو ”منهنجي ڪا ڀيڻ ئي ڪانهي. هڪڙي
هئي سا به هميشھ لاءِ جدا ٿي وئي“. ائين چئي
مونکان هن ڀيڻ جي سڪ طلبي هئي. اهڙو سٺو ڀاءُ ملڻ
تي مونکي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي پئي سگهيو؟ ۽ انهيءَ
ڏينهن کان روشن منهنجي ڀاڄائي ٿي پئي هئي. مونکي
پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ تي فخر هو. هونءَ ته اسحاق
ڀائو هر ڇوڪريءَ جو جڳت ڀائو آهي ۽ هر موقعي تي
ڀائپڻو نڀائي ڄاڻي پر اسانجي حالت ۾ ائين پئي
ڀاسيو ڄڻ سچ پچ رت جي رشتي سان وچڙيل آهيون.
جيڏانهن به وڃڻو هوندو ته گڏ ويندا هئاسين. ڪابه
پڪنڪ هجي، پارٽي هجي، يا ڪا ٻي تقريب هجي، روشن
مونکي نه وساريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو
هو ته اوچتو ئي اوچتو روشن ڪار آڻي در تي جهليندي
هيم ۽ هارن وڄائي اشاري سان سڏ ڪندي هئي. اهو
سمجهي ته ڪنهن ڪم سانگي آئي هوندي يا ڪا ڳالهه
پڇڻي هوندس، آءٌ جنهن به حال ۾ هجان هيٺ لهي ايندي
هيس ۽ هوءَ زوريءَ ڪار ۾ ويهاري هلي هلندي هئي.
”ڪاڏي ٿا هلو“، آءٌ مونجهاري وچان ٻاڏائي چوندي
هيس ته روشن جهٽ چوندي هئي ”توکي پنهنجي ڀاءُ ۽
ڀاڄائيءَ تي به وٺي وڃي سگهون ٿا جتي توکي نه وڃڻ
گهرجي؟ ۽ پوءِ اسين فريئر هال جي باغيچي ۾ هوندا
هئاسين يا ڪلفٽن جي ڪناري تي.
وڃڻ کي روشن اڄ اسان کان جدا ٿي وئي آهي پر هنجي
سڪ ۽ محبت جا ٽم ٽم ڪندڙ ديپ منهنجي من ۾ اڃان
واسو ڪيو ويٺا آهن. روشن جيتوڻيڪ سنڌڻ هئي پر
جيڪڏهن اسين سندس ملڻ جلڻ وارن جي محفلن ۽ حبيبن
تي نظر ڪيون ته سندس وطن بابت ڪڇڻ مشڪل ٿي پوندو.
هوءَ بي تعصب ۽ روشن خيال هئي. هن جي سڪ دنيا جي
نقشي تي پيل ليڪن سان محدود نه ٿي سگهي هئي. هوءَ
هر انهيءَ فرد کي پيار ڪندي هئي جيڪو انسان چوائڻ
جو مستحق هجي ۽ هن جو ڪو ڪنارو ئي ڪين هجي. ڪڏهن
ڪڏهن چرچي ۾ هوءَ مونکي ”پناهگير“ ڪوٺيندي هئي. پر
هن جي انهيءَ لفظ (پناهگير) ۾ ايڏي ته سڪ سمايل
هوندي هئي جو آءٌ اڄ به انهي لاءِ وياڪل آهيان. دل
ٿي چوي جيڪو اڄ به ڪو انهيءَ ساڳي سڪ ۽ خلوص سان
مونکي ”پناهگير“ چئي پڪاري! پر هاڻي ڪجهه به نه
رهيو آهي. بس روشن جا مڌر ٻول منهنجي ڪنن ۾ مٺڙن
گيتن جيان پيا گونجن. روشن جڏهن آمريڪا ۾ هئي ته
مون کيس هڪ خط ۾ لکيو ته ”اسحاق ڀائو اوهانکي هر
وقت ياد پيو ڪري ۽ اوهانجي جدائيءَ ۾ ڏاڍو ويڳاڻو
آهي“. روشن جڏهن موٽي آئي ته چيائين ”تو ائين ڇو
لکيو هو؟ مون جڏهن اهو پڙهيو ته منهنجا ڳوڙها جهل
ئي نه پيا ڏين. ڪنهن به محفل ۾ ويندي هيس ته اکيون
ڀني پونديون هيون“.
روشن خوش نصيب هئي. هن جيڪي چاهيو، سو کيس مليو.
ڍڳ جيتريون ڊگريون حاصل ڪيائين، اڌ دنيا جو سير
ڪيائين ۽ پئسو جيترو گهربو هيس سو مليس. هوءَ اڪثر
چوندي هئي ”منهنجي هر آرزو پوري ٿي وئي آهي، سواءِ
انهيءَ جي ته آءٌ اسحاق کي هڪ ننڍڙو ٻار تحفو ڪري
پيش ڪيان“. هوءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اسحاق ڀاوءَ
لاءِ هر قسم جا تحفا کڻي آئي پر هن تحفي جو ارمان
روشن سان گڏ مڻن مٽي هيٺ پورجي ويو. هڪ دفعي اسحاق
ڀائو ڏاڍو بيمار ٿي پيو. سندس زندگي خطري ۾ هئي.
روشن روئڻ لڳي ۽ چيائين ”شل هن جو وار ونگو نه
ٿئي. هن کانسواءِ آءٌ جي ڇا ڪندس؟“ ۽ آخر هن جي
ڳالهه پوري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن روشن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪن
ڳالهين تان متڀيد ٿي پوندو پر جنهن ڏانوَ سان روشن
انهن مونجهارن کي سلجهائيندي هئي سو سندس ئي ورثو
هو.
روشن سڄي عمر امتحان ڏيندي رهي. مون هڪ لڱا کيس
چيو ”ايترو پڙهڻ مان ڇا ورندو؟“ چوڻ لڳي ”لطيفه!
علم جي ڪا انتها ڪانهي“ ۽ اڄ آءٌ ويچاريان ٿي، سچ
پچ علم جي ڪا انتها ڪانهي. روشن بلڪل ٻالڪ اوستا
کان وٺي مرڻ تائين علم حاصل ڪندي رهي پر هي بحر
اڃان ائين ئي ڇوليون پيو ڇلڪائي.
روشن ڇو مري وئي، ڪيئن مري وئي، سو ڪوبه ڪين ٿو
ڄاڻي. ڊاڪٽر هن جو مرض سمجهڻ ۾ ناڪام ٿيا هئا ۽
الائجي ڪهڙين بيمارين جو علاج ڪندا رهيا. جڏهن
روشن سيلون مان موٽي (پهرين اپريل 1955) ته آءٌ هن
سان ملڻ ويس. پهرين کان مڙيو ئي لٿل پئي نظر آئي.
چوڻ لڳي ”مان اڃان ڪجهه ٿڪل آهيان، ٿڪ لهي ته پوءِ
توکي اهو سامان ۽ شيون ڏيکاريندس جيڪي سيلون مان
وٺي آئي آهيان. مونکي منهنجي ماءُ ته ڏاج ۾ ايترا
ڪپڙا ڪين ڏنا هئا، مان هاڻي پنهنجو ڏاج وٺي آئي
آهيان. هڪ ٻه ڏينهن ترسي سڀ شيون ڪڍي ٻاهر رکندس
پوءِ توکي هڪ هڪ ڪري ڏيکاريندس.
پر روشن جو ٿڪ ڪڏهن نه لٿو. هوءَ انهن شين کي ڪڏهن
به ٻاهر ڪين ڪڍي سگهي. هن جو سمورو ڏاجو پيتين ۾
ئي بند رهيو- ڪنهن نه ڏٺو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻا آءٌ
هن جي گهر ويس ته معلوم ٿيو ته مليريا ٿي پئي اٿس.
انهيءَ ڏينهن روشن کي تمام گهڻو بخار هو. ٻئي
ڏينهن ويس ته بخار لهي ويو هيس. ان بعد هڪڙي ڏينهن
ويس ته نوڪراڻيءَ کان زور پئي ڏياري. چوڻ لڳي ته
”بخار ته لهي ويو اٿم پر اڃا ڪمزوري ڏاڍي اٿم. مٿي
۽ لڱن جو سور ته لهي ئي ڪين ٿو.“ ان بعد مونکي
ايتريون مصروفيتون رهيون جو آءٌ ڪيترا ڏينهن روشن
وٽ ڪين وڃي سگهيس. وري هڪ ڏينهن ويس ته بستري داخل
هئي. مو نکي ڏٺائين پر ڳالهه ٻولهه ڪانه ڪيائين.
نهايت ڪمزور ٿي وئي هئي. پڇڻ تي خبر پئي ته مدي
جو تپ ٿي پيو هيس تنهنڪري مونکي دلجاءِ ٿي. ان بعد
عيد جي ڏينهن (24 مئي 1955) تي روشن جو احوال
معلوم ڪرڻ لاءِ پهر
اماڻيم. پتو پيو ته هوءَ ڪيترن ڏينهن کان اسپتال ۾
هئي. ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ ملڻ لاءِ ويس پر هوءَ
مارفيا
(Marphia)
جي سئي لڳل هجڻ سبب ستي پئي هئي. مونکي ڪمري ۾
اندر وڃڻ جي اجازت ڪانه ملي ۽ آءٌ کيس رڳو دريءَ
کان ڏسي سگهيس. مون نه پئي سمجهيو ته ڪو روشن جي
حالت اهـڙي خراب آهي جو ٻئي ڏينهن مونکي سندس موت
جي منحوس خبر ٻڌڻي پوندي. آءٌ روشن جي موت جي
ڳالهه تي ڪيئن يقين ڪري سگهان ها، جڏهن روشن کي
پاڻ ئي موت جو تر جيترو به خيال ڪين هو. روشن جي
مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ماءُ، ڌيءَ جي حالت تي
هنجون هارڻ ويٺي ته هوءَ سمجهائڻ لڳس. ”روئين ڇو
ٿي؟ مان ته بلڪل چاڪ آهيان- ڪجهه ڪونه ٿيندم.“
جنهن کي پنهنجي زندگيءَ تي ايترو ڀروسو هو تنهن کي
موت ڪيئن شڪست ڏني؟..... ڪيئن مڃيان ته روشن هن
دنيا ۾ موجود ڪانهي؟.... پر هي نير..... منهنجي
اکڙين مان اٺل لڙيون.... آهه! هي مونکي ور ور ڪري
اها ڳالهه پيا ياد ڏيارن جنهن کي آءٌ وسارڻ ٿي
گهران.
طلعت قريشي
هاءِ روشن!
وقت پنهنجي تيز رفتاريءَ سان گذرندو ٿو وڃي. سبان
امتحان آهي. ڪمبخت امتحان دماغ ئي چٽي ڇڏيو آهي.
هر شئي کان ريڳاڻو ڪري ڇڏيو اٿس. عيد آئي ۽ هلي به
وئي پر مونکي ڪا ڪل به ڪانه رهيءَ ساهيڙيون
سالڻيون به منهنجي مشغوليت ورخيال ڪري چپ رهيون ۽
آءٌ سمورو وقت پنهنجي پڙهڻ ۾ مست رهيس.
گهڙيال صبح جي پههر ۾ پنج ڌڪ هنيا. منهنجي ڪمري جي
ٻاهران ڪنهن جي قلمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ بابو
سائين ڪمري ۾ پيهي آيو. سندس منهن اداس هيو ۽ ائين
پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڏک ۽ درد جا جهڙ سندس من تي
ڇانيل آهن. مونکي تعجب ليو ۽ مون سراپا سوال بڻجي
چيو ”خير؟“ ”تنهنجي پياري ساهيڙي روشن اڄ هن دنيا
۾ نه رهي.....“ جملو اڃا پوروڪين ٿيو هيو پر مون
ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن به گولو کڻي منهنجي مٿان
اڇلايو هو. منهن جي نظرن آڏو اونداها جهڙ ڇائنجي
ويا. ڪتاب هنڌ مان ڇڏائجي ويو. ڪير ڄاڻي هوش ۾ هيس
يا تهوش پرور ور ڪري اهوئي پئي چيم ته ائين ٿي ڪين
ٿو سگهي. اڃا سلون مان آئي ئي هن کي مهينو سوا مس
ٿيو هيو. ايتري مخلص ۽ نوعمر هستي دنيا مان ايترو
جلد هلي ويندي، سو دل ئي قبول ڪين پئي ڪري. ٻن
سالن جو عرصو جيڪو روشن سان گڏ گذارنو هيم دماغ تي
ٽلڻ لڳو. ور ور ڪري گذريل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.
لاڪاليج ۾ پڙهندي، قانون جي پهرئين سال ۾ ئي اسان
ٻنهي جو ساٿ ٿيو. منڍ ۾ ايترو بي تڪلف ڪين هيوسين
پر پوءِ ڏاڍي گهاٽي ڇڻي. مسٽر اسحاق به اسان سان
گڏ پڙهندو هيو. ٻئي پنهنجو مٽ پاڻ هيا. روشن
جيڪڏهن هيري ڪڻي هئي ته اسحاق ياقوت هيو. هو ٻئي
نه رڳو رال مڙس هيا پر هڪ ٻئي لاءِ نهايت مخلص
دوست ۽ گهڻگهرا ساٿي پڻ هيا. هڪ جي خوشي ٻئي لاءِ
خوشي هئي، هڪ جو غم ٻئي لاءِ غم هيو. هر وقت کلڻ
ڳالهائڻ ٻنهي جو شعار هيو. کل مکه هستين سان پريت
وڌائڻ سڀ ڪنهن کي وڻندي آهي ۽ اهڙي طرح سندس
پريمين جو تعداد حد کان وڌي ويو هيو. انهيءَ ڳالهه
جو اندارو روشن جي موت بعد ٿيو؛ جڏهن انبوهه ماڻهن
جا رُشن کي سندس آخري منزل تي رسائڻ لاءِ آيا.
روشن کي پنهنجي ساهڙان سان ايترو پيار هيو جو هڪ
هڪ لاءِ ساه ڏيڻ سولو سمجهندي هئي. ڪنهن کي جيڪڏهن
ڪاليج ۾ داخلا ملڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پئجي ويندي هئي ته
روشن ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ان گڏ، پرنسيپل جي ڪمري
ٻاهران بيهي ارسيڙو ڪڍندي هئي. ڪنهن کي اسڪالرشپ
ولي ڏيڻ لاءِ پئي پاڻ پتوڙيندي، ڪنهن کي هڙئون مدد
ڪندي ۽ ڪنهن جي بيماريءَ لاءِ دوائن ۽ انجيڪشنن جي
ڳڻ ڳوت ۾ رهندي. اسڪولن جي ماستراڻين جا ڪم پاڻ ته
ڪندي ئي هئي پر پنهنجي مڙس سان به ضد ڪري انهن جا
ڪم ڪرائي وٺندي هئي. ۽ اهڙي طرح سندس پيار ۾ وچڙيل
۽ همدردين ۾ ڦاٿل انسانن جو ڪو اندارو ئي ڪين هيو.
روشن نه رڳو هڪ سٺي شاگرد، هڪ اسڪولن جي
انسپيڪٽريس، هڪ سوشل ورڪم، هڪ مخلص زال، هڪ پياري
ساهيڙي هئي باڪ انهيءَ کان به وڌ هئي. هوءَ در اصل
انساني لباس ۾ فرشتو هئي. خدا جي طرفان موڪليل
فرشتو، جيڪو بندن جي رهنمائئي ڪري موٽي ويندو آهي،
پنهنجي نيڪ روشن سان ٻين لاءِ راهه سنواريندو آهي.
روشن سچ پچ هڪ فرشتو هئي. جنهن جي زندگي ڪاميابيءَ
جو کليل باب آهي، جنهن جو موت اسان لاءِ هڪ سبق
آهي. دراصل هن جي زندگي به ڪامياب هئي، هن جو موت
به ڪامياب ٿيو. روشن ڪڏهن نه ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو
ئي ڪين.
روشن جو ڳالهيون ۽ هن جي مختصر زندگي رڳو هڪ
پريشان خواب نه آهن بلڪ زندگي ۽ ان جون حقيقتون
بڻجي پنهنجي پوري عربانيءَ سان ظاهر آهن.
هوءَ هر شام جو لاڪاليج ۾ ايندي هئي، پنهنجي هر
ڪلاس خواه ٻين سان نهايت خلوص سان ڳالهائيندي هئي.
هڪ ڏينهن شام جو آءٌ ڪاليج ۾ وقت کان اڳ پهتس.
مونکي ڏسي چيائين ”طلعت! ڇو تون ڪالهه ڪانه آئي
هئينءَ؟“
مون چيو، ”ناظم آباد مان ڪاليج اچڻ قيامت ڪاٽڻ کان
گهٽ نه آهي ڪونه. ٿورڙي طبيعت سست ٿي نه آ، ته
ڪاليج گول!“ تنهن تي روشن ڏاڍو کلي. مون چيو
”روشن! پڙهائي شروع ٿيڻ ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ پيو آهي،
اچ ته ڪي ڪم جون ڳالهيون ڪيون! چڱو ڀلا ٻڌاءِ! تون
شروع کان ئي ڪراچيءَ ۾ رهي آهين ڪي پهرين سنڌ ۾
رهندي هئينءَ؟“ روشن تنهن تي بي ڌڙڪ چوڻ شروع ڪيو
”آءٌ اصل شڪار پورڻ آهيان. ڪراچي پڙهڻ لاءِ آئي
هيس ۽ بي- ايس- سي پاس ڪري ڳوٺ موٽي هيس. مسٽر
اسحاق سان شادي ٿيم ته وري موٽي آيس ۽ هتي پڪيءَ
طرح رهڻ لڳس. اسان ٻنهي جي طبيعتن ۾ ڇيد آهي ئي
ڪين. انهيءَ ڪري ئي شروع شروع جا مونجهارا سلجهي
ويا. مون پنهنجي تعليم پڻ جاري رکي. پي. ٽي
(B.T)
ڪيم ۽ اسڪولن جي انسپيڪٽريس مقرر ٿيس. ان بعد
ڌڻيءَ جي ڏني ڏوڪڙ، موٽ مان مرتبي جي ڪپي ڪانه
رهي. پري سان وقت پئي گذريو ته مسٽر اسحاق کي
وڪالت پڙهڻ جو شوق جاڳيو، مونکي به ريس ٿي. انهيءَ
کان سواءِ سانجهن جي مهل بيڪار وڃي تنهن کان بهتر
سمجهيوسين نه ڪپهه وڌيڪ علم پرائڻ ڀلي خرچ ڪجي.
اچان وڪالت پڙهڻ لاءِ لاڪاليج ۾ داخلا ورتي مهينو
به ڪين ٿيو هيو ته زندگيءَ جي ڪتاب ۾ هڪ نئون ورق
وري پيو. آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
مونکي چونڊيو ويو. ۽ آءُ پنجن نقطن واري پروگرام
هيٺ زراعت پڙهڻ هلي ويس. اتان وريم ته خيال ڪيم ته
وڪالت پڙهڻ ڇڏي ڏيان پر پوءِ توهان سڀني ڪاليج
يونين جي سيڪريٽري بڻجڻ لاءِ مجبور ڪيو، لاچار
ڳنڍي آيس.
مان تعجب ۾ پئجي روشن جي هڪ هڪ لفظ تي غور ڪري رهي
هيس: ايترڙي عمر ۾ ترقيءَ جون ايڏيون منزلون اڪرڻ
ڪا ٻاراڻي راند ڪانهي. روشن سچ پچ عام انسانن کان
بالاتر آهي. هن جو عقل ۽ فهم غير معمولي آهي. ڌڻي
کيس رکي، هوءَ ڪراچي سوشک يونين جي مشهور ڪارڪن پڻ
آهي. ماڻهو هن سان رشڪ ۽ حسد ڪرڻ لڳا آهن. عام
ماڻهن ۾ اهائي ته اوڻائي آهي ته پاڻ محنت ڪين ڪندا
پوءِ ٻين کي سهندا ڪين، آءٌ روشن جون ڳالهيون ٻڌي
ويچاري رهي هيس.
روشن جي هن غير معمولي ترقيءَ تي، مانجهادي کي
ساويل سمجهي سمهڻ وارا حيران هيا. پر کين ڪل ڪانه
هئي ته هوءَ چوويهن ڪلاڪن مان ارڙهن ڪلاڪ نيڻن جي
جوت جلائي، پڙهڻ بلي خرچ ڪندي هئي ۽ انهيءَ جي موٽ
۾ کيس اهي راحتون نصيب ٿيون هيون. دنيا ۾ دولت،
عزت ۽ آرام خواه عيش حد ڪرڻ سان سان نه پر پورهيو
ڪرڻ سان نصيب ٿين ٿا. روشن جفاڪش هئي. هن پورهيو
ڪري پنهنجي زندگيءَ کي ڪامياب بنايو مگر
افسوس..... قدرت هن کي ترقي ڪندو نه سهي سگهي.
شايد قدرت به رشڪ ڪندي آهي. هوءَ به بندن کي ترقي
ڪندي نٿي ڏٺو سهي ۽ انهن کي ڪيرڻ جو حيلو تلاش ٿي
ڪري. قدرت وٽ موت کان بهتر حيلو ٻيو ڪين آهي ۽
اهڙي طرح قدرت پنهنجي مقصد ۾ جلد ڪامياب ٿيو وڃي.
ڇا، سچ پچ روشن ختم ٿي وئي؟ ڇا هاڻي اهو مرڪندڙ
چهرو وري نظر ڪين ايندو؟ ڇا سندس، لفظ ”هيلو طلعت“
وري ڪين ٻڌي سگهنديس؟ ڇا هي سڀ خواب هو؟ ڪاش! خواب
ئي هجي ها، پر نه، حقيقت آهي ۽ مونکي لاچار مڃڻو
ٿو پوي. |