باب ڇهون
ساراپل بندرگاه وٽ مئڪس کي جهاز تان روانو ڪيو ويو. هن وڃڻ وقت
ڪنهن کي به الوداع نه ڪئي ۽ شاندار نموني لٿو هليو
ويو. ان جي پٺيان اُها خوش خورم عورت به ٽرڪندي
پئي ويئي ۽ ان جي پٺيان اها ڪومائل ڇوڪري هئي. ان
جا وار کنڊريل ۽ اکيون سڄيل هيون. ڳپل وقت تائين
سرجي ڪپتان جي ڪئبن وٽ سر جهڪايو ويٺو هو. پنهنجو
مٿو در سان پئي هنيائين، ان کي پئي چميائين ۽
رڙيون پئي ڪيائين – ”مون کي معاف ڪريو! اهو مئڪسن
جو ڏوهه هو، ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوهه نه هو.“
خلاصين، کوري وارن ۽ ڪجهه مسافرن کي ڄاڻ هئي ته هن ڪوڙ ٿي هنيو،
پر هنن هن جي سفارش ڪئي– ”هاڻي هن کي کڻي معاف
ڪريو.“ ڪپتان هن کي اهڙي لت وهائي ڪڍي، جو
بولاٽيون کائيندو ويو. آخر هن کي بخشيائين. سرجي
تڪڙو تڪڙو ڊيڪ ڏانهن ڀڳو ۽ چانهه جي ٽري کڻي
مسافرن جي آس پاس هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ ۽ انهن
ڏانهن ائين نهارڻ لڳو، جيئن مار کاڌل ڪتو نهاريندو
آهي.
مئڪس جي جاءِ تي وياتڪا مان هڪڙي سپاهيءَ کي رکيو ويو. هن جو بت
ڏٻرو، مٿو ننڍو ۽ اکيون سرڻ جهڙيون سرخ هيون. هن
کي چيائون ته ”چوزا ڪهي آءُ.“ جڏهن ٻه ڪٺيائين، ته
باقي ڀڄي ويس. مسافرن انهن کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ٽي ڪڪڙ جهاز تان ٽپو ڏيئي، وڃي پاڻيءَ ۾ پيا.
سپاهي بورچيخاني جي ڀرسان پيل ڪاٺين جي ڍڳ مٿان
ويهي روئڻ لڳو.
”اڙي بيوقوف توکي ڇا ٿيو آهي؟“ سماوري غصي ٿي، پڇيس، ”سپاهي به
ڪڏهن رنو!“
”مان ته فالتو سپاهين مان هوس،“ هن وراڻيو. پوءِ ته هن جي شامت
آئي. اڌ ڪلاڪ اندر هو جڳ جو تماشو بنجي ويو. ماڻهو
هن وٽ هڪ هڪ ٿي ٿي آيا ۽ هن کي چتائي پئي ڏٺائون ۽
پڇيائون – ”ڇا، هي اهو آهي!“
هن پهريائين ته ان ڳالهه ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ ائين ٿي لڳو
ڄڻ هن کي هنن جي کلڻ جو به پتو ڪو نه هو. پنهنجي
ڳوڙهن کي پنهنجي پراڻيءَ قميص جي ڪفن تي اهڙيءَ
ريت اگهي رهيو هو، ڄڻ ته هو انهن کي پنهنجي قميص
جي ٻانهن ۾ لڪائيندو هجي. آخر هن کي ماڻهن جي مڙڻ
جو پتو پيو، هن جي ڳاڙهين اکين مان ڪاوڙ ۾ الا
نڪرڻ لڳا، ۽ پنهنجي وياتڪا ٻوليءَ ۾ تڪڙي رڙ ڪري
چيائين، ”ڇا ٿا ڏسو؟ توهان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏڻ
گهرجي.“
انهيءَ ته پاڻ مسافرن کي هشي ڏئي ڇڏي. هن تي چپٽيون وڄائڻ لڳا.
هن کي چولي ۽ ڪوٽ کان ڇڪڻ لڳا ۽ هن کي ٻڪريءَ
وانگر ڦيرائڻ لڳا ۽ اهو تماشو منجهند جي مانيءَ
تائين هلندو رهيو. پوءِ ڪنهن ڇا ڪيو، جو چوسيل
ليمون ڪاٺ جي چمچي ۾ وجهي، هن جي ڪوٽ جي پَلو سان
ٻڌي ڇڏيو. جيئن جيئن چمچو پئي لڏيو، ماڻهن ۾ ٽهڪڙو
پئجي ويو ۽ هو ويچارو پڃري ۾ ڦاٿل ڪئي وانگر هيڏي
هوڏي تڪڙو پئي ڀڳو. ويچاري کي انهيءَ جو پتو ئي ڪو
نه هو ته هو مٿس ڇو کلي رهيا هئا.
سماوريءَ جو منهن ڪهل ڀريءَ عورت جي منهن جهڙو نرم ٿي ويو ۽ ماٺ
ڪيو هن کي ڏسندو رهيو.
سپاهيءَ جو اهڙو حال ڏسي، مون کي جهٻو آيو ۽ سماوريءَ کان پڇيم،
”ڇا، هن کي ٻڌايان؟“
هن وات مان لفظ ٻولڻ کانسواءِ ڪنڌ لوڏيو.
مون جڏهن هن کي ٻڌايو ته ماڻهو مٿس ڇو کلي رهيا هئا، ته پَلَو
مان چمچو ڇني، هيٺ ڦٽو ڪيائين ۽ ان کي لتون هڻڻ
لڳو ۽ پوءِ پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجي وارن کي
کڻي سوگهو جهليائين. جيئن اسين هڪ ٻئي کي دسي رهيا
هئاسين، تيئن مسافر کڳيون هڻندا، اسان جي چوڦير
گول ٺاهي بيهي رهيا. سماوري انهن کي پري ڪري، ڌوڪي
آيو، اسان ٻنهي کي جدا ڪري، مون کي ٿڦ وهائي
ڪڍيائين ۽ سپاهيءَ کي ڪن کان کڻي سوگهو جهليائين.
جڏهن ماڻهن ويچاري جيتامڙي سپاهيءَکي هن جي پڪڙ ۾
ڦٿڪندو ڏٺو ته هوڪرو لائي ڏنائيون. ڪڏهن سيٽيون
پئي وڄايائون، ڪڏهن زمين تي لتون پئي ٺوڪيائون ۽
پيٽن کي هٿ ڏيئي پئي کليائون – ”سپاهيءَ سان ٿو
وڙهي! وهائي ڏي بورچيءَ کي پيٽ وارو ٽَڪُر!“
هنن جو اهڙو جهنگلين جهڙو ٽهڪڙو ٻڌي، دل ۾ جڪ ٿي آيم ته ڏنڊو
کڻي هنن سڀني جا مٿا ڦاڙي رکان. سماوري سپاهي کي
ڇڏي، جهنگلي رڇ جيان مسافرن ڏانهن منهن ڪيو. هن جا
هٿ پٺيان هڪ ٻئي جي مٿان رکيل هئا. هن جي ڇاتي سڌي
۽ ڏند ٻاهر نڪتل هئا. ”وڃو پنهنجي جاين ڏانهن!
جلدي ڪيو، وڃو!“
وري سپاهيءَ مون تي ڪاه ڪئي، پر سماوري، سپاهيءَ کي هڪ هٿ ۾
سوگهو ڪري، پنهنجي ويهڻ واريءَ جاءِ ڏانهن کڻي
ويو. اتي پاڻيءَ جي نلڪي هيٺ کڻي ويهاريائينس ۽ هن
جي ڪاٺيءَ جهڙي سڪل جسم کي ائين پئي ڦيرايائين، ڄڻ
هو ڪاٺ جو گڏو هو.
خلاصي، ٻيڙين وارا ۽ نائب ڪپتان ڊڪندا آيا. مسافر به هوريان
هوريان ڪٺا ٿي ويا. سڀني مان نائب ڪپتان جي منڍي
هٿ کن مٿي بيٺي هئي ۽ هو هميشه وانگر خاموش بيٺو
هو.
سپاهي پوءِ ڪاٺين جي ڍڳ تي ويهي رهيو. پنهنجا بوٽ لاهي ڦٽا
ڪيائين ۽ پنهنجن آلن جورابن کي هوا ۾ لوڏي سڪائڻ
لڳو. هوڏانهن هن جي ڀنل مٿي مان پاڻي هيٺ پئي
ٽميو. مسافرن کي کلڻ لاءِ ٻيو چرچو هٿ اچي ويو.
”پرواهه نه ڪيو،“ سپاهيءَ چيو، ”مان انهيءَ ڇوري کي ضرور خون
ڪندس.“ سماوريءَ مون کي ڪلهي کان جهلي نائب ڪپتان
سان ڳالهايون ۽ خلاصين مسافرن کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو.
پوءِ سماوريءَ سپاهيءَ کان پڇيو، ”هاڻي توسان ڇا
ڪجي؟“
هن ڪجهه به نه ڪڇيو، مون ڏانهن خار ڀريل اکين سان ڏسندو رهيو ۽
پاڻ کي آپي کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائين.
”پاڻ کي ٿڌو ڪر، او شيطان جا تخم،“ سماوريءَ چيس.
”گهڻو حڪم ٿو هلائين، ڪهڙي ملڪ جو والي آن؟“ سپاهي وراڻيس.
مون ڏٺو ته ان جواب وڏي بورچيءَ کي منجهائي وڌو. هن جا ڦوڪيل
مِٽا ڦٿل ٽماٽي وانگر ڍلا ٿي ويا، هن ٿڪ اڇلائي،
مون کي ڇڏي ڏنو.مان هن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳس ۽
بيوقوفن وانگر ڪنڌ ورائي پئي سپاهيءَ کي ڏٺم،
سماوريءَ بي چين لهجي ۾ چيو، ”بلڪل وحشي آهي!
تنهنجو خيال ڇاهي؟“
سرجي ڊوڙندو اسان وٽ آيو ۽ سواءِ ساه کڻڻ جي چوڻ لڳو-
”هو پاڻ کي خون ڪري رهيو آهي.“
”ڪٿي آهي؟“ سماوريءَ ڊڪندي پڇيس.
سپاهي نائب ڪپتان جي ڪئبن اڳيان بيٺو هو ۽ هڪڙو وڏو ڇرو پئي
ڦيرايائين. اهو اِهو ڇرو هو، جنهن سان ڪڪڙيون
ڪهندا هئا ۽ تنور جي لاءِ ڪاٺين جي به وڍ ڪندا
هئا، جنهن ڪري اهو بلڪل مڏو ٿي ويو هو ۽ ڪارائيءَ
وانگر کرنڊ پئجي ويا هئيس.
مسافر وري هن جي چوگرد گول ٺاهيو بيٺا هئا ۽ هن مسخري تي جنهن
جي مٿي مان اڃا پاڻي پئي ٽميو، کلي رهيا هئا. هن
جي مني نڪ وارو منهن ڌونري وانگر پئي ڇلڪيو؟ هن جو
وات پٽجي ويو هو ۽ چپ لڙڪي پيا هئا هن مسافرن کي
رومڙ ڪري چيو، ”ظالمو! بي رحمو!“
مون کي ڪا شيءِ ملي ويئي، جنهن تي بيهي، ماڻهن جا ٽهڪ ڏيندڙ
منهن ڏسي پئي سگهيس ۽ انهن کي هڪٻئي کي سڏيندو ٻڌي
پئي سگهيس- ”ڏس! ڏس ته سهي!“
جڏهن هو پنهنجي ننڍڙي ٻار جهڙي سنهڙي هٿ سان گهنجيل قميص پنهنجي
پتلون ۾ وجهي رهيو هو، ته منهنجي ڀرسان بيٺل هڪڙي
ٺاهوڪي ماڻهوءَ ڍيڪ ڏنو، ”مرڻ جي تياري ڪري رهيو
آهي. ڇڙو قميص اندر وجهڻي اٿس!“
انهيءَ تي ٽهڪرو پئجي ويو. اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته هو سمجهي
رهيا هئا ته هي خودڪشي نه ڪندو ۽ منهنجو به اهو
خيال هو. سماوري هن ڏانهن غور سان نهاري، ماڻهن کي
مڪون هڻندو، هٽائيندو، رڙيون ڪندو ويو ”بيوقوفو،
رستو ڏيو!“
هن ور ور ڪري مسافرن کي بيوقوف پئي سڏيو. مسافرن جي هڪڙي ٽولي
ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”بيوقوفو، پنهنجن جاين
ڏانهن وڃو!“
اها ڳالهه کل جهڙي ٿي لڳي، پر هئي حقيقت. ڇا ڪاڻ ته سڀني صبح
کان وٺي بيوقوفن جهڙي هلت هلي هئي. مسافر ٽڙي پکڙي
ويا. هو سپاهيءَ وٽ آيو. هن جي ٻانهن کي سوگهو
جهلي چيائين، ”مون کي ڏي ڇرو!“
”مون کي تنهنجي پرواهه ناهي!“ سپاهيءَ ائين چئي، ڇرو کڻي اڳتي
ڪيو. سماوريءَ ڇرو وٺي، مون کي ڏنو ۽ سپاهيءَ کي
ڪوٺي ۾ گهلي ويو- ”سمهي ننڊ ڪر، توسان نيٺ به ڪهڙو
ويل آهي؟،
سواءِ اکر چوڻ جي سپاهي بستري تي ليٽي پيو.
”هي تنهنجي کائڻ لاءِ ڳڀي ٽڪر ۽ پيئڻ لاءِ ووڊڪا جو ڍڪ کڻي ٿو
اچي. تون ووڊڪا پيئندو آهين؟“
”ڪڏهن ڪڏهن ٿورو چڪو.“
”خيال ڪجانءِ هن کي هٿ نه لائجان. هن تو سان اِهو چرچو نه ڪيو
هو. سمجهين ٿو؟ مان توکي ٻڌايان ٿو ته اهو هن جو
ڪم نه هو.“
”هو مون کي ايترو ڇو ٿا ستائين؟“ سپاهيءَ پڇيو.
سماوري ٿورو وقت سانت ۾ رهيو. پوءِ وڏو ساه کڻي چيائين، ”مون کي
ڪهڙو پتو؟“
مون سان گڏ بورچيخاني ۾ ايندي چوڻ لڳو، ”ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي،
جو ماڻهن هن جو ٺٺو کڻي ٺاهيو هو. هن ويچاري جو
حال ڏس. ماڻهوءَ جو مٿو ڦيرڻ سولي ڳالهه آهي. هو
بدمعاش هن کي ڄورون ٿي لڳا هئا ۽ ويچاري جا ماشا
ئي ڦيرائي ڇڏيا هئائون. هتي ڪيترائي ماڻهو ڄؤرن
مثل آهن. اڃا ڄؤرن کان به خراب.“
مان جڏهن سپاهيءَ لاءِ ماني، گوشت ۽ ووڊڪا کڻي ويس، ته هو بستري
تي اونڌي منهن پيو هو ۽ زالن وانگر روئي رهيو هو.
کاڌو ميز تي رکندي، چيومانس، ”اٿي کاءُ!“
”در بند ڪر!“
”پوءِ اونده ٿي ويندي.“
”بند ڪر، نه ته وري اندر اچي، ڌمچر مچائيندا.“
مان هن کي اڪيلو ڇڏي نڪري آيس. هن ۾ اک وجهي ڏسڻ مون کي ڏاڍو
ڏکيو پئي لڳو. هن جي لاءِ منهنجي دل ۾ ايترو رحم
پيدا ٿي ويو، جو مان اداس ٿي ويس. هزارين ڀيرا
نانيءَ ور ور ڪري چيو هو – ”انسان کي انسان سان
همدردي ڏيکارڻ گهرجي. اسان سڀ سورن ۾ ورتا پيا
آهيون ۽ اسان لاءِ زندگي گهارڻ ڏاڍي ڪٺن ڳالهه
آهي.“
”ماني ڏئي آئينس؟“ وڏي بورچيءَ پڇيو. ”هاڻي ڪهڙي حال ۾ آهي؟“
”مون کي هن جي حال تي ڏک ٿو ٿئي.“
”اڙي، هاڻي وري ڪهڙي مصيبت آهي؟“
”ڪو به ماڻهو پاڻ کي ٻين لاءِ ڏک محسوس ڪرڻ لاءِ روڪي نٿو
سگهي.“
سماوريءَ مون کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ”تنهنجي همدردي
اجائي نه ويندي، پر همدرديءَ جي ڳالهين ڪرڻ ۾
پنهنجو وقت نه وڃائيندو ڪر. جڏهن توکي اهو پتو نه
هجي ته ديڳڙو رڌبو ڪيئن آهي، ته سکندو ڪر.“
پوءِ مون کي ٿورو ڌڪو ڏيئي چيائين، ”هيءُ هنڌ تو جهڙي لاءِ
ڪونهي. هان، هي سگريٽ ڇڪ.“
مسافرن جي رويي مون کي اداس بنائي ڇڏيو هو. هنن جنهن نموني
سپاهيءَ سان هلت ڪئي هئي، اها سنگدلي هئي. انهن جي
ٽهڪن ۾، جنهن مهل سماوري هن کي ڪن کان سوگهو ڪيو
بيٺو هو، وحشيپڻو لڪل هو. هنن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي
اهڙيءَ رحم جوڳيءَ ڳالهه مان ڪيئن خوشي پئي حاصل
ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هنن کي ايترو مزو
پئي ڏنو؟
هو سڀ وري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي موٽي ويا هئا. هاڻي هو ڪرسين
تي ويٺا هئا. ڪي آرام ڪرسين تي آهليا پيا هئا.
شراب پئي پيتائون، تاس راند پئي کيڏائون، چرچا پئي
ڪيائون، سنجيدگيءَ سان بحث پئي ڪيائون يا نظارا
پئي ڏٺائون. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته اُهي ساڳيا ماڻهو
هئا ئي ڪين، جن ڪلاڪ کن اڳ سيٽيون پئي وڄايون ۽
ٺٺوليون پئي ڪيون. هينئر سڀ سانتيڪا ۽ ماٺيڻا ٿي
ويٺا هئا. صبح کان وٺي شام تائين ڊيڪ تي اهڙيءَ
ريت پئي ڦريا، جيئن هوا ۾ کنڀ يا سج جي ڪرڻن ۾
ذرڙا. هاڻي وري بندرن تي ڏهن ڏهن جون ٽوليون ٺاهي
هو لهي رهيا هئا. اهڙا ئي وري ٻيا ماڻهو جهاز
ڏانهن وڌندا پئي آيا. هنن جي هٿن ۾ ساڳئي قسم جون
پيتڙيون، هڙون ۽ ڳٺڙيون هيون ۽ انهن کي ساڳئي قسم
جا ڪپڙا پاتل هئا.
مسافرن جي اهڙيءَ ريت اچ وڃ جو جهاز جي پنهنجيءَ زندگيءَ تي ڪو
به اثر ڪو نه ٿي پيو. آيل ماڻهو به ويل ماڻهن
واريون ساڳيون ئي ڳالهيون ساڳين ئي جملن ۾ ڪندا ٿي
رهيا. زمين، ڪم، خدا ۽ عورت، هنن جو خاص موضوع
هئا.
بلڪه هنن جي ڳالهائڻ جو نمونو ۽ لفظ به ساڳيا هئا- ”اسان جون سڀ
تڪليفون ۽ مصيبتون الله جي حڪم موجب آهن، اسان جو
ڪم انهن کي صبر سان سهڻو آهي. ٻيو وڌيڪ اسين ڇا ٿا
ڪري سگهون! اهو اسان جي نصيب ۾ لکيل آهي.“
اهي جملا ٻڌي، مون کي اداسائي به ٿيندي هئي ۽ چڙ به لڳندي هئي.
مان گندگي يا بيماري سهڻ برداشت ڪري سگهيس ٿي پر
بي انصافي ۽ بيعزتي منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي. مون
کي پتو هو ته نه مان، نه ئي سپاهي اهڙيءَ بڇڙيءَ
هلت جا لائق هئاسين. سپاهيءَ جو مُنهن ۽ ڏيک اهڙو
هو، ان لاءِ هو ڪيئن ٿي جوابدار ٿي سگهيو.
مئڪس جيڪو سٻاجهو ۽ سانتيڪو هو، ان کي نيڪالي ڏني ويئي هئي، پر
بڇڙي سرجيءَ کي رکيو يو هو. اهي ماڻهو، جن ويچاري
سپاهيءَ جو مغز ذري گهٽ ڦيري ڇڏيو هو، ڇاجي ڪري
سماوريءَ جي دهمانن تي رڍن جي ڌڻن وانگر ماٺ ڪيو
هليا ويا هئا. ڇا جي لاءِ هنن اهڙيون گاريون
برداشت ڪيون هيون؟
”اڙي شيطانو، ڊيڪ جي هڪڙي پاسي ڇاجي لاءِ گوڙ ڪيو بيٺا آهيو؟“
خلاصين جو جمعدار پنهنجون نور جهڙيون اکيون
مرڪائيندي هنن کي چوندو هو، ”جي جهاز لوڏو کاڌو ته
سڀ ڌو پاڻيءَ ۾ وڃي ڪندؤ.“ جنهن تي ”شيطان“ ماٺ
ڪري رڍن وانگر وري ڌڪجڻ لاءِڊيڪ جي ٻئي پاسي وڃي
وڃي ڪٺا ٿي ٿيا.
”خدا جي لعنت هجيوَ، احمقؤ!“ جهاز ۾ خلاصين جو جمعدار پٺيان
انعام ڏيندو هون.
گرم راتين جو لوه جي چادرن هيٺ، جن کي سج سڄو ڏينهن پيو ساڙيندو
هو، دم پيو نڪرندو هو، تنهن ڪري مسافر ٽنڊڻن جي
ولرن وانگر ڊيڪ تي ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ جتي ايندو
هون اتي ڊهي پوندا هئا. خلاصي انهن کي لوهي سيخن
جون چوڪون ڏيئي رڙيون ڪري، اٿاريندا هئا- ”هتي
ڇاجي لاءِ ڦڙها لڳا پيا آهيو، پنهنجين جاين تي
واپس وڃو!“
هو اٿي ننڊاکيل ماڻهن وانگر هٿوراڙيون ڏيندا هئا، پوءِ جيڏانهن
هڪليندا هئن، اوڏانهن هليا ويندا هئا. خلاصي
مسافرن کان رڳو پوشاڪ ۾ الڳ هئا، انهيءَ هوندي به
هو سپاهين وانگر انهن کي هر وقت دٻائيندا رهندا
هئا. سڀ کان وڌيڪ مسافرن جي جيڪا ڳالهه مون کي نه
وڻندي هئي، سا هنن جي بي روح ۽ بزدلانه
فرمانبرداري هئي. ائين لڳندو هو، ڄڻ ته هنن کي اها
ڄاڻ ئي ڪانهي ته انهن کي هيڏانهن نيو پيو وڃي ڪٿي
لاٿو ويندو. جتي به هنن کي لاٿو ويندو هو، هو اتي
ٿورو ترسي، وري اسان جي جهاز يا ٻئي ڪنهن جهاز تي
چڙهي، پنهنجي مسافري نئين سر شروع ڪندا هئا. ائين
ڏسبو هو، ڄڻ هي رستو وڃائي ويٺا آهن، هنن جو نه مٽ
آهي نه مائٽ ۽ هن ڌرتيءَ تي ڄڻ بلڪل اوپرا آهن ۽
هو سڀ بي سمجهه ۽ بزدل آهن.
هڪ ڀيري لڙيءَ رات جو وقت هو، جو مشينن ۾ ڪا خرابي ٿي پيئي ۽
توب جي گولي ڦاٽڻ جهڙو ٺڪاءُ ٿيو. جهٽ پٽ انجڻ
واري ڪمري مان ٻاڦ نڪري، سڄيءَ ڊيڪ کي وڪوڙي ويئي.
ڪنهن ماڻهوءَ، جو ڏسڻ ۾ نه آيو، رڙ ڪئي. ”گاوريلو،
ڪو گاديلو ۽ ڪجهه ڳاڙهو شيهو کڻي وٺجاءِ!“
منهنجو هنڌ انجڻ جي ڪمري جي ڀرسان ٿانون صاف ڪرڻ واريءَ ميز تي
هو. ٺڪاءَ ۽ لوڏن تي مان جاڳي پيس. ڊيڪ تي ماٺ
هئي. انجڻين وٽان هلڪو آواز ۽ هٿوڙن جي ٺڪ ٺڪ پئي
آئي. پر ٻن ٽن منٽن کان پوءِ مسافرن جي رڙو رڙ
شروع ٿي ويئي ۽ ماٺ قيامت جهڙي گوڙ ۾ تبديل ٿي
ويئي.
سفيد ڪوهيري مان جيڪو اول ئي پکڙجي ويو هو، ڄنڊن کليل عورتون ۽
مڇين وانگر گول گول اکين وارا گدلا مرد ڊڪندا پئي
آيا. چوڌاري هٻڙ ڌٻڙ لڳي ويئي، مسافر، خلاصي سڀ
هڪٻئي سان پئي ٽڪريا، بنڊلن، پيٽين ۽ صندوقن هيٺان
ڦهڪو ڏيئي پئي ڪريا، هڪ ٻئي کي پئي ڌڪيئون ۽
لتاڙيئون، خدا ۽ نڪولاس وليءَ کي پئي پڪاريائون.
اهو لقاءُ ڀوائتي هوندي به مزي جهڙو هو ۽ مان انهن
کي ڏسندو رهيس ته ڏسان ته هن کان پوءِ هو ڇا ٿا
ڪن؟
پنهنجي حياتيءَ ۾ ”هراس“ ڏسڻ جو مون کي هيءُ پهريون موقعو هو،
تڏهن به مون کي اها ڳالهه چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي ته
مسافرن کي اجايو خوف ٿيو هو. جهاز پنهنجي رفتار
گهٽ ڪا نه ڪئي هئي. ”سلامتيءَ جا پٽا“ ويجها پيا
هئا. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ پئي چمڪيو ۽ ڪافي
روشني هئي.
پر ڊيڪ جا مسافر چرين وانگر هيڏي هوڏي پئي ڀڳا. ايتري ۾ مٿين
درجن جا مسافر به اچي انهن سان شريڪ ٿيا. هڪڙي
ماڻهوءَ ڊيڪ تان هيٺ ٽپو ڏنو، پوءِ ٻئي، پوءِ
ٽئين. ٻن ڪڙمين ۽ هڪڙي پادريءَ ڪاٺ جا ٿلها ڏنڊا
کڻي ڊيڪ سان کتل بينچ تي وسائڻ شروع ڪيا ۽ ان جا
بردانا ئي ڪڍي ڇڏيا. چوزن جو وڏو پڃرو هيٺ ڦٽو ڪري
ڇڏيائون. ڊيڪ جي وچ ۾ ڪپتان لاءِ جا ڏاڪڻ هئي، ان
جي تري وٽ هڪڙو ڳوٺاڻو گوڏا کوڙيو ويٺو هو ۽ جيڪي
ماڻهو اتان لنگهيا پئي، انهن جي اڳيان جهڪيو پئي ۽
گدڙ وانگر پئي واڪا ڪيائين، ”مان عيبدار آهيان-
مان گنهگار آهيان...“ هڪڙو سانهه جهڙو ٿلهو شهري،
جنهن پتلون ته پاتي هئي، پر قميص پائڻ وسري ويئي
هيس، ڇاتي ڪٽي رهيو هو- ”شيطانو، ٻيرين تي سوار
ٿيو!“
خلاصين انهن کي ڪالرن کان جهلي انهن جا مٿا هڪ ٻئي سان پئي
ٺڪاءُ ڪرايا ۽ پوءِ ڊيڪ تي ڦٽو ڪري پئي ڇڏيو.
سماوري به ڊوڙندو اچي پهتو. پاجامي جي مٿان اوور
ڪوٽ پهريل هوس. گلو ڦاڙي تقرير ڪرڻ لڳو، ”اڙي
توهان کي شرم اچڻ گهرجي. ڇا تي ايڏو لڙ لڳايو
اٿوَ؟ ڇا، جهاز بيهي رهيو آهي؟ ڇا، ان جي رفتار
گهٽجي ويئي آهي؟ اجهو سامهون ڪنارو آهي، جن
بيوقوفن هيٺ ٽپو ڏنو هو، انهن ڏانهن سلامتيءَ وارا
پٽا اڇلايا ويا آهن ۽ انهن جي تلاش جاري آهي.“
جيئن جيئن ڳالهايائين پئي تيئن ٿرڊ ڪلاس مسافرن کي مٿي واري
اهڙي مڪ وهائي پئي ڪڍيائين، جو ڳوڻ وانگر هيٺ اچي
پئي ڦهڪو ڪيائون.
اڃا اهو هنگامو ختم ئي نه ٿيو هو، ته هڪڙي عورت، جنهن کي وڏو
چوغو پيو هو، سماوريءَ تي رومڙ ڪري آئي ۽ ٻوٿ وارو
چمچو وهائي ڪڍيائينس. پوءِ رڙ ڪري چوڻ لڳي،
”تنهنجي اها همت...“
هڪڙو ماڻهو، جو پاڻيءَ ۾ ڀڳو ڀُت ٿيو پيو هو، پنهنجي مڇ کي
چوسيندي، هن کي ٻانهن کان جهلي، ڊنل آواز ۾ چوڻ
لڳو، ”ڪم عقل، هن کي ڇڏي ڏي.“
سماوري پنهنجون ٻانهون لوڏي ۽ حيرت ۾ اکيون پٽي، مون کان پڇڻ
لڳو، ”اڙي، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هيءَ منهنجي پٺيان ڇو
پئي آهي؟ عجب جي ڳالهه آهي! مون ته هن ٻانڀ کي
حياتيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو آهي!“
هڪڙي ڳوٺاڻي، جنهن جي نڪ مان رت وهي رهيو هو، دانهن ڪئي – ”اڙي،
هنن کي انسان ڪير چوندو، هي ته ڌاڙيل آهن ڌاڙيل!“
انهيءَ اونهاري جي ختم ٿيڻ کان اڳ مون اهڙا ٻه هراس ڀريل هنگاما
ڏٺا، جي حقيقي خطري جي ڪري نه پر ڊپ جي ڪري برپا
ٿيا هئا. ٽئين ڀيري ٻن چورن کي مسافرن پڪڙي وڌو.
چورن مان هڪڙي کي غير ملڪي لباس پهريل هو، پورو
ڪلاڪ مسافرن هنن جي گنج پئي لاٿي، ان کان پوءِ
خلاصين کي خبر پئي ۽ جوابدار کي انهن جي هٿن مان
ڇڏائي، وٺي ويا. پوءِ ته مسافرن خلاصين تي هڪ پئي
لاٿي ۽ ٻي پئي چاڙهي- ”چورن جا ڀائر ڳنڍي ڇوڙ!
توهين پاڻ بدمعاش آهيو، تڏهن ته اوهين هنن بدمعاشن
لاءِ ڪُرڪو ٿا.“
چورن کي بيهوشيءَ جي حد تائين ڪٽيو هئائون، تنهن ڪري ٻئي لنگر
تي، جڏهن انهن کي اختياريءَ وارن جي حوالي ڪيو ويو
ته هو بيهي به نه پئي سگهيا.
اهڙا ٻيا ڪيترائي وقت آيا، جڏهن جذبا جوش ۾ اچي ويندا هئا ۽ مان
فيصلو ڪري نه سگهندو هوس ته ماڻهو چڱا آهن يا
بڇڙا. اهي صلح ۾ رهڻ ٿا پسند ڪن يا چڻنگ ڏيئي
چوچڙي دکائڻ ٿا چاهن. مون کي هنن جو ظلم، هنن جو
ٻين ماڻهن کي ستائڻ جو شوق ۽ ٻئي تي ڪهل ڪرڻ وقت
ڪيٻائڻ جونمونو سمجهه ۾ نه ايندو هو.
مون وڏي بورچيءَ کان اها ڳالهه پڇي پر هن پنهنجو منهن دونهين جي
بادلن ۾ لڪائي، کڙڪ جواب ڏيئي، ان کي ختم ڪري
ڇڏيو- ”هيءَ ٽر ٽر ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين؟ انسان
انسان آهي. ڪي عقلمند ۽ ڪي بيوقوف آهن. ڳالهائڻ
بند ڪر ۽ پڙهڻ شروع ڪر. ڪتابن ۾، منهنجو مطلب آهي.
چڱن ڪتابن ۾، توکي جواب ملي ويندا.“
هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪتاب سوکڙيءَ طور ڏيڻ جو خيال ڪيم. انهيءَ
ارادي سان ڪازان ۾ پنجن ڪوپيڪن ۾ ”سپاهيءَ جو قصو
جنهن پيٽر اعظم جي حياتي بچائي“ نالي ڪتاب خريد
ڪيم. هو انهيءَ وقت شراب پي رهيو هو ۽ ڇتو لڳو پيو
هو. تنهن ڪري اهو ڪتاب پاڻ ويهي پڙهڻ لڳس. مون کي
ان مان ڏاڍي موج آئي. اهو ننڍڙو، سولو لکيل، سمجهه
۾ ايندڙ ۽ مزيدار هو. مون کي پڪ هئي ته منهنجي
استاد کي به مزو ڏيندو پر هن ان کي پورو ڏسڻ
کانسواءِ، پنهنجي هٿ ۾ گول مول مروٽي، پاڻيءَ ۾
ڦٽو ڪري ڇڏيو.
”بيوقوف، اهو آهي تنهنجو ڪتاب!“هن چيو، ”مان توکي ڏينهن رات
طوطي وانگر پيو پڙهايان ۽ تون وري اهڙا واهيات
ڪتاب وٺيو پيو اچين.“
هن زمين تي لت وهائي ڪڍي ۽ يخيءَ ۾ پئجي ويو.
”ڪهڙي قسم جو ڪتاب مون کي ٿو ڏين! ڇا، مان اهڙا واهيات ڪتاب
پڙهندس! ڇا مان اهڙو بيوقوف آهيان؟ تون سمجهين ٿو
ته جيڪي ان ۾ لکيل آهي سو سچ آهي مون کي جواب ڏي!“
”مون کي پتو ڪونهي.“
”پر مون کي پتو آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جو سر وڍين ها، ته هن جو
جسم ڏاڪڻ تان هيٺ اچي ڦهڪو نه ڪري ها ۽ پوءِ هن جو
ٻيو ساٿي گاهه جي ڍير مٿان چڙهي، ڏسي نه وٺي ها!
سپاهي بيوقوف ناهن. هو چوڌاري باه لڳائي ڇڏين ها،
۽ ائين انهن جو انت اچي وڃي ها- سمجهين ٿو؟“
”هائو.“
”اصل ڳالهه اها آهي. مون کي راز پٽر بابت سڀ خبر آهي. اهڙي ڪا
به ڳالهه هن سان ڪا نه ٿي هئي. چڱو، هاڻي هلندو
ٿيءُ!“
جيتوڻيڪ سمجهيم ته وڏو بورچي جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي، سو بلڪل
سچ آهي پر ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻي ويو هو، تنهن ڪري
مون ڪتاب جي ٻي ڪاپي خريد ڪري، ان کي ٻيهر پڙهيو.
منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن مون محسوس ڪيو ته
ڪتاب بلڪل چٽ هو. انهيءَ ڳالهه مونکي وائڙو ڪري
ڇڏيو پر وڏي بورچيءَ جي عزت منهنجي دل ۾ وڌي ويئي.
جيئن پوءِ تيئن هو وڌيڪ ناراض پئي ٿيو ۽ مون کي
وري وري چوڻ لڳو، ”توکي تمام گهڻو پرائڻو آهي ۽
هيءُ هنڌ تنهنجي واسطي موزون ڪونهي.“
مان پاڻ سمجهندو هوس ته اهو هنڌ منهنجي لاءِ موزون نه هو.
سرجيءَ جي بڇڙي هلت مون کي وياڪل بنائي ڇڏيو هو.
مون هڪ نه پر ڪيترا ڀيرا ڏٺو ته هن چانهه جو سامان
۽ ڇريون چورائي مسافرن کي ڏيئي ٿي ڇڏيون. مون کي
پتو هو ته اها چوري هئي، جنهن کان سماوريءَ مون کي
ڪيترا ڀيرا خبردار ڪيو هو- ”خيال ڪجان!، جيئن ڪو
به ملازم تنهنجي ميز تان ڪوپ بسيون وغيره تڳائي نه
وڃي!“
انهيءَ ڳالهه منهنجي لاءِ مصيبت وڌائي ڇڏي. رڳو سماوريءَ جي ڪري
اتي رهيو پيو هوس، ورنه جهاز تان ٽپو ڏيئي جهنگ
منهن ڪري هليو وڃان ها. هن جي مون تي شفقت ڏينهون
ڏينهن وڌندي ٿي رهي ۽ جهاز جي لاڳيتيءَ هل هلان
مان به مزو پئي آيم. جهاز جو بيهڻ مون کي بيزار
ڪري وجهندو هو ۽ جهاز جي هلڻ مان ڪاما ندي، بيلايا
ندي ۽ ويانڪا نديءَ جي سفرن ۾ وڏي وولگا نديءَ ۾
موٽي اچڻ جو شوق ۽ نون نظارن شهرن ۽ ماڻهن کي ڏسڻ
جي آرزو هوندي هيم.
پر ائين بهرحال ٿيڻو نه هو. منهنجي جهاز واري زندگي اوچتو ختم
ٿي ويئي. هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن ڪازان کان نجنيءَ
ڏانهن واپس ٿي رهيا هئاسين ته مون کي نائب ڪپتان
پاڻ وٽ گهرايو. منهنجي اندر وڃڻ کانپوءِ دروازو
بند ڪيو ويو. هن سماوريءَ کي، جيڪو اسٽول تي شوڪيو
ويٺو هو، چيو، ”اجهو هي آهي!“
سماوريءَ خشڪ نموني مون کان پڇيو، ”تو سرجيءَ کي ڪي ڪوپ ۽ بسيون
ڏنيون آهن؟،
”هو منهنجي پر پٺ کڻي ويندو آهي.“
نائب ڪپتان آهستگيءَ سان چيو، ”هي ڏسندو ناهي ته به هن کي پتو
آهي!“
سماوريءَ پنهنجي گوڏي تي ڌڪ هنيو، پوءِ ان تي هٿ گهمائيندي
چيائين، ”سوچ ڪري، جواب ڏي!“
مون خيال ۾ ٻڏي، نائب ڪپتان ڏانهن نهاريو، جنهن جواب ۾ پنهنجي
عينڪ جي شيشن مان، جن جي پٺيان ائين ٿي لڳو ڄڻ هن
کي اکيون هيون ئي ڪو نه، گهوري نهاريو. هو سانتيڪي
زندگي گهاڙيندو هو، آهستي هلندو هو ۽ هوريان
ڳالهائيندو هو. اڃا هن جي بي رنگ ڏاڙهيءَ يا هن جي
بي خيال اکين ڏانهن مس نهاربو هو ته هو اتان هوا
ٿي ويندو هو. سمهڻ کان اول ڪافي وقت تائين محراب ۽
ان ۾ ٻرندڙ بتيءَ جي اڳيان گوڏا کوڙي عبادت ۾
مشغول رهندو هو. هن جي ڪئبن جو در ٿورو کليل هوندو
هو، ته ان جي ٻيڪڙ مان هو ڪاري بجڪي وانگر ڏسڻ ۾
ايندو هو. هو عبادت ۾ ڇا چوندو هو، تنهن جو مون کي
ڪجهه پتو نه پيو. پر مون هن کي گوڏ تي جهڪي، مجسمي
ڏانهن نهاريندو، ڏاڙهي کنهندو ۽ ٿڌا ساهه ڀريندو
ڏٺو هو.
سماوريءَ، ماٺ کي ٽوڙيندي، چيو، ”ڪڏهن به سرجيءَ کان ڪي ڏوڪڙ
ورتا اٿئي؟“
”نه!“
”ڪڏهن به نه“
”هي ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.“ سماوريءَ نائب ڪپتان کي
چيو، جنهن پنهنجي مردار آواز ۾ وراڻيو، ”ساڳي
ڳالهه آهي تون پاڻ ڏس“
”هل!“ وڏي بورچيءَ چيو. پوءِ هو منهنجي ميز وٽَ اچي پنهنجي هٿ
سان منهنجي مٿي کي ٿڦڪي هڻندي چوڻ لڳو، ”بيوقوف! ۽
مان به ته بيوقوف آهيان! مون کي خيال رکڻ کپندو
هو.“
نجنيءَ وٽ پهچي، نائب ڪپتان مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. مون
کي اٽڪل اٺ کن روبل مليا، جيڪا منهنجي پهرين وڏي
ڪمائي هئي.
مون کي الوداع ڪندي، سماوري چيو، ”سو آخر ائين ٿيو. اڄ کانپوءِ
اکيون کولي هلجانءِ، سمجهيئه؟ ڪٿي احمقن وانگر رڳو
وات پٽي نه هلجانءِ.“
منهنجو هٿ کولي ان تي تماڪ جي ڳوٿري رکيائين ”هيءَ تنهنجي لاءِ
آهي. هٿ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل اٿس. منهنجي دين جي
ڌيءُ منهنجي لاءِ بنائي هئي. چڱو، الوداع، پڙهندو
رهجانءِ. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو چڱو ڪم ڪو نه
ملندئي.“
مون کي پنهنجن هٿن ۾ مٿي کڻي مٺي ڏنائين، ۽ پوءِ هيٺ دڪي تي
لاهي بيهاريائين. مون کي هن تي ۽ پاڻ تي ڏک ٿي
رهيو هو. هو جڏهن ڪولين کي پاسي ڪندي، جهاز ڏانهن
وڌيو، ته مان پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيس ۽ هو
ڪيترو نه ڊگهو، ڳورو ۽ اڪيلو ٿي لڳو!
ان کانپوءِ اهڙي قسم جي ڪيترن ماڻهن سان مليو هوندس، جيڪي نيڪدل
۽ تنها آهن ۽ زندگيءَ جي جنجهٽن کان بلڪل الڳ
پنهنجي زندگي گهارين ٿا. |