ضياءَ جي غداري
المرتضيٰ جي درين مان آئون سپاهين جي بندوقن جي
نالين کي ڏسان ٿي، جيڪي فيبروري جي سج جي تَڙڪي تي
چمڪن پيون. اسان جي نظربنديءَ کي چوٿون مهينو شروع
ٿيندي ئي آئون ڀانئيان ٿي، ته پاڻ گهر کي ئي قيدي
بنايو ويو آهي. هن ئي گهر ۾ بابا سان ملاقات لاءِ
ٻاهرين ملڪن جا اڳواڻ ۽ عالمي سياستدان ايندا هئا.
پاڙيسري ملڪ ايران مان شهنشاهه، ابوظهبي جو حڪمران
۽ عرب امارتن جو صدر شيخ زيد، آغا خان شهزادو
ڪريم، آمريڪا مان سينيٽر جارج مِڪگورن. برطانيا جي
ڪابينا جو وزير ڊنڪن سينڊيز. بابا اڪثر پنهنجن
مهمانن لاءِ شڪار جو بندوبست ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ
هن کي شڪار جو شوق ڪونه هوندو هو. البت منهنجا
ڀائر تُز نشانيباز هوندا هئا ۽ ورلي مهمانن جو
مانُ رکڻ لاءِ ڏاڍي ڏاهپ سان هنن پاران پکين يا
هَرڻ کي ڪيرائي وجهندا هئا.
المرتضيٰ ۾ عام ڏينهن تي به کل ڀوڳ ۽ رونق متل
هوندي هئي. بابا گهڻو ڪري ڪجهه نه ڪجهه سنڌي لوڪ
گيت يا پنهنجو وڻندڙ مغربي موسيقيءَ جون ڌُنون پيو
جهُونگاريندو هو. آئون ته اڃان به هن کي اهي ڌُنون
جهُونگاريندي ٻُڌي سگهان ٿي. هڪ گيت جي سِٽ هئي.“
ٿيڻو آهي، اهو ٿيندو، مستقبل ڪونهي اسان جو...“
اُن اونداهي مستقبل جي اڳواٽ ڪنهن کي سُڌ پئجي
سگهي ٿي، جيڪو 5 جولائي 1977ع تي فجر مهل فوجي
بغاوت جي روپ ۾ اوچتو هن مٿان اچي ڪَڙڪيو هو ۽
جنهن سبب اسان جي ذاتي الميي ۽ پاڪستان جي پيڙا جي
شروعات ٿي هئي.؟
5 جولائي 1977ع.
1.45
آڌي رات، وزيراعظم هائوس، راولپنڊي.
”اُٿ، سجاڳ ٿي، اُٿي ڪپڙا پاءِ. جلدي ڪر.“ امان
رڙيون ڪندي منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ منهنجي ڀيڻ کي ننڊ
مان اٿارڻ لڳي. ”فوج قبضو ڪيو آهي، فوج قبضو ڪيو
آهي.“
ٿورن ئي منٽن ۾ آئون ڏڪندي بابا- امان جي سمهڻ
واري ڪمري ۾ ويس. مونکي ڪابه سُڌي نه هئي ته ڇا
پيو ٿئي. فوجي بغاوت؟ فوجي بغاوت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
هڪ ڏينهن اڳ چونڊن جي معاملي تي پاڪستان
پيپلزپارٽي ۽ مخالف اڳواڻن وچ ۾ آخري فيصلو ٿي ويو
هو. ۽ جيڪڏهن فوج قبضو ڪيو آهي، ته ان جو ڪهڙي
ٽوليءَ سان لاڳاپو آهي؟ ٻه ڏينهن اڳ جنرل ضياءَ ۽
ڪور ڪمانڊرَ پاڻ بابا وٽ آيا هئا ۽ هنن کيس فوج جي
وفاداريءَ جو واعدو ڏنو هو.
بابا فون کڻي چوي ٿو، ته کيس چيف آف اسٽاف جنرل
ضياءَ ۽وفاقي وزيرن سان ڳالهرايو وڃي. پهريون فون
وزير تعليم جي گهر مان اچي ٿو. اتي اڳواٽ ئي فوج
پهچي وئي آهي. ”فوجين بابا کي ماريو آهي ۽ کيس پاڻ
سان وٺي ويا آهن.“ حفيظ پيرزادي جي ڌيءَ سُڏڪا
ڀريندي چوي ٿي، جيڪو ٻٽي ڪلاڪ اڳ فيصلي ٿيڻ جي
خوشيءَ واري ڪچهريءَ ۾ بابا وٽ ويٺو هو ۽ پوءِ
موڪلائي ويو هو. مون پاڻ اندران پنهنجي ڀيڻ سان کل
ڀوڳ ڪندي لان ۾ هنن واري سِگارن جو چَمڪو ڏٺو هو ۽
ٽهڪڙن جو آواز ٻُڌو هو، ”صبر ڪر.“ بابا، پيرزادي
جي ڌيءَ کي مظبوط آواز ۾ چوي ٿو. ”پنهنجي خانداني
مانُ مرتبي کي ڏس.“ ٻيو فون سرحد جي گورنر ڏانهن
آهي، جيڪو اڌ ۾“ ڪَٽجي وڃي ٿو.
امان جو رنگ هيڊ جهڙو ٿي ويو آهي. هوءَ مونکي
ٻڌائي ٿي ته بابا کي فوجي بغاوت جي خبر هڪڙي پوليس
واري اچي ڏني هئي، جنهن فوجين کي وزيراعظم جي گهر
جو گهيرو ڪندي ڏنو هو. اهو سپاهي پنهنجي جان جوکي
۾ وجهي، پيٽ ۽ گوڏن ڀر رڙهندي، وڏي دروازي تائين
آيو هو ۽ بابا جي خدمتگار عرس کي تڪڙ ۾ چيائين ته،
”ڀٽي صاحب کي ٻڌايو، ته فوج کيس مارڻ لاءِ پئي
اچي. چوينس ته هڪدم لِڪي وڃي، جلدي ڪر.“ ظاهر آهي
ته اهو نياپو بابا ڏاڍي صبر سان ٻڌو. ”منهنجي
حياتي الله جي هٿ ۾ آهي،“ بابا عرس کي وراڻيو هو.
”جيڪڏهن فوج مونکي مارڻ گهري ٿي، ته اهي مونکي
ماري ڇڏيندا. لِڪڻ مان ڪوبه فائدو ڪونهي. نه وري
اوهان مان ڪير هنن سان جهيڙو ڪري. هنن کي ڀلي اچڻ
ڏيو.“ پوليس واري جي چتاءُ ڏيڻ سبب شايد اسان سڀني
جون حياتيون بچي ويون هيون.
”وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف سان ڳالهائڻ گهري
ٿو،“ بابا صنم جي ٽيليفون تي چوي ٿو، جيڪو هن جو
ذاتي فون آهي ۽ جنهن تي هوءَ پنهنجين ساهيڙين سان
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي رهندي آهي. اتفاق سان
اهو فون ڪَٽيل ڪونهي.
ضياءَ هڪدم ٽيليفون کڻي ٿو ۽ حيران ٿئي ٿو، ته
بابا کي فوجي بغاوت جي ڄاڻ پئجي وئي آهي.
”مونکي افسوس آهي سر، منهنجي اڳيان ٻي ڪا راهه ئي
ڪين هئي،“ ضيا تازو ڀوائتي فيصلي جي حوالي ڏيڻ
کانسواءِ ڦاٽ کائي ٿو. ٿوري وقت لاءِ اسين اوهان
کي حفاظت ۾ رکنداسين، پر نوي ڏينهن اندر آئون نيون
چونڊون ڪرائيندس. يقين آهي ته اوهان هڪ ڀيرو وري
وزيراعظم چونڊجي ايندا ۽ سائين آئون وري اچي اوهان
کي سلام ڪندس.“
هاڻي بابا کي ڄاڻ پئي آهي، ته فوجي بغاوت جو اڳواڻ
ڪير آهي. هن جون اکيون چُنجهيون ٿي وڃن ٿيون. جڏهن
ضياءَ هن کي ٻڌائي ٿو، ته اوهان جتي چوندو اتي
اوهان کي وٺي وڃبو، ويجهوئي مريءَ جي وزيراعظم
ريسٽ هائوس ۾ يا لاڙڪاڻي ۾ اوهان جي پنهنجي گهر ۾
ڪٿي به. ضياءَ اهو به چوي ٿو، ته باقي ڀاتي هڪ
مهيني تائين وزيراعظم هائوس راولپنڊي ۾ ڀلي رهن.
اڍائي وڳي رات جو فوج بابا کي وٺڻ لاءِ ايندي.“
”آئون لاڙڪاڻي ويندس ۽ منهنجا گهرڀاتي ڪراچي واپس
ويندا،“ بابا چوي ٿو. ”هي وزيراعظم هائوس آهي.
ڀانئجي ٿو ته آئون هاڻي وزيراعظم ڪونه آهيان،
تنهنڪري منهنجا گهرڀاتي صبح جوئي روانا ٿي ويندا،“
رسيور رکڻ کانپوءِ بابا جي مُنهن تي سختي پکڙجي
وڃي ٿي. وري هو جڏهن رسيور ٻيهر کڻي هڪ ٻيو فون
ڪرڻ گهري ٿو، ته صنم جو اهو فون به ڪَٽجي وڃي ٿو.
منهنجا ڀائر مير ۽ شاهنواز ڪمري ۾ ڌوڪي اچن ٿا.
اهي تڪڙ ۾ سنبري تيار ٿيا آهن.
”اسان کي مقابلو ڪرڻ گهرجي،“ مير چوي ٿو.
”فوجي بغاوت جو ڪڏهن به مقابلو ڪرڻ نه گهرجي،“
بابا سانتيڪي آواز ۾ چوي ٿو. ”جنرلن جي مرضي آهي
ته اسين سڀئي مارجي وڃون. اسين پنهنجي مارجڻ جو
اهڙو ڪوبه بهانو کين ڪونه ڏينداسين،“
مونکي ٻه ورهيه اڳ بنگلاديش ۾ فوجي بغاوت ۽ صدر
مجيب ۽ سندس گهرڀاتين جي قتل ٿيڻ جي واقعي کي ياد
ڪندي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. بنگلاديش جي فوج به ڪالهوڪي
پاڪستاني فوج جو جدا ٿيل حصو هو. هنن اسان جي فوج
جهڙو قدم ڇو نه کنيو هو؟
”اها فوجي بغاوت ضياءَ جي حُڪم سان ٿي آهي.“ امان
منهنجن ڀائرن کي سمجهائيندي چوي ٿي، جن کي ٿوري
ڄاڻ آهي. اصغر خان ۽ پاڪستان قومي اتحاد جا ٻيا
اڳواڻ به گرفتار ٿيا آهن. اهڙيءَ ريت پيرزادو،
ممتاز، نيازي ۽کر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ضياءَ
چوي ٿو ته آئون بغاوت جي ڏوهه ۾ اصغر خان تي ڪيس
هلائيندس ۽ نياز ۽ کر کي به ڪونه ڇڏيندس. هو چوي
ٿو ته نوي ڏينهن اندر چونڊون به ڪرائيندس.“
”ڇا هو اهو سڀ ڪندو ۽ نوي ڏينهن ۾ چونڊون
ڪرائيندو؟“ شاهنواز چوي ٿو، جنهن سڀني کان ننڍي
هجڻ سبب ويجهڙائيءَ ۾ ٻين کان گهر ۾ گهڻو وقت
گذاريو آهي ۽ سياسي طرح وڌيڪ سڄاڻ آهي. ٻيا به
ڪيترائي سوال آهن، جن جو ڪوبه جواب ڪونهي. ضياءَ
انهن سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇو چونڊيو
آهي؟ اڇا اهو ڪو بهانو آهي؟ ڇا حقيقت ۾ اهي هن سان
مليل آهن؟ اسين ننڍين خبرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون
ٿا، ته جيئن ان دنيا کي سمجهي سگهون، جتي اوچتو
ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
”بغاوت لاءِ ضياءَ ايتري وقت اوسيئڙو ڇو ڪيو هو؟
هنگاما ته اپريل ۾ ئي گهٽجي ويا هئا. ڪجهه ڪلاڪ اڳ
پاڪستان قومي اتحاد سان ڳالهيون سوڀاريون ٿيون
هيون.“
”ضياءَ صحيح اندازو ڪونه ڪيو هو.“ بابا چوي ٿو.
”هن سمجهيو هو ته پاڪستان قومي اتحاد سان ڳالهيون
ناڪام ٿينديون ۽ هن کي حڪومت تي قبضي جو بهانو ملي
ويندو. هن ٺاهه تي صحيحن کان اڳ ۾ ئي ڌَڪ هنيو
آهي.“
”الاءِ اسان جو حال ڪهڙو ٿيندو؟“ امان هوريان چوي
ٿي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پنهنجي ٽجوڙيءَ مان
رقم کڻي اچي ٿي. ”اوهان جو اڳواٽ ئي صبح جو سويل
ڪراچي وڃڻ جو پروگرام آهي، هوءَ منهنجن ڀائرن کي
اها رقم ڏيندي چوين ٿي. ”بينظير، صنم ۽ آئون اوهان
سان ڪراچي ۾ ملنديونسين. جيڪڏهن اسين شام ڌاري نه
پهچون، ته اوهين ملڪ مان نڪري وڃجو.“
هاڻي رات جا ٻه ٿيڻ وارا آهن. اسين اوسيئڙي ۾
آهيون ته فوجي اچن ۽ بابا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن.
اسان مان ڪوبه پنهنجي وڃڻ جي تياريءَ لاءِ سُمهڻ
واري ڪمري مان ٻاهر نٿو نڪري. اسان کي اڃا به ڪا
ڄاڻ ڪانهي، ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڇا جنرل
ضياءَ ان ڪري اوسيئڙو ڪيو هو، ته ڀلي اسين سڀيئي
پنهنجي گهر پاڪستان موٽي اچون، ته پوءِ اسان سڀني
کي ختم ڪري؟ ڪيڏا نه ڀوائتا ويچار آهن. آئون انهن
سوچن کي ڌِڪارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، پر آئون ايئن
ڪري نٿي سگهان. مجيب جون ٻه ڌيئرون رتوڇاڻ کان ان
ڪري بچي ويون هيون، جو اهي ان وقت ملڪ کان ٻاهر
هيون. انهن مان هڪڙي مخالف ڌر جي اڳواڻ ٿي آهي. ڇا
پاڪستاني فوج اها ساڳي غلطي اسان سان ته ڪرڻ واري
ڪين هئي؟
منهنجا ڀائر، ڀيڻ ۽ آئون ڌار ڌار گهر پهتا هئاسين:
شاهه سئٽزرلينڊ جي اسڪول مان، صنم هارورڊ مان، مير
۽ آئون آڪسفورڊ مان. اتفاقي حادثي جي ڊَپُ کان
اسان جا والدين اسان کي گڏ سفر جي اجازت نه ڏيندا
هئا. ”الله جو شڪر آهي، ته تو پنهنجي تعليم پوري
ڪئي آهي ۽ گهر آئي آهين،“ بابا ڏهه ڏينهن اڳ مونکي
کيڪاريندي چيو هو. ”هاڻي تون منهنجي مدد ڪري سگهين
ٿي.“
آئون وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ بابا جي آفيس ويجهو هڪ
ڪمري ۾ وڃي ويٺي هيس. مون سرڪاري ڳجهي ايڪٽ هيٺ
قسم کنيو هو ۽ آفيس جي فائيلن جي متن جو اختصار
ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو. انهن اختصارن تي آئون
پنهنجا رايا پڻ لکندي هيس. هڪ هفتي ۾ ڪيتري تبديلي
اچي سگهي ٿي. ڪلاڪن ۾.
امان ريڊيو کولي خبرون ٻُڌڻ گهري ٿي. جيتوڻيڪ
آڌيءَ رات کانپوءِ ايترو جلدي ڪٿان به خبرون نشر
ٿيڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي. ڪٿان به خبرون ڪونه
ٿيون ٻُڌجن. فوج جو اوسيئڙو ڪندي لڳي ٿو ته، بابا
آرام ۽ فرحت پيو ڀانئي. ”ذميوارين جو بار منهنجن
ڪُلهن تان لهي ويو آهي.“ هو چوي ٿو. ”حڪومت امانت
آهي ۽ مون ان جي ايمانداريءَ سان حفاظت ڪئي آهي.
هاڻي اهو بار مون تي ڪونهي.“
اسين والدين جي سُمهڻ واري ڪمري ۾ صوفي تي بيوس
ٿيو ويٺا آهيون. جڏهن ته بابا ماٺڙيءَ ڪيو پنهنجي
ڏيهاڙي جي رواج مطابق انهن فائيلن کي پڙهي پيو،
جيڪي سندس ڪرسيءَ پٺيان ميز تي ڍِڳ ٿيا رکيل آهن.
هڪ ڪارو فائيل به اتي آهي. جيڪو هو ڪونه ٿو پڙهي،
پر منجهس جيڪو به لکيل آهي، تنهن جي تصديق ۾ رڳو
صَحي ڪري ٿو. ”وزيراعظم ٿيڻ شرط مون پهريون ڪم اهو
ڪيو هو، ته ڦاسيءَ جي سزا وارن ڏوهارين جي سزا گهٽ
ڪئي هئي.“ هو ٻڌائي ٿو. ”منهنجو آخري ڪم به اهوئي
هوندو. مونکي سدائين اهڙين اپيلن پڙهڻ کان نفرت
ٿئي ٿي، جن ۾ رحم جي درخواست ڪيل هجي ٿي.“ آئون
ويجهو وڃي هن کي ڀاڪر ٿي پايان، پر هو نرميءَ سان
مونکي پاڻ کان پري ٿو ڪري. ”جذباتي ٿيڻ لاءِ وقت
ڪونهي،“ هو مونکي چوي ٿو. ”هي وقت هر سختيءَ کي
همت سان سَهڻ جو آهي.“
رات جا اڍائي ٿي وڃن ٿا، ساڍا ٽي ٿين ٿا. بابا کي
وٺڻ لاءِ ڪير به ڪونه ٿو اچي. منهنجي بيچيني ۽
بيقراري وڌندي پئي وڃي. فوج ڪهڙي رٿ رٿي آهي؟ چئين
وڳي صبح جو بابا جو مليٽري سيڪريٽري اچي ٿو. هن
جون اکيون ڳاڙهيون آهن ۽ چهري مان هيبت ظاهر آهي.
هو سڌو جنرل هيڊ ڪوارٽرس مان پيو اچي، جتي هن کي
جنرل ضياءَ گهرايو هو. هو ٻڌائي ٿو، ”جنرل ضياءَ
افسوس سان چيو آهي ته ڀُٽي صاحب کي لاڙڪاڻي روانو
ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جيڪڏهن ڪا گهڻي ڏکيائي نه ٿئي، ته
پوءِ ان بدران کيس مريءَ جي وزيراعظم ريسٽ هائوس
پهچايو ويندو، جتي هن جي عهدي جي شانُ مطابق کيس
رهايو ويندو. صبح جو ڇهين بجي روانگي جو انتظام
ڪيو ويو آهي.“
”مونکي اچرج ٿئي ٿو، ته اُهي پنهنجيون رٿون ڇو پيا
ڦيرائين.“ صنم پڇي ٿي. ”منهنجي فون ضياءَ کي
ڌونڌاڙي ڇڏيو هوندو،“ بابا چوي ٿو. ”هن کي شايد
اچرج ٿيو هوندو، ته ساڻس ڳالهائڻ کان اڳ مونکي
جوابي حملي لاءِ پنهنجن وفادار عملدارن سان
ڳالهائڻ جو وقت ته ڪونه مليو آهي.“
تنهنڪري اسان کي وري هڪ ٻيو ورچائيندڙ اوسيئڙو
ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان جو هڪ ملازم
ٻڌائي ٿو، ته وزيراعظم هائوس جي مينيجر کي ننڊ مان
جاڳائي چيو ويو آهي، ته مريءَ ۾ وزيراعظم ريسٽ
هائوس ۾ وڃي بندوبست ڪر.“
جنرل ضياءَ چيو هو ته، سندس ماڻهو اڍائي وڳي مونکي
وٺڻ لاءِ ايندا. هاڻي صبح جا ڇهه ٿيا آهن، اڃا ته
هنن ريسٽ هائوس به تيار نه ڪيو آهي. هنن باقي رهيل
ماڻهو جهلڻ جي رٿ تيار ڪئي هوندي، مون کانسواءِ،“
بابا آهستي چوي ٿو.
ڪمري جي سانت ۾ انهن لفظن جي اهميت دٻجي وڃي ٿي.
”حرامي اسان سڀني کي نِنڊ ۾ مارڻ جو منصوبو ٺاهيو
هوندو،“ شاهه مون ڏانهن ڏسندي ڀُڻڪي ٿو.
”اوهين وڃي سَنبت ڪريو،“ امان منهنجن ڀائرن کي چوي
ٿي. ”اوهان جو جهاز ستين وڳي صبح جو روانو ٿيندو.“
اسين ريڊيي تي بي بي سيءَ جون صبح واريون اردو
خبرون ٻُڌون ٿا، جن ۾ رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ٿو، ته
پاڪستان جي حڪومت تي فوج قبضو ڪيو آهي.
”تو سڄي دنيا جي حڪومت جو اڀياس ڪيو آهي.“ بابا
مون کان پڇي ٿو. ”ڇا تون سمجهين ٿي ته ضياءَ
چونڊون ڪرائيندو؟“
”ها، بابا آئون سمجهان ٿي. آئون اڃا تائين شاگرد
ويچار ۽ ڪتابي منطق جي اثر هيٺ هجڻ سبب چوان ٿي.
”پنهنجي نظرداريءَ ۾ چونڊن ڪرائڻ سبب ضياءَ مخالفن
کي اهو وجهه ڪونه ڏيندو، جو اُهي چون ته چونڊن ۾
ڪُوڙا ووٽ پيا آهن ۽ اهي نون هنگامن جا بهانا ڪن.“
”بيوقوف نه ٿيءُ، پنڪي،“ بابا هوريان چوي ٿو.
”فوجون اقتدار کي ڇڏڻ لاءِ ان تي قبضو ڪونه ٿيون
ڪن. نه وري جنرل ان لاءِ غداري ڪن ٿا، ته چونڊون
ڪرائي جمهوري آئين بحال ڪن.“
آئون لاچار ٿي پنهنجي والدين جي ڪمري مان اٿي وڃي
سنبت ڪريان ٿي. بابا اسان کي ڪيترن ئي ورهين کان
وزيراعظم هائوس ڇڏڻ لاءِ تيار ڪيو هو، جيتوڻيڪ مون
اُهو ڪڏهن به ڪين سوچيو هو، ته اسان کي گوليءَ جي
زور تي گهر ڇڏڻو پوندو. اسان کي ٻڌايو ويو هو، ته
رهڻ واري ان جاءِ کي پنهنجو گهر نه، پر هڪ سرڪاري
عمارت سمجهون. هاڻي جڏهن بابا کي پنهنجي عهدي تان
لاٿو ويو هو، تڏهن هن جي مرضي هئي ته اسين اُن
سرڪاري گهر مان هڪدم هليا وڃون ۽ کانئس اڳ فوجي
اڳواڻ يحييٰ خان جيان نه ڪريون، جيڪو پنهنجي عهدي
تان لهڻ کانپوءِ ڪيترن مهينن تائين اتي رهيو پيو
هو. ”اوهين پاڻ سان ايترو سامان نه رکو، جيڪو هڪڙي
ڏينهن ۾ ٻَڌي نه سگهجي.“ بابا اسان کي سدائين
چوندو هو، پر مون ته اهو مُک قاعدو ڀڃي ڇڏيو هو.
آئون ٻه هفتا اڳ آڪسفورڊ مان سِڌو راولپنڊي پهتي
هيس ۽ مون سان گڏ ڪتابن ۽ ڪپڙن جو ڍير هو. مون
سوچيو هو ته آئون اهو سامان سامونڊي جهاز ذريعي
پنهنجي گهر ڪراچي موڪلينديس. پر آئون اهو نه ڪري
سگهيس. ٻيو ته آئون بابا جي ڏنل ڪم ۾ جُنبي ويس.
سامان ٻَڌڻ وقت آئون ڏاڍو مونجهارو پئي ڀانئيان ۽
هر هر پنهنجي ۽ والدين جي سمهڻ واري ڪمري وچ ۾ پئي
اچان ۽ وڃان: اهو ڏسڻ لاءِ ته منهنجي ڄاڻ کانسواءِ
بابا کي وٺي ته ڪونه ويا آهن. آئون پنهنجي ايراني
ٻلي شُگر مٿان ٿاٻڙجان ٿي، جيڪا ان ڇڪتاڻ کي
سمجهندي ميائون ميائون ڪري ٿي ۽ منهنجن پيرن ۾
وچڙي پوي ٿي. امان جڏهن اندر اچي ٿي ته سڄو ڪمرو
خالي ٿي ويو آهي.
”اَٺ ٿيا آهن، ”هوءَ چوي ٿي. ”فوج اڃا تائين نه
آئي آهي. ملازم ٻڌايو آهي ته اهي اڃا مري ريسٽ
هائوس پيا تيار ڪن، پر الاءِ ڇا پيو ٿئي؟ الله جو
شڪر آهي ته ڇوڪرن کي وڃڻ جي اجازت ملي.“
ڏينهن جي روشني پکڙجڻ سبب دل کي ٿوري آٿت آئي آهي.
سامان ٻَڌي ڇڏڻ سبب به منهنجي پاڻُ ڇڪتاڻ ٿوري
گهٽجي وئي آهي. امان ۽ آئون پاسي واري دروازي مان
صنم جي ڪمري ۾ وڃي ڏسون ٿيون، ته هوءَ پنهنجا سڀ
ڪتاب، تصويرون ۽ رڪارڊ، البم ۽ ’هارپرز بزار‘ ۽
’ووگ‘ رسالن جا پراڻا پرچا پڻ ٽرنڪ ۾ پئي بند ڪري.
”مونکي اهو هرگز پسند ڪونه ايندو، ته هو منهنجي
ڪنهن به شيءِ کي هٿ لائين،“ هوءَ ڪاوڙ ۾ چوي ٿي.
هن کي جينز ۽ سوويت شرٽ پاتل آهي ۽ هن پنهنجن ڊگهن
وارن ۾ اڃا تائين ڦڻي نه ڏني آهي.
”پنڪي، صَني ڊوڙي اچو. اوهان جو بابا وڃي پيو.“
نَوَ ٿيڻ کان ٿورو اڳ آئون امان جي دانهن ٻُڌان
ٿي.
”جلدي صاحب وڃي پيو.“ عملي جو هڪ ماڻهو، جنهن کي
مٿي تي پَٽڪو ٻڌل آهي، منهنجي ڪمري جي دَر تي اچي
چوي ٿو. هن کي وزيراعظم هائوس جي ڳاڙهي ۽ اچي
يونيفارم پيل آهي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.
آئون به پنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ايندي ڀانئيان ٿي.
صنم جون اکيون به ڳاڙهيون آهن. ”ههڙي حالت ۾ پاڻ
بابا کي الوداع ڪيئن ڪنديونسين؟“ آئون چوان ٿي.
”جلدي ڪر. مون وٽ اکين ۾ وجهڻ جا ڦُڙا رکيا آهن.“
صنم چوي ٿي. اسين سنديس سينگار واري ڪمري ۾ وڃون
ٿيون. پوءِ زور زور سان اکيون ڇينڀينديون، اَڇن ۽
سونهري ڪاٺ جي صُفحن مان ڊوڙنديون، وڏي دروازي
تائين وڃون ٿيون. آئون لانَ مان روئڻ جو آواز
ٻُڌان ٿي، جتي عملو وڃي گڏ ٿيو آهي.
بابا اڳواٽ ئي وزيراعظم جي ڪاري مرسڊيز ڪار ۾ ويهي
چڪو آهي. جيئن ڪار اڳتي وڃڻ شروع ڪري ٿي، ته صني ۽
آئون روئيندڙ عملي اڳيان ڊوڙنديون پورچ تائين وڃون
ٿيون. ”الله توهار، بابا!“ آئون چَرين جيان ٻانهون
لوڏي رڙ ڪريان ٿي. هو مُڙي مُنهن تي اڌ مُرڪ آڻي
ٿو ۽ ڪار تيزيءَ سان وزيراعظم هائوس مان ٻاهر نڪري
وڃي ٿي. ڪار جي لسي پليٽ تي وزيراعظم جي سونيءَ
مهر وارا وريل پَن سج جي روشنيءَ ۾ چمڪڻ لڳن ٿا.
بابا کي فوجي گاڏين جي قافلي ۾ مريءَ نيو پيو وڃي،
جتي کيس ’حفاظتي تحويل‘ ۾ رکيو ويو آهي. اهو
اصطلاح ضياءَ پنهنجن سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرڻ
جو عذر ڏيڻ لاءِ گهَڙِيو آهي. انهن ٽَڪرين تي جتان
ڪشمير ڏانهن رستو وڃي ٿو، انگريزن هڪڙو اڇو بيٺڪي
ريسٽ هائوس ٺهرايو هو، جنهن ۾ بابا کي ٽن هفتن
تائين رهايو ويندو. اتي اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين
آرهڙ جون موڪلون ملهايون هيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي
بيڪار ڦيريون ڏنيون هيون، ۽ دالان ۾ لِڪ لِڪوٽي
رانديون رهيون هيون. هاڻي بابا مريءَ ڏانهن فوج جي
نظرداريءَ هيٺ پيو وڃي. بابا جي جمهوري حڪومت ختم
ٿي وئي آهي. هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ جنرلن جو راڄ
آهي.
مونکي اُهو سمجهڻ کپندو هو، ته اِها بغاوت هاڻي
بدلائي نٿي سگهجي، ته بابا جي گرفتاريءَ جو مطلب
پاڪستان ۾ جمهوريت جو خاتمو هو. 1973ع وارو آئين
معطل هو ۽ مارشل لا لاڳو هو. پر آئون پنهنجي مڪتبي
دليلبازي ۽ ذاتي سادگيءَ تي ضد ٻَڌيو بيٺي هيس، ته
ضياءَ اهي چونڊون ضرور ڪرائيندو، جن لاءِ ڪيترائي
ڀيرا قوم سان واعدا ڪيا هئا. ”آئون اهو بلڪل پڌرو
ڪرڻ گهران ٿو ته، مونکي ڪابه سياسي لالچ ڪانهي ۽
نه وري فوج کي سپاهگيريءَ جي پيشي کان پري رهڻ جي
خواهش ئي آهي.“ ضياءَ فوجي بغاوت واري ڏينهن صبح
جو ملڪ ۾ اعلان ڪيو هو. ”منهنجو واحد مقصد اهو آهي
ته، آزاد ۽ صاف سُٿريون چونڊون ڪرايان، جيڪي هن
سال آڪٽوبر ۾ ٿينديون. چونڊن کان هڪدم پوءِ اقتدار
عوام جي چونڊيل عيوِضين کي سونپيو ويندو. آئون
پوري سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته آئون ان پروگرام
کان ڪونه ڦرندس.“ هن ڪُوڙ ڳالهايو هو.
مارشل لا جو حڪم نمبر 5: مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي
اجازت کانسواءِ ڪوبه مزدور انجمن، شاگرد انجمن يا
سياسي جماعت جي گڏجاڻيءَ جو انتظام ڪندو يا ان ۾
شريڪ ٿيندو ته ان کي ڏهه ڦٽڪا لڳندا ۽ پنج ورهيه
قيد جي سزا ملندي.
مارشل لا جو حڪم نمبر 13: تقرير يا تحرير ۾ فوج تي
تنقيد ڪندڙ کي ڏهه ڦٽڪا لڳندا ۽ پنج ورهيه جي سزا
ملندي.
مارشل لا جو حڪم نمبر 16: فوج جي ڪنهن به شخص کي
چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حڪم عدوليءَ تي
ڌُتارڻ جي سزا موت آهي.
”ڪوبه شخص ڦرلٽ نه ڪندو.“ فوجي بغاوت واري ڏينهن
تي جاري ٿيل مارشل لا جي حڪم نمبر 6 ۾ لکيل هو.
”وڌ ۾ وڌ سزا هٿ وڍيو ويندو.“
ماڻهن کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ضياءَ مذهبي بنياد
پرستن جي ٽولين کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو. رمضان جي مبارڪ
مهيني ۾ پاڪستان جا ڪجهه مسلمان ذاتي لاچارين سبب
روزا ڪونه ٿا رکن. پر ضياءَ جي حڪم سان هوٽل ۽
کاڌي جا دڪان صبح کان وٺي سج لهڻ تائين بند رهندا
هئا. يونيورسٽين ۾ ٽانڪين ۽ غسلخانن جو پاڻي بند
رکيو ويندو هو، ته متان ڏينهن وقت اتان ڪير پاڻي
پي سگهي. بنياد پرستن جون ٽوليون آڌيءَ رات جو
گهٽين ۽ رستن تي آزاديءَ سان پيون گهمنديون هيون ۽
دروازا کڙڪائي، ماڻهن کي سحريءَ لاءِ پيون
جاڳائينديون هيون. ماڻهن اڳيان سگريٽ پيئڻ، کاڌو
کائڻ يا پاڻي پيئڻ واري کي گرفتار ڪيو ويندو هو.
پاڪستان ۾ پنهنجي پسند جي ڪابه اجازت ڪين هئي، رڳو
مذهبي حڪومت جي سختي هئي.
بابا جي نظربندي ۽ پاڪستان ۾ اهڙي اوندهه کي ڏسي
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا حامي ان وقت 70 ڪلفٽن ۾
اسان جي باغ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، جڏهن اسين
راولپنڊيءَ مان اتي واپس آيون هيونسين. مير ماڻهن
سان ڳالهائيندو هو، جڏهن ته امان جيڪا انهن ڏينهن
۾ رَت جي گهٽ دٻاءُ جي مريض ٿي پئي هئي، عورتن سان
ڳالهائڻ لاءِ مونکي موڪليندي هئي. امان مونکي
سمجهايو هو، ته آئون انهن عورتن کي رڳو ايترو چوان
ته ”اوهين حوصلو رکو، حوصلو رکو.“ آئون هڪ ٻئي
پٺيان ايندڙ هر عورت کي ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ اهو ئي
چوندي هيس، ڇو ته اَٺ ورهيه ملڪ مان ٻاهر رهڻ سبب
آئون اردو پوري طرح سان ڳالهائي به نه سگهندي هيس.
ضياءَ، بابا جي بدناميءَ لاءِ اخبارن ۾ مُهم شروع
ڪئي. ”ڀٽي مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي،“ ”ڀٽي مونکي
اغوا ڪرايو.“ اخبارن ۾ بابا جي انهن سياسي مخالفن
طرفان وڏين سرخين ۾ خبرون ڇپجڻ لڳيون، جيڪي ظاهر
آهي ته جيئرا ۽ آزاد هئا. ”بدناميءَ جي ان مهم سان
مقابلي لاءِ تون پاڻ کي تيار ڪر، اها ’آپريشن فيئر
پلي‘ جو حصو آهي،“ فوجي بغاوت لاءِ ضياءَ جي ڏنل
ان اصطلاح جو حوالو ڏيندي بابا مريءَ مان هڪ ڏينهن
فون تي چيو. مريءَ ۾ ضياءَ روزانو اتي جي عملي مان
هڪ ماڻهو گهٽائيندو ويو. ”ڄڻ ان سبب مونکي تڪليف
ٿئي ٿي.“
بابا جي حوصلا مضبوط هئا ۽ سندس کِل ڀوڳ جي عادت
قائم هئي. ”اڄ هڪڙي اخبار واري فون ڪري پڇيو، ته
منهنجو وقت ڪيئن ٿو گذري.“ هڪڙي ڏينهن هن مونکي
ٻڌايو، ”مون جواب ۾ چيو ته آئون نيپولين تي لکيل
ڪيترائي ڪتاب پيو پڙهان، ته جيئن ڄاڻ پوي ته هن
ڪيئن جنرلن کي سِڌو رکيو هو، جڏهن منهنجو پنهنجن
جنرلن تي ڪو اختيار ئي ڪونهي.“
بابا جي بلند حوصلن اسان سڀني کي پنهنجا حواس قائم
رکڻ ۾ مدد ڪئي. مايوس ۽ نِراس ٿيڻ بدران اسان ۾
وڏو ويساهه ۽ ڀروسو آيو هو. اول ته بابا جيئروهو.
ٻيو ته عوام هن جي پُٺڀرائي پئي ڪئي. پيپلزپارٽيءَ
به اڳي جيان مقبول هئي. بابا، مير کي لاڙڪاڻي
روانو ڪيو، ته اتي سندس تَڪ جي عوام سان ملي. شاهه
۽ آئون وري ڪيترن ئي انهن ماڻهن سان ملاقات ڪندا
هئاسين، جيڪي پُٺڀرائيءَ لاءِ روزانو 70 ڪلفٽن ۾
ايندا هئا. اسان جي پارٽيءَ جي اخبار ’مساوات‘ جا
عيوضي ۽ فوٽوگرافر هر گڏجاڻيءَ ۾ موجود هوندا هئا.
پيپلزپارٽيءَ جي واحد اخبار ’مساوات‘ ٻئي ڏينهن
پارٽيءَ بابت خبرون ڏيندي هئي ۽ سرڪاري اخبارن جي
ڪُوڙ کي پڌرو ڪندي هئي.
بابا جي نظربنديءَ کان پوءِ رڳو لاهور شهر ۾
’مساوات‘ اخبار جو وڪرو ڪجهه هزارن مان وڌي وڃي هڪ
لک تائين پهتو هو. جڏهن اخبار جي ايتري طلب وڌي
وئي، ته اها وڏي قيمت ۾ وڪامڻ لڳي. ”’مساوات‘ بليڪ
مارڪيٽ ۾ ڏهن روپين ۾ وڪامي ٿي.“ مون خوشيءَ وچان
بابا کي ٻڌايو هو.
”ضياءَ اڄ مون سان ملڻ لاءِ پيو اچي.“ 15 جولاءِ
تي بابا مونکي فون تي ٻڌايو. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾
ڇپيل تصوير ۾ بابا جي مُنهن تي جيڪا سختي هئي، ان
مان لڳو ٿي ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڳنڀير آهي.
ٻئي پاسي ضياءَ، جنهن جو هڪ پوريل هٿ سيني تي هو ۽
چهري تي چاپلوسيءَ واري مُرڪ هئي، ڏوهاري ٿي لڳو.
”ضياءَ پنهنجي اها خواهش ورجائي آهي، ته آئون
چونڊون ڪرائيندس ۽ سياسي جماعتن جي وچ ۾ امينَ جو
ڪردار نڀائيندس.“ ان گڏجاڻيءَ کانپوءِ بابا اسان
کي فون ڪري ٻڌايو. آخر ضياءَ اسان کي اهو ٻڌائڻ
ضروري ڇو ٿي سمجهيو، ته آئون ايماندار ٿي رهندس؟
بابا کي بنهه ويساهه ڪونه ٿي آيو ته، ڪو ضياءَ
سچائي ۽ ايمانداري ڏيکاريندو. سرڪاري اخبارن ذريعي
بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ خلاف حڪومت جيڪا چريائپ جي
فضا پکيڙي هئي، ان کي ڏسي اسان کي به ويساهه ڪونه
ٿي آيو.
گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٿيون
هيون، جن جي ڪا اميد ئي ڪين هئي. پاڪستان جي تاريخ
۾ ان جي ٻن اڳين فوجي حڪومتن ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري
ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو هو؛ انهن ۾ وزيراعظم جو
سيڪريٽري افضل سعيد، وزيراعظم جو صلاحڪار رائو
رشيد، اسان جي شهر لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر خالد
احمد، فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي پنج سؤ جوانن جو
اڳواڻ مسعود محمود ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا. سرڪاري
ملازمن جو سياست سان ڪهڙو واسطو هو؟ حڪومت جو مقصد
ڪهڙو هو؟
جنرل ضياءَ ڪيترائي ڀيرا انٽرويوءَ ڏيندي چيو هو،
ته حڪومت تي قبضي جو اتفاقي منصوبو اڳ ۾ ئي رٿيل
هو. اهڙيءَ ريت هو پاڻ مڃي ٿو، ته فوجي بغاوت جو
منصوبو گهڻو اڳ رٿيو ويو هو. ان مان اهو پڻ ظاهر
ٿيو، ته سرڪاري ملازمن جي گرفتاريءَ جون اڳواٽ
تياريون هيون ۽ اهو سوچيل سمجهيل فوجي منصوبي جو
هڪ حصو هو. اُن منصوبي پٺيان ڪير هو؟ اسان بابت
ڪُوڙيون خبرون گهڙي، اخبارن ۾ ڇپائڻ جو فوجي
منصوبو پڻ ڏاڍو پريشان ڪندڙ هو. جيڪڏهن ضياءَ جو
ارادو آهي، ته ايمانداريءَ سان صاف سُٿريون چونڊون
ٿين ته پوءِ انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي؟
اُن عرصي ۾ صحافين 70 ڪلفٽن ۾ فون ڪري بابا،
پيپلزپارٽي ۽ انهن چونڊن بابت پڇندا هئا، جن جو
اڃا تائين ضياءَ واعدو ڪندو هو. ”تون هنن سڀني کي
چانهه جي دعوت ۾ گهراءِ.“ بابا صلاح ڏني. مون اهو
ئي ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي، ته 70 ڪلفٽن جي
کاڌي وارو سڄو ڪمرو ايترو ته ڀرجي ويو هو، جو
ايئرڪنڊيشنگ هوندي به اُٻس ٿيڻ لڳي هئي. اتي
منهنجي مدد لاءِ منهنجون مائٽياڻيون فخري ۽ لالي ۽
ساهيڙيون سميعا هن جي ڀيڻ به موجود هيون. صحافين
جي سوال جا جواب ڏيڻ وقت آئون ڏاڍي پريشان هيس. پر
هڪڙي سوال ته مونکي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو هو.
”ڇا اهو صحيح آهي ته مسٽر ڀٽي ۽ جنرل ضياءَ گڏجي
هيءَ فوجي بغاوت ڪئي آهي، ته جيئن مسٽر ڀٽي جي
مقبولي وڌي؟“ چانهه ۽ سَنبوسن تي هڪ صحافي مون کان
پڇيو.
”بلڪل نه.“ آئون ايترو ئي چئي سگهيس. ۽ جنهن رات
بابا کي گرفتار ڪيو ويو هو، تنهن جي ڊَپُ ۽ بي
يقينيءَ کي سارڻ لڳيس، پر ٻئي ڏينهن جڏهن مون اِها
ڳالهه پارٽيءَ جي همدردن سان ڪئي، ته مونکي اهو
ٻُڌي ويتر حيرت ٿي، ته هر هنڌ اهوئي افواهه پکڙيل
هو، جيڪو ظاهر آهي فوج ان لاءِ پکيڙيو هو، ته جيئن
اسان جي حامين ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ۽ فوج جي
مخالفت گهٽجي. اهو ۽ ٻيا ڪيترائي افواهه پوءِ به
ٻُڌڻ ۾ آيا هئا.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي خواندگيءَ جي شرح گهٽ
آهي، اتي افواهن ۽ ٻٽاڪن کي سچ سمجهيو وڃي ٿو.
افواهه کڻي ڪيترا به غير منطقي ڇو نه هجن، پر
منجهن ايتري ته قوت هُجي ٿي، جو اهي مٿئين درجي جي
پڙهيل ماڻهن کي به متاثر ڪن ٿا. ”ڇا اهو سچ آهي ته
تون سياسي اڳواڻن سان ملاقات وقت اُن ننڍڙي وڊيو
ٽيپ ڪئميرا سان فلم ٺاهيندي آهين، جيڪا تنهنجي
هئنڊ بئگ ۾ هجي ٿي؟“ منهنجي اسڪول جي هڪ ساهيڙي
مون کان پڇيو هو. ”هئنڊ بئگ مان ڪئميرا سان فلم
ڪيئن ٿي ٺهي سگهي؟“ مون هن کان پڇيو. ”اڙي، مونکي
ته اهو سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو هو.“ هن قبوليو. ”مون
اها ڳالهه اخبار ۾ پڙهي هئي.“
فوجي بغاوت کان ٻه هفتا پوءِ اونهاري ۾ جيڪي سخت
مِينهن وسيا هئا، انهن جي تُهمت به بابا تي آئي.
”بنياد پرستن اها ڳالهه هُلائي آهي، ته اهي
برساتون ڀٽي صاحب حڪومت تان لهڻ جي پلاند لاءِ
وسايون آهن.“ پيپلزپارٽيءَ جي هڪ ماڻهو مونکي
ٻڌايو. ڪجهه ماڻهن اُن افواهه کي سچ سمجهيو، جنهن
سبب گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا هئا. پر لاهور جو
ڏتڙيل عوام، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جو زبردست حامي هو
۽ جن کي انهن برساتن ۽ ٻوڏن سبب سخت نقصان پهتو
هو، انهن افواهن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو.
”تون لاهور وڃ ۽ انهن ماڻهن سان وڃي مل، جن جو
برساتن ۾ نقصان ٿيو آهي.“ بابا مونکي چيو. ”اتي
ٻوڏ سخت هاڃا ڪيا آهن.“
آئون پاڻ لاهور وڃان؟ ان کان اڳ منهنجي حوالي
پارٽيءَ جو ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو هو. پريشانيءَ وچان
منهنجو پيٽ ولوڙجڻ لڳو. ”تون وڃ.“ بابا مونکي
سمجهايو. چوويهن ڪلاڪن اندر شاهه ۽ آئون لاهور
پهچي وياسين.
هوائي اڏي تي پيپلز پارٽيءَ جا هزارين ڪارڪن موجود
هئا، جن پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ نعرا ٿي هنيا.
جيتوڻيڪ مارشل لا جي حڪم نمبر 5 مطابق، اهڙين
سياسي گڏجاڻين ۾ انهن ۾ شريڪ ٿيڻ تي پنج ورهيه قيد
جي سزا رکيل هئي. عوام جي ان ميڙ ۾ ايڏو ته جوش ۽
اتساهه هو، جو شاهه ۽ مونکي هنن جي وچ مان لنگهي
ڪار تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿي هئي. ان اوچتي مظاهري
کي ڏسي منهنجي ارڙهن ورهين جي ڄمار واري ڀاءُ ۽
مون تي اثر ٿيو هو. اسين ته رڳو وزيراعظم جا ٻار
هئاسين ۽ نه سياسي شخصيتون.
پنجاب ۾ عورتن جي شعبي جي صدر بيگم خاڪواڻي جي
بنگلي تي عوام جو وڏو ميڙاڪو هو، جن هن جي وڏي باغ
کي لتاڙي ڇڏيو هو. جلدئي اسان کي ملاقات واري ڪمري
۾ ويهاريو ويو، جتي ماڻهن جي گهڻي گوڙ سبب اسين
پگهر ۾ ٻُڏي وياسين ۽ ڪئميرائن جي روشنيءَ ۾ اکين
اڳيان انڌارو اچي ويو هو، جو ماڻهن اسان جا
ڪيترائي فوٽا پئي ڪڍيا. انهي وچ ۾ منهنجي لاءِ فون
آيو هو. ”وزيراعظم ڀٽي جو فون آهي.“ ڪمري ۾ اهي
لفظ ٻُرڻ لڳا.“ چيئرمين ڀٽي فون ڪيو آهي.“
فون واري ڪمري ۾ به ڪيترائي ماڻهو اچي مِڙيا هئا.
”ڇا حال آهي؟“ بابا مونکان پڇيو. شاهه ۽ منهنجو
جيڪو آڌرڀاءُ ٿيو هو، تنهن جي هن کي ڪابه ڄاڻ نه
هئي. مون جڏهن کيس هوائي اڏي ۽ لاهور ۾ هزارين
ماڻهن جي آڌرڀاءُ جو احوال ڏنو، ته هن کي ڏاڍي
سرهائي ٿي. ”هنن کي منهنجي طرفان نياپو ڏي.“ بابا
چيو. مون فون رکي اوسيئڙي ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏسي
چيو. ”بابا انهن سان پنهنجي دلي همدردي ڏيکاري
آهي، جن جي گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي.“ مون
ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ چيو. ”پيپلز پارٽي متاثر خاندانن
جي امداد جو مطالبو ڪري ٿي.“
بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اها واضح پُٺڀرائي ڏسي،
ضياءَ پاڪستان قومي اتحاد جي مقبوليت ڏيکارڻ جا
جَتن ڪرڻ لڳو. تنهنڪري وچ جولاءِ ۾ هُن اعلان ڪيو،
ته نظربند اڳواڻن سان ماڻهو ملاقات ڪري سگهن ٿا.
پر ان ڳالهه جو ڪو کَڙتيل ڪونه نڪتو. روزانو مريءَ
۾ وزيراعظم ريسٽ هائوس ۾ ماڻهن جا انبوهه هن سان
ملڻ لاءِ وڃڻ لڳا، جڏهن ته نظربند مخالف اڳواڻن کي
هنن ريٽي ڇڏيو. اهو ڏسي ضياءَ هڪدم ڦيرو کاڌو،
”نظربند اڳواڻن سان ملاقات جي غلط ڪارج سبب اها
اجازت رد ٿي ڪجي.“ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر 19
جولاءِ تي اعلان ڪيو.
فوجي بغاوت ضياءَ جي منصوبي پٽاندر نه پئي وئي.
اسان جي روايت آهي ته ملڪ ۾ عوام انهن اڳواڻن کي
وساري ڇڏين ٿا، جن وٽ اقتدار نٿو رهي. ۽ انهن جي
پُٺڀرائي ۾ لڳي وڃن ٿا، جن کي اقتدار ملڻو هُجي
ٿو. پر هن ڀيري ضياءَ بابا کي اقتدار تان لاهي
مورڳو پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪيو هو. عوام بابا کي
ڇڏڻ بدران هن سان اڳي کان به هزار ڀيرا وڌيڪ
وفاداري ڏيکارڻ لڳا. فوجي بغاوت جي ٽن هفتن
کانپوءِ جڏهن ضياءَ، بابا ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي
آزاد ڪيو هو، تڏهن لکن ماڻهن مارشل لا جي ڀڃڪڙي
ڪندي، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ بابا جي اچڻ تي هن جو
آڌر ڀاءُ ڪيو هو. ايشيا جي جلسن جلوسن ۾ ماڻهن جا
جيڪي ميڙ ڪَٺا ٿين ٿا، انهن جيڏا ميڙ مغرب ۾ گڏجڻ
ممڪن ڪونهن. بابا جون تقريرون ٻڌڻ لاءِ عوام جا
وڏا ميڙ گڏ ٿيندا هئا.
بابا پهرين ڪراچي آيو هو، جتي هن کي انچ انچ تي
ترسڻو پيو هو. ريلوي اسٽيشن کان اسان جي گهر تائين
پهچڻ ۾ عام طرح اڌ ڪلاڪ جو وقت لڳندو هو، پر بابا
کي گهر تائين اچڻ ۾ ڏهه ڪلاڪ لڳي ويا هئا. 70
ڪلفٽن ۾ پهچڻ تائين هن جي ڪار ۾ گهُٻ پئجي ويا هئا
۽ ان تي رهڙن جا نشان هئا. ماڻهن جي وڏي ميڙاڪي ۾
چيڀاٽجڻ جي ڊپ کان منهنجي ڀاءُ، مونکي ۽ منهنجي
ڀيڻ کي وڏي دروازي وٽ وڃي، هن جي آڌرڀاءُ جي همت
ئي ڪين ٿي هئي. پر اسان هن جي جلوس کي گهر جي ڇت
تي چڙهي ڏٺو هو. ۽ جيتوڻيڪ اسان اڳ به وڏا جلسا
ڏٺا هئا، پر ان جهڙو وڏو جلوس اسان اڳ ڪڏهن ڪونه
ڏٺو هو. هن کي ڏسڻ لاءِ، ڇُهڻ لاءِ ۽ ويجهو وڃڻ
لاءِ عوام جو ايڏو ته وڏو هجوم هو، جو ان جي زور
سبب اسان جي گهر جي ٻارهن فوٽ اوچي سمينٽ جي
چؤديوار ڪِري پئي هئي.
”بابا، مونکي ڪيتري نه خوشي ٿي آهي ته اوهين آزاد
آهيو.“ رات جو جڏهن اسين سڀئي بابا جي سمهڻ واري
ڪمري ۾ گڏ ٿياسين ته مون هن کي چيو.
”اها رڳو ٿوري وقت جي آزادي آهي،“ بابا وراڻيو.
”ضياءَ وري اوهان جي گرفتاريءَ جي همت ئي ڪين
ڪندو.“ مون هن کي چيو. ”هن عوام جو هجوم ڏٺو آهي.“
”ماٺ،“ بابا مونکي خبردار ڪندي چيو ۽ پنهنجي آڱر
گول ڦيرائيندي اشارو ڪيو، ته ڪمري ۾ ٻُڌڻ جو ڳجهو
اوزار لڳل هوندو.
مون ضد ڪندي چيو ”ضياءَ ڀاڙيو ۽ باغي آهي، هن
بغاوت ڪئي آهي.“ مون اهو وڏي آواز ۾ ان ڪري چيو ته
ڀلي اهي لفظ هنن تائين پهچن، ڇوته بيوقوفيءَ سبب
مون سمجهيو ٿي، ته اها زبردست عوامي پُٺڀرائي بابا
کي بچائيندي.
”تون ڏاڍي لاپرواهه آهين.“ بابا مونکي تيزيءَ سان
چيو. ”تون هينئر مغربي جمهوريت ۾ ڪونه آهين. تون
پنهنجي گهر ۾ آهين، جتي مارشل لا آهي.“
اهو مارشل لا جو پاڇو تڏهن وڌيڪ اونداهو ٿي ويو،
جڏهن اسين سڀيئي بابا سان گڏجي پنهنجي گهر لاڙڪاڻي
وياسين. هڪ ڀيرو وري لاڙڪاڻي ۾ بابا جي آڌرڀاءُ
لاءِ ماڻهن جا وڏا ميڙ ٻاهر نڪري آيا، ان سبب
مونکي سلامتيءَ جو ڪُوڙو ڇُهاءُ ٿيو ۽ بابا کي
گهرڀاتين جي وچ ۾ ڏسي خوشي وڌي وئي آهي. المرتضيٰ
۾ والدين جي سمهڻ واري ڪمري ۾ هڪ ڀيرو وري اسان
سڀني جي موجودگيءَ سبب لڳو، ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ۽ رواج
مطابق آهي. پر ائين ڪونه هو. بابا جو هڪ مائٽ
اسلام آباد جي وڏي سرڪاري عملدار جو نياپو کڻي
آيو. هن جو چوڻ هو ته حڪومت بابا کي قتل جي الزام
۾ ڦاسائڻ گهُري ٿي.
قتل؟ ڪمري ۾ سڀني ويٺلن کي سِياٽو وڪوڙي ويو. بابا
۽ امان پل کن لاءِ ماٺڙي ڪري هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
”تون هاڻي ٻارن کي ملڪ کان ٻاهر اسڪولن ۾ واپس
موڪلڻ جي تياري شروع ڪر.“ هن امان کي چيو. هنن جا
سڀيئي ڪاغذ ۽ بئنڪ بڪس تيار هجڻ گهرجن. الائي ڇا
پيو ٿئي.“ امان ڪنڌ لوڏيو ته بابا مونکي چيو،
”پنڪي، تون پڻ ٿوري وقت لاءِ پاڪستان ڇڏي وڃڻ تي
سنجيدگيءَ سان ويچار. جيستائين هتي صورتحال صحيح
ٿئي، تيستائين ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪو گريجوئيٽ
ڪورس وڃي ڪر.“ آئون هن ڏانهن وائڙن جيان ڏسڻ لڳس.
”پاڪستان ڇڏي وڃان؟ آئون اڃا ته هينئر پنهنجي گهر
واپس آئي آهيان.“
”شايد گهر جي ملازمن تي به سختيون ٿين.“ بابا
ڳالهائيندو رهيو. مارشل لا ۾ ڪوبه محفوظ نٿو
هُجي.“ صبح جو هن گهرو ملازمن کي پاڻ وٽ گهرايو.
”شايد اوهان سڀني کي سختيون ڏسڻيون پون.“ هن چيو.
”اوهين جيڪڏهن هينئر اسان جي ملازمت ڇڏي، پنهنجن
گهر ڏانهن ويندؤ ته مون کي ڪوبه اعتراض ڪونه
ٿيندو، جيستائين حالتون سڌرن. جنرل ضياءَ جي حڪومت
۾ آئون شايد اوهان جو بچاءُ نه ڪري سگهندس.“
ملازمن مان ڪوبه ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو، نه
وري آئون. بابا لاهور هليو ويو.
جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو! پنجاب جي گادي واري شهر ۾ فوج
جي مضبوط ڳڙهه لاهور ۾ عوام جو وڏو ميڙ، ٽيهه لک
ماڻهو نڪري آيا هئا. بابا جي سياسي پُٺڀرائيءَ جي
خاتمي لاءِ ضياءَ کي ڪابه وِٿي نه ملي سگهي. پوءِ
هڪ ٻيو نياپو پهتو. اڳوڻي وڏي وزير جي گهر ۾ ڳجهي
اداري جو هڪ عملدار آيو، جتي بابا رهيل هو.
”سائين، جنرل ضياءَ ۽ فوج جو پختو ارادو آهي ته
اوهان کي قتل ڪيو وڃي.“ هن ٻڌايو. ”جيڪي سرڪاري
ملازم نظربند آهن، انهن تي سختيون ڪيون پيون وڃن،
ته جيئن اوهان تي قتل جو ڪُوڙو مقدمو گهَڙي
سگهجي.“ هن ڏڪندي بابا کي مِنٿ ڪئي. ”سائين، الله
جي واسطي هي ملڪ ڇڏي وڃو. اوهان جي زندگي جوکي ۾
آهي.“ پر بابا دڙڪن ۽ دهشتگرديءَ جي ڌمڪين کان ڊڄڻ
وارو نه هو. ان رات لاهور مان هن گهر فون ڪيو ۽ ان
تازي نياپي بابت اشارو ڏيندي چيو. ”آئون شايد گهڻو
وقت آزاد نه رهان.“
بابا جڏهن 70 ڪلفٽن واپس آيو، ته سياسي گڏجاڻيون
ٿينديون هيون. ضياءَ 18 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جو
اعلان ڪيو هو ۽ هن چونڊن جي مهم هلائڻ لاءِ هڪ
مهينو اڳواٽ اجازت ڏني هئي، جيڪا 18 سيپٽمبر تي
شروع ٿيڻي هئي. بابا هيٺ پارٽي اڳواڻن سان ملندو
هو، ته آئون وري مٿي کاڌي واري ڪمري ۾ اردو ٻوليءَ
جي سِکيا وٺندي هيس. ”توکي پنهنجي اردو سُڌارڻ
گهرجي.“ بابا مونکي چيو هو. ”مونکي پنهنجي طرفان
ڳالهائڻ لاءِ تنهنجي گهُرج پوندي.“ آگسٽ مهيني ۾
آئون روزانو ٻه ڪلاڪ اردو اخبارون ڏاڍو ويچار سان
پڙهندي هيس ۽ هڪڙي استاد کان سياسي لغت سِکندي
هيس. بابا سياسي گڏجاڻين جي وقفي ۾ مٿي کاڌي واري
ڪمري جي دَر تي اچي پُڇندو هو، ”ڪيئن پئي پڙهي؟“
آگسٽ جي پڇاڙيءَ ۾ آئون بابا سان هوائي جهاز ۾
راولپنڊي ويس. ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي
بابا جي شاندار آڌرڀاءُ کي ڏسي، ضياءَ هڪ فوجي حڪم
ذريعي سياستدانن تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، ته اُهي
ريل ۾ سفر نه ڪن. راولپنڊي ۾ هن فوج کي گشت ڪرڻ ۽
هوائي اڏي ڏانهن ويندڙ هر رستي کي بند ڪرڻ جو حڪم
ڏنو هو. پر ڪيترائي ماڻهو انهن رڪاوٽن ۽ رنڊڪن کان
پاڻ بچائيندا، هوائي اڏي تائين رستي جي ٻنهي پاسن
تي قطارون ٻَڌي بيٺا ۽ ڪار جي چؤڌاري مِڙي ويا
هئا.
راولپنڊي ۾ جنهن وقت اسان جي ڪار جي چؤطرف ماڻهن
جو ڳاهٽ هو، تنهن وقت ڪراچيءَ ۾ هڪ صحافي ۽
پيپلزپارٽيءَ جي همدرد بشير رياض امان کي بابا جي
هڪ ٻئي خطري جي ڄاڻ پئي ڏني. ”آئون اوهان کي منٿ
ٿو ڪريان، ته ڀٽي صاحب کي چئو ته ملڪ ڇڏي وڃي.“
بشير رياض امان کي ٻڌايو ”ضياءَ جي هڪ ويجهي
ماڻهو، جيڪو منهنجو دوست آهي، تنهن مونکي چيو آهي
ته ڀٽي صاحب کي وساري ڇڏ. هو هاڻي ڪڏهن به اقتدار
۾ ڪونه ايندو. ضياءَ هن کي قتل جي تهمت هيٺ مارائڻ
جو فيصلو ڪيو آهي. هن منهنجي وفاداري خريدڻ لاءِ
مونکي خالي چيڪ پڻ ڏنو، پر مون وٺڻ کان انڪار
ڪيو.“
پوءِ ضياءَ پنهنجو گهيرو سوڙهو ڪرڻ لڳو ۽ هن
پهريون ڀيرو مونکي اُن ۾ ڦاسايو. راولپنڊيءَ ۾
پهچڻ جي ٻئي ڏينهن آئون پيپلزپارٽيءَ جي حمايتي
خاندان کوکرن جي چانهه پارٽيءَ ۾ ويس، ته اتي هڪ
سئو کن ٻيون به عورتون موجود هيون. ”اوهان ٻه ٽي
لفظ چئو.“ کوکر خاندان جي ٽن ڀينرن مون تي زور
رکيو. هنن مان ٻه پيپلز پارٽيءَ جون ميمبر هيون ۽
ٽين ڀيڻ عابده، وزيراعظم هائوس ۾ امان جي اڳوڻي
سيڪريٽري هئي. ”حوصلو رکو،“ مون انهن عورتن اڳيان
ٻن منٽن جي ياد ڪيل تقرير اردوءَ ۾ ڪئي. جڏهن آئون
اتان رواني ٿيس، ته ٻاهرئين دروازي تي پوليس جو هڪ
وڏو لشڪر بيٺو هو، جنهن ۾ عورتن جي پوليس به هئي.
”اهو لشڪر تنهنجي لاءِ آيو آهي.“ هڪڙي ڀيڻ مونکي
ٻڌايو هو.
اُن رات آئون وڌيڪ اچرج ۾ پئجي وئي هيس، جڏهن
مونکي جنرل ضياءَ، چيف مارشل لاءِ ائڊمنسٽريٽر
طرفان هڪ نوٽيس مليو، جيڪو شايد جنرل عارف جي
صَحيءَ سان هو، تنهن ۾ مونکي تنبيهه ڪي هئي، ته
آئون سياسي سرگرمين کان پاسو ڪريان. مارشل لا لاڳو
ٿيڻ کان رڳو ڏيڍ مهينو پوءِ مونکي جنرل ضياءَ وٽان
پهريون سرڪاري چتاءَ پهتو هو. پر مون ان جي بلڪل
پرواهه نه ڪئي هئي. آئون اهو بابا جي سمهڻ واري
ڪمري ۾ کڻي وئي هيس ۽ کلندي چيو هيم، ”ڏسو ته هنن
چانهه پارٽيءَ ۾ منهنجي وڃڻ کي به مارشل لا لاءِ
خطرو سمجهيو آهي.“ ”اها ڪا کِل جي ڳالهه ڪانهي.“
بابا آهستي چيو. ”مارشل لا موتمار ۽ ڀوائتي
صورتحال آهي.“
۽ اها موتمار صورتحال وڌندي وئي. ان وقت تائين
سڀني کي پتو هو ته مخالف ڌر وارا چونڊن ۾ ڪڏهن به
بابا جي جماعت پيپلزپارٽيءَ کي هارائي ڪونه
سگهندا. چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ کان ٻه هفتا اڳ،
بابا جي ٻيهر گرفتاريءَ لاءِ ضياءَ پنهنجن ڇاڙتن
کي موڪليو.
سيپٽمبر، ٽين ۽ چئين وڳي صبح، 70 ڪلفٽن ڪراچي:
آئون پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ سُتي پئي آهيان، ته
مونکي ڏاڪڻ تي هلڪن قدمن جا چيچاٽ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا،
جيئن ته رمضان جو مهينو آهي تنهنڪري آئون سمجهان
ٿي ته اسان جي ملازمن مان ڪو منهنجي لاءِ سحري پيو
آڻي. پر اُٽلندو پنج ماڻهو دروازي مان ڌوڪيندا
اندر اچن ٿا، جن کي اڇا ڪپڙا پاتل آهن، هنن جا
ڪَرو ڪَٽ وار ۽ مضبوط جسم ڏسي آئون هڪدم کين سڃاڻي
وڃان ٿي، ته اهي پاڪستاني فوج جا ڪمانڊو آهن. مون
ته هنن کي ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم هائوس ۾ ڊيوٽي
ڏيندي ڏٺو هو. پر اهي سادن ڪپڙن ۾ ڇو آهن؟
هنن پنجن ئي پنهنجو بندوقون مون ڏانهن سِڌيون ڪيون
آهن، جڏهن ته ڇهون ڄڻو ٽپ ڏئي سڄي ڪمري ۾ ڦِري،
منهنجي سينگار ميز تي رکيل هر شيءِ کي هيٺ اڇلائي
ٿو. منهنجا شيلفن تان ڪتاب هيٺ ڪيرائي ٿو ۽ پلنگ
جي ڀرواري ميز تي رکيل ٽيليفون جي تار ڇِڪي ٽوڙي
ڇڏي ٿو.
”اوهان کي ڇا گهرجي؟“ آئون ڊَپُ وچان پڇان ٿي.
”ڪنهن مسلمان عورت جي ڪمري ۾ مرد ڪڏهن به ايئن نٿا
گهِڙن.“ ”جيڪڏهن تون جيئرو رهڻ گهرين ٿي، ته ماٺ
ڪر.“ هنن جو اڳواڻ چوي ٿو. هو ۽ سندس ماڻهو منهنجي
ڪمري جي هر شيءِ کي هيٺ مٿي ڪري، دروازي ڏانهن وڌن
ٿا، ”ڇا اوهين بابا کي مارڻ آيا آهيو؟“ آئون ماڻهو
کان پڇان ٿي، جنهن منهنجي ڪمري ۾ ٽُپا ڏنا هئا.
ڪجهه گهڙين لاءِ لڳي ٿو ته، هن کي مون تي رحم اچي
ويو آهي. ٿوري دير جي ٻڏتر کان پوءِ هو چوي ٿو،
”نه.“ پر پوءِ هن جي مُنهن تي سختي اچي ٿي وڃي.
”جيڪڏهن تون پنهنجي چڱائي گهرين ٿي، ته ذرو به نه
چُر.“ هو پنهنجو پستول مون ڏانهن ڪندي چوي ٿو.
پوءِ دروازو زور سان بند ڪري، ٻين سميت هليو وڃي
ٿو.
آئون هڪدم پنهنجي ٽي شرٽ مٿان فرش تي پيل ڍير مان
جيڪو به ڪپڙو ملي ٿو، پايان ٿي. منهنجي ڀيڻ
وائڙائپ ۾ ڊوڙندي مون وٽ اچي ٿي. ”نه! نه! تون
ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هو اسان سڀني کي مارڻ گهرن ٿا.“
صنم رڙيون ڪري ٿي.
”چپ ڪر.“ آئون کيس ٺهه پهه چوان ٿي. ”آئون بابا وٽ
وڃان ٿي.“ آئون ڪمري مان ڊوڙندي نڪران ٿي، منهنجي
پٺيان صنم به اچي ٿي. اسان جي وڏي ڪمري ۾ هر پاسي
اڇن ڪپڙن ۾ فوجي ڪمانڊو جا ميڙا ڏسجن ٿا، جيڪي
پنهنجيون بندوقون چؤڌاري پيا ڦيرائين. تُرت اهي
اسان سڀني کي هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾ وٺي وڃن ٿا،
جتي هنن کان به گهڻا ڪمانڊو موجود آهن آئون ڊَپُ ۾
دروازي ڏانهن ڀڃڻ گهران ٿي، ته جيئن ڪمانڊو وٽان
ٿيندي ان ننڍي ڪمري ۾ وڃان جتي منهنجا ڀائر رهيل
آهن. پر ڪمانڊو مونکي گهيرو ڪريو ٿا وڃن ۽ بندوق
جي زور تي مونکي پنهنجي ڀيڻ ڀرسان صوفي تي ويهڻ
لاءِ مجبور ڪن ٿا. انهن ماڻهن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو،
ته ڪمري جي هر دروازي تي بندوق سِڌيون جهلي، ٻه ٻه
ڄڻا ٿي بيهو.
مونکي بابا وٽ وڃڻو پوندو. هو جوکي ۾ آهي. مونکي
ڪنهن به صورت ۾ هن وٽ پهچڻ گهرجي. ڪمانڊو پنهنجي
يونيفارم کانسواءِ آڌيءَ رات جو اسان جي گهر ۾
گهِڙي آيا هئا. اهو سڀ ڪجهه اجايو هو. بابا کي
ڪنهن به وقت گرفتاريءَ جي وارنٽ يا مارشل لا جي
حڪم سان ماٺ ميٺ ۾ وٺي وڃي پئي سگهيا، پر اُٽلندو
هنن اسان کي ڊيڄارڻ ۽ اسان جي بيعزتيءَ جي ڪوشش
ڪئي هئي. هنن جو ڪهڙو مقصد هو؟ شايد هنن گهريو ٿي،
ته عوام کي ڪابه ڄاڻ نه پوي، ته بابا سان ڪهڙي
ويڌن ٿيڻ واري هئي. پر مون پختو ارادو ڪيو هو، ته
اها ڳالهه هن جي ڌيءَ کان نه لڪائي ويندي.
”ڇا اوهين فوجي آهيو؟“ آئون رڌڻي جي دَر وٽ بيٺل
ماڻهن کان پُڇان ٿي. اهو ٻُڌي اُهي هڪ ٻئي ڏانهن
ڏسڻ لڳن ٿا، پر فوجي ضابطي سبب ڪوبه جواب ڪونه ٿا
ڏين. آئون اونهو ساهه کڻان ٿي. ”هنن سپاهين ڏانهن
ته ڏس.“ آئون وڏي آواز ۾ صنم کي اردوءَ ۾ چوان ٿي.
”اهي ايترا بيشرم ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ اهو سندن
وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، جيڪو هنن کي
هندستان جي ڪئمپن مان ڇڏائي وٺي آيو هو، جتي سندن
ئي جنرلن کين خوار خراب ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو. ۽ ان
نيڪيءَ جو اُجورو هنن اهو ڏنو آهي، جو ڪابه پرواهه
نه ڪندي هن جي گهر ۾ ڪاهي آيا آهن.“
آئون پنهنجي اک ٽيڏي ڪري هنن ڏانهن ڏسان ٿي، جيڪي
پريشان ٿيندي هڪ ٻئي ڏانهن نهارين ٿا. ”هيءُ ڪنهن
جو گهر آهي؟“ هڪڙو اردوءَ ۾ پڇي ٿو. مونکي اوچتو
ويچار اچي ٿو، ته هنن مان ڪجهه ڄڻن کي ته اها ڄاڻ
ئي ڪانهي ته اسين ڪٿي آهيون ۽ ڇو آيا آهيون؟
”اوهان کي ڄاڻ ڪانهي، ته اوهين پاڪستان جي
وزيراعظم جي گهر ۾ گهڙي آيا آهيون؟“ آئون ڌِڪار
وچان هنن کان پڇان ٿي. شرم وچان اهي پنهنجيون
بندوقون هيٺ ڪن ٿا. مونکي وجهه ملي ٿو. آئون
تيزيءَ سان ڏاڪڻ چڙهي والدين جي ڪمري ۾ وڃان ٿي.
مون کي ڪوبه ڪونه ٿو روڪي.
بابا بستري جي ڪناري تي ويٺو آهي. امان اڃا تائين
ليٽي پئي آهي. هن جي کاڏيءَ تائين چادر پيل آهي ۽
هن جي ڪَنن ۾ ٻُوچ پيل آهن، ته جيئن بابا جي دير
سان اچڻ سبب هن جي ننڊ نه ڦِٽي. ڪمانڊو هنن کي
گهيرو ڪيو بيٺا آهن. اهو ماڻهو جنهن منهنجي ڪمري ۾
ٽپ ڏئي، منهنجون شيون هيٺ مٿي ڪري ڇڏيون هيون، سو
هينئر والدين جي ڪمري ۾ چؤڌاري پيو ٽِپ ڏئي ۽ ڪمري
جي دَر مٿان ٽنگيل بابا جي ٻن روايتي ترارن کي
لاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ”ڇا پيو ڪرين؟“ آئون جڏهن
ڪمري ۾ اچان ٿي، ته بابا هن کان پڇي ٿو. بابا جي
رعبدار آواز جو واڄٽ ڪڏهن به جهَڪو ڪونه ٿيو آهي.
اهو آواز ٻُڌي بيهي رهي ٿو.
بابا مونکي پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو.
اُهو ڏسڻ ۾ کِل جهڙو ٿلهو ٺڳ ماڻهو اسان جي نازڪ
آسماني ۽ اڇي زربفت جي لوئي پاتل ڪُرسين مان هڪ تي
پيو لُڏي ”ڪير آهي؟“ آئون بابا کان آهستي پڇان ٿي.
”صغير انور، فيڊرل انويسٽيگيٽو ايجنسيءَ جو
ڊائريڪٽر.“ بابا وراڻي ٿو. ”تو وٽ گرفتاريءَ جو
وارنٽ آهي؟“ بابا ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر کان پڇي
ٿو. ”نه.“ هو هيٺ غاليچي ڏانهن ڏسندي اَڍنگي نموني
سان جواب ڏئي ٿو. ”ته پوءِ تون ڪهڙي الزام هيٺ
مونکي گهر مان وٺي وڃين ٿو؟“ بابا وري پڇي ٿو.
”مون کي حڪم مليو آهي ته اوهان کي فوجي هيڊڪوارٽر
وٺي هلان.“ انور چوي ٿو. ”ڪنهن جو حڪم آهي؟“ بابا
پڇي ٿو. ”جنرل ضياءَ جو.“ اهو ماڻهو جواب ڏئي ٿو.
”جيئن ته هن مهل اوهان جي اچڻ جي ڪا اُميد نه هئي،
تنهنڪري مونکي سنبرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ گهرجي.“ بابا
ماٺڙيءَ ڪري چوي ٿو. ”منهنجي ملازم کي گهرائي چئو،
ته منهنجا ڪپڙا تيار ڪري.“ صغير انور انڪار ڪندي
چوي ٿو، ته وزيراعظم سان ڪنهن کي به ملڻ جي اجازت
ڪانهي. ”ته پوءِ عُرس کي گهراءِ.“ بابا وري آهستي
چوي ٿو. ۽ انور پنهنجي ڪمانڊو مان هڪ کي اشارو ڪري
ٿو. مونکي پوءِ ڄاڻ پئي، ته هيٺ آڳنڌ ۾ عُرس ۽
ملازمن جي ٻين ماڻهن کي بندوقون ڏيکاري روڪيو ويو
هو.Be
quiet! Hands Behind your backs
ڪمانڊو هنن کي انگريزيءَ ۾ رڙيون ڪندي چيو هو. جن
انگريزي ٻولي نه سمجهندي، حُڪم کان ڪَن لاٽار ڪئي
ٿي، تن کي پستول سان ڪُٽيو ويو هو. هنن وٽ جيڪي
پئسا هئا ۽ کين جيڪي واچون ٻڌل هيون، سي به ڦُريون
ويون.
”عُرس ڪير آهي؟“ ڪمانڊو ٻاهر وڃي عملي وارن کان
پڇيو. ”آئون آهيان.“ عرس چيو. اُن جواب ڏيڻ تي هن
جي مٿي تي پستول جو مُٺيو زور سان هنيو ويو. کل
جهڙي ڳالهه اها ته اهو ڪمانڊو قطار ۾ بيٺل سڀني
ماڻهن کان اهوئي پڇندو ويو، ته ڇا تون عرس آهين؟
گهڻن ماڻهن جي نهڪار کان پوءِ بابا جي خدمتگار
ويجهو ويو، جنهن اُن وقت تائين ڳالهه سمجهي هئي،
تنهنڪري هن رڳو ڪَنڌ جو اشارو ڪيو هو. عرس کي ڳِٿر
کان جهلي ٽَنگو ٽالي ڪري ڏاڪڻ تان مٿي آندو ويو،
جتي بندوقن جي پاڇي ۾ هن بابا جا ڪپڙا ٺاهي، بيگَ
۾ رکيا هئا. پوءِ جڏهن هو اهي بيگون کڻي هيٺ بيٺل
ڪار ۾ رکڻ لاءِ ويو هو، ته ڇهه ڪمانڊو پنهنجن
خودڪار هٿيارن سان هن جي مٿي ۽ ڇاتيءَ جو نشانو
وٺي بيٺا هئا.
بابا مٿي وهنجي لباس بدلائي ٿي. مونکي هن جي سَهپ
۽ همت تي اچرج ٿئي ٿو اسان جي سڄي گهر ۾ هٿيار ئي
هٿيار ڏسجن ٿا. ان کان ٻي وڏي ڀاڙيائپ ڪهڙي چئبي.
آئون جڏهن بابا سان گڏ ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ اٿان
ٿي، ته هڪ ڪمانڊو رڙ ڪري چوي ٿو، ”خبردار اتي
ويهه.“ آئون هن جي پرواهه نٿي ڪريان. اهي مونکي
وڃڻ ڏين ٿا.
ڏاڪڻ لهي هيٺ اچڻ تي بابا ۽ صنم هڪ ٻئي ڏانهن ڏسن
ٿا. ”اوهين بيشرم آهيو، ڀاڙيا آهيو.“ منهنجي
شرميلي ڀيڻ انهن فوجين کي رڙ ڪري چوي ٿي، جيڪي
بابا کي هڪ ڪار ڏانهن وٺيو پيا وڃن. ”اوهين ڪميڻا
۽ ڀاڙيا آهيو.“
هڪ ڀيرو وري آئون ڏسان ٿي، ته بابا کي ڪار ۾ چاڙهي
وٺي پيا وڃن. مونکي ڪوبه پتو نه آهي ته ڪهڙي پاسي
وٺي پيا وڃن. آئون هن کي ٻيهر ڏسي به سگهنديس يا
نه. پل کن لاءِ آئون ڌُڏي وڃان ٿي. منهنجي دل وڍجي
پئي، ٿڌي ٿي وڃي ٿي، برف جهڙي. ”پِنڪي،“ آئون ڪنهن
جو سَڏ ٻُڌان ٿي. آئون آڳنڌ ڏانهن ڏسان ٿي، جتي
گهر جي ملازمن سان گڏ منهنجو ڀاءُ شاهنواز به قطار
۾ بيٺو آهي. ”هن کي ڇڏيو.“ آئون سپاهين کي رڙ ڪري
چوان ٿي، جيڪي هن کي جهليو بيٺا آهن. آئون پنهنجي
ئي آواز جي پڙاڏي کان ڏڪي وڃان ٿي. سپاهي پٺتي هٽي
وڃن ٿا.
اندر گهر ۾ امان جو مُنهن چاڪ جهڙو اڇو ٿي ويو
آهي. هن جي رَت جو دٻاءُ ويتر گهٽجي وڃي ٿو. آئون،
صنم ۽ شاهنواز واري واري سان هن جي پيرن جون تريون
مَهٽيون ٿا، ته جيئن رَت جو دؤرو تيز ٿئي. آئون
ڊاڪٽر کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، پر فون جون
تارون ڪٽيل آهن. آئون وڏي دروازي تي بيٺل پهريدارن
سان ڳالهايان ٿي، ته مونکي ڇڏيو ته آئون ڊاڪٽر کي
وٺي اچان. پر اهي مونکي نٿا ڇڏين. پوءِ جڏهن صبح
جو اسان جو ميجر ڊومو 70 ڪلفٽن تي اچي ٿو، تڏهن هڪ
سنڌي پهريدار جي همدرديءَ سبب هن کي سموري حال جي
ڄاڻ پوي ٿي. ۽ اهڙيءَ طرح بابا جي گرفتاريءَ جي
ڳالهه ٻين تائين پهچي ٿي. دوست محمد پنهنجي اسڪوٽر
تي چڙهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪراچيءَ ۾ ڦيريون ڏيئي،
پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڄاڻ ڏئي ٿو. منهنجي ڀاءُ مير
کي المرتضيٰ ۾ ٻڌائي ٿو. ٻين مائٽن کي ٻُڌائي ٿو،
اخبارن ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ امان جي ڊاڪٽر کي ٻڌائي ٿو.
پر جڏهن ڊاڪٽر اشرف عباسي وڏي دروازي تي پهچي ٿي،
ته هن کي اندر اچڻ جي اجازت نٿي ملي، نيٺ حڪومت
طرفان هڪ ڊاڪٽر ٻنپهرن جو اچي امان کي اها سُئي
هڻي ٿو، جنهن جي کيس سخت گهرج هئي.
ٽپهريءَ جو فوج جو هڪ ڪرنل خالي ڪاغذ کڻي اچي ٿو.
”جنرل ضياءَ، چيف ماشل لا ائڊمنسٽريٽر حڪم ڪيو
آهي، ته تون ۽ تنهنجي ماءَ هن پني تي صحيحون
ڪريو.“ ڪرنل چوي ٿو. هن کي فوجي وردي پاتل آهي ۽
سائي خاڪي قميص تي سندس نالو فاروق لکيل آهي. آئون
انڪار ڪريان ٿي. ”آئون اوهان کان اُن تي صحيحون
وٺندس!“ هو مونکي دڙڪو ڏئي ٿو. هن جا داڻن جهڙا
دوڏا وڌيڪ ڀوائتا ٿين ٿا ۽ ننڍڙو وات سخت ٿي وڃي
ٿو. ”تون مونکي قتل ته ڪري سگهين ٿو، پر تون مون
کان اُن تي صَحي ڪرائي نٿوسگهين.“ آئون پنهنجي
آواز جي هڪ نئين انداز ۾ چوان ٿي. ”تنهنجو جنرل
ضياءَ به مونکي ان تي صحيح ڪرائي نٿو سگهي.“ اوهان
کي پنهنجي ڀلي جي ڪا خبر ئي ڪانهي.“ هو ڏاڍي صاف ۽
سخت آواز ۾ چوي ٿي ۽ پوءِ واپس هليو وڃي ٿو.
نيٺ شام جو پنجين وڳي گهر مان فوج واپس گهرائي وڃي
ٿي. آئون ۽ شاهنواز هڪدم پيپلز پارٽيءَ جي آفيس
ڏانهن وڃون ٿا، جتي پارٽيءَ جا ڪجهه ميمبر ڊَپُ ۾
ورتل ڏسجن ٿا. پارٽيءَ جي ڪجهه ميمبرن جو ويچار
آهي ته سڄي ملڪ ۾ احتجاجي هڙتالون ۽ مظاهرا ڪجن.
پر پارٽي جا اڳواڻ چون ٿا ته ان وقت تائين اوسيئڙو
ڪيو وڃي، جيستائين بابا سان نه ملجي. بابا سان
ملجي؟ الائي اُن ۾ گهڻو وقت لڳندو؟
ٻئي ڏينهن امان بابت وڌيڪ خراب ڄاڻ اچي ٿي. هن
بابا جي وڪيل سان ڳالهايو آهي. بابا کي جيڪي ڳجها
چتاءُ مليا هئا سي صحيح هئا. بابا تي هاڻي قتل جي
سازش جو الزام آهي.
”قتل؟“ مونکي ته اها ڄاڻ به نه هئي، ته بابا تي
قتل جي سازش جو الزام ڪنهن پئي هنيو.
امان مونکي ٻڌايو ته اهو ننڍڙو سياستدان احمد رضا
قصوري نالي آهي، جيڪو جيئرو آهي. ٽي ورهيه اڳ
لاهور ويجهو هن جي ڪار تي، جنهن ۾سندس خاندان جي
ڪيترن ئي ڀاتين سفر پئي ڪيو، ڪنهن لِڪي حملو ڪيو
هو. اُن حملي ۾ قصوريءَ جو رٽائرڊ مئجسٽريٽ پيءُ
مارجي ويو هو. پر قصوري جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي
ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊجي آيو هو،
تنهن جو چوڻ آهي ته اهو حملو هن جي پيءُ کي مارڻ
لاءِ ڪيو ويو هو. اهو سياستدان پوءِ مخالف ڌر ۾
شامل ٿيو هو. هو پنهنجن ڪيترين ئي دشمنين سبب
مشهور هو ۽ چيو ويو هو ته هن کي مارڻ لاءِ اڳ
پندرنهن ڀيرا خوني حملا ٿيا هئا. جيڪا ڳالهه
ويساهه جوڳي نه هئي. ان تازي حملي ۾ هن بابا تي شڪ
ڏيکاريو هو ۽ هن اهڙي رپورٽ پوليس ۾ لکرائي هئي.
ان وقت پاڪستان ۾ جمهوريت ايتري آزاد هئي، جو
پوليس ملڪ جي وزيراعظم خلاف رپورٽ درج ڪئي هئي. ان
سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ جاچ ڪرائي، بابا کي ان ڏوهه ۾
شامل هجڻ کان آجو ڪيو هو ۽ ان افسوسناڪ واقعي کي
سڀني وساري ڇڏيو هو.
قصوري وري پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو هو ۽ هن مارچ
1977ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ
درخواست ڏني هئي. پر جڏهن پيپلزپارٽي هن بدران
ڪنهن ٻئي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن لڳي ٿو
ته قصوري وري بابا تي الزام هڻڻ جو پڪو پهه ڪيو
هو. هاڻي چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ کان ٻه هفتا اڳ
ضياءَ ان پراڻي الزام کي ڪَتب آڻيندي، بابا کي
گرفتار ڪرڻ جو بهانو ڪيو هو. پر هڪ ڀيرو وري ضياءَ
جي اها تدبير به ناڪام ٿي.
جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ ٻڌايو، ته مقدمي جي ڪاغذن مان
پتو پوي ٿو ته اهي الزام ”هڪ ٻئي خلاف ۽ نامڪمل“
آهن، تنهنڪري ان ڏوهه ۾ بابا جو ڏوهي هجڻ ثابت
ڪونه ٿيو هو. هن بابا کي گرفتار ٿيڻ جي ڏهن ڏينهن
کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. آئون مستقبل
لاءِ پر اميد ٿي ويس. ”جيڪڏهن فوجداري عدالتون
وزيراعظم کي آزاد ڪري ٿيون ڇڏين، ته پوءِ مارشل لا
حڪم هيٺ هن کي نظربند رکڻ جو مونکي ڪوبه سبب نظر
نٿو اچي.“ ضياءَ اخبارن ۾ پنهنجي راءِ ڏني.
13 سيپٽمبر تي بابا سِڌو پنهنجي گهر ڪراچي پهتو ۽
هن ٻئي ڏينهن صبح سان ئي شاهنواز کي ساڻ کڻي
لاڙڪاڻي وڃي، منهنجي ڀاءُ مير سان گڏ اتي رمضان جي
عيد ملهائڻ جو ارادو ڪيو. هاڻي گهڻو ڪم وڌي ويو
هو. چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ ۾ باقي پنج ڏينهن رهيا
هئا ۽ بابا مهم جي ٽيهن ڏينهن ۾ نوي گڏجاڻين جو
پروگرام ٺاهيو هو. ان رات سدائين جيان اسين والدين
جي سمهڻ واري ڪمري ۾ گڏ ٿياسين، جتي اهڙي ڪچهري
ٿي، جنهن جي ڪا اميد ئي نه هئي.
”نصرت! هاڻي پِنڪي کي شادي ڪرڻ گهرجي.“ بابا سِگار
پيئندي اوچتو چيو. هو پلنگ تي ليٽيل هو. ”آئون هن
جو گهوٽ پيو ڳوليان.“
اُهو ٻُڌي آئون صوفي تي اُڀي ٿي ويٺيس. ”آئون شادي
ڪونه ڪندس.“ مون احتجاج ڪيو. ”آئون اڃا هينئر ته
گهر آئي آهيان.“
صنم ۽ شاهه کي ٻاراڻو وجهه ملي ويو ۽ ٻئي مونکي
ڇيڙڻ لڳا. ”توکي شادي ڪرڻي پوندي. توکي شادي ڪرڻي
پوندي.“ هنن گڏجي چيو.
”سچ اِهو آهي ته مون اُهو ڇوڪرو ڏٺو آهي، جيڪو
مونکي وڻي ٿو.“ بابا پنهنجيءَ ڳالهه ڪندي چيو.
امان مُرڪڻ لڳي. شايد هن اڳواٽ ئي شاديءَ جو سوچي
ڇڏيو هو.
آئون اڃا شادي ڪرڻ نٿي چاهيان ۽ اوهين مونکي اُن
لاءِ مجبور نٿا ڪري سگهو.“ مون بغاوتي انداز ۾
چيو.
”تون پنهنجي بابا سان انڪار نٿي ڪري سگهين.“ بابا
چيو ۽ شاهه ۽ صنم گڏجي اهي لفظ ورجائڻ لڳا.
”نه، نه، نه،“ مون چيو. ايتري ۾ بابا جي کاڌي جي
ٽرالي آئي ۽ ان موضوع مان جِند ڇٽي. پر ٻيو موضوع
ان کان به وڌيڪ ڊيڄاريندڙ هو.
”چيو وڃي ٿو ته ضياءَ مونکي هرگز ڪونه ڇڏيندو ۽
آئون کانئس کِسڪي وڃان.“ بابا ماني کائيندي چيو.
”پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ اڄ مون کان پئسا گهريا
آهن، ته جيئن ڀَڄي سگهي. ’تون وڃڻ گهرين ٿو ته ڀلي
وڃ.‘ مون هن کي چيو پر آئون ڪُوئو ڪونه آهيان جو
ڀڄي وڃان. آئون هتي ئي رهندس ۽ ضياءَ جو مقابلو
ڪندس.“
”۽ اوهان چونڊن ۾ سوڀ ماڻي جنرل ضياءَ کي غداريءَ
جي سزا ڏيندؤ.“ مون وڏي آواز ۾ چيو.
”پِنڪي خبردار ٿي.“ بابا وري ڀتين ۾ لڳل ٻُڌڻ جي
ڳجهن اوزارن جو اشارو ڏيندي چيو. پر بابا جي قيد
مان آزاد ٿيڻ ۽ گهر ۾ موجود هجڻ سبب مون اهي سڀيئي
ڳالهيون وساري ڇڏيون هيون ۽ آئون ضياءَ جي مڪاريءَ
تي ڇوهه ڇنڊيندي رهيس، تان جو بابا ڪاوڙجي پيو.
”ماٺ ڪر.“ هن مونکي سختيءَ سان تنبيهه ڪئي. ”توکي
ڄاڻ ئي ڪانهي ته تون ڇا پئي چوين.“
ڪمري ۾ اسان هڪ ٻئي ڏانهن گهوري ڏٺو. ڪاوڙ وچان
آئون ڪمري مان ٻاهر هلي ويس.
هاڻي مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو، ته هن کي ڄاڻ هئي ته
معاملا ڪيترا نه خراب ٿيندا پيا وڃن، جو شروع کان
ئي هن کي اهي حقيقتون نظر آيون هيون جن کان مون
انڪار جي ڪوشش ڪئي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته جنرل
ضياءَ ڪيترو نه ظالم ۽ جابر آهي، تنهنڪري هن مونکي
اهڙين ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالهين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. پر آئون انهن ڳالهين کي ان وقت سمجهڻ کان
بلڪل لاپرواهه هيس. ان وقت کان وٺي مون ڪيترا ڀيرا
الله جو ٿورو مڃيو آهي، ته لاڙڪاڻي وڃڻ کان اڳ هن
مونکي ننڊ مان اٿاريو هو.
”مون رات توکي جيڪي چيو هو تنهن جو دل ۾ نه
ڪجانءِ.“ هن منهنجي بستري تي ويهندي چيو. ”آئون
اهو هرگز نٿو چاهيان ته توکي ڪا تڪليف پهچي.“
هن مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو.
”بابا، آئون سمجهان ٿي ۽ آئون پڻ معافي گهران ٿي.“
مون هن کي چيو ۽ موڪلائڻ مهل هن کي چُمي ڏني.
مونکي هن جي خاڪي شلوار قميص ۽ شاليمار سينٽ جي
چٽي يادگيري آهي. اهو آخري ڀيرو هو جو مون هن کي
آزاد ڏٺو هو.
17 سيپٽمبر 1977ع، ساڍا ٽي صبح–المرتضيٰ:
لاڙڪاڻي ۾ اسان جي ملازمن مان هڪ شخص بهاول ٻُڌائي
ٿو ته ڇا ٿيو هو، ڇو ته آئون اتي ڪونه هيس.
رات جو ٻه وڳي ڌاري ستر فوجي ڪمانڊو ۽ پوليس وارا
المرتضيٰ جون ڀتيون ٽپي اندر گهڙي آيا. هنن
چوڪيدارن کي ماريو ڪُٽيو ۽ گهر ڏانهن ڪاهي پيا.
”دروازو کوليو،“ هنن تنهن وقت رڙيون ڪيون ۽ وڏي
دروازي تي زور سان مُڪون هنيون، جڏهن آئون ۽ ٻيا
ملازم اندران بند دروازي کي جهلي بيٺا هئاسين.
”اوهان کي ڇا گهرجي؟“ اسان هنن کان پڇيو.
”ڀٽو.“
”ترسو اسين هُن کي ننڊ مان اٿاريون ٿا.“
”دروازو کوليو،“ هنن رڙيون ڪيون ۽ سڀني گڏجي
دروازي کي ايترو ته زور ڏنو، جو اهو چٻو ٿي پيو.
اُهو گوڙ ٻُڌي مير وڃي ڀٽي صاحب کي جاڳايو. ”هنن
کي چئو ته دروازي ڀڃڻ جي گهُرج ڪانهي.“ ڀٽي صاحب،
مير کي چيو. ”ٻن عملدارن کي اندر اچڻ ڏيو. مونکي
پنهنجي سامان کڻڻ لاءِ وقت گهرجي.“ پر هن کي ڄاڻ
هئي ته اهي کيس وري وٺڻ ايندا، تنهنڪري سندس سُوٽ
ڪيس اڳ ۾ ئي ٺهيو رکيو هو ۽ بريف ڪيس به.
ڏهن منٽن کان پوءِ اهي ڀٽي صاحب کي پاڻ سان وٺي
ويا. اسان سڀني کي بندوقن جي زور تي گهر ۾ واڙي،
ٻاهران ڪُلف ڏنو ويو. گهر ۾ اندر ۽ ٻاهران سپاهين
کي بيهاريو ويو. اسين سڀيئي روئڻ لڳاسين.
مير بابا ته ڏاڍو ڪاوڙيل هو. هن ڪراچي فون ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر فون جون تارون وڍيل هيون. صبح جو
آئون پهريدارن کان لِڪي ٻاهر کسڪي ويس ۽ هڪ ٻئي
گهر مان بيگم صاحبه کي فون ڪيم. اوستائين اها ڄاڻ
هر هنڌ پکڙجي وئي هئي ۽ المرتضيٰ ٻاهران سوين
ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. هنن اُتي نعرا هڻڻ شروع
ڪيا: جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو!
پوليس هنن کي گرفتار ڪيو.
بابا کي پهرين سکر جيل ۾ رکيو ويو، پوءِ ڪراچي جيل
۾ ۽ وري پوءِ لاهور جيل ۾. ضياءَ اهو خطرو کڻڻ
لاءِ تيار نه هو، ته عوام کي ڄاڻ پئجي وڃي ته هو
ڪٿي آهي. هن ڀيري ضياءَ بابا کي سدائين لاءِ ختم
ڪرڻ جون پختو ارادو ڪيو هو. هڪ ڀيرو وري بابا تي
پراڻي قتل جي تُهمت مڙهي وئي هئي پر هن ڀيري ضياءَ
ان جو پُور بندوبست ڪيو هو. |