حافظ محمد يوسف
حافظ محمد يوسف ولد حافظ محمد هارون 1528هه ۾
اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس والد، حافظ محمد هارون،
پنهنجي وقت جو هڪ جيد عالم هو. سندس مڪتب مان ٽکڙ
۽ ٻين ڳوٺن جا شاگرد دولت علم سان مالا مال ٿي
ويندا هئا.
تعليم و تربيت: حافظ محمد يوسف پنهنجي والد کان
عربيءَ، پارسيءَ ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. قرآن
مجيد جي حفظ ڪرڻ جو به شرف حاصل ٿيس. اڳينءَ ٽکڙ ۾
تعليم کان فارغ ٿي پنهنجي والد سان گڏ طلباءَ کي
به تعليم ڏيندو رهيو ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ به پيءُ جي
همراهي ڪندو رهيو. وڌيڪ علم جي تحصيل لاءِ پنهنجي
والد جي ڪتبخاني جو (جو، حافظ عاليءَ جي زماني کان
وٺي وٽن پشت به پشت هلندو ٿي آيو) مطالعو ڪندو
رهيو. والد جي وفات کان پوءِ پاڻ ئي مدرسي جو
مهتمم ٿيو.
فضل و ڪمال: جڏهن اڳين ٽکڙ سنڌو درياءَ جي اٿل ڪري
زير آب ٿي، تڏهن حافظ صاحب به ٻين ماڻهن وانگي
موجوده ٽکڙ ۾ اچي رهيو ۽ پنهنجو مدرسو جاري
ڪيائين. موجوده ٽکڙ ۾ سندس مدرسو اوج ۽ ڪمال تي
پهتو. پري پري جا شاگرد، حافظ صاحب جي فيض و برڪات
مان مستفيد ٿيڻ لاءِ ٽکڙ ۾ اچڻ لڳا. سندس ئي فيض ۽
تربيت ڪري ٽکڙ مان ”مخلص“، ”فدا“، ”حافظ شاهه“،
”دلگير“ ۽ ”بسمل“ جهڙا مشهور عالم ۽ شاعر پيدا
ٿيا.
حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي ٽکڙ ۾
سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري، ٻين ماڻهن وانگي، حافظ صاحب
به سندن مريد ٿيو. ٽکڙ جي ساداتن ۽ عام ماڻهن جي
استاد هئڻ ڪري ڳوٺ ۾ سندس حد کان وڌيڪ عزت ڪئي
ويندي هئي.
حافظ صاحب تمام اعليٰ پايي جو خوشخط هو. سندس رسم
الخط کي ڏسي ڇاپي جو دوکو ٿئي ٿو. ٽکڙ جي سيدن جي
شادين جا دعوت نامه ۽ خط پٽ حافظ صاحب ئي لکندو
هو. انهن خطن جي طرز تحرير کي ڏسي معلوم ٿو ٿئي ته
حافظ صاحب جيد عالم هو.
شعر و شاعري: شاعري کيس حافظ عاليءَ جي ورثي مان
ملي. پاڻ گهڻن ٽکڙائي شاعرن جو استاد هو. سندس
ڪلام زماني جي خورد برد ڪري ناپيد ٿي ويو آهي.
سندس ڪلام اڪثر پارسيءَ ۾ هو، جو گهڻو ڪري اڏوهيءَ
جو کاڄ ٿي ويو. ڪجهه سنڌي ڪلام هٿ آيو آهي، جو اڳي
هلي پيش ڪبو.
مون کي افسوس آهي جو آءٌ حافظ صاحب جهڙي برگزيده
شخص جو وڌيڪ احوال هٿ ڪري نه سگهيو آهيان ۽ نه ئي
هينئر سندس لائق فرزند مرحوم حافظ ’بسمل‘ زنده
آهي، جنهن کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ها.
سندس اولاد مان ”دلگير“ ۽ ”بسمل“ بلند پايه جا
شاعر پيدا ٿيا. سندس وفات جو سال 1322هه آهي.
انتخاب
ڪڏهن نه پاڻ کان مون کي سڄڻ جدا ڪريو،
جي ڏين جان ته اُنِ تي وري جفا ڪريو.
سڄي ڄمار ۾ هئي التجا اها منهنجي،
ته هن مريضِ محبت جي ڪا دوا ڪريو.
پکيڙي دام ڪيئي قيد دل کي ڪاڪل ۾،
ڪري قياس ڪو دل ۾ وري رها ڪريو.
____
داد دلبر سوا نه ڏيندو ڪير،
هاڻ همراز منهنجو ٿيندو ڪير!
تنهنجي محفل ۾ مه لقا مون کي،
ساڻ ساٿي ڪري سڏيندو ڪير!
اک ڦري ٿي ۽ پڻ لنيو ڪانگل،
اڄ اڱڻ عاشقن جي ايندو ڪير!
جن کي مستي رهي محبت جي،
تن کي پلپل چئي پليندو ڪير!
حضرت الحاج الحافظ خواجه محمد حسن جان رحه سرهندي
آءٌ حضرت سرهندين جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪريان، تنهن
کان اڳي اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته پير صاحبن
جا سنڌ ۾ گهڻي ئي مريد خادم هئا ۽ افغانستان مان
هجرت ڪرڻ کان پوءِ خواجه عبدالرحمان کي گهڻن ئي
عقيدتمندن گهڻيون ئي ميڙيون منٿون ڪيون ته اسان وٽ
رهو. ايتري تائين، جو خان عطاءُالله کين جاين جڳهن
سان گڏ پنهنجي زمين مان حصو به ڏنو ٿي. مگر ڪنهن
جو به عرض قبول نه پيو ۽ اهو شرف ٽکڙ جي ڪلراٺي
زمين کي ئي حاصل ٿيو، جتي خواجه صاحب رهائش اختيار
ڪئي.
جڏهن وري خواجه صاحب جن حرمين شريفين مان واپس
ويا، تڏهن به ٽکڙ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائون. هميشه
رهڻ جي ارادي سان، اُتي ئي پنهنجون جايون جڳهيون
تعمير ڪرايائون. سندن وفات به ٽکڙ ۾ ٿي ۽ سندن
درگاهه به اتي ئي قائم ڪئي وئي.
اڃا تائين به ”مقامياڻي مارن جي وڃي ٿر ٿيان“ جي
مصداق پير صاحبن مان جيڪڏهن ڪوبه بزرگ، سنڌ ۾ ڪٿي
به انتقال ڪري ته کيس مدفون ڪري به ٽکڙ واري
درگاهه ۾ ڪيو ويندو آهي.
خواجه محمد حسن جان رحه حضرت صاحب خواجه
عبدالرحمان جو وڏو فرزند، 6 شوال 1278هه ۾، قنڌار
۾ تولد ٿيو.
تعليم و تربيت: اهو هڪ قانون فطرت آهي ته جڏهن
ڪنهن به ٻار کي ننڍپڻ کان وٺي ڪامل استاد ۽ فائق
الطاليق ملن ٿا، ۽ اهي استاد ٻار جي سڌارڻ لاءِ هر
وقت ڪوشان رهن ٿا، تڏهن يقيناَ اهو ٻار هڪ بهترين
عالم و فاضل شخص بنجي وڃي ٿو. خواجه حسن جان کي
ابتدا کان وٺي نهايت لائق ۽ فائق معلم مليا، جن
مان ڪن وٽان پارسي، ڪن وٽان عربي ۽ ڪن وٽان فن
حديث ۽ ڪن وٽان فقهه جي تحصيل ڪيائين. ان سان گڏ
پنهنجي والد بزرگوار کان به ججهو فيض پرايائين.
قرآن ياد ڪرڻ: سندس قرآن شريف ياد ڪرڻ جو به عجيب
واقعو آهي. قرآن ياد ڪرڻ جو جڏهن کيس شوق جاڳيو،
تڏهن لڪ ڇپ ۾، ياد ڪرڻ لڳو. کيس خيال ٿي پيو ته
متان کيس حضرت صاحب جن گهڻي ڪم ڪار هئڻ ڪري منع
ڪن. ڇو ته هڪ دفعي اڳي به قرآن شريف ياد ڪرڻ لاءِ
کانئن موڪل گهري هئائين، مگر پاڻ کيس
”که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها“
چئي، منع ڪرڻ فرمائي هئي. انهيءَ ڪري لڪڇپ ۾
ٻاويهه پارا ياد ڪيائين، مگر پوءِ ڳالهه کلي پئي.
جڏهن اها خبر حضرت صاحب جن تائين پهتي، تڏهن پاڻ
ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خدا جا هزار شڪرانا بجا آندائون ۽
باقي اٺ پارا سندن روبرو ياد ڪيائين. سندس حافظو
ايتري قدر ته تيز هو، جو ججهين مصروفيتن هوندي به
(ڇاڪاڻ ته مڪي مڪرمه ۾ بازار مان سودو خريد ڪرڻ،
استاد وٽ عربي ۽ حديث پڙهڻ ۽ حضرت جن جي خدمت ڪرڻ
کان کيس ايڏي فرصت ڪانه هئي) روزانو اٽڪل اڌ پارو
کن ياد ڪري وٺندو هو.
پيري مريدي: حضرت خواجه عبدالرحمان جي رحلت کان
پوءِ، خواجه حسن جان سندس جاءِ نشين ٿيو. خواجه
صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي راهه کان ڀٽڪيل
مسلمانن کي عنانِ شريعت سان موڙي سڌي سنواٽي واٽ
تي گامزن ڪيو. ڪيترن ئي ڪوُر دل انسانن جي قلبن ۾
سندس وسيلي سان رجوع الي الله جو رنگ پيدا ٿيو.
سياست: سياست ۾ جيتوڻيڪ پاڻ بهرو نه وٺندو هو،
تڏهن به جتي به پنهنجي سمجهه موجب ملت محمديه جي
مفاد جي ڳالهه ڏسندو هو، ته پوءِ ضرور انهيءَ
جماعت جي مدد ڪندو هو. پاڻ ”مسلم ليگ“ جي دل و جان
سان مدد ڪيائين ۽ پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي ”مسلم
ليگ“ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏنائين.
نثر نويسي: خواجه صاحب نثر نويسيءَ ۾ يگانه عصر
هو. ڪيترا ڪتاب لکيا هئائين؛ جهڙوڪ:
شفاءُالامراض:
هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ آهي. منجهس تعويذات ۽ وظائق
وغيره آهن. هي ڪتاب قلمي حالت ۾ سندس ڪتبخاني ۾
موجود آهي.
انيس المريدين:
هن ڪتاب ۾ پنهنجي والد جي مڪمل سوانح حيات ۽ طريقه
نقشبنديه وغيره تي تبصرو ڪيو اٿس. ڪتاب پارسيءَ ۾
آهي، ۽ سال 1328هه ۾، امرتسر ۾ ”مطبع مجدديءَ“ ۾
ڇپيو، ۽ مخلص دوستن ۾ مفت تقسيم ڪيو ويو. هي ڪتاب
هينئر ناپيد آهي.
ترجمه عهد و مواثيق:
اصل عربي زبان ۾ علم تصوف ۽ اخلاق جي باب ۾ امام
شعرانيءَ جو لکيل آهي. شيخ عبدالرحيم سنڌي، جو
نئون مسلمان ٿيو هو، تنهن خواجه صاحب کي عرض ڪيو
ته عربي پوريءَ طرح سمجهه ۾ نٿي اچي، تنهن ڪري
خواجه صاحب انهيءَ ڪتاب کي پارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ
شروع ڪيو. اڌ ڪتاب جي ترجمي کان پوءِ، گهڻين
مصروفتين ڪري باقي ترجمو سندس فرزند حضرت عبدا:
جان عرف شاهه آغاز ڪيو. هي ڪتاب غير مطبوع آهي.
انساب الانجاب:
هن ڪتاب ۾ سڀني مجددي خاندانن جو مڪمل شجرو وغيره
آهي. هي ڪتاب لاهور جي مطبع ”مشهور عالم“ مان شايع
ٿيو هو.
اصول الاربه في ترديد الوهابيه:
هن ڪتاب ۾ رضا خانته فرقي جي تائيد ۽ ديوبندي
طريقي تي تنقيد ۽ ترديد ڪئي اٿس. هي ڪتاب ڇپائي
مفت تقسيم ڪيو ويو.
طريق النجات مع رساله التنوير في اثبات التقدير:
تصوف ۽ اخلاق جي فن تي جامع ۽ مختصر ڪتاب آهي،
جنهن جو گهڻو حصو غزاليءَ تان ورتل آهي. آخر ۾
’تقدير‘ جو بحث آيل آهي. هيءُ ڪتاب اصل عربيءَ ۾
لکيو هئائين، پر پوءِ سندس فرزند، حافظ محمد هاشم
جان، عربيءَ جي سامهون اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي
ڪتاب 1349هه ۾ لکيو ويو.
العقائد الصحيح في بيان مذهب اهل السنته والجماعت:
هن ڪتاب ۾ هندستاني عالمن جي ٻن فرقن، ديوبندي ۽
بريلوي جي اختلاف مٽائڻ لاءِ بريلوي عقائد جي
تائيد ۾ لکيو اٿس. هي ڪتاب عربيءَ ۾ اردو ترجمي
سان گڏ ”مطبع الفقيه“، امرتسر ۾ شايع ٿيو.
رساله تهليليه:
هن ۾ ڪلمي شريف جي شرح ۽ تفسير آهي. هي ڪتاب
1354هه ۾، مطبع ”رفاه عام“ اسيم پريس، لاهور ۾
ڇپيو.
تذڪره الصلحاعي بيان التقياء:
هن ڪتاب ۾ انهن صالح ٻانهن جو ذڪر آهي، جن کي
خواجه صاحب پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ساڻن گفتگو ڪئي.
هي ڪتاب 1248هه ۾ ”مطبع نظامي“ ڪانپور، وارن
پنهنجي خرچ سان ڇپارايو.
پنج گنج:
پنجن رسالن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ عربستان جي
سفر جو ذڪر ڪيو اٿس.
سفرنامه عربستان:
هن ۾ حجاز، عراق ۽ شام جو سفر جيڪو 12 شعبان کان
17 ربيع الاول 1323هه تائين، خواجه صاحب ڪيو،
انهيءَ جو احوال آهي. اصل پارسيءَ ۾ هو، مگر
انهيءَ جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ٻه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.
الاشارته البشارته:
هن ڪتاب ۾ حڪيم علي نواز شڪارپوري، جيڪي امام مجدد
الف ثاني رحه تي اعتراض پنهنجي ڪتاب ”بشارت در
اثبات“ ۾ ڪيا، انهن جو جواب ڏنو ويو. هي ڪتاب غير
مطبوع آهي.
رساله في باب صحت الجمعت في القريٰ:
جڏهن خواجه صاحب ”شابو“ (ڪوئيٽا) ۾ اونهاري ۾ رهڻ
ويندو هو، تڏهن اتي ڏٺائين ته ماڻهو جمعي جي نماز
نٿا پڙهن. اتي جي ملن جمع نماز جي صحت جو انڪار
ڪيو. خواجه صاحب ملن جي سمجهائڻ لاءِ هي رسالو
لکيو، جنهن کان پوءِ اتي باقاعدي جمع نماز ٿيڻ
لڳي. هي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيل آهي.
لغات القرآن:
هن ڪتاب ۾ خواجه صاحب قرآن جي مشڪل لفظن جا آسان
عربي لفظ ساڳيءَ معنيٰ وارا لکيا آهن. اڃا قلمي
آهي.
رساله در قواعد تجويد:
هي رسالو قرآن جي قرائت ۽ تجويد متعلق لکيل آهي.
سندس ٻيو ڪتاب، شرح حڪم عطاء الهي آهي.
ڪتبخانو: سندس خانداني ڪتبخانو (جو حضرت صاحب جن
هجرت وقت به پاڻ سان اٺن تي کڻائي آيا هئا) نهايت
اعليٰ پيماني جو آهي. منجهس ڪيترا قلمي ڪتاب موجود
آهن. خواجه صاحب خود به ڪتابن جو ڄڻ عاشق هو.
ڪيترائي قلمي ڪتاب ڇپيل ڪتاب مصر توڙي ٻين ملڪن
مان آڻي، پنهنجو ڪتبخانو سينگاريائين.
شعر و شاعري: خواجه صاحب جي شعر سان ڪا خاص دلچسپي
ڪانه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جذبي جي تحت ڪجهه چوندو
هو، پاڻ عربي ۽ پارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس.
خواجه صاحب 12 رجب المرجب 1365هه ۾، ٽنڊي سائينداد
۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي ٽکڙ واري درگاهه ۾، سندس
والد ۽ مرشد خواجه عبدالرحمان رحه جي ڀر ۾، دفن
ڪيو ويو. سندس پارسي ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
انتخاب
در وصف مدينه مطهره
ز اوصاف مدينه، هر چه گويم قطره از دريا است،
عفاف آنجا، کفاف آنجا، صلوات آنجا، زڪوات آنجا.
خداوندا عطا کن بنده خود را بفضلِ خود،
قيام آنجا، مقام آنجا، حيات آنجا، ممات آنجا.
اگر خواهي که بيني جنت الماويٰ درين عالم،
نشين در روضه اطهر، بخواه از حق نجات آنجا.
______
در فراق و مرثيه پسر خود محمد شريف که در واقع
زلزله کوئيته فوت شده.
بي تو اي راحتِ دل نعمتِ دنيا چه کنم!
جان شيرين چه کنم، ديده بينا چه کنم!
گر ز مخلوق بُدي چارهء خود ميکردم،
با قضا و قدرِ خالقِ يکتا چه کنم!
فرقتِ روئي تو اي جان پدر زخم دل است،
زخم ناسور بگرديد، مداوا چه کنم!
گربه پرسيدن من رفتنت اي جان بودي،
جان و مالم بعوض داد مي، اما چه کنم!
صبر و توفيق و رضا بخش بمن اي موليٰ،
يا به ايمان ببرم، غير تمنا چه کنم!
______
تاريخ وفات حضرت عبدالقدوس رحه عرف شيرين جان آغا
که بر لوحِ مزار او نوشته اند.
شيخ عبدالقدوس حق آگاه،
کرد زين دار بي بقا رحلت.
شبِ پنجشبه چهارمِ عاشور،
روح شان شد رواڻ سوي جنت.
سال ترحيل او بگفت ”حسن“
لفظ مغفور با سرِ حسرت.
1326+8=1334
محمد هاشم ”مخلص“
محمد هاشم ”مخلص“ ولد حافظ حاجي ”حامد“ 1278هه
مطابق 1869ع ۾، اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس استاد
حافظ محمد يوسف هو، جنهن وٽ سنڌي، پارسي ۽ قرآن
شريف پڙهيو هئائين.
حافظ حامد، سندس والد محترم، باني هو ۽ وڏيءَ عمر
کي پهچي چڪو هو ۽ اڪيلي هئڻ ڪري ڪم ڪار به نٿي ڪري
سگهيو، انهيءَ ڪري ”مخلص“ پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي ڪٽنب
جي پرورش لاءِ، پيءُ سان همراهي ڪرڻ لڳو. والد سان
گڏجي ٿر ۽ ڪڇ جي سفر تي به ويندو هو.
اخباري دنيا جو سير: ”مخلص“ جي زندگي درحقيقت شروع
ئي اخباري دنيا کان ٿئي ٿي. انهيءَ وقت جي اخبار
”آفتابِ سنڌ“ ۽ ”خير خواهه“ ۾ سندس مضمون ڇپبا
هئا. ڪجهه وقت ”خير خواهه“ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو.
”الحق“ ۽ جلاوطني: ”مخلص“ 1901ع ۾ پنهنجي هڪ اخبار
”الحق“ نالي حيدرآباد مان جاري ڪئي، جنهن جو
ايڊيٽر به پاڻ هو. سندس قلم ۾ ايترو ته زور هو، جو
پڙهندڙن جي دلين تي تير و نشتر جو ڪم ڪندو هو.
انهيءَ ئي قلم جي شوخيءَ کيس قانوني شڪنجي ۾
اڙائي، پنهنجي وطن کان دور ڪيو.
سرڪار کان روپوش ٿي جوڌپور، ناگور ۽ بيڪانير ۾
گهمندو رهيو. اتي پنهنجو نالو ڦيرائي ’قاضي ناصر
علي‘ رکيائين. اتي جي ماڻهن کي اردوءَ ۾ شعر ٺاهي
ٻڌائيندو هو، جنهن به محفل ۾ ويندو هو، ته اها
محفل سندس ظريفانه نڪتن ۽ شعر و سخن سان گرم رهندي
هئي.
وطن ڏانهن ورڻ: جلد ئي اباڻن جي اڪنڊ ۽ اڪير ٽکڙ ۾
آڻي ڪڍيس. سندس ئي صلاح سان علامه اسدالله شاهه
”فدا“، 1960ع ۾، ”بهار اخلاق“ نالي هڪ رسالو جاري
ڪيو، جنهن ۾ هر مهيني ”مخلص“ جا ”ناصر“ جي نالي
سان مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا.
انهيءَ وقت ۾ ميان هدايت الله ”مشتاق“ متعلويءَ جي
لکيل ڪتاب ”ڪواڪب السعادت في شرح مناقب سادات“ تي
سنڌ جي ڪيترن عالمن اعتراض اٿاريا. انهن مان مولوي
احمد آبڙيءَ واري جي رد ۾ ”ناصر“ صاحب هڪ ڪتاب
”سيف الله المسلول“ لکيو، جنهن جي پڙهڻ سان ”مخلص“
جي قابليت جو پورو پورو پتو پوي ٿو. جيتوڻيڪ
انهيءَ ڪتاب ۾ پنهنجي عادت مطابق شوخي اختيار ڪئي
اٿس، تڏهن به سندس طرز تحرير لاجواب آهي.
”جعفر زٽلي“ ۾ ڪم ڪرڻ: ٿوري وقت کان پوءِ، مرحوم
غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ حيدرآباد گهرايس. اتي جعفر
زٽلي“ ۾ ’ماستر عبدالرحيم شائق‘ جي نالي سان
پنهنجي قلم کي جنبش ۾ آندائين.
آزادي ۽ ”الامين“: سال 1931ع ۾، ڀرڳڙي صاحب جي
ڪوشش سان کيس آزادي ملي. ڀرڳڙي صاحب ”الامين“ نالي
اخبار جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ”مخلص“ ٿيو.
مسلمان: 1924ع ۾ ”زميندار ائسوسيئيشن“،
ميرپورخاص، پاران ميرپور خاص مان ”مسلمان“ اخبار
جاري ڪيائين، جا 1933ع تائين ڏاڍي زور شور سان
هلي. انهيءَ وچ ۾ ”مخلص“ جي نظر به موڪلائي ويئي.
تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪندو رهيو.
ظرافت: جيتوڻيڪ ”مخلص“ جو قلم سخت هو، پر سندس
زبان تکي نه هئي، هو هميشه خوش طبعيءَ سان اهل
محفل کي وندرائيندو هو.
نقل: منهنجو والد مرحوم ڳالهه ڪندو هو ته ”آئون
ننڍو هوس، تڏهن هڪ دفعي مون هڪڙي ڪڪڙ خريد ڪئي.
اها ڪڪڙ اڃا منهنجي هٿ ۾ ئي هئي ته اوچتو ’مخلص‘
اچي نڪتو، ۽ مون کي چيائين ته؛ ’بابا، انهيءَ ڪڪڙ
۾ ڀائيواري رکندين؟‘ مون جواب ڏنو ته؛ ’هائو‘،
تڏهن پاڻ يڪدم کلي چيائين ته ’چڱو آنا منهنجا ۽
وِٺيون تنهنجون!“
لطيفو: هڪ دفعي ڪنهن دوست وٽ صبح جو سويل ويو ۽ هن
چرچي طور کيس چيو ته: ”محمد هاشم! اوهان جي نظر
صبح ساڻ مون تي پئي آهي، اهو سوڻ اوهان لاءِ چڱو
ڪونهي.“ پاڻ جواب ڏنائين ته؛ ”فڪر ڪونهي، مون
اوهان کي ڏسندي لاحول پڙهي ڇڏيو آهي.“
”مخلص“ صاحب، 2 فيبروري 1934ع جمع رات، رت جي دوري
بند ٿيڻ ڪري، ميرپورخاص ۾ رحلت ڪري ويو. سندس لاش
کي اتان کڻائي، ٽکڙ جي ڀر ۾ سندس اباڻي قبرستان
”شاهه ميران“ ۾ دفن ڪيو ويو.
شعر و شاعري: ”مخلص“ کي ننڍپڻ کان وٺي شاعريءَ جو
شوق هو، پر جڏهن به ڪو ڪچو ڦڪو شعر چوندو هو، ته
والدين کيس منع ڪنددو هو ته ”شعر نه چئو“ ۽
مجبوراً والد جي حڪم جي تعميل ڪندي خاموش ٿي ويندو
هو.
هڪ دفعي، ٿر جي سفر ڪندي ”تڙ احمد“ ۾ آيو. ’مخلص‘
کوهه تي بيٺل هو، ته اوچتو هڪ نازنين دوشيزه آئي ۽
پاڻي ڀري ’مخلص‘ جي دل به پاڻ سان کڻي ويئي.
اوڏيءَ مهل ’مخلص‘ جي گهايل دل مان هي موزون فقرو
نڪتو.
دلي سان گڏ کڻي ويو دلربا دل!
اها مصرع والد کي ٻڌايائين، جنهن کان پوءِ کيس شعر
چوڻ جي اجازت ملي. پوءِ ته ’مخلص‘ مجمسهء شاعري
بنجي ويو. وري جو مرحوم غلام محمد شاهه ’گدا‘ جي
ٽکڙ ۾ آمد ٿيندي رهندي هئي، تنهن سان صحبت ٿيس ۽
سندس شاگرد ٿيو، تنهن ’مخلص‘ جي شاعريءَ کي چمڪائي
ڇڏيو. ’گدا‘ شاهه جي استاديءَ جو اعتراف ’مخلص‘
پنهنجن گهڻن شعرن ۾ ڪيو آهي، جيئن:
اڄ ”گدا“ شاهه رونق افزا ٿيو،
منهنجو استاد قدردان آيو.
”مخلصا“ تيغ زبان سين بمدد مير ”گدا“،
صيد مضمون معانيءَ جا ٿو نخچير ڪريان.
هڪ ته حافظ ”حامد“ جو فرزند، ٻيو ”گدا“ شاهه جو
شاگرد،ٽيون وري ٽکڙ جو شعري ماحول، تنهن ”مخلص“ کي
رڱي ڇڏيو. ڪنهن به ڳالهه تي فني البيهه اهڙو موزون
شعر چئي ويندو هو، جو ٻڌندڙ حيرت ۾ پئجي ويندا
هئا.
هڪ دفعي سانوڻ جي مهيني ۾ ”جون واهه“ تار وهي رهيو
هو. هڪڙو سيد پنهنجي پٽ کي سمجهائي رهيو هو ته
”ابا، جون واهه تار وهي رهيو آهي ۽ تون اڻ تارو
آهين، ڪڏهن ڀلجي به متان وهنجڻ وڃين.“ ’مخلص‘ صاحب
به اتي موجود هو. يڪدم چئي ڏنائين:
”اهوئي فرض آهه تو شاه تي،
نه هرگز وڃ تون ڪڏهن واه تي!
ٿئي جيڪڏهن غسل جو تو ضرور،
ته پڻ ’جون‘ جي تون نه وڃجانءِ مور!“
گورنمينٽ کان روپوش ٿي ’مخلص‘ جيڪي تڪليفون ڏٺيون،
تن جي ذڪر ڪرڻ سان دل کي صدمو پهچي ٿو. روپوش
ماڻهو_ بي يار و مددگار، اهل ۽ عيال جو بار مٿي
تي_ سڀ ڪم ڪار پنهنجي سر تي هوس. پاڻي ڀرڻ، گاهه
ڪرڻ، ٻٻرن مان پلڙا ۽ ٻوري روڙڻ، مطلب ته هرڪو
پورهيو پاڻ ئي ڪندو هو.
هڪ دفعي، سندس مٿو اگهاڙو، پير اگهاڙا، ور کنيل،
مٿي تي پلڙن جي ڀري_ رستي تان وڃي رهيو هو، ته واٽ
تي هڪ همدرد ملي ويس، جنهن کيس اهڙي حال ۾ ڏسي،
خواجه حافظ جو هيءُ شعر چيو:
اسپ تازي شده مجروح به زير پالان،
طوق زرين همه در گردن خر مي بينم.
’مخلص‘ صاحب پلڙن جي ڀري مٿي تي هوندي في البديهه
هي بيت چيا:
اسپ تازي شده مجروه به زير پالان،
بار بردار ٿيو آهه سو خچر جي اڳيان،
ارزلن جا ٿيا محتاج شريفانِ جهان،
هيچ ٿي لعلِ بدخشان ته پٿر جي اڳيان.
سندس ڪلام: ’مخلص‘ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻو ڪري
عربي ۽ پارسي لفظن کان ڪم ورتو آهي. ڪڏهن ڪڏهن صاف
سنڌي به ڪم آڻيندو هو. جيئن هڪ فعي آخوند يار محمد
متعلويءَ پنهنجو غزل ’مخلص‘ کي ڏيئي چيو ته ”هن
طرز ۾ جواب ڏي!“ آخوند جي غزل جو هڪ شعر هي آهي:
اچج قربئون ڪڏهن نجهري نماڻن،
وسن تنهنجا سدا شل دوست ديرا.
’مخلص‘ جي جوابي غزل ۾ صاف سنڌي ملاحظه ڪريو:
ڪري ڪيچي هليا ٻانڀڻ کي ٻيرا،
جتن جي لئي جلن ٿا جان جيرا.
ڪنديس هاڙهي ۽ هڪلون لاءِ هوتن،
نهارينديس وڃي پٻ پاس پيرا.
سلاست ۽ رواني: ’مخلص‘ صاحب اوچي خيال کي نهايت
سليس لفظن ۾ اهڙيءَ طرح جڙي ڇڏي ٿو، جو پڙهڻ سان
دل بهار بهار ٿي وڃي ٿي:
روبرو يار نه دانهنِ کان ٿو دلگير ٿئي،
آهه و زاري پس ديوار ڪريان يا نه ڪريان.
الفتِ ڪاڪل، دلدار ڪريان يا نه ڪريان.
دل کي آفت ۾ گرفتار ڪريان يا نه ڪريان.
تخيل: ’مخلص‘ صاحب غزل ۾ نوان نوان مضمون نئين رنگ
۽ ڍنگ ۾ پيش ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. سندس ڪلام ۾ سٺا سٺا
خيال ملن ٿا. سندس خيال جو پرواز ملاحظه فرمايو:
اڄ ڏسي تنهنجو ته رخ خورشيد مثل،
صبح پڻ ڦاڙيو گريبان، واهه واهه!
برق ٿي آهي تبسم ۾ عيان،
واه واه هي عڪس دندان، واهه واهه!
صفحهء رخ جي تلاوت کان مون کي،
آهه ٿيو اڄ حفظ قرآن، واهه واهه!
جامعيت: ’مخلص‘ جي ڪلام ۾ هيءَ به هڪ خوبي آهي، جو
هڪڙي ئي بيت ۾ سڀ ڪجهه چئي ڇڏي ٿو. ڪٿي تشبيهه يا
استعاري ۾، ڪٿي ڪنهن خاص رنگ ۾، هڪ وسيع مضمون کي،
جنهن جي تشريح لاءِ هوند. ڪافي عبارت گهرجي، نهايت
صفائيءَ ۽ روانيءَ سان ادا ڪري ٿو:
اکڙين کي هرڻ سمجهو، ته هر خال ٿيو نافه،
دلبر جو همه حسن محاصل ٿيو ختم جو.
ڪيئن نالهء بلبل ڪيو عبث خلق کي بدنام،
اي يار، پڇو گل کان سبب جامه دريءَ جو.
ڏکوئين ڪيئن ٿو دل بلبل سندي تون؟
نه فصلِ گل جون ڳالهيون ڪر خزان ۾!
______
شمع پروانن کي ڏئي ٿي جاءِ محفل ۾ مٿي،
عاشقن جي بزم جانان ۾ عجب توقير آهه.
منظر نگاري: منظر نگاريءَ کي ڏسو، جنهن ۾ امام
حسين عليه السلام جي شهادت جو ڄڻ اکين ڏٺو احوال
ڏئي ٿو:
جهنڊو خداي پاڪ جو بلڪل ٿيو سرنگون،
يعني ڪريو زمين تي امام فلڪ مقام.
لب خشڪ، دل ڪباب، بدن غرق خون ناب،
سينو ڦٽيل ٿيو نيزه و شمشير سان تمام.
ظرافت ۽ طنز: هن فن ۾ ’مخلص‘ صاحب يگانه روزگار
هو. سنڌ ۾ ظريف الطبع شاعر تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن.
جيڪڏهن پيدا به ٿيا هجن، ته به سواءِ
مرحوم ’بلبل‘ ۽ ’مخلص‘ جي اڄ ٻين جو نالو نشان گم
آهي.
’مخلص‘ صاحب موالين، مغرب زده زالن مردن، راشي
ڪامورن ۽ ليڊرن جي چالبازين وغيره کي، ظرافت جي
پردي ۾، اسان جي اڳيان نهايت بيباڪيءَ سان عريان
ڪري ڏيکاري ٿو. البت ڪڏهن ڪڏهن بي خياليءَ ۾ يا
عمداَ ڪي گٿا لفظ به سندس قلم مان نڪريو وڃن، پر
انهيءَ کي سندس طبع جو زور ۽ رواني چئجي يا ظرافت
جي فن ۾ انتهائيت سمجهي، گرفت نه ڪجي، ته چڱو آهي.
نئين فيشن جي نئين محبوب جو لباس ملاحظه ڪريو:
نيم برقعي تي سٿر تائين چڙهي ان کي جُراب،
سينئهء صاف تي جا ڪٽ وري پيوسته ڏٺم.
’مخلص‘ جي هيءَ به هڪ خوبي آهي ته ڪنهن ڳالهه کي
نهايت سليس رنگ ۾، پنهنجا خود ساخته قافيه ڪم آڻي،
اهڙو نقشو ٿو چٽي، جو کلندي کلندي پيٽن ۾ سور. |