سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-15

صفحو : 15

باب پندرهون

ميدانن ۾ ڪريل برف رجڻ لڳي. سياري جا بادل آسمان جي پچر ڇڏي راهي ٿي رهيا هئا ۽ ويندي ويندي زمين تي آليءَ برف مٿان پنهنجا آخري ڦڙا وسائيندا پئي ويا. سج پنهنجي ڏينهن جي سفر پوري ڪرڻ ۾ ڪجهه ڊيگهه ڪندو ٿي رهيو. ائين ٿي لڳو ته بهار شهر ۾ اچي منهن ڏيکارڻ کان اڳ سر سبز ٻنين ۽ ٻارن ۾ ڪجهه دير لڪي ويٺو هو. گهٽيون گپ سان ميريون ٿي ويون هيون ۽ نالا وهڻ لڳا هئا. انهن وڻن تان جن تان برف رجي ويئي هئي، جهرڪيون ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳيون. جهرڪين وانگر ماڻهن ۾ به زندگيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. مقدس لينٽ جي گهنڊن جي آوازن بهار جي ٻين سڀني آوازن کي لَٽي ڇڏيو هو. اُهي پراڻا سکڻا گهنڊ ڪنن ۾ ٻري رهيا هئا. انهن گهنڊن جي آواز ۾ عمر رسيده بزرگن جي لهجي وانگر نصيحت سمايل هئي ۽ اداسائيءَ مان اُهي چئي رهيا هئا- ”گهڻي وقت جي ڳالهه آ، گهڻي وقت جي ڳالهه آ!“

منهنجي نالي واري ڏينهن تي ڪاريگر دعوت ڪئي ۽ هنن مون کي ”الڪسي، خدا جي مقبول ٻانهي“ جو مجسمو تحفي طور ڏنو. ان موقعي تي ’ذخاريف، جا سنجيده تقرير ڪئي سا اڃان تائين ياد اٿم. ”تون ڇا آهين؟“ هن پنهنجون آڱريون ميز تي هڻندي ۽ ڀرون مٿي ڪندي، تقرير شروع ڪئي- ”بلڪل ٻار، تيرهن سالن جو يتيم ڇوڪرو ۽ مان، تو کان عمر ۾ اٽڪل چئوڻو آهيان. انهيءَ هوندي به تنهنجي تعريف ڪيان ٿو ڇا ڪاڻ ته تون زندگيءَ جي تڪليفن کان منهن نٿو موڙين، پر انهن سان مڙس ٿي مقابلو ڪرين ٿو ۽ اصل ڳالهه اها آهي؛ هميشه مشڪلاتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪندو رهج!“

پوءِ هو صالح بندن ۽ خدا جي ٻانهن بابت ڳالهائڻ لڳو، پر مون کي ’خدا جي ٻانهن‘ ۽ ’صالح بندن‘ ۾ ڪو فرق سمجهه ۾ نه آيو ۽ مان سمجهان ٿو ته هن کي به ڪو فرق سمجهه ۾ نه آيو هوندو. هو تقرير ڪندو رهيو. ماڻهو هن تي کلندا رهيا ۽ مان هٿ ۾ مجسمو جهليو هن جي تقرير ٻڌندو رهيس ۽ خوشيءَ جي جوش ۾ ڳاڙهو ۽ پريشان بيٺو رهيس. آخر ڪاپين ڊوخين ڪاوڙ مان چيس، ”هاڻي اها ڊيگهه بند ڪر! ڪنهن جي موت تي دعا پنڻ ڪو نه آيو آهين! تنهنجي اها واکاڻ ٻڌي، هن جا ڪن ئي پچي پيا آهن!“

پوءِ منهنجي پٺي ٺپري، هو پاڻ منهنجي تعريف ۾ شروع ٿي ويو، ”تنهنجي وڏي خوبي اها آهي ته تون سڀني سان قرب سان پيش ايندو آهين. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند آهي پر انهيءَ ڪري جڏهن توکان ڪا ڪوتاهي ٿي ويندي آهي ته توکي ڇينڀڻ يا مارڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.“

اُهي سڀ مون ڏانهن قرب جي نظرن سان اهڙيءَ ريت نهاري رهيا هئا، ڄڻ ته انهن کي منهنجي پريشانيءَ جو پتو پئجي ويو هو. هنن جي نظرن ۾ پنهنجي ايتري عزت ڏسي، خوشيءَ کان منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ساڳئي ڏينهن صبح جو دڪان جي مئنيجر ٻڍي پيٽر کي پئي چيو، ”هيءُ بيحد شرارتي ڇوڪرو آهي- نه  ڪم جو نه ڪار جو!.“

انهيءَ ڏينهن صبح جو دستور موجب دڪان تي ويو هوس، ته مئنيجر مون کي چيو، ”گهر موٽي وڃ. اُتي بهار جي ڇت ۽ سامان واري ڪوٺي تان برف ميڙي صاف ڪري ڇڏ.“

هن کي خبر ڪا نه هئي ته اهو منهنجي نالي وارو ڏينهن هو ۽ مون کي اهو به پتو ڪو نه هو ته ٻين کي ڪا انهيءَ جي خبر آهي. جڏهن ڪارخاني وارو جشن پورو ٿيو، ته مان ڪم جا ڪپڙا پهري، ڊوڙي ٻاهر نڪتس ۽ بهار جي ڇت تي چڙهي ويس ۽ سياري جي ڄميل برف پاهوڙي سان هيٺ ڦٽي ڪندو ويس. جوش ۾ مون کان سامان جي ڪوٺيءَ جو در بند ڪرڻ وسري ويو، تنهن ڪري ڪيتري برف ان ۾ وڃي ڪري هئي. جڏهن مان هيٺ لٿس، تڏهن ڏٺم ته سامان جي ڪوٺي برف سان ڀرجي ويئي هئي. مان جهٽ پٽ سامان جي ڪوٺيءَ مان برف ڪڍڻ کي لڳي ويس. ڄميل برف ڳري هئي ۽ اسان وٽ ڪو به لوهه جو پاهوڙو ڪو نه هو ۽ مون وارو پاهوڙو ڪاٺ جو هو، تنهن ڪري ڪم آهستي ۽ ڏاڍي تڪليف سان پئي ٿيو. عين اُن وقت جڏهن مئنيجر در کولي اڱڻ ۾ داخل پئي ٿيو ته مون کان ڪاٺ جو پاهوڙو ڀڄي پيو ۽ ائين ”مصيبت يڪ نه شد دو شد“ واري ڳالهه سچي نڪتي.

”هان!“ مئنيجر گوڙ ڪندي چيو، ”واه جو ڪم ٿو ڪرين! گڏهه، بيهه ته تنهنجي لاک ٿو لاهيان!“ ۽ هن ڀڳل پاهوڙي جو ٽڪر کڻي مون تي الر ڪئي.

پٺتي هٽندي، مون وراڻيس، ”مون کي مزدورن جي ڪم لاءِ ڪو نه بيهاريو ويو آهي.“

هن اهو پاهوڙو منهنجي گوڏن ۾ ڇاپڙ ڪري هنيو ۽ مان وري هن کي برف جو ڳنڍو ٻوٿ وارو وهائي ڪڍيو. هو گجندو ۽ گڙندو هليو ويو. مان به پاهوڙو اتي ڦٽو ڪري، ڪارخاني ڏانهن هليو ويس. گهڙي نه گذري، ته هن جي محبوبه، جنهن جو منهن مائيءَ جي داغن سان چٽيو پيو هو، آئي ۽ رڙ ڪري چيائين، ”هل توکي مٿي سڏين ٿا!“

”مان نٿو هلان.“ مون جواب ڏنس.

”نٿو وڃين!“ لاريونچ عجب مان پڇيو. ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟“

مون هن کي سموري ڳالهه ٻڌائي ۽ هو مون تي وٽ سٽ کائيندو، پاڻ مٿي چڙهي ويو- ”اڙي بابا، هيءَ ته گستاخيءَ جي ڳالهه ٿي!“

هيٺ ڪارخانو مئنيجر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي آوازن ۾ ڀرجي ويو. ڪاپين ڊوخين چوڻ لڳو، ”هو توکي هاڻي ضرور ٽپڙ ٻڌائيندا.“

مون کي اُنهيءَ جي ڪا به پرواه نه ٿي. منهنجا تعلقات مئنيجر سان اول ئي خراب ٿي چڪا هئا. هن جي دشمني مون سان ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي ويئي ۽ هو ان کي کليو کلايو بيان ڪندو هو. منهنجي دل ۾ به هن جي لاءِ ڪافي ڌڪار پيدا ٿي ويئي هئي. هن جي واهيات هلت مون کي حيران ڪري ڇڏيندي هئي.

هو ڇا ڪندو هو، جو مون کي چور ثابت ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا سڪا پٽ تي ڦٽا ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن مان ٻوهاري ڏيڻ ويندو هوس، ته اُهي سڪا کڻي فقيرن کي خير ڏيڻ واري، دخل تي رکيل ڪشڪول ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڀيري چيومانس، ”آخر تنهنجو منهنجي اڳيان ائين پئسن ڦٽي ڪرڻ مان ڪهڙو مقصد آهي؟“

هو اڀامي چوڻ لڳو، ”تون ڪير آهين جو مون کي ٿو سمجهائين؟ مان پنهنجن ڪمن کي وڌيڪ ٿو ڄاڻان.“ پر يڪدم پنهنجي غلطي درست ڪندي چيائين، ”اڙي تون ڇا ٿو چوين ته مان ڄاڻي واڻي ٿو پئسا ڦٽا ڪيان؟ پئسا اتفاق سان ڪري پوندا هوندا.“

مون کي دڪان ۾ ڪتابن پڙهڻ جي منع ڪري ڇڏيائين- ”اهو تنهنجو ڪم ناهي، اجايو پنهنجو مٿو خراب نه ڪر. اڙي لوفر، ديول جو وڏو پادري ٿيڻ ٿو گهرين ڇا؟“

هو لڳاتار اها ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪيئن نه ڪيئن مون تي پئسن جي چوريءَ جو الزام مڙهي سگهي. مان اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهندو هوس ته جيڪڏهن مون ڪنهن ڦٽي ڪيل سڪي کي ٻهاري، ڪنهن ڪنڊ ۾ پاسيرو ڪري ڇڏيو ته يڪدم هو مون کي چور ڪري وٺندو. انهيءَ ڪري مون هن کي چيو، ”پنهنجي اها چال ختم ڪر، توکي اها ڪم ڪا نه ايندي!“ انهيءَ ئي ڏينهن جيئن هوٽل مان گرم پاڻي کڻي واپس وريس، ته هن کي ڀر واري دڪان جي نئين وڪري ڪندڙ ملازم کي چوندو ٻڌم، ”اٽڪل ڪري هن کان جيڪي نوان ڪتاب اچي رهيا آهن، اُنهن مان هڪڙو هٿ ڪري وٺ!“

مان جيئن اوچتو اندر آيس ته هنن جي منهن جو رنگ ئي لهي ويو ۽ ککا وکا ٿي ويا. هاڻي پاڻ اها ڳالهه وڌيڪ ظاهر ٿي پيئي ته اهي منهنجي برخلاف گهاٽ گهڙي رهيا هئا.

حقيقت ۾ اهو وڪري وارو اتي ڪو نئون به ڪو نه هو. اڳي به اُتي هُن نوڪري ڪئي هئي. هو پنهنجي ڪم ۾ وڏو چالاڪ ۽ تريناڪ سمجهيو ويندو هو پر هن ۾ شراب پيئڻ جي ڪمزوري هئي، انهيءَ ڪري هن جي مالڪ هن کي دڪان تان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ وري ويجهو ئي واپس نوڪري ڏني هئائينس. هن جو بت ڏٻرو، نپوڙيل، رت کان خالي هو ۽ هن جون اکيون حرفتي هيون. هو پنهنجي مالڪ جي حڪم جي تابعداري ٻڌن ٻانهن وانگر ڪندو هو. هو  سدائين چپن ۾ چالاڪن وانگر پيو مرڪندو هو ۽ طنز ڀريا جملا پيو ڳالهائيندو هو. جيتوڻيڪ هن جا ڏند صاف ۽ ٻٽيهي سلامت هئي، ته به هن جي منهن مان گندي قسم جي هڪ بدبوءِ پيئي ايندي هئي.

هڪڙي ڏينهن هن جي عجيب حرڪت منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون. هو پيار سان مرڪندو، منهنجي ويجهو آيو ۽ اوچتو ئي اوچتو منهنجي ٽوپي لاهي، مون کي ڄنڊن کان کڻي سوگهو جهليائين. مون پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو ته هن جي پڪڙ مان جند ڇڏان، پر هو مون کي دڪان اندر ڪنڊ ۾ گهلي ويو، جتي هن مون کي رکيل مجسمن جي مٿان ڌڪي ڏيڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. جيڪڏهن هو ان ۾ ڪامياب ٿئي ها، ته شيشا ڀڄي پون ها ۽ دڪان جي ڪيترين شين کي نقصان پهچي وڃي ها. پر هو ڪمزور هو، تنهن ڪري جلد ئي مون هن کان پاڻ ڇڏائي ورتو. منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جو هو هڪدم فرش تي ويهي، پنهنجي زخميل نڪ کي هٿ لائي، اوڇنگاريون ڏيئي، روئڻ لڳو.

ٻه ٽي ڏينهن پوءِ صبح جو جڏهن هو اڪيلو هو ۽ پنهنجي زخميل نڪ ۽ سڄيل اک جي ٽاڪور ڪري رهيو هو، ته مون کي دوستاني نموني چيائين، ”ڇا، تون سمجهين ٿو ته مون پاڻ تو تي حملو ڪرڻ پئي گهريو؟ مان اهڙو بيوقوف ڪين آهيان. مون کي پتو هو ته تون مون کان زور آهين. مون کي طاقت آهي ئي ڪا نه، مان ته پنهنجي ساه ۾ پيو مران. اهو سڀ تنهنجي مئنيجر جي چوڻ تي ٿيو. هن چيو هو، ’اهڙي ڪا ترڪيب ڪر، جو توهين دڪان ۾ وڙهو ۽ هن کان ڪا شيءِ ڀڄي پوي، پوءِ ڏس ته آءٌ ڇا ٿو ڪريان!‘ نه ته مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو، جو مان پاڻمرادو ائين ڪيان ها! ڏس، منهنجي ٻوٿ تي ڪهڙا چٽ چٽيا اٿئي!“

مون کي هن جي ڳالهه تي اعتبار آيو ۽ هن جي لاءِ ڏاڍو افسوس ٿيم. مون کي اهو به پتو هوندو هو ته هو سدائين اڌ بکيو رهندو هو. هو هڪڙيءَ اهڙيءَ عورت سان رهندو هو، جيڪا به سدائين پيئي هن جي ٽپڻ ڪٽيندي هئي. مون هن کان پڇيو، ”جيڪڏهن هو توکي چوي ته ڪنهن کي زهر ڏي ته پوءِ؟“

”هو ائين به ڪرائي سگهي ٿو.“ هن ڦڪي کل کلندي چيو، ”اها هن جي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي چيائين، ”مان صفا سڃو ٿي ويو آهيان، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪڻو به ڪونهي. منهنجي سريت وات ڦاڙيو ويٺي آهي. ڇا، تون مون تي ايتري مهرباني نه ڪندين، جو دڪان مان ڪو ڪتاب يا مجسمو تڳائي ڏين ته ڪٿي وڪڻي، پيٽ گذر ڪيان؟ اها تنهنجي هڪ غريب دوست تي مهرباني ٿيندي.“

انهيءَ تي مون کي بوٽن جي دڪان ۽ چرچ واري پوڙهي جي ڳالهه ياد اچي ويئي- ڇا، هي مون کي پڪڙائيندو؟ پر مان هن کي انڪاري نه سگهيس ۽ هن کي هڪڙو هلڪيءَ بها وارو مجسمو آڻي ڏنم. مون کي قيمتي ڪتاب چورائي ڏيڻ وڏو ڏوه پئي لڳو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه عجيب لڳي ٿي، پر اها حقيقت آهي ته اسان جي اعليٰ اخلاقيات تي به هميشه سوداگريءَ جي ماپ ۽ تور جو معيار حاوي رهي ٿو. اسان جي ڪرمنل ڪوڊ جا قانون پنهنجي ٻاهرينءَ پاڪائيءَ ۽ انصاف جي ڍڪ هوندي به انهي ننڍڙي راز کي سدائين ظاهر ڪندا رهن ٿا، جنهن جي پٺيان خانگي ملڪيت جي احساس جي پليتائي ۽ معاشري ۾ ان جو بي انداز ظلم اسان جي نظرن کان لڪو ٿو رهي.

سو جڏهن مون پنهنجي مالڪ کي هاڻي هن کي ائين چوندو ٻڌو ته هن کان ڪتاب جي چوري ڪراءِ، ته مون کي اچي ڦڦڙي پيئي ته ٿي سگهي ٿو ته هُن کي منهنجيءَ پهرينءَ سخا جو به پتو هجي ۽ ٿي سگهي ٿو هو بکرو وڪري وارو هن سان مجسمي جي ڳالهه واڦي ويٺو هجي. جڏهن مون کي پرائي مال تي پنهنجي سزا جي بيوقوفيءَ جو احساس ۽ اُنهن جي منهنجي پڪڙڻ لاءِ ان ڪميڻائيءَ واري ڄار پکيڙڻ جي خبر پئي، تڏهن مان پاڻ کان ۽ هنن سڀني کان بيزاري محسوس ڪرڻ لڳس.

منهنجو وقت اتي ائين لاڳيتي عذاب ۾ گذري رهيو هو تان جو ڪتاب جا پارسل اچي پهتا. جڏهن مان ان کي سنڀالي رکي رهيو هوس، ته هو بد عادت وڪري وارو به اچي وارد ٿيو ۽ هيٺانهن وٺي، چوڻ لڳو، ”مهرباني ڪري، هڪڙي ڪتاب جي عنايت ڪر!“

”تو منهنجي مالڪ سان مجسمي جي ڳالهه ڪئي آهي يا نه؟“ مون پڇيس.

”ها“ هن روئڻهارڪي نموني وراڻيو، ”منهنجي دل ۾ ڪا به ڳالهه نه ٽڪندي آهي.“

مان سمجهي ويس ته منهنجو کنڌو اڳ ئي کڄي ويو هو. هيٺ ويهي وائڙن وانگر هن کي گهوري نهارڻ لڳس. هن به پريشان ۽ مايوسيءَ ڀرئي نموني ۾ سڄي حقيقت مون کي ٻڌائي- ”ڳالهه هيئن آهي، تنهنجي مالڪ، منهنجو مطلب آهي منهنجي مالڪ کي شڪ پيو ۽ هن تنهنجي مالڪ کي ڳالهه ٻڌائي-“

مون سمجهيو ته هاڻي منهنجو خير ڪونهي. مان پنهنجي مئنيجر جي سازش جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي چڪو هوس ۽ سمجهيم پئي ته هاڻي منهنجو ٺڪاڻو جيل آهي. تنهن ڪري سوچيم ته جي ٻڏڻو ته ننڍو وڏو پاڻي وري ڪهڙو پڇڻو؟ مون ڪتاب کڻي وڪري واري جي هٿ ۾ ڏنو. هو ان کي ڪوٽ جي ٻانهن ۾ هڻي هليو ويو. پر وري اوچتو ئي اوچتو موٽي آيو ۽ ڪتاب کي منهنجن پيرن تي ڦٽو ڪندي، ائين چوندو هليو ويو، ”نه نه! جيڪڏهن مان ڪتاب کڻي ويس، ته تنهنجو الله واهي آهي.“

مون کي انهيءَ ڳالهه منجهائي رکيو ته منهنجو الله واهي ڪيئن آهي؟ پر انهيءَ ڪري ٿورو سامت ۾ آيس ته نيٺ به هو ڪتاب پاڻ سان کڻي نه ويو هو. انهيءَ واقعي کانپوءِ ته منهنجو مئنيجر منهنجي دشمنيءَ تي لاهي پائي بيهي رهيو.

جڏهن لاريونچ منهنجي پاسخاطري ڪرڻ لاءِ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو ته مون کي اُهي سڀ ڳالهيون دل ۾ هريون پئي. هو اتي ٿورو وقت ترسيو ۽ جلد ئي خاموش ۽ نا اميد ٿي واپس وريو. رات جي مانيءَ کان ٿورو اول هو مون کي پاسيرو وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته تون سڄو وقت هت ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو رهه ۽ دڪان تي نه وڃ، پر ڪُزمي چيلاٽ هڪ نه ٻڌي. هو پير کوڙي، تنهنجي پويان پيو آهي.“

حقيقت هيءَ هئي ته اُتي منهنجو هڪڙو ٻيو به ويري هو. اُها اسان جي مئنيجر جي منهن- ڪنئري محبوبه هئي. ڪارخاني جا سڀ نوجوان ڪاريگر هن سان هٿ چراند ڪندا هئا. هوءَ جڏهن هال مان اچي لنگهندي هئي ته هو هن کي وٺي ڀاڪر پائڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ اڌ دليو اعتراض ڪندي، ننڍڙي گلر وانگر خوشيءَ مان دانهون ڪرڻ لڳندي هئي. هوءَ سڪڻي هوندي هئي ۽ سڄو ڏينهن چرندي رهندي هئي. هن جا کيسا مٺاين سان ڀريا پيا هوندا هئا ۽ هن جي هوڙ سدائين پيئي هلندي هئي. هن جي اڻ وڻندڙ مهانڊي تي ڀوريون رولاڪ اکيون ڏسي، مون کي بڇان ٿيندي هئي. هن پاشڪا ۽ مون کي ڳجهارتن سان بيزار ڪري ڇڏيو هو. اهي ڳجهارتون وري اهڙيون هونديون هيون، جن جا جواب ٺهي ٺهي، خراب لفظ بنجي پوندا هئا. هوءَ هميشه اهڙا جملا چوندي ۽ چورائيندي هئي، جي جڏهن تڪڙا چيا ويندا هئا، ته گندا جملا بنجي پوندا هئا.

هڪڙي ڏينهن هڪڙي پوڙهي مڙس هن کي چيو، ”تون ته ڪا ڇيڳري آهين! ڪو شرم ڪر!“ تنهن تي ٺهه پهه جواب ڏنائين، ”ڇوڪريءَ جنهن ڪيو شرم- ته انهيءَ جو اونڌو ڪرم!“

مون کي اهڙي قسم جي ڇوڪريءَ سان پهريون ڀيرو واسطو پيو هو. هن جي بي حيائيءَ وارا ٺينگ ٽپا مون کي اداس ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا هئا. هن جي اهڙي ڍنگ ڊول کان مون کي بڇان ايندي هئي. انهي ڪري هن جو اچي مون سان ساڙ پيو. هڪڙي ڏينهن پاشڪا ۽ مان تهخاني ۾ هن سان گڏجي شراب جي پيپن کي صاف ڪري رهيا هئاسين، ته هوءَ چوڻ لڳي، ”ڇوڪرو! اچو ته مان اوهان کي چمي ڏيڻ جا طريقا سيکاريان.“

پاشڪا جواب ڏنس، ”مان توکان وڌيڪ ڄاڻان.“ مون وري سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي صاف چئي ڏنس ته، ”پنهنجي مڙس کي سيکارجانءِ.“

هن کي باه لڳي ويئي. ڪاوڙجي چوڻ لڳي، ”گڏهه ڪنهن جاءِ جا! هڪڙو ته ڇوڪري توهان تي مهربان ٿي ٿئي ۽ توهين ان کان ٻوٿ ٻئي پاسي ٿا ڪريو!“ ۽ مون کي پنهنجي آڱر سان چتاءُ ڏيندي چيائين، ”مون کي تنهنجا لفظ هميشه ياد رهندا.“

پاشڪا منهنجو پاسو کڻندي چيس، ”جيڪڏهن تنهنجي گهوٽ کي پتو پئجي وڃي، ته تنهنجا ڪهڙا ڪارناما آهن ته پوءِ...“

منهن چٻو ڪري چوڻ لڳي، ”مان ڪا هن کان ڊڄان ٿي ڇا، مون کي پنهنجو مال ملڪيت آهي. هو خاندان جي لحاظ کان به اسان کان گهٽ آهي. انهيءَ کانسواءِ شاديءَ کان اول ڇوڪريءَ کي جهل پل ڪانهي، ڀل جيئن وڻيس تيئن ڪري.“

اُنهيءَ ڏينهن کانپوءِ هوءَ پاشڪا سان وڌيڪ دل لڳي ڪرڻ ۽ مون ڏانهن دل ۾ ڪينو رکڻ لڳي.

دڪان ۾ هوريان هوريان مون لاءِ زندگي مصيبت ٿيندي ويئي. جڏهن دل گهرندي هيم، تڏهن مذهبي ڪتاب کڻي پيو پڙهندو هوس، پر انهن جي مذهبي بحثن مان اڳيون مزو نه ايندو هوم. هر بحث ۾ ساڳيا ساڳيا دليل پيا سامهون ايندا هئا. هٺ ڌرم پوڙهن مذهبي جنونين جي ڳالهين مان به ڪڪ ٿي پيو هوس. صرف پوڙهو پيٽر اڃا تائين منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز هوندو هو. هن انساني فطرت جو گهرو مطالعو ڪيو هو. ان کانسواءِ هو هر ڳالهه کي وڻندڙ ۽ سهڻي انداز ۾ بيان ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مان ائين سمجهندو هوس ته هو حضرت الياس هو جو دنيا ۾ ٻيهر آيو هو ۽ پنهنجي هيڪلائيءَ جي ڪري هر ڪنهن کان بيزار ٿي پيو گهمندو هو.

جڏهن به مان هن کي کليءَ دل سان ڪا پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي ڳالهه ٻڌائيندو هوس ۽ پنهنجن خيالن کان واقف ڪندو هوس، ته هو اُهي ڳالهيون منهنجي مئنيجر کي ٻڌائي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري مون تي دڙڪو داٻ ٿيندو هو.

هڪڙي ڏينهن مون کي چيو ته مون هن جا ڪيئي قول پنهنجي ڪتاب ۾ نقل ڪري ڇڏيا هئا. انهيءَ ته هو هراسجي ويو، چپ چاپ، منڊڪ منڊڪ ڪندو، مون وٽ آيو ۽ سوالن جي وارو وار شروع ڪري ڏنائين- ”پٽ، ڇاجي لاءِ نقل ڪيا اٿيئي؟ اجايو وقت ٿو وڃائين. ياد ڪندين ڇا؟ تون به ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهين! جيڪي لکيا اٿئي، اهي مون کي ڏيئي ڇڏ.“

هن ڪيترا ڀيرا نوٽبڪ ڏيڻ لاءِ مون کي چيو- ”نه ته انهن قولن کي ساڙي ڇڏ.“ پوءِ هن اُنهيءَ ڳالهه جو ذڪر وڃي منهنجي مئنيجر سان ڪيو، جنهن هڪڙي ڏينهن گهر ڏانهن موٽندي، مون کي چيو، ”تنهنجا اهي قول لکڻ بند ٿيڻ گهرجن. سمجهين ٿو!؟ اهو ڪم ته جاسوسن جو آهي!“

مون بي خياليءَ مان چيس، ”استانوف به ائين ڪندو آهي؟“

”اهو بيوقوف بنڊ به؟“

ٿوريءَ ماٺ کانپوءِ غير رواجي نرميءَ سان چيائين، ”ڏس، جيڪڏهن تون پنهنجو ۽ استانوف جو بياض اهڙيءَ ريت ڏيکارين، جو هن کي پتو نه پوي، ته توکي مان اڌ روبل ڏيندس.“

هن شايد ائين سمجهيو ته مان هن جي خواهش پوري ڪندس، تنهن ڪري وڌيڪ ڪجهه به چوڻ کانسواءِ پنهنجين بندرين ٽنگن تي تيز تيز وکون وجهندو، اڳتي هلڻ لڳو. جڏهن گهر پهتس ته استانوف کي سمورو قصو ٻڌايم، ته مئنيجر ڪهڙي رٿا رٿي هئي. استانوف منهن ۾ گهنڊ پائي چوڻ لڳو، ”تون سڌو سادو آهين. اهو سڀ انهيءَ جو نتيجو آهي. هاڻي هو ضرور ڪنهن نه ڪنهن جي هٿان اهي اسان جا ٻيئي ڪتاب کڻائيندو. تون پاڻ وارو ڪتاب  به مون کي ڏي ته ٻيئي لڪائي ڇڏيان. ڏسجانءِ، هو جلد ئي تنهنجا ٽپڙ هتان گول ڪرائيندو.

مون کي پنهنجي لاءِ ته اڳئي پڪ هئي، ۽ پڪو ارادو هوم ته جڏهن ٻئي ڀيري ناني شهر ۾ ايندي، ته مان اُتان هليو ويندس. هن کي اُنهيءَ سياري ۾ بلخانا شهر ۾ ڇوڪرين کي ستارن جڙڻ ۽ ڀرت سيکارڻ جي نوڪري ملي ويئي هئي. نانو وري ڪناوان گهٽيءَ ۾ اچي رهيو هو، پر مان ان سان ملي نه سگهيو هوس ۽ هو جڏهن به اسان جي رستي تان لنگهندو هو ته مون تي نظر پوندي به هيس ته به ملڻ کانسواءِ هليو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن ائين رستي تي ملي ويم. هن کي ڏاڍو ڳرو ڪوٽ پيل هو ۽ هو ڏاڍي طمطراق سان هوريان هوريان هلندو پئي ويو. جڏهن مون وڌي هن کي سلام ڪيو، ته مون کي چڱيءَ طرح سان سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي اکين جي مٿان هٿ رکي، ڪجهه وقت تائين مون کي گهوري ڏسندو رهيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ چوڻ لڳو، ”اڙي تون آهين! هاڻي ته مجسمي ساز بنجي ويو آهين! ڏاڍو چڱو! چڱو، پنهنجو رستو وٺ!“ ۽ مون کي هٿ سان هڪ پاسي ڪري، ساڳيءَ طرح آهستي ۽ آڪڙ سان هلي ويو.

ناني مون کي مشڪل سان ملندي هئي. هوءَ ناني ۽ مامي ميڪائيل جي تڙيل ٻارن جو  ڀڀ ڀرڻ لڳا، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر، پيئي وهندي هئي. نانو پيريءَ سبب ڏاڍو هيڻو ٿي ويو هو. مامي ميڪائيل جي ٻارن مان ساشا جو خاص خيال رکڻو پوندو هوس. هو ٺاهوڪو ڳڀرو ٿي پيو هو پر ڪتابن سان انڌو عشق ٿي پيو هوس. هو رنگ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو هو. ڪڏهن هتي ڪڏهن هُت پيو ٿاٻا کائيندو هو ۽ بيڪاريءَ وارن ڏينهن ۾ نانيءَ جي مٿان بار هوندو هو. انهيءَ ڪري هن جي نوڪريءَ جي ڳولا به نانيءَ کي ڪرڻي پوندي هئي. ساشا سان گڏ ساشا جي ڀيڻ به نانيءَ جي مٿان چٽي هئي. هن هڪڙي شرابيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن هن کي موچڙا هڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو.

 جڏهن به مان نانيءَ سان ملندو هوس ته هميشه هن جي شخصيت جي جادوءَ کان متاثر ٿيندو هو پر مان اها ڳالهه محسوس ڪندو هوس ته هن جي شاندار دل خيالي وهمن جي دز ۾ ڍڪجي ويئي هئي، جنهن ڪري هن جي من جي نظر صاف نه رهي هئي ۽ هوءَ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي سمجهي نه ٿي سگهي. انهيءَ تي هن سان پنهنجي بيقراريءَ ۽ خوف جو اظهار ڪندو هوس ته هوءَ منجهي پوندي هئي. جڏهن مان هن کي پنهنجي آسپاس رونما ٿيندڙ ملڪ جي بدتر حالتن ۽ ماڻهن جي مصيبتن ۽ تڪليفن جو بيان ٻڌائيندو هوس، جن کي ڏسي مون کي حيرت ٿيندي هئي ۽ منهنجو خون ٽهڪڻ لڳندو هو، ته ان جي جواب ۾ هوءَ چوندي هئي. ”صبر، الڪسي“ صبر!“

مان انهن صبر ڪرڻ وارن مان ته ڪو نه هوس، پر ڪن وقتن تي ڍورن، وڻن ۽ پٿرن واريءَ اُن خصوصيت تي عمل به ڪندو هوس. اهو وقت منهنجي لاءِ پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ يا پنهنجي قوت برداشت جي آزمائش جو هوندو هو. پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪي ڇوڪراٽ پاڻ کان وڏن پهلوان مڙسن جي مقابلي ۾ جي پنهنجي ٻل ۾ ڏيهان ڏهه مشهور هوندا آهن، ريس وچان اهڙا ڪرتب ڪندا آهن، جو سندن هڏا ضربجي ۽ مشڪون ڇڪجي پونديون آهن. مون ۾ به اُها ڪمزوري هوندي هئي- زندگيءَ جي ناموافق ڳالهين کي سهڻ لاءِ مان پنهنجي سمورين جسماني ۽ روحاني قوتن جو انتهائي زور لڳائيندو هوس ۽ اها قسمت جي ڳالهه آهي، جو مون کي ڪا خاص ضرب نه رسي ۽ منهنجي زندگيءَ کي اهڙي ڪا جهڙپ نه پهتي، جنهن ۾ ڪا دائمي پنگلائي منهنجي مٿي ۾ لڳي وڃي ها. ڇا ڪاڻ ته انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جڏهن انسان پنهنجي قوتن کي آسپاس ۽ ماحول جي ناموافقت جي ڪري ايترو گهڻو گهٽي ۽ ٻوساٽي ٿو، ته ان گهٽ، ٻوسٽ ۽ صبر کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ زندگيءَ لاءِ ضرر رسان ٿي ئي نٿي سگهي.

۽ جيڪڏهن آخر عمر ۾ آءٌ، هار کائي، اهڙو پنگلو ٿي، وڃي قبر ۾ داخل به ٿيس، تڏهن به مان فخر سان چئي سگهندس ته زندگيءَ جي اڳ وارن پورن چاليهن سالن تائين، جيڪا هينئر منهنجي عمر آهي، ڪيترن زهد ۽ پاڪائيءَ ۾ ورتل ماڻهن منهنجي ضمير کي، صبر ۽ شڪر جي تلقين يعني برائيءَ ۽ ظلم جي اڳيان پنهنجي هر امڪاني احتجاج کانسواءِ مٿي ٽيڪڻ جي تبليغ سان گدلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هو انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن.

منهنجي اها خوش نصيبي هئي جو منهنجي دل ۾، کل مسخري ڪرڻ، ماڻهن کي ماڻهن جا عيب ڏيکاري وندرائڻ ۽ انهن کي پنهنجي پاڻ تي کلائڻ جي خواهش جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي ۽ مان اُنهي ڳالهه ۾ ماهر ٿيندو ويس. مان انهيءَ بازار جي واپارين، دلالن ۽ ساده دل ڳوٺاڻن جون نقلون ڪري، اها ڳالهه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ته اُنهن ڪيئن نه پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ڪارخانو ٽهڪن سان ڦاٽڻ لڳندو هو ۽ ڪيترا ڪاريگر پنهنجو ڪم ڇڏي منهنجو تماشو ڏسڻ لاءِ سري ايندا هئا. هر ڀيري تماشي پوري ٿيڻ کانپوءِ لاريونچ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي، چوندو هو، ”مهرباني ڪري پنهنجي تماشي کي وات جي مانيءَ تائين ترسائي رکندو ڪر، نه ته اسان جي ڪم جو ٿيو ڀلو.“

جڏهن مان کيل ختم ڪندو هوس، ته طبيعت هلڪي محسوس ڪندو هوس. ائين سمجهندو هوس ڄڻ منهنجي دل تان وڏو بار لهي ويو هو. ڪلاڪ سوا تائين منهنجو دماغ صاف ۽ هلڪو رهندو هو پر جلد ئي ننڍڙيون چُهنبدار ميخون چم کي چيرينديون اندر وينديون محسوس ڪندو هوس ۽  مان ائين سمجهندو هوس ڄڻ ته ڪنهن بدبودار گند جي ڍڳ ۾ هوريان هوريان رجهي رهيو آهيان. مون کي عجب لڳندو هو ته هيءَ به ڪا حياتي آهي؟ ڇا منهنجو انت به انهن ماڻهن وانگر ٿيندو؟ ڇا، مان هن زندگيءَ کان سواءِ ٻي ڪا زندگي نه ڏسي سگهندس، ڪنهن اوچيءَ منزل تي نه رسي سگهندس؟

ذخاريف هڪڙي ڀيري اهڙيءَ حالت ۾ مون ڏانهن نهاري چيو، ”ڪهڙين پورن ۾ گم آهين؟“ ۽ استانوف چوڻ لڳو، ”توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟“ مون وٽ هنن جي سوالن جو ڪو جواب ڪو نه هو.

زندگيءَ جي پرشور ۽ مسلسل حملي ڪندڙ لهرين منهنجي دل تي نڪتل ڪيترن ئي لطيف جذباتي نقشن کي ميساري ڇڏيو هو ۽ ان جي بجاءِ اُتي بي معنيٰ اميدون اُڀيون ڪري ڇڏيون هيون. مان غصي ۽ ثابت قدميءَ سان اُنهن جي اهڙي ڊاهه ڊوهه کي روڪيندو رهيس. اسين سڀ ڪاريگر اُنهيءَ ساڳئي وهڪري ۾ لڙهي رهيا هئاسين پر فرق هيءُ هو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻي منهنجي لاءِ زياده سرد ۽ برداشت کان ٻاهر هو، ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن مان محسوس ڪندو هوس ته مان هيٺ تحت السرا ۾ ٻڏندو ٿو وڃان.

اها ڳالهه ڪا نه هئي ته مون سان خراب برتاءُ ڪيو ويندو هو، نه مون اسان سخت لهجي ۾ ڳالهايو ويندو هو نه ئي پاشڪا وانگر مون کي تنگ ڪيو ويندو هو. مون کي هر وقت نالي وٺي سڏڻ بجاءِ خانداني لقب سان سڏيو ويندو هو، جيئن اهو پتو پوي ته هُنن جي دلين ۾ منهنجي لاءِ گهڻي عزت ۽ وقعت آهي. اُها ڏاڍي چڱي ڳالهه هئي، پر مون کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ته هيترا ماڻهو بي انتها شراب پيئندا هئا، نشي ۾ چور ٿي وڃڻ کانپوءِ هو ڪيترا ڀيانڪ ۽ بڇان ڏيندڙ ٿي پوندا هئا ۽ عورتن سان بڇڙا تعلقات قائم ڪندا هئا ۽ انهن کي ٺڳيندا هئا ۽ انهن کان ٺڳبا هئا ۽ ساڳئي وقت اها ڳالهه به محسوس ڪندو هوس ته شراب ۽ عورت ئي اهڙي وندر هئي، جيڪا هنن جي رکاين ۽ مايوسين ڀريل زندگي هنن کي ڏيئي سگهي ٿي.

مون کي اهو خيال ڪري ڏاڍو رنج رسندو هو ته نتاليا ڪوزلووسڪي جهڙيءَ بي ڊپيءَ، مهربان ۽ صاف دل عورت کي به بدچال عورت ڪري سمجهيو ويندو هو. ته پوءِ ناني ڪير هئي؟ ۽ منهنجي ملڪه مارگاٽ ڪير هئي؟

جڏهن مون کي هوءَ ياد ايندي هئي ته مون تي هڪ نامعلوم خوف طاري ٿي ويندو هو. هوءَ منهنجي لاءِ هاڻي خواب جي ڪهاڻيءَ وانگر ٿي ويئي هئي.

حقيقت هيءَ هئي ته عورت جو بي انتها خيال منهنجي دل ۾ رهڻ لڳو هو ۽ مان انهيءَ سوال تي غور ڪرڻ لڳو هوس ته ڇا، مون کي ٻئي واري پنهنجن ساٿين سان گڏجي عشق جي بازار ۾ وڃڻ گهرجي؟ انهيءَ سوال سان جسماني خواهشن جو لاڳاپو نه هو. مان تندرست ۽ طاقتور هوس، پر منهنجي دل ۾ اُهي اُڌما اٿندا هئا ته ڪا اهڙي هستي هجي، جا ماءُ وانگر قربائتي ۽ منهنجن جذبن کي سمجهي سگهندڙ هجي ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي، پنهنجي سيني جا سور ٻڌائي سگهان.

پاشڪا هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ سان جيڪا رستي جي پرئين پاسي واريءَ جاءِ ۾ ڪم ڪندي هئي، عشق ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن جون ڳالهيون منهنجي دل ۾ ريس پيدا ڪنديون هيون- ”يار، مزيدار ڳالهه آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي بلڪل وڻندي ئي ڪين هئي، مان هن کي برف جا ڳنڍا هڻندو هوس ۽ هاڻي اسين ٻيئي بينچ تي گڏجي ويهندا آهيون. مان هن کي ڀاڪر پائيندو آهيان ۽ دنيا جي سڀني شين کان وڌيڪ پيار ڪندو آهيان!“

”توهين ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو؟“

”دنيا جي سڀني شين جون، هوءَ مون کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي، مان هن کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندو آهيان. پوءِ اسين هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا آهيون. يار هوءَ ڏاڍي سٺي آهي. توکي سچي ڳالهه ٻڌايان، تون سمجهي نه سگهندين ته هوءَ ڪيتري سٺي آهي... پر تون ته يار ويٺو موالين وانگر سگريٽ جا سوٽا هڻين.“

مان تماڪ ڏاڍو ڇڪيندو هوس. انهيءَ کان منهنجي پريشان خيال ۽ بيقرار جذبن ۾ سڪون پيدا ٿي ويندو هو. ووڊڪا پيئڻ سان مون کي ڏاڍي ڪوفت ٿيندي هئي. ان جي بدبوءِ سان منهنجي دلي زوق کي صدمو پهچندو هو. البت پاشڪا ڌڙا ڌڙ ووڊڪا پيئندو هو. جڏهن هو نشي ۾ چور ٿيندو هو ته واڪا ڪرڻ لڳندو هو، ”مان گهر وڃڻ ٿو گهران، مون کي ڇڏيو ته مان گهر وڃان!“ جيتري قدر مون کي پتو هو ته هو يتيم هو، ۽ نه ئي ڪو ڀاءُ ڀيڻ هوس. هن جي پيءُ ماءُ کي مُئي ڪَئي سال ٿي ويا هئا ۽ اٺن سالن کان وٺي هو ڌارين ماڻهن سان گڏ رهندو هو.

هن بي چينيءَ ۽ بي اطمينانيءَ واريءَ حالت ۾ بهار جي آمد به منهنجي دل جي مکڙيءَ کي ڪا خوشي ڪا نه ڏني. مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته وري جهاز تي نوڪري ڪجي ۽ پوءِ جڏهن جهاز استرا خان ۾ وڃي لنگر هڻي، ته ايران ڀڄي وڃجي.

ايران وڃڻ جو ڪيئن خيال آيم، سو هاڻي ياد نٿو اچيم. شايد انهيءَ ڪري، جو نجنيءَ جي واپاري ميلي ۾ ايراني سوداگرن کي ڏسي اُنهن کان متاثر ٿيو هوس. هو سنگمرمر جي چمڪندڙ بتن وانگر چپ چاپ ويهي، پنهنجون خضاب لڳل ڏاڙهيون کنڊيري، حقا ڇڪي رهيا هئا ۽ پنهنجي چوگرد، پنهنجن وڏين ڪارين تيز فهم اکين سان، واجهائي رهيا هئا.

مان يقيناً ڪنهن نه ڪنهن پاسي ڀڄي هليو وڃان ها پر ايسٽر جي هڪڙي ڏينهن، جڏهن ڪي ڪاريگر موڪل تي هليا ويا هئا ۽ ڪي ڪاريگر شراب خانن ۾ مست هئا، ۽ مان اوڪا نديءَ جي ڪناري تي تڙڪو کائي رهيو هوس ته منهنجو جهونو مالڪ، منهنجي نانيءَ جو ڀاڻيجو، اچي اتان نڪتو. هن کي بادامي رنگ جو ڪوٽ پيو هو، هن جا هٿ کيسي ۾هئا، چپن ۾ سگريٽ ۽ ٽوپي پٺتي هٽيل هئس. مون کي ڏسندي، هن جي وڻندڙ چهري تي قرب ڀري مرڪ پکڙجي ويئي. هن جي منهن مان خوشيءَ ۽ غمن کان بي فڪريءَ جا آثار پئي بکيا ”پيشڪوف، توکي حضرت عيسيٰ جي مبارڪ هجي!“ هن منهنجي مرحبا ڪندي چيو.

هڪ ٻئي کي ايسٽر جي دستوري چمي ڏيڻ کانپوءِ هن مونکان حال احوال پڇيو. مون به هن کي لڪ لڪاءُ کانسواءِ، ٻڌايو ته ”مان پنهنجي نوڪريءَ ۽ هن شهر جي هر شيءِ کان بيزار ٿي پيو آهيان، انهيءَ ڪري رٿ رٿي اٿم ته ايران هليو وڃان.“

هُن مون کي سمجهائيندي چيو، ”پنهنجي دل مان اهي اجايا خيال ڪڍي ڇڏي. توکي ايران ۾ ڇا ملندو؟ مان تنهنجن جذبن کي سمجهي سگهان ٿو. تنهنجي عمر ۾ مون کي به ائين ڪيڏانهن نڪري وڃڻ جو جن اچي لڳو هو.“

مون کي هن جو اهڙيءَ ريت ڳالهائڻ ڏاڍو وڻندو هو. هن جي فطري سٺائيءَ ۾ بهار جي اثر ڪري پاڻ وڌيڪ تازگي پيدا ٿي ويئي هئي. هو ٻين سڀني کان مختلف هو.

”ڇڪيندين!“ هن چانديءَ جو سگريٽ ڪيس ڪڍي، منهنجي اڳيان وڌايو. انهيءَ ڳالهه منهنجي دل کي هيڪاري موهي ڇڏيو.

”بهتر ائين آهي ته وري مون وٽ هليو آءُ!“ هن نوڪريءَ جي آڇ ڪندي چيو. ”هن سال ميلي جي لاءِ نون دڪانن ٺاهڻ جو ٺيڪو مليو اٿم. مان توکي اُتي اوورسيئر ڪري مقرر ڪندس. توکي صرف وصوليءَ وقت مال کي چڪاسڻو پوندو، ان کي سنڀالي رکڻو پوندو ۽ اُن جي استعمال لاءِ ننڍن ٺيڪيدارن تي اک رکڻي پوندي، جيئن اُن سان ڪنهن قسم جي هٿ چراند نه ڪن. چؤ، ڇا ٿو چوين؟ مان ماهوار توکي پنج روبل ۽ روزانو پنج ڪوپيڪ مانيءَ لاءِ ڏيندس. توسان رنن جي ڪر ڪر ڪا نه ٿيندي. توکي صبح جو وڃڻو پوندو ۽ رات جو موٽي اچڻو پوندو. هنن جو توسان واسطو ئي نه رهندو. ها، پر هنن کي ڪجهه ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. آرتوار جي ڏينهن فونان گهٽيءَ ۾ هليو اچجان- بس، مان سمجهان ٿو، اها چڱي ڳالهه ٿيندي.“

اسان پراڻن دوستن وانگر هڪ ٻئي سان هٿ ملائي موڪلايو ۽ جڏهن مون ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺو ته، هو پنهنجي ٽوپي لوڏي مون کي موڪلاڻيءَ جو سلام ڪري رهيو هو.

مون جڏهن ڪارخاني وارن کي ٻڌايو ته مان جلد ئي انهن کان جدا ٿي ويندس ته گهڻن ئي ڪاريگرن ڏاڍو ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پاشڪا ته پنهنجي وس کان ئي نڪري ويو. هُن مون کي پنهنجي ارادي تان باز آڻڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي- ”اسان کي ڇڏي وڃي ڄٽن سان رهندين! انهن ۾ هوندا ڪير؟ ڊکڻ، لوهر، واڍا! تو تي ڏاڍو عجب ٿو لڳي! اهو ته کڏ مان نڪري کوهه ۾ ڪرڻ ٿيو!“

ذخاريف ڪر ڪندي چيو، ”جواني به مڇيءَ وانگر تر ڳوليندي آهي.“

مون کي پوءِ ڏاڍي افسوس ۽ ڏک سان رخصت ڪيو ويو.

”انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ماڻهوءَ کي هر هنڌ قسمت آزمائڻ گهرجي.“

ذخاريف چيو، جو شراب جي نشي ۾ ساڻو ٿيو بيٺو هو. ”پر چڱي ڳالهه اها آهي ته شروع کان هڪ ڳالهه ۾ هٿ وجهجي ۽ آخر تائين اُن سان واڳيو رهجي.“

”۽ هميشه ۽ هر صورت ۾ اُن کي سوگهو جهلجي.“ لاريونچ آهستي چيو.

مان محسوس ڪري رهيو هوس ته اهو ڪجهه انهيءَ ڪري چئي رهيا هئا، جو ڪجهه چوڻ پنهنجو فرض پئي سمجهيائون. اهو ڌاڳو، جنهن اسان کي هڪ لڙهه ۾ قابو رکيو هو، اوچتو ئي اوچتو ڪمزور ٿي، ٽٽي پيو هو.

مٿي پڇٽيءَ تي شراب جي نشي ۾ چور گولوفيف پئي پاڻ کي پٽيو ۽ کوهيو ۽ پنهنجي ليکي پئي هو وڦليو-  ”مان هنن سڀني کي جيل جي حوالي ڪرائيندس! مان انهن سڀني کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هنن مان ڪو به خدا کي نه مڃيندو آهي. ها ها-!“

هر روز وانگر نامڪمل مجسما ڀتين مان بغير چهرن جي گهوري رهيا هئا. پاڻيءَ ڀريل گولا ڇت ۾ لڙڪي رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن کان اسان قدرتي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندا هئاسين، تنهن ڪري انهن تي مٽيءَ ۽ دونهين جا تهه چڙهي ويا هئا. مون کي اُهو سمورو نقشو اهڙيءَ ريت چٽو ياد آهي، جو اڄ به، پنهنجون اکيون بند ڪري، سموريون شيون ڏسي سگهان ٿو. هو وڏيون ميزون، ڪنڊن ۾ رکيل رنگ ۽ روغن جا دٻا، ننڍڙا ننڍڙا برش، رنگ برنگي عجيب غريب مجسما، گند جي ٽوڪري جا پاڻيءَ جي نلڪي ڀرسان باهه وسائيندڙ جي ٽوپ وانگر چمڪي رهي هئي ۽ گولوفيف جون اگهاڙيون ٽنگون، جي پاڻيءَ مان ڪڍيل لاش وانگر زرد هيون، پڇٽيءَ تان لڙڪي رهيون هيون.

مون چاهيو پئي ته الوداع کي مختصر ڪيو وڃي، پر روسين کي غم جي موقعن کي اينگهه ڏسڻ پسند ايندي آهي. انهن جا الوداعي جملا بلڪل اهڙا هوندا آهن، ڄڻ هو باقاعدي ڪا غم جي مجلس بيهي منعقد ڪندا هجن.

ذخاريف پنهنجي ڀرن کي ڇڪي، مون کي چيو. ”اهو ڪتاب- شيطان وارو ڪتاب- مان توکي موٽائي نه ڏيندس. ان جي بجاءِ مان توکي پيسا ڏيان ٿو.“

ڪتاب منهنجو هو، باه وسائيندڙ عملدار مون کي سوکڙيءَ طور ڏنو هو ۽ مون چيو پئي ته لرمونٽوف کي پاڻ سان کنيو وڃان. پر جڏهن مون پئسن وٺڻ تي ارهائي ڏيکاري، تڏهن ذخاريف ماٺ ڪري پئسا پنهنجي کيسي ۾ وجهندي، چيو، ”پئسا وٺين يا نه وٺين، باقي ڪتاب مان توکي موٽائي نه ڏيندس. اِهو تنهنجي لاءِ چڱو ناهي. اهڙو ڪتاب توکي گناهن جي رستي تي گهلي ويندو.“

”مون ڏٺو آهي ته اِهو ڪتاب بازار ۾ وڪامي ٿو.“

انهيءَ تي پاڻ هو ضد ڪري بيٺو- ”پوءِ ڇا ٿيو؟ دڪانن تي ته روالور به وڪامن ٿا.“ ۽ مان هن کان لرمونٽوف واپس وٺي نه سگهيس.

مالڪياڻيءَ کي الوداع ڪرڻ لاءِ مٿي ويندي ڏاڪڻ تي هن جي ڀائٽيءَ سان ڊهو ڊهه ٿيس.

”ڇا، جيئن مون ٻڌو آهي، تون وڃي رهيو آهين؟ اِهو سچ آهي؟“

”ها.“

”جيڪڏهن تون پاڻ نه وڃين ها، ته توکي لت هڻي ڪڍيو وڃي ها.“ هن، بجاءِ ڪنهن قرب يا نرمائيءَ جي، صاف لفظن ۾ ائين چئي ڏنو.

شراب پيتل مالڪياڻيءَ چيو، ”خدا حافظ! شرير، گستاخ ۽ بڇڙا ڇوڪرا، ڌڻي تنهنجو نگهبان آهي! مون توکي پاڻ ته ائين ڪين ڏٺو آهي، باقي ائين چوندا آهن.“

ائين چئي، هوءَ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي، ”جيڪڏهن منهنجو مڙس جيئرو هجي ها، ته توکي چڱيءَ ريت سڌاري ها. هو تنهنجي خوب ڇنڇري لاهي ها ۽ اسين توکي وڃڻ نه ڏيون ها. اسين توکي ڪڏهن به نوڪريءَ مان نه ڪڍون ها پر هاڻي ڳالهه ئي ٻي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڳالهه نٿي وڻي ته ٽپڙ ٻڌيو هليو ٿو وڃي. پر ڇوڪر، پٽ، اهو ته ٻڌاءِ ته تون ڪيڏانهن ويندين؟ آخر، هنڌ هنڌ ڀٽڪڻ مان ڪهڙو فائدو؟“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org