هي اهو زمانو هو، جڏهن تکڙ جي شاعريءَ جو ستارو
بامِ عروج تي پهتل هو. ٽکڙ جي هر ذي فهم انسان کي
شعر چوڻ بلڪل سڻائو لڳو ٿي. شاعرن جي صحبت ۽
استادن جي اصلاح مان حافظ صاحب چڱو فيض پرايو ۽
شاعريءَ جي ميدان ۾ سمنڊ خيال کي به خوب ڪڏايائين.
ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بهار اخلاق“ ۽
”الاصلاح“ ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو.
انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، حافظ صاحب جي
ڪلام کي اڃا به وڌيڪ وسعت ملي. عموماَ هر اخبار ۽
هر سالي ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. ڪيتريون
اخبارون سندس نالي جي اڳيان ”استادالشعراء“
لکنديون هيون.
سندس ڪلام: حافظ صاحب جو ڪلام نهايت پختو، سهڻن
لفظن، بلند خيالن، چست بندشن، سهڻن محاورن سان
سينگاريل آهي. پنهنجي اوائلي دور کان وٺي وچين دور
تائين، صاف سنڌي چڱي ڪم آندي اٿس. غزل به گهڻو ڪري
انهيءَ دور ۾ چيو اٿس. پوءِ ”خال خط“ جي خرخسي کي
ترڪ ڪري پنهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ خاطر نظم لکيا
اٿس. جيئن چوي ٿو ته:
خال خط جو مشغلو ”بسمل“ جوانيءَ ساڻ هو،
بند پيريءَ ۾ اها پنهنجي سخنداني ڪيم.
صاف سنڌي: حافظ صاحب جو اوائلي ڪلام، اڪثر صاف
سنڌي ۽ تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل آهي. جيئن هڪڙي
غزل ۾ چيو اٿس:
اکين کي اوهان جي اپر ٿِي اداس،
پرين پرت وارن جي لاهيو پاس،
محبت ۾ ماتام من تي متو،
اٿم عشق ۾ ائين، وجهل ۽ وماس.
نه هڻ تيغ ابروءَ جي بهرِ خدا،
ڪٺن تي ڪريو نيٺ ڪامل قياس.
محاورو: باڪمال شاعر هميشه پنهنجي ٻوليءَ جي
”روزمره“ ۽ محاورن سان پنهنجو ڪلام پُر ڪندو آهي.
ملاحظه ڪريو:
ورڻ جي ڪا وائي وري وار تون،
نه ڪر مون کي نرمل تون هن پر نراس.
هتي حافظ صاحب، ”وائي وارڻ“ جو مشهور محاور ڪم
آندو آهي.
رواني ۽ سلاست: حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ هروڀرو،
دقيق ۽ ثقيل لفظ نٿو ٽنبي، متان پڙهندڙن جي دماغ
تي بار ٿين. مگر ڪوشش ڪري سليس لفظ استعمال ڪري
ٿو، جن جي ڪري سندس ڪلام ۾ چڱي رواني ڏسجي ٿي.
ناهه باغ و بهار جي خواهش، صرف هڪ گلعذاري جي
خواهش.
تيغ ابرو کڻي ٿي يار چيو: عاشق جان نثار جي خواهش!
راهه دلبر ۾ مثل خاڪ آهيان، ٿو رکان شهسوار جي
خواهش.
دل پيشان درد ۾ آهي، ٿئي وري من قرار جي خواهش!
تلميح ۽ تشبيهه: حافظ صاحب جي ڪلام ۾ تشبيهون ۽
تلميحون به گهڻيون ملن ٿيون. مثلاً:
حوصلو تنهنجو ته اي ديدهء گريان نڪتو،
آب اکين مان ٿي هڪ نوح جو طوفان نڪتو.
هتي نوح جي طوفان کي تلميحاً ڪم آندو ويو آهي ۽
پنهنجي اکين جي لڙڪن کي نوح جي طوفان سان ڀيٽيو
ويو آهي.
تخيل: شاعر ڪنهن معمولي ڳالهه کي اهڙي طريقي اسا
ادا ڪندو آهي، جو عام ماڻهو نه ڪري سگهي ۽ پوءِ
انهيءَ خيال جي ادائگيءَ ۾، هن جي خيال جو گهوڙو
اک ڇنڀ ۾ زمين ۽ آسمان جو سير ڪريو اچي. حافظ صاحب
جي تخيل جي بلند پروازي ملاحظه ڪريو:
هاڻ ڏسنداسون وري ذوق جگر سوزيءَ جو،
زخم جي واسطي اڄ شور نمڪدان نڪتو.
آخرين دم ۾ ڪيم عشق جي حالت معلوم،
جان وئي، دم ويو، پر دل جو نه ارمان نڪتو.
ابروي يار تي ڪيم حيف گمانِ قبله،
طاقِ محراب جو هو دشمنِ ايمان نڪتو.
معامله بندي: معامله بندي هر عالي مقام شاعر جو
پهريون فرض آهي. هو جنهن ڳالهه کي چوي ٿو، انهيءَ
جي تلازمي لاءِ هن کي ٻي به اهڙي شيءِ آڻڻي آهي.
جيئن تلوار جي مضمون لاءِ عاشق جو ڦٽجڻ يا جنگ و
جدل کي آڻڻ، يا يار جي نازڪ هٿ جو اُلارڻ، تيغ
هلائڻ وغيره سان تلوار جو مضمون نڀائي سگهجي ٿو.
ملاحظه ڪريو:
يار ڪئي زيب ڪمر اڄ وري تلوار نئين،
حسن ۽ عشق ڪندا پاڻ ۾ پيڪار نئين.
حسن پنهنجي ته وي آهه ڪي بازار نئين،
شوخ شاهد ٿو هلي ناز سان رفتار نئين.
شورشِ عشق ترقي ڪئي دگربار نئين،
حسن نئون، ناز نئون، شوخئ گفتار نئين.
يار آغوش ۾ اڄ، بخت ٿيو بالا منهنجو،
مرحبا هٿ ۾ رسي دولتِ بيدار نئين.
باده نوشيءَ جي ٿي آ منع ۾ جاري فتويٰ،
شيخ جي آهه ڪئي ڳالهه ڪا اظهار نئين.
منظر نگاري: حافظ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪنهن به شيءِ
جو چڱو منظر پيش ٿو ڪري. ڏسو:
آئي نسيم رحمتِ فضلِ خدا سندي،
سر سبز لطف سان ته وري لاله زار ٿيو.
مکڙين جي منهن جو باد صبا بند کوليو،
باغ جهان جو صحن ڦري مشڪبار ٿيو.
ڪيڏا ڪرم ڪريم ڪيا، ڀال بيشمار،
بارش ۾ ابرِ رحمت پروردگار ٿيو.
نرگس جي نازمان نه کڄي ڪنهن ڏي چشم ٿي،
هي ڪيف حسن جي کان گهڻو پرخمار ٿيو.
سنبل سنواري سينڌ لطافت سان ٿو لڏي،
ڇا شانِ دلبريءَ سان ٽڙي آشڪار ٿيو.
حافظ صاحب نظمن ۽ غزلن کان سواءِ، ٽي مثنويون، هڪ
”مثنوي محمدي“ جنهن ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه
وسلم جن جي سيرت بيان ٿيل آهي، ٻي ”مثنوي سسئي
پنهون“، ٽين ”مثنوي دودو چنيسر“ لکيون. جن مان
”مثنوي محمدي“ سندس وفات کان پوءِ محترم محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪوششن سان شايع ٿي چڪي آهي. ٻي
”مثنوي سسئي پنهون“ قلمي حالت ۾ موجود آهي. ”ٽئين
مثنوي دودو چنيسر“ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪو حريف وٽانس
ڪنهن رمز سان تڳائي ويو آهي.
افسوس آهي جو ههڙي جيد شاعر، جنهن جي حيثيت مطابق
سندس شعر جا ڪيترا مجموعا ملڻ گهربا هئا، سي
حوادثِ زماني جي ڪري اڄ ڪن ٻين بوالحوس شاعرن جي
نالي سان دنيا جي سامهون اچي رهيا آهن. مگر جستجو
بعد جو ڪجهه به هٿ آيو آهي، سو به ڪافي آهي. سندس
غزلن جو ديوان ۽ ڪجهه نظم جناب محمد خان صاحب
”غنيءَ“ وٽ موجود آهن، جي انشاءَالله جلد ڪتابي
صورت ۾ ايندا.
هيٺ سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:
انتخاب
”غزليات“
ڪو دم ويهي ته برهه جو ”بسمل“ سان ڪر بيان،
مشتاق ساڻ رمز ۾ رانجهن ويهج رلي.
_________
جان نڪتي نه دل مان دور ٿيو،
درد ۽ غم جو رنج ۽ ارمان.
_________
منهنجي خواهش ڪئي سندس حسن جي بازار گرم،
ورنه عشاق ۾ ائين يار ته مشهور نه هو.
چشم جانان جي ادا جو نه هو گهايل ڪوئي،
مست اکين جي تمنا ۾ ڪوئي چور نه هو
_________
حضرتِ دل ڇا ڪريان گر هجر ۾ آيو بهار،
ري سڄڻ سير گل و گلزار جو ڪهڙو ضرور.
منهنجي گردن ۾ وري وجهه ڪاڪلِ خمدار کي،
بت پرستن واسطي زنار جو ڪهڙو ضرور.
پنهنجي عاشق جي جنازي کي نه ڏج گردن حضور،
گردنِ نازڪ تي اهڙي بار جو ڪهڙو ضرور.
_________
اڃا منهنجي اڱڻ تي ماهرو ۽ مهه جبين ايندا،
اڃا هت خوبروين جا هزارين چهچٽا ٿيندا.
ڪڙن ۾ قرب جي دل ٿيندي مشتاقن سندي ماندي،
جڏهين زلفِ مسلسل ڪاڪلِ خمدار کوليندا.
اڃا فتنا هتي اٿندا انهيءَ مخمور نرگس جا،
اڃا هن تيغ ابروءَ کان هزارين خون فشان ٿيندا.
اٿي ڏيکار ”بسمل“ جوهرِ تيغِ زبان پنهنجو،
سخن ور قدردان تنهنجي سخن تي آفرين ڏيندا.
_________
جو لاله رخ جي محبت ڪيو بي حواس مون کي،
انهيءَ سببه کان سدا دل ٿي داغدار رهي.
زمان امن و امان جو نه آهي هي هرگز،
جو چشم يار جي هردم ٿي فتنه بار رهي.
پياس خون شهيدان ۾ پڻ اڃا ڪا اٿس،
جو چشم ناز و ادا ۾ ٿي برقرار رهي.
ڪنداسون سر کي اڳيان تنهنجي زينتِ فتراڪ،
ڪڏهن جي توکي سڄڻ خواهش شڪار رهي.
نظر قياس جي ڪر ان جي حسن تي زاهد،
ته ڇو هي دل ٿي سندم مبتلاي يار رهي.
نگاهه ڦيري ٿو اڄ ناز سان سڄڻ ”بسمل“،
خدا ڪري ته طبيعت تي اختيار رهي.
_________
آيو نه ڪڏهن حرف شڪايت جو ذهن ۾،
نڪتو جي اندر مان ته ويو گهٽجي گهٽن ۾.
ڪر آهي ڇڏي پنهنجو ويو عڪس گلن ۾،
هنگامو متو شوق جو مرغانِ چمن ۾.
رک پنهنجي شهيدن تي قدم، تيغ، سنڀالي،
ڏسجان نه متان جان اچي موي مُئن ۾.
صياد منڊيو دام ته گلچين ٿو ڇني گل،
بلبل لئي بهار آڻي ٿي افتاد چمن ۾.
اي دشت عدم، ڏسج اڏامي نه سندءِ خاڪ،
وحشي ڪو اچي اڄ ٿو وجهيو چاڪ ڪفن ۾.
موٽي ٿو وڃي موت، رسي گر ٿو ستمگر،
تقدير به ڇا آهه ٿي قاتل جي هٿن ۾!
پهلو ۾ جي ويٺو ته ٺهي درد ٿي ويٺو،
اٿيو ته اٿيا سور نوان جان ۽ تن ۾.
غم مون کي ته ڪجهه ناهه مگر گهر ٿو ڦٽائين،
دل منهنجي ڀڳئي، ڏس نه پوين يار ڏکن ۾.
مقتل ۾ بهار آهه ذرا هل ته ٿئي سير،
گل تنهنجي شهيدن جي ڪڍيا خون پٽن ۾.
اڻ ڄاڻ ٿي لاشي تي وٺي غير کي آيو،
بي رحم ستا سور ٿو جاڳائي سُتن ۾.
ڇو دست حنائيءَ کي ڊڄين يار ٿو رکندي،
تنهنجائي آهن تير انهن دل جي ڦٽن ۾.
هن اهڙي ادا ساڻ ڇڪيو پاڻ ڏي مون کي،
دل وس مان وئي تاب رهيو ڪجهه نه بدن ۾.
معلوم نه ٿيو، عرضِ تمنا تي چيئين ڇا؟
هان هوس اثر نيم تبسم جو چپن ۾.
ڪنهن شوخ جي اکين کان هي ماتام متو آهه،
ساغر پيو ڦري خون جو اڄ بزمِ چمن ۾.
نار جي سندس نظم ته هر شعر ٿيو شيرين،
وه طبع ”عزيز“ آيو وٺي شعر جي فن ۾.
ديوانو ڪٿان آيو ڪرڻ سمع خراشي،
”بسمل“ کي ڏجو داد نه هن طرزِ سخن ۾.
عنقا جي طرح ويهه نه لڪي گوشه گير ٿي،
نڪري اڏام صورتِ شاهين ميسر ٿي.
يا سر وڍائي لائقِ تاج و سرير ٿي،
يا ڏيئي تخت و تاج کي آرام گير ٿي.
ماضيءَ جي آهه شان تي گر توکي افتخار،
غاطل سنواري حال کي تون بينظير ٿي.
هو پرتوو جو وادئ يثرب مان چمڪيو،
ڪر تنهن مان اقتباس ۽ روشن ضمير ٿي.
بطحا جي پيشوا جو هليو آهه ڪاروان،
وٺ نقش پا انهيءَ جو، اٿي راهگير ٿي.
سمجهيم ته آهين مسلم پر تنهنجو ڪٿ ڪمال،
نادان پنهنجي حال تي حرت پذير ٿي.
اسلاف جي اچي ٿي اها قبر مان صدا:
اي ناخلف، نه ڪاهل، عاجز، اسير ٿي.
جوهر قلم جو، تيغ جو ڏيکار آب تاب،
عالم به ٿي، امام ٿي، آفاق گير ٿي.
مسند سنوار پنهنجي علومِ قديم جي،
’رازي‘ به ٿي، ’ڪمال‘ ٿي، ’اءبنِ جرير‘ ٿي.
چمڙو جهلندو تاب نه هن پرتوي سندو،
اسلام جي تون نور جو مهر منير ٿي.
سمجهي اڃا نه قوت ايمان جي تو آهه،
مخدوم روزگار ۽ پيرن جو پير ٿي.
تقدير کي وسار، قلم تون به ٿو رکين،
قسمت جي سر نوشت جو خود ئي دبير ٿي.
”بسمل“ اڳيون نه جوش ڇو تنهنجي سخن ۾ آه،
خاموش هن چوڻ کان اي شاعر شهير ٿي.
”مناجات مسلم“
يا رب ٿي عقل و فهم کان ٻاهر جو تنهنجي ذات،
قائم ازل کان تا به ابد با همه صفات،
پيدا ڪرين ٿو روح کي ۽ جمله ڪائنات،
تون ٿو ڏئين حيات ۽ توکان ملي ممات:
قائم، بذات خود ز ازل تا ابد آهين،
قيوم جي فرد، احد ۽ صمد آهين.
خالق جهان جو ناظمِ ارض و سما به تون،
مختار ڪل جو مالڪِ هر دوسرا به تون،
صاحب جلال و عظمت ۽ ڪبريا به تون،
بندا اسين، اسان جو ڌڻي ۽ خدا به تون:
تنهنجو شريڪ و مثال ڪٿي يا خدا نه آه،
ڪونين جو خدا ڪوئي توکان سواءِ نه آه.
تون عرش تي زمين تي يمين ويسار ۾،
تون ٿو رهين نهان ۾ ۽ پڻ آشڪار ۾،
جلوو آ تنهنجو گردشِ ليل و نهار ۾،
تون باغ ۾، بهار ۾، هر لاله زار ۾،
هر گل ۾ قدرتن جو عيان رنگ ٿو رهي،
هر رنگ کي ڏسي ته عقل دنگ ٿو رهي.
آهين وڏو رحيم، ڪريم و جليل تون،
جاري ڪدڙ جهان ۾ سڀن جي سبيل تون،
بيشڪ شفا دهندهء هر هڪ عليل تون،
تون ڪارساز دهر ۽ ڪل جو ڪفيل تون:
خلاف ڪل جو مالڪ ڪون و مڪان آهين،
تون رازق و غفور وڏو مهربان آهين.
يڪسان سڀن تي تنهنجي نگ التفات آه،
رنج و غمن کان تنهنجي ڪرم سان نجات آه،
دل کي خوشي_ خوشي، کي ميسر ثابت آه،
حاصل جهان جو توکان ئي لطفِ حيات آه:
بندن کي ٿو نوازين حصول و حرام کان،
انعام ڏين ٿو وڏي لطف لاڪلام کان.
قومن جو تنهنجي هٿ ۾ عروج و زوال آهي،
قدرت کي تنهنجي قادر بيشڪ ڪمال آه،
ڪو تخت سلطنت تي به عزو جلال آه،
ذلت جي خاڪ تي ڪو مڪين بي مال آه:
شاهن کان تخت و تاج کسي بي نوا ڪرين،
سي مملڪت ڌڻي ٿو وري تون گدا ڪرين.
يا رب دعاي ”بسمل“ کي مستجاب ڪر!
چمڪائي پنهنجي ذره کي چون آفتاب ڪر!
پيدا وري جهان ۾ چڱو انقلاب ڪر!
مسلم کي شاد ڪام خدايا شتاب ڪر!
نرغي ۾ دشمنن جي پيل کي بچاءِ تون!
واماندگن کي واٽ تي پرور پڄاءِ تون!
”سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ تي“
شرابِ ارغواني جو ڀري ڏي جام، اي ساقي!
خدارا مي ڪشن تي ڪر ڪو اڄ انعام، اي ساقي!
پيارج پرت مان اهڙو مئ گلفام، اي ساقي!
رهي باقي نه مون هوش جو ڪو نام، اي ساقي!
مدامي شل رهي آباد ساقي تنهنجو ميخانو!
اچي معمولر ڪر هڪ جام مي سان دل جو ويرانو!
خزان ويئي بهار آئي چمن ٿيو گلفشان آهي،
قباي نو بغل ۾ ڪئي سمن ۽ ارغوان آهي،
خوشيءَ کان اڄ دهن غنچه ٿيو خنده زنان آهي،
ترنم تهنيت جو بلبلن ڪيو بر زبان آهي:
بنايئون قابلِ نظاره اڄ اجلال گلشن جو،
نه اهڙو ڪنهن ڏٺو هرگز ڪڏهن اقبال گلشن جو.
شبِ غم وئي وهامي نيٺ ٿيو رنگ سحر پيدا،
نمودِ صبح صادق ۾ ٿيو خورشيدِ ظفر پيدا،
ڏسو باغِ وطن ۾ ٿيو صداقت جو ثمر پيدا،
نهالِ آرزوي قوم ۾ ٿيو بار و بر پيدا:
عملداران آزاديءَ کي نصرت جي ندا آئي،
جدا ڪيئون سنڌ بمبئيءَ کان اها دلڪش صدا آئي
جدا ڪيئون سنڌ کي صوبو ڪري اڄ ڌار بمبئيءَ کان،
وٺي هٿ ۾ حڪومت کي ٿي خود مختيار بمبئيءَ کان،
عزيزنِ وطن آزاد ٿيا سرڪار بمبئيءَ کان،
نه رهندو ملڪ کي خفرو، لٿو آزار بمبئيءَ کان:
ٻڌايو تار برقيءَ ملڪ کي فرمانِ آزادي،
مسرت سان پڙهيو هو ڪنهن اهو عنوان آزادي.
درِ آزادگي کولي ڏنائون سنڌ وارن کي،
ڪيائون دلدهيءَ سان شاد سڀني بيقرارن کي،
مسرت جو مليو پيغام اڄ اميدوارن کي،
ڏنائون مرهمِ جان بخش قومي دلفگارن کي:
زمانو نڪبت و ادبار جو انجام تي آيو،
مه اقبال چمڪي اڄ وطن جي بام تي آيو.
نويد زندگي مضمر هو ان پيغام شاهيءَ ۾،
دمِ عيسيٰ ڏٺو هر ڪنهن انهيءَ اڪرام شاهيءَ ۾،
رهياسون منتظر مدت کان جنهن انجام شاهيءَ ۾،
مليو آخر اهو اڄ آه هن اعلام شاهيءَ ۾:
ورق گردان وري تاريخ ٿئي سنڌي تمدن جي،
بهادر افازي دنيا هير ٿئي پنهنجي ئي گلشن جي.
نظر ۾ پيو اچي ساڳيو اڳيون اقبال سنڌين جو،
خدا گهريو ته ٿيندو جلد بهتر حال سنڌين جو،
فلڪ تي بدر ٿيندو ڪوڪب اجلال سنڌين جو،
قرينِ ڪامراني ٿيندو ماه و سال سنڌين جو:
زمانو ٿيندو حيرت ۾ ڏسي سنڌي جلالت کي،
سگهو ڳائيندي دنيا هن اسان جي عز و عظمت کي.
نظر اڳيان اسان جي منظر علم و فضيلت آه،
اها ارزانيءَ دولت، اها صنعت ۽ حرفت آهه،
ڪشايش جو وسيلو هٿ ۾ دنيا جي تجارت آه،
ڏسون ٿا هاڻ قبضِ ۾ سڄو سامان راحت آهه:
نه بيڪاريءَ کان نالان ٿين افرادِ وطن هرگز،
نڪو افلاس کان ڏسجي ڪٿي رنج و محن هرگز.
نشانِ عظمتِ قومي ڏسون پيا پنهنجي صحرا ۾،
ترقيءَ جو نظارو ٿو ڦري اڄ چشم بينا ۾،
ڏسون پيا موجِ گوهر ريز پيدا آهه دريا ۾،
عجائب دلفريبي آهه هن جي روي زيبا ۾:
صلاي عام يارو آهه ٿيو آباد ميخانو،
ڀري بيٺو هٿن ۾ آهه ساقي صاف پيمانو.
اٿو اهل وطن ٿي هاڻ يڪدل يڪ زبان بنجي،
وڌو اڳتي زماني ۾ دليل ڪاروان بنجي،
ڪريو ميدان کي سر، فاتحِ همت نشان بنجي،
رسو هڪدم بلنديءَ تي مثالِ آسمان بنجي:
اڃا اهنجي اڳيان هڪ ڪشمڪش جو امتحان آهي،
اوهان جي تاڪ ۾ دشمن اڃا تائين نهان آهي.
ڇڏيو اهلِ وطن سڀ باهمي بغض و عداوت کي،
ملي تازو ڪريو هڪوار پيمانِ محبت کي،
ڏسو ٿا خانه جنگيءَ مان وڃي پهتا مذلت کي،
کڻي ويٺا مٿي تي دائمي بارِ مصيبت کي:
نه ايندو ڪم اوهان کي ڪو ٻيو هن هيڪلائيءَ ۾،
رهو يڪمشت ٿي لله هن قومي لڙائيءَ ۾.
اله العالمين نئين سر اسان کي ڪامگاري ڏي!
مقيد ٿياسون ذلت ۾ انهيءَ کان رستگاري ڏي!
اسان جي باغ اجڙيل کي وري جوش بهاري ڏي!
ٿئي سرسبز ساري سنڌ، اهڙي آبياري ڏي!
اجابت جو کلي در، عاجزن جي التجائن تي،
اٿي اي جوش رحمت هاڻ ”بسمل“ جي دعائن تي!
سيد محمد عالم شاهه ”عالم“
علامه اسدالله شاهه ”فدا“ ۽ حاجي محمد حافظ شاهه
جو ڀائيٽو ۽ سيد حاجي غلام شاهه جو وڏو فرزند، سيد
محمد عالم شاهه ”عالم“، 30_ جمادي الاول 1306هه ۾
موجوده ٽکر ۾ تولد ٿيو.
تعليم و تربيت: ابتدائي تعليم لاءِ کيس علامه حافظ
محمد يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. پاڻ اڃا حافظ
صاحب وٽ پڙهندو هو، ته هڪ ڏينهن مسٽر پرنگل، هالا
ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، حافظ صاحب جي مڪتب جو
معائنو ڪرڻ آيو.
مڪتب ۾ ٻين شاگردن سان گڏ، محمد عالم شاهه کان به
چند عقلي سوال پڇيائين. پرنگل صاحب عالم شاهه جي
جوابن مان سندس تيز فهم هجڻ جو پورو پورو اندازو
لڳايو ۽ سيدن کي چيائين ته؛ ”عالم شاهه کي انگريزي
تعليم ڏيو.“ سيدن پرنگل صاحب جي صلاح قبول ڪئي ۽
جيستائين عالم انگريزي پڙهڻ لڳو، تيستائين علامه
”فدا“ وٽ حافظ بسمل ۽ مرحوم فيض محمد شاهه سان گڏ
عربي پڙهڻ لڳو.
سال کن کان پوءِ کيس سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾
ويهاريو ويو، جتي مئٽرڪ تائين پڙهائين، پر
يونيورسٽيءَ کيس وڏي عمر هئڻ ڪي، امتحان ۾ ويهڻ نه
ڏنو. (انهيءَ وقت مئٽرڪ جي امتحان لاءِ عمر جي حد
مقرر ٿيل هئي). مدرسي کي ڇڏي ائين بيڪار پئي
گهميو. ته کيس مرحوم نور محمد ۽ محترم دين محمد
(عليگ) صلاح ڏني ته: ”عليڳڙهه پڙهڻ وڃ.“ ٿوري عرصي
کان پوءِ عالم شاهه عليڳڙهه وڃي پهتو. مگر الله
تعاليٰ کي سندس وڌيڪ تعليم شايد منظور نه هئي، ڳوٺ
۾ سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجي ويا ۽ کيس واپس
گهرايو ويو، ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس تعليم جو
سلسلو هميشه لاءِ منقطع ٿي ويو.
شعر و شاعري: عالم شاهه کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو
شوق هو. خاص ڪري علامه ”فدا“ ۽ حافظ شاهه جي صحبت
مان ججهو فيض پرايائين. سندس غزلن ۽ ڪافين ۾ نج
سنڌي لفظ گهڻي قدر ڪم آيل آهن. ڪافين ۾ چڱو سوز ۽
اثر آهي. ڪافين تي حافظ شاهه جي صحبت جو ججهو رنگ
چڙهيل اٿس. ٻين شوقن وانگر شاعريءَ جو شوق به
زماني جي لاهين چاڙهين ڪري کانئس ڇڏائي ويو، ۽
اڳتي هلي انهيءَ علم و ادب جي مشغلي کان ايترو دور
ٿي چڪو هو، جو سندس ڪتب خانو جنهن ۾ ڪيترائي علمي
۽ ادبي نادر الوجود ڪتاب موجود هئا ۽ ان ۾ خود
سندس بياض به موجود هو، سو گهڻي وقت نه ڏسڻ ڪري
اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو ۽ هڪڙو ورق به صحيح سلامت
نه مليو. صرف چار ڪافيون ئي ملي سگهيون آهن.
شاهه صاحب هڪ چڱو تاريخدان هو. خاص ڪري اسلامي
تاريخ تي چڱو مَلڪو حاصل هوس. سندس گفتگو نهايت
سهڻي ۽ عالمانه هئي. افسوس، شاهه صاحب 30 مئي
1955ع ۾ وفات ڪري ويو.
ڪافي
(ٿل) هليا جنگ جوڳي سي نروار نانگا،
لتاڙي لنگهيا لڪ لڪيون ۽ لانگها
نه ٻولين ڪنهن سان، ٻڌن ڪانهن ڪنهن جي،
رکن ڪانه پرواهه، پرائي نه پنهنجي_
ڇنا سڱ سامين، سياڪا ۽ سانگا.
وڌئون بک بگري، ڪشيائون ڪمر،
رميا راهه رڃ جي نه کنيئون سڃ سمر_
چڙهي چوٽ ٿيئڙا ڏسڻ کان مهانگا.
شرعيت سندا شمس، تار طريقت،
سندا معرفت مهر، هادي حقيقت_
وڃي توڙ پهتا تري تار تانگها.
اٿي ڳولهه ان لئي ڳليون ڳوٺ ”عالم“،
سدا صاف صحبت سونهين تن جي سالم_
انهن کان سکج عشق جا انگ اڙانگا.
ڪافي
هوت هلي هڪوار، آ تون مون ڏي مهرون موڙي.
جانب تنهنجي جدائيءَ جهوريو،
هن گنگهر ۾ گهارڻ گهوريو،
لهج سماءُ سڌ سار،
ورهه وڏا مون وڌا وڇوڙي.
عين اهي جڏهن نيڻ ڏٺا مون،
سوز منجهان تڏهن سور سٺا مون،
ان کان پوءِ آزار،
عشق ارن کان ڇڏيس الوڙي.
درشن تنهنجو دلبر ڪيئڙم،
هائي اچي هي هاڃون پيئڙم،
برهه وجهي هي بار
ورن ونگن ۾ وڌيس وڪوڙي.
”عالم“ ڏي اي عجيب اچيجاهه.
ونگي وجهي پوءِ ڪيم وڃيجاهه،
ڪيم مئن کي مار،
نانگي نينهن نيوم نهوڙي.
ڪافي
ٿل: تو سوا جيءَ جا جيار، زهر ڀانئيان زندگاني.
گهور جي گهايل سان گڏجي ڪا گهڙي گوهر گذار،
جي ڪيئي واعدا وري سي، پرت مان پيمان پار.
آ هلي هڪوار جاني.
موٽ مئيءَ جا محبت هاڻي، عشق ڪيس عاجز اپار،
برهه بيحد باهه ڀڙڪائي، اٿيا دل مان بخار،
ٿي جلي جاني جواني.
آهه ”عالم“ وات وائي، راتو ڏينهن پرين پچار،
سيگهه مان سانول لهو، تنهنجي سما ڪا سڌ ۽ سار.
ڪيس فراقن هاڻ فاني.
ڪافي
صبر ڪر سهجئين سور،
ڏينهن ڏکن جا تولئي هاڻ آيا.
دردن دونهن لاٽ لڳائي،
باهه برهه جي ڀڙڪي آئي_
دلبر ٿي ويا مون کان دور،
ڪين پيارل پاڻهي آيا.
فالون پايو پنڌ پڇان ٿي،
راتو ڏينهان لوهه ۾ لڇان ٿي_
خاطوءَ خط نه رسايو مور،
ته سانگي اڄ ڪه سڀاڻي آيا.
”عالم“ کي آهي اُڪير عجيبن،
قرب منجهان من ملي قريبن_
پون پرين جا پلپل پور،
شال سڻان مون نماڻيءَ آيا!
پير آقا محمد اسماعيل جان ”روشن“
پير آقا محمد حسين جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند پير
آقا محمد اسماعيل جان ”روشن“ 1307هه ۾ موجوده ٽکڙ
۾ ڄائو. سندس ولادت ۽ پرورش هڪ اهڙي عظيم المرتبت
گهر جي آغوشِ علم و عرفان ۾ ٿي، جو پنهنجو مٽ پاڻ
آهي. خواجه عبدالرحمان رحه پنهنجي هن پوٽي جي باري
۾ ڪيتريون بشارتون ڏنيون.
تعليم و تربيت: 1312هه ۾ کيس علامه يوسف جي مڪتب ۾
ويهاريو ويو. مرحوم حافظ يوسف جي زندگيءَ ۾
ئي درس تدريس جو بارگران ”دلگير“ مرحوم جي سر تي
هو. 1322هه ۾ حافظ يوسف جي رحلت کان
پوءِ ”دلگير“ مرحوم ”روشن“ صاحب جو باقاعده استاد
ٿيو. حافظ صاحب وٽ، قرآن، سنڌي، فقهه ۽ پارسيءَ
کان سواءِ شعر و شاعريءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين
عربيءَ ۾ علامه ”فدا“ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل
هوس.
عادات و اطوار: 20 سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي ۽
ٻن سالن بعد سڄي عيال سميت پهرين حيدرآباد پوءِ
ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ ٿر ۾ سڪون پذير ٿيو.
سندس پيدائش جو وڏو حصو اقربا نوازي ۽ مساڪين
پروريءَ جو نذر ٿيندو هو. انهيءَ سبب ڪري باوجود
وڏي زميندار هئڻ جي، وفات وقت ڪابه نقد رقم نه
ڇڏيائين. سندس عادت هوندي هئي ته ڪڏهن به نوان
ڪپڙا نه پائيندو هو، ڇو ته کيس اهو شڪ هوندو هو ته
ڪلف ڏيڻ وقت چرٻي استعمال ڪرڻ ۾ حلال ۽ حرام جو
امتياز ڪونه ٿو ڪيو وڃي. |