هيڪلائپ، سکر جيل ۾
سکر سينٽرل جيل، 13 مارچ 1981ع:
آئون هتي ڇو آهيان. ”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو
اچي. وري جيل. سنڌ جي صحرا ۾ ڏورانهون جيل. ڏاڍي
ٿڌ آهي. جيل جي گهڙيال مان ٺڪاءُ ٿين ٿا. رات جو
هڪ، رات جا ٻه. آئون سُمهي نٿي سگهان. منهنجي
ڪوٺڙيءَ جون چارئي ڀتيون سِيخن جون آهن. جن وچ ۾
ٿڌي برفاني هوا ڌوڪيندي اندر پئي اچي. اها ڪوٺڙي
وڏي پڃري مثل ۽ گهڻي ڪُشادي آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ
واڻيل کَٽ پئي آهي.
آئون کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي.
منهنجا ڏند پيا کَڙڪن. مون وٽ نه سُئيٽر آهي، ۽ نه
ئي بلينڪيٽ. ڪجهه به ڪونهي. مونکي رڳو اها شلوار
قميص پاتل آهي، جيڪا پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾
گرفتار ٿيڻ وقت پاتل هئي. هڪ جيلر مون تي رحم
کائي، جورابن جي هڪ جوڙي موڪلي هئي. پر پوءِ هن کي
پنهنجي ان سخاوت جي جهلجڻ جو ايڏو ته ڊَپُ ٿيو هو،
جو هن پنهنجا اهي جوراب اڄ صبح جو واپس ورتا آهن.
منهنجن هڏن مان سُور جون سَٽون اُڀرن ٿيون. آئون
جيڪر ڏسي سگهان، جيڪر رڳو هيڏانهن هوڏانهن هلي ڦري
سگهان. پر رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ بجلي جو بلب
وسايو وڃي ٿو. شام جو ستين بجين کان پوءِ هتي ٿڌي
اوندهه کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.
7 مارچ تي پوليس مونکي ڪلفٽن مان وٺڻ لاءِ آئي
هئي، پر آئون اُتي ڪونه هيس. مون رات سميعا وٽ
گهاري هئي، ته جيئن آئون ان گڏجاڻيءَ کان پري رهي
سگهان، جيڪا امان ايم آر ڊي اڳواڻن سان 70 ڪلفٽن
تي پئي ڪئي. ظاهر آهي ته پوليس مون کي ڳولڻ لاءِ
پنهنجي ڪوشش ۾ ڇِتي ٿي پيئي هئي، ۽ هنن منهنجي
سئوٽ فخريءَ جي گهر تي ۽ 70 ڪلفٽن تي ڇاپا هنيا،
جتي پهرين انهن امان کي جهَليو هو ۽ منهنجي ڳولا ۾
سڄي گهر کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو هو. ”اوهين هن کي
ڇا ٿا سمجهو، هوءَ ڪا ٽنِڊڻ آهي ڇا؟“ منهنجي ڀيڻ
صنم پوليس وارن کان پڇيو هو، جڏهن انهن منهنجي
ڳولا لاءِ ماچيسن جا کوکا خالي ڪري پئي ڏٺا.
پوليس سڄي ڪراچيءَ ۾ پکڙجي وئي هئي. انهن منهنجي
اسڪول جي پراڻين ساهيڙين جي گهرن تي به ڇاپا هنيا.
انهن ۾ هڪ پارسي خاندان پنٿاڪيءَ جو به گهر هو.
هنن جي پنجويهن ورهين جي ڄمار جي ڌيءَ پاريءَ کي
پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي هُن کان ستن ڪلاڪن
تائين پڇاڻو ٿيندو رهيو. پاري ۽ ان جو خاندان
مذهبي اقليت مان هو ۽ ملڪ کي مذهبي ويس پارائڻ
واري ضياءَ جي نيتيءَ هيٺ، جيڪو به مسلمان ڪونه
هو، سو هاڻي خاص ڪري سزا لائق هو. ”اسان کي خبر
آهي ته ملڪ ۾ مذهبي اقليتن سان ڪيئن مُنهن ڏجي.“
پوليس پاريءَ جي مائٽن کي تڏهن تنبيهه ڪئي، جڏهن
هنن اختياريءَ وارن وٽ ان جي نظربنديءَ خلاف
احتجاج ڪيو هو. ”ملڪي سياست ۾ اوهان لاءِ ڪا به
جاءِ نه آهي. اوهين سياست ۾ دخل نه ڏيو.“
ٻين ٻن ساهيڙين پِچي ۽ هموءَ جي گهرن جي جهَڙتي
وٺڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پوليس نيٺ مون کي ڊاڪٽر
اشرف عباسيءَ جي گهر ۾ اچي جهليو، جيڪا قومي
اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ڪراچيءَ ۾ امان
جي ڊاڪٽر هئي. ”هتي پوليس آئي آهي ۽ گهر جي جهَڙتي
وٺڻ چاهي ٿي.“ مون اڃا اسلام آباد ۾ پنهنجين ڪجهه
ساهيڙين سان فون تي ڳالهائڻ لاءِ ويچاريو پئي، ته
ڊاڪٽر عباسيءَ جي پٽ صفدر اسان کي اچي ٻُڌايو هو.
جيئن ته مونکي ڇاپن لڳڻ سبب ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ ايم
آر ڊيءَ جي سياسي سرگرميءَ ۾ پوڻ کان مون پوريءَ
طرح پاڻ پاسو ڪيو هو، تنهنڪري اهو ٻُڌي اسين هن
ڏانهن اچرج وچان ڏسڻ لڳيونسين. مون سمجهيو ته
پوليس ڊاڪٽر عباسي يا سندس پُٽ منور کي وٺڻ آئي
هوندي. ”هنن کي چئو ته گهر جي جهَڙتي وٺڻ جي گهُرج
ڪانهي.“ مون صفدر کي چيو. ”هنن کان پُڇ ته کين ڪير
کپي.“ ويرم کن ۾ هو موٽي آيو. ”پوليس اوهان لاءِ
آئي آهي.“ هن ٻڌايو.
اُن گرفتاريءَ ۾ هڪ نئين ۽ ڀوائتي ڳالهه ٿي هئي.
اها مون ان وقت سمجهي، جڏهن مونکي کليل جيپ ۾،
پٺيان اُن هنڌ ويهڻ لاءِ چيو ويو، جتي ڪيترائي
سپاهي ويٺل هئا. اڳي پوليس مونکي ڪار ۾ وٺي ويندي
هئي. مون جيپ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو ۽ هنن نيٺ
مونکي اڳيان ويهڻ جي اجازت ڏني. جيپ پويان ۽ خالي
گهٽين مان فوج جو جيڪو قافلو پئي آيو، سوبه تمام
ڊگهو هو ۽ اسان جي منزل ٿاڻو هئي. اڳي مون کي ڪڏهن
به ٿاڻي تي نه وٺي ويا هئا. ڇا ٿيڻ وارو هو؟ آئون
ان خالي ڪوٺيءَ ۾ پنج ڪلاڪ ويٺي رهيس ۽ مون کي
ڪنهن به ڪجهه ڪين ٻڌايو. مون رڳو پوليس وارا پئي
ڏٺا، جن سگريٽن مٿان سگريٽ پئي ڦوڪيا ۽ اڳ ۾ ئي
پانَ جي پِڪن سان ڳاڙهيون ٿيل ديوارن تي پانَ جون
ٿُڪون پئي اڇلايون. هن ڀيري مونکي هڪدم پتو پوڻو
هو، ته ضياءَ پنهنجي سختي ۽ ظلم جون اڳوڻيون حدون
به اورانگهي ويندو.
مونکي ڄاڻ نه هئي، پر اختياريءَ وارن کي ڄاڻ هئي
ته سڄي پاڪستان ۾ هزارين ماڻهو گرفتار پئي ٿيا.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪٿ مطابق رڳو مارچ 1981ع ۾
ڇهن هزارن کان مٿي ماڻهن کي جهَليو ويو هو. 2 مارچ
تي پي آءِ اي هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ
پنجن ڏينهن اندر ضياءَ اغوا جو بهانو بڻائي، ايم
آر ڊيءَ جي وڌندڙ پُٺڀرائي کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو
هو. جنهن به ماڻهوءَ جو ايم آر ڊي يا پيپلز
پارٽيءَ سان ٿورو به ناتو هو، تنهن کي جهَليو پئي
ويو.
اسلام آباد ۾ نيازين کي جهَليو ويو هو. پوليس
امينا کي به جهلڻ لاءِ وئي هئي، پر جڏهن هنن ڏٺو
ته هوءَ نَون مهينن جي ڳرڀوتي آهي، تڏهن هن بدران
سنديس مُڙس سليم کي وٺي ويا. ان اوچتي صدمي سبب هن
کي چُرڻ پُرڻ جي سخت تڪليف ٿي هئي. بلوچستان مان
يحييٰ بختيار کي جهَليو ويو، جيڪو بابا جي وڪيلن
جو اڳواڻ ۽ پاڪستان جو اڳوڻو اٽارني جنرل هو.
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد، جنهن کي جلاوطن
ٿيڻ ٿي مجبور ڪيو ويو هو. ان جي ڀاڻيجي ۽ قومي
اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر فيصل حيات کي جهَليو ويو
هو. راولپنڊي ۾ فليش مئن هوٽل جي اسسٽنٽ مئنيجر
قاضي سلطان محمود کي ٽيون ڀيرو جهَليو ويو هو.
’مساوات‘ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر ارشاد رائو ۽ سنڌ
پيپلز پارٽيءَ جي مک رڪن پرويز علي شاهه سان به
اهوئي ٿيو. اها فهرست ڊگهي ٿيندي پئي وئي ۽ اسان
سان ٿيندڙ ورتاءُ وحشيپڻي جون نيون اوچايون پئي
ڇُهيون.
”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟“ ٿاڻي تي مون پوليس وارن
کان پڇيو.
”ڪراچي سينٽرل جيل ۾، “ هنن ٻڌايو.
”ريسٽ هائوس ۾؟“ مون پڇيو. جيل جا عملدار ريسٽ
هائوس ۾ ويندا هئا، ڇو ته اهو هنڌ ٻين جي ڀيٽ ۾
وڌيڪ آسودو هو ۽ اتي ئي امان کي پهرين رکيو ويو
هو.
”ڪوٺڙيءَ ۾،“ هنن ٻڌايو.
منهنجو ساهه گهُٽجڻ لڳو. امان، اڳوڻي وزيراعظم جي
بيواهه سا سي ڪلاس جي ڪوٺڙيءَ ۾، جتي نه پاڻي آهي،
نه بسترو ۽ نه ئي هوا!
”مونکي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟“ مون پوليس وارن کان
پڇيو.
”تنهنجي امان وٽ،“ هنن ٻڌايو.
هنن ڪُوڙ ڳالهايو هو.
آئون ڪراچي سينٽرل جيل جي ريسٽ هائوس ۾ ڪنهن سان
به ملاقات کان سواءِ پنجن ڏينهن تائين پئي هيس،
جتي پورو فرنيچر به پيل ڪونه هو. اتي جي عملي
ٻڌايو ته کين امان بابت ڪابه ڄاڻ ڪانهي. هنن اُن
ڳالهه کان به انڪار ڪيو ته هوءَ ڪراچي ۾ آهي.
مونکي پنهنجن وڪيلن سان ملاقات کان به روڪيو ويو
هو. مون وٽ ڪپڙا به ڪونه هئا، رڳو اهي هئا جيڪي
گرفتاريءَ وقت مونکي پاتل هئا. مون وٽ نه وارن جو
بُرش هو، ۽ نه ڦڻي. نه ڏندڻ هو، ۽ نه ئي پيسٽ،
ڪابه شيءِ نه هئي. گهڻي سوچ ۽ ڳڻتي سبب مونکي
زناني تڪليف ٿي پئي هئي، جنهن لاءِ منهنجو علاج
هلندڙ هو. مونکي دوائن جي گهُرج هئي، پر اتي ڪو
ڊاڪٽر نه هو، ۽ نه وري ڪا عورت هئي، جنهن کان آئون
صلاح وٺي سگهان ها.
”توکي رات جو اڍائي بجين هتان روانو ٿيڻو آهي.“
سپرنٽينڊنٽ مون کي ٻڌايو، جيڪو 12 تاريخ رات جو
منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آيو هو. هن جي مُنهن مان ڊَپُ
پئي بَکيو. ”تون تياري ڪري وٺ.“
”اوهين مونکي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟“ مون پڇيو. ان
جو ڪوبه جواب نه مليو.
”منهنجي امان ڪٿي آهي؟“ مون وري پڇيو. وري به ڪو
جواب نه مليو.
پهريون ڀيرو آئون ڊَپُ ۾ وڪوڙجي ويس. مون اهي
افواهه ٻڌا هئا، ته جيل جو عملو ورلي ڪجهه قيدين
کي رات جو ريگستان ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ کين قتل ڪري ڇڏي
ٿو. پوءِ هنن جون ميتون دفنائي، سندن مائٽن کي
اطلاع ڏنو وڃي ٿو، ته سندن مائٽ جيل مان ڀڄڻ جي
ڪوشش ڪندي مارجي ويا آهن يا وري اوچتو دل جي دوري
پوڻ سبب مري ويا آهن. آئون جڏهن پهرين ريسٽ هائوس
۾ پهتيس، تڏهن مون پنهنجي گرفتاريءَ خلاف سنڌ هاءِ
ڪورٽ کي خط لکيو هو، ته مون کي اجازت ڏني وڃي ته
آئون پاڻ عدالت ۾ پنهنجي مقدمي جي پيروي ڪريان يا
وري مون ڏانهن ڪو وڪيل موڪليو وڃي. هاڻي آئون ڏاڍي
مايوس هيس، ته اهو خط منزل تي پهچڻ گهرجي.
”تون هيءَ خط ضرور عدالت ڏانهن موڪل.“ هڪڙي صبح جو
جڏهن مون حڪومت جي عملدارن جو انتظار پئي ڪيو،
تڏهن مون اهو هڪڙي جيلر کي سونپيندي چيو. هن
ماٺڙيءَ ڪري اهو خط وٺي، پنهنجي کيسي ۾ رکيو. مون
الله جا ٿورا مڃيا. جيڪڏهن هن اهو خط پهچايو ته
گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه لکيت ۾ موجود هوندي، ته آئون
ڪٿي هيس ۽ اتان مونکي ڪيڏانهن وٺي ويا هئا.
رات جو اڍائي بجين پوليس جي عورتن سان ڀريل هڪ
لاري آئي. ان سان گڏ پوليس ۽ فوج سان ڀريل ٽرڪون
پهتيون. اسين ڪارن شيشن واريءَ ڪار ۾ چڙهياسين،
جيڪا خالي رستن تان اهڙي ته تيز رفتاريءَ سان پئي
ڀڳي، ڄڻ اسان تي حملو ٿيڻ وارو هو. اوچتو اها ڪار
جهٽڪي سان بيهي رهي ۽ ٻطرفي ريڊيو تي ڪيترائي
ڀُڻڪا ۽ ڳالهيون ٿيون.
”هن کي رنوي تي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ مون اُهي هدايتون
ملندي ٻُڌيون. مون کي آٿت ٿي. گهٽ ۾ گهٽ آئون
هوائي اڏي تي ته آهيان. پر اُهي مونکي ڪهڙي طرف
وٺي ٿي ويا؟ تنهن وقت مونکي هوائي جهاز جي اچڻ وڃڻ
جو وقت ياد ٿي ويو هو ۽ اُها مهل پاڪستان جي ڪنهن
به حصي ڏانهن ڪنهن به هوائي جهاز جي اُڏام جي نه
هئي. شايد لاڙڪاڻي ڏانهن وڃبو. مون پاڻُ کي آٿت
ڏني. شايد هنن پنهنجي اُن ڳجهي ڪارروائيءَ کي ڌيان
۾ رکي خاص جهاز گهُرايو هو. آئون اُن جي لهڻ جي
اوسيئڙي ۾ ويٺي هيس. پر ڪوبه جهاز نه لٿو. ايئن
اُتي ويٺي مون کي چار ڪلاڪ ٿي ويا، نيٺ مون پرهه
جون باکُون ڦُٽندي ڏٺيون.
صبح جو ساڍي ڇهين وڳي رنوي تي مُسافرن جو هڪ عام
جهاز نروار ٿيو. مونکي جهاز ۾ چاڙهيو ويو. منهنجي
سِيٽ ڀرسان هڪ پوليس واري، ٻه منهنجي پُٺيان ۽ ٻه
وچ واري رستي طرف ويٺيون. ”اسين ڪيڏانهن پيا
وڃون؟“مون ايئرهوسٽيس کان پُڇيو. پوليس وارين هُن
جي جواب وچ ۾ ڳالهايو. ”تون گرفتار آهين، ۽ ڪنهن
سان به ڳالهائي نٿي سگهين.“
ڇا پئي ٿيو؟ ڪراچي جيل جي پنجن ڏينهن ۾ مون ڪابه
اخبار نه ڏٺي هئي، تنهنڪري مونکي سمجهه ۾ ئي نه
پئي آيو، ته امان ۽ مون سان ايتري سختي ڇو پئي ڪئي
وڃي. پر مونکي پڪ هئي ته ايم. آر. ڊيءَ ٺاهڻ ۽
ضياءَ سان اسان جي مقابلي جي خواهش جي نتيجي ۾
ڪيئي گرفتاريون ٿيون هيون. پر اُهو ڪهڙو سبب هو،
جو حڪومت اسان تي ايتري سختي پئي ڪئي؟ ۽ جهاز جي
ٻين مسافرن توڙي پوليس وارين جي چهرن تي اُهو ڊَپُ
ڇو پئي ڏسڻ ۾ آيو؟
ايئر هوسٽيس مونکي اخبار آڻي ڏني، جنهن ۾ ايم. آر.
ڊيءَ جون خبرون نه هيون، پر جهاز جي اغوا جون
خبرون هيون. اغوا ڪندڙن پنجونجاهه سياسي قيدين جي
آزاديءَ جي گهُر ڪئي هئي، ۽ جهاز کي ڪابل ۾ لاهڻ
جو حُڪم ڏنو هو، جتي هنن جهاز جي مسافرن مان هڪ
ڄڻي کي گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. اُهو فوتي فوجي
عملدار ميجر طارق رحيم هو، جيڪو ڪنهن وقت بابا جو
ايڊ ڊي ڪئمپ هوندو هو. پوءِ پائليٽ کي شام مُلڪ جي
دمشق شهر ڏانهن جهاز اُڏائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.
اغوا ڪندڙن هڪ ويڙهُو ٽولي ’الذوالفقار‘ جا ميمبر
هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. چيو ويو هو ته، الذوالفقار
جو مرڪز ڪابل ۾ هو، جتي منهنجا ڀائر رهندا هئا.
مضمون ۾ لکيل هو ته، اُن گروهه جو اڳواڻ منهنجو
ڀاءُ مير هو.
ايڪٽيهه، ٻٽيهه، ٽيٽيهه. وارن جي بُرش جا ست ڦيرا،
ستانوي، اٺانوي، ڏندڻ ڏيڻ وقت هڪ سؤ تائين انگ ڳڻ.
کُليل آڳنڌ ۾ هاڻي پندرهن منٽن تائين پسار ڪر.
ضابطو. اصول. اهو حر حالت ۾ قائم رکڻ گهُرجي.
منهنجي ڪوٺڙيءَ سامهون سيخن لڳل خالي ڪوٺڙين لڳ
قيدخاني جي ڪچي ۽ گندي اڱڻ ۾ کُليل ڪَسيون آهن.
جيلرن جو چوڻ آهي ته، جيل جو اُهو سڄو ڪمپائونڊ
منهنجي سبب خالي ڪرايو ويو آهي. حڪومت مون کي بنهه
اڪيلائپ ۾ رکيو آهي. روزانو جيلر منهنجي غار جهڙي
پڃري جو ڪُلف کولي منهنجي نيرن لاءِ ڇِڊي چانهه ۽
ماني، ٻنپهرن جو مهريءَ جي ڇِڊي دال، اوٻاريل
ڪَدُو، هفتي ۾ ٻه ڀيرا مڇيءَ جو ٽُڪرو، ڪڏهن
ٻنپهرن جو ڪڏهن رات جو کڻي اچن ٿا، ۽ وري مونکي
بند ڪري هليا وڃن ٿا. آئون ڪنهن ٻئي کي نٿي ڏسان،
سکر جيل جي هيڪلائپ واري قيد ۾ پنجن مهينن ۾ آئون
ورلي ڪنهن انسان جو آواز ٻُڌان ٿي، جيڪو مون کي
مايوس ڪندڙ خبرون ٻُڌائي ٿو. ”اڄ وڌيڪ پنجاهه
ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.“ جيل جا عملدار هفتي ۾
هڪ ڀيرو چڪر هڻڻ مهل مون تائين خبرون پهچائين ٿا.
”اڄ هڪ سياسي قيديءَ کي ڪَوڙا لڳڻا آهن.“
افغانستان ۾ روسي فوجن جي گهِڙي اچڻ جيان، هوائي
جهاز جي اغوا جو واقعو ضياءَ لاءِ گهڻي ڏُکئي وقت
تي ٿيو هو. هن کي حڪومت تان لاهڻ لاءِ عوام جي اُن
سخت مخالفت جي شروعات ۾ ضياءَ اُن واقعي کي پيپلز
پارٽيءَ جي دهشتگردي ڄاڻايو هو. اهو اهڙي وقت تي
ٿيو، جو ڪيئي ماڻهن جو ويچار هو ته اُن ۾ ضياءَ جو
هٿُ آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته اهو گهڻو سوڀارو ٿيو
هو. اغوا جي تيرهن ڏينهن کان پوءِ ۽ اغوا ڪندڙن جي
ڏنل پڇاڙڪي وقت کان ٻه ٽي منٽ اڳ جڏهن هنن جهاز کي
بم سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، حڪومت هنن جي
پنجونجاهه سياسي قيدي آزاد ڪرڻ واري مطالبي کي
مڃيندي، اُنهن قيدين کي ڇڏي ڏنو. تنهن وقت
پنجونجاهه قيدين جي ڪهڙي ڳالهه هئي. جڏهن ته حڪومت
پنجاهه هزارن سياسي مخالفن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو
۽ منجهانئن ڪيترن تي دهشتگرديءَ جا الزام هئا. ايم
آر ڊي جنهن مقصد هيٺ اڳتي وڌي هئي، تنهن جو ته
اخبار ۾ به ڪو ذڪر نه ٿي ٿيو. سڀيئي اخبارون هوائي
جهاز جي اغوا ۽ الذوالفقار جي خبرن سان ڀريل هيون.
سکر جيل جي ڪُلف لڳل ڪوٺڙيءَ ۾ مون کي اڃا به
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته، ضياءَ پيپلز پارٽيءَ ۽ خاص
ڪري امان ۽ مونکي الذوالفقار سان لاڳاپي ۾ ڏيکارڻ
جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي. ان بدران منهنجو سڄو ڌيان
پنهنجي آزاديءَ تي هو. مون تڏهن سُک جو ساهه کنيو،
جڏهن منهنجو وڪيل مسٽر لاکو مون وٽ سکر ۾ آيو، ته
جيئن منهنجي نظربنديءَ خلاف اپيل ٺاهي سگهجي. هڪ
ڀيرو وري هڪ ايماندار جيلر منهنجي مدد ڪئي. مون
سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جيڪو خط لکيو هو، سو نيٺ اُتي
پهچي ويو هو. پر جيلر ۽ مسٽر لاکو جي ڪيل ڪوششن جو
ڪوبه نتيجو نه نڪرڻ وارو هو.
مسٽر لاکو جي ملاقات کان ٽي يا چار ڏينهن پوءِ 23
مارچ تي فوجي حڪومت ”عارضي آئيني حُڪم“ ڪڍيو، جنهن
موجب ”جنرل ضياءَ وٽ اهڙا اختيار هئا، ۽ هوندا، ته
هو آئين ۾ تبديلي آڻي سگهي.“ اُن نئين حُڪم کي
ڪَتب آڻيندي ضياءَ هڪدم ديواني عدالتن جا اختيار
ختم ڪري ڇڏيا، ته جيئن اُتي مارشل لا جي ڏنل سزائن
جي شُنوائي ٿي نه سگهي. منهنجي طرفان مسٽر لاکو
معرفت ڪيل اپيل ۽ ٻئي هر سياسي قيديءَ جي اهڙي
اپيل هاڻي بلڪل اجائي هئي. هڪ فوجي عدالت ڪنهن به
قانوني گهُرجن کانسواءِ هاڻي اسان کي گرفتار ڪري،
مُقدمو هلائي ۽ سزا ڏئي، اُن جي تعميل ڪرائي پئي
سگهي.
اُن نئين عارضي آئيني حُڪم هيٺ ضياءَ هر قانوني
مخالفت کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ عدالتن جي به صفائي ڪئي.
هاڻي سڀني ججن لاءِ ضروري هو ته، اُهي مارشل لا ۽
چيف مارشل لا طور ضياءَ جي بالادستيءَ رکڻ لاءِ
قسم کڻن. جن ججن قسم کڻڻ کان نهڪار ڪئي، تن کي
هٽايو ويو. ٻين ججن کي قسم کڻڻ جي وجهه ملڻ کان اڳ
سندن عهدن تان هٽايو ويو. پاڪستان جي عدالتي سرشتي
جو چوٿون ٿنڀو، حڪومت جي اُن نئين حُڪم هيٺ نوڪرين
مان نڪتو. انهن ۾ اُهي به جج هئا، جن سياسي قيدين
جي موت ۽ سخت پورهئي وارين سزائن جي فتوائن کي رد
ڪيو هو. ”جيڪڏهن اختيارن کي عدالتي سرشتي سان ڀاڱي
ڀائيوار ڪرڻ جو سوال آهي، ته مونکي اهي نه گهُرجن.
”’گارجين‘ اخبار ضياءَ بابت لکيو هو. ”هنن جو ڪم
رڳو قانون جي چِٽائي آهي.“ عالمي قانوني انجمنن ۽
وري ايمنسٽي انٽرنيشنل حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو،
پر اُن جو ڪو نتيجو نه نڪتو. پاڪستان ۾ ديواني
قانون کي اثرائتي نموني ختم ڪرڻو هو. پوءِ وري
مسٽر لاکو کي مون سان ملاقات جي اجازت نه ملي هئي.
وقت ڪٺور، ورچائيندڙ. پنهنجي ذهني سُجاڳيءَ لاءِ
مون پاڻ سان ٿيندڙ هر اُن واقعي کي هڪڙي ننڍڙيءَ
ڪاپيءَ ۾ لکي ڇڏيو، جيڪا هڪ همدرد جيلر لڪائي
منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آندي هئي، جنهنڪري ٿورو وقت
گُذري ويندو هو. مونکي روزانو هڪڙي اخبار ملندي
هئي، جيڪا ’ڊان‘ هوندي هئي. اها سنڌ جي ننڍن شهرن
لاءِ ڇپجندي هئي. ’اها اخبار آهستي آهستي پڙهه-
لفظ به لفظ‘ آئون پاڻُ کي تاڪيد ڪندي هيس. وڌاءُ
واريون آکاڻيون، جمعي ڏينهن ٻارن لاءِ ڳُجهارتون.
ڀلارن ڏينهن بابت مضمونَ، شين ٺاهڻ ۽ کاڌا رڌڻ جون
ترڪيبون. پر هڪ ڪلاڪ ۾ آئون اخبار پڙهي پوري ڪندي
هيس.
”ڇا مونکي ’ٽائيم‘ يا ’نيوز ويڪ‘ ڏيئي سگهو ٿا؟“
جيل سپرنٽينڊنٽ جڏهن پنهنجي هفتيوار گشت تي آيو ته
مون کيس چيو.
”اُهي ڪميونسٽن جا رسالا آهن، جن جي هتي منع آهي.“
هن مونکي ٻُڌايو.
”اُهي ڪميونسٽن جا نه، پر سرمايدارن جي ڳڙهه مان
ڇپجن ٿا.، مون بحث ڪيو.
”اوهان وٽ لائبرريءَ ۾ ڪهرا ڪتاب آهن؟“ مون وري
ڪوشش ڪئي.
”هتي اسان وٽ لائبرري ناهي.“
جيئن مارچ پُورو ٿي اپريل شروع ٿيو، ته آئون اخبار
پهچڻ تي ڏڪڻ شروع ڪندي هيس. اخبار جي پهرئين صفحي
تي اڃا تائين جهاز جي اغوا جون خبرون هونديون
هيون، جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ مير جو هٿ ٻُڌايو ويندو
هو. مون هڪ انٽرويوءَ پڙهيو، جنهن ۾ مير پي. آءِ.
اي هوائي جهاز جي اغوا جي ذميداري مڃي هئي. هڪٻئي
انٽرويوءَ ۾ هُن اُن کان انڪار ڪيو هو. پر سڀني
سرڪاري اخبارن اهوئي پئي لکيو ته، الذوالفقار،
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هٿياربند جماعت آهي.
ڪيڏي نه ڪُوڙي تُهمت هئي اها! پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو بنيادي نظريو ئي اهو هو، ته سياست
ذريعي پُر امن تبديلي آندي وڃي. قاعدي قانون اندر
رهي ڪم ڪجي. اسان ڀلا عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ ايڏو
زور ڇو پئي ڏنو. اسان تي ضياءَ جيڪي اٽڪلون پئي
آزمايون، تن هوندي به اسين چونڊن وڙهڻ لاءِ ڇو
تيار هئاسين. هن جي مارشل لا جي موتمار سختين جي
موجودگيءَ ۾ اسان چونڊن تي ڇو زور ڏنو هو؟ عوام
جي دلين ۽ وفادارين تي ڪڏهن به ڏاڍ ۽ دٻاءُ سان
قبضو ڪري نٿو سگهجي. ضياءَ کي به ضرور اُن ڳالهه
جو پتو هو. پر حڪومت ايم آر ڊي، پاڪستان
پيپلزپارٽي ۽ ڀُٽو خاندان جي تباهي ۽ برباديءَ
لاءِ الذوالفقار بابت جيڪا ٿوري گهڻي سچائي هئي،
تنهن کي مروٽي سروٽي سامهون پئي آندو.
سکر جيل جي اُن ڪوٺڙيءَ جي اڪيلائيءَ ۾ مونکي پڪ
ٿيندي پئي وئي، ته حڪومت منهنجي قتل جون تياريون
پئي ڪري. جيل جي عملي مان هڪ ڄڻي مونکي ڏڪندي
ٻُڌايو هو، ته اُتي ئي فوجي عدالت ڳجهيءَ طرح
مقدمو هلائي، مونکي موت جي سزا ڏيندي. هڪ ٻئي
ملازم ٻُڌايو هو، ته ٻئي اڱڻ ۾ موت جي ڪوٺڙين کي
خالي ڪرايو پيو وڃي، ته جيئن مونکي اُن پاسي
اُماڻي سگهجي. هُن اُهو به ٻُڌايو هو، ته سکر ۾
چؤڪسيءَ کي سخت ڪيو پئي ويو، ڇو ته اهڙا افواهه
پکڙيل هئا ته منهنجي موت جي سزا جي اعلان ٿيڻ کان
پوءِ، منهنجا ڀائر مونکي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا. ٻيا
افواهه اُهي پکڙيل هئا، ته مون کي تُرت بلوچستان
جي هڪ عذاب گهر ۾ اُماڻيو ويندو، ته جيئن مونکان
اهو مڃرايو وڃي، ته پي آءِ اي جي جهاز کي اغوا
ڪرائڻ ۾ آئون به شامل هيس. ”تنهنجي لاءِ ڏاڍو
ڏُکيو وقت اچڻ وارو آهي.“ هڪڙي ڄڻي ڏاڍي همدرديءَ
سان منهنجي ڪَنُ ۾ ڀُڻڪيو. ”تون پنهنجي جياپي لاءِ
دُعا گهُر.“
انسپيڪٽر جنرل جيلز جڏهن انسپيڪشن لاءِ سکر ۾ آيو،
ته هُن به انهن افواهن جي پڪ ڪئي. ”ماڻهن کي عذاب
ڏيئي کين مڃرايو پيو وڃي، ته تون به الذوالفقار ۾
شامل آهين.“ سٻاجهي مُنهن ۽ اڇن وارن واري اُن شخص
مونکي ايندڙ جوکن کان آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”پر آئون ته بيگناهه آهيان. اُهي مون کي ڏوهي نٿا
ڪوٺي سگهن.“ مون سادگيءَ سان چيو. انسپيڪٽر جنرل
پنهنجو ڪنڌُ لوڏيو. ”مون پاڻ تنهنجي اباڻي شهر
لاڙڪاڻي جي هڪ ڇوڪري کي ڏٺو آهي، جنهن جي پيرن جا
نُنهن ڇِڪي ڪڍيا ويا آهن.“ هن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي
چيو. ”آئون چئي نٿو سگهان، ته ڪيترا ماڻهو اهڙا
عذاب سَهي سگهندا.“
مون مٿس ۽ جيل جي عملي تي ڀروسو ڪرڻ نه ٿي گهُريو.
جياپي لاءِ اها ڳالهه اهم آهي، ته سچائيءَ کي مڃڻ
کان انڪار ڪجي. سچائيءَ کي مڃڻ جو مطلب آهي:
ڌمڪيءَ کي مڃڻ. پر لاشعوري طرح منهنجي جسم اُن
ڇڪتاڻ جو اثر قبوليو، ۽ منهنجي جسماني صحت ويتر
خراب ٿي ويئي. جيئن ته منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ نويڪلائي
نه هئي، تنهنڪري جيل ۾ اچڻ کان پوءِ تُرت جيل
ميٽرن کي منهنجي زناني تڪليف جي سُڌ پئجي ويئي
هئي، تنهنڪري ليڊي ڊاڪٽر کي گهُرايو ويو. پر هُن
جيڪا پرک ڪئي، سا مونکي نه ٻُڌائي ويئي.
جيلر منهنجي لاءِ جيڪو کاڌو آڻيندا هئا، سو مون
کان کاڌو نه ويندو هو، جنهنڪري آئون اُهو ايئن ڇڏي
ڏيندي هيس. آئون ڪجهه به نه کائيندي هيس. پر مونکي
پڪ ٿي ويئي هئي ته آئون ٿُلهي پئي ٿيان. منهنجون
ڪُکيون ڀرجي ويون هيون، ۽ لڳو ٿي ته پاسراٽيون وڌي
ويون آهن. هاڻي مون ڀانئيو ته اها سموري خرابي بُک
مرڻ سبب ٿي هئي.
منهنجو وزن ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پئي ويو. جيل
اختياريءَ وارن کي مون ٻُڌايو هو ته، حڪومت مون کي
موت جي سزا ڏيڻ گهُري ٿي، اهو حال ڏسي ڏاڍي ڳڻتي
ٿي هئي، ته آئون اهڙيءَ حالت ۾ پاڻُ مري وينديس.
”پنهنجو سامان تيار ڪر. توکي ڪراچي موڪليو پيو
وڃي.“ سکر اچڻ کان پنج هفتا پوءِ 16 اپريل تي صبح
سوير جيل ميٽرن مونکي چيو.
”ڇو؟“ مون پُڇيو.
”تنهنجي صحت ٺيڪ نه آهي. اسين توکي ڪراچيءَ وٺي ٿا
وڃون.“
ڪراچي هوائي اڏي تي پوليس وارن مونکي ٻُڌايو، ته
اسين توکي گهر وٺي ٿا هلون. آئون نرالي سرهائيءَ
ڀانئڻ لڳيس. 70 ڪلفٽن. جيل جي هئڊي پاڻيءَ بدران
نِج اُجرو ٿڌو پاڻي. واڻ جي کَٽ بدران منهنجو
پنهنجو بسترو. لوهي سِيخن بجاءِ چار مضبوط
ديوارون. مون سمجهيو ته منهنجي سخت آزمائش پوري ٿي
وئي آهي. پر ايئن نه هو.
”هيءُ منهنجو گهر ناهي.“ ڊگهي سفر کان پوءِ مونکي
جڏهن هڪ اهڙي گهر ۾ آندو ويو، جيڪو منهنجو اڳ ڏٺل
ئي نه هو، تڏهن مون چيو.
”اسان چاهيون ٿا ته تون پهرين هڪ ٻئي ڊاڪٽر کي
پاڻُ ڏيکار.“ پوليس جي محافظن ٻُڌايو. ”پوءِ اسين
توکي تنهنجي گهر وٺي هلنداسين.“
ايتري ۾ مون هڪ اڻڄاتل چهري کي پاڻُ ڏانهن ايندي
ڏٺو. ”اوهين مونکي منهنجي گهر ڇو نٿا وٺي هلو، جتي
منهنجي ذاتي ڊاڪٽر منهنجي تپاس ڪندي؟“ پوليس وارن
اُن جو ڪو جواب نه ڏنو.
البت ڊاڪٽرياڻي جي شڪل ٻاجهاري هئي. ”سکر جي
ڊاڪٽرن جو ويچار آهي، ته توکي ڳِرڀ جو ڪينسر آهي.“
هُن تپاسڻ کان پوءِ مونکي هوريان چيو. ”پر مونکي
پڪ ناهي. اسان کي آزمائشي آپريشن ڪرڻي پوندي.“
ڪينسر؟ اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾؟ آئون اَويساهيءَ
وچان ڏانهس تَڪڻ لڳيس. ڇا اها ڪينسر جي ڌمڪي سچ
هئي؟ يا هڪ ڀيرو وري هنن مونکي ڀنڀلائڻ جي ڪوشش ٿي
ڪئي؟ ٻين سڀني ڊاڪٽرياڻين جيان هوءَ به حڪومت
طرفان رکيل ڊاڪٽرياڻي ئي ته هئي.
انهن ڳالهين وقت هُن هڪ پني تي پئي لکيو. ”تون
ڳڻتي نه ڪر. آئون تنهنجي دوست ۽ همدرد آهيان.“ اُن
پني تي لکيل هو، جيڪو هُن مون ڏانهن وڌايو.
”تون مون تي ڀروسو ڪري سگهين ٿي.“ پر ڇا آئون مٿس
ڀروسو ڪري سگهيس ٿي؟ مون وٽ ته ڪنهن تي ڀروسي لاءِ
ڪو هڪڙو سبب به نه هو.
”اوهان ٻُڌايو هو ته اوهين مونکي 70 ڪلفٽن وٺي
هلندا.“ جيپ ۾ ڪراچيءَ جي رستن تان لنگهندي مون
پوليس وارن کي چيو. ”پر هيءُ رستو ته اوڏانهن نٿو
وڃي.“
”تون گهر پوءِ وڃجانءِ.“ هنن چيو. ”پهرين اسين
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ توکي تنهنجيءَ امان سان ملاقات
لاءِ وٺي ٿا هلون.“
آئون ڏاڍي اُتاولي ٿيس. هڪ مهيني کان به مٿي اسان
جي گرفتاريءَ کان پوءِ مون امان کي نه ڏٺو هو، ۽
نه ئي وري هُن جو آواز ٻُڌو هو. مون کي هن سان
ڳالهائڻ جي ڏاڍي خواهش هئي: پاڻ بابت، ايم آر ڊي
جي صورتحال ۽ بغاوت جي انهن تُهمتن بابت، جيڪي
حڪومت اسان تي مَڙهڻ واري هئي.
”امان! امان!“ ريسٽ هائوس ۾ تڪڙو تڪڙو ويندي مون
سڏ ڪيو. ”امان، آئون پِنڪي آهيان. آئون آئي
آهيان.“
ڪوبه جواب نه آيو. هڪ ٻيو ڪُوڙ. ”تنهنجي امان ٻئي
وارڊ ۾ رهيل آهي.“ هڪڙي جيلر مونکي رازداريءَ سان
ٻُڌايو. مون هُن سان هڪدم ملڻ لاءِ درخواست ڏني
هئي، پر مونکي ڪڏهن به اُن جو جواب نه مليو. ٻئي
ڏينهن 70 ڪلفٽن ڏانهن وٺي وڃڻ بدران پوليس مون کي
هڪ عام اسپتال ڏانهن وٺي هلي. اُتي جا سڀيئي
لنگهه، جتي ماڻهن جا انبوهه پنهنجن مائٽن سان گڏ
آپريشن روم جي دروازي تائين گڏ وڃن ٿا، سُڃا ٿيل
هئا. پنهنجن مائٽن کانسواءِ مون ڏاڍي هيڪلائپ
ڀانئي. آپريشن کان پوءِ آئون جڏهن هوش ۾ آيس، تڏهن
اُتي پنهنجيءَ ڀيڻ صنم کي ڏسي مونکي گهڻي آٿت ٿي
هئي. حڪومت نيٺ هُن کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي، پر
هوءَ ڏاڍي پريشان ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
صنم ڀٽو:
اسپتال ڪُشادي ۽ وڏي هئي. مونکي ڪا ڄاڻ نه هئي ته
ڪيڏانهن وڃان ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ ڪنهن کان پُڇان.
جيئن مون هُن جو نالو ٿي ورتو ته، هرڪو وائڙو
ٿيندو پئي ويو ۽ مون ڏانهن چِتائڻ ٿي لڳو. آئون
ڏاڍو ڊڄي ويس. آئون ته ڪيترن مهينن کان پنهنجي گهر
مان به ٻاهر نه نڪتي هيس. تنهن وقت پاڪستان ڀوائتو
ملڪ هو، خاص ڪري هر اُن ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جو
نالو ڀُٽو هو. پر مونکي ڪنهن ٻئي هنڌ به وڃڻو نه
هو.
”اوهان مهرباني ڪندي منهنجي واهرُ ڪيو.“ هڪ نه ختم
ٿيندڙ ڪمري ۾ مون هر هڪ ماڻهوءَ کي چيو. ”هيڏانهن
وڃ، هوڏانهن وڃ.“ هنن مونکي چيو. اوچتو مون ڪنهن
عورت کي رڙيون ڪندي ٻُڌو. ”يا الله، اها ته منهنجي
ڀيڻ آهي.“ مون پنهنجي ڀرسان بيٺل هڪ عورت کي چيو.
”اها تنهنجي ڀيڻ نه آهي. هوءَ ته ننڍڙي آپريشن
لاءِ هتي آيل آهي.“ اُن عورت وراڻيو، جيڪا بيشڪ
جاسُوس هئي. ”رڙيون ڪندڙ مائيءَ جو ويم پيو ٿئي.“
مونکي پڪ هئي ته اُها پِنڪي آهي. مونکي بلڪل خاطري
هئي. آئون رڙين جي اُن آواز ڏانهن ڊوڙي ويس ۽ ڏٺم
ته هُن کي اسپتال جي ٽراليءَ تي کنيو آپريشن روم
مان تيزيءَ سان ٻاهر هال ۾ آندو پئي ويو. هُن جي
چؤڌاري پوليس وارا هئا. هن جي ٻانهن ۽ نَڪ مان رٻڙ
جون نَليون پئي لڙڪيون. ”اُهي مونکي قتل ڪري
ڇڏيندا! اُهي بابا کي قتل ڪندا!“ اڌ بيهوشيءَ ۾
هُن رڙيون پئي ڪيون. ”هنن کي جهليو! ڪير آهي جيڪو
هنن کي روڪي!“
مون هُن جي مٿي تي هڪ اڇو وار ڏٺو. منهنجي لاءِ
اها حد ٿي ويئي هئي. آخري حد! هُن کي ڪيترن ئي
ورهين تائين قيد ۾ رکيو ويو هو، بلڪل هيڪلائپ جي
قيد ۾. ۽ اُن عيوض هُن کي ڇا مليو هو؟ هڪڙو اڇو
وار.
هُن جي هوش ۾ اچڻ تائين آئون سنديس ڀرسان ويٺي
هيس. مون سمجهيو هو ته اها ٽپهري هن وٽ رهڻ جي مون
کي اجازت ڏني ويندي. پر هنن مونکي اُتي اڌ ڪلاڪ
تائين ترسڻ ڏنو. واپس ويندي آئون هُن جي
ڊاڪٽرياڻيءَ سان مليس. ”تون پنهنجيءَ ڀيڻ کي
ٻُڌاءِ، ته هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ مون
کي ٻُڌايو. پر مونکي اهو وجهه ڪڏهن به نه مليو.
اُن ٽپهريءَ جو هُن کي واپس ڪراچي سينٽرل جيل ۾
وٺي ويا.
ڪَنن ۾ ڪَڙڪاٽ پيا ٻڌجن. اکين اڳيان اوندهه اچي ۽
وڃي پئي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اکيون کولڻ سان مونکي
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، هڪ پوليس واري منهنجي هينڊ بئگ
کي چڪاسيندي، اُن مان هڪ ننڍڙو نوٽ بُڪ ڪڍي ٿي،
جنهن ۾ مون سکر ۾ ڪجهه ڳالهيون لکيون هيون. ”تون
ڇا پئي ڪرين؟“ آئون جهيڻائي سان کانئس پُڇا ٿي.
هوءَ ڇِرڪ ڀري مون ڏانهن نهاري ٿي. ”ڪجهه به نه.“
هوءَ چوي ٿي ۽ نوٽ بُڪ وري واپس منهنجي بئگ ۾ رکي
ٿي. جڏهن هوءَ وڃي ٿي ته ڇهين حِس مونکي بستري تان
اُٿڻ تي مجبور ڪري ٿي. بخار ۾ ٻَرندي ۽ وِڦلندي
آئون پاڻ گهِليندي پوئيءَ ۾ وڃان ٿي ۽ نوٽ بُڪ
ساڙي ڇڏيان ٿي. هڪ ڪلاڪ ۾ پوليس جو هڪ مرد ۽ هڪ
عورت واپس اچن ٿا. ”تنهنجيءَ ڀيڻ توکي ڪجهه ڏنو
آهي. ڪٿي آهي اُهو؟“ اُهي سمجهن ٿا ته، اُهو نوٽ
بُڪ هو. ”مونکي ڄاڻُ نه آهي. اوهين الائي ڇا ٿا
چئو.“ آئون چوان ٿي. ”تون ڪُوڙ ڳالهائين ٿي. “اُهي
رڙڪندي چون ٿا، ۽ منهنجي هئنڊبئگ ۽ ڪپڙن کي چڪاسين
ٿا. جڏهن کين ڪجهه به هٿ نٿو چڙهي، ته سندن ڪاوڙ
وڌي وڃي ٿي.
”اُٿ، تڪڙ ڪر.“ ٻيءَ صبح جو پوليس جون ٻه عورتون
رڙيون ڪندي چون ٿيون. آئون اُٿڻ وقت ڏاڍي هيڻائيءَ
ڀانئيان ٿي. ”ڊاڪٽرياڻيءَ چيو هو ته اٺيتاليهه
ڪلاڪن تائين مونکي چُرڻ به نه گهُرجي.“ آئون ڪوشش
ڪري اعتراض ڪريان ٿي. پوليس ٿورو به ڌيان نه ٿي
ڏيئي ۽ منهنجون ٻٽي شيون بئگ ۾ اُڇلائي ٿي. پوءِ
اُهي مون کي تڪڙ ۾ ڪار ۾ چاڙهين ٿا، ۽ وري جهاز ۾
ويهارين ٿا. ڀانئيان ٿي ته ٻُڏندي پئي وڃان. هنن
جا آواز آئون ڏُور کان ايندي ٻُڌان ٿي. اونداهيءَ
جون لهرون مون ڏانهن وڌنديون پيون اچن. مهرباني
ڪري مونکي انهن ۾ ٻُڏڻ نه ڏيو. آئون بيهوش ٿيڻ نٿي
چاهيان. پر آئون اونداهيءَ ۾ ڪِري پوان ٿي. ڪيترن
ئي ڪلاڪن کان پوءِ سکر ۾ منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ مون کي
جڏهن هوش اچي ٿو ته، آئون آواز ٻُڌان ٿي. ”هيءَ
جيئري آهي.“ وچ ۾ هڪ ٻيو آواز ٻُڌجي ٿو. ”هن کي
ايترو تڪڙو آڻڻ نه کپندو هو.“ آئون وري به
اونداهيءَ ۾ ٻُڏي وڃانٿي. پر هن ڀيري اها ايتري
ڀوائتي نه آهي. آئون بچي وئي آهيان.
تنهن وقت مونکي اها ڄاڻُ نه هئي ته آئون ڪيتري
سڀاڳي هئس. پيپلز پارٽي حڪومت جي اڳوڻي وزير ڄام
صادق علي، جيڪو لنڊن ۾ سياسي جلاوطن هو، ڪيترا
ورهيه پوءِ مونکي ٻُڌايو هو ته آئون جڏهن ٿوري وقت
لاءِ اسپتال ۾ داخل هيس، تڏهن هُن کي فون تي ڪنهن
ڏاڍي مايوس آواز ۾ ٻُڌايو هو ته، ”ڪجهه ڪريو. هنن
کيس آپريشن جي ميز تي قتل ڪرڻ جي سازش ٺاهي آهي.“
جنهن تي هُن هڪ اخباري ڪانفرنس ڪوٺائي منهنجي
زندگيءَ بابت خطري کان کين آگاهه ڪيو، جنهن سبب
حڪومت مونکي مارڻ جون جيڪا سازش جوڙي هئي، سا اڌ ۾
رهجي ويئي.
آپريشن کان پوءِ ڪيترن هفتن تائين آئون سکر ۾ ٿڪل
۽ هئڊي ٿي پئي هيس. مون کان ته هليو به نٿي ٿيو.
جيل ۾ هيٺيون عملو مون سان هاڻي کُليءَ طرح همدردي
ڪرڻ لڳو. هنن پاڻُ کي وڏي جوکي ۾ وجهي هڪ پين، هڪ
نئون نوٽ بُڪ ۽ ’نيوز ويڪ‘ مخزن جون ٻٽي ڪاپيون به
لڪائي آڻي مونکي ڏنيون. هڪڙي ته مونکي تازو ميوو
به آڻي ڏنو. مون ڪوشش ڪري گهڻي ۾ گهڻو وقت انهن
واقعن کي لکڻ ۾ گهاريو، جيڪي سکر کان ٻاهر پئي
ٿيا. مون اُهي ڳالهيون نوٽ بُڪ ۾، اخبارن جي خالي
حصن ۽ مونکي هٿ چڙهندڙ هر پني جي ٽُڪري تي لکيون.
اوچتي چڪاس جي ڊَپُ کان ڊڄي روزانو رات جو جيلر
اُهي ڪاغذ پاڻُ سان کڻي ويندا هئا. جيڪڏهن ڪا شيءِ
لڀجي پوي ها، ته سندن نوڪري جوکي ۾ پئجي وڃي ها.
آئون انهن ڪاغذن جي موٽي ملڻ لاءِ صبح تائين
اوسيئڙو ڪندي هئس.
جيل ڊائرين مان ساروڻيون:
20 اپريل 1981ع: اُردو اخبار ’جنگ‘ جنهن جي
پُٺڀرائي حڪومت ڪري ٿي، وڏن اکرن ۾ مير مرتضيٰ
ڀُٽو سان بي بي سيءَ جو ڪيل انٽرويوءَ ڇاپيو آهي،
جنهن ۾ هُن چيو آهي ته جهاز جي اغوا مهل آئون ڪابل
۾ هئس، پر مونکي اها خبر اغوا ٿيڻ کان پوءِ ملي
هئي. مير مرتضيٰ چيو ته سندس ماءُ ۽ ڀيڻ جيڪي
پاڪستان ۾ آهن، سي الذوالفقار کي بلڪل نٿيون مڃين.
هو پاڻ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ڪم نٿو
ڪري ۽ هُن جا پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ سان ڪنهن به قسم
جا لاڳاپا نه آهن.“
21 اپريل 1981ع: ’ڊان‘ اخبار: گُذريل رات آسٽريليا
جي ريڊيي تازو بمبئي ۾ مير مرتضيٰ جي حوالي سان
ٻُڌايو آهي ته سندس الذوالفقار تنظيم، جنهن کي
پاڪستان لبريشن آرمي به سڏيو وڃي ٿو، ”پاڪستان کي
ڊانواڊول ڪري سگهي ٿي.“۽ هاڻي هنن حڪومت ڊاهڻ لاءِ
دهشتگرديءَ کان ڪم وٺڻ جو وچن ڪيو آهي. مير چيو ته
الذوالفقار پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻيون چوونجاهه
ڪارروايون ڪيون آهن، جن ۾ ڪراچي اسٽيڊيم ۾ پوپ جي
اچڻ کان اڳ بم اُڇلائڻ واري ڪارروائي به شامل آهي.
سندس تنظيم جو مرڪز ڪابل ۾ هئڻ واري پُڇيل سوال جي
جواب ۾ هن چيو ته ”اسين پاڻ ته اُتي رهون ٿا، پر
اسان جو خاص مرڪز پاڪستان ۾ آهي.“
اها خبر لکندي منهنجي دل ٻُڏندي پئي وئي. آئون
جيڪر مير سان ڳالهائي سگهان ها، کيس ڏسي سگهان ها.
پنج ورهيه ٿي ويا هئا. مونکي رڳو اها سُڌ هئي ته
اخبارن ۾ جيڪي تصويرون ڇپيون هيون، تن مان مير ۽
شاهنواز هاڻي ڪهڙا ٿي ڏسڻ ۾ آيا. مير جي ڪاوڙ ۽
مايوسيءَ کي جيترو مون سمجهيو هو، ته هُن جي اُنهن
بيانن، کڻي اُهي هن ڏنا هئا يا حڪومت سندن غلط
مطلب سمجهيو هو. منهنجي لاءِ ۽ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي ٻين ميمبرن لاءِ وڏا جوکا پيدا پئي
ڪيا. ضياءَ انهن کي بهاني طور واپرائي، پاڪستان
پيپلز پارٽيءَکي ميساري پئي سگهيو. هُو منهنجن
ڀائرن تائين نٿي پُهچي سگهو، پر هو اسان تائين
پهچي سگهيو ٿي.
28 اپريل تي مير کي پاڪستان ۾ ”وڌيڪ خطرناڪ
گهُربل“ ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ جيل جي
انسپيڪشن ڪندي ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اوچتو
مون سان ملاقات لاءِ آيو. منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ان مهل
هُن سان گڏ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻيو عملو هو. اسين
رُڳو ٻه ڄڻا ڪوٺڙيءَ ۾ پيل ٻن ڪُرسين تي ويٺاسين.
”مونکي جيل ۾ ڇو وڌو ويو آهي؟“ مون کانئس پُڇيو.
”الذوالفقار سبب.“ هُن وراڻيو.
”الذوالفقار سان منهنجو ڪو ناتو ناهي.“
”اسان کي الذوالفقار جو خاڪو تنهنجي ڪمري مان
مليو، جنهن ۾ سمورو تفصيل ڄاڻايل آهي.“ هُن چيو.
مونکي هُن جي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي.
”هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ تائين مون الذوالفقار جو
نالو به نه ٻُڌو هو.“ مون پنهنجيءَ ڳالهه تي زور
ڏيندي ٻُڌايو.
”الذوالفقار سان تنهنجن لاڳاپن، اسٽيڊيم ۾ بم
اُڇلائڻ ۽ لالا اسد بابت هاڻي ڪورٽ ئي فيصلو
ڪندي.“
لالا اسد؟ سنڌ ۾ شاگرد تنظيم جو نائب صدر؟ آئون
لالا اسد کي سُڃاڻندي هيس. هو خيرپور ۾ انجنيئريءَ
جو شاگرد هو. مونکي ته ويساهه ئي نه ٿي آيو، ته
هُن کي به الذوالفقار ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪڏهن
واقعي اهڙو ڪو گروهه موجود هو. پر ظاهر آهي ته
حڪومت الذوالفقار بهاني گهڻي ۾ گهڻن پيپلز پارٽيءَ
جي وفادارن مان پنهنجي جند ڇڏائڻ ٿي گهُري. هڪ ٻئي
شخص کي به اغوا ڪندڙن سان جُٺ هجڻ جي ڏوهه ۾
گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن لاءِ ڊپٽي مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر جو چوڻ هو، ته اهو شخص ناصر بلوچ هو.
ناصر بلوچ ڪراچي اسٽيل مِلز ۾ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو مزدور اڳواڻ هو.
”اڄ صبح جي ڳالهين مان آئون اُن نتيجي تي پهتي
آهيان.“ هُن جي وڃڻ کان پوءِ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾
لکيو، ”ته حڪومت سمجهي ٿي ته الذوالفقار ۾ شريڪ
هجڻ سبب مون اسٽيڊيم ۾ بم اُڇلائڻ لاءِ لالا اسد ۽
ٻين سان گڏجي سازش ڪئي هئي. مونکي اُن ڳالهه تي
ويساهه نٿو اچي. اهو ڏاڍو ڀوائتو ۽ عجب جهڙو ويچار
آهي. بيڏوهي پيڙهجن پيا ۽ ڏوهي راڄ پيا ڪن. دنيا
ڏاڍي نرالي آهي.“
ٻئي ڏينهن پوءِ حالتون وڌيڪ مايوسيءَ واريون ٿي
پيون هيون.
”ڪاغذن مان ثابت ٿيو آهي ته، ڀُٽو عورتن کي
ڪارروائيءَ جي ڄاڻُ هئي.“ جنگ اخبار وڏين سُرخين ۾
لکيو. هڪ سيڪنڊ لاءِ منهنجي دِل بيهي رهي، ۽
منهنجي ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ ٿڌي لهر ڊوڙي وئي. اهو
پڪ سان اُن ’خاڪي‘ ڏانهن حوالو هو، جنهن لاءِ ڊپٽي
مارشل لاءِ ائڊمنسٽريٽر دعويٰ ڪئي هئي، ته اُهو
منهنجي ڪمري مان هٿُ آيو هو. ظاهر آهي ته حڪومت
ڀُٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ تي هڪ ٻئي مقدمي
هلائڻ لاءِ قوم کي تيار پئي ڪيو.
”ڀانئجي ٿو ته اسين اوڙاهه ۾ ڦاسي پيا آهيون.“ 30
اپريل تي مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”پهرين
الذوالفقار ۽ مير بابت خبر لوڏي ڇڏيو ۽ هاڻي حڪومت
جو اهو پڪو ارادو ته اسان کي هڪ اهڙي ڏوهه جو
ڏوهاري ثابت ڪري، جيڪو اسان ڪيو ئي نه آهي. هنن
بابا سان به اهوئي ڪيو هو. هاڻي اُهي اُن ڏوهه کي
وري ورجائڻ گهُرن ٿا، جنهن کي دنيا ڊوهه ئي سمجهي
ٿي. يا شايد ضياءَ جو ويچار آهي، ته دنيا کي ڄاڻُ
ئي نه پوندي، ته اهو ڊوهه آهي. پر اصل اهميت سچ جي
آهي، پر اُن جي پڌرائيءَ لاءِ هڪ فوجي عدالت ڪهڙو
وجهه ڏيندي. اسان کي سياسي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ
کان پوءِ ضياءَ اسان جي جسماني تباهي ۽ برباديءَ
جا سانباها پيو ڪري. ”اسان کي مِٽائڻ لاءِ حڪومت
ظلم ۽ زبردستيءَ جي جنهن انتها تائين پهتي هئي،
تنهن جي ڄاڻ مونکي تڏهن نه پئي هئي.
ڪراچيءَ جو بلديا سينٽر ۾ ڊويزن 555. لاهور جو
قلعو ۽ لاهور ۾ برڊووڊ بئرڪون. اُتر پنجاب ۾ اٽڪ
جو قلعو. راولپنڊيءَ کان ٻاهر چڪلالا ايئر فورس
بيس. مَچ جيل ۽ خالي ڪئمپ بلوچستان ۾. پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي حامين جي ذهنن ۾ توڙي ايمنسٽي
انٽرنيشنل ۽ انساني حقن جي بچاءُ ڪندڙ تنظيمن جي
وڌندڙ ڳڻتي ڏيکاريندڙ رپورٽن ۾ انهن عذاب گهرن جا
نالا پئي ڦِريا، ته امان کي، مونکي ۽ پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ کي الذوالفقار۾ ڦاسايو ويندو.
ڪيئي ورهين کان پوءِ مونکي سُڌ پئي ته انهن عذاب
گهرن ۾ ڪهڙيون جُٺيون ٿينديون هيون: زنجير. برف
جون وڏيون ڇِپون. قيدين جي نازڪ عضون ۾ ڳاڙهيون
مرچون وجهڻ . پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان ٿيندڙ
جُٺين جون ڳالهيون ٻُڌي ۽ انسان جي انهن ظالماڻين
حرڪتن جو سوچي، مونکي ڏاڍي بڇان ٿي هئي. پر ضياءَ
جي مارشل لا حڪومت جي ظلم هيٺ عوام جيڪي سختيون
سَٺيون هيون، تن کي لکڻو ئي آهي!
فيصل حيات، وڪيل، زميندار، پنجاب مان قومي
اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر:
12 اپريل 1981ع تي صبح جو اڍائين وڳي پوليس جي هڪ
سپرنٽينڊنٽ ۽ فوج جي جاسوس کاتي جي هڪ ڪرنل چار سؤ
پوليس وارن سان گڏ لاهور ۾ اسان جي گهر کي گهيرو
ڪيو. نوڪرن کي مارڪُٽ ڪندي، اُهي سڀيئي گهر ۾ ڪاهي
پيا. هنن منهنجيءَ ڀيڻ کي، جنهن جو تازو جيري جي
آپريشن ٿي هئي. هنڌُ مان گهِلي ٻاهر ڪڍيو. هنن
منهنجيءَ امان کي به سنديس ڪمري مان گهِلي ٻاهر
ڪڍيو ۽ منهنجي سُمهڻ واري ڪمري جو دروازو ڀڃي
ڇڏيو. ”هيءَ الذوالفقار جو مرڪز آهي.“ هنن مونکي
ڳچيءَ مان جهلي چيو. ”اسن هتي آيا آهيون، ته جيئن
تنهنجي گهر هيٺ ذخيرو ڪيل راڪيٽ لانچرَ، بزوڪا، سب
مشين بندوقون ۽ بارود ضبط ڪيون“ آئون وائڙن جيان
هنن ڏانهن ڏسڻ لڳس. ”اوهان کي جيئن وڻي تيئن
جهَڙتي وٺو.“ مون چيو. ”هيءُ ٻارن ٻچن وارو گهر
آهي، نه ڪي ڪو مرڪز. هن گهر ۾ ته هيٺيون طبق به
ڪونهي.“ پر هنن مونکي گرفتار ڪيو.
مون پهريان ڇهويهه ڪلاڪ کاڌي پيتي کانسواءِ جيل ۾
گهاريا. پوءِ مونکي اکين تي پَٽي ٻَڌي لاهور قلعي
۾ وٺي ويا، جيڪو مُغلن جي زماني وارو سِرن جي
ديوارن جو ساڍا چار سؤ ورهيه آڳاٽو قلعو آهي. تاج
محل جي خالق شاهجهان لاهور قلعي ۾ آرسين جَڙيل هڪ
سُهڻو محل ٺهرايو هو. آئون پنهنجي گهر ڀاتين سميت
مغل بادشاهن جي ٺهرايل انهن شاندار شامينن هيٺ ۽
وڻندڙ ڦوهارن لڳ، گرمين ۾ پسار ڪندو هوس. پر هوائي
جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ لاهور قلعو ڀوائتو عذاب
گهر ليکجڻ لڳو هو. اهو پاڪستان ۾ ايئن هو، جيئن
انقلاب کان اڳ فرانس ۾ بئسٽل جيل.
اسين ڪُل پنجويهه يا ٽيهه ڄڻا هئاسين، جن کي ساڳئي
وقت گرفتار ڪيو ويو هو: پنجاب پيپلز پارٽيءَ جو
ائڊيشنل سيڪريٽري جنرل جهانگير بدر، شوڪت محمود
جنرل سيڪريٽري، ناظم شاهه سيڪريٽري ماليات، اڳوڻو
وزير مختيار اعواڻ، سڀيئي وڏا سرڪاري عملدار. اها
بيحد افسوسناڪ صورتحال هئي.
هر ٻئي ڏينهن مونکي پُڇاڻي لاءِ وٺي ويندا هئا. پر
ڪهڙي وقت؟ تنهن جو مونکي ڪڏهن به پتو نه پيو. هو
صبح جو ڇهين وڳي ايندا هئا، شام جو ويندا هئا، يا
آڌيءَ رات جو ايندا هئا، تنهن جو مونکي پتو نه
پيو. جيتوڻيڪ اسين اڳواٽ ئي قيد ۾ هئاسين. پر اسان
کي هٿڪڙيون هڻي پنجاب جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي
چيف آف آرمي اسٽاف برگيڊيئر راهب قريشي ۽ صوبائي
جاسوس کاتي جي عملدار عبدالقيوم وٽ ايذاءُ ڏيڻ
لاءِ وٺي ويندا هئا. انهن ٻن ماڻهن جا نالا ۽ چهرا
مونکي سڄي ڄمار ياد رهندا.
”اسين اوهان کي پنهنجي حياتيءَ بچائڻ جو هڪڙو وجهه
ڏيون ٿا.“ مونکي پنهنجي اڳيان زوريءَ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ بيهارڻ کان پوءِ هنن چيو. ”تون اڃا نوجوان
آهين، ۽ سٺي گهراڻي مان آهين. توکي اڃا گهڻو وقت
جيئرو رهڻو آهي. توکي رڳو هوائي جهاز جي اغوا
واري مقدمي ۾ بيگم نصرت ڀُٽو ۽ مس بينظير ڀٽو خلاف
شاهدي ڏيڻي آهي.“
مون انڪار ڪيو ته هنن مونکي وڏيون لالچون آڇيون.
”تنهنجو سياست سان ناتو آهي، اسين توکي وزارت وٺي
ڏينداسين.“
”تنهنجا ڪپڙي جا ڪارخانا آهن.“ هنن چيو. ”تو هڪ
نئين ڪارخاني کولڻ جي جيڪا اجازت گهُري هئي، سا رد
ڪئي ويئي، ڇو ته تون سياست ۾ حصو وٺين ٿو. هاڻي
اسين توکي اها اجازت وٺي ڏيون ٿا. تون شاهوڪار ٿي
ويندين.“
پر جڏهن آئون لاڳيتو انڪار ڪندو رهيس، ته هنن ٻيا
ڦَند اُڇلايا. ”اسين توکي پنجويهن ورهين جي قيد جي
سزا ڏيئي سگهون ٿا.“ هو مونکي دڙڪا ڏيڻ لڳا. ”اسان
جي حڪومت فوجي آهي. اسان کي ڪنهن به شاهديءَ جي
گهُرج نه آهي. اسين هتي ۽ هينئر ئي توکي سزا ڏيئي
سگهون ٿا.“
مون هڪ پنج فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري ڪوٺڙيءَ ۾ ٽي
مهينا گهاريا، جنهن کي ڪُلف لڳل هوندو هو. منهنجو
قد ڇهه فوٽ هجڻ سبب مون ڪڏهن به نه رات جو ۽ نه ئي
ڏينهن جون ٽنگون ڊگهيون ڪيون هيون. مون واري حصي ۾
چار هڪجهڙيون ڪوٺيون هيون، جن جا سِيخن لڳل دروازا
اولهه طرف هئا. ٻنپهرن کان سج جي تپش 115 ڊگرين
تائين وڌي ويندي هئي، ۽ اسان جو ساهه ٻوساٽبو هو.
گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪا واٽ ئي نه هئي. انهن
ڪوٺڙين کان ٻاهر ٿَلهن تي بجليءَ جا پکا رکيل
هوندا هئا، جن جي هوا گرميءَ جي اُن لنگهه مان
ٿيندي اسان تائين پهچندي هئي، ته ڄڻ باهه لڳندي
هئي.
منهنجا چَپ سُڄي پيا ۽ منجهن ايترو ته سُور هو، جو
آئون پاڻيءَ به پيئي نه ٿي سگهيس. منهنجي چمڙيءَ
تي ڦلوڪڻا نڪري آيا ۽ سڄي جسم تي مُنهن کان وٺي
پِيرن تائين گول ۽ ڪارا داڻا ٿي پيا هئا. هڪڙي
ڏينهن مايوسيءَ وچان مون پنهنجي قميص لاهي اُس کان
پاڻُ بچائڻ لاءِ لوهي سِيخن تي ٽنگي ڇڏي، ته
پهريدار اُها لاهي کڻي ويا. اُها قميص ٽن ڏينهن
تائين وٽن هئي.
منهنجي ڪوٺڙيءَ لڳ ٻين ڪوٺڙين ۾ رکيل ٻيا هڪ ٻئي
پُٺيان جهولي جي سَٽ سَهي نه سگهيا ۽ آئون کين
بيهوش ٿيندي ۽ وِڦلندي ٻُڌي پئي سگهيس. آئون هنن
سڀنيءَ ۾ ننڍو هوس ۽ منهنجي ڄمار ستاويهه ورهيه
هئي، جنهن سبب مون گهڻو وقت جٽءُ ڪيو هو. پر ٻن
مهينن کان پوءِ آئون بيهوش ٿي ڪِري پيس. ٻن ڏينهن
کان پوءِ مونکي جڏهن هوش آيو، ته مون پاڻ کي زمين
هيٺان ٺهيل تهه خاني ۾ ڏٺو، جتي جيل جي عملي هڪ
عارضي اسپتال ٺاهي هئي. ڊاڪٽرن کي جڏهن خاطري ٿي
ته آئون هوش ۾ آيو آهيان، ته هنن مونکي واپس
پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ موڪليو.
تُرت ڏينهن جي ڀيٽ ۾ اسان جون راتيون وڌيڪ عذاب ۾
گُذرڻ لڳيون. اسان مان ڪنهن وٽ به بسترو نه هو ۽
نه ئي ڪا فراسي هئي. اسين اُن ڪوٺڙيءَ جي سيمنٽ
واري ڀڳل فرش تي اُن بدبودار سوراخ لڳ ڪرونڊڙا ٿي
ليٽندا هئاسين، جيڪو پائخاني لاءِ هوندو هو.
ماڪوڙيون، ڪاڪروچ، چِيچيون، ڪُوئا ۽ ٻيا ڪيترائي
زمين ۾ رهندڙ جِيت اسان مٿان پيا هلندا هئا. گرمي
۽ تپش کان ته اسان کي واندڪائي ئي نه ملندي هئي.
جيل وارن ست فوٽ اوچي ڇِت ۾ پنج سؤ واٽ وارو بلب
هڻي ڇڏيو هو، جيڪو سڄيءَ رات پيو ٻرندو هو.هنن
انهن بلبن جا ساڪيٽ ڇِت ۾ اندر هنيا هئا، ته جيئن
اسين انهن تارن ۾ هٿُ وجهي آپگهات نه ڪريون. آئون
ڀانئيان ٿو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ها، ته آئون آپگهات
ڪريان ها.
منهنجي صحت تيزيءَ سان ڊَهڻ لڳي. اُتي صحت صفائيءَ
جون حالتون ايتريون ته خراب هيون، جو ڪنهن جو به
اُتي جيئرو رهڻ اچرج جهڙي ڳالهه هئي. اسان کي جيڪو
کاڌو ملندو هو، سو دروازي جي سِيخن کان ٻاهر رکندا
هئا، ۽ اسان کي اهو ڏهن سيڪنڊن ۾ کائڻو پوندو هو.
کاڌي ۾ واريءَ ۽ پٿريون مليل ماني ۽ مکين مليل
پاڻيءَ جهڙو شوروو ملندو هو. مون تي ڪيترائي ڀيرا
دَست، مليريا ۽ ڪالرا جا حملا ٿيا هئا. هڪ ڀيري
منهنجو بخار 105 ڊگرين تائين وڃي پهتو. منهنجو مٿو
سُور وچان ڦاٽڻ لڳو هو ۽ رات جو بلب جي روشنيءَ
سبب منهنجيون اکيون چيرجڻ لڳيون هيون، تنهنڪري اُن
تڪليف کان آئون دانهون ڪرڻ لڳس. منهنجو جسم ڪڏهن
باهه ته ڪڏهن برف جهڙو ٿي ويو ٿي ۽ آئون لاڳيتو
بيمار رهيس. ڪيترائي ڏينهن آئون پنهنجين اُلٽين جي
ڪِنَ ۾ پيو هوس.
”ڏس، هتي توکي سنڀاليندڙ ڪوبه نه آهي.“ برگيڊيئر
قريشي ۽ ميجر جنرل قيوم هڪ ڏينهن مونکي چيو.
پُڇاڻي واري ڪمري ۾ مون اُن ڄاتل سُڃاتل شخص ڏانهن
اکيون ڇينڀي ڏٺو، جيڪو منهنجي اڳيان بيٺل هو. اُهي
پاڻ سان گڏ منهنجيءَ ماءُ کي وٺي آيا هئا.
”هن کي پنجويهه ورهيه جيل جي سزا ملندي.“ منهنجيءَ
ماءُ کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر چيو. ”پورا پنجويهه
ورهيه، جيڪڏهن هيءُ ڀٽو وارن خلاف شاهديءَ ڏيڻ
لاءِ تيار نه ٿيندو.“
امان جي اکين مان ڳوڙها پئي وَهيا. هوءَ ڏاڍي
ڏُکويل عورت هئي، ڇو ته هُن جي سنڊوءَ کي عذاب
ڏيئي مُلڪ ڇڏڻ تي مجبور ۽ سندس پُٽ کي تباهه ڪيو
ويو هو ۽ اسان جون خانداني ٻَنيون سُڪي بنجر ٿي
ويون هيون، جو حڪومت اُتي جو پاڻيءَ بند ڪري ڇڏيو
هو. پر اُن سڃائيءَ هوندي به هوءَ سٻاجهي ۽ ڏاڍي
مهرباني عورت هئي. اُن ڏينهن هُن جيڪا پنهنجي
روحاني قوت ڏيکاري، سا مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي.
”فيصل، هنن جي دڙڪن ۽ ڌمڪين کان نه ڊڄ.“ امان سندن
اڳيان مونکي چيو. ”هنن آڏو جهُڪي پنهنجي مرضيءَ
خلاف نه وڃ. تون بلڪل ايئن ڪر، جيئن تنهنجو ضمير
توکي چوي ٿو.“
”منهنجو الله ۾ پڪو ويساهه آهي.“ مون هُن کي
ٻُڌايو. ”اُهي ماڻهو عام انسانَ آهن. جيڪڏهن
منهنجي مُقدر ۾ پنجويهن ورهين جو قيد لکيل آهي، ته
آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. پر آئون ڀُٽو خاندان جي
ڀروسي کي ڇيهو نه رسائيندس.“
آئون هنن کي ڇيهو پهچائي نه ٿي سگهيس. لاهور جي
قلعي ۾ قيد ڪوبه سياستدان ايئن نٿي ڪري سگهيو.
اسين سڀيئي سُٺن گهراڻن مان هئاسين ۽ اسان جي
مذهبي ۽ سرڪاري خدمتن جي ڊگهي تاريخ هئي. اسين
پڙهيل لکيل هئاسين. سماج ۾ اسان جو نالو ۽ رُتبو
هو، عزت هئي. حڪومت جي سڀني لالچن ۽ ڌمڪين هوندي
به اسين ڪڏهن به ڪُوڙ ڳالهائي بيعزتيءَ جي حياتيءَ
گُذاري نٿي سگهياسين.
ڪوبه اڳوڻو سرڪاري عملدار، ڀُٽو عورتن خلاف ڪُوڙي
شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ٽن مهينن کان پوءِ
نيٺ اختياريءَ وارا ٿڪجي پيا، ۽ هنن اسان کي مڪاني
ضلعي جي جيلن ۾ اُماڻي ڇڏيو. مونکي لاهور جي اُتر
طرف چاليهه ميل پري گجرانوالا جيل ۾ وڌيڪ ٻن مهينن
لاءِ موڪليو ويو. حڪومت کي اها همت ئي نه پئي ٿي،
جو اسان کي لاهور قلعي مان سِڌو آزاد ڪري ٻاهر
موڪلي ها. اسان جي حالت سبب اُهي پاڻ بُڇڙا ٿين
ٿا.
قاضي سلطان محمود، فليش مئن هوٽل راولپنڊيءَ جو
اڳوڻو ملازم ۽ راولپنڊي شهر ۾ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري:
چيئرمين ڀٽو جي موت خلاف هڪ احتجاجي جلوس جي
اڳواڻيءَ جي ڏوهه ۾ مونکي اڳ ۾ ئي سينٽرل جيل
ميانوالي ۾ هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ملي هئي.
هوٽل ۾ مون تي گولي هلائي ويئي هئي، جنهن جو مونکي
هرجاڻو نه ڏنو ويو، ڇو ته آئون پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو ڪارڪن هوس. هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان
پوءِ مونکي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ پهرين راولپنڊيءَ
جيل ۾، پوءِ گجرانوالا جيل ۾ ۽ اُتان وري لاهور
قلعي ۾ رکيو ويو. اُهو ڏاڍو ڀوائتو جيل هو.
”مس ڀُٽو ۽ الذوالفقار ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي،
ٻُڌاءِ.“ جيل اختياريءَ وارن هر ڀيري مونکان پُڇيو
هو. مون جڏهن هنن کي ٻُڌايو ته هنن مون سان اُن
بابت ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي ۽ مون کي جهاز جي
اغوا بابت ڪا ڄاڻُ نه آهي، تڏهن هنن مونکي چمڙي جي
پَٽن سان ڦٽڪا هنيا ۽ بانس جي لڪڙن سان منهنجو مٿو
ڪُٽيو. اِها ته اڃا رُڳو ابتدا هئي.
آئون ننڍڙو ماڻهو آهيان. منهنجو قد ٽي فوٽ ۽ تورَ
چوويهه ڪلو آهي، تنهنڪري مون سان تماشو هنن لاءِ
ڏاڍو سولو هو. جڏهن مون سندن ڪُوڙ نه ٿي مڃيو، ته
هنن منهنجن هٿن ۾ ڳريون هٿڪڙيون وجهي حُڪم ٿي ڏنو،
ته آئون پنهنجيون ٻانهون مٿي ڪريان. منهنجون
ٻانهون ننڍڙيون آهن، جنهنڪري کين مٿي ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندي، آئون فرش تي ڪِري ٿي پيس. اُن تي هنن منهنجي
مٿان چڙهي وڏا وڏا ٽهڪ ٿي ڏنا. اڪثر اُهي منهنجي
پيٽ جي ماس کان جهلي مونکي فرش تي اُڇلائيندا هئا،
يا وري بال جيان هڪ ٻئي ڏانهن ٿُڏيندا هئا.
اُهي منهنجين اکين تي پَٽي ٻَڌي چؤڌاري وٺي ويندا
هئا ۽ مونکي ڪابه ڄاڻ نه پوندي هئي. ”جيڪڏهن تون
اهو نه ٻُڌائيندين ته ڀُٽو عورتون الذوالفقار ۾
شامل آهن، ته پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسين.“
اهڙن موقعن تي اُهي مونکي چوندا هئا. مون جڏهن
انڪار ڪيو ته هنن مونکي ٽنگ کان جهلي جيل جي اوچي
ديوار ۾ ٽنگي ڇڏيو. ”تون ڇو ٿو مرڻ گهُرين؟“ هنن
چيو. ”رُڳو هن اقراري بيان تي صَحي ڪر.“ ”اوهين
ماٺ ڇو ٿا ڪريو، مونکي قتل ڪيو. مون کين جواب ڏنو.
”پر آئون اوهان کي ڇا ٻُڌايان، جنهن جي پاڻُ مونکي
ڄاڻُ نه آهي.“
هنن پنجٽيهن ڏينهن تائين لاڳيتو مونکي اهڙا عذاب
ڏنا هئا. هنن جو وڻندڙ ظلم اهو هوندو هو، جو اُهي
مونکي اُگهاڙو ڪري پنهنجي اڳيان بيهاريندا هئا، ۽
منهنجين ٽنگن وچ ۾ هڪ وڏي لٺ ڏيئي چوندا هئا، ته
اُن تي چڙهي بيهه. منهنجي لاءِ ايئن بيهڻ ممڪن ئي
نه هوندو هو ۽ ٻن ٽن منٽن ۾ ئي آئون مُنهن ڀَر وڃي
ڪِرندو هوس. منهنجي نَڪ ۽ ڏندن مان رَت کي وهندو
ڏسي اُهي ٽهڪ ڏيندا هئا.
”واهه واهه! تون ته ڪو وڏو ليڊر ٿو ڏسجين.“ هو مون
تي ٽوڪ ڪندا هئا. ”تو ۾ ڀلا ڇا هو جو ڀُٽو صاحب
توکي پسند ڪندو هو؟ تون ته اهڙو شخص آهين، جو
ماڻهو توکي ڌِڪارين. تون ته موچارو به نه آهين.
ضرور ڪا خاص ڳالهه آهي، جيڪا تون ڳجهي طرح
الذوالفقار لاءِ ڪرين ٿو.“ ايئن چئي اُهي مونکي
لتون هڻندا هئا ۽ ماريندا هئا. منهنجي پُٺيءَ، هٿن
۽ ٽنگن جا گهاوَ خراب ٿي ويا هئا، پر پوءِ به هنن
مونکي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي موڪل نه ڏني.
مون پنجٽيهه ڏينهن ٻيا اڪيلائپ جي قيد ۾ گهاريا،
جتي مونکي اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ٻاهران ڪُلف
ڏنو ويو هو. اُن ڪوٺڙيءَ ۾ گندگي هئي، اها هڪ قبر
جيان هئي. مون کي ٿورڙو کاڌو ڏنو ويندو هو. هڪ
سُڪل نان يا ماني ۽ پاڻياٺي دال. اُهو کاڌو دروازي
جي هڪ ننڍڙي ٽُنگ مان مون ڏانهن اُڇلائي ڏيندا
هئا. آئون قداور نه هئڻ سبب ان ٽُنگ تائين پهچي نه
سگهندو هوس. تنهنڪري آئون کاڌو هيٺ گندي فرش تان
کڻندو هوس. هو منهنجي لاءِ روزانو هڪ ڪوپ چانهه جو
به اُتان ڪيرائيندا هئا. آئون ڪوپ کي جهٽڻ جي ڪوشش
ڪندو هوس، پر اهو سدائين ڪِري پوندو هو. قسمت چڱي
هوندي هئي، ته اُن ۾ هڪ ٻه ڍُڪ چانهه بچي پوندي
هئي، جيڪا آئون پيئندو هوس. منهنجي مٿي ۽ پيرن ۾
ٻَڦو ۽ خارش ٿي پيئي هئي.
ٻن مهينن کان پوءِ جڏهن مونکي ڇڏيو ويو ته،
راولپنڊيءَ ۾ ٻين سياسي قيدين جي مانَ ۾ ڪوٺايل هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ مون تقرير ڪئي. مون اُن تقرير ۾ انهن
خوفناڪ حالتن ۽ ڀوائتي ورتاءُ تي ڳالهايو هو، جن
سان ضياءَ حڪومت ۾ سياسي قيدين جو ناتو پوندو هو.
اها خبر لنڊن جي ’گارجين‘ اخبار ۾ ڇپي، ۽ ايسوسي
ايٽيڊ پريس ذريعي دُنيا ۾ پکڙجي ويئي هئي. مونکي
وري گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڪيلائپ جي قيد ۾
رکيو ويو، جتي آئون ٻه ورهيه چار مهينا بند هوس.
پوءِ مليٽري سمري ڪورٽ مونکي ٽن ورهين جي سخت
پورهئي سان سزا ڏيئي، پهرين ملتان جيل ۽ پوءِ اٽڪ
جيل ۾ رکيو. نيٺ 15 جون 1985ع تي آئون آزاد ٿيس.
تڏهن کان منهنجا ڀاڻيجا منهنجا مدد ڪن ٿا، ڇو ته
مونکي اڃ اتائين حڪومت مُلڪ دشمن سمجهي ٿي. پر
آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪندو رهان ٿو.
آئون اُن تان ڪڏهن به هٿُ نه کڻندس. جيستائين
جيئرو آهيان، تيستائين بينظير ڀُٽو جو ساٿُ ڏيندس.
پرويز علي شاهه، هاڻي نائب صدر پاڪستان پيپلز
پارٽي سنڌ، اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو برک
ميمبر ۽ هفتيوار مخزن ’جاويد‘ جو ڇپائيندڙ ۽ چيف
ايڊيٽر
24 مارچ 1981ع تي مون پنهنجن پُٽن سان ڪرڪيٽ راند
پئي کيڏي، ته هڪ بنا نمبر پليٽ ڪار اسان جي ڀرسان
آئي ۽ منجهانئس سادن ڪپڙن ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن مونکي
ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيو. هنن پاڻ کي پوليس جا ماڻهو
ٻُڌايو، پر وٽن ڪوبه وارنٽ نه هو. اُهي منهنجي
خاندان کي ٻُڌائڻ کانسواءِ مونکي پاڻ سان وٺي ويا.
اُن کان اڳ به آئون ٽي ڀيرا گرفتار ٿيو هوس.
پهريون ڀيرو پنهنجي ٻاهٺ ورهين جي ڪُراڙي والد سان
گڏ 18 آڪٽوبر 1977ع تي جڏهن ضياءَ پهريون ڀيرو
چونڊون ملتوي ڪيون هيون. تڏهن پوليس سان ڀريل
ڪارُون ۽ جيپون اسان جي گهر خيرپور ۾ آيون هيون،
جتان آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي
صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو هوس. ”اڳتي
وڌو.“ پوليس اسان کي حُڪم ڏنو هو. هنن منهنجي والد
جي هڪ ٻانهن ۽ منهنجيءَ ٻانهن ۾ هٿڪڙي وجهي اسان
کي شهر جي گهٽين ۽ رستن تان پنڌ وٺي هليا هئا.
جڏهن ته اسان پويان سندن ڪارون ۽ جيپون هيون. رستي
ڀرسان ماڻهن جا ميڙاڪا ٿي ويا، جيڪي اسان کي اچرج
وچان ڏسڻ لڳا هئا. عادي ڏوهارين سان به اهڙي جُٺ
نه ٿيندي هئي. اسين ته هڪ سُٺي گهراڻي مان هئاسين.
پهرين ته مونکي ايترو شرم ٿيو هو، جو مون پنهنجو
رومال ڪڍي هٿڪڙين تي ويڙهي ڇڏيو هو. پر جڏهن مونکي
ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسڻ ۾ آيا هئا، تڏهن مون
اُهو رومال لاهي ڇڏيو هو. پوءِ پنجويهن ڏينهن
تائين ٿاڻي جي فرش تي سُمهڻ کان پوءِ هڪڙي ميجر
مونکي آزاد ڪيو، پر هُن منهنجي والد کي هڪ سال قيد
جي سزا ڏيئي سکر جيل ۾ موڪلي ڇڏيو هو. هڪ سال پوءِ
ڀُٽو صاحب کي آزاد ڪرائڻ جي سڏ تي خيرپور ۾ جڏهن
هزارين ماڻهن پاڻ کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ اڳيان ٿيا
تڏهن اُهي وري آيا هئا. اُن وقت آئون گهر ۾ نه
هوس، پر پوليس وارا گهريلو عورتن جي انهن ڪمرن ۾
به گهِڙي ويا هئا، جتي اڳ ڪڏهن به ڪو ڌاريو شخص نه
ويو هو. هنن اُتي ڪٻٽن مان سامان ڪڍي ٻاهر اُڇلايو
۽ خانا فرش تي اونڌا ڪيا. پوءِ هنن مونکي پنهنجي
هڪ دوست جي شاديءَ مان اچي گرفتار ڪيو ۽ هڪ اهڙي
ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو، جيڪا ڏهه فوٽ ڊگهي ۽ ست فوٽ
ويڪري هئي، ۽ جتي ايڪيهه ماڻهو ٻيا به بند ٿيل
هئا. مون تي باهه ڏيڻ جو الزام مڙهيو ويو. جڏهن
کين اُن جا ڪي به شاهد نه مليا، تڏهن هنن مون تي
ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي تُهمت مڙهي، مونکي هڪ سال قيد
جي سزا ڏني.
پر 1981ع واري گرفتاري وڌيڪ خراب هئي. تڏهن مونکي
اکين تي پٽي ٻَڌي ڪراچيءَ کان خيرپور سينٽرل جيل
ڏانهن وٺي ويا، جنهن ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳا هئا. اُتي
مونکي ٽن ڏينهن تائين بُکيو رکيو ويو. پوءِ وري
اُتان به مونکي ڪڍي پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ هڪڙيءَ
رات جو ڪراچيءَ ۾ فريئر پوليس ٿاڻي تي وٺي ويا.
”گهٽ ۾ گهٽ مونکي هڪڙو ڪوپ چانهه جو ته پياريو.“
مون پوليس وارن کي ليلائيندي چيو. ”توکي هر شيءِ
555 ۾ ملي ويندي.“ هنن ورنديءَ ۾ چيو. 555 ڪراچيءَ
۾ سي آءِ اي جو بدنام مرڪز هو.
هڪ ڀيرو وري مونکي پوليس جي لاريءَ ۾ چاڙهيو ويو.
اُن ڀيري مونکي هڪ بنهه انڌاري ڪوٺڙيءَ ۾ ڇڏيو
ويو، جنهن جي ڇِت سان ذري گهٽ منهنجو مٿو ٿي لڳو.
جيئن منهنجو پير ٻين قيدين مٿان پيو، ته هنن رڙيون
ڪندي چيو ته، ”سنڀالي اچ.“ مونکي سُڌ ئي نه هئي،
ته اسين سڀيئي اُن اوندهه ۾ گهڻا ڏينهن ڳاهٽ ٿيو
پيا هئاسين.
هڪ ڏينهن مونکي انٽر سروس انٽيليجينس جي ڪرنل سليم
وٽ وٺي ويا. هن مونکي ڪاغذ جو هڪ ٽُڪرو ۽ پينسل
ڏني. ”لکي ڏي ته مس بينظير جي چوڻ تي بم اُڇلايو
ويو هو ۽ بيگم ڀُٽو جو جهاز اغوا ڪرائڻ ۾ هٿ آهي.“
هُن مونکي چيو. ”آئون اها ڳالهه ڪيئن لکي ڏيان،
جنهن جي مونکي ڪابه ڄاڻ نه آهي.“ مون جواب ڏنو. هن
وري چيو. مون به انڪار ڪيو. اُن تي هن لالا خان کي
اندر گهُرايو، جيڪو 555 ۾ عذاب ڏيڻ لاءِ مشهور هو.
هُن منهنجون ٽنگون ڪاٺ جي شڪنجي ۾ چمڙي جي پٽين
سان ٻَڌي، هڪ ڊگهي ڪاٺ جي ڏنڊي سان منهنجن گوڏن جي
ڍڪڻين کي ڪُٽڻ لڳو. سُور جيئن پوءِ تيئن وڌندو
ويو، ايتريقدر جو منهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
”مونکي بم ڌماڪي يا جهاز اغوا جي ڪابه ڄاڻُ ناهي.“
آئون ليلائڻ لڳس. پر لالا ڌَڪن مٿان ڌڪ هڻندو ويو.
جڏهن هن بس ڪئي، تڏهن آئون ڪابه ٽنگ چوري نه
سگهيس. ”اُٿي بيهه. نه ته تون ڪڏهن به هلي نه
سگهندين.“هن لاپرواهيءَ سان مونکي چيو.
پوءِ مونکي هڪ ٻي ڪوٺڙيءَ ۾ موڪليو ويو. اڪثر
جاسوسي کاتي جي چئن شاخن جا عملدار مون وٽ اچي
چوندا هئا ته بينظير ۽ بيگم صاحبا خلاف بيان ڏئي،
پر منهنجي انڪار تي اُهي وري لالا کي گهُرائيندا
هئا. ڪڏهن اُهي مونکي ويهاري ٻين ماڻهن کي اونڌو
ٽنگي ايترو ته ماريندو هو،جو اُهي دانهون ڪندا
هئا. ڪڏهن وري مونکي ايئن ٽِنگي ڇڏيندو هو، جو رڳو
منهنجن پيرن جا نُنهن زمين تي لڳندا هئا ۽ آئون
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽنگيو پيو هوندو هوس. گهڻو ڪري رات
جو منهنجي ڪوٺڙيءَ چؤڌاري بيٺل پهريدار مونکي ننڊ
ڪرڻ نه ڏيندا هئا، ۽ اجايا سجايا سوال پڇندا هئا،
۽ جواب نه ملڻ تي لَڪڻ سان چُنگ ڏيندا هئا. جڏهن
آئون بنهه ٿڪجي پوندو هوس ۽ پاڻيءَ جي ٻن گلاسن
پيئڻ ۽ روزانو پاڻيءَ جهڙي دال کائڻ سبب بُک ۾
پاهه پيو ٿيندو هوس. تڏهن پُڇندڙن سان گڏ مونکي
ماني کائڻ جي دعوت ملندي هئي. ”تون پاڻ کي ڏس. تون
پڙهيل لکيل شخص ۽ سُٺي گهراڻي مان آهين.“ آئون جيل
جي گندن ڪپڙن ۾ جڏهن اُن شاندار کاڌي ۽ گرم چانهه
جي ڪوپن اڳيان ويهندو هوس. تڏهن اُهي مونکي چوندا
هئا. ”تون ڳالهه کي مُنجهائين ڇو ٿو؟ تون رڳو اهو
چئو ته بينظير ۽ بيگم ڀُٽو جو هوائي جهاز اغوا
ڪرائڻ ۾ هٿ آهي. پوءِ هيءُ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.“
مون جڏهن انڪار ڪيو، تڏهن هو مون کي اُتان وٺي ويا
۽ عذاب ڏيڻ لڳا. ٽن مهينن کان پوءِ مونکي ڪراچي
سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو، جتان پوءِ خيرپور، اُتي
منهنجن مائٽن کي مون سان مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملاقات
جي اجازت ڏني ويئي هئي. مونکي ست ڀيرا فوجي عدالت
آڏو آندو ويو، پر حڪومت کي شاهد نه ملي سگهيو هو،
۽ نه ئي اُهي مون تي تُهمتون مڙهي سگهيا هئا.
فيبروري 1985ع ۾ حڪومت نيٺ مونکي ”پاڪستان جي
سلامتي ۽ نظريي خلاف سياسي راءِ جوڙڻ“ جي ڏوهه ۾
هڪ سال جي سزا ڏني. مون پهرين جيڪي چار ورهيه قيد
۾ گهاريا هئا، تن جو لکيت ۾ الزام به مونکي نه
مليو هو. منهنجي گهر واري ڪراچيءَ ۾ ننڍي ڪاروبار
۽ ٽن ٻارن جي سارسنڀال جي ذميدارين سبب بيمار ٿي
پئي هئي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ ۾ پرويز علي شاهه
کي ’ضمير جو قيدي‘ ڄاڻايو ويو هو. ايم آر ڊي جُڙڻ
۽ هوائي جهاز اغوا ٿيڻ کان پوءِ اُن ڀوائتي دؤر ۾
ڪيترن ئي ٻين لاءِ به اهو ئي ڄاڻايو ويو هو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل اها رپورٽ به پڌري ڪئي هئي، ته
1981ع جي سڄي سال ۾ پاڪستان ۾ سياسي قيدين تي
ٿيندڙ ظلم ۾ اوچتو واڌ اچي وئي هئي. اهو ظلم گهڻو
ڪري شاگردن، سياسي ڪارڪنن، مزدور جماعتن جي ماڻهن
۽ سياسي جماعتن سان لاڳاپيل وڪيلن تي ٿيو هو. پر
هوائي جهاز جي اغوا کان پوءِ قيدين ۾ هڪ نئين قسم
جو واڌارو پڻ ٿيو هو. 1981ع ۾ پهريون ڀيرو ايمنسٽي
انٽرنيشنل کي اهڙيون اخباري رپورٽون مليون ته ”چئن
سياسي قيدياڻين کي ايذاءُ ڏنا ويا هئا. اُهي قيدي
عورتون هيون: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل
اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گهر واريون ناصر رانا ۽ بيگم
عارف ڀٽي، ڪارڪن فرخندا بخاري ۽ مسز صفوران، جيڪا
ڇهن ٻارن جي ماءُ هئي.“ آئون انهن سڀني کي
سُڃاڻندي هيس.
ناصر رانا، 13 اپريل، لاهور
منهنجو مُڙس ايم آر ڊيءَ جو ميمبر هو. اپريل جي
اوائل ۾ هو ڪراچيءَ ويل هو، ته اوچتو هڪڙي ڏينهن
پوليس منهنجي ڪمري ۾ ڌوڪيندي آئي. ”ڪير آهين تون؟“
ڊپُ وچان مون اُن ماڻهوءَ کان پُڇيو، جيڪو منهنجي
مٿي تي بندوق رکيو بيٺو هو. هُن کي وردي به پاتل
نه هئي، پر هڪ کليل قميص ۽ ڪاري پتلون پاتل هئي.
هُن جي ڳچيءَ ۾ جيڪا سوني زنجير پيل هئي، سا اڃا
تائين منهنجي اکين اڳيان پئي ڦِري.
”آئون توکي ٻُڌائيندس ته آئون ڪير آهيان.“ هُن
دڙڪو ڏيندي چيو. ”آئون پاڪستاني فوج جو ميجر
آهيان.“ هن بندوق جي نال سان منهنجي پيشانيءَ تي
دٻاءُ وڌو، جنهن سبب مونکي تڪليف ٿي. مون اُن کي
پري ڌِڪيو، ته هُن مونکي ان جي ڪنداق سان ڌڪ هنيو
۽ منهنجي هٿ ۽ آڱرين جون هڏيون ڀڄي پيون. اُهو ڏسي
منهنجي ٻارهن ورهين جي ڌيءَ رڙيون ڪرڻ لڳي.
”تنهنجو مُڙس ڪٿي آهي؟“ هُن وري دڙڪو ڏئي پُڇيو.
جڏهن ته ٻيا فوجي گهر جو سامان ڦلهوڙڻ لڳا. ”هو
هتي ڪونهي.“ مون هُڻ کي وراڻيو. هُن وري بندوق جي
ڪنداق سان مون تي اُلر ڪئي. ”ڳجهي رستي جو دروازو
ڪٿي آهي؟“ هن چيو. ”هتي ڪوبه ڳجهو رستو ڪونهي.“
مون جواب ڏنو. هن مونکي ۽ منهنجي ڌيءَ کي ڪمري ۾
بند ڪري ٻاهران ڪُلف ڏنو ۽ پوءِ سڀيئي هليا ويا.
پندرهن ڏينهن کان پوءِ اُهي وري موٽي آيا.
”هل اسان سان. تون گرفتار آهين.“ پوليس جي هڪ
ائڊيشنل سپرنٽينڊنت ۽ هڪ مڪاني مئجسٽريٽ چيو.
”اوهان وٽ وارنٽ آهن؟“ هن کانئن پُڇيو.
”اسان پاڻ وارنٽ آهيون.“ هنن وراڻيو.
اُهي مونکي جيل ڏانهن وٺي ويا، جتي هنن مونکي
سڄيءَ رات پيرن ڀَر بيهڻ تي مجبور ڪيو هو. هر
ڪلاڪ کان پوءِ پڇاڻي لاءِ هڪ نئون ماڻهو ٿي آيو.
”تنهنجو مُڙس بينظير ڀٽو ۽ بيگم ڀٽو جيان
الذوالفقار جو ميمبر آهي. اسان کي پتو آهي ۽ اها
سچائي آهي. تون پڪ ڪر. مڃ.“
ڪيترائي ڪلاڪ لنگهي ويا، پر آئون ڪُڇيس ئي نه. هنن
جيڪي به چيو ٿي، تنهن جو مون ڪوبه اثر نٿي ورتو.
مون پنهنجا گوڏا ڏڪندي ڀانئيا، ۽ آئون پنهنجي
ڀرسان پيل ڪُرسيءَ ڏانهن وڌيس. ”پري ٿيءُ.“ هنن رڙ
ڪئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ مونکي لاهور قلعي ۾ وٺي
ويا ۽ هنن مونکي هڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو.
اُتي هڪ ٻي سياسي قيدياڻي بيگم ڀٽي به هئي، جنهن
جو مُڙس پنجاب حڪومت جو مالياتي وزير رهي چڪو هو.
بيگم عارف ڀٽي:
اسان کان حڪومت جي يارهن مختلف ايجنسين جي ماڻهن
پُڇاڻو ڪيو. ”تنهنجو مُڙس ڪٿي آهي؟“ اُهي رڙيون
ڪري پُڇندا هئا. ”اِهو دهشتگرد ڀٽو عورتن سان گڏ
آهي.“
جيل عملي اسان کي سڄيءَ رات سمهڻ نه ڏنو. اها اسان
جي ٽين رات هئي، جو اسان اکُ به نه پُوري هئي.
”توکي ننڊ ناهي ڪرڻي. مسز رانا.“ هن اسان جي
ڪوٺڙيءَ ۾ دانهون ڪري ۽ سِيخن تي ڏنڊا هڻي چيو.
”سُجاڳ ٿي، بيگم ڀٽي.“
ٻئي ڏينهن اسان کي جاسوسي کاتي جي عملدار ميجر
جنرل وٽ وٺي ويا. اُتي به ساڳيا سُوال پُڇيا ويا.
اسان به ساڳيا جواب ڏنا. هڪ موقعي تي ميجر جنرل
قيوم اسان کي وارن کان جهلي مٿو ديوار سان هنيو.
”اوهان جا مُڙس ڪٿي آهن؟“ هن رڙ ڪري پُڇيو.
”مونکي ڪا خبر نه آهي.“
هن ٻَريل سگريٽ اسان جي ٻانهن تي رکيا ۽ ٿوريءَ
دير ۾ اسان کي پنهنجي گوشت سَرڻ جي بُوءِ آئي.
”اوهان جا مُڙس ڪٿي آهن؟“
آئون بيهوش ٿيڻ لڳيس. پري کان مون ناصرا کي دانهون
ڪندي ٻُڌو.
”اسين اوهان جو ضد ٽوڙينداسين.“ ميجر جنرل قيوم رڙ
ڪئي. بيهوش ٿيڻ کان اڳ مون اُهي آخري لفظ ٻُڌا.
ناصر رانا:
اسين لاهور جي قلعي ۾ پنج هفتا هيونسين. اهي سال
جا ڏاڍا گرم ڏينهن هئا. سج جي تپش ڏاڍي ساڙيندڙ
هئي. ”اسين جيڪي پُڇون ٿا. سو هاڻي اوهين ضرور
ٻُڌائينديون.“ هنن اسان کي ٻنپهرن جو وچ اڱڻ ۾
پهريدارن جي نظرداريءَ ۾ ڇڏيندي چيو. اُتي اسين
ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون هيونسين. اسان جي اکين اڳيان
ڪارا ٽُٻڪا نچڻ لڳا. مٿو ڦِرڻ لڳو ۽ ڄِڀُ سُڪي
سُڄي پئي. پهريدارن اسان اڳيان ٿڌو پاڻي ٿي پيتو ۽
ٽهڪ ٿي ڏنا. هڪ ڪلاڪ گُذري ويو. ٻيو ڪلاڪ به.
الائي اسين اُتي ڪيترو وقت بيٺين هيونسين. هر ٽن
ڪلاڪن کان پوءِ پهريدار بدلي پئي ٿيا.
اُهي اسان کي ٽي ڀيرا خاص ڪمري ۾ وٺي ويا هئا.
اُتي اسانجي ڪَرائين جي چؤڌاري اسپينج ٻَڌي اُن ۾
بجليءَ جون تارون هنيون ويون. هر ڀيري ڪجهه سيڪنڊن
کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا هنن انهن تارن ذريعي اسان
کي بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا. اسان جا جسم ڪرونڊڙا ۽
سخت ٿي ويا ٿي. منهنجو ڀڳل هٿ پٽيءَ ۾ هو ۽ ڏاڍو
نِستو هو. نيٺ آئون رڙين ڪرڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيس. ”اسين تنهنجي پيءُ کي عذاب ڏيڻ لاءِ هتي
آڻينداسين.“ هنن دڙڪا ڏنا. ”اسين تنهنجي ڌيءَ کي
به وٺي اينداسين.“ بجليءَ جا جهٽڪا ٻن ڪلاڪن تائين
ايندا رهيا.
بيگم ڀٽي:
اسان جي ڪوٺڙيءَ ۾ نه کٽ هئي، نه ئي بسترو. هنن
اسان کي هڪ ڳُوڻ ڏني هئي. مون جڏهن اُها فرش تي
وڇائي ته اُن مان هڪ ٽي فوٽ ڊگهو نانگ وراڪا ڏيندو
ٻاهر نڪتو. ”رڙ نه ڪر.“ مون ناصرا کي هوريان چيو.
پر نانگ کي ڏسي مونکي گهڻي ڪاوڙ آئي. مون اُن کي
ڳُوڻ ۾ جهلي سوگهو ڪيو ۽ زور سان ديوار ۾ هنيو ۽
پوءِ اُن جي مُنڍي مِروٽي ڇڏي. پوليس واريءَ جڏهن
اهو ڏٺو، ته کانئس دانهن نڪري ويئي.
پوءِ جيل اختياريءَ وارن ڪوشس ڪئي، ته اسين اُن
بيان تي صَحيون ڪيون، ته اُهو نانگ هنن نه آندو
هو، پر اهو پاڻ ڪوٺڙيءَ ۾ آيو هو. اسان اُن بيان
تي صَحي کان انڪار ڪيو.
اوهين بينظير ڀٽو جو نالو کڻو. بيگم صاحبا جو نالو
کڻو، پنهنجن مُڙسن جا نالا کڻو. اسان کان پُڇندڙ
اُهوئي چوندا رهيا. ”جيڪڏهن منهنجيءَ جاءِ تي
تنهنجي زال هجي ها، ته اها به اهو چوي ها؟“ مون
هُن کان پُڇيو. ”ها.“ هن جواب ڏنو. ”ته پوءِ هوءَ
ڏاڍي بيشرم عورت آهي.“ مون وراڻيو.
ناصر رانا:
مون کي هڪ پهريدار ٻُڌايو ته منهنجي مُڙس کي
گرفتار ڪري قلعي ۾ آندو ويو آهي. مونکي ڄاڻ نه
آهي، ته هنن هن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي هوندي. آئون اهو
ڄاڻڻ به نٿي چاهيان. هُن کي جڏهن عذاب ڏنا ويا
هئا، ته کيس دل جو دؤرو پيو هو. هُن جو ساهه
گهُٽجڻ لڳو ۽ هو هئڊو ٿي ويو هو. اهو ڏسي کيس
اسپتال موڪليو ويو، ته جيئن ماڻهو اهو نه چون ته
هُن کي ايذاءُ ڏئي ماريو اٿن. پر اهو معجزو هو، جو
هو بچي ويو.
سکر جيل جي اڪيلائيءَ ۾ مونکي انهن عذابن بابت
ڪابه سُڌ نه هئي. مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته هوائي
جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر نيازي پنهنجيءَ
زال ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن جي زور ڀرڻ تي ۽ کيس
ٽيون ڀيرو گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جي سندس گهر ۾
پهچڻ کان ڪجهه منٽ اڳ پاڪستان مان ڀڄي نڪتو هو.
اُن ڇڪتاڻ سبب ڪابل ۾ هُن کي دل جو دؤرو پيو هو.
پر لنڊن ۾ هُن جي دل جي آپريشن ٿيڻ سبب هو بچي
ويو. ڊاڪٽر نيازي 1988ع تائين اُتي رهيل هو.
ياسمين پڻ گرفتار ٿيڻ کان ذري گهٽ بچي وئي هئي.
”ياسمين نيازي گهر ۾ آهي؟“ پوليس هنن جي گهر تي
اچي پُڇا ڪئي هئي. ”نه،“ ياسمين وقتائتي هوشياري
ڏيکاريندي چيو. پوءِ جڏهن پوليس هُن بجاءِ سندس
ماءُ کي جهلڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن ياسمين ۽ بيگم
نيازيءَ وچ ۾ ٿورو بکيڙو ٿيو هو. ”آئون هنن کي
ٻُڌايان ٿي ته آئون ڪير آهيان.“ ياسمين پنهنجيءَ
ماءُ کي هوريان چيو، ته جيئن پوليس نه ٻُڌي.
”ياسمين، جيڪڏهن تو ايئن ڪيو ته آئون مري وينديس.
تنهنڪري مونکي قيد ٿيڻ ڏي يا وري مرڻ ڏي. تون پاڻ
ٻُڌاءِ توکي ڇا گهُرجي.“ هن وراڻيو. ياسمين ماٺ
ڪري بيهي رهي ۽ پوليس وارا مسز نيازيءَ کي
راولپنڊي جيل ۾ وٺي ويا، جتي هن کي ٻين ٽن عورتن
سان گڏ هڪ اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رهايو ويو هو، جيڪا بابا
جي موت جي اڳوڻي ڪوٺڙيءَ سامهون هئي. بيگم نيازي
پنج ڏينهن اُن ڪوٺڙيءَ ۾ بند هئي، جتي ٻيون به
ايتريون عورتون هيون، جو سُمهڻ لاءِ به کين جاءِ
نه ملندي هئي، ۽ واري واري سان سُمهنديون هيون.
ياسمين ٽن مهينن تائين روپوش ٿي ويئي هئي. جڏهن ته
پوليس لاڳيتو هن کي ڳوليندي رهي هئي. هوءَ وڏي
جوکي ۾ ڦاٿل هئي. ڊاڪٽر نيازيءَ سخت بيماريءَ جي
حالت ۾ ۽ ڌيءَ جي ڳڻتيءَ ۾ پاڪستاني هوائي ڪمپنيءَ
جي جهاز جي ٽڪيٽ به خريد ڪئي، ته جيئن ياسمين لنڊن
۾ وڃي وٽس رهي. پر ملڪ مان هوءَ ڪيئن ٻاهر وڃي
سگهي ٿي؟ جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ بيگم نيازيءَ برٽش
سفارتخاني ۾ ٽيليفون ڪيو. اصل ۾ ياسمين لنڊن ۾
ڄائي هئي، تنهنڪري سفارتخاني وارن چيو، ته جيڪڏهن
بيگم نيازي اهو پاسپورٽ موڪلي، جنهن هيٺ ياسمين
ٻار هجڻ طور ساڻس گڏ سفر ڪيو هو، ته اُهي
اٺيتاليهين ڪلاڪن ۾ کيس برٽش پاسپورٽ وٺي ڏيندا.
بيگم نيازيءَ کي اهو ارڙهن ورهيه پراڻو پاسپورٽ
هڪڙي پيتيءَ جي تري مان هٿ آيو.
”آئون پاڻ ته ياسمين سان گڏ هوائي اڏي تي ڪونه
ويس، جو ڊپ هيم، ته مونکي سُڃاڻي وٺندا، تنهنڪري
مونکي برقعو پارائي هُن جي ڀيڻ سان موڪليو.“ ڪيئي
ورهيه پوءِ بيگم نيازي مونکي اهڙي آواز ۾ چيو،
جيڪو تنهن وقت ڏڪندو ڀانئبو هو. ضياءَ جي ذاتي
حڪمن مطابق ياسمين پوليس کي گهُربل هئي. اسلام
آباد ۾ هن جي گرفتاريءَ جا حُڪم موجود هئا. اهڙا
حُڪم هر صوبي ۾ موڪليا ويا هئا. ڪابه اهڙي فهرست
نه هئي، جنهن ۾ هن جو نالو نه هو. ڌڻيءَ تعاليٰ جي
مهرباني ٿي، جو هوءَ ملڪ مان نڪري وئي. ”تنهنجي
پاسپورٽ تي ويزا جي داخلا ڪانهي.“ هوائي اڏي تي
اميگريشن جي عملدار ياسمين کي چيو. ”عجب جهڙي
ڳالهه آهي.“ ياسمين هن سان چالاڪي ڪئي. ”ضرور ڪا
غلطي ٿي آهي.“ پوءِ جيئن هن فهرست ۾ ياسمين جو
نالو ڏسڻ ٿي گهُريو، ته هوائي اڏي جي بجلي هلي
ويئي. هڪ منٽ تائين هوائي اڏو اوندهه ۾ ٻُڏي ويو ۽
مسافرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. جڏهن بجلي آئي ته
اميگريشن جي عملدار کي ايتري ته تڪڙ ٿي، جو هُن
هڪدم پاسپورٽ تي مُهر هڻي کيس وڃڻ جي اجازت ڏني.
ياسمين سلامتيءَ سان لنڊن پهچي ويئي، جتي پوءِ هُن
منهنجي سئوٽ طارق سان شادي ڪئي، جيڪو پڻ سياسي
پناهگير هو. اُهي ٻئي اڃا تائين پنهنجن ٻن ننڍن
ٻارن سميت اُتي رهن ٿا.
مئي مهيني ۾ سکر ۾ گرمي شروع ٿي: خُشڪ ۽ ساڙيندڙ
گرمي، جنهن سبب منهنجي ڪوٺڙي ڄڻ باهه جو کؤرو بڻجي
ويئي. اُن جي کليل پاسن مان گرم هوا لاڳيتو اندر
پئي آئي. ريگستان ويجهو هجڻ سبب اُهي گرم هوائون
110 کان 120 ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجي
ڪوٺڙيءَ ۾ مٽيءَ جا لاڳيتا واچوڙا پيا لڳندا هئا.
پگهر نڪرڻ سبب مون تي مٽيءَ جا ذرڙا ڄمي ويندا
هئا.
منهنجي چمڙي خُشڪ ٿي ڦاٽي پيئي، ۽ هٿن تان اُن جا
تهه لهڻ لڳا هئا. منهنجي مُنهن تي وڌيڪ داڻا نڪري
آيا. انهن ۾ پگهر ويندو هو، ته اُهي تيزاب جيان
سڙندا هئا. منهنجا وار سدائين گهاٽا هوندا هئا، سي
هاڻي مُٺين جون مُٺيون ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي
نه هئي، پر آئون مٿي جي کل کي پنهنجين آڱرين سان
ڇُهي سگهيس ٿي: گهِميل، ميري ۽ اُگهاڙي، روزانو
صبح جو مونکي منهنجي ويهاڻي تي وارن جا ڇُڳا ڏسڻ ۾
ايندا هئا.
ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت حملو ڪندڙ فوجن جيان ڪاهي
آيا هئا. تِڏيون، مَڇر، زهريليون مکيون، ماکيءَ
جون مکيون. اُهي سدائين منهنجي مُنهن تي پيون ڀُون
ڀُون ڪنديون هيون يا منهنجين ٽنگن تي پيون
سُرنديون هيون. آئون هٿن سان کين پري ڪندي هيس، پر
اُهي جيت ايترا ته گهڻا هوندا هئا، جو اُها ڪوشش
اجائي ثابت ٿيندي هئي. اُهي جيت فرش جي ڦاٽل حصن ۽
اڱڻ مان اندر ايندا هئا. وڏا ڪارا ماڪوڙا، تِڏ،
ننڍڙيون، ڳاڙهيون ڪيوليون، ڪوريئڙا، رات جو پاڻ کي
اُنهن جي چَڪن کان بچائڻ لاءِ آئون مٿي تائين چادر
ويڙهي ڇڏيندي هيس، پر جڏهن ٻوساٽ ٿيندي هئي، ته
لاهي ڦِٽو ڪندي هيس.
پاڻي. آئون ٿڌي ۽ نج اجري پاڻيءَ جا سپنا ڏسندي
هيس. جيل ۾ ملندڙ پاڻي ميرانجهڙو، ڀؤرو ۽ پيلاڻ
مائل هوندو هو. اُن مان ڪِني بيدي جهڙي بُوءِ
ايندي هئي. اهو پاڻي پيئڻ جهڙو نه هوندو هو، ۽ نه
ئي اُن مان اُڃ اُجهامندي هئي. جيل اختياريءَ وارن
اهو تازو پاڻيءَ به مون ڏانهن موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو
هو، جيڪو جيل ويجهو رهندڙ مجيب پيرزادو وڪيل مون
ڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ”اسان اهو تنهنجي
ڀلائيءَ لاءِ ڪيو آهي.“ جيل سپرنٽينڊنٽ مونکي چيو.
”اُهي ماڻهو تنهنجا دشمن آهن. پاڻ تنهنجي پارٽيءَ
جا اڳواڻ تومان جان ڇڏائڻ گهُرن ٿا.“ هڪ ڏينهن هُن
مونکي اهو به ٻُڌايو، ته مجيب مون ڏانهن جيڪي
تازيون نارنگيون موڪليون هيون، سي مونکي ڏيڻ بجاءِ
هو پاڻ کائي ويو هو. ”مون ايئن تنهنجي زندگي
بچائي.“ هُن ٻُڌايو. ”هو انهن ۾ سُين ذريعي زهر
ڀري پئي سگهيو.“ اُهو بيهودگيءَ جو ناٽڪ گهر هو.
”اوهين مون کي جيتمار دوا جو ڦوهارو ڏيئي سگهو
ٿا؟“ مون جيل عملي کان پُڇيو.
”نه، بلڪل نه،“ هنن وراڻيو. ”اها ته زهريلي شيءِ
آهي. اسين اهو هرگز نه چاهينداسين، ته توهان کي
ڪجهه ٿئي.“
زهر بابت اُن ڳالهه ٻولهه جو ڇا مطلب هو؟ مون
اوچتو ويچاريو، ته اُهي منهنجي ذهن ۾ آپگهات جي
سوچ آڻڻ چاهين ٿا. حڪومت لاءِ اهو ڪيڏو نه سولو
سُلجهاءُ ٿي سگهي ها، جو اُهي اعلان ڪن ها ته
بينظير پنهنجي پاڻ کي ماريو آهي؟ مامرو ئي ختم ٿي
وڃي ها. اُن جو ثبوت منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ هر وقت پيل
فنائل جي اها بوتل هئي، جنهن تي موت جي نشان
واريءَ کوپڙيءَ ۽ ٻه هڏيون ڇپيل هيون. ”هوشيار
رهجانءِ، متان اها بوتل هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ رهجي نه
وڃي.“ جيل سپرنٽينڊنٽ هر ڀيري وڏي آواز ۾ اُن عورت
کي چوندو هو، جيڪا هفتي ۾ هڪ ڀيرو منهنجي ڪوٺڙيءَ
۾ صفائيءَ لاءِ ايندي هئي. ”تون فنائل تي نظر
رکجانءِ. هُن کي شايد عذابن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ
اُن جي گهُرج پوي.“ پر زهر جي اُها بوتل جتي هئي،
اُتي ئي رکيل رهي.
ڇا هنن منهنجي ذهن سان هٿ چراند شروع ڪري ڏني هئي؟
منهنجي ڪَنُ ۾ وري تڪليف ٿيڻ لڳي هئي، جو شايد
منهنجي مُنهن مان لاڳيتو پگهر پيو ٽِمندو هو. پر
جيل جو ڊاڪٽر مونکي چوندو رهندو هو، ته ڳڻتيءَ جي
ڪابه ڳالهه ڪانهي. ”تون اڪيلائيءَ جي قيد ۾ آهين ۽
تنهنجي ذهن تي بار آهي.“ هن مونکي ماٺ ڪرائڻ لاءِ
چيو. ”جن حالتن ۾ تون رهين ٿي، انهن ۾ ٻيا ماڻهو
سمجهن ٿا، ته کين سُور ۽ تڪليف آهي جيڪا حقيقت ۾
نٿي هجي.“ مونکي لڳو ته شايد هو سچ چوي ٿو. ٿي
سگهي ٿو ته ڪَنُ جي اها تڪليف، جنهن رات ڏينهن
مونکي پريشان پئي ڪيو، خيالي هجي، جيڪر اتي ايتري
گرمي نه هجي ها.
23 مئي تي امان ڪراچي سينٽرل جيل مان خط لکيو ۽
مونکي گرميءَ کان بچڻ جو اُپاءُ ٻڌايو. ”منهنجي
پياري پِنڪي، گرميءَ کي ڀڄائڻ لاءِ آئون روزانو ٽي
چار ڀيرا پاڻ تي پاڻي اوتيان ٿي. تون به ائين ڪندي
ڪر. آئون پهرين پنهنجو ڪَنڌ جهُڪائي پاڻيءَ جا
مَگا ڳچيءَ جي پٺيان ۽ تارُون تي ۽ پوءِ ڪپڙن سميت
پاڻ تي پاڻي وجهان ٿي. پوءِ آئون پکي هيٺان کَٽ تي
وڃي ويهندي آهيان ۽ ڪپڙن سُڪڻ تائين ڏاڍي ٿڌڪار
رهي ٿي. حقيقت اها آهي ته ڪپڙن سُڪڻ کان پوءِ به
خاص وقت تائين ٿڌڪار رهي ٿي. اُن طريقي کي آزمائڻ
کان پوءِ گرميءَ جي شدت گهٽجيو وڃي. اهو شاندار
تجربو آهي، جنهن جي آئون توکي صلاح ڏيان ٿي … پيار
۽ دعائون- تنهنجي امان.“
مون هُن جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ روزانو صبح جو آئون
پاڻيءَ سان ڀريل باڙدي پاڻ تي اوتيندي هيس.
ڪراچيءَ کان سکر ۾ وڌيڪ گرمي هئي ۽ مون وٽ ته پَکو
به ڪونه هو. پر گرم هوا ۾ منهنجن ڪپڙن کي سُڪڻ ۾
ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، جنهنڪري آئون آرام ڀانئيندي
هئس. پر مونکي اها سُڌ نه رهي، ته منهنجي ڪَنُ ۾
جيترو وڌيڪ پاڻي پئي پيو، گهاءُ اوترو ئي وڌيڪ
خراب ٿيندو ٿي ويو. ”اها رڳو تنهنجي سوچ آهي.“ جيل
جي ڊاڪٽر مونکي پرڀائيندي چيو. هو اُن بيماريءَ جو
ماهر ڊاڪٽر نه هو. هن اهو ڄاڻي ٻُجهي يا
اڻڄاڻائيءَ مان ٿي چيو، تنهن بابت مونکي ڪڏهن به
ڄاڻ نه پئجي سگهندي.
اتي ئي 250 ڀيرا ڊوڙڻ. چاليهه ڀيرا جهُڪڻ. ٻانهون
لوڏڻ. ويهه ڀيرا اُونها ساهه کڻڻ. اخبارون پڙهڻ.
هوائي جهاز جي اغوا ۾ مونکي ۽ امان کي شامل ڪرڻ جي
ڪوشش بابت خبرن کان لنوائڻ. اُن بدران مجيب ۽ سندس
زال ڀَرت ڀَرڻ جو جيڪو سامان موڪليو هو، جهڙوڪ،
ڪپڙو، ڌاڳا، ۽ خاڪن جو ڪتاب، تنهن تي ڌيان ڏيڻ.
”مون هينئر ٽراليءَ جو ڪپڙو ۽ چار رومال ڀَرت سان
ڀري پُورا ڪيا آهن.“ مئي مهيني جي وچ ڌاري مون
پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”آئون جڏهن واندي هجان ٿي،
تڏهن سڀني کي پريشان ڪريان ٿي. ۽ جيل ۾ به مون
اهوئي ڪيو. سُئي سَڳي جي ڪم ۾ جنهن ڌيان جي گهُرج
هجي ٿي، تنهن سبب خيال ٻين ڳالهين ڏانهن نٿو وڃي.
ٻيو ته اڪيلائيءَ جي قيد جي اُن پولار ۾ اُن ڪم تي
وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب اُن جو سٺو اثر
ٿيو آهي.“
مون روزانو پنهنجي جنرل ۾ هڪ ڪلاڪ تائين لکڻ لاءِ
پاڻ تي زور رکيو. ”فرانس جي عوام فرانسوا متران کي
پنهنجو صدر چونڊيو آهي، جيڪو جنگ کان پوءِ فرانس
ملڪ جو پهروين سوشلسٽ صدر ٿيندو.“ مون 11 مئي تي
پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”انگريز ۽ آمريڪي اخبارن
جيسڪا جي برخلاف زبردست مُهم هلائي هئي. هن چونڊ
سبب يورپ جي سياست تي گهڻا ڳوڙها اثر پوندا.
سوشلسٽ پاليسين مطابق هلڻ شايد فرانس گهرو وڳوڙن ۾
اَڙجي وڃي. فرانس جي ٻاهرين ملڪن سان هلندڙ اگري
نيتيءَ ۾ ڦيرو اچي. عرب ۽ آفريڪي قومن ۾ فرانس جي
اثر کي وڌائڻ لاءِ ڪير ٿو ميدان ۾ اچي؟ جرمنيءَ جي
فيڊرل ريپبلڪ سان هاڻي فرانس جا دوستاڻا لاڳاپا
ڪهڙو روپ وٺندا، ته جيئن ’هنرمند‘ ۽ ’دوستن‘،
جيسڪا ۽ شمت جي ڀائيواري ختم ٿئي. اٽليءَ تي ٿيندڙ
اَٿاهه اثر جو ڇا ٿيندو؟“
ساڳئي ڏينهن مون آئرلينڊ جي باغي سياستدان بابي
سينڊز جي موت بابت پڻ لکيو هو. ”انگريزن جي جيل ۾
ڇاهٺ ڏينهن جي بک هڙتال کان پوءِ نيٺ بابي سينڊز
موت جو کاڄ بڻيو. انگريزن موجب بابي سينڊز دهشتگرد
هو، پر هن جي ملڪ ۾ اهو مشهور هوندو هو ته، ”بابي
سينڊز سياسي آزادي ۽ حقن لاءِ ويڙهه ڪئي هئي“ اها
ڳالهه سڄي دنيا سان ٺهڪي اچي ٿي. گهڻو ڪري ڪيترائي
ڏينهن آئون ڪجهه به نه لکندي هيس. ”ٿوري وقت کان
مون پوريءَ ريت لکيو به ڪونهي.“ مون 8 جون تي
پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”پاڻ کان اها ڳالهه پڇڻ ۾
ڪوبه فائدو ڪونهي ته ڇا لکجي، ڇو ته اخبارن ۾ جيڪي
خبرون ڇپجن ٿيون، تن جو تَتُ ڏئي سگهجي ٿو. نه لکڻ
سبب اظهار جي رواني، لفظن ۽ جملن جي سڃاڻپ ۽
ويچارن جي نروار واريءَ لياقت ختم ٿيو وڃي.“
آئون آهستي پر خاطريءَ سان نئين انداز سان واقف
ٿيندي ويس. ”هر ڪلاڪ، هڪ ڏينهن يا هفتي کان به
وڌيڪ آهستي گذرندو ڀانئجي ٿو، پر پوءِ به آئون
رُڳو اُن تائين پهتي آهيان.“ مون 11 جون تي لکيو.
”نڀائڻ“ صحيح لفظ ڪونهي. آئون اُن صورتحال سان
نڀائي نٿي سگهان، جيڪا ڪراهت ڏياريندڙ آهي. نڀائڻ
جو مطلب آهي، آڻ مڃڻ. مون ڪاميابيءَ سان مقابلو
ڪيو آهي. هر گهڙيءَ گهِلبي گذري آهي، پر گذري ضرور
وئي آهي. هن آزمائش ۾ رُڳو الله منهنجي واهر ڪئي
آهي. هن کانسواءِ آئون نابود ٿي وڃان ها.“
سکر ۾ منهنجي نظربندي 12 جون تي ٻنپهرن جو ختم ٿيڻ
واري هئي. منهنجي وهم ۾ ئي ڪونه هو، ته مونکي آزاد
ڪيو ويندو يا وڌيڪ ڏينهن لاءِ نظربند ڪندا، ته
جيئن مون تي ڪيس هلائڻ ۽ مونکي سزا ڏيڻ ممڪن ٿي
سگهي. ”موت ته نيٺ اچي ٿو ۽ آئون اُن کان ڪونه ٿي
ڊڄان.“ مون پنهنجين يادداشتن ۾ لکيو. ”حڪومت ۾
جيڪي حيوان ويٺا آهن، اهي رُڳو ماڻهن کي ختم ڪري
سگهن ٿا، پر اهي خيالن کي ختم ڪري نٿا سگهن.
جمهوريت جي سوچ سلامت رهندي ۽ جمهوريت جي اٽل سوڀ
۽ اسين وري جيئنداسين. گهٽ ۾ گهٽ اڪيلائيءَ جي قيد
جي ورچائيندڙ حالت مان مونکي ڇوٽڪارو ملي ويندو،
جتي ماڻهو جيئري ئي قبر ۾ هُجي ٿو.“
منهنجي نظربنديءَ جي ختم ٿيڻ واري ڏينهن صبح جو
يارهين وڳي ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر وٽان
حڪمنامو پهتو. کيس منهنجي نئين نظربنديءَ جو حڪم
ڪڍندي ”خوشي“ ٿي هئي. سکر ۾ منهنجي قيد جي مدت 12
سيپٽمبر تائين وڌائي وئي هئي.
21 جون 1981ع. منهنجو اٺاويهون جنم ڏينهن، سکر
سينٽرل جيل صنم ڀٽو:
مونکي اجازت ڏني وئي هئي، ته آئون پنهنجيءَ ڀيڻ
سان سندس جنم ڏينهن تي ملاقات ڪريان، جيڪو هن جي
نظربنديءَ ۾ ٽيون جنم ڏينهن هو. ڪراچيءَ مان هوائي
جهاز جي اڏام ۾ دير ڪرائي وئي. جنهنڪري هن سان
ملاقات لاءِ رُڳو هڪ ڪلاڪ بچيو هو. آئون ايتري ته
مايوس هيس، جو هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ پهچندي ئي دانهون
ڪري روئڻ لڳيس. منهنجي گهڻا ڀيرا جهَڙتي ورتي وئي
هئي. جيل جي ملازم عورتن منهنجي مٿي جو هڪڙو هڪڙو
وار جانچي ڏٺو، جيڪي اُن وقت وڏا ڪونه هئا. منهنجي
بئگ کي خالي ڪري ڏٺو. ’ڪاسموپوليٽن‘ مخزن جو صفحو
صفحو چڪاسي ڏٺو، جيڪا مون هن لاءِ آندي هئي. هنن
ته مونکي پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ آندل کاڌو به چَکايو،
ته متان اُن ۾ زهر هجي. ”مون وٽ ٿورو وقت به هن
سان ملاقات لاءِ ڪونهي.“ مون اعتراض ڪندي جيلر کي
چيو، جنهن جيل جي ديوارن ۽ سندس ڪوٺڙيءَ جي وچ ۾
چئن دروازن جا ڪُلف ڏاڍيءَ سانت سان کوليا ۽ بند
ڪيا هئا. دراصل هنن هن کي ڏکوئڻ گهريو هو؛ سنديس
جنم ڏينهن تي پڻ.
هن منهنجو ايئن آڌرڀاءُ ڪيو، ڄڻ هوءَ مهربان
ميزبان هجي ۽ آئون معزز مهمان هيس. اُن ڏينهن سکر
مان ڪنهن همدرد هن ڏانهن نارنگيون موڪليون هيون،
جن مان هڪ نارنگي هن مونکي به ڏني ۽ معافي گهري ته
وٽس ٿالهي ڪونهي، جو اُن تي رکي ڏئي يا اُن جي
ڇِلڻ لاءِ وٽس ڪو چاقو به ڪانهي.“ هنن کي ڊپ آهي
ته آئون پنهنجيون ڪَرايون وڍي ڇڏينديس.“ هن کلندي
چيو. مون پاڻ کي ڏاڍو ڏوهي ڀانئيو. هڪڙي پاسي مون
دانهون پئي ڪيون ۽ ٻئي طرف هوءَ هئي، جيڪا سکر ۾
ڄڻ باهه جي کؤري ۾ پئي هئي، پر هن جي وات مان ٻُڙڪ
به ٻاهر نه ٿي نڪتي. هوءَ ڪيڏي نه بيمار، ڪيتري نه
ڪمزور ٿي نظر آئي. مونکي اهو ڏسي ڊَپ وڪوڙي ويو،
ته هن جي مٿي جا وار ڇڊا ٿي ويا آهن ۽ مونکي سندس
مَٿي جي کل پئي نظر آئي.
”مون کي ڪا کِل جهڙي ڳالهه ٻڌاءِ.“ هن مونکي ائين
چيو ڄڻ اسين پنهنجي گهر جي سمهڻ وارن ڪمرن ۾
ويٺيون هيونسين. مونکي هن سان هڪ اهم ۽ ضروري
ڳالهه ڪرڻي هئي، پر سِيخن واري دروازي وٽ ٻاهر هڪ
ٿُلهو متارو پوليس وارو ويٺو هو ۽ اسان وٽ اندر
پوليس جي مائي ويٺي هئي، جنهن اسان جي ڳالهه ٻولهه
ڌيان سان پئي ٻُڌي. اتي هن جي بستري کانسواءِ ويهڻ
لاءِ ٻيءَ ڪا جاءِ ئي نه هئي. آئون جهُڪي هن جي
ويجهو ٿيس.
”ناصر مون سان شادي ڪرڻ گهري ٿو.“ مون ڀُڻڪيو.
”هنن کي ڀُڻڪڻ نه ڏي!“ پوليس واري ڪوٺڙيءَ جي
سِيخن کي جهليندي چيو پوليس جي مائي اسان ڏانهن
رِڙهي آئي. ”اڙي صني، اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.
مونکي ڪيتري نه خوشي ٿي آهي.“ منهنجي ڀيڻ چيو.
پوليس جي مائي ويتر اڳتي رِڙهي آئي ۽ پنهنجو مُنهن
منهنجي ۽ اديءَ جي وچ ۾ ڏئي ٻُڌڻ لڳي.
”پر امان ۽ توهين ٻئي ڄڻيون قيد ۾ آهيو، جنهنڪري
آئون شادي ڪرڻ نٿي گهران.“ مون پنهنجيءَ ڀيڻ کي
آهستي چيو. ”مون ناصر کي به ٻُڌايو آهي ته
جيستائين گهر جا سڀئي ڀاتي گڏ نٿا ٿين، تيستائين
اسان کي اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي.“
”پر اُن جو مطلب اهو آهي ته توکي اوسيئڙو ڪرڻ نه
گهرجي.“ پِنڪي مونکي ٻڌايو. ”الاءِ اسين هتان ڪڏهن
ٻاهر نڪرون؟ اسان ٻنهي کي اها ڳڻتي آهي، ته تون
اڪيلي رهين ٿي. پنهنجي مُڙس جي حفاظت ۾ تون وڌيڪ
خوش رهندينءِ ۽ اسان کي به تنهنجي طرفان اطمينان
هوندو.“
”اڙي پِنڪي، اها شادي اهڙي ڇو ٿيندي؟“ مون هن کي
ڀاڪر پائيندي پڇيو.
”نه! نه!“ پوليس واري رڙ ڪئي. پوليس جي مائيءَ
پنهنجو پير هنڌ تي رکي، اسان ٻنهي کي ڇِڪي ڌار
ڪيو.
”تون ڪا ڳڻتي ته ڪر.“ پِنڪي هن کي چيو. ”اسين
سياست جي ڳالهه نه، پر خاندان جون ڳالهيون پيون
ڪريون. ڪيترن مهينن کان مون پنهنجيءَ ڀيڻ کي ڪونه
ڏٺو آهي، اڄ منهنجي ڄم جو ڏينهن آهي، ڇا تون اسان
کي ٿوري نوڪيلائي نه ڏيندئينءِ؟“
پوليس واري هن جي ڪا به ڳالهه نه ٻُڌي ۽ هو پنهنجي
نوٽ بوڪ ۾ اسان جي ڳالهين جا نوٽ وٺندو رهيو. ڪلاڪ
جو باقي رهيل وقت پوليس وارو اسان جي وچ ۾ ٿي
بيٺو. مون هڪ ڀيرو وري رڙيون ڪرڻ ٿي گهريون، جڏهن
اُن ويران ۽ خالي ڪوٺڙيءَ ۾ انهن ڀوائتن ماڻهن جي
وچ ۾ آئون هن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي هيس.
”شال تو کي ۽ ناصر کي اڻکٽ خوشيون ملن.“ هن مهنجي
پٺيان رڙ ڪري چيو. ”پِنڪي، ڄم جو ڏينهن مبارڪ
هجي.“ جيئن ئي پوليس واري مونکي ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ
تَڪڙ پئي ڪئي، ته مون وجهه وٺي هن کي چيو.
بيگم نصرت ڀٽو طرفان مس بينظير ڀٽو
ڏانهن
ڪراچي سينٽرل جيل سکر سينٽرل جيل
9 جون 1981ع
منهنجي پياري ڌيءَ،
منهنجو هيءَ ٻيو خط تو وٽ تنهنجي ڄم جي ڏينهن کان
ٿورو اڳ پهچندو. مونکي اهو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن
انگلستان ۾، جتي تنهنجو بابا پڙهندو هو. ڊاڪٽر
ڏاڍي خوشيءَ وچان ٻڌايو هو ته آئون ڳرڀوتي آهيان.
تون سوچي به نٿي سگهين، ته اسين ڪيترو نه خوش ٿيا
هئاسين. تون اسان جو پهريون ٻار هُئين، اسان جو
سڀني کان پيارو ٻار. اسان اها سدوري ڄاڻ ٻُڌي ڪيڏو
نه شاندار جشن ملهايو هو. پوءِ ڪراچيءَ ۾ پنٽوجي
اسپتال ۾ تنهنجي ڄمڻ بعد رات جو آئون سُمهي به نه
سگهي هيس، ڇو ته مون توکي پنهنجي هنج ۾ کڻڻ ٿي
گهريو، تنهنجن سُهڻن سونهري وارن تنهنجي گلابي
چهري ۽ سُهڻين آڱرين وارن تنهنجي هٿن کي ڏسڻ ٿي
گهريو. توکي ڏسي منهنجي دل ڏڪندي هئي.
تنهنجي ڄمار ٽي ورهيه هئي، جڏهن تنهنجو بابا
انگلينڊ مان موٽيو هو. هن کي پنهنجي پيءُ ماءُ
اڳيان حجاب ٿيندو هو، پر جڏهن اسين اڪيلا هوندا
هئاسين، تڏهن هو لاڳيتو توکي پيو ڏسندو هو، پوءِ
تنهنجي چهري ۽ هٿن کي ڇُهندو هو ۽ اهڙي سُندر ٻار
جي ملڻ واري اسرار تي حيران ٿي ويندو هو. هو توکي
کڻڻ لاءِ مون کان پڇندو هو ۽ آئون توکي کڻي کيس
ڏيندي چوندي هيس. ”هڪڙو هٿ هن جي مٿي هيٺان ڏي ۽
ٻئي هٿ ۾ هن جو جسم جهَل.“ هن ٻڌايو ته تون بلڪل
هن جهڙي هئينءَ. هو ڪيترو نه خوش ٿيو هو. هن توکي
پنهنجي هنج ۾ کڻي ڪمري ۾ جهُمر پاتي هئي- آئون
وڌيڪ وچور ۾ وڃڻ نٿي گهران، ڇو ته گذريل سُندر
ڏينهن ساري منهنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن.
مونکي اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن تو پهريون ڀيرو
پَنڌ ڪيو هو. اُن وقت تنهنجي ڄمار رُڳو ڏهه مهينا
مس هئي.
مونکي اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن تو ڪوئيٽا ۾
پنهنجي پهرئين جنم ڏينهن کان هڪ هفتو اڳ هوشياريءَ
سان ڳالهايو هو. اهو ڏينهن به جڏهن ساڍن ٽن ورهين
جي ڄمار ۾ توکي آئون نرسري اسڪول ۾ وٺي وئي هيس.
مونکي اهي وڻندڙ ننڍڙا ڪپڙا به ياد آهن، جيڪي آئون
تنهنجي لاءِ وڏي چاهه ۽ پيار سان سِبندي هيس ۽ مٿن
ڀَرت ڀريندي هيس ۽ روزانو پنج ئي وقت هر نماز پڙهڻ
کان پوءِ تنهنجي خوشي، صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعائون
گهرندي هيس. هاڻي 21 جون اچڻ واري آهي ۽ منهنجي
طرفان تنهنجي ڄم ڏينهن تي مبارڪون قبول ڪر. دعا
آهي ته اهڙِا گهڻا، گهڻا ڏينهن توکي نصيب ٿين.
آئون توکي ڪا ننڍڙي سوکڙي به ڏئي نٿي سگهان. هڪ
ننڍڙي مِٺي به نه، ڇو ته اسين هڪ ٻئي کان پري
ايندڙ نوي ڏينهن تائين لاڪپ ۾ بند آهيون… مون کي
اميد آهي ته منهنجي مٺڙي! تون مناسب کاڌو کائڻ نه
وسارجانءِ. دعا آهي ته تنهنجو آئيندو روشن ۽
خوشحال هجي.
توکي سدائين پيار ڪندڙ تنهنجي امان
ميوو ۽ ڀاڄيون. پاڻي. امان جا ڪيڏا نه سُهڻا ويچار
هئا. مونکي هن جي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. نظربنديءَ جو هڪ
نئون حڪم. اهي هن کي اڃا ڪيترو ستائيندا؟
منهنجي نئين نظربنديءَ جي حڪم مطابق مونکي ’اي’
ڪلاس ڏنو ويو هو، جتي مونکي ريڊيو، ٽيليويزن، ٿڌي
۽ اُجري پاڻيءَ سان ڀريل ريفريجريٽر ۽ هڪ
ايئرڪنڊيشنر رکڻ جي اجازت هئي. ٿوريءَ دير لاءِ
منهنجي دل ۾ خوشيءَ جي لهر اٿي هئي. جيتوڻيڪ مونکي
اهو سمجهه ۾ ئي نه آيو، ته هڪ پوري کليل ڪوٺڙي
ڪيئن ايئرڪنڊيشن ٿي سگهندي. پر مونکي ڳڻتي ڪرڻ نه
کپندي هئي. اي ڪلاس ملڻ سبب مونکي رڳو هڪڙو فائدو
اهو ٿيو، جو آئون رات جو ڪمپائونڊ جي اڱڻ ۾
آزاديءَ سان گهُمي ڦِري ٿي سگهيس. هاڻي آئون رات
جو پنهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ بند نه رهنديس. اها ڳالهه
مونکي جيل سپرنٽينڊنٽ ايئن ٻڌائي ڄڻ اها منهنجي لا
ءِوڏي سوکڙي هئي. ”مونکي اوهان جو اهو ’اي‘ ڪلاس
نه گهرجي.“ مون جيل سپرنٽينڊنٽ ڏانهن لکيو. ”ائون
انهن مڪارين ۾ اوهان جو ساٿُ ڪونه ڏينديس.“
مون سَپنو ڏٺو ته آئون آزاد آهيان ۽ آڪسفورڊ جي
سوربون هوٽل ۾ گوشت جو ٽُڪرو ۽ کُنڀيون پئي کاوان.
مون نيو انگلينڊ ۾ تازن صوفن جي رَس ۽ برگهام مان
ڦودني لڳل آئسڪريم جو سَپنو ڏٺو. بابا پنهنجي موت
واريءَ ڪوٺڙيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن هڪ ڄاڻ سڃاڻ جو
سوچي، هن جي هر تفصيل کي ياد ڪيو ۽ ايئن پنهنجو
وقت گذاريو هو. مون وري ريڊ ڪلف ۾ پنهنجي ساهيڙي
يولينڊا ڪوڊزڪي کي ساريو، جيڪا مون سان گڏ ڪمري ۾
رهندي هئي ۽ هينئر ميساچوسيٽ ۾ اقتصاديات جي ماهر
طور ڪم ڪري ٿي. مون پيٽر گئلبريٿ بابت سوچيو، جيڪو
هينئر واشنگٽن ۾ سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ جو
رڪن هو ۽ جنهن پنهنجي پراڻي دوست ۽ منهنجي هم ڄمار
ايني اوليريءَ سان شادي ڪئي هئي. هارورڊ ۾ مون هنن
جي هڪٻئي سان سڃاڻپ ڪرائي هئي. وقت ڪنهن وندر
کانسواءِ گذرندو رهيو. ”اهي ڏينهن به گذري ويندا.“
بابا جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ مونکي چيو هو. ”اهم ڳالهه
اها آهي ته اسين اهي عزت آبروءَ سان گذاريون.“
هن جهڙو سَهپ مون وٽ ڪونه هو. مونکي اتان ٻاهر
نڪرڻو هو. صنم مون کي ٻڌايو هو ته سنڌ جي مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر جنرل عباسيءَ جو چوڻ هو، ته حڪومت
اسان کي جسماني، اخلاقي ۽ مالي طرح سان چيڀاٽڻ جو
پڪو پهه ڪيو هو. هنن اُن جي شروعات به ڪري ڇڏي
هئي، ۽ 70 ڪلفٽن، المرتضيٰ، اسان جي ٻنين ۽ ٻيءَ
جائداد کي نيلام ذريعي وڪڻڻ لاءِ هنن مئي مهيني ۾
ديواني مقدمو به داخل ڪرايو هو. مونکي ڪابه ڄاڻ نه
هئي ته ڇا ٿيو هو. جيڪڏهن آئون جيئري رهيس ته مون
وٽ ڪو گهر به نه هوندو. جنهن ۾ آئون موٽي وينديس؟
ڇا آئون وري ڪڏهن پنهنجي بستري ۾ سُمهي به
سگهنديس؟ آرهڙ جي گرمي جيئن وڌندي وئي تيئن منهنجي
ذهن ۾ اهو ئي ويچار ايندو رهيو، ته ڪنهن به صورت ۾
70 ڪلفٽن يا المرتضيٰ پهچان. مون ڀانئيو هو ته
اسان جن انهن ٻنهي گهرن مان ڪنهن به هڪ گهر ۾،
منهنجي موجودگيءَ سبب حڪومت اُن تي قبضو ڪري نه
سگهندي. منهنجين ڪيترين ئي گذارشن مان ڪنهن هڪ تي
به ڌيان ڪونه ڏنو ويو هو. ”اسان ايترا پهريدار
مقرر ڪري نٿا سگهون.“ هنن مونکي ٻڌايو هو. ڄڻ هڪ
نؤجوان عورت کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکڻ لاءِ پوري
رجمينٽ جي گهُرج هئي.
مونکي هيسائڻ لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ هڪ نئين کيڏ
کيڏڻ لڳو. ”تنهنجي پارٽيءَ جا ماڻهو توکان ڌار
ٿيندا پيا وڃن“ هن مونکي ٻڌايو. هن اهو به چيو ته
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ميمبر مخالف ڌر جي
ميمبرن ۽ حڪومت سان ملاقاتون پيا ڪن. ”اهي سڀئي
توکي ڇڏيندا پيا وڃن. تون پنهنجي حياتي هتي ڇو پئي
اجائي وڃائين؟ جيڪڏهن تون سياست تان هٿ کڻندينءِ،
ته تنهنجيون سڀيئي تڪليفون ختم ٿي وينديون.“
مون الله کي ٻاڏايو ته مونکي همت ڏئي. ”جيڪڏهن
حڪومتي ظلم جي مقابلي لاءِ اڪيلي ٿي پئي آهيان ته
پوءِ ڇا آهي.“ مون هنن کي ٻڌايو. ”آئون اوهان جي
انهن ڪُوڙين ڳالهين تي ڀروسو نٿي ڪريان. کڻي سڀئي
هٿيار ڦِٽا ڪن، پر آئون ڪونه ڪنديس.“ مونکي ويساهه
ئي ڪونه ٿي آيو، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا
اڳواڻ، جن مان ڪجهه ڄڻن کي جولاءِ مهيني ۾ آزاد
ڪيو ويو هو، پارٽيءَ کي ڇڏي ويندا. مون پاڻ کي اها
ڳالهه مڃڻ جي اجازت نه ڏني.
مون پنهنجي آزاديءَ لاءِ هڪ خاص دُعا گهرڻ شروع
ڪئي هئي، جيڪا مونکي جيل جي هڪ ميٽرن ٻڌائي هئي.
”قل هوالله اَحد، چئو ته هو هڪڙو الله آهي.“ مون
قرآن شريف جي 112 سوره جو ايڪيتاليهه ڀيرا ورد ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ پاڻيءَ جي هڪ مَگ تي شُوڪاري، آئون اهو
پاڻي ڪوٺڙيءَ جي چئني ڪُنڊن ۾ ٿورو ٿورو ڇٽڪاري
ڇڏيندي هيس. مون هڪ قيديءَ لاءِ دعا گهري. مون
پنهنجي ماءُ لاءِ دعا گهري. مون پنهنجي لاءِ دعا
گهري. جيل جي ميٽرن مونکي ٻڌايو، ته چوٿين اربع تي
جيل جو دروازو تنهنجي لاءِ کُلي ويندو ۽ اهو ئي
ٿيو.
سکر ۾ منهنجي نطربنديءَ جي چوٿين مهيني جي چوٿين
اربع جي ڏينهن منهنجي ڪوٺڙيءَ جو دروازو کليو ۽
جيل اختياريءَ وارا مونکي امان سان ملاقات ڪرائڻ
لاءِ ڪراچي وٺي هليا. بعد ۾ اربع جي وڌيڪ چئن
ڏينهن جي اُن رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ امان جي
ڪوٺڙيءَ جو دروازو کلي ويو. رَت جي الٽين سبب هن
کي جولاءِ مهيني ۾ نظربنديءَ مان آزاد ڪيو ويو هو.
جيل جي ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق هن کي السر ٿي پيو
هو. هن کي سخت کنگهه به ٿيندي هئي، جيڪا هنن
سمجهيو هو ته اُها سلهه جي بيماري سبب ٿي هئي.
مونکي امان جي صحت بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، ۽ هڪ جيل
ميٽرن مونکي هن جي آزاديءَ جي خبر ٻڌائي هئي.
مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجين دعائن هڻي وڃي هنڌ
ڪيو، جنهنڪري مون سکر ۾ وڌيڪ دعائون گهريون ۽ پاڻ
سميت ڪيترن ئي قيدين جي آزاديءَ لاءِ دعائون
گهُري، گهڻي ۾ گهڻو پاڻي ڪُنڊن ۾ ڇٽڪايو. ”الله
صمد“ آگسٽ جي چوٿين اربع تي ڪوٺڙيءَ جو دروازو
کليو. ”تون وڃين پئي.“ ميٽرن مونکي ٻڌايو.
مون پنهنجيون شيون سهيڙي گڏ ڪيون. ”اي الله،“ مون
دعا گهري، ”شال اُهي مونکي پنهنجي گهر 70 ڪلفتن
وٺي هلن.“
فوج ۽ پوليس جو قافلو 70 ڪلفتن جي ويجهڙائيءَ وٽان
به ڪونه لنگهيو، ۽ اُن بدران اهي مونکي ڪراچي
سينٽرل جيل ڏانهن وٺي ويا، جتي هنن مونکي امان جي
پراڻي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو |