4 اپريل 1979ع
منهنجي والد جو قتل
هنن 4 اپريل 1979ع شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ،
بابا کي راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ قتل ڪري ڇڏيو. اتان
ٻه ٽي ميل پري سهالا جي ويران پوليس ٽريننگ ڪئمپ
۾، آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ قيد هيس، جتي مون بابا
جي لاڏاڻي جي ان گهڙيءَ کي گهڻو ڀوڳيو. امان
جيتوڻيڪ اُن ساهه نپوڙيندڙ رات گهارڻ جي ڪوشش
لاءِ، مونکي نِنڊ جون گوريون کارايون هيون، پر
اوچتو ٻه وڳي رات جو آئون نِنڊ مان ڇِرڪ ڀري
پنهنجي هنڌ تي اٿي ويٺيس. ”نه“! منهنجي نڙيءَ مان
رَڙ نڪتي. ”نه“! آئون ساهه به کڻي نه پئي گهيس، ۽
نه ئي مون ساهه کڻڻ گهريو ٿي. بابا! بابا! آئون
سڄي ٿڌي ٿي ويس. اونهاري جي مُند هوندي به ايتري
ساڻِي ۽ ٿڌي ٿي وئي هئس، جو ڏڪڻي بند ئي نه پئي
ٿي. امان ۽ مون وٽ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي، جنهن
جي ٻولڻ سان اسين هڪٻئي کي ڪو ڏَڍُ ڏئي سگهون ها.
انهن ويران پوليس ڪوارٽرن ۾ اسان هڪٻئي ڀرسان ويهي
اهي ڪلاڪ گهاريا. فجر جو اسين بابا جي ميت سان گڏ
پنهنجي اباڻي قبرستان ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين.
”آئون عدت ۾ آهيان ۽ ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ سان
ڳالهائي نٿي سگهان. تون هُن سان ڳالهاءِ“ امان،
جيلر جي اچڻ تي مونکي چيو. هُن جي بيواهه هئڻ سبب،
ڌارين کان پاڻ بچائڻ واريءَ چئن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن
جي مُدت شروع ٿي وئي هئي. آئون اُن ڪمري ڏانهن
وڌيس، جنهن جي سيمنٽ واري فرش ۾ ڏار پيل هئا ۽
جيڪو اسان جي ويهڻ جو ڪمرو به هو. اُن مان ساڙي جي
ڌَپُ پئي آئي.
”اسين وزيراعظم سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار آهيون“. مون
ننڍي جيلر کي چيو، جيڪو منهنجي اڳيان بيٺي ڏڪيو
پئي.
”اُهي اڳواٽ ئي هُن کي دفنائڻ لاءِ کڻي ويا آهن.“
هن ٻڌايو. مون ڀانيو ڄڻ هن مونکي ڌڪ هڻي ڪڍيو هجي.
”هُن جي گهر ڀاتين کانسواءِ؟“ مون کانئس سختيءَ
سان پڇيو. ”فوجي راڄ ۾ ڏوهاري به ڄاڻن ٿا ته، اهو
اسان جي خاندان جو مذهبي فرض آهي ته هُن جي ميت
سان گڏ وڃجي، جنازي نماز پڙهجي، دفنائڻ کان اڳ
سندس منهن ڏسجي. اسان جيل سپرنٽينڊنٽ کي درخواست
ڏني هئي … …“
”اُهي هن کي کڻي ويا.“ هُن منهنجي ڳالهه ڪَٽيندي
چيو.
”ڪيڏانهن کڻي ويا؟“
جيلر ماٺ ڪيو بيٺو هو.
”اهو عمل ڏاڍي سانت ۾ ٿيو هو.“ هن نيٺ وراڻيو.
”آئون اُهي شيون کڻي آيو آهيان، جيڪي اُتي رهجي
ويون هيون.“
هُن مونکي اُهي ڏکوئيندڙ شيون ڏنيون، جيڪي بابا جي
موت واري ڪوٺڙيءَ مان هُو پاڻُ سان گڏ کڻي آيو هو:
اُنهن شين ۾ بابا جي شلوار، قميص، هڪ ڊگهي ۽ ڍِري
پتلون، جيڪا کيس آخري وقت تائين پاتل هئي، ڇو ته
بابا سياسي قيدي هجڻ سبب سزا کاڌل ڏوهارين جي لباس
پائڻ کان بلڪل نابري واري هئي، کاڌي جو ٽفن باڪس،
جو هن آخري ڏهه ڏينهن کائڻ کان انڪار ڪيو هو،
بسترو، جنهن جي کيس تڏهن اجازت ڏني وئي هئي جڏهن
کٽ جي ٽٽل واڻُ پُٺن ۾ وَڍ وجهي ڇڏيا هئا ۽ پاڻي
پيئڻ جو پيالو …
”هُن جي مُنڊي ڪٿي آهي؟“ مون جيلر کان نيٺ پڇيو.
”هن وٽ مُنڊي هئي ڇا؟“
آئون هن کي چتائيندي رهيس، جو هن پنهنجي ڳوٿريءَ ۽
کيسا چڪاسڻ لاءِ ڪيئي بهانا ٿي ڪيا. نيٺ هُن مونکي
بابا جي مُنڊي ڪڍي ڏني، جيڪا پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هُن
جي ڪمزور آڱر مان کِسڪي هيٺ ڪِري پوندي هئي.
”سانت، ڏاڍي هئي.“ هُو ڀڻڪندو رهيو.
ڦاسيءَ وقت سانت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
اسان جا خانداني بورچي بشير ۽ ابراهيم اسان سان گڏ
جيل ۾ هئا، ڇو ته اختياريءَ وارا اسان کي کاڌو
ڪونه ڏيندا هئا. اهي ٻئي ڪمري ۾ آيا. بابا جا ڪپڙا
سڃاڻڻ سان ئي بشير جي مُنهن جو پَنو لهي ويو.
”ياالله! يا الله! هنن صاحب کي قتل ڪري ڇڏيو! هنن
هُن کي قتل ڪري ڇڏيو!“ هُن دانهون ڪيون. پوءِ اسان
جي روڪڻ کان اڳ ۾ ئي هن جهَٽ ڏئي پيٽرول جو دَٻو
کڻي پاڻ تي هاريو ۽ پاڻ کي ساڙڻ تي هو، جو منهنجي
ماءَ ڊوڙندي ٻاهر نڪتي ۽ هُن کي پاڻ ساڙڻ کان
روڪيائين.
آئون اچرج ۾ وڪوڙجي بيٺي رهيس. مونکي ويساهه ئي
ڪونه پئي آيو، ته بابا سان ڇا ٿيو هو. ۽ مون
ويساهه ئي نه پئي ڪرڻ گهريو. اهو بلڪل ناممڪن هو
ته ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو پهريون وزيراعظم،
جنهن کي عوام پاڻ چونڊيو هو، سو مري ويو هو. 1947ع
۾ پاڪستان ٺهڻ سان ئي اتي جنرلن جي حڪومت جُڙي وئي
هئي، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر جو راجُ هو. اُن ملڪ ۾ بابا
پهريون اڳواڻ هو، جنهن لوڪشاهي آندي هئي.جتي عوام
ائين رهندا هئا، جيئن صدين کان پنهنجي قبائلي
سردارن ۽ زميندارن جي آسري تي رهندا پئي آيا. هُن
اهڙي ڏيهه ۾ مُلڪ جو پهريون آئين ٺاهيو، جنهن ۾
قانوني بچاءُ ۽ شهري حقن جي ضِمانت ڏنل هئي، جتي
جنرلن کي جمهوري حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ ڏاڍ
۽ رتوڇاڻ ڪرڻو ٿي پيو. ۽ اُن آئين ۾ شهري حڪومت جي
پارلياماني سرشتي جوڙڻ ۽ هر پنجن ورهين کان پوءِ
چونڊون ڪرائڻ جي ضمانت ڏني هئي.
نه، اُهو ممڪن ئي نه هو. ”جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو!“
جڏهن پهرئين سياستدان طور هو پاڪستان جي ڏورانهن
ڏتڙيل ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ويو هو، ته لکين ماڻهن سندس
آڌرڀاءُ ڪيو هو. جڏهن هن جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
کي حڪومت ۾ اچڻ جو ووٽ مليو هو، ته هُن ملڪ ۾ نوان
سڌارا آڻڻ جي شروعات ڪئي هئي. هن اُها زمين هزارين
هارين ۾ ورهائي هئي، جنهن تي ڪيترن ئي نسلن کان
ڪجهه ٿورڙن جاگيردارن جو قبضو هو. هُن لکن ماڻهن
کي تعليم کان واقف ڪيو هو، جيڪي جهالت سبب آزاديءَ
کان محروم هئا. ملڪ جي وڏين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾
ورتو ويو هو، مناسب اُجرت ۽ نوڪريءَ جي ضمانت ڏني
وئي هئي، ۽ عورتن ۽ اقليتن سان متڀيد وارو رَويو
رکڻ کان روڪيو ويو هو. هُن پنهنجيءَ حڪومت جي ڇهن
ورهين ۾ 5 جولاءِ 1977ع جي فجر تائين، اونداهي ملڪ
۾ روشني پکيڙي هئي.
ضياءَ الحق، بابا جو ظاهري طرح وفادار فوجي اڳواڻ
هو. هُو اهو جنرل هو، جنهن آڌيءَ رات جو پنهنجا
سپاهي موڪلي، بابا جي لوڪشاهي حڪومت جو تختو اونڌو
۽ ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو هو. ضياءَ الحق فوجي
آمر، جيڪو پوءِ پنهنجين بندوقن، ڳوڙها آڻيندڙ گولن
۽ فوجي قانون ذريعي به بابا جي مشهوري روڪڻ ۾
ناڪام ٿيو هو، ۽ بابا کي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو
رکڻ کان پوءِ به سندس ارادن کي لوڏڻ ۾ سوڀارو ٿي
نه سگهيو هو. ضياءُ الحق، بُڇڙو، ڀوائتو ۽ جوکائتو
جنرل، جنهن اجهو هينئر منهنجي بابا جو انت آندو
هو. ضياءُالحق اهو جنرل، جيڪو ايندڙ نَو ورهيه
پاڪستان تي بيرحميءَ ۽ ڪٺورتائيءَ سان راڄ ڪندو.
آئون ننڍي جيلر آڏو ويڳاڻي بيٺي هيس ۽ منهنجن هٿن
۾ اها ننڍڙي هَڙ هئي، جنهن ۾ بابا جون ڇڏيل سڀئي
شيون شامل هيون. هنجي ڪپڙن مان سندس پسند جي
شاليمار عطر جي سُڳنڌ اڃا به آئي پئي. مون هُن جي
شلوار کي پنهنجي سيني سان لاتو، ته اوچتو مونکي
ڪيٿلين ڪينيڊي ياد اچي وئي، جنهن پنهنجي سينيٽر
پيءَ جي قتل کانپوءِ ريڊڪلف ۾ هُن جو ڪوٽ پاتو هو.
سياست سبب اسان جي ٻن خاندانن جي سدائين پاڻ ۾ ڀيٽ
ڪئي ويندي هئي. هاڻي اسان جي وچ ۾ هڪ نئون ۽
ڀوائتو ٻَنڌڻ ٿيو هو ان رات ۽ ٻين ڪيترين ئي راتين
جو، سمهڻ وقت پنهنجي ويهاڻي هيٺان بابا جي قميص
رکي، مون پڻ پنهنجي پيءُ جي ويجهو رهڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي.
مون پاڻ کي بلڪل سَکڻو ڀانئيو هو. منهنجي زندگي
ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي هئي. بابا خلاف ضياءَ جي فوجي
ٽولي جيڪي ڪوڙيون تهمتون ۽ الزام هنيا هئا، ان
سلسلي ۾ پورا ٻه ورهيه هنن سان مقابلي کان سواءِ
مون ڪجهه به نه ڪيو هو. مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
سان انهن چونڊن جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو هو، جن جو فوجي
بغاوت وقت ضياءَ واعدو ڪيو هو ۽ پوءِ اسان جي
ڪاميابيءَ کي سمجهندي، هُو انهن چونڊن کان ڦِري
ويو هو. فوجي ٽولي مونکي ڇهه ڀيرا گرفتار ڪيو هو ۽
فوجي اختياري وارن مونکي ڪراچي ۽ لاهور ۾ پير رکڻ
کان ڪيئي ڀيرا منع ڪئي هئي. منهنجيءَ ماءُ کي به
اهو ئي چيو ويو هو. بابا جي نظربنديءَ واري زماني
۾ امان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائم مقام چيئرپرسن
هئي، جنهن حيثيت ۾ هن کي اَٺ ڀيرا نظربند ڪيو ويو
هو. اسين گذريل ڇهه هفتا، سهالا ۾ ۽ ان کان اڳ ڇهه
مهينا راولپنڊي ۾ نظربند هيونسين. ان هوندي به
ڪالهه تائين آئون پاڻ کي يقين نه پئي ڏياري سگهيس،
ته جنرل ضياءَ سچ پچ بابا کي قتل ڪندو.
اها خبر منهنجن ننڍن ڀائرن کي ڪير ٻُڌائيندو، جن
سياسي جلاوطنيءَ ۾ لنڊن مان بابا جي موت جي سزا
خلاف ويڙهه پئي ڪئي؟ ۽ منهنجي ڀيڻ صنم کي ڪير
ٻُڌائيندو جيڪا هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي
پڙهائيءَ جي آخري سال ۾ هئي؟ مونکي خاص ڪري صنم جي
ڏاڍي ڳڻتي هئي. هُن جو سياست سان ڪو ناتو ئي ڪونه
هو. پر اسان سڀني سان گڏ هن کي به اُن المناڪ
صورتحال ۾ گهِلي آندو ويو هو. ڇا هاڻي هوءَ اڪيلي
هئي؟ مون دعا پئي گهري ته هوءَ ڪو اهڙو بيوقوفاڻو
قدم نه کڻي.
مون اهو سمجهيو، ڄڻ منهنجو جسم بنهه ٽُڪر ٽُڪر ٿي
ويو هجي. آئون هاڻي اڳتي ڇا ڪري سگهنديس؟ اسان
ڪوششن کان پوءِ به بابا جي زندگي بچائڻ ۾ ناڪام
ٿيا هئاسين. مون پاڻ کي ڏاڍو هيڪلو پئي ڀانئيو.
”اوهان کانسواءِ آئون پنهنجي مدد ڪيئن ڪري
سگهنديس؟“ مون بابا کان سندس موت جي ڪوٺڙيءَ ۾
پڇيو هو. مونکي سندس سياسي نصيحت جي گهُرج هئي.
جيتوڻيڪ ان لاءِ مون هارورڊ ۽ آڪسفورڊ مان سَندون
ورتيون هيون، پر آئون سياستدان نه هيس. ڀلا هُو ڇا
ٿي چئي سگهيو؟ هُن لاچاري ۽ بيوسي ڏيکاري هئي. هڪ
ڏينهن اڳ مون بابا کي آخري ڀيرو ڏٺو هو. اُن
گڏجاڻيءَ جي پِيڙا سَهپ کان ٻاهر آهي. هُن کي ڪنهن
به اهو ڪونه ٻڌايو هو، ته ايندڙ ڏينهن فجر جو کيس
ڦاسي ڏني ويندي. اها ڳالهه انهن عالمي اڳواڻن کي
ڪنهن به نه ٻڌائي هئي، جن سرڪاري طرح فوجي ٽولي کي
رحم جي درخواست ڪئي هئي، جن ۾ جمي ڪارٽر، مارگريٽ
ٿيچر، ليونڊ برزنيف، پوپ جان پال ٻيو، اندرا
گانڌيءَ ۽ ٻيا به ڪيترائي، سمورا اسلامي ملڪ-
سعودي عرب، عرب امارات، ۽ شام شامل هئا. ضياءَ جي
ٽولي مان ڪنهن به ملڪن يا ماڻهن کي بابا جي ڦاسيءَ
جي تاريخ جو اطلاع ڪونه ڏنو هو، ڇو ته پنهنجي
وزيراعظم جي قتل تي عوام جي ردعمل جو کين گهڻو
ڊَپُ هو. رڳو منهنجي ماءَ ۽ مونکي ڄاڻُ هئي ۽ اها
به اسان کي اتفاق سان سُڌ ملي هئي.
2 اپريل تي صبح سوير آئون پنهنجي کَٽ تي ليٽيل
هيس، ته اوچتو ڪمري ۾ امان گهڙي آئي. ”پِنڪي“، هُن
مونکي خاندان جي پيار واري نالي سان سڏيو، پر سندس
لهجو ٻُڌڻ سان ئي منهنجو سمورو جسم سِيٽجي ويو.
”ٻاهر فوجي عملدار آيا آهن، جيڪي چون ٿا ته پاڻ
ٻئي اڄ هلي تنهنجي بابا سان ملاقات ڪريون. اُن جو
مطلب ڇا آهي؟“
اُن ڳالهه جي مونکي بلڪل صحيح ڄاڻ هئي. اها ڄاڻ هن
کي به هئي. پر اسان اُن کي مڃڻ لاءِ تيار نه
هئاسين. اُن ڏينهن امان جي ملاقات جو وارو هو،
جنهن کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت مليل هئي.
منهنجي ملاقات ان هفتي پوءِ ٿيڻي هئي. هنن جي ان
خواهش جو مطلب ته اسين ٻئي وڃي ملاقات ڪريون. رُڳو
اهو ئي هو ته اها آخري ملاقات هئي. ضياءَ بابا کي
قتل ڪرڻ وارو هو.
منهنجو ذهن ڊوڙڻ لڳو. اسان کي اها ڳالهه پڌري ڪرڻي
هئي. عالمي برادريءَ ۽ عوام کي آخري سَڏ ڏيڻوهو.
وقت نڪري ويو هو. ”هنن کي ٻڌايو ته آئون ٺيڪ نه
آهيان.“ مون امان کي تڪڙو تڪڙو چيو. ”هنن کي ٻڌايو
ته جيڪڏهن اها آخري ملاقات آهي، ته پوءِ آئون
بلڪل اينديس، پر جيڪڏهن ڪانهي ته پوءِ اسين سڀاڻي
هلنديونسين.“ جڏهن امان پهريدارن سان ڳالهائڻ وئي،
ته مون جَهٽ هڻي اهو نياپو کولي ڦاڙي ڇڏيو، جيڪو
مون اڳواٽ ويڙهي رکيو هو. مون هڪ نئون نياپو لکيو.
”آئون سمجهان ٿي، ته هنن اسان کي آخري ملاقات
ڪرائڻ لاءِ گهرايو آهي.“ مون ٻاهر هڪ ساهيڙيءَ کي
تڪڙ تڪڙ ۾ ان اميد تي لکيو، ته هوءَ پارٽي اڳواڻن
کي خبردار ڪندي، جيڪي وري ٻاهرين ملڪن جي سفيرن کي
اطلاع ڪندا ۽ عوام کي تحريڪ ۾ آڻيندا. عوام اسان
جي آخري اُميد هو.
”هيءُ حڪم ياسمين تائين پهچاءَ“ مون پنهنجي وفادار
ملازم ابراهيم کي چيو، اهو ڄاڻندي به ته اهو وڏي
جوکم جو ڪم هو. هُن وٽ ايترو وقت ئي ڪونه هو، جو
ڪنهن همدرد پهريدار جي ڊيوٽيءَ تي اچڻ جو اوسيئڙو
ڪري ها. ممڪن هو ته هن جي جهڙتي ورتي وڃي ها ۽
اُهي سندس ڪَڍ لڳن ها. هن ۾ اڳ ويچارڻ جي اهليت ئي
ڪين هئي. خطرو تمام وڏو هو. ”وڃ ابراهيم وڃ!“ مون
هن تي زور آڻيندي چيو. ”پهريدارن کي چئو ته تون
منهنجي لاءِ دوائون وٺڻ وڃين پيو.“ ۽ هُو وٺي ڀڳو.
مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ته فوجي لشڪر ۾ هڪ ٻئي
سان مشورا پئي ٿيا. پوءِ هنن پنهنجي وائرليس سيٽ
تي نياپو اماڻيو ته، آئون بيمار آهيان ۽ جواب اچڻ
جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا. انهيءَ مونجهاري ۾ ابراهيم
دروازي تي پهتو. ”مونکي بينظير ڀٽو صاحبا لاءِ
جلدي دوا آڻڻي آهي. جلدي!“ هُن اُنهن پهريدارن کي
چيو، جن منهنجي بيمار هجڻ جي ڳالهه ٻُڌي ورتي هئي.
ڄڻ معجزو ٿيو جو هنن ابراهيم کي وڃڻ جي اجازت ڏني.
اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڪمري ۾ امان جي اچڻ کان پنج
منٽ پوءِ ٿيو هو. منهنجن هٿن ڏڪڻ ئي بند نه ٿي
ڪيو. مونکي سمجهه ۾ به نه ٿي آيو ته ڇا اهو نياپو
آساني سان پهچي به ويندو؟
دريءَ کان ٻاهر وائرليس سيٽ جي کڙکڙ ٿي. ”جيئن ته
اوهان جي ڌيءَ جي طبيعت چاڪ ڪانهي، تنهنڪري اوهين
سڀاڻي ملاقات ڪري سگهو ٿيون.“ اختياري وارن نيٺ
امان کي ٻڌايو. اسان بابا جي حياتيءَ جا ٻيا
چوويهه ڪلاڪ ماڻي ورتا هئا. پر ابراهيم جي وڃڻ کان
پوءِ جڏهن ڪمپائونڊ جا دروازا هڪدم بند ڪيا ويا،
تڏهن اسان ڀانئيو ته ڪو ڀوائتو بدسوڻ ٿيڻ وارو هو.
مقابلو. اسان کي مقابلو ڪرڻو هو. پر ڪيئن؟ مون پاڻ
کي ڏاڍو بيوس پئي ڀانئيو. آئون مورچابند ڪمري ۾
بند هيس، جڏهن ته بابا جي موت جا پَل گهٽجندا پئي
ويا. ڇا منهنجو نياپو پهچي ويندو؟ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ بند هئا. ساڳيءَ
طرح هزارين همدرد به بند هئا، جن ۾ پاڪستان جي
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتون به شامل هيون. ٻين
بيشمار ماڻهن تي ان ڏوهه ۾ ڳوڙها آڻيندڙ بم اڇلايا
ويا ۽ کين ڪوڙا هنيا ويا، جو هنن بابا جو نالو
ورتو هو.هنن جي اڌ اگهاڙن جسمن تي ايترن ڪَوڙن جا
نشان نقش ٿي ويا هئا، جيترا ڪوڙا کين هنيا ويا
هئا. ڇا عوام نااميديءَ جي ان آخري سڏ تي ڌيان
ڏيندا؟ ڇا اهي اهو ٻڌندا به؟
رات جو سوائين اَٺين وڳي امان ۽ مون بي بي سي
ايشيا رپورٽ اسان جي ريڊيي تي ٻُڌي منهنجي جسم جي
هرڪا مُشڪ ڀِيڙجي وئي هئي. آئون اُن اُميد تي اُڀي
ٿي ويٺيس. جيئن بي بي سيءَ تان اها خبر آئي، ته
مُون قيد مان نياپو موڪليو آهي، ته سڀاڻي 3 اپريل
تي بابا سان اسان جي آخري ملاقات ٿيندي. اسان جو
نياپو پهچي ويو هو! آئون بي بي سيءَ تان اسان جي
اُن سڏ جي اعلان ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس، ته عوام
احتجاج لاءِ ٻاهر نڪري اچن. پر اهو اعلان ڪونه
ٿيو، اُٽلندو بي بي سي اهو ٻڌايو ته ان خبر جي جيل
سپرنٽينڊنٽ تصديق نه ڪئي آهي. ”هوءَ ڊڄي ويئي
آهي.“ ريڊيو بابا جي هڪ اڳوڻي وزير جو اهو حوالو
ڏيندي ٻڌايو. امان ۽ آئون هڪٻئي ڏانهن ڏسي به نه
سگهيوسين. اسان جي آخري اميد به ختم ٿي وئي هئي.
هڪ تڪڙي هلندڙ جيپ، سيڪيورٽي فوجَ پٺيان ماڻهن جا
انبوهه ڊَپُ ۾ پنڊ پهڻ ٿيو بيٺا هئا، جن کي پنهنجي
وزيراعظم جي مقدر جي ڪابه خبر نه هئي. جيل جا
دروازا تيزيءَ سان کليا ۽ بند ٿي ويا. جيل جون
سپاهي عورتون منهنجي ۽ امان جي وري جهڙتي وٺن
پيون، پهرين اسان جي سهالا جيل مان نڪرڻ وقت ۽
پوءِ وري ان وقت جڏهن اسين راولپنڊي ۾ جيل پهتيون
هيونسين.
”اوهين ٻئي هتي ڇو آيون آهيو؟“ بابا پنهنجي جهنم
جهڙي ڪوٺڙيءَ جي اندران پڇي ٿو.
امان ڪوبه جواب نٿي ڏئي.
”هيءَ آخري ملاقات آهي ڇا؟“ بابا پڇي ٿو.
امان جواب ڏيڻ جي همت ئي نٿي ساري.
”شايد ائين ئي آهي.“ آئون چوان ٿي.
هُو جيل سپرنٽينڊنٽ کي سڏي ٿو، جيڪو ويجهو ئي بيٺو
هو. اهي ڪڏهن به اسان کي بابا سان اڪيلو نٿا ڇڏين.
”هي آخري ملاقات آهي ڇا؟“ هو کانئس پڇي ٿو.
”ها.“ جواب ملي ٿو. حڪومت جا منصوبا ٻڌائڻ مان لڳي
ٿو ته جيل سپرينٽينڊنٽ کي شرم ٿو ٿئي.
”تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي ڇا؟“
”سڀاڻي فجر جو،“ سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو.
”ڪهڙي وقت“
”پنجين وڳي، جيل جي قاعدن مطابق.“
”توکي اها خبر ڪڏهن پهتي؟“
”گذريل رات،“ هو ڪيٻائيندي ٻڌائي ٿو.
بابا هن ڏانهن ڏسي ٿو.
”مونکي گهر ڀاتين سان ڳالهائڻ لاءِ ڪيترو وقت مليل
آهي؟“
”اڌ ڪلاڪ.“
”جيل قاعدن مطابق اسين هڪ ڪلاڪ جا حقدار آهيون.“
”اڌ ڪلاڪ“ سپرنٽينڊنٽ وراڻي ڏئي ٿو. ”مونکي اهو ئي
حُڪم مليو آهي؟“
”ته پوءِ انتظام ڪر ته آئون وهنجان ۽ ڏاڙهي
ٺاهيان.“ بابا کيس چوي ٿو. ”هي دنيا ڏاڍي سُندر
آهي، جيڪا آئون اُجرائي ۽ سُٿرائيءَ سان ڇڏڻ گهران
ٿو.“
اڌ ڪلاڪ، اُن شخص کان موڪلائڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ، جنهن
کي آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار ڪريان
ٿي. منهنجي سيني ۾ سُور جون سِيٽون اُڀرن ٿيون.
مونکي هرگز دانهڻ نه گهرجي. مونکي مايوس نه ٿيڻ
گهرجي. مونکي بابا جي آزمائش کي ويتر ڏُکيو بنائڻ
نه گهرجي.
هو فرش تي هڪ تڏي تي ويٺل آهي، جنهن کانسواءِ
ڪوٺڙيءَ ۾ ٻيو ڪوبه سامان پيل ڪونهي. هن جي ميز،
ڪرسي ۽ بسترو به کڻي ويا آهن.
”هي وٺ“. هو مونکي اُهي رسالا ۽ ڪتاب ڏيندي چوي
ٿو، جيڪي مون اڳ سندس لاءِ آندا هئا. ”آئون نٿو
چاهيان ته اُهي منهنجين شين کي ڇُهن.“
هو مونکي اهي ٻٽي سِگار به ڏئي ٿو، جيڪي سندس لاءِ
وڪيلن آندا هئا. ”آئون هڪڙو سِگار اڄ رات لاءِ
رکان ٿو.“ هو چوي ٿو. هو شاليمار عطر جي شيشي به
پاڻ وٽ رکي ٿو.
هو مونکي پنهنجي مُنڊي لاهي ڏيڻ گهري ٿو، پر امان
کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ٿي. ”هينئر نٿو لاهيان، پر
پوءِ منهنجي مرضي آهي ته اها بينظير کي ملي.“ هو
امان کي چوي ٿو.
”مون ٻاهر نياپي موڪلڻ جو انتظام ڪيو آهي.“ آئون
ڀڻڪان ٿي، ڇو ته جيل اختياريءَ وارا هر لفظ ٻڌڻ
لاءِ آتا آهن. آئون تفصيل ٻُڌايان ٿي ۽ هن جي مُک
تي سانت ڏسجي ٿي. ”هن سياست جا اصول سمجهي ورتا
آهن.“ هن جي چهري مان اها ڳالهه بَکي ٿي.
موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ روشني ڏاڍي جَهڪي آهي. آئون هن
کي چٽيءَ طرح ڏسي نه پئي سگهان. ٻيءَ هر ملاقات
وقت اسان کي ڪوٺڙيءَ ۾ گڏجي ويهڻ جي اجازت هوندي
هئي، پر اڄ اها اجازت ڪانهي. امان ۽ آئون هن جي
ڪوٺڙيءَ جي دروازي جي لوهي سِيخن سان چُهٽي، ساڻس
جهِيڻو پيا ڳالهايون.
”منهنجي طرفان ٻارن سان پيار ڪجو.“ هو امان کي چوي
ٿو. ”مِير، صَني ۽ شاهه کي چئجو، ته مون هڪ سٺي
پيءُ ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مون گهريو ٿي ته اوهان کان
موڪلايان.“ امان ڪنڌ لوڏي ٿي، پر ڳالهائي نه ٿي
سگهي.
”اوهان ٻنهي ڄڻين ڏاڍيون تڪليفون سَٺيون آهن.“ هو
چوي ٿو، ”هاڻي جڏهن رات هو مونکي قتل ڪرڻ گهرن ٿا،
سو آئون به اوهان کي آزاد ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن ته
آئين معطل آهي ۽ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم آهي، تنهنڪري
جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته اوهين پاڪستان مان
نڪري وڃو. جيڪڏهن اوهين ذهني سُڪون ماڻڻ ۽ نئين
زندگيءَ شروع ڪرڻ گهرو ٿيون، ته پوءِ اوهان شايد
يورپ وڃڻ پسند ڪنديون. آئون اوهان کي پنهنجي طرفان
اجازت ڏيان ٿو. اوهان وڃي سگهو ٿيون.“
اسان جي دلين ۾ وَڍ پيا پون. ”نه، نه.“ امان چوي
ٿي. ”اسين نٿا وڃي سگهون. اسين ڪڏهن به نه
وينديونسين. جنرل اهو هرگز نه سمجهن ته سندن سوڀُ
ٿي آهي. ضياءَ وري چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پر الاءِ هو چونڊون ڪرائڻ جي سگهه به ساري سگهندو
يا نه؟ جيڪڏهن اسين وينديونسين ته اُن پارٽيءَ جي
اڳواڻي لاءِ ڪوبه ڪونه هوندو، جيڪا اوهان ساٿين
سان گڏجي ٺاهي آهي.“
”۽ تون، پِنڪي.“ بابا مونکان پُڇي ٿو.
”آئون ته ڪڏهن به ڪونه وينديس.“ آئون جواب ڏيان
ٿي.
هو مُرڪي ٿو. ”مونکي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي. توکي ڄاڻ
ڪانهي ته آئون توکي ڪيترو ڀانيان ٿو. مون توکي
سدائين ڪيترو نه پيار ڪيو آهي. تون مونکي گهڻي
پياري آهين. تون سدائين، مونکي عزيز آهين.“
”وقت پورو ٿيو.“ سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو. ”وقت پورو
ٿيو.“
آئون لوهي سِيخن کي سوگهو جهليان ٿي.
”مهرباني ڪري ڪوٺڙيءَ جو در کوليو.“ آئون هن کي
چوان ٿي. ”آئون پنهنجي پيءَ کان موڪلائڻ گهران
ٿي.“
سپرينٽينڊنٽ انڪار ڪري ٿو.
”مهرباني ڪر.“ آئون چوان ٿي. ”بابا پاڪستان جو
چونڊيل وزيراعظم آهي. آئون هن جي نياڻي آهيان.
هيءَ اسان جي آخري ملاقات آهي. آئون هن کي ڀاڪر
پائڻ گهران ٿي.“
سپرينٽينڊنٽ وري به نهڪار ڪري ٿو.
آئون سِيخن مان بابا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي.
هو مليريا، دَستن ۽ بُکن سبب ڳري ڪَنڊا ٿي ويو
آهي. پر هُو پاڻ کي ڇڪي اُڀو ڪري ٿو ۽ منهنجي هٿ
کي ڇُهي ٿو. ”اڄوڪي رات آئون آزاد ٿي ويندس.“ هو
چوي ٿو. هن جو چهرو ڪنهن روشنيءَ سبب ٻَهڪڻ لڳي
ٿو. ”اڄ آئون پنهنجي ماءَ ۽ پنهنجي پيءَ سان وڃي
ملندس. اڄ آئون لاڙڪاڻي ۾ پنهنجن وڏڙن جي ڌرتيءَ
ڏانهن واپس ويندس، ته جيئن آئون اتي جي مٽيءَ جي
سُڳنڌ ۽ هوا جو اَٽُوٽ ڀاڱو ٿي سگهان. منهنجي
چؤڌاري راڳ ئي راڳ هوندا. آئون اتي جي ڏندڪٿا جو
حصو بڻجي ويندس.“ هو مُرڪي ٿو. ”پر لاڙڪاڻي ۾ ڏاڍي
گرمي آهي.“
”آئون مقبرو جوڙائيندس.“ آئون ڪوشش ڪري چوان ٿي.
جيل اختياري وارا اندر ڪاهي پون ٿا.
”الله واهي، بابا.“ جيئن امان سِيخن مان هٿ وڌائي
کيس ڇُهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته منهنجي واتُ مان اهي
لفظ نڪرن ٿا. اسين ٻئي ڌپاري اڱڻ مان واپس وڃون
ٿيون. آئون ڪنڌ ورائي ڏسڻ گهران ٿي، پر مون کان
اهو ٿي نٿو سگهي، آئون ڄاڻان ٿي ته آئون پاڻ جهلي
نه سگهنديس.
”ان وقت تائين جڏهن پاڻ وري ملنداسون.“ آئون هن جو
آواز ٻڌان ٿي.
منهنجون ٽنگون ڪنهن نه ڪنهن طرح چُرن ٿيون، پر
آئون کين محسوس نٿي ڪريان. آئون پنڊ پهڻ ٿي وئي
آهيان، پوءِ به آئون گهلبي وڃان. جيل اختياريءَ
وارا اسان کي جيل وارڊن مان واپس وٺيو پيا وڃن،
جيل جو اڱڻ فوجين جي تنبوئن سان سَٿيو پيو آهي.
آئون سوڳ جي حالت ۾ پئي هلان. مونکي رڳو منهنجي
مٿي جو احساس آهي. منهنجو ڳاٽ اوچو هجڻ ضروري آهي.
هو سڀئي مون ڏانهن چتائي پيا ڏسن.
ڪُلف لڳل دروازن اندر ڪار بيٺل آهي، ته جيئن ٻاهر
ماڻهن جا بيٺل انبوهه اسان کي نه ڏسن. منهنجو جسم
ته ڳؤرو ٿي ويو آهي، جو ڪار ۾ چڙهڻ وقت مونکي
ڏکيائي پئي ٿي. ڪار جيل جي دروازي مان تيزيءَ سان
ٻاهر نڪري ٿي. ان کي ڏسي ماڻهن جو انبوهه اسان
ڏانهن وڌي ٿو، جنهن کي سپاهي ڏاڍي سختيءَ سان پٺتي
هٽائين ٿا. ان انبوهه ۾ اڳيان آئون پنهنجي ساهيڙي
ياسمين کي ڏسان ٿي، جيڪا بابا کي ماني پهچائڻ جي
اوسيئڙي ۾ بيٺي آهي. ”ياسمين! هو اڄ رات هن کي قتل
ڪري ڇڏيندا!“ آئون ڪار جي دريءَ مان ڪوشش ڪري رڙ
ڪريان ٿي. ڇا هن منهنجو آواز ٻڌو؟ ڇا منهنجي منهن
مان ڪو آواز نڪتو به يا نه؟
پنج به ٿي ويا. ڇهه ٿيا. مون جيڪو به ساهه کنيو
ٿي، تنهن مونکي بابا جي پڇاڙڪن ساهُن جي ياد ٿي
ڏياري. ”يا الله، شل ڪو معجزو ٿئي.“ امان ۽ مون
گڏجي ٻاڏايو. ”ڪجهه ته ٿئي.“ اُن ڇڪتاڻ جو احساس
منهنجي ٻليءَ ’چن چن‘ کي به ٿيو، جنهن کي آئون
لڪائي پاڻ سان قيد خاني ۾ کڻي آئي هيس. هن ته
پنهنجن پلونگڙن کي به ڇڏي ڏنو هو. اُهي اسان کي
ڪٿي به نظر نه آيا.
پوءِ به اسان نِراس نه ٿياسين. سپريم ڪورٽ يڪراءِ
سفارش ڪئي هئي، ته بابا جي موت واريءَ سزا کي جنم
ٽِيپ جي سزا ۾ بدلايو وڃي. ٻيو پاڪستاني قانون
هيٺ، ڦاسيءَ جي تاريخ جو اعلان ان تي عمل کان هڪ
هفتو اڳواٽ ضروري آهي. اهڙو اعلان به ڪونه ڪيو ويو
هو.
پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي اڳواڻ ملڪ کان ٻاهر هئا، تن
پڻ خبر موڪلي هئي، ته ضياءَ سعودي عرب، عرب
امارات، ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان واعدو ڪيو هو،
ته هو بابا جي موت واريءَ سزا کي بدلائيندو، پر
ضياءَ شروع کان ئي واعدا ٽوڙيا هئا ۽ سعودي عرب جي
پرڏيهي کاتي واري وزير ۽ لبيا جي وزيراعظم انجام
ڪيو هو، ته جيڪڏهن ڦاسي ڏيڻ جي تاريخ جو اعلان
ٿيو، ته اُهي ملڪ ۾ پهچي ويندا. ڇا هنن بي بي سيءَ
تان منهنجو نياپو ٻڌو هو؟ ڇا هتي پهچڻ لاءِ هنن وٽ
وقت آهي؟ اسلام آباد ۾ چين جو هڪ وفد آيل هو. بابا
پاڪستان جي چين سان دوستيءَ جي شروعات ڪئي هئي. ڇا
اُهي بابا لاءِ ضياءَ تي زور رکندا؟
سهالا جي سخت گرميءَ ۾ آئون ۽ امان ڳالهائڻ کان
سواءِ پنڊ پهڻ ٿيو ويٺيون هيونسين. ضياءَ اهو به
ظاهر ڪيو هو، ته هو معافيءَ جي حجت رُڳو بابا
طرفان يا سندس خاندان يعني اسان طرفان مڃيندو. پر
بابا ان جي منع ڪئي هئي.
موت جي اوسيئڙي ۾ اُهي گهڙيون ڪيئن ٿيون گذرن؟
آئون ۽ امان ماٺ ڪيو ويٺيون هيونسين. ڪنهن وقت
اسان رڙ به ڪئي ٿي. جڏهن اسان ۾ ويهڻ جي سگهه نه
رهي، تڏهن اسين بستري تي ويهاڻن مٿان ڪِري ٿي
پيونسين. هو هن جي حياتي جي ڏوري وڍي ڇڏيندا. آئون
سوچيندي رهيس. ان ڪوٺڙي ۾ ڪنهن کي به پنهنجي ويجهو
نه ڏسي، هو ڪيڏي نه اڪيلائي ڀانئيندو هوندو. هن ڪي
به ڪتاب پاڻ وٽ ڪونه رکيا هئا. هن ڪابه شئي نه رکي
هئي. هن وٽ رڳو اهو هڪڙو سِگار هو. منهنجي نڙي
ايتري ته ٺوٺ ٿي وئي هئي، جو مون گهريو ٿي ته ان
کي ڦاڙي کوليان. پر منهنجي مرضي نه هئي ته اهي
پهريدار، جيڪي سدائين اسان جي دريءَ پٺيان پيا
کِلندا هئا ۽ ڳالهائيندا هئا، سي منهنجيون رڙيون
ٻُڌي خوش ٿين. ”امان، مون کان سَٺو نٿو ٿئي، آئون
سَهي نٿي سگهان.“ ڏيڍ وڳي رات جو آئون وري ويٺيس.
هوءَ نِنڊ جون گوريون کڻي آئي. ”ڪوشش ڪري ننڊ ڪر.“
هن چيو.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آئون هنڌ ۾ اُڀي ٿي ويٺيس ۽ مون
پنهنجي ڳچي ۾ پنهنجي پيءَ جو ڦَندو پيل ڀانئيو.
اُن رات آسمان برف جا ڳوڙها ڳاڙيا ۽ لاڙڪاڻي ۾
اسان جي خانداني زمينن تي ڳڙا وسيا. ويجهو ئي اسان
جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي خانداني قبرستان ۾
فوجي گاڏين جي گوڙ گهمسان سبب، ڳوٺاڻا جاڳي اٿيا.
اها پيڙا ۽ عذاب واريءَ رات مون ۽ امان جيل ۾ پئي
گذاري، ته هوڏانهن بابا جي ميت کي ڳڙهي خدا بخش ۾
دفنائڻ لاءِ ماٺ ميٺ سان هوائي جهاز ۾ کڻي ويا.
فوجي حڪومت جو پهريون انتظامي جَٿو اڳواٽ ئي ڳوٺ
پهچي ويو هو، جتي هنن اسان جي ڳوٺاڻي ڪمدار نظر
محمد تي، جنهن جي خاندان وارن ڪيترن ئي نسلن کان
اسان جي خاندان سان گڏجي ڪم ڪيو هو، ميت کي دفنائڻ
جي بندوبست لاءِ گهڻي سختي ڪئي هئي.
نظر محمد جو بيانَ:
4 اپريل تي آئون پنهنجي گهر ۾ سُتو پيو هوس، ته
اٽڪل ٽين وڳي ڌاري رات جو منهنجي اک کُلي ۽ مون
ڳوٺ ٻاهران پنجاهه کان سٺ کن فوجي گاڏين جي تيز
روشني ڏٺي. پهرين مون سمجهيو، ته هو وري ڀٽي صاحب
کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ دفنائڻ جي ايئن مشق ڪندا،
جيئن هنن ٻه ڏينهن اڳ ڪئي هئي. تنهن وقت هنن چيو
هو، ته اسين عام فوجي مشقَ پيا ڪريون. ڳوٺ جي
ماڻهن ۾ خاص ڪري تڏهن هراس پکڙجي ويو هو، جڏهن
پوليس وارا ڀٽي خاندان جي قبرستان ۾ گهڙي
خبرداريءَ سان چڪاسڻ لڳا. ان اوڦٽي وقت پوليس جڏهن
مونکي پنهنجي گهر مان ٻاهر گهرايو، تڏهن سڀئي
ڳوٺاڻا، پوڙها، جوان، مرد ۽ عورتون پنهنجن پنهنجن
گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. سڀني کي ڊَپُ هو، ته ڀٽي
صاحب کي اڳواٽ ئي ڦاسي ڏني وئي آهي يا جلد ڏني
ويندي. هر طرف روڄ راڙو ۽ واويلا هئي ۽ سندن مُنهن
مان مايوسي پڌري هئي.
”ڀٽي صاحب کي دفنائڻ جو هڪدم بندوبست ڪيو وڃي.“
فوج ۽ پوليس جي عارضي هيڊ ڪوارٽر ۾ هنن مونکي چيو،
”اسان کي قبر جي جاءِ ڏيکار.“ مون رُنو پئي.
”اوهان کي قبر جي جاءِ اسين ڇو ڏيکاريون؟“ مون هنن
کي چيو. ”اسين پاڻ هن جون آخري رسمون ڪنداسون. ڀٽو
صاحب ته اسان جو آهي.“
مون هنن کي چيو، ته مونکي اجازت ڏيو ته قبر کوٽڻ
لاءِ اسين پنهنجا ماڻهو وٺي اچون، ڪَچيون سِرون
کڻائي اچون، قبر لاءِ ڪاٺ جا تختا وڍيون ۽
پنهنجيون مذهبي رسمون پوريون ڪريون. هنن مونکي ان
ڪم ۾ مدد لاءِ رُڳو اٺن ماڻهن جي اجازت ڏني.
اسين اڃا اُن دل ڏاريندڙ ڪم ۾ رڌل هئاسين، ته فوج
۽ پوليس جي گاڏين نه رڳو سڄي ڳوٺ جو گهيرو ڪيو، پر
هر ننڍي وڏي گهٽيءَ جو رستو به بند ڪري ڇڏيو. ڳوٺ
مان ڪير به ٻاهر نڪري نه پئي سگهيو، ۽ نه ئي وري
ڪير ڳوٺ ۾ اچي ٿي سگهيو. اسين هر طرف کان گهيري ۾
هئاسين. صبح جو اٺين وڳي ڳوٺ ڀرسان رستي تي ٻه
هيليڪاپٽر لٿا، جتي هڪ ايمبولينس بيٺي هئي. مون
ڏٺو ته ڏوليءَ کي لاهي ايمبولينس ۾ رکيو ويو، جيڪا
قبرستان ڏانهن هلي. ”هيءُ گهر خالي ڪريو.“ فوج جي
ڪرنل قبرستان جي ڏاکڻي ڪُنڊ واري هڪ ننڍڙي رهائش:
گهر ڏانهن اشارو ڪندي مونکي چيو. جتي قبرستان جي
سنڀال ڪندڙ ۽ پيش امام پنهنجن ٻارن سميت رهي ٿو.
مون ان ظلم ۽ ان سبب پيش امام ۽ سندس ٻارن کي
ٿيندڙ تڪليف تي احتجاج ڪيو. پر ڪرنل نه مُڙيو.
پوءِ ان گهر جي ڇت تي ويهه فوجي چڙهي ويا ۽
پنهنجين بندوقن جا مُنهن قبرستان ڏانهن ڪري ويٺا.
مرهيات جي ويجهن مائٽن لاءِ لازمي هو، ته اهي سندس
مُنهن پڇاڙڪو ڀيرو ڏسن. قبرستان سان لڳولڳ ڳڙهيءَ
۾ ڀٽي صاحب جا سئوٽ رهندا هئا. ڀٽي صاحب جي پهرين
گهر واريءَ پڻ ويجهي ڳوٺ نئين ديري ۾ رهندي هئي.
گهڻي کِٽراڳ ۽ حُجت کان پوءِ اختياري وارن نيٺ
مونکي اجازت ڏني، ته آئون هن کي وٺي اچان. هوءَ
جڏهن اتي پهتي تڏهن اسان ڏوليءَ کي کولي، ميت کي
منجهانئس ڪڍي، واڻ جي اُن کٽ تي رکيو، جيڪا مون
پنهنجي گهران آندي هئي. ڀُٽي خاندان جون عورتون
پردي ۾ رهن ٿيون ۽ اوپرن ماڻهن اڳيان نٿيون اچن.
خاندان جي مردن کان سواءِ ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ
کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. پر فوج جا ماڻهو
شرافت جا سڀئي لِيڪا لتاڙي زوريءَ اندر ڪاهي آيا
هئا.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن ميت ٻاهر کڻي آيا، تڏهن مون
ڪرنل کان قسم کڻائيندي پڇيو، ته مذهبي حڪمن ۽
دفنائڻ جي روايتن مطابق ميت کي غسل ڏنو ويو هو يا
نه. هن قسم کڻي اُن جي تصديق ڪئي. مون چڪاسي ڏٺو،
ته ميت کي سوٽي ڪپڙي جو اَڻ سبيل ڪفن پيل هو.
اسان ميت جي ڌَڙ کي ڏسي نِراس ۽ وياڪل ٿي وياسين.
مونکي پڪ ڪانهي ته اُهي کيس ڏسڻ جي اجازت ڏين ها،
ڇو ته سندن ڪرتوت پڌرا ٿي پون ها. پر هُن جو مُنهن
موتيءَ جيان پئي ٻهڪيو، ۽ سندس منهن موتي جهڙو هو.
هو اهڙو پئي لڳو جهڙو سورهن ورهين جي ڄمار ۾ هوندو
هو. هن جي چمڙيءَ جا رنگ به گهڻا ڪونه ٿي ڏٺا. نه
وري هن جون اکيون ۽ ڄِڀ ٻاهر نڪتل هئي، جيئن مون
انهن ماڻهن جي تصويرن ۾ ڏٺو هو، جن کي ضياءَ ماڻهن
جي وچ ۾ ڦاسيون ڏنيون هيون. مذهبي رسم مطابق مون
ڀٽي صاحب جو منهن اولهه ڏانهن مڪي طرف ڪيو. هن جو
ڪَنڌ ان پاسي لڙي ڪونه ڪِريو. هن جي ڪرنگهي واري
هڏيءَ ٽٽل ڪين هئي؛ البت سندس نڙگهٽ تي سرڪاري
مُهر جهڙا عجيب ڳاڙها ۽ ڪارا ٽُٻڪا هئا.
ڪرنل ڏاڍو ڪاوڙجي پيو هو. ڳوٺ جا چوڏهن کان پندرهن
سؤ تائين ماڻهو ڌوڪيندا ڏوليءَ ويجهو آيا ۽ شهيد
جي مُنهن جو تَجلو ڏسڻ لڳا. سندن روڄ راڙي دل ۾
وَڍ ٿي وڌا. ڪرنل دڙڪا ڏنا ته جيڪڏهن ماڻهو اتان
هڪدم هٽي پري نه ٿيندا، ته مٿن لٺيون وَسايون
وينديون.
”ميت کي هڪدم دفنايو وڃي.“ هن چيو. ”جيڪڏهن گهُرج
پئي ته اُن لاءِ اسين ڏنڊي کان به ڪم وٺنداسين.“
”اُهي ماتم پيا ڪن ۽ هنن کي گهڻو سوڳ آهي.“ مون هن
کي ٻڌايو. پوءِ بندوق جي زور تي اسان تڪڙ ۾ جنازي
نماز پڙهي ۽ بعد ۾ مرحوم جي شانَ پٽاندر اسان سندس
ميت لحد ۾ لاٿي. ان وقت هڪ طرف قرآن شريف جي تلاوت
پئي ٿي، ته ٻئي پاسي گهرن مان عورتن جي ماتم جو
آواز پئي آيو.
بابا جي وفات کانپوءِ سهالا ۾ ڪيترن ئي ڏينهن
تائين آئون کائي يا پي نه ٿي سگهيس. آئون پاڻيءَ
جو ڍُڪ پيئندي هيس، ته اٻڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي
هيس. مون کان ڪا شيءَ ڳڙڪي نه سگهندي هئي، ۽ نه
وري آئون سُمهي سگهندي هيس. جڏهن به مون اکيون بند
ٿي ڪيون، ته مون هڪڙو خواب ٿي ڏٺو. آئون ڊسٽرڪٽ
جيل اڳيان بيٺي آهيان. ان جا دروازا کليل آهن.
ڏسان ٿي ته ڪو شخص مون ڏانهن پيو اچي. ”بابا!“
آئون ڊوڙي هن ڏانهن وڃان ٿي. ”اوهين ٻاهر نڪتا
آهيو! اوهين ٻاهر آيا آهيو! مون سمجهيو هو ته هنن
اوهان کي قتل ڪري ڇڏيو. پر اوهين ته جيئرا آهيو!“
پر هن تائين پهچڻ کان اڳ ئي منهنجي اک کلي ويندي
هئي، ۽ مان هڪ ڀيرو وري ڀانئيندي هئس، ته هو هن
دنيا مان هليو ويو آهي.
”تون ماني ته کاءَ، پِنڪي. توکي ضرور کائڻ گهرجي.“
امان سُوپ آڻيندي چوندي هئي. ”اسين جڏهن هتان ٻاهر
نڪري چونڊن لاءِ تياري ڪنداسين، تڏهن توکي طاقت ۽
قوت جي گهُرج ٿيندي. جيڪڏهن تون پنهنجي بابا جي
اصولن خاطر وڙهڻ گهرين ٿي، تون هن وانگر وِڙهڻ
گهرين ٿي، ته پوءِ کاءُ. توکي ضرور کائڻو پوندو.“
۽ آئون ٿورو کائيندي هيس.
تعزيت جا جيڪي نياپا لِڪ ڇپ ۾ اسان تائين پهچندا
هئا، سي آئون پاڻ زور سان پڙهندي هيس. ”منهنجي
پياري چاچي ۽ بينظير.“ 5 اپريل تي لاهور مان اسان
جي هڪ خانداني ساهيڙيءَ لکيو، ”مون وٽ پنهنجو ڏک
ٻُڌائڻ لاءِ لفظ ئي ڪونه. جيڪي به ٿيو آهي تنهن
لاءِ سڄي قوم تنهنجي جوابدار آهي. اسين سڀئي
ڏوهاري آهيون… هر هڪ پاڪستاني ڏکويل، مايوس، ساڻُو
۽ غير محفوظ آهي. اسين سڀئي ڏوهاري آهيون ۽ گناهه
هيٺان دٻيل آهيون.“
اُن ساڳئي ڏينهن راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ڏهه
هزار ماڻهو گڏ ٿيا. اتي ئي ڏيڍ سال اڳ امان قيدي
بابا طرفان چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ جلسو ڪرايو هو،
جنهن ۾ ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿيا هئا. پاڪستان پيپلز
پارٽي جي اها مشهوري ڏسي ضياءَ چونڊون رد ڪري
ڇڏيون ۽ بابا کي موت جي سزا ڏنائين. هاڻي هن جي
پوئلڳن جڏهن جنازي نمازون ٿي پڙهيون ۽ بابا جي حق
۾ نعرا ٿي هنيا، ته پوليس وري مٿن ڳوڙها آڻيندڙ بم
ٿي اڇلايا. انهيءَ تي ماڻهو مڇرجڻ لڳا ۽ پوليس
وارن تي سِرون ۽ پٿر اڇلائڻ لڳا، جيڪي لٺين سان
مٿن ڌُوڪيندا آيا ۽ کين گرفتار ڪرڻ لڳا. ياسمين،
سندس ٻه ڀينرون ۽ ماءُ ان جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون
هيون. اتي منهنجي هڪ ساهيڙي امينا پراچا به هئي،
جنهن سپريم ڪورٽ ۾ بابا جي مقدمي لاءِ وڪيلن جي
مدد ڪئي هئي. اتي امينا جون ٻه ڀينرون، ڀائٽيون ۽
سندس ستر ورهين جي ڪراڙي آيا به هئي. انهن سڀني
ڏهن عورتن کي ٻين سون ماڻهن سميت گرفتار ڪري ٻن
هفتن لاءِ قيد ڪيو ويو هو.
هڪدم بابا جي موت بابت افواهه پکڙجڻ شروع ٿيا:
جلاد چريو ٿي ويو؛ بابا جي ميت کي جنهن جهاز ۾
ڳڙهي خدا بخش موڪليو ويو هو، تنهن جي پائليٽ کي
جڏهن خبر پئي، ته جهاز ۾ ڪير آهي، تڏهن هو ايترو
ته گهٻرائجي ويو، جو هن کي جهاز هيٺ لاهڻو پيو ۽
هڪ ٻئي پائليٽ کي گهرائڻو پيو هو. بابا جي آخري
وقت بابت اخبارون ڏکارن تفصيلن سان ڀريون پيون
هيون. هن کي ايترا ته عذاب ڏنا ويا هئا، جو هو مرڻ
تي هو ۽ سندس رَڳ تمام آهستي پئي هلي ۽ هن کي
اسٽريچر تي کڻي ڦاسيءَ گهاٽ تائين پهچايو ويو هو.
ٻيءَ پختي رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي، ته بابا موت
ڪوٺڙيءَ ۾ جهيڙي ۾ مري ويو هو. فوجي عملدارن هڪ
اقرارنامي تي صحي لاءِ مٿس زور رکيو هو، جنهن ۾
لکيل هو، ته هن پاڻ فوجي انقلاب آندو هو ۽ ضياءَ
کي دعوت ڏني هئي، ته ملڪ جون واڳون سنڀالي، جيڪو
بيانَ حڪومت کي پنهنجي جائز هجڻ جي ثبوت ۾ گهربل
هو.
اُن بيان مطابق هڪ عملدار بابا کي گهڻي زور سان
ڌِڪو ڏنو هو، جنهن سبب هن جو مَٿو ڪوٺڙيءَ جي
ديوار سان وڃي لڳو ۽ هو ڪِري پيو ۽ پوءِ وري هوش ۾
ئي ڪونه آيو هو. کيس ساهه کڻڻ لاءِ ڊاڪٽر کي
گهرايو ويو هو، هن جي دل جي مالش ڪئي وئي هئي ۽
نڙيءَ ۾ نلڪي وڌي وئي هئي، جنهن سبب نظر محمد کي
هن جي ڳچيءَ تي اهڙا نشان نظر آيا هئا. پر اُهو سڀ
ڪجهه اجايو هو.
مون اُن ڳالهه تي ويساهه ڪيو هو. ڀلا بابا جي جسم
تي ڦاسيءَ جا جسماني نشان ڇو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيا؟
آئون ڇو رات جو ٻين وڳي جاڳي اٿيس، جڏهن ته هن کي
ڦاسيءَ ڏيڻ جي وقت ۾ اڃا پورا ٽي ڪلاڪ
هئاادفجڪاجدلفج؟ هڪ ٻئي سياسي قيدي جنرل بابر
مونکي ٻڌايو، ته هو پڻ اوچتي سياٽي سبب ٻين وڳي
جاڳي پيو هو. اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل ٻين
دوستن ۽ سياسي همدردن به ائين ئي ڀانئيو هو. لڳو
ٿي ته بابا جو روح انهن سڀني وٽان ٿيندو پئي ويو،
جن جو ساڻس پيار هو.
۽ افواهه ويتر وڌندا ويا.
”لاش قبر مان ڪڍائي اُن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو.“
بابا جي سئوٽ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي اڳواڻ
ممتاز ڀٽي سهالا ۾ فون تي تعزيت ڪندي مون تي زور
رکيو. ”اُهو ڪم اسان کي سياسي فائدو ڏيندو.“ سياسي
فائدو؟ بابا گذاري ويو هو. سندس لاش کي قبر مان
ڪڍڻ سبب هو جيئرو ٿي ڪونه پوندو.
”هن کي قتل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ به
هنن کيس آرام سان رهڻ نه ڏنو هو.“ مون چاچي ممتاز
کي ٻڌايو. ”هاڻي هو آجو ٿي ويو آهي. هن کي آرام
ڪرڻ ڏيو.“
”اُن جي جيڪا تاريخي اهميت ٿي سگهندي، سا تون نٿي
سمجهين.“ چاچو ممتاز ضد ٻَڌي بيٺو.
مون پنهنجو ڪَنڌ لوڏيو. ”تاريخ هن جي زندگيءَ بابت
فيصلو ڏيندي. هن جي موت جا سببَ اهم ناهن.“ مون
چيو ”آئون هن جو لاش قبر مان نه ڪڍائينديس. هن کي
آرام جي گهُرج آهي.“
امان جي ڀاڻيجي ۽ منهنجي ننڍپڻ جي ساهيڙي سميعا
وحيد کي اجازت ڏني وئي، ته سهالا ۾ اچي اسان جي
ڏُک ۾ شريڪ ٿين. هنن کي اهو ڏسي اطمينان ٿيو هو،
ته جيتوڻيڪ اسين بيحد ڏُکاريون هيونسين، پر اسان
مايوس نه هيونسين. ”اسان ته اهو به ٻڌو، ته تون
ايتري مايوس هئينءَ جو آپگهات ٿي ڪيو؟“ سميعا هڪ
ٻئي افواهه جو ذڪر ڪندي چيو، جيڪو حڪومت پکيڙيو
هو.
فخري، جيڪا ڏاڍي جذباتي آهي، تنهن ڊوڙي اچي امان
کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس آٿت ڏيندي فارسيءَ ۾ چوڻ لڳي
ته، ”نصرت، ڪاش آئون اِهي ڏينهن ڏسڻ کان اڳ ئي مري
وڃان ها.“ هن رڙيون ڪيون. ”ماڻهو چون ٿا ته ضياءَ
کي ڦاسيءَ ڏني وڃي.“ فخري مونکي پڻ ڀاڪر پاتو. هو
پهرين عورت هئي، جنهن هڪ سال اڳ مون تائين بابا جي
موت جي سزا واريءَ خبر پهچائي هئي. ان وقت آئون
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند هيس ۽ هوءَ پوليس
کان نظر بچائي مون تائين پهتي هئي. آئون پنهنجي
ڪمري ۾ ويٺي هيس، ته سامهون واري دورازي مان هوءَ
اوچتو ڌوڪيندي اندر آئي ۽ ڪمري جي فرش تي ڪِري
رڙيون ڪرڻ لڳي. ۽ ڏک وچان پنهنجي پيشاني فرش تي
هڻڻ لڳي. اڌ ڪلاڪ اندر فوجي اختياريءَ وارا خود
فخري جي نظربنديءَ جو حڪم کڻي آيا هئا، جنهن کي
سياست جي الف ب جي به خبر نه هئي ۽ جيڪا ماهه-
جونگ ۽ برج رانديون رهي پاڻ وندرائيندي هئي. هوءَ
پنهنجي مڙس ۽ ننڍڙن ٻارن کان پري هڪ هفتي تائين
مون سان گڏ قيد هئي.
هاڻي اسان گڏجي روئڻ شروع ڪيو. هُن اسان کي ٻڌايو،
ته ڪراچيءَ ۾ اسان جي باغ ۾ سوين ماڻهو- پورهيت،
ٽئڪسي ڊرائيور، گهورڙيا ٽيجهي جي ڏينهن تي اچي گڏ
ٿيا هئا. ڪيترائي هفتا اڳ هر رات ڪيتريون ئي
عورتون، بسن ۾ چڙهي اسان جي گهر اينديون هيون ۽
قرآن شريف پنهنجن مٿن تي رکي، بابا لاءِ دعائون
گهرنديون هيون.
فوجي لباس، جيڪو سدائين اسان جي قومي فخر جو
اُهڃاڻ رهيو هو، تنهن تي هاڻي ٺٺولي ڪئي ٿي وئي.
فخريءَ اسان کي اهو به ٻڌايو. ڪراچيءَ مان هوائي
جهاز ۾ سفر ڪندي هن ۽ سميعا فوجي لباس پاتل ڪنهن
به شخص ڀرسان ويهڻ کان انڪار ڪيو هو. ”قاتل.“ هنن
رڙيون ڪندي چيو هو. ٻين مسافرن کين ڏک ۾ ڏسي، عزت
خاطر پنهنجا ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيا هئا. ڪنهن به ڪو لفظ
نه ڪُڇيو. هر هڪ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
اسان اختياريءَ وارن کي درخواست ڏني هئي، ته ٽيجهي
تي اسان کي بابا جي مزار تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
7 اپريل تي صبح جو ستين وڳي اسان کي ٻُڌايو ويو،
ته اوهين پنجن منٽن ۾ تيار ٿي وٺو. اسان وٽ ماتم
جا ڪارا ڪپڙا ڪونه هئا، تنهنڪري قيد ۾ جيڪي ڪپڙا
موجود هئا، اهي اسان پاتا. اسين هوائي اڏي وڃڻ
لاءِ ڪار ۾ ويٺيونسين، ته فوجي حڪومت جي هڪ عملدار
زور ڏيندي چيو، ”جلدي ڪريو! جلدي ڪريو!“ اهي
سدائين اسان کي تڪڙو تڪڙو وٺي ويندا هئا، جو کين
ڊپ هوندو هو ته متان عوام اسان کي ڏسي، هٿ لوڏين،
دلداري ڪرائين يا ڪنهن به نموني نفرت ڏيکارين.
پر فوج جا سڀئي ماڻهو ظالم ۽ ڪَٺورڪو نه هئا. اسين
جڏهن هوائي اڏي تي پهتيونسين، تڏهن فوجي جهاز جي
عملي اسان جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو. هنن جا ڪنڌ
جهُڪيل هئا. جڏهن امان ڪار مان ٻاهر نڪتي، ته انهن
کيس سلامي ڏني. اهو ان شخص جي بيواهه جي عزت جو
اشارو هو، جنهن نوي هزارن کان وڌيڪ سندن ساٿي
سپاهين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائي واپس
آندو هو. اها ڳالهه سڀني ڪين وساري هئي. ان مختصر
سفر ۾ هنن اسان کي چانهه، ڪافي ۽ سينڊوچ جي آڇ
ڪئي. سندن منهن مان حيرت ۽ ڏک پڌرو هو. ڪجهه ماڻهن
جو گناهه ڪيترن ئي جو ڏوهه ٿي پيو هو.
اسان جو جهاز ڳڙهي خدا بخش ويجهو موئن جي دڙي
هوائي اڏي کان پوري هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي جيڪب آباد
۾ لٿو. مڪاني فوجي اختياري وارن وري هوائي اڏي کان
ڳوٺ تائين انهن سِڌن ۽ نون رستن تان وڃڻ مناسب نه
سمجهيو، جيڪي بابا ٺهرايا هئا. اُٽلندو ڪار ڪچين
گهٽين مان جهوپا ۽ لوڏا کائيندي هلي ۽ ڊرائيور عام
رستي تي وڃڻ کان پاسو ڪندو رهيو، ته متان ڪار جي
درين تي ٿلهن پردن هوندي به اسين ماڻهن کي نظر نه
اچون. نيٺ اسين پنهنجي خانداني قبرستان جي دروازي
وٽ پهتيوسين، ته اسين پگهر ۽ مٽيءَ ۾ ڀَڀوت ٿي
پيون هيونسين.
آئون جيئن سوڙهي ڦاٽڪ ڏانهن وڌيس، ته هڪ فوجي
عملدار به مون سان گڏ وڌيو، آئون بيهي رهيس.
”نه، تون اندر نٿو وڃين سگهين. اوهان مان ڪوبه
اندر وڃي نٿو سگهي.“ هُن مونکي حُڪم ڏنو.
مون چيو. ”هيءُ اسان جو قبرستان آهي. تون ڌاريو
آهين.“
”اسان کي حڪم مليل آهي، ته اوهان تي نظر رکون“ هن
مونکي چيو.
”تنهنجي اندر وڃڻ سان هن پاڪ جاءِ جي گُستاخي
ٿيندي، جنهن جي آئون توکي هرگز اجازت نه ڏينديس.“
مون وراڻيو. ”اوهان منهنجي بابا کي قتل ڪيو. اوهان
هن کي هتي اماڻيو. اسين هن جي ماتم لاءِ آيا
آهيون، اڪيلائي ۾.“
”اسان کي حڪم مليل آهي، ته هر وقت اوهان سان گڏ
هجون.“ هن زور رکندي چيو. ”ته پوءِ اسين قبر تي ئي
نٿا وڃون. اسان کي واپس وٺي هل.“ امان ڪار ڏانهن
ويندي چيو. هو پٺتي هٽي ويو ۽ اسين قبرستان جي در
وٽ پنهنجيون جُتيون لاهي اندر وياسين.
ڪيڏي نه سانت هئي اُتي ۽ ڪيتري نه ڄاتل سڃاتل. اتي
ڀُٽن جي نسل جا وڏڙا دفنايل هئا، جن شاندار زندگي
گذاري هئي. منهنجو ڏاڏو سر شاهنواز خان ڀٽو، جهونا
ڳڙهه رياست جو وزيراعظم هوندو هو، جنهن کي هندستان
جي ورهاڱي کان اڳ برطانيا جي سرڪار، بمبئي
پريزيڊنسيءَ لاءِ ڪيل خدمتن خاطر ’سر‘ جو خطاب ڏنو
هو. هن جي زال ليڊي خورشيد، منهنجو چاچو سڪندر ڀٽو
۽ سندس ناميارو ڀاءُ امداد علي، جنهن لاءِ چون ٿا
ته ايترو سُهڻو هوندو هو، جو ڪراچي جي اهم واپاري
مرڪز ايلفنسٽن اسٽريٽ مان جڏهن گاڏيءَ ۾ لنگهندو
هو، تڏهن انگريز عورتون هن کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ڊوڙي
اينديون هيون. اتي ٻيا ڪيترائي مائٽ پڻ دفن ٿيل
آهن ان مٽيءَ ۾، جنهن اسان کي جنم ڏنو هو ۽ جنهن ۾
اسين مرڻ کان پوءِ موٽي وينداسين. 1969ع ۾ جڏهن
آئون پاڪستان مان هارورڊ يونيورسٽي پئي ويس، ته
وڃڻ کان اڳ بابا مونکي ان قبرستان ۾ وٺي ويو هو.
”تون گهڻو پري آمريڪا پئي وڃين. تون اتي ڪيتريون
ئي اهڙيون شيون ڏسندينءَ جيڪي توکي اچرج ۾ وجهي
ڇڏينديون. پر تون ياد رک، تون ڇا به ٿين، توکي نيٺ
هتي موٽي اچڻو پوندو. تنهنجي جاءِ هتي آهي،
تنهنجيون پاڙُون هتي آهن. لاڙڪاڻي جي مِٽي، ڌُوڙ،
گَپ ۽ گرمي تنهنجين رَڳن ۾ آهي ۽ هيءَ ئي اِها
جاءِ آهي جتي توکي دفنايو به ويندو.“
تنهن وقت منهنجين اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ آئون هن جي
قبر کي ڳوليندي رهيس. مونکي اها به خبر نه هئي ته
هن کي ڪٿي دفنايو ويو هو. پر جڏهن مون قبر کي ڏٺو،
ته مونکي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. اها مٽيءَ جي هڪ
ڍير وانگر ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڪچي مٽي، جنهن تي گلن جا
پَن ڇٽڪاريل هئا. آئون ۽ امان قبر جي پيرانديءَ
کان ٿي ويٺيونسين. مونکي يقين ئي نه پئي آيو، ته
ڪو منهنجو پيءُ ان قبر ۾ هوندو. آئون هيٺ ڪِري پيس
۽ ان هنڌ جي مٽيءَ کي چُمڻ لڳس، جتي منهنجي خيال
مطابق هُن جا پير هئا.
”بابا، جيڪڏهن مون اوهان کي ڪو ڏک پهچايو هجي، ته
مونکي معاف ڪندا.“ آئون ڀڻڪيس.
اڪيلي، مون پاڻ کي ڪيترو نه هيڪلو ٿي ڀانئيو. سڀني
ٻارن وانگر مون سمجهيو ٿي ته بابا موجود آهي. پر
هاڻي آئون جڏهن هن کي وڃائي ويٺي هيس، تڏهن مون
اهڙي سَکڻائي پئي ڀانئي، جيڪا ڪڏهن به ڀَرجي نه ٿي
سگهي. پر مون رُنو نه هو، ڇو ته مسلمان هجڻ سبب
منهنجو ايمان هو، ته ڳوڙها ڪنهن آتما کي ڌرتيءَ تي
ڇڪيو ٿا آڻين ۽ پوءِ هن کي ڪونه ٿا ڇڏين.
منهنجي پيءُ پنهنجي آزادي ماڻي هئي. هن کي اهو
آرام ۽ سُک ڏاڍو مهانگو پيو هو. هن جي پيڙا ۽
ڀؤڳنا ختم ٿي وئي هئي. ”سڀ ساراهه اُن هستيءَ جي،
جنهن جي قبضي ۾ سڀئي شيون آهن، اوهين سڀيئي هن
ڏانهن موٽي ويندا.“ مون قرآن شريف جي سوره ياسين
پڙهي، منهنجي بابا جو روح الله وٽ بهشت ۾ هو.
هو وري اسان کي ڏکين ۽ وڌيڪ اڙانگن رستن تان تڪڙو
تڪڙو هوائي اڏي ڏانهن وٺي هليا. پر اتي اهو هوائي
جهاز جو ساڳيو عملو اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ موجود
هو. سهالا جي درن وٽ ۽ انهن ڀوائتن ڪمرن ۾، جتي
اسين نظربند هيونسين، اسان جي جيڪا جهَڙتي ورتي
ويندي هئي، تنهن ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو هو. پر مون ۾
امن ۽ هڪ نئين ڀروسي ۽ ويساهه جي سوچ جاڳي پئي
هئي.
اُٿ ۽ کين للڪارينس. هنن جو مقابلو ڪر. ڀوائتن
ڏکيائين سان جنگ جَوٽ. دشمن کي ماري ماتَ ڪر.
ننڍڙي وهيءَ ۾ بابا اسان کي جيڪي آکاڻيون ٻڌائيندو
هو، تن ۾ بديءَ تي نيڪيءَ جي سدائين سوڀ ٿيندي
هئي.
”اوهان کي وجهه ملي يا اوهين اهو وڃائي ڇڏيو،
اوهين تيز ۽ ويچارن سان ڀرپور هجو، اوهين زبردست
باهمت هجو يا ڊڄڻا، اهي سڀيئي ڳالهيون اوهان جي
اختيار ۾ آهن.“ هو سدائين اسان کي سمجهائيندو هو.“
اهو اوهان جي هٿ وس آهي ته اوهان ڪهڙيءَ منزل تي
پهچڻ گهرو ٿا.“
هاڻي جڏهن پاڪستان هڪ ڀوائتي اوڙاهه ۾ ڪِري پيو
آهي، تڏهن مونکي ئي ان کي بچائڻو آهي. بابا جي قبر
ڀَرسان بيٺي مون اهوئي سمجهيو هو. مون هن جي روح ۽
ڪامل ڀروسي کي پاڻ ۾ ڇوليون هڻندي ڀانئيو هو. ان
گهڙيءَ مون پنهنجي پاڻ سان پختو وچن ڪيو، ته
اوستائين آرام نه ڪنديس، جيستائين پاڪستان ۾
جمهوريت نه ايندي. مون واعدو ڪيو، ته اُميد جي
جيڪا روشني هُن ٻاري هئي سا قائم رهندي. هو
پاڪستان جو پهريون اڳواڻ هو، جنهن فوج ۽ خاص طبقي
لاءِ نه، پر سڀني ماڻهن لاءِ آواز اُٿاريو هو.
بابا جي ٽيجهي کان پوءِ امان ۽ مونکي سهالا ڏانهن
واپس وٺي پئي ويا، ته اسان جي گهر 70 ڪلفٽن جي باغ
۾ سپاهين انهن سَون ماڻهن تي ڳوڙها آڻيندڙ گولا
پئي وسايا، جن بابا جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ
اتي دعائون پئي گهريون. اها گوليبازي ايتري ته
شديد هئي، جو اتي چبوتري جي ڇِت کي باهه وڪوڙي وئي
هئي. ماڻهن جو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳو ۽ اهي قرآن شريف
سيني سان لائي ٽِڙي پکڙي ويا هئا. |