سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: تذڪره شعراءُ ٽکڙ

باب-1

صفحو :9

قاضي محمد دائو

حافظ حاجي ’حامد‘ جو ٻيو نمبر فرزند، محمد دائود، اٽڪل 1286هه ڌاري اڳينءَ ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. حافظ صاحب جي وفات کان ٿورو اڳ مٿس جيڪي زماني جا يڪا يڪ حوادث ٽٽا هئا، تن جو اثر سندس رحلت کان گهڻو عرصو پوءِ به سندس اولاد تي رهيو. گذر اوقات لاءِ هر ڪنهن پٽ پنهنجو پنهنجو طريقو اختيار ڪيو.

ملازمت: مرحوم محمد دائود سنڌي توڙي پارسي وغيره ۾ چڱي تعليم حاصل ڪئي هئي. پنهنجي خداداد همت ۽ دليريءَ ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو، جي پنهنجي محنت ۽ جانفشانيءَ سان ستن سالن جي قليل عرصي ۾ ڪنسٽيبل جي معمولي عهدي تان ترقي ڪري سب انسپيڪٽريءَ جي عهدي تي فائز ٿيو.

علم و ادب: گورنمينٽ ملازمت جي باوجود، سا به پوليس جي نوڪري، علمي شغل، جو سندس خاندان ۾ پشت بپشت هلندو پئي آيو، تنهن کي هٿان نه ڇڏيائين. جيتوڻيڪ پنهنجي وڏي ڀاءُ ’مخلص‘ جي ڪڙيءَ تي ڪڏهن به نه اچي سگهيو.

نثر نويسي: نثر ۾ ’مومن‘ ٽکڙائيءَ جي نالي سان، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا هئا.

شعر و شاعري: شعر ۾ ڪن ٿورن نظمن ۾ ’مومن‘ ۽ باقي ٻين ۾ ’دائود‘ تخلص اٿس. سندس ڪلام ڪو گهڻو ڪونه آهي. جيڪو ڪلام اٿس سو نهايت ساديءَ، سليس ۽ دلپسند سنڌيءَ ۾ آهي. چند غزل پارسي آميز به اٿس. دائود سنڌي ڏوهيڙا به چيا آهن، جن ۾ چڱو رس آهي. ٻين عشقيه غزلن سان گڏ، ’سهڻي ميهار‘، ’سسئي پنهون‘، ’ليلا چنيسر‘، ’عمر مارئي‘ وغيره تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس.

سندس بياض ”لحن دائود“ جي نالي سان سندس فرزند محمد خان ”غني“ وٽ موجود آهي.

طبعيت: سندس طبعيت نهايت سادي هئي. سڀ ڪنهن امير خواه غريب سان خنده پيشانيءَ سان پيش ايندو هو.

’دائود‘ صاحب 19 مارچ 1937ع ۾، خميس جي ڀلاري ڏينهن، اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو.

انتخاب

نهوڙي نيو، جکندن منهنجو جيءُ،

قضا جي قلم جو، پرو ڪونه پيو،

پارڻ سو پيو، جو لکيو لوح قلم ۾.

______

ڇولي ڇڏ مَ ڇپرين، مٺا هيءَ مُئي،

ڪر ڳنڍڻ جون ڳالهيون، ڪري دور دوئي،

جا تنهنجي سڱ سئي، سا ڇولي ڇڏ سم ڇپرين.

______

جي ڀانئين جت پسان، ته اتي ڏونگر ڏور،

ته مَنَ مرادون پُڄنَئي، هينئڙي لهنئي هور،

ڀوري ڇڏ ڀنڀور، ته پهچين پنهونءَ ڄام کي.

 

غزليات

اڄ مليو آهي دلاسو دوست جي ديدار جو،

نئون نياپو آهه پهتو مون پرينءَ جي پار جو.

سال ٿي جنهن لاءِ سڪيس ۽ ٿي گهنگهر ۾ گهاريم،

اڄ مليو انجام آهي دل گهرئي دلدار جو.

يار جي صورت ڏسي سڀ ڪو ڪري ساراه ٿو،

ڪونه مٽ آهي ڪٿي هن سونهن جي سردار جو.

منهنجي مشفق مه لقا جو ڪين مٽ ٿئي ماهتاب،

ٿئي جهڪو جلوو هتي هر حور جي جنسار جو.

دمبدم ”دائود“ جو هي عرض آهي رب کي،

شل رهي سايو سدائين دوست جي ديوار جو.

______

وڃي قاصد قريبن کي سڻائج سور سڀ ساري،

ته پريتم تو بنا پرديس ۾ ڳڻتين ڇڏيو ڳاري.

وساري تون رهئين ويهي، نه لڌيئي سار ڪا ساجن،

انهن دردن اندر دلي ڪريو ٻر ٻر ٿي ٻاڪاري.

سڪي سڪ ۾ ٿيس ساڻو نه تن ۾ ڪا رهي طاقت،

مٺا، ري منهن ڏسڻ تنهنجي ٿو مون کي موت اڄ ماري.

جيئڻ جنجل ٿيم جانب گهنگهر گهارڻ ٿيم گهڙيون،

کسي ”دائود“ جي جنهن دل ڪڏهين ايندو سو اوڀاري.

______

مٺا محبوب مون مسڪين کي ماڻن سان مارين ڇو،

آهن جي آسري تنهنجي ونهيل تن کي وسارين ڇو.

جدائيءَ ۾ جلڻ جي ناهه طاقت ڪا رهي تن ۾،

سڪن جي سڪ اندر تنهنجي، تِنهين سان گڏ نه گهارين ڇو.

رسڻ جون تون سکئين ڪنهن کان سڄڻ ريتون ۽ رمزون هي،

ڪيئي جي وصل جا وعدا، پيارل سي نه پارين ڇو.

وهايم رات اڄ ويهي تڪيندي يار ري تارا،

نِيئي ”دائود“ جي دلڙي وري سان تون نه وارين ڇو.

______

الاهي صبر ڏي عشقِ بتان ۾،

جڏهن ناهي اثر آه و فغان ۾.

نيو آرام منهنجو ان جي الفت،

لڳائي آڳ منهنجي آستان ۾.

وفا منهنجي ۽ ان جي بي وفائي،

انهيءَ جو ذڪر ٿيو پير و جوان ۾.

سدا معشوق مارن عاشقن کي،

ڏٺم چرچو اهو ساري جهان ۾.

ڪري دعويٰ ٿو هرڪو دوستيءَ جي،

مگر معلوم ٿيندو امتحان ۾.

نه ڪر دم دير تون مون سان ملڻ ۾،

رهي ڪجهه جان باقي نيم جان ۾.

ڪيان ڪئين درد جا ”دائود“ دارون،

فرق ڦڪين نه ڪيو دردِ نهان ۾.

سيد حاجي محمد حافظ شاهه

سيد الهه بخش شاهه جو چوٿون نمبر فرزند ۽ علامه اسدالله شاهه جو ڀاءُ، سيد حاجي محمد حافظ شاهه، 20 شوال المڪرم، 1287هه ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو.

تعليم و تربيت: کيس حافظ يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي قرآن ڪريم جي پڙهڻ سان گڏ، سنڌي ۽ پارسيءَ ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي، ”سراجي“ تائين پڙهيو.

مرشد وٺڻ: ٻين سيدن سان گڏ، حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿيو. نه رڳو مريد، پر حضرت صاحب جن جي مٿس هميشه مهر ۽ قرب جي نظر پڻ رهندي هئي. ساڻس گڏ ڪيترا دفعا ڪوئيٽا، ڪابل ۽ قنڌار وغيره جي سفر تي به ويو هو. حافظ شاهه جيتوڻيڪ نقشبندي هو، ۽ نقشبندي طريقي ۾ راڳ ۽ سماع حرام آهي، مگر پاڻ راڳ کي روح جي راحت سمجهيائين ٿي. اهوئي سبب هو جو سندس اوطاق هميشه راڳيندڙن، نڙاين ۽ بانسرين وارن سان ڀريل رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ ڏسبا هئا. ڪڏهن مداري، ڪڏهن ڏور ۽ بيت چوندڙ، ڪڏهن سگهڙ ۽ سچيت ماڻهو سندس اوطاق کي رونق بخشيندا رهيا. پرديسي ڳائڻا ۽ سگهڙ ايندا هئا، ته گهڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ رهندا هئا. پنهنجي هم مجلسن ان ايتري قدر انس ۽ محبت هوندي هيس، جو جيڪڏهن ڪوبه سيد سندس ڪنهن ساٿيءَ کي ڪم ڪار چوندو هو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، ۽ پاڻ انهيءَ سيد کي چوندو هو ته: ”ادا! آءٌ ٿو تنهنجو ڪم ڪريو اچان، باقي منهنجي ڪچهريءَ وارن کي تڪليف نه ڏي.“ جيڪڏهن وٽس روزانو ايندڙ ماڻهو ڪڏهن ڪچهريءَ تي نه آيو، ته صبح جو پاڻ انهيءَ جي گهر وڃي سندس خبر چار لهندو هو.

لباس: کيس بدن جي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رهندو هو. نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پهريندو هو. خوشبوءِ لڳائڻ سان خاص شوق هوس.

طبيعت: خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو به اهڙو هوندو هو، جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان هڪ دفعو ڳالهايائين ته اهو شخص سڄي عمر سندس دوست ٿي رهندو هو. خوش طبعي ۽ مذاق جو به ڪوڏيو هو. جنن ۽ ڀوتن جي اجاين ڳالهين تي اعتبار ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌندو هو ته جيسين انهيءَ ڳالهه جي پڪ نه ڪندو هو، تيسين سک ٿي نه سمهندو هو. سندس تحقيق کان پوءِ، اهڙيون ڳالهيون هميشه ڪوڙيون نڪرنديون هيون.

ٽکڙ ۾ راندين روندين کي حافظ شاهه ئي زور وٺايو هو. انهيءَ وقت ٽکڙ جا اٿي ڏڪر، ونجهه وٽي ۽ وڏ ڪٻل جا رانديگر، ٻئي هر ڪنهن ڳوٺ جي رانديگرن کان سٺا هئا. ٽکڙ ۾ انهيءَ وقت زبردست ملاکڙا لڳندا هئا. خود ٽکڙ ۾ جمعدار ستارو ميمڻ هڪ سٺو ملهه هو، جو حافظ شاهه جو خاص ماڻهو هو. حافظ شاهه جي ئي دم قدم سان اهي ملاکڙا لڳندا هئا.

غريبن سان همدردي: اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن به ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون، تڏهن انهن سخت برساتن ۾، هڪ شخص، لٺ هٿ ۾، گوڏ ٻڌل، هر ڪنهن غريب جي گهر وڃي سندس خبرگيري ڪندو هو ۽ پنهنجيءَ پڄتيءَ آهر سندن مدد ڪندو هو. اهو هو حافظ شاهه، جنهن جي دل ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ايڏي همدردي هوندي هئي.

وفات: حافظ شاهه 5 صفر 1337هه ۾ وفات ڪئي. کيس حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رحه واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

شعر و شاعري: حافظ حامد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٽکڙ جو شاعر، پنهنجي ڪلام ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري سگهيو آهي، يا جنهن جي ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان، دل ۾ جذب ۽ ڪيف پيدا ٿي سگهي ٿو، ته اهو حافظ شاهه ئي آهي.

شاعريءَ جي ابتدا: حافظ شاهه جي شاعريءَ جي شروعات بابت چيو ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن سير و تفريح ڪندي ”جون واهه“ جي ڪناري تي اچي نڪتو ۽ اتي ئي هڪ نازنين دوشيزه ڪپڙن ڌوئيندي سندس دل کي ڌتاري ورتو. سڄڻ جي سڪ ساڻ ڪري روئندو رهيو. برهه جي باهه ڀڙڪو کاڌو، ۽ شاهه صاحب هميشه لاءِ دل وڃائي ويٺو. لنوَ لڳائڻ لاءِ ته لڪ به ضروري هئي، مگر ماٺ ڪرڻ مان به ته ڪو درد جو درمان ٿي نٿي سگهيو. آخرڪار ننگ ۽ ناموس جا مڙيئي ٽڳا ٽوڙي ويٺو. کيس ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته: ’تنهنجي مرضي جو مداوا حضرت صاحب ئي آهي.‘ اها صلاح وٺي، پنهنجي عشق جو احوال پنهنجي پير طريقت اڳيان پيش ڪيائين. حضرت صاحب جن کيس دعا ڪئي ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس سوز ۽ درد شعر جي صورت اختيار ڪئي.

مجازي عشق ته اڳ ئي پيدا ٿي چڪو هو، ويتر جو مرشد مٿي تي هٿ ڦيريس، تنهن سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. غزل تمام گهٽ، باقي پنهنجي جهوني رنگ، مداحن ۽ ڪافين ڏي تمام گهڻو توجهه ڏنو اٿس. جڏهن عشق جي اندرين آڳ سندس صبر جو پيمانو لبريز ڪري وجهندي هئي، تڏهن اها آتش هزارين ارمان کڻيو، شعر جي قالب پلٽجي، سندس زبان مان ٻاهر نڪرندي هئي.

موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي هميشه ساڻ هوندا هئس، پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ انهن کي ياد به ڪرائيندو ويندو هو. ڪافين جو سُر به پاڻ ڪڍندو هو ۽ اول ڪافي به پاڻ ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ پو، هو سندس پٺيان ڳائيندا هئا.

سندس ڪافين ۾ ايتري ڪشش هوندي هئي، جو جيڪڏهن هڪ شام جو، سندس اوطاق تي، ڪا نئين ڪافي ڳائي ويئي ته صبح جو انهيءَ ڪافيءَ جو هڪ يا ٻه بند ڳوٺ جي ٻار ٻچي، پير و جوان جي زبان تي ٻڌبو هو. هاري ۽ ناري، ڪمي ۽ ڪاسبي، کي ۽ ڪوري، مزدور ۽ پورهيت، پنهنجو ڪم ڪار لاهي، اچيو حافظ شاهه جي اوطاق ڀيڙا ٿيندا هئا. عشاءَ جي نماز کان پوءِ، مجلس شروع ٿيندي هئي. عيسو، موٽيو ۽ لونگ، واري واري سان يا گڏجي، ڳائڻ شروع ڪندا هئا. ساري محفل تي ڪيف ۽ مستيءَ جو عالم طاري ٿي ويندو هو. شاهه صاحب پاڻ به هنجون پيو هاريندو هو، ته ٻڌندڙن جي نيڻن مان به نار پيا وهندا هئا.

حافظ شاهه هڪ عوامي شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت اهوئي ڪافي آهي ته جڏهن سندس ۽ سندس همعصرن جو دور گذريو ۽ ٽکڙ مان اها بهار جي بوءِ ختم ٿي ويئي ۽ ٻين شاعرن جا بياض سندس بياض وانگي گم ٿي ويا ۽ جڏهن پوئين دور جي اديبن سندس ڪلام جي ڳولا ڪئي، تڏهن ماڻهن کي سواءِ ”حافظ“ جي ڪافين جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻن بندن کان سواءِ، ڪجهه به ياد نه هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ به سندس صحبتي، سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين مان آب هارين ٿا.

حافظ شاهه جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. گل ۽ بلبل، خال ۽ خط، باده و جام، ساقي ۽ پير مغان جا خيالي استعارا ۽ افسانا سندس ڪلام ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. سندس شعر ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ، سنڌي محاورا ۽ تجنيس حرفي گهڻي موجود آهي.

ٺيٺ سنڌي رواني ۽ سلاست: شاهه صاحب ڪوشش ڪري، پنهنجي ڪلام ۾ اُهي لفظ استعمال ڪيا آهن، جي بلڪل عام فهم آهن:

حال نه مون هاڙهي هلڻ، هوت هلي آ آري،

ڇوهه ڇپر ۾ ڇڏيئي ڇولي، ڪانه ڪيئي پوئيواري.

روه رندن ۾ رس رليءَ کي، موٽ، آءٌ منزل ماري.

”حافظ شاهه“ جي حجت نه هوتا، زور ناهي، توسان زاري.

محاوره: شاهه صاحب جو ڪلام سنڌي محاورن سان ڀرپور آهي. مثلاً:

تارا تڪيندي راتيون گذاريم،

ڏينهن ڏکن ۾ پيهي پچاريم،

سور سَٺا مون سال پيارا،

واريون ورهه جون مون ورهيه وسايون.

هن بند ۾ ”تارا تڪڻ“، ”سور سهڻ“، ”واريون وسائڻ“ خاص سنڌي محاورا آهن.

تجنيس حرفي: شاهه صاحب جو اهڙو ڪوبه ڪلام ڪونهي، جو تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل نه هجي. ملاحظه ڪريو:

اي عجيبا! اوچي توسان سندم دلڙي اڙي،

قلب ۾ ڪنهن پر ڪا اٽڪي قرب جي قابو ڪڙي.

سور توکي ڇا سڻايان، درد دل ۾ ٿيا هزار،

ڏسڪندي ڏينهڙا گذاريم، راتيون روئي رڙي.

________

پيچ ۾ پيچ پائي زلف سينگارين سهڻا،

ور وجهي وَر ۾ وري وارَ سنوارين سهڻا.

سر ڏيان سَٽِ ۾ سندم، صدقي سڄڻ ساهه سسي!

اي! وٽم گڏجي گهڙي پل، جي گذارين سهڻا!

منظرنگاري: شاهه صاحب جي ڪلام ۾ منظر نگاري به چڱي آهي. مثلاً: سهڻيءَ جو ٻڏڻ جو پورو پورو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:

سگهو ڏي سير ۾ ساهڙ، ميهر، مون کي مددگاري!

نه ٻوُڙو ٻيٽ ڪو ٻانڌي، تنبو ترهو نه تڙ تانگهو،

ڇني ڇولين ڇڏيس ڇولي، لڙهيس لهرن ۾ لهواري.

دلو درياءَ جي دهڪن، ڀڃي ڀيلو ڪيو ڀورا،

ڇڏيو ست ٻَرُ ٻانهن، هڄيس هيبت ۾ هيڪاري.

سوين سينسار ٿيا سامهون، ڪڏيو ڪن ڪاهه مڇ مانگر،

وڌايو وات ڪن واڳو، چيهٽ چرڙاٽ چوڌاري.

گهريو ڪُن گهور ڪَن گهيرا، هڻي هٿڙا ٿڙي ٿڪيس،

ميهر مل تار ۾ ترتئون، پريتم ڪريوم پوئواري.

يا وري، سندس محبوب هار سينگار ڪري اڳيانئس اچي ٿو، انهيءَ جو نقشو ملاحظه ڪريو:

دلبر جو ديدار ڏٺم، وهه واهه عجب رنگي رخسار ڏٺم!

ڪنگڻ ڪڙيون بيني بينسر، نازڪ نورا جهومڪ جهالر،

وهه واهه ڇيرن سان ڇمڪار ڏٺم!

اطلس ارمڪ چوڙيدار چادر، شبلم، بخمل، گلنار، گلبر،

وهه واهه سهڻل جو سينگار ڏٺم!

ياس ۽ حرمان: ياس ۽ حرمان شاهه صاحب جي ڪلام جي خاص خصوصيت آهي. هر وقت نهٺو ۽ نماڻو ۽ غمگين نظر اچي ٿو. هر وقت پنهنجي محبوب کي اڱڻ اچڻ لاءِ ڪيرتون ۽ ڪارون ڪندو نظر اچي ٿو. محبوب کي سدائين ”ٻاجهارا، پرين، دلبر، عجيب“ وغيره سان پڪاري ٿو، نه ڪي ”قاتل، بي رحم، چنگيز ۽ ڪافر“_ جيئن:

آءٌ عجيبا اوراهون، وي، ڏينهن ڏکيا هيءَ گهايل گهاري!

______

آءٌ مل يار پيارا، وي، برهه بيمار ڪيس آءٌ بلڪل!

______

آءُ تون، جيئن شال پيارا، جوڙي ڏيئين يار جيءَ ۾ جايون!

يا ته وري ڪانگ پيو اڏائي ۽ محبوب ڏانهن نياپا ۽ سنيها پيو موڪلي ۽ ڪانگل کان پينءَ جون خبرون چارون پيو وٺي:

ڪانگا ڪهي هيءَ ڪيفيت، نئين پرينءَ جي پيش ڪر.

بعد بيحد بندگين جي، ڪج ادب آزيون اپر،

سو سلامن سوکڙيون، ڏئي چئج خاطو هيءَ خبر:

عشق جو آڙاهه بي انداز منجهه اٽي اندر،

ٿا جدائيءَ کان جلن ان جوش ۾ جيرا جگر.

ڪانگ تون هي عرض منهنجو ڪج ٻڌي ٻانهون ٻيهر:

هاڻ ”حافظ شاهه“ سان ڇڏ ڏوٺ ڏاڍايون ڏمر.

شاهه صاحب جو بياض سندس وفات کان پوءِ گم ٿي ويو. سندس ڪافيون صرف اهي هٿ آيون آهن، جيڪي ڳائڻن يا عام ماڻهن کي ياد هيون. پاڻ مداحون، مولود، سي حرفيون، مرثيا وغيره به چيا اٿس. مگر سواءِ مارئيءَ جي هڪ مداح، هڪ مرثيي ۽ ٽيهن ڪافين جي ٻيو سڀ ڪلام ناپيد ٿي ويو. بني سندس هٿ آيل ڪلام بنام ”پيامِ غمگسار“ 12 ڊسمبر 1954ع تي، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

هن هيٺ سندس ڪلام جو انتخاب پيش ڪجي ٿو:

انتخاب

مداح

اول الله عليم،

علي اعلي! عز عظيم،

رازق راحم رب رحيم،

قادر! قدرت جون تون ڪريم،

مير محمد ڪيئي مهندار،

صاحب آهين رب ستار،

سانگي ميڙيين سيڻ سنگهار!

ساهه سڪي ٿو جيڏين ڪاڻ،

سري نه ساعت هت مون هاڻ،

ساريان سرتين ريجهه رهاڻ،

شال ملان وڃي مارن ساڻ،

هُرن هئين منجهه ويڙهه وٿاڻ،

اٿم اندر ۾ اڪنڊ اپار!

هر دم سيڻ سڄڻ ٿي ساريان،

سرتين ري ڪيئن سينڌ سنواريان،

مشڪل ماڻهن منجهه گذاريان،

ڏينهن ڏکيا هٿ گهنگهر گهاريان،

وطن ويڙهيچا ڪيئن وساريان.

ڏسان وري شل ويڙهه، ولهار!

موٽي لايون مينهن ملهايون،

بادل برسيا، ٿيون بهاريون،

پَلَ ڀريا ٻيون پلٽيون پاريون،

ٽوهه ٽڙي ٽيون ٽهڪن ٽاريون،

ساين لوين ساڻ سنگهاريون.

پرتئون پويون پائن هار!

هت سڀ سرتيون گڏ گهمن،

چال چڱيءَ سان چهت چلن،

هيڻيون حيا سان هلن چلن،

ولر ڪيو منجهه ويڙهه وطن،

آءٌ هت قابو منجهه ڪڙن.

پل پل پونم ياد پنهوار!

شال مَ وسران ويڙهيچن،

مون کي مور نٿا وسرن،

من ۾ تن لئي مچ مچن،

دم دم دل تي ياد اچن،

ڳوڙها ڳاڙيان روز ڳلن.

روئان تنهين لئي زار و زار!

عمر! اسان جو ٿاڻو ٿر،

ساريم ساوا پاڪ پٿر،

مُرٽ مريڙو ڦڳن ڦر،

پهون ٿا پهرئن پنهور،

چونڊن ٿيون ات ڀُرٽ ڀتر.

اهڙا ساڻيهه منجهه سڪار!

عمر اباڻي اٿم اڪير،

ساري منهنجو ساهه سرير،

اڄ پڻ وٺڙا مينهن ملير،

گل ڦل کليا ڳوپ ڳنڍير،

پين پنهواريون پاڪ پنير.

کِيَن کِليو ٿيون لال ليار!

عمر! اباڻا ڪيئن لڄايان،

ڪوه لڱن تان لوئي لاهيان،

کهه سڀ ويس، وڳا سڀ کايان،

پر نه پنوهارن، آءٌ ڪيئن پايان،

 

آخر آءٌ انهن جي آهيان.

سانگهي لهندم سگهڙي سار!

عمر ادا! هي محلا ماڙيون،

ڪرسيون ڪوچ کٽون هي ڳاڙهيون،

باري بنگلا طاق ۽ تاڙيون،

مورون ڪين پکن سان پاڙيون،

واه ويڙهيچن جون هُت واڙيون.

رکون ته پيهَن ساڻ پچار!

عمر! سياڻو ٿيءُ سڌير،

عاقل عادل ٿيءُ امير،

لاهي ڪڙيون زور زنجير،

حاڪم هيڻي ڇڏ حمير،

موڪل واري منجهه ملير.

ڀيڙي ٿيان وڃي ساڻ ڀتار!

هيڻو ”حافظ“ شاهه حقير،

مرسل منهنجا محمد مير،

مهڙ مڙيني ماهه منير،

ورج وسيلا والي وير،

اوکي لاهيين وقت اخير.

قادر ڪلمي ساڻ اڪار!

غزل ۽ ڪافيون:

مٺا محبوب ماڻن ساڻ ڇو مشتاقِ مارين ٿو،

ڪٺل تي ڪيئن تکي هيءَ تيغ ابرو جي الارين ٿو.

ڪري هڪ ناز نيڻن جو، ڪيئي قابو ڌتاري دل،

زوراور زلف جي زنجير ۾ ڇو قيد ڪارين ٿو.

ٿيا ڪئين سال مون سڪندي، جدائيءَ ۾ جلايم جيءُ،

پسي اهڙي سندم حالت، ڪي ناقصِ ڏي نهاري ٿو.

سدا تون دل مٿي دلبر، نه ورين وير ڪنهن مان کي،

نه توکي لاڏلا لائق، ولهيءَ کي وسارين ٿو.

نه ”حافظ“ شاهه جي حجت، مگر هي عرض آزيءَ سان:

ڪيئي جي ٻول ٻانهيءَ سان، پيارل ڇو نه پارين ٿو.

______

دلدار ساڻ دلڙي آهم اڙي اڙي،

محبت جي ميخ محڪم جيءَ ۾ جڙي جڙي.

دک درد ۾ گذاريم ڏکيا ڏينهن ڏسڪندي،

راتيون ويهي وهايم روئي رڙي رڙي.

سهڻا سڄڻ سوا تو ساعت نٿي سري،

سو سال کان به سرس ٿي گذري گهڙي گهڙي.

هر وقت آهه ”حافظ شاهه“ جو اهوئي حال،

پل پل پون ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي ڳڙي.

______

آءُ مل يار پيارا، وي، برهه بيمار ڪيس آءٌ بلڪل!

زلف زوراور، وار وسيهر، ڳاٽ کنيو ڏين ڳارا، وي.

وَر ورن ۾ ڳوڙها ڳتيل، ڪَرِ ڪاريهر ڪارا، وي_

اٽڪن لٽڪن، ڪنڍڙا ڪاڪل!

مزگان جا ڪن تير تيزيءَ سان، مشتاقن تي مارا، وي،

اچن اورايو سورهيه سامهون، سينا ڏين سچارا، وي_

تل نه ترسن ڪن نه تامل...

ابروءَ جي ان سيف سين سهسين، وڌئي واڍوڙي ويچارا، وي،

چور ٿيو سي چهڪ چڪائين، ويا چُڪين جا چارا، وي_

دردن اُن جو دارون نه درمل...

کنيو نقاب کليو جي نهارين، کڙيا کٽڻهارا، وي،

کليا گل گلابي گلشن، گهريا گل هزارا، وي_

سروَ، صووبر، سوسن، سنبل...

هرجا هر هنڌ هر دو جهان ۾، جلوي ڪيا جهلڪارا، وي،

ڪيا جهڪا سڀ جوڀن تنهنجي، سج، ڪتيون، چنڊ، تارا، وي_

حسن تنهنجو هرڪا هُل هُل....

”حافظ شاهه“ کي آهي هردم، پريتم تنهنجي پچارا، وي،

آ ويهه جوڙي جيءَ ۾ جايون، جانب جيءَ جيارا، وي_

نازن ڀريا نوري نرمل!

______

آءُ عجيبا اوراهون، وي ڏينهن ڏکيا هيءَ گهايل گهاري.

سڻج سٻاجها دل سان دلبر، درد ونديءَ جون دانهون، وي،

آءُ عجيب اڱڻ اسان جي، پريتم وڃ مَ پراهون، وي_

سور سڻايئين ساجن ساري...

بنا پيارل پارس تنهنجي، ويون چُڪي سڀ واهون، وي،

ڪرم ڪٺل تي ڪامل ڪر ڪو، سائين سڻج صدائون، وي_

سدا سڪايل سهڻا ساري...

رت روئان ٿي رانجهن تو لءِ، روز پڇايان راهون وي،

عرض ڪريان ٿي اڀيو ادب سين، ٻڌي ٻانهين جيئن ٻانهون، وي_

ور ولهيءَ تي واڳون واري...

حال ڏسي هي ”حافظ شاهه“ جو، باري بخش خطائون، وي،

سهڻن جا سرتاج سڳورا، عاجز جون سڻ آهون، وي_

پيس پيارا آنهنجي پناري.

______

ولهيءَ سان وقڙ پرين پرچو، پلَوَ پيرن جا ٿي پايان!

نه هيئن ڀانيم ته ڪو هي هار هَئي هيڏو ڪندو هاڃو،

مُٺي مڻئي کي آءٌ مورئون نه هرگز هوند هٿ لايان...

ڀُلي بي بخت آءٌ بيشڪ، ڏکيءَ کان ڏوهه ٿيو ڏاڍو،

هٿان پيم، هڻيو هٿڙا، تڏهن لالن ٿي ليلايان...

هلي منهنجي نه حجت ڪا، ڪچائي مون ڪئي ڪيڏي،

ٿيس آءٌ ڪانڌ ڪانياري، تڏهن ٻهڳڻ ٿي ٻاڏيان...

سهاڳڻ آءٌ هيس سرتيون،چنيسر سان ڪيم ٿي چاڳ،

ڀڳم ڀر هاڻ اي ڀينر، رٺو ڪيئن راءُ ريجهايان...

نه ”حافظ شاهه“ ٻيو حيلو، وسيلو، وَرَ سوا تنهنجي،

آءٌ ٻاجهارا سندءِ ٻانهي، ازل تا انتها آهيان.

______

دل دلربا ڌتاريئه، نازن سين ناز وارا!

مشڪي سيه مسلسل، ڪن پيچ پيچ پل پل،

قابو ڪمند ڪاڪل، بانڪا بڇي بهاريئه_

ونگيو وٺن ويچارا!

سرمي سوا سهائن، لک گهور ساڻ گهائن،

ڪيو ڪيس ڪئين ڪهائن، هيڪر جتي نهاريئه_

کڻي نيڻ ٻئي خمارا!

ياقوت لعل مرجان، لالي لبن تان قربان،

حورون حسن تي حيران، شرمندا شمس ڪاريئه_

ڏس پاڻ ڏي پيارا!

______

ڇا قمر ڇا شمس ڇا هي شمع شعليدار ڇا،

سڀ کان سهڻو سرس ساجن، برق جلويدار ڇا

نين جا ناؤڪ نهوڙي نيش نر ڪئين نائيا،

مست ٿي منصور جيئن سهسين سي سوريءَ آئيا،

تيغ ابروءَ ڪئين ڪٺا، شمشير جوهر دار ڇا.

ڪج ڪلنگي شاهه جي، شاهان عالم ڪيا عدم،

ترت سي تابع ٿيا نوشيروان، جمشيد جم،

شوخ شاهد جي شجاعت ٻي ڪيان اظهار ڇا.

زلف جي زنجير ۾ در دام ٿيا هاتڪ حمير،

چشم جي چوڪن چڪائي چور ڪيا عاقل امير،

جهٽ لٽي سا لوڏ لالن، باز شهه پردا ڇا.

حال ”حافظ شاهه“ جو سارو اٿئي معلوم، ميان،

دين دنيا، مال مڏيون، سر قد توتان ڪيان،

جان لک قربان ڪيان، هي سر اڳيان سردار ڇا.

______

اڄ ليئو پائي لڪائي لوڪ کان دلبر ڏٺم،

سڀ طرح سينگاريل زر زيب سان ظاهر ڏٺم.

زلف جو زنجير ظالم قيد لءِ ڪيڙئي تيار،

ور ڏيو ٿي واريئي واسينگ وانگر پيچيدار،

منهنجي مارڻ ڪاڻ قهري، وِههَ ڀريو وسيهر ڏٺم.

لعل لب دندان گوهر زيبداري زرنگار،

طوق طائوسي ڪبڪ رفتار ۽ طوطي تنوار،

صاف سهڻن جو سپهه سالار سو سرور ڏٺم.

گلبدن، گل پيرهن، ۽ رخ گلابي، گل عذار،

سروقد، شمشاد قامت، نيڻ نرگس نوڪدار،

سونهن ڀريو سرتاج سهڻو ماهرو منور ڏٺم.

چسٽ چشمن سان چٽيائين تير مزگان منجهه اندر،

هوش ”حافظ شاهه“ جو جهٽ پٽ نيائين سان نظر،

ساڻ اهڙيءَ پر پري پيڪرُ سو زوراور ڏٺم.

______

تنهنجي حسن هزارين هزار، لکين لاچار ڪيا.

نوڪ نيڻن جيئن شهباز شاهي،

جُنگ جهپي جونجهار، نسنگ نروار ڪيا.

سونهن سڄڻ تنهنجي سهسين سڪايا،

سوز سٽي سي سچار، برهه بيمار ڪيا.

طرح طرح جيئن سڀ رنگ سهڻا،

ساز ڪي سينگار، عجب اسرار ڪيا.

”حافظ شاهه“ ناهي طاقت تنهنجي،

عشق سندي آزار، گهڻا بيزار ڪيا.

______

منهنجي ساجن ريءَ نه سري، گهڙي گهارڻ ٿي مشڪل.

جال جنجل ٿي يار جدائي،

عشق اندر ۾ آڳ اُٺائي،

گهاءَ انهيءَ هيءَ گهايل گهائي،

چهڪن ڪيئڙي چري، آيو عاشق سر اجل.

مورون ساعت مون نه سري ٿي،

محبت مٺا مشتاق مري ٿي،

پل نه پيارا مون کان پري ٿي،

نه ته وينديس مت مري، پوندئي خون ڳچيءَ ۾ خليل.

ڪنهن پر پيچ پرينءَ سان پايم،

”حافظ شاهه“ سڀ هوش وڃايم،

سور نه ٻئي کي سوز سلايم،

ڳاري انهيءَ ۾ ڳري، منهنجو عشق منجهايو عقل.

______

آس اڃا مون کي آهي ڙي،

ڪيچ ملان من ڪاهي، ڙي.

موٽ، مَ هل تون ماءُ پرائي،

تنهنجو ڇپر ۾ ڇاهي، ڙي.

ڇو نه ڇپ کي جهاڳيان جت لئي،

لاڳاپا سڀ لاهي، ڙي،

تن کي سور ٿئي ٿو ڪهڙو،

ناتو جن جو ناهي، ڙي.

”حافظ شاهه“ هل هيڪلي حَب ۾،

سنگت نه کڻجي ساهيڙي.

محمد ابراهيم

حافظ ”حامد“ جو ٽيون فرزند_ محمد ابراهيم، اٽڪل 1288هه ڌاري، اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي نهايت حليم الطبع ۽ سادو سودو هوندو هو. والد جي وفات کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ _ محمد دائود سان گڏ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو. مگر ٻن ٽن سالن جي ملازمت کان پوءِ، دل کٽي ٿي پيس ۽ نوڪري ڇڏي اچي ڳوٺ ويهي رهيو. پنهنجي گذر اوقات لاءِ ڪو هٿ پير ڪونه هنيائين، ڄڻ ته سندس روز ڪو الستي هو.

شعر و شاعري: گاهي گاهي شعر گوئي ڪندو هو. سندس طبيعت رندانه ۽ طريقو قلندراڻو هوس. سندس ڪلام ۾ چند غزل ۽ ڪافيون آهن.

محمد ابراهيم 1353هه ۾، 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ غزل پيش خدمت آهي.

واٽ ويندي اوچتو اڄ دلربا دلبر ڏٺم،

پنهنجي جانب سا سڀئي جلوا اتي ظاهر ڏٺم.

منهنجي دل مهجور کي جيئن ٿي ڏنگيئين پئي ڏور کان،

يار جي هر وار کي اڄ ڪر ٿي ڪاريهر ڏٺم.

شمع وٽ جئن شوق مان ٿا پاڻ پروانا پچن،

عاشقن جي جان تيئن جلندي اتي اڪثر ڏٺم.

قامت موزون وٽ هو سرو ڀي زارو نزار،

لعل پڻ جنهن وٽ خجل ٿيو، سو لبِ احمر ڏٺم.

هڪ نظر سان هن ڏٺو جيئن پنهنجي ”ابراهيم“ کي،

حمله آور ٿيندي گويا تيز تر خنجر ڏٺم.

الحاج مولانا آقا محمد حسين جان سرهندي

حضرت خواجه محمد حسين جان سرهندي 1290هه ۾، ڳوٺ ارغستان، علائقي قنڌار ۾ تولد ٿيو. پاڻ حضرت صاحب خواجه عبالرحمان جو ٻيو نمبر ۽ ننڍي ۾ ننڍو فرزند هو. اڃا اٺن سالن جو هو، ته حضرت صاحب جن، امير عبدالرحمان جي مظالم جي ڪري، افغانسان مان هجرت ڪري، ساداتن جي استدعا تي، ٽکڙ ۾ اچي سڪون پذير ٿيا، جنهن جو منڍ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي.


[1] _ انهيءَ جو معقول سبب مطالعي جي گهٽتائي به هئي ۽ سرڪاري نوڪريءَ جو جنجال به سر تي هوس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org