سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تربيت)

باب-18

صفحو : 18

 

باب ارڙهون

 

        جهڙيءَ ريت جهاز جو آگ مئن جئڪ شوموف منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي ويو هو، اهڙيءَ ريت اوسپ جي عزت منهنجي نگاهن ۾ وڌندي وئي، تان جو ٻئي هر ڪنهن جي ڳالهه کي اُن منهنجي دل تان ذري گهٽ ميساري ڇڏو. هو جئڪ سان گهڻين ڳالهين ۾ ملندو پڻ هو، پر ساڳئي وقت هن ۾ منهنجي ناني، مجسمن جي سودي ڪرائيندڙ تعصبي پوڙهي پيٽر ۽ هيڊ بورچي سماوريءَ واريون ڪي ڳالهيون پڻ هونديون هيون. جيڪي ماڻهو هيسائين منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيا هئا، انهن مان هِن هڪڙي به ائين جاءِ والاري هئي جيئن پتل تي ڪو تيزاب ڪِرڻ سان ان ۾ گهاءُ ڪري ڇڏيندو آهي. اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته هو ٻن طريقن سان سوچيندو هو-ڏينهن جي وقت ڪم تي ۽ ماڻهن سان هو صاف ۽ سنيون سڌيون ڳالهيون ڪندو هو، جي انهن ڳالهين جي ڀيٽ ۾ بلڪل ٻئي قدر هونديون هيون، جي هو رات جو ننڊ نه اچڻ ويل يا جڏهن هو ۽ مان سندس ڪيڪ وڪڻندڙ سريت ڏانهن ويندا هئاسين تڏهن مون سان ڪندو هو. هن جا خيال رات جو بتيءَ جي ڄڀيءَ وانگر پيا شڪليون بدلائيندا هئا. اهي ڏسڻ ۾ ته ڏاڍا روشن ايندا هئا، پر انهن جي اصل صورت ڪهڙي هئي. ۽ انهن مان ڪهڙين ۾ هو پنهنجو دل جو صحيح احوال بيان ڪندو هو. تنهن جو پتو نه پوندو هو.

        جيڪي به ماڻهو مون سان اوسيتائين مليا هئا، هيءُ انهن ۾ مون کي سڀ کان هوشيار نظر ايندو هو. مان آگ مئن جئڪ وانگر هميشه هن جي قدمن سان ٻڌو وتندو هوس، ۽ هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هوس. پر هو وٺ ئي نه ڏيندو هو. جيڪڏهن هن ۾ ڪابه اصلي ۽ نج ڳالهه هئي ته اها نيٺ به ڪٿي لڪل هئي؟ هن جو ڪهڙو اهو پهلو هو، جنهن کي مان اصلي ۽ نبار سمجهان ها؟ مون کي هن جا لفظ ياد ايندا هئا-”مان؟ اُهو توتي آهي ته تون مون کي سمجهه ۽ مون کي ڳولي لهه.“

        اِها منهنجي خوديءَ کي للڪار هئي. حقيقت ۾ اِهو منهنجي لاءِ موت ۽ زندگيءَ جو سوال ٿي پيو هو ته هن ڳجهڙي ڪمزور پوڙهي کي، جو انهيءَ هوندي به بيحد سخت ۽ پختو هو، ڳولي لهان. هو پنهنجي شخصيت کي تڪڙو تڪڙو ڦرندڙ گهرندڙ ماڻهن جي وچ ۾ به اهڙيءَ ريت قائم رکندو هو، جو مون کي محسوس ٿيندو هو ته هن ۾ سون سالن تائين به ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي. هـُن ڪٽر پوڙهي پيٽر ۾ به مون کي ساڳي پختائي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اوسپ جي پختائي ٻئي نموني جي هئي، جنهن کي مان ڪن تـُز اکرن ۾ بيان ڪري ئي نٿي سگهيس.

        ماڻهن ۾ جلد جلد واقع ٿيندڙ تبديليون يڪدم ڌيان ڇڪائي وٺن ٿيون. مون کي ماڻهن جي هڪڙي حال کان ٻئي حال ڏانهن اهڙا ٽپا حيران ڪري ڇڏيندا هئا. ماڻهن جي اهڙن ٽپن تي حيرت کائي کائي، مان اهڙو ڪڪ ٿي پيو هوس، جو ماڻهن سان منهنجي دلچسپي ۽ محبت به گهٽجڻ لڳي هئي. ڇو جو انهن جي اهڙين ڦيرين گهيرين کي ڏسي، منهنجي دل بي آرام ۽ پريشان ٿي ويندي هئي.

        هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڍنگهر جهڙي گاڏي اسان وٽ اُتي اچي بيٺي، جتي اسان جو ڪم هلي رهيو هو. گاڏيءَ وارو، جنهن جي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي، مٿو اگهاڙو هو. هو نشي ۾ ٻڏل هو، هن جو چپ تازو وڍيل هو ۽ هڪلڻ واريءَ گديءَ تي ويٺي، ان مان رت پئي ڳاڙهيائين. گاڏيءَ ۾ اندر گريگوري ششلين نشي ۾ هڪڙي ڳاڙهن ڳٽن واريءَ بت ۾ ڀريل عورت جي ٻانهن تي آهليو پيو هو. ان عورت جي مٿي تي ڪکن جي ٺهيل ٽوپي، هٿ ۾ نازڪ اُس جي ڇٽي ۽ پيرن تي رٻڙ جا جورابا پيل هئا. پنهنجي ڇٽيءَ کي ڦيرائيندي ۽ چيلهه کي لوڏيندي، کلندي ۽ کجڪندي، چوڻ لڳي، ”شل وٺ پوين! ميلو لڳو ئي ڪينهي، نه ڪو ميلي جو نشان ئي ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ هي وري مون کي ميلو گهمائڻ وٺي آيو آهي.“

        گريگوري جهومندو، جهولندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، گاڏيءَ مان هيٺ لٿو ۽ ميدان تي ويهي، وڏي واڪي، ڳوڙها ڳاڙيندي، بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳو، ”مان پنهنجا گناهه مڃان ٿو! مون اڄ به گناهه ڪيو آهي! مون کي گناهه ڪرڻ جي سڌ هئي، ۽ مون گناهه ڪيو آهي! ايفوسن چيو’گريگوري، هل ته هلون!‘ ۽ هن به سچ چيو، سو اميد ته توهين مون کي معاف ڪندا، اچو ته گڏجي ڪجهه پيئون! ها، ها، منهنجي بِلي. ايفوسن برابر ٿو چوي-اسان جي هيءَ زندگي صرف هڪ ڀيرو آهي.....بس، ڳالهه اِها آهي، ڳالهه جو مطلب اهو آهي.“

        عورت کل ۾ ٻڏي ويئي ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي، پنهنجون ٽنگون لوڏڻ لڳي، ۽ پنهنجن جورابن کي پيرن سان لاهي کڻي ڦٽو ڪيائين. گاڏيءَ واري رڙ ڪئي، ”هاڻي اچ ته هلون گهوڙو بيهي ئي نٿو!“

        پوڙهو ۽ ڏٻرو گهوڙو وات مان گجي هاري رهيو هو ۽ ائين بيٺو هو ڄڻ پـَٽ ۾ کـُپي ويو هو. سمورو نظارو عجب ۽ کل جهڙو هو. گريگوريءَ جا ساٿي ڪاريگر ۽ ڪمي پنهنجي هِن اڳواڻ ڪاريگر، هن جي يارڙيءَ ۽ بگيءَ واري کي ڏسي، کل ۾ ڦاٽا پئي. رڳو فونا ماٺ ڪيو بيٺو هو. هو منهنجي ڀرسان دڪان جي دروازي وٽ بيٺو هو ۽ چپن ۾ چئي رهيو هو، ”سوئر! شيطان پاسو ڏنو اٿس! ۽ هن جي زال آهي جا لکن ۾ هڪ آهي. ۽ هوءَ گهر ۾ ويٺي در ۾ ڏسي رهي آهي!“

        گاڏيءَ وارو هنن کي هلڻ لاءِ هر هر چئي رهيو هو. عورت ٻاهر نڪري، ڇڪي، گريگوريءَ کي بگيءَ ۾ ويهاريو، ۽ ڇٽيءَ جي اشاري سان گاڏيءَ واري کي رڙ ڪري چيائين، ”هاڻي، هڪل!“

        ڪاريگر کلڻ لڳا. هنن جي چهرن مان ريس ۽ رقابت ڏسڻ پئي آئي. فوما جي هڪل تي سڀ وري وڃي ڪم کي لڳا. فوما کي گريگوريءَ جي اهڙي کل جهڙي حالت ڏسي، جڪ وٺي ويا.

        ”ڇا، هي اُهوئي ڪارڪِرت وارو مڙس آهي!“ فوما خار مان چيو. ”هن ڪم پوري ڪرڻ ۾ مهينو کن لڳي ويندو. پوءِ مان پنهنجي ڳوٺ هليو ويندس. هي ڳالهيون منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهن.“

        مون کي پاڻ گريگوريءَ تي خار اچي رهيا هئا، هوءَ عورت هن جي ڀيٽ ۾ بيحد واهيات پئي لڳي.

        مون کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو هو ته ڪهڙيءَ ريت گريگوري مک ڪاريگر بنيو هو ۽ فوما تچڪوف هن جو ٻيلي ڪاريگر هو. فوما بت جو جانٺو هو، هن جا وار گهنڊيدار، نڪ چهبنڊار ۽ اکيون تيز ۽ ڀوريون هيون، جي هن جي چهري کي چمڪائي بيهنديون هيون. فوما پنهنجي شڪل صورت مان ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. سٺن ۽ صاف ڪپڙن ۾ هو ڪنهن چڱي خاندان ۽ سکر واپاريءَ جي ڇوڪري جو ڏيک ڏيندو هو. سو سنجيدو، ٿور- ڳالهائو ۽ عملي ماڻهو هو. هو پڙهيل لکيل هو، تنهن ڪري گريگوريءَ جو  حساب ڪتاب به هن جي حوالي هو. جيتوڻيڪ هي پاڻ بي دليو ڪم ڪندو هو، پر هن کي ٻين ڪاريگرن کان ڪم وٺڻ جو ڍنگ هو. ”توهين ڪم کي قيامت تائين اينگهائي ٿا ڇڏيو. ائين نه ڪريو...“ هو مِٺي پر سرد لهجي ۾ ڪاريگرن کي چوندو هو.

        هو ڪتابن کان نفرت ڪندو هو-”جيڪي وڻين سو ڇپين، پر مان پنهنجي ليکي سوچيندو آهيان. ڪتاب ته ڪچرو آهن. مغز کي لنبي ٿا ڇڏين.“

        هن کي هر ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي هوندي هئي. جڏهن هڪ ڀيري هن جو ڪنهن شيءِ ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويندو هو، ته هو ان جو پيڇو ڪندو هو ۽ ان بابت معلومات ۾ ويندو هو اضافو ڪندو. پر هر ڳالهه کي هو پنهنجن خيالن مطابق رنگ ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو هو.

        جڏهن مون کيس چيو ته هن کي پاڻ مُک ڪاريگر ٿيڻ گهرجي، ته جواب ڏنائين، ”ها، جيڪڏهن هزارين جو ڌنڌو هجي! پر ٻن چئن سڪن لاءِ پاڻ پٽ کوهه ۾ وجهڻ منهنجي شان وٽان ناهي. مان موقعي جي تاڙ ۾ آهيان. چاهيان ٿو ته اورنڪا جي خانقاه ۾ وڃي داخل ٿيان. شڪل جو ٺاهوڪو ۽ بت جو سٽروٽر ته آهيان. من اُتي ڪنهن مالدار مومنياڻيءَ رن کي ڦاسائي وجهان. اهڙيون ڳالهيون ٿين پيون. مون کي سرگاستڪ شهر جي هڪڙي نوجوان جي خبر آهي، جيڪو هڪڙيءَ اهڙيءَ شهري عورت سان شادي ڪري، ٻن ٽن سالن اندر وڏو مالدار ٿي ويو هو. اهو جوان ان عورت جي گهر ڪو پاڪ مجسمو ڏيڻ ويو هو، ۽ موٽ ۾ هن جي دل پاڻ سان کڻي آيو هو. پوءِ ته اک ڇنڀ ۾ هن  جا سڀ ڏولاوا لهي ويا ۽ هو جنت جي هندورن ۾ لڏڻ لڳو هو.“

        بس، هن جي دماغ ۾ اِهو اُٺ ويٺل هو. هن کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ياد هيون ته ڪيئن ماڻهن خانقاه ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايئن مذهب جي مولائڻين رنن زالن سان پيچ پائي پنهنجون زندگيون سکيون بنايون هيون. اهڙين آکاڻين ۽ فوما جي اهڙن دلي اڌمن تي مون کي اُٻڙڪا ايندا هئا. مون کي پڪ هوندي هئي ته هو ڪڏهن ڪنهن خانقاه ۾ هليو ويندو. پر جڏهن ميلو شروع ٿيو ته هو گريگوريءَ جو رازڪو ڪم ڇڏي، هڪڙي هوٽل ۾ وڃي بيري جو ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن کي ڏسي، سڀ وائڙا ٿي ويا، ۽ هن جا سڀ ساٿي ڪمي ڪاريگر هن تي چٿرون ڪرڻ لڳا. جڏهن ڇوٽيءَ جو ڏينهن ٿيندو هو، ته هو سڀ  گڏجي، ائين چئي. هوٽل ۾ چانهه پيئڻ هلندا هئا ته ’هلو ته پنهنجي فوما کي چار ڏوڪڙ کٽايون!‘ ۽ جڏهن  هوٽل ۾ پهچندا هئا، ته ويهڻ سان رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳندا هئا- ”او زلفن وارا، ڪجهه اسان جي ڳالهه به ٻڌا“

        هو پنهنجو ڪنڌ تاڻي، اچي وٽن بيهندو هو-”حڪم!“

        ”اسان جي مهانڊن کي نٿو سڃاڻئين ڇا؟“

        ”مان ڏاڍو رڌل آهيان.“

        هن کي پتو هو ته هن جي ساٿين جي ڳالهائڻ ۾ ٽوڪ ۽ خندو هو ۽ هن جي منهن مان مجبوري پيئي ظاهر ٿيندي هئي. هن جي ڳالهائڻ مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هنن کي چئي رهيو هو-”جلدي ڪريو، کلڻو اٿو ته کِلي وٺو!“

        ”ڇا، هن کي بخشيش ڏيڻ گهرجي؟“ ۽ پوءِ هروڀرو پنهنجا ٻٽون کولي، هن کي ڪجهه ڏيڻ کان سواءِ اٿي ويندا هئا.

        هڪڙي ڀيري مون فوما کان پڇيو، ”خانقاه ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ بيري جي ڪم ۾ ڪيئن لڳي ويئين!“

        ”مون خانقاه ۾ وڃڻ جي ڳالهه ته ڪڏهن به ڪانه ڪئي هئي، ۽ نه ئي مان سدائين بيرو ٿي رهندس.“

        چئن سالن کان پوءِ مان جڏهن کيس مليس، تڏهن به هو اڃا بيرو هو، ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته فوما تچڪوف کي کاٽ هڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

        مون کي پيٽرڪ جي جهوني، چاليهن سالن جي عمر واري، بهترين سربند، اردلان، جي رام ڪهاڻيءَ به ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن جُنگ جوان جي ڏاڙهي ڪاري، ۽ شڪل کلمک هئي. هن کي ڏسي، انهيءَ ڳالهه تي تعجب لڳندو هو ته پيٽرڪ بجاءِ سربندن جو هيءُ جمعدار ڇونه هو؟ هو ورلي ووڊڪا کي هٿ لائيندو هو، ۽ جي لائيندو هو ته به حد اندر. هو پنهنجي ڪم جو ماهر هو ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ هن جو ڪم سان عشق هو. سرون هن جي هٿن مان جهليل پکين وانگر ڦٿڙائينديون، پاڻ ڇڏائينديون وينديون هيون. هن جي مقابلي ۾ سڪل ۽ مرضيل پيٽرڪ پنهنجي ٽوليءَ جي ڪاريگرن اڳيان ڪابه حيثيت نه رکندو هو. پيٽرڪ ڪم لاءِ چوندو هو، ”ٻين لاءِ سرن جا گهر ٿو جوڙيان ۽ پنهنجي لاءِ ڪاٺ جو ڪفن.“

        ان جي ڀيٽ ۾ خوش جيئڙو اردلان سرن جوڙڻ ويل مون کي چوندو هو، ”پٽ، ڪم خدا جي شان ظاهر ڪرڻ لاءِ آهي.“

        ”آئيندي بهار جي رت ۾،“ هڪڙي ڏينهن هو مون کي چوڻ لڳو، ”مان سائبيريا هليو ويندس. جتي منهنجي ڀيڻوئي هڪڙيءَ ديول جوڙڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. مون پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي دويلين جوڙڻ ۾ مزو ايندو آهي.“ ۽ پوءِ مون کي هر کائڻ لڳو-”تون به هل. سچ پچ ته سائبيريا آهي ئي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ. جنهن کي ڪجهه تعليم هجي، اُتي وڌڻ جا وڏا موقعا آهن.“

        جڏهن مون هن جي ڳالهه قبول ڪئي ته خوش ٿي چوڻ لڳو، ”واعدو ٿيو! مان چرچو نٿو ڪريان!“

        پيٽرڪ ۽ گريگوريءَ سان هو اهڙي نموني پيش ايندو هو، ڄڻ ڪو وڏو ٻارن سان پيش ايندو آهي. هڪ ڀيري اوسپ کي هنن بابت چيائين، ”ٻيئي ٻٽاڪي مڙس آهن. رڳو هڪ ٻئي سان ڳالهين جون پيا شرطون پڄائين-هڪڙو چوندو ’مون وٽ سون آهي.‘ ته ٻيو چوندو، ’مون وٽ پارس آهي.‘“

        اوسپ جهٽ هنن جو بچاءُ ڪندي چيو، ”ان ۾ ڪهڙو اعتراض آهي؟ اِهو ته زماني جو دستور آهي. ڏسندو ناهين، ڇوڪريون پنهنجي ڇاتي ڪيئن تاڻي هلنديون آهن. ڌڻيءَ هنن جا بـُبا نه ته هنن جي سيني تي ڇو رکي ڇڏيا آهن!“

        ”ههڙن ماڻهن جي زبان تي هر ڳالهه ۾ خدا هوندو آهي، پر پئسا ائين ميڙيندا وتندا آهن، ڄڻ خدا کان هنن کي جو گهربل آهي، سو کين پئسن سان ئي ملندو!“ ناراض ٿيندي، اردلان چيو.

        ”گريگوريءَ لاءِ پئسن ميڙڻ جي ڳالهه چئي نٿي سگهجي.“

        ”آهه-مان گريگوريءَ لاءِ ائين ڪونه ٿو چوان. اِها پئسن جي ڳالهه مون کي هـُن ٻئي لاءِ ڪئي. پر خدا جي تلاش ۾ هو ڇو نٿا جهنگ منهن ڪري ڪيڏانهن هليا وڃن. اُتي هنن کي هو اڪيلو ملي ويندو. آءٌ ته ڌڻيءَ جو سـُنهن هِتي بيزار ٿي پيو آهيان. ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي وڻيم. بهار جي موسم ۾ آءٌ ته سائبيريا هليو ويندس.“

        اردلان سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ٿڌا ساهه کڻندي چيو، ”اسان کي به جي اهڙو ڪو ڀيڻيويو هجي، ته جيڪر اسان به ڪڙو مـُنهن ڪري سائبيريا هليا وڃون.“

        پوءِ اوچتو ئي اوچتو اردلان غائب ٿي ويو. آرتوار ڏينهن پنهنجي ڪارخاني ڇڏڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين هن جو ڪو پتو نه پيو.   

        ”هن کي ڪنهن ماري ته نه وڌو!“

        ”متان درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيائين!“

        اسين سڀ ايئن فڪر ۾ انومان تي انومان ڪڍي رهيا هئاسين، ته ايفوسن اچي ٻڌايو، ”هو شراب خاني ۾ آهي!“

        ”هو زور شور سان پي رهيو آهي. ۽ نشي ۾ هن کي پنهنجو به پتو ڪونه ٿو پوي. ٿي سگهي ٿو هن جي پياري زال گذاري وئي آهي.“

        ”ڇاجي لاءِ ٿو ڪوڙ ڳالهائين؟“ پيٽرڪ عجب مان پڇيو.

        ”هو ته ڪڏهوڻڪو رنڙ آهي. پر آهي ڪٿي؟“

        پيٽرڪ، خار کائيندي، هن کي شراب خاني مان وٺڻ ويو، پر هن جي هٿان ڏاڍي مار کائي موٽيو.

        پوءِ اوسپ محڪم ارادي سان چپن کي ڀيڙي ۽ ٻيئي هٿ کيسن ۾ وجهي، چيو، ”مان پاڻ وڃي ٿو ڏسان ته ڇا ڳالهه آهي. اهڙي جوان ڪاڻ مصيبت به سهبي.“

        مان به هن سان گڏجي ويس. رستي تي اوسپ مون کي چيو، ”ڏس ڪهڙو نه سانتيڪو ۽ سٺيءَ چال وارو مڙس هو. سالن جا سال شراب خاني ڏانهن منهن به نه ڪيو هئائين، ۽ هاڻي جو اوچتو تنگ ڇنايو اٿائين، ته آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. الڪسي، ڳوڙهو غور ڪر، اِن ۾ تنهنجي لاءِ سبق آهي.“

        اسين پڇائون ڪندا، ڪناون گهٽيءَ جي سستي ۾ سستي چڪلي ۾ پهتاسين، جتي اسان کي هڪڙي پوڙهي رهزن عورت ملي. اوسپ هن سان ڪن ۾ ڪي ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ هوءَ اسان کي هڪڙي سکڻي ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪمرو گهوڙن جي ڪڙهه کان به اونداهو ۽ گندو هو. اُتي کٽ تي هڪڙي ٿلهي عورت ستي پيئي هئي، ۽ ننڊ ۾ پاسا ورائيندي ٿي رهي. پوڙهيءَ عورت هن کي پاسي واري مڪ وهائي ڪڍي، ۽ واڪو ڪري چيائين، ”اٿ، حرامزادي، اٿ!“

        عورت هراس مان ٽپ ڏئي اٿي ۽ اکيون مهٽيندي چوڻ لڳي، ”او خدا! ڪير آ؟ ڇاهي؟“

        ”جاسوس!“ اوسپ رڙ ڪئي. عورت ڪـُوڪ ڪري، ٻاهر گم ٿي ويئي. اوسپ هن جي پٺيان ٿڪ اڇلائي، مون کي سمجهايو، ”هي شيطان کان وڌيڪ جاسوسن کان ڊڄنديون آهن.“

        پوڙهيءَ عورت پهرين ڀت تان هڪڙو ننڍڙو آئينو لاهي پري ڪيو، پوءِ ڀت تي لڳل ڪاغذ هٽائي، چوڻ لڳي، ”جهاتي پائي ڏسو ته اِهو توهان جو ماڻهو آهي؟“

        اوسپ ڀت جي انهيءَ پيدا ٿيل سوراخ مان اندر نهاريو ۽ چوڻ لڳو، ”ها، اهو آهي. ڇوڪريءَ کي ٻاهر ڪڍيو.“

        مون به اندر جهاتي پائي ڏٺو. اندر هڪڙي اهڙي ئي اونداهي ۽ گندي ڪوٺي هئي، جهڙيءَ ۾ اسين بيٺا هئاسين. هڪڙي ننڍڙي چمني بند ٿيل دريءَ جي ڪانس تي ٻري رهي هئي. هڪڙي ٽيڏي تاتار ڇوڪري، اگهاڙي اگهاڙي، هڪ پاسي پنهنجي انگي سُبي رهي هئي. هن جي پٺيان بسترو هو، جنهن جي وهاڻن تان اردلان جو سـُڄيل منهن اُن جي کنڊريل ۽ سخت وارن واريءَ ڪاريءَ ڏاڙهي سميت ڏسڻ ۾ پئي آيو.

        تاتار ڇوڪري ڇرڪ ڀري اٿي، ۽ قميص پائي، بستري وٽان لنگهي، اوچتو اوچتو اچي اسان وٽ بيٺي.

        اوسپ هن کي ڏٺو، ٿڪ اڇلايائين ۽ رڙ ڪري هن کي چيائين، ”ٿو هجي توتي، ڏاڍي ڪا بيحيا ڇوري آهين!“

        کلندي هن وراڻيو، ”ٿو هجي توتي پوڙها گڏهه.“

        اسين پاسو ڪري، اُن ڇوڪريءَ جي ڪوٺيءَ ۾ هليا وياسين. اوسپ هنڌ جي پيرن کي ٿي ويٺو ۽ اردلان کي نشي مان بيدار ڪرڻ ۾ هن کي چڱو وقت لڳي ويو.

        ڪيتري دير هو ائين ئي چپن ۾ ڀڻڪندو رهيو-”بس ڪريو....بس ڪريو....ٿورو بيهو....مٿو نه کائو....منهنجي جند ڇڏيو.“

        آخر هو اٿي ويٺو ۽ اسان کي وحشياني نموني گهورڻ لڳو، ۽ پنهنجون رت جهڙيون ڳاڙهيون اکيون وري بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ هورڙيان چوڻ لڳو، ”چڱو ڀلا، پوءِ ڇا؟“

        ”اڙي، هي توکي ڇا ٿيو آهي؟“ اوسپ اهڙي لهجي ۾ پڇيس، جنهن ۾ ٻاجهه وڌيڪ ۽ ڇنڀ گهٽ هئي.

        ”مون کي هِت اچڻو ئي پيو،“ اردلان کنگهندي چيو.

        ”ڪيئن؟“

        ”بس ڪا اهڙي ڳالهه هئي.“

        ”مان سمجهان ٿو، شايد تون.....“

        ”ڪهڙو فائدو!“

        ۽ اردلان ووڊڪا جي ٻوچ لٿل بوتل ميز تان کنئي ۽ ڳٽ ڳٽ ڪري پيئڻ لڳو، اوسپ کي آڇ ڪندي چيائين: ”ٿورو چڪو؟ هتي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو.“

        اوسپ ڍڪ ڀريو، ۽ جيئن شراب نڙي اندر وڃڻ لڳس ته مـُنهن کڻي بڇڙو ڪيائين، ۽ روٽيءَ جي ڀور کي چٻاڙيندي. هو ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويو. اردلان پنهنجي يخيءَ ۾ اچي ڇٽو، ”سو مون هن تاتاري ڇوڪريءَ سان ناتو ڳنڍيو آهي. چِند تاتاري آهي-ايفوسن جي چوڻ موجب، جوان ۽ نڌڻڪي. ڪاسيموف جي رهاڪو آهي. ميلي تي ڪمائڻ جي ارادي سان آئي هئي.“

        ڀت جي ٻئي پاسي کان ڇوڪري ڀڳل روسي زبان ۾ چوڻ لڳي، ”تاتارين جو ڪو مثال ڪونهي. ننڍڙن چوزن وانگر. ٻڍي کوسٽ کي ڊوڙائي ڪڍ-تنهنجو اِهو پيءُ ته ڪونهي.“

        ”اِها آهي!“ اردلان ڀت ڏانهن گهوريندي چيو.

        ”مون ان کي ڏٺو آهي،“ اوسپ چيو.

        اردلان مون کي چوڻ لڳو، ”منهنجا ڀاءُ، هاڻي تو ڏٺو، مان ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.“

        مون خيال پئي ڪيو ته اوسپ هن کي اهڙيون ست سريون ٻڌائيندو، جو اردلان هڪدم ڀان ڪرڻ لڳندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. ٻيئي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو ٿي ويٺا، جو هنن جا ڪلها پئي گٺا، ۽ پاڻ ۾ نرم لهجي ۾ پئي ڳالهايائون. ڄڻ ڪي ٻه اڌ مغزي هئا، جي انهيءَ گندي ڪمري ۾ اچي مليا هئا. ڇوڪريءَ ڀت جي پريان ڀڳل ٽٽل روسي ٻوليءَ ۾ ڄاڙي پئي هنئين، پر ڪنهن به هن ڏانهن ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. اوسپ ميز تان اکڙوٽ کڻي، کڙيءَ جي هيٺان ڏيئي، ڀڳو. پوءِ ان جو گورو ڪڍي، کلون ڦٽيون ڪندي، پڇڻ لڳو، ”پئسا سڀ چٽ ڪري ڇڏيئه، ڪين ڪي اٿئي؟“

        ”نه، پيٽرڪ وٽ ڪجهه آهن.“

        ”سائبيريا وڃڻ لاءِ تيار آهين نه؟“

        ”ڇا لاءِ؟“

        ”چئبو تو خيال بدلائي ڇڏيو آهي.“

        ”جيڪڏهن اُهي منهنجا مائٽ نه هجن ها، ته....“

        ”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين؟“

        ”منهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو اُتي آهن.“

        ”سو ڇا؟“

        ”پنهنجن مائٽن وٽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ڪونهي.“

        ”ٻين وٽ وري ڪهڙو مزو آهي؟“

        ”مڙيئي ساڳي ڳالهه آهي.“

        انهن جون ڳالهيون جيتوڻيڪ سنجيده هيون، ۽ اهڙيءَ مٺ محبت ۾ پئي ٿيون، جو تاتاري عورت وات هڻڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ اندر اچي پنهنجا ڪپڙا کڻي هلي ويئي.

        ”جوان آهي.“ او سپ راءِ ڏني.

        اردلان هن ڏانهن نهاري، وڻندڙ نموني چوڻ لڳو، ”اها سڀ ايفوسن جي ڪرڻي آهي. هن جي دماغ ۾ عورت کان سواءِ ٻي ڪائي ڳالهه ڪانهي. پر تاتاري عورت راحت آهي راحت. رڳ رڳ ۾ باه لڳائي ٿي ڇڏي.“

        ”سنڀالجانءِ، نه ته ان جي ڄار مان ڪڏهن به نڪري نه سگهندين.“ اکروٽ کائڻ کان پوءِ هن اردلان کان موڪلايو.

        رستي تي موٽندي، مون اوسپ کان پڇيو، ”تون اوڏانهن ڇو هليو هئين؟“

        ”رڳو ڏسڻ. مان هن کي سالن کان سڃاڻان، پر هي پهريون شخص ناهي، جو پاڪدامن رهڻ کان پوءِ اوچتو ترڪي پيو هجي، پر اهڙا ڪيترائي آهن.“ ۽ اوسپ اڳيون چتاءُ دهرائيندي، مون کي چيو. ”ووڊڪا کان پاڻ بچائجانءِ.“ گهڙي رکي، چوڻ لڳو، ”جيتوڻيڪ ان کان سواءِ، گهاڻي ۾ ڳهندي، حياتي اڪثر بي مزي ٿي پوندي آهي.“

        ”ووڊڪا کان سواءِ؟“

        ”هائو هڪ ڀيرو اُن جي پيئڻ جي دير آهي. ماڻهو هڪدم وڃيو ٻيءَ دنيا ۾ پهچي.“

        انهيءَ کان پوءِ اردلان اُهو ساڳيو اردلان نه رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن هو ڪم تي آيو پر وري هليو ويو. بهار جي موسم ۾ مون کي بندرگاه تي ڪم ڪندي مليو. هو اُنهيءَ ٽوليءَ سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. جيڪا اتي ٻيڙن جي چوڌاري ڄميل برف ڀڃي رهي هئي. اسين ڏاڍي دوستاڻي نموني هڪ ٻئي سان ملياسين، ۽ هڪڙيءَ هوٽل ۾ وڃي گڏجي چانهه پيتيسين، جتي هو ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو، ”ياد اٿئي، مان ڪهڙو نه ڪاريگر هوس-پهريون نمبر! چاهيان ها ته دنيا جو ڍڳ ڪٺو ڪري وٺان ها.“

        ”پر تو ڪجهه به نه ڪيو.“

        ”نه، مون ڪجهه به نه ڪيو،“ هن فخر سان قبول ڪندي چيو. ”ڪم؟ ان تي ته منهنجي اک به نه ٻڏندي آهي.“

        اسان جي ڀرسان جيڪي ماڻهو ويٺا هئا، سي هن جي ڳالهه کان ڏاڍا متاثر ٿي لڳا.

        ”توکي ياد آهي ته ڪم جي لاءِ مڪار پيٽرڪ ڇا چوندو هو؟ ’ٻين جي لاءِ پٿرن جا گهر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفن.‘“

        مون چيومانس، ”پيٽرڪ بيمار ماڻهو آهي ۽ موت جو خيال هن جي دل ۾ گهر ڪري ويو آهي.“

        ”مان به بيمار آهيان ۽ منهنجي دل به خوش ناهي.“

        موڪل جي ڏينهن تي مان نديءَ جي ڪناري واري پاسي ”لکاپتي“ گهٽيءَ ڏانهن، جتي گهٽ درجي جا ڪم ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، هليو ويندو هوس، ۽ اهو ڏسي عجب لڳندو هوم ته ڪهڙو نه جلد اردلان انهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويو هو. هڪ سال اڳ هو خوشدل ۽ سنجيدي قسم جو هڪ ٻهراڙيءَ جو اڻ گهڙيو ماڻهو هوندو هو. پر هاڻي هو وڏن واتوڙين شهري چالاڪڙي قسم جي ماڻهن  مان هڪ ٿي پيو هو، اُنهن وانگر هو لـُڏي هلڻ جي ٽور سکيو هو، منهن تي انهن وانگر جهڳڙالو ۽ شوخ رونق اچي ويئي هيس، ۽ ڊاڙ هڻي، پنهنجن ساٿي مزدورن ڏانهن نهاري چوندو هو، ”ڏسين ٿو هي ڪيترو منهنجي سڳي ڌاڳي ۾ آهن! مان هتي جو دادا آهيان!“

        هو پئسي ۾ هٿ ڦاڙ هو. جڏهن به ڪجهه هوندو هوس. ته لـُٽ لڳائي ڏيندو هو ۽ اوباش ماڻهن جا ڀڀ ڀريندو رهندو هو. جهيڙي ۾ هميشه هار کاڌل جو پاسو کڻندو هو، ۽ هميشه هن جي اها ڏاڍيان رڙ پئي پوندي هئي-”اِها انصاف جي ڳالهه آهي. نه، اِها انصاف جي ڳالهه ناهي. انصاف کان ڪم وٺڻ گهرجي.“ انهيءَ ڪري هن تي پنهنجي سنگت ۾ نالو ئي ”انصافي“ پئجي ويو هو، ۽ هو اُنهيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

        مان انهيءَ گنديءَ، گوڙ ۽ گهمسان ڀريءَ گهٽيءَ جي رهاڪن جو گهڻي ڌيان سان مطالعو ڪرڻ لڳس. انهن ماڻهن سڀني روايتي رستن کان منهن موڙي، ٻين جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجون خوشيءَ ڀريون راهون پاڻ ڳولي ڪڍيون هيون. اهي بهادر ۽ بي پرواهه هوندا هئا. انهن کي ڏسي، ناني جي ڳالهين وارا وولگا نديءَ جا ناکئا ياد اچي ويندا هئا. جڏهن ڪم ڍرو هوندو هونِ، ته هي به اُنهن ناکئن وانگر ٻيڙين ۽ بتيلن تان چورين ڪرڻ کان به نه هٻڪندا هئا. مون کي انهيءَ تي ڏک نه ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته، جيتري قدر مون ٿي ڏٺو، زندگي-نه رڳو هنن جي پر زندگيءَ جو چوغو هرهنڌ ۽ هر قسم جو-چوريءَ جي ڌاڳي سان اهڙيءَ طرح چٿيو پيو هو، جيئن ڪنهن پراڻي اڇي ڪوٽ کي ڪاري راڳي جون چتيون ۽ ٽوپا لڳل هجن. مون اهو به ڏٺو ته هو سڀ، سواءِ ڪن ضروري موقعن جهڙوڪ باهه لڳڻ، ندين جي برف ڀڃڻ وغيره جي، جنهن وقت پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪين گهٽائيندا هئا، گهڻو ڪري ڪم جا ٽوٽي هوندا هئا. انهيءَ هوندي به هنن جون حياتيون ٻين ماڻهن جي حياتين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موج ۽ مزي ۾ گذرنديون هيون.

        اوسپ، اهو ڏسي ته منهنجي اردلان سان ڪيتري نه گهرائپ ٿي ويئي هئي، پيءُ وانگر مون کي نصيحت ڪندي چيو، ”پٽ، ڌيان ڪر! ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ۾ دوستي ڳنڍڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟  ڏسجانءِ متان پاڻ کي نقصان نه رسائي ويهين!“

        مون هن کي پنهنجي پاران ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي اهي ماڻهو ڏاڍا دلچسپ ٿي لڳا، ڇوته اهي ڪم نه هوندي به آزاد ۽ خوشدل ٿي نظر آيا ۽...

        ”پکين جيان آزاد!“ هن کلندي، منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ روڪيندي چيو، ”ائين ڇو نه ٿو چوين ته سست ۽ بيڪار، جن جي لاءِ ڪم وڏو آزار آهي.“

        ”پر آخر ڪم ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي؟ ’ڪنهن به ماڻهوءَ ايمانداريءَ جي پورهئي مان ڪڏهن ڪو محل ڪو ڪونه جوڙايو آهي!‘“ منهنجي واتان اها چوڻي نڪري ويئي، جيڪا تمام گهڻي ٻڌي هيم ۽ جا مون کي بالڪل سچي لڳندي هئي.

        انهيءَ تي اوسپ اچي بگڙيو-”تو اها ڳالهه ڪٿي ٻڌي آهي؟ بيوقوفن يا ٽوٽين کان! تو جيڏيءَ عمر وارن کي اهڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان ئي ڏيڻ نه گهرجي. ناڪام ماڻهو ئي ساڙ وچان اهڙيون واهيات ڳالهيون ڪندا آهن. منهنجا پٽ، کنڀن ڄمڻ کان اول اڏامڻ ڇڏي ڏي. مان سمجهان ٿو ته تنهنجن نون دوستن جي خبر تنهنجي مالڪ کي ٻڌائڻ منهنجو فرض آهي.“

        هـُن واقعي پوءِ ائين ڪيو، ۽ مالڪ مون کي چتاءُ ڏيندي، چيو، ’لکاپتي‘ گهٽيءَ جو نالو به نه وٺندو ڪر. اِهو بدمعاشن ۽ رنڊين جو اڏو آهي، انهيءَ گهٽيءَ جو ٻيو دروازو جيل ۾ يا اسپتال ۾ کلي ٿو. مان توکي چوان ٿو ته ايڏانهن نه ويندو ڪر.“

        اُنهيءَ کان پوءِ ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ واري ڳالهه پهرين لڪ ۾ رکندو هوس، ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ منهنجو اوڏانهن وڃڻ مرڳوئي بس ٿي ويو.

        هڪڙي ڏينهن مان اردلان ۽ هن جي سنگتي روبيناڪ سان هنن جي رهڻ واريءَ جاءِ جي ڪوٺي تي ويٺي ڳالهيون ڪيون. روبيناڪ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن هن ماسڪو تائين پيادل سفر ڪيو هو. هو ڪنهن زماني ۾ سپاهي هو ۽ گهوڙي سوارن ۽ انجنيئرن جي پلٽڻ ۾ ڪم ڪيو هئائين. ترڪيءَ سان لڙائي واري زماني ۾ گوڏي وارو ڌڪ لڳو هوس، جنهن ڪري حياتيءَ تائين منڊو ٿي پيو هو. هن کي ٻانهن ۾ بي انتها طاقت هوندي هئي، پر اها ايتري ڪارائتي ٿي نه سگهي هيس، جو هن کي اڃا تائين ڪٿي ڪا نوڪري ملي ڪانه سگهي هئي. اُن وچ  ۾ بيماريءَ ڪري هن جا وار ڇڻي ويا هئا، ۽ هن جو مٿو کـُسي بنهه هڪ نئين ڄاول ٻار جهڙو ٿي پيو هو.

        جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته هن جي ڀورين اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي-”سرپوخوف جي شهر ۾ هڪڙو پادري سليج ۾ ويندو مليم. مون چيس، ’سائين، ترڪي جنگ جي بهادر کي ڪجهه خير ڏيو‘.....“

        ”اهو ڪوڙ آهي،“ اردلان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

        ”مان ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس؟“ ڪاوڙجڻ کان سواءِ روبيناڪ چوڻ لڳو.

        اردلان هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو، ”تون صفا چٽ آهين. توکي ٻين لنگڙن وانگر چوڪيداري ملي سگهي ٿي، پر تون رلڻ ۽ ڪوڙ هڻڻ تي هري ويو آهين.“

        ”مان جيڪي ڪجهه ڪيان ٿو، ماڻهن کي وندرائڻ جي لاءِ ڪيان ٿو، مان ڪوڙ انهيءَ لاءِ هڻان ٿو ته هو کلن، خوش ٿين!“

        آسمان ۾ سج چمڪي رهيو هو، هوا خشڪ لڳي رهي هئي، پر جنهن هنڌ اسين ويٺا هئاسين، اُتي اونده ۽ پوسل هئي. اوچتو هڪڙي عورت اچي لنگهي، جيڪا پنهنجن هٿن ۾ هڪڙو ڪپڙو لوڏيندي چئي رهي هئي، ”پيٽي ڪوٽَ ويڪائو، پيٽي ڪوٽَ!“

        عورتون پنهنجن چـُرن مان ٻاهر نڪري آيون ۽ وڪري واريءَ جي چوگرد جنهن جي آواز مان ائين ٿي لڳم، ڄڻ اُها کٽياڻي نتاليا هئي، ميڙ ڪري بيهي رهيون.

        هن اهو پيٽي ڪوٽ پهرينءَ واڪ ڏيندڙ کي ڏيئي ڇڏيو. جيستائين مان ڇت تان هيٺ لٿس، تيستائين هوءَ اتان هلي ويئي. مان کيس در وٽ وڃي پهتس، ۽ کيس سڃاڻندي، ڏاڍي اتساهه مان چيو مانس، ”ڪيئن آهين؟“

        ”بس ايترو ئي چوڻو اٿئي!“ هن جواب ۾ اکين مان پاسيرو نهاريندي چيو. هڪدم مون ڏانهن ڏسندي، پوءِ هو بيهي رهي، ۽ ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ”يا خدا! پر تون هتي ڪيئن آيو آهين؟“

        هـُن جي اِن وراڻيءَ مون کي منجهائي ڇڏيو. اها ڳالهه صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي ته هن کي منهنجي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو هو. هن جي سمجهه ڀرئي چهري تي عجب ۽ اومان جون ريکائون چٽيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. مون هن کي ٻڌايو ته مان هتي رهندو ناهيان، پر رڳو گهمڻ ۽ تماشو ڏسڻ لاءِ ايندو آهيان.

        ”گهمڻ ۽ تماشو ڏسڻ!“ غصي ڀريل لهجي ۾ چٿر ڪندي، هن چيو، ”هيءُ وري ڪهڙي گهمڻ ۽ تماشي ڏسڻ جو هنڌ آهي؟ ضرور تون عورتن جي پٺيان خوار آهين!“

        هن جو منهن ڪومائجي ويو هو. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون، ۽ هن جا چپ لڙڪي پيا هئا. هوٽل جي دروازي وٽ پهچندي چيائين، ”اچ ته چانهه پيئون. مون کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي. جيتوڻيڪ تنهنجي پوشاڪ هتان وارن ماڻهن کان مختلف آهي.“

        هوٽل ۾ ويهندي، منهنجي سلسلي ۾ هن جو شڪ ۽ خوف گهٽجي ويو. گلاسن ۾ چانهن وجهندي چوڻ لڳي، ”ٿوري گهڙي ٿي، جو ننڊ مان اٿي آهيان ۽ اڃا تائين نيرن نه ڪئي اٿم. گذريل رات نشي ۾ چور ٿي، ستي هيس. مون ڪٿي پئي پيتو ۽ ڪنهن سان پئي پيتو، اهو به ياد ڪين اٿم.“

        مون کي هن سان گڏ ويهڻ خراب ٿي لڳو، پر هن کي ڏسندي منهنجي دل کي ڏاڍو جهٻو پئي آيو. مون کي اِها اڻ تڻ هئي ته هن کان هن جي ڌيءُ جي خبر پڇان. ٿوري چانهه ۽ ووڊڪا پيئڻ کان پوءِ هن جي ڳالهائڻ ۾ هِن گهٽيءَ جي عورتن واري خنڪي ۽ گهرائپ پيدا ٿي ويئي، پر جڏهن مون هن کان هن جي ڌيءَ بابت سوال پڇيو، ته هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي.

        ”توکي ايترو اونو ڇا جي لاءِ آهي؟ نه، منهنجا پٽ نه، هوءَ تنهنجي ور چڙهي نه سگهندي. پنهنجي دل مان اهڙو خيال ڪڍي ڇڏ.“

        جڏهن هن وڌيڪ شراب پيتو، ته چوڻ لڳي، ”منهنجي ڌيءُ ۽ منهنجو پاڻ ۾ ڪوبه واسطو ڪونهي. آخر مان ڪير آهيان؟ هڪڙي کٽياڻي-اُها هڪڙي پڙهيل ڇوڪريءَ جي ماءُ ڪيئن ٿي ٿي سگهي! اهي آهن هن جا احوال! هوءَ ماسترياڻي ٿيڻ لاءِ هلي ويئي آهي ۽ هڪڙيءَ شاهوڪار ساهيڙيءَ سان گڏ رهندي آهي.....“

        پوءِ پنهنجي ڳالهه کي پورو ڪندي چوڻ لڳي، ”ڪير آهي، جو هڪ کٽياڻيءَ کي پنهنجو ڪري سگهي ٿو! هڪ بازاري عورت کي وري به ڪونه ڪو قبولي.....“

        هن جي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهه پڌري هئي. هوءَ بازاري عورت ٿي ويئي هئي. ٻئي ڪنهن به قسم جي عورت انهيءَ گهٽيءَ ۾ ڪانه ايندي هئي. پر جڏهن هن پاڻ کي بازاري عورت ڪوٺيو، ته شرم ۽ همدرديءَ کان منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. منهنجي دل کي نتاليا جي انهيءَ ڳالهه، جيڪا ڪڏهن همٿ ڀري، هوشيار ۽ خوددار  هئي، باهه جي اُلن وانگر ڏنڀي ڇڏيو. مون ڏانهن گهڻي وقت تائين گهوڙي نهارڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳي، ”مان توکي عرض ٿي ڪريان ته هاڻي هن هنڌان هليو وڃ. مهرباني ڪري هن هنڌ کان پري رهندو ڪر، نه ته پاڻ کي ڪڏهن آويءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندين.“ ۽ مٺڙي پر ٽٽل آواز ۾-اصل اِئين ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي هجي-ڪنڌ جهڪائي ۽ آڱرين سان طشت تي نهنڊون پائيندي، چوڻ لڳي، ”پر مان ڪهڙي اميد رکي ٿي سگهان ته تون منهنجي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيندين، چاهي مان توکي ڪيترا به ايلاز ۽ منٿون ڪيان. جڏهن منهنجي سڳي ڌيءُ منهنجي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي. مون هن کي روئي چيو هو، ”تون پنهنجي ماءُ کي ائين ٿي ڇڏي ڏين؟ تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟“ – مان پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇڏيندس!“ هن وراڻيو. اِهو هو هن جو جواب، ۽ هوءَ ڪازان ڏانهن وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هلي ويئي پر هتي منهنجو ڪير هو؟  مان ڇا ڪيان؟ ۽ نيٺ هن حالت تي پهتي آهيان، ۽ هڪ بازاري عورت آهيان، جا بيشرم بني تنهنجي اڳيان ويٺي آهيان.“

        پوءِ هوءَ گهڻي وقت تائين ماٺ ڪري ويهي رهي، جيتوڻيڪ هن جا چپ هن جي خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ سان پئي ڦڙڪيا. اهو صاف ظاهر هو ته هن کان منهنجو ڌيان ئي لهي ويو هو. هن جي ڦڙڪندڙ چپن ۾ هن جي چهري جي مڙيل گهنجن ڏانهن، جيڪي ڪنهن دل ٽٽل ٻار جي حالت وانگر ٿي ڏسڻ ۾ آيا، نهارڻ عذاب کان گهٽ نه هو. هن جي وارن جون چڳون جيڪي هن جي مٿي سان ويڙهيل رومال مان کسڪي آيون هيون، سي هن جي چهري ۽ ڪن جي مٿان لڏي رهيون هيون. جڏهن هن ڏٺو ته هن جي اکين مان ڳوڙها وهي، چانهه جي پياليءَ ۾ پئي ڪريا، ته هن چانهه جي پيالي پري ڪري، اکين کي زور سان بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اُنهن مان پاڻ ڳوڙها وڌيڪ ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳا. پوءِ هن پنهنجي رومال سان منهن اگهيو. مون کي وڌيڪ ڏٺو نه پئي ٿيو، تنهن ڪري اٿي کڙو ٿيس، ۽ هن کي ’خدا حافظ‘ چيم.

        ”ڇا؟ اوه! وڃ، نڪر، وڃي کڏ ۾ پئه!“ هن مون ڏانهن نهارڻ کان سواءِ هٿ لوڏيندي چيو. هن کان شايد اهو خيال ئي لهي ويو هو ته هوءَ ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئي.

        مان اردلان ڏانهن موٽيس، جنهن سان گڏ مڇيءَ جي شڪار لاءِ وڃڻو هوم، ۽ چاهيم پئي ته هن سان نتاليا بابت ڪجهه ڳالهايان. پر هو ۽ روبيناڪ ٻئي ڇت تان لهي ويا هئا. مان اڃا هنن کي انهيءَ گهٽيءَ ۾ ڳولي رهيو هوس، ته جهيڙي جون رڙيون، جي انهيءَ گهٽيءَ ۾ عام هونديون هيون، ٻڌڻ ۾ آيون.

        مان جيئن دروازي مان ٻاهر نڪتس ته ذري گهٽ نتاليا سان اچي ٽڪريس، جيڪا روئي رهي هئي ۽ پنهنجي رومال سان منهن تي پهتل زخمن کي اگهي رهي هئي. هوءَ ٿڙڪي ۽ ٿاٻڙجي رهي هئي، ۽ پنهنجا کنڊريل وار ٺيڪ ڪري رهي هئي. هن جون اکيون ايتري قدر بند هيون، جو ذري گهٽ رستي جي ڪناري تي وچڙي ڪري ٿي پيئي. هن جي پٺيان اردلان پئي آيو ۽ ان جي پٺيان روبيناڪ هو، جو هن کي هشي ڏيئي چئي رهيو هو-”وارو ڪر، هڪڙو ٻئي جو به مزو چکائينس.“

        نتاليا کي سوگهو جهلي، اردلان هن تي مڪ اولاري. نتاليا ڪنڌ مٿي ڪري، هنن ڏانهن نهاريو. هن جي ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي. هن جو منهن ڀوائتو ٿي ويو ۽ هن جي اکين مان حقارت ڀريل الا نڪري رهيا هئا. هن رڙ ڪري چيو، ”هڻو مون کي ڌڪ هڻو!“

        مون اردلان کي کڻي ٻانهن کان سوگهو جهليو. هن حيرت مان مون ڏي نهاريو چيو، ”توکي ڇا ٿيو آهي؟“

        منهنجي وات مان مشڪل سان هي اکر نڪتا، ”هن کي هٿ نه لاءِ.“

        هو اچي ٽهڪن ۾ پيو، ”هان، اها آهي تنهنجي محبوبه! نتاليا، توتي خدا جي مار هجي، تو اسان جي ساڌوءَ کي به ڦاسائي ڇڏيو!“

        روبيناڪ پيٽ تي هٿ ڏيئي، هن سان کلڻ ۾ شامل ٿي ويو. مان هنن جي اڳيان هنن جي واهيات چرچن جو مرڪز بنيو بيٺو هوس. هو انهيءَ کشٽ ۾ هئا، ته نتاليا اتان کسڪي هلي ويئي. جڏهن ڏٺم ته هو بنهه ليڪا لنگهي بيٺا هئا. تڏهن روبيناڪ کي پيٽ واري مڪ هڻي، ڪيرائي، انهن وٽان ڀڄي ويس.

        انهيءَ کان پوءِ مان ’لکاپتي‘ گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن اردلان پتڻ تي ملي ويندو هو، ته خوشيءَ سان مرحبا ڪري چوندو هو، ”ڪاٿي ٿو گزارين؟“

        جڏهن مون کيس ٻڌايو ته هن جي نتاليا سان ظالمانه روش ۽ مون سان واهيات چرچن مون کي ڪيڏو نه گهاءُ رسايو هو، ته هو دل کولي کلڻ لڳو. ”چئبو ته تو ان ڳالهه کي دل ۾ رکيو آهي؟ اسان ته توکي چرچي طور چيڙائي رهيا هئاسين. باقي جي هن رنڊيءَ کي مار ڏنيسين، ته ڪهڙي ڳالهه ٿي پيئي؟ ماڻهو پنهنجين زالن کي ڪٽيندا آهن. جي اسان هِن قسم جي ڪنهن عورت کي ٿڦا ٿوڦي ڪئي، ته ڇا ٿي پيو؟ پر اِها سموري ڳالهه ته مسخري هئي. موچڙن سان ڪنهن کي ٿورو ئي ڪو سڌو ڪري ٿو سگهجي! ايتري مون کي به خبر آهي.“

        ”توهين ڪير آهيو، جو هن کي سڌو ڪرڻ ٿا چاهيو؟ ڇا، توهان پاڻ هن کان سٺا آهيو؟“

        هن پنهنجا هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي، مون کي ڌوڏو ڏيندي، زور سان مون کي چيو، ”ڪير ڪنهن کان بهتر ڪونهي. مون کي اِهو خوب معلوم آهي. هر طرح معلوم آهي. آءٌ توهان جي ٻهراڙيءَ جي ڄٽن مان ناهيان، جي ’ادا ادا، ڀائو ڀائو‘ ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجن دشمنن کي به سائين سائين ڪندا. پوڄيندا رهندا آهن.“

        هن کي پيئڻ جو چسڪو پئجي ويو هو، ۽ اصل آنڊن کان ٻاهر نڪري ويو هو. البت هن جي ان معاملي ۾ مون سان هلت اهڙي هئي، ڄڻ هو هڪ همدردانه استاد وانگر مون کي دنيا جي ڪٺورتا جي اُهي گـُر سيکاري رهيو هو.

        ڪڏهن ڪڏهن پاشڪا سان به ملاقات ٿي ويندي هيم. هو اڳي کان وڌيڪ وڻندڙ ۽ خوش پوش لڳندو هو. مون سان هن جي رويي ۾ البت هڪ نموني جي هڪ چٿر لڪل هوندي هئي-”اهڙي واهيات ڪم ۾ پنهنجو وقت پيو وڃائين! جهنگلين سان پيو رهين.!“

        پر جڏهن ڪارخاني جو احوال ٻڌائڻ لڳندو هو ته اداس ٿي ويندو هو-”زخاريف اڃا پنهنجيءَ وهڙيءَ تي مري رهيو آهي. استانوف اُهو ئي پنهنجي حال تي ناخوش آهي، تنهن ڪري هاڻي ته پاڻ وڌيڪ بوتل سان نيهن لاتو اٿائين. گولوفيف بگهڙن جو لقمو ٿي ويو. هو سوياتڪا مان نشي ۾ چور وڦلندو پئي آيو ته بگهڙ چٽ ڪري ويس......“

        جيئن هو اُهو واقعو وڌيڪ بيان ڪرڻ لڳو ته اچي کل ۾ ڇٽڪو-”جڏهن بگهڙ هن کي سڄو کائي ويا، ته هنن تي به نشو چڙهي ويو. هو پنهنجن پونين ٽنگن تي، رانديگر ڪتي وانگر اڀا ٿي، اچي پلٽن ۾ پيا ۽ پنهنجون راڳڻيون وٺي شروع ڪيائون، پر پوءِ پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنائون- ۽ ڏينهن ٿيڻ کان اڳ هڪ ٻئي جو ماس پٽي هڪ ٻئي کي به اُتي ئي پورو ڪري ڇڏيائون.“

        مان به هن سان گڏ کلڻ لڳس، پر پنهنجي دل جي اونهاين مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪارخانو ۽ اتي جون رهاڻيون هينئر منهنجي لاءِ ماضيءَ جا اُهي ورق هئا، جي ڪڏهن ڌوپي ويندا هئا، ۽ ڪڏهن ڦاٽي ذريون ذريون ٿي ويندا آهن. اِنهيءَ خيال ايندي ئي، منهنجي آڏو اداسي ڇانئجي ويئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org