سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(نرواس ۾ آس)

 

صفحو : 8

هن سمهي ۽ ڊگهي شخص مونکي پهريندي ئي متاثر ڪيو هو، ڳالهايو به اختياريءَ سان هئائين، گو يا ناٽڪ کيتر جي هر پلهوُءَ ۾ ماهر هو. آر.ايم، هنگل ڪانو گهوش ۽ ٻين به هنجي بيحد عزت ڪئي هئي ۽ شرڌا جو اظهار ڪيو هو. مان ٻئي ڏينهن ساڍي ٻارنهين مني هڪ بجي فلمستان ۾ هنجي ڪئَبن ۾ پتهس. هنجي ڪئَبن جوڏس پتو سردار جعفري ٻڌايم جو به اُن وقت فلمستان جي ڪهاڻي وڀاڳه سان وابسته هو، مان ڪئبن ۾ ويهي رهيس. رتوڪ گهٽڪ ڏيڍ بجي پهتو، ايندي ئي نهايت پنهنجپائيءَ سان چيائين، ” پهرينءَ ملاقات ۾ ئي توکي انتظار ڪرايم، پر جي بمبئيءَ ۾ رهندڙ آهين ته دير مدار تي هري ويو هوندين. نڪتس ئي پئي ته رشي ( رشيڪيش مڪرجي) اَچي ويو. هوُ به ڳالهير ۽ مان به واندو مل، هت ٽن مهنن کان پگهار ڏيندا آهن، لکايو هڪ لفظ به نه اٿائون. هن جي هنديءَ تي ايتري پڪڙ نه هئي، پوءِ به لس ئي لس پئي ڳالهايائين، وچ وچ ۾ انگريزي اَکر ۽ جملا ڳنڍي، ”ناٽڪ لکندين؟“ مون چيو، ڪوشش ڪندس.“ ۽ عجيب ٽهڪ ڏيئي چيائين، ” ڪوشش ڪندين؟ چڱو پهرين اَچ ته هڪ ٻئي کي سمجهون، سڀاڻي ڌوٻي تلاءُ تي اوپن ايئر ٿئٽير ۾ شنڀو متر جو ناٽڪ آهي، گرديو جي ” رڪت ڪوريي“ تي آڌارات سالو مون سان ناراض آهي. ورهي نبريو آهي ڳالهايو به نه اٿئون، هڪ ٻئي سان، پوءِ به هنجو ناٽڪ ڪيئن ٽاربو؟ تون منهنجي ۽ پنهنجي ئي اڄ ٽڪيٽ وٺي ڇڏج- وڏي ۾ وڏي ڪلاس جي پيسا اٿيئي نه ته مون سان گهر هلج، لوڪيءَ (هن جي پتني) کان وٺي ڏيندوسانءِ. سڀاڻي اچج، گڏجي هلنداسين، ڌوٻي تلاءُ مون ڏٺو ناهي، هاڻي وهين يا وڃين- تنهنجي مرضي مان جيڪر صلاح ڏيانءِ، ويهه . ڪجهه نه ڪجهه سکڻ سمجهڻ لاءِ ملي پوندءِ، ”پهرين اچ ته چانهه پيون““ هن منهنجي ڪنهن به جواب لاءَ نه ترسي گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. چانهه پي ئي رهيا هئاسين جو آءِ. ايس. جوهر هليو آيو، پنجين بجي تائين ايندڙن جي گويا قطار هئي- ڪي ويٺا ئي هئا ته هڪ يا وڌيڪ پيا اچن. ڳالهايو گهڻو رتوڪ دائي. پر ڪنهن به هنکي نه روڪيو نه ٽوڪيو. سڀ جو سڀ هن جي واتان اڃا گهڻو ڪي ٻڌڻ جا آتا هئا، ۽ هن ناٽڪ، ڪهاڻيءَ، ناول ۽ فلم جي هر پهلوءَ تي اختياريءَ سان ئي ڳالهايو، ٻڌندڙ بمبئي فلم جڳت جا ناميارا شخص هئا پر هن لنبي شخص اڳيان جامڙا ٿي لڳا ۽ هن انهن چئن ڪلاڪن ۾ مون کي لکا پوڻ ئي نه ڏني نه اُڌارو اُڌارو آهيان. اُن ڏينهن ئي گهر وٺي  هليو ۽ ٻارنهن بجي رات جو گوريگانءُ سٽيشن تي ڇڏڻ آيو- هنجي پتني لوڪي به سٻاجهي سڀاءَ واري هئي –پراون کي پنهنجي ڪرڻ واري. اُتي به جام نالي وارا شخص آيا ۽ ويا اڌ رات گذرئي تائين گروڪ گهٽڪ سان گذارڻ جو نيم ان ريت جڙي ويو.

رتوڪ گهٽڪ سان ناٽڪ ڏسڻ به سٺو آزمودو رهيو. سندس اِهو ناٽڪ اڳه به ڏنل هو، اداڪار به سڀ سندس واقف ئي نه، ويجها هئا، ڊائلگن جي معنيٰ کان ٽيڪنيڪل پهلوءَ تي هوُ ناٽڪ جي دؤران ۾ روشني وجهندو رهيو. ناٽڪ پوري ٿيڻ بعد کن ساعت ٻڏتر ۾ پيو – بئڪ سٽيج هلون يا نه هلون؟ پوءِ چيائين، ” ناٽڪ پنهنجي سر مون کان خواه شنڀوءَ کان وڏو آهي. اُن جي روايت سان نڀاهڻ کپي“. مون کي ساڻ ڪري رنگ ڀون جي بئڪ اسٽيج تي گهڙيو. سڀني جون اکيون خوشيءَ ۽ عجب جي سنگم وچان ڦاٽي پيون، چمڪي اُٿيون، ٽرپتي پنهنجي ساڙهي جو پلو ڳچيءَ چوڌاري ويڙهي اَچي رتوڪ کي پيرين پئي، رتوڪ اُتساه سان چيو، ” ڀائو....ويري نائيس، ڪئري آن،“ پوءِ هوُءَ رتوڪ کي هٿ کان پڪڙي گرين روم ڏي وڌي. بنگاليءَ ۾ چوندي هلي، ” ڏسو ته ڪير آيو آهي؟“ شنڀو متر ميڪ اَپ لاهي رهيو هو، آرسي ۾ ئي، رتوڪ جو عڪس ڏٺائين. ٿورو ڇرڪيو، منهن ورايائين، بيٺو رهيو رتوڪ چيو،  ”سالا، اِتي ڇاٿو ڪرين؟ وڌي آءُ نه“ شڀنو وڌي آيو، ٻئي مهان ڪلاڪار گلي مليا.شنڀوءَ چيو، ”سالو تون آهين يا مان؟ ٽرپتي ڪير آهي؟“ رتوڪ ٽرپتيءَ جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ” سالا، مان واقعي تنهنجو سالو آهيان. ٽرپتي ته منهنجي سٺي ڀيڻ آهي، توکان وڌيڪ سٻاجهي“.

رتوڪ دا گهڻو پوءِ ٻڌايم ته هن جي اُن ڏينهن شنڀوُءَ ۽ ترپتيءَ سان ملاقات بعد هنن وچ۾ اڻبڻت مٽجي ويئي!

رتوڪ دا هڪ ڏينهن مونکي بنڪم چندر چئٽر جيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي- گاءِ ڪي چوري، چيائين ” ايڪانڪي لک، پهرئين ڀيري سان راضي نه ٿج. ٽيون ڀيرو لکيل مونکي ڏيکارج. ليکڪ آهين ته من اندر تنهنجو پنهنجو نقاد به هوندو. ان کان تڪ طور ڪرائج.“ مون سچه پچه ناٽڪي روپ ٽيون ڀيرو لکيو ۽ کيس ٻڌايو، هو اميدن کان وڌيڪ راضي لڳم. ” منچه جو ايڪانڪي نه آهي“. چيائين“ ” سٺو ريڊيو پلي آهي. گفتگو ناٽڪي آهي، عمل عدم موجود آهي. منڇه ڪرڻ جي اُصولن تي هڪدم کرو نه آهي پوءِ به مونکي پڪ ٿي اهي ته تو ۾ ناٽڪ لکڻ جو صلاحيتون هن“.مان سچه پچه نهال ٿي ويس، اِهو ايڪانڪي بمبئي ريڊيو سٽيشن جي هندي وڀاڳه پرسارت به ڪيو. ٻئين ڪي ٽئين ڏينهن هن مونکي مئڪسم گورڪيءَ جي ناٽڪ لوور ڊبيٽس جي ڪهاڻي حيتون هڪ ئي بئنڪ ۾ ٻڌائي. چيائين ” نوٽبڪ جا سؤ ويهه صفحا لک، پس منظر بمبئيءَ جو هجي ڪردار نگاريءَ تي وڌيڪ ڌيان لڳائجه. سڀ کان ضروري شرط آهي ته اصلوڪو ناٽڪ ته پڙهج. اِن بابت ٻن ٽن هفتن بعد ڳالهائينداسين. جي اِن وچ۾ لکي وڃون ته پنهنجي خود جي نقاد کان تڪ طور ڪرائي درستيون ڪج”.

رتوڪ گهٽڪ کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو عجيب ڏانءُ هو. ڪافي اثردار. هڪ دفعي هوُ مونکي بمل راءِ وٽ وٺي هليو. بمل کي منهنجي ناول” پکيئڙا..“ جي ڪهاڻي جو تت آر. ايم سنگه ٻڌايو هو. جي چوڻ موجب بمل راءِ کي ڪهاڻي وڻي هئي، چيو هئائيو، ”اِن کي فلم بڻجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏه پندرهن سال ترسڻو پوندو، پوءِ ان جي تواريخي اهميت وڌيڪ واضع ٿيندي“ رتوڪ دا ۽ مان بمل راءِ جي ڪار ۾ ويٺاسين. بمل راءِ کي فناسر وٽ وڃڻو هو. رتوڪدا ” مڌومتي“ فام جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو جو بمل راءِ فنانسر کي وساري اَسانکي باندرا پنهنجي گهر وٺي هليو ۽ پڇاڙيءَ تائين ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ رتوڪ پورا پنجه ڪلاڪ لڳايا، هر هڪ درشيه تفصيل سان بيان ڪيائين. بمل راءِ ڪهاڻيءَ  تي ڪا راءِ زني نه ڪئي. مون ٻاهر نڪري ساڳي ڪار ۾ گوريگانءُ موٽندي رتوڪ کي چيو، ”اها ته”محل“ فلم سان ملندڙ جهلندڙ ڪهاڻي آهي. بمل راءِ نه کڻندو.“ رتوڪ وشواس سان چيو،”ڪهاڻي ٻڌائيندڙ رتوڪ گهٽڪ ۽ فلمساز بيل راءِ آهي. بمل راءِ ”ها“ ڪندو ۽ اِها هٽ فلم ٿيندي“. بمل راءِ ”ها“ ڪئي، رتوڪ دا اسڪرين پلي لکڻ جي دؤران ۾ مونکي ساڻ وهاريو، وچ ۾ سوال اٿيو، اِن سنگيت ميه فلم جو سنگيت ڪير ڏئي،بمل راءِ ايس. ڊي. برمن  جي فائدي ۾ هو، سليل چوڌري بمل راءِ کي به چيو ۽ رتوڪ کان به ڀلامڻ ڪرائي“ ۽ سليل دا به جيءَ جان سان سنگيت ڏنو، فلم واقعي هٽ ٿي.

شريمائي اڃا مرڪزي سرڪار جو تعليمي وزير نه بڻيو هو. هڪ غير رواجي فلم ٺاهڻ لاءِ بمبئي آيو. منهنجي منهن تي رتوڪ دا هنکي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي، ساڍا ٽي ڪلاڪ سانده. شريماليءَ کان کائڻ پيئڻ وسري ويو. هن ڪهاڻي ٻڌڻ تي ’ها‘ ڪئي. پر فلم نه ٺهي. شريماني وزير بڻجي ويو. رتوڪ دا گهڻو پوءِ ساڳيءَ ڪهاڻيءَ تي بنگالي فلم ٺاهي’اجنترڪ‘، اُها ويٺس فيسٽيول ۾ انعام کٽي آئي.

رتوڪ دا منهنجي ناٽڪ ’مسافرون ڪي ليئي‘ کي تڏهن ٻڌو جڏهن مون اُن کي سؤ ويهن صفحن مان نوي صفحن تي آندو. چيائين، ڏهه صفحا ٻيا به گهٽاءِ پر ڪوبه واقعو ڪٽجي نه وڃي، ڪوبه ڪردار مار نه کائي.“ ٻئين ڪي ٽئين ڀيري سان جڏهن هو  راضي ٿيو ته ٽپ ڏيئي اُٿيو. مونکي چيائين، ” مسافرخاني جي مالڪ جو ڪردار تون نڀائيندين. هر ڊائريڪٽر کي شروعاتي دؤر ۾ اداڪاريءَ جو آزمودو به هجڻ کپي.“ اِن ناٽڪ جي ريهرسل کي ڏسندي، سهاتڪ هدايتڪار رهندي، آر. ايم. الائي گهڻا ڀيرا تسليم ڪيو ته رتوڪ هنجي هدايتڪاريءَ جي صلاحيتن کي اوڄ بخشي هئي. ناٽڪ جي پبلسٽي ڏاڍي گهڻي ٿي. انڊين ايڪسپريس ۾ مونکي ’انٽروڊيوسنگه‘ ڪالم ۾ به چڱي ساراه پڙپي. ناٽڪ اُميدن کان گهٽ ڪامياب ويو. جي ناڪاميابيءَ جو مکيه ڪارڻ ناٽڪ ٿي رهڻ بعد مدن جماڻيءَ ۽ ڪن ٻين ٻڌايو. نا اُميدن ۾ اُميد جي جوت جڳائڻ واري’لڳه‘ جي پوشاڪ ۽ اُٿڻ ويهڻ نس پس شرڙيءَ جي سائين بابا جيان هو. درشڪن کي اِها مشابهت راس نه آئي، هڪ قسم جي گهرڻا پيدا ٿي، سموري ناٽڪ لاءِ.

ناٽڪ هلندي ٻئي ڏينهن مون پنهنجا لکيل ڊئلاگه ئي هڪ هنڌ وساري ڇڏيا. مان وائڙو ٿي منچ تي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. بنا دير ستين ڪيو (ڪاڪا) نه صرف منهنجو ڊائلاگه دهرائي مونکي ڪيو ڏنو بلڪه اهو ڀليءَ ڀت ثابت ڪيو ته ناٽڪ بنيادي ريت ٽيم ورڪ آهي، پهري سجهاڳه رتوڪ دا کي به سمڪ نه پيئي ته مون ڪا خطا ڪئي هئي.

اِن ناٽڪ جي دؤران ۾ ٻئي مهان ڪلاڪار جي ڪلا سان وفاداريءَ ۽ وابستگيءَ جو پتو پيم. ناٽڪ ريهرسل جي دؤران ۾ فلم جڳت ۽ ناٽڪ دنيا ۾ چرچا جو باعث بڻيو هو. بلراج ساهنيءَ رتوڪ گهٽ کي چتايو، هو به اِن ناٽڪ ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهي. رتوڪ ڪنهن به اداڪار کي ڇڏڻ بدران مونکي چيو، ” هڪ ڪردار ٻيو وڌيڪ پيدا ڪر“ مون هر هڪ دريشه جي آخر ۾ نائي خلقيو، ٻن ٻن منٽن لاءِ. بلراج ساهنيءَ اُهو پارٽ قبوليو. مونکي جڏهن ڪڏهن ريهرسل ۾ پاسيرو ڪردار خلقڻ جو مقصد پڇندو هو، خود ڊائلاگن جي ادائگي بابت صلاح ڪندو هو. لکنوي نائيءَ جو نئون نڪورو وڳو، ٽوپيءَ سميت سباريائين ۽ مونکان ئي اهو لتاڙائي ميرو ڪيائين!

ڀڳونتي به اِن وچ۾ اپٽا کانسواءِ سليل چوڌري جي بامبي يوٿ ڪواٽر ۾ ڳائڻ ۽ سنڌي گيت ليڊ ڪرڻ لڳي هئي. هوُءَ ڪانو گهوش، سليل چوڌري، سچن ديو برمن. راهول ديو برمن، روشن، روي، هيمنت ڪمار، انيل بيواس ۽ ڪن ٻين چونڊ ميوزڪ ڊائريڪٽرن جي فلمن ۾ ڪورس گيت ڳائڻ لڳي هئي. بمل راءِ ’براج بهو‘ ۾ هن کان تلسيءَ جي چؤپائي ٻه سولو ۾ ڳاررائي هئي. بمل دا ’مڌومتي‘ ۾ ايس.ڊي. برمن کي سنگيت نه ڏيئي، ’ديوداس‘۾ ڏٺو. ننڍڙي ديوداس ۽ننڍڙي پاروءَ وچ۾ دوگاني لاءِ پاروءَ جو حصو ڀڳونتيءَ کي ڏنا. لتا منگيشڪر اعتراض وٺي، اثر هلائي اُهو حصو پنهنجيءَ ڀيڻ اُشا کان ڳاررايو.

سنڌي ۾ به سنسڪرتڪ کيتر اِن وچ۾ ترقيءَ جي راه تي هو. بمبئيءَ ۾ ٿيل ٻئين اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن جو ڪلچرل پروگرام بيحد ڪامياب رهيو. ديپڪ آشا ايشور مفلس جو ايڪانڪي پيش ڪيو. رام پونجواڻي، ماسٽر چندر ۽ بلوسي- راڻي پهريون دفعو هڪ ئي وقت سنگيت محفل ۾ شريڪ ٿيا. رام پنجواڻي، دکايل ۽ ايسو جاگيردار شاه، سامي، سچل، جي سرڳه ۾ محفل پيش ڪئي ۽ سهڻي ميهار جو شئَڊوپلي به رام پنجواڻيءَ جي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ٿيو. ٽيون ڏينهن سميلن سنڌونگر ۾ رکيو ويو. اُن رات سنڌونگر ۾ درشڪن جو سمندر اُٿلي پيو. ماسٽر چندر ساري اسٽيج ماڻهن سان سٿيل ڏسي چيو، ”مالهي، ڪرڻ ۽ مرڻ ۾ ويرم نه لڳندي.“ اِن پروگرام کي اڌ ۾ ئي بند ڪيوسين ڀڳت جي پرم پرا ڀرڀات جو نيو ايرا هاءِ سڪول ۾ ڊيليگيشن جي اڳيان ڪشن دئاروُءَ نئين سر جاري ڪئي.

سنڌي ساهت منڊل به سنسڪرت ڪاريه ڪرم جاري رکيا.داس طالب کانسواءِ ڪيرت، موتي ۽ شاد به سرگرم ٿيا. ڪرشن راهيءَ ته ” شاهدي“ ۾ لاجواب اداڪاري ڪئي، ناٽڪن جو دؤر زور رهيو. ڪاليجن ۾ پنجوڻ:ءَ ۽ شاد جي ڪري جئه هند ڪاليج ۽ سڪولن ۾ ڌرمداس ۽ پوپٽيءَ جي ڪري سنڌ ماڊل هاءِ سڪول ڪافي اڳرا رهيا. سنڌو نگر ۾ شوورامناڻيءَ جي ارد گرد ڀڳوان چاولا، سريندر بولاڪاڻي ۽ سانول اُداسي ۽ ٻين ڪلاڪارن جي گروپ قائم ٿي ويئي. اسان اپٽا جا ڪي گيت، موتيءَ ۽ سندريءَ کان ترجمو ڪرائي شوي کي ڏنا جي هن ساڳين ڌنن ۾ پيش ڪيا.

”مڌومتي“ فلم جي شوٽنگه هلندي يا اُن کانپوءِ رتوڪ دا گوريگانءُ کان وارڊن روڊ تي ناٽڪ نسواس ۾ اچي مقيم ٿيو. هڪ ڏينهن مونکان پڇيائين، ” حق موجود ڇا آهي؟“ مون چيو، ” ڀڳوان حاضر ناظر آهي. اهو سنڌي صوفين جو نعرو آهي“. هن پڇيو، ” سنڌين ۾ صوفي ساهت به آهي يا صرف ڪمائڻ ۾ ۽ فئشن تي اوهانجا شغل آهن جئن گهڻا غير سنڌي سمجهندا آهن ؟“ مون هنکي ڄيٺمل پرسرام جو انگريزي ڪتاب ڏنو.صوفي سينٽس آف سنڌ پڙهي چيائين،” اوهان سنڌي اپٽا ۾ ڇو آهيو؟ ممڪن آهي تون هندي ناٽڪن يا/۽ فلمن ۾ چمڪي  اُٿين ۽ ڀڳونتي به ٿي سگهيٿو، هندي فلمن ۾ پلي بئڪ ڏيڻ لڳي، پوءِ شاهه لطيف ۽ سنڌي سنسڪرتيءَ جو ڇا ٿيندو؟ مان شاهه لطيف کي ٽئگور جيتري يا هن کان به وڌيڪ عزت جي لائق ٿو سمجهان. اُن زماني ۾ ٽئگور شاهه وانگر لکي سگهي ها يا نه، پڪ سان چوڻ ڏکيو آهي. ڪير ٿو ڄاڻي، ڀڳونتي جي مڌر ۽ اثردار آواز معرفت سنڌي شاه لطيف کي سلامت رکن“. هن چيو” اوهان سنڌي ڪلاڪار سنڌيءَ ڏانهن موٽ کائو. هندي جڳت کي اوهانجي ايتري ضرورت ڪانهي، جيتري سنڌي سنسڪرتيءَ کي آهي.“

تن ڏينهن اپٽا آر.ايم. سنگهه جي هدايتڪاريءَ هيٺ منهنجو هندي ايڪانڪي ’لاڊلي‘ منچ تي پيش ڪندي هئي.آر. ايم جي اُتساه ڏيارڻ تي ئي پريمچند جي ڪهاڻي ’ڪفن‘ کي ناٽڪي ويس پهرايو هوم- سنڌي ۾ مون اِن جي هدايتڪاريءَ لاءِ مدن جماڻيءَ کي چيو جو به اپٽا ۾ چست ٿي چڪو هو. هن چيو، ”هدايتڪاري اوهان ڪريو. مان اوهان کي مڪمل ساٿ ڏيندس. مون کار ۾ ڀڳونتي- ايش جي بلڊنگه جي ٽپريس تي اِن جي شروعاتي ڪئي. سنڌي ساهت منڊل جي ساٿين طرفان جاري ڪيل سنڌي ڪلاڪار منڊل طرفان وٿرائتي پروگرام پيش ٿيو-’ڪشن‘ ۽ ’سندريءَ جو املهه ماڻڪن جو واپار‘ به ايڪانڪي پيش ٿيا ۽ سنگيت پروگرام ۾ چست بهرو  ورتو لوڪو هميراجاڻيءَ ۽ ڀڳوانتيءَ، هڪ ڏينهن اڳه ڪنهن همراهه جي صلاح تي اينٽري کاٻي کان ساڄي طرف ڪرڻ تي ناٽڪ  گهربل رنگ نه ڄمايو. اِن ناٽڪ ۾ ڪيرت به پارٽ ڪيو ۽ ڪلا پرڪاش سوُرن کاڌي استريءَ جو اثردار آواز پلي پئڪ ۾ ڏنو. ناٽڪ ايترو ڪامياب نه ويو جيترو مان ڪاميات هدايتڪار  مڃجڻ ۾ اچڻ لڳس. آر. ايم. مون کي اِن وچ ۾ هڪ انگريزي ناٽڪ ’ائن انسپيڪٽر ڪالس‘ جي ڪهاڻي ٻڌائي هئي. مون ’نمي‘ جوڙيو ۽ لکيو، جان پرسٽليءَ ناٽڪ تي آڌارت. آر ايم. ’نمي ڏسي چيو، ”صرف اُتساهه آهي، آڌار ڪونهي. سؤ في صدي اصلوڪو ناٽڪ لکيو اٿيئي.“ اُن ناٽڪ سان پروگرام ۾ ’ناٽڪ ۾ ناٽڪ‘ راهيءَ انواد ڪيو هو، پيش ڪيو ويو. ’نمي‘ پنجواڻي، ملڪاڻي، هنگل آر. ايم ۽ ستين ڪپو کي بيحد پسند پيو- هدايتڪاري به مقبول بڻي.

اُن بعد اسٽئنسلسوڪيءَ کي پڙهن“ رتوڪ دا کي ٻڌڻ ۽ اپٽا جي پنهنجي آزمودي انوسار ”ڪلاڪار منڊل“ کي نج ڪلاڪارن  ۽ منچ سان ڳنڍيل شخص جي سنسٿا بڻايم. سهاتڪار همراهن جو سهڪار سلامت رهيو. هر سميلن ۽ سيمينار  جي ڪلچرل پروگرامن ۽ ڪلارڪ منڊل جو چست سهڪار رهيو.

نرتيه جي کيتر ۾ ڪجهه وقت ديوت جيٽلي جو سهڪار رهيو. ڪلاڪار منڊل وئرائٽي پروگرامن جو سلسلو جاري ڪيو. مڪمل پروگرام ۾ ٻه ايڪانڪي، اڌ منو ڪلاڪ سنگيت ۽ اڌ ڪلاڪ جا نرتيه اِسم دستور بڻجي پيو. ڪلاڪار منڊل پنهنجو پهريون پروگرام سنڌونگر جي نيوايرا اسڪول هاءِ سڪول هال ۾ ڏنو. بمبئيءَ ۽ سنڌونگر کان سواءِ ناگپور، امراوتي، احمد اباد، احمد نگر، ناسڪ ۽ ٻين شهرن ۾ وئرائٽي پروگرام پيش ڪيا ويا. مون 1960ع تائين اڌ ڊزن کان مٿي ايڪانڪي لکيا ۽ پنهنجي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيا. منهنجي ارد گرد ڪلاڪارن جو جهنڊ جمع ٿي ويو، مکيه هئا، مدن جماڻي، ايشو ناواڻي، سندري، گيتا راج، راجنچاولا، رميش ڄاڃاڻي، امر چندناڻي، موهن ڪلپنا، داس طالب ۽ ڪرشن راهيءَ به ڪن ناٽڪن ۾ ڪيو. ’نمي‘ ۽ ’گستاخي جا ڪلاڪار به همراه رهيا- ”خاص طور ستين ڪپر، ڪانو راءِ، شيخ ۽ مفني عباسي. ڀڳونتيءَ سنگيت کان سواءِ ڪن ايڪانڪين ۾ اداڪاري ڪئي.

رتوڪ دا جا ”مسافرون ڪي ليئي“ لکڻ جي دؤران ۾  تز ۽ ننڍن ڊائلاگن لکڻ ۽ ”مڌومتي“ جي دؤران ۾ سڪرين پلي ۽ سينريو  سمجهڻ جي ترتيب ڏني هئي اُن جو اُپيوگه  جو رستو هن گهڙيو.

هوُ مونکي ’راج بهو‘ جي پروڊيوسر  هتن چوڌريءَ وٽ وٺي هليو، هنکي بمبئيءَ ۾ ملايلي بوٽ پالش ڪندڙن جي جيوت  ئي هڪ ڪهاڻي پنهنجي دستوري اثر انداز نموني ٻڌائي اُن تي فلم ٺاهڻ لاءِ  آماده  ڪيو هئائين. لوور پريل تي ڪنهن مل ۾ ڊائريڪٽر يا جنرل مئنيجر هو هتودا. هنکي چيائين ، فلم لاءِ موزون ڊائلاگه هيءُ سنڌي ليکڪ لکندو هو، بمبئيءَ ۾ مروج هنديءَ ۾.“ ڪي سئمپل ڊائلاگه مون کان اڳ ئي لکيا هئائين. هتوُ دا ڪافي متاثر ٿيو. هن اُن فلم لاءِ ڊائلاگه لکڻ لاءِ مون کان ڪانٽرئڪٽ صحي ڪرارايو. فلم ٺهي ڪا نه. هتن چوڌري فلم لاءِ فنانس لاءِ هٿ پيرهڻي ئي رهيو هو جو ’مسافر‘ ٺهڻ شرط رتوڪ گهٽڪ بمبئيءَ جي فلمي فضا کان بيزار  ٿي ڪلڪتي  هليو ويو. ’مسافر‘ جي شوٽنگ جي دؤران ۾ مون ڄاڻي ورتو هو ته صحيح معنيٰ ۾ ڊائريڪٽر رتوڪ گهٽڪ هو، هر هڪ شاٽ.هن جي ڪلپنا انوسار ٿي ورتو ويو. اِن دؤران ۾ رشيڪيش مڪرجي ڪامياب ڊائريڪٽر بڻجڻ جي عملي سکيا رتوڪ دا کان وٺي رهيو هو.

روڪ دا بمبئي ڇڏڻ تي هو ته هڪ بنگالي ليکڪ جي هندي فلم لاءِ ڪهاڻي بمبئيءَ ۾ فلمائڻ لاءِ قبولي ويئي. هو لٿو ئي رتوڪ دا وٽ. رتوڪ دا مون سان هنجي واقفيت ڪرائي: ” آهي سنڌي ليکڪ پر تز ۽ ننڍن ڊائلاگن ۾ ڀڙ آهي.اسڪرين پلي ۽ سينريو جي به ڄاڻ اٿس. سمجهي سگهين ٿوته اِهي ٽيئي ڄاڻون ڪنهن کان سکيو هوندو. بمبئيءَ ۾ نئين آيل ۽ ترقي جي خوهشمند ليکڪ-فلم ڪار لاءِ ڪم جو ماڻهو آهي.“ مان هن نئين ليکڪ جو پردي پٺيان سهاتڪ بڻيو رهيس. سالن جا سال.

منهنجو گهر، منهنجو ڳڙهه

مون سڪوئي زندگيءَ کان وٺي تڙ تڪڙ ۽ تڙ ڀيڙ واري حياتي ڪاٽي آهي. گهڻو تڻو گهر کان ٻاهر، پوءِ به منهنجو گهر منهنجو ڳڙهه رهيو آهي، جئن پوءِ تئن پڪو پختو ٿيندڙ ڳڙهه. پهرين منهنجي ڀيڻ دادن منهنجي ڍال بڻي رهي. آواره گرديءَ کي لڪائيندڙ، پيءُ ڀاءُ کان بچائيندڙ شاديءَ بعد ديوي منهنجي زرهه بڻي رهي. اها مان پنهنجي وڏي ۾ وڏي خوشقسمتي مڃيندو آهين. هوءَ هڪ ئي وقت ڌرمي ۽ قومي ويچارڌارائن جي گڏيل مسيل واتاورڻ ۾ پلي ۽ ننڍپڻ جا سنسڪار هن جا ڪرم ڌرم بڻيا رهيا. هن جو مون ۾، منهنجي هر ڪاريه ۾ وشواس تي رهيو، هن ائين سهڪار ڪيو گويا اُهو ڪاريه مان هنجي پاران ڪري رهيوهوس ۽ موٽ ۾ گهر مون لاءِ اٽوٽ ڇڪ ۽ ڪشش جو باعث بڻيو رهيو. مونکي ٻن مشغولين وچ۾ جي پنڌرنهن منٽ به گهر گهارڻ لاءِ ملندا هئا ته مان گهر هليو ويندس. پاپڙ کائي پاڻي پي، ٿڪ ڀڃي اُتساهه پائي نئون سنئون ٿي وري گهران نڪرندس. اڌ رات گذرئي گهر وڃان يا منيءَ رات گذرئي- گرم کاڌو ملندو، کاڌو کائي ويو هوندس ته پاپڙ پاڻي ملندو، مٿان گرم چانهه ملندي ۽ تيار بسترو ملندو. تن ڏينهن مون لاءِ ايني ٽائيم واز ٿي ٽائيم. ننڍ ڦٽائڻ لاءِ به چانهه ۽ ننڍ آڻڻ لاءِ به چانهه. مون گهر لاءِ سودو وکر اڄ تائين اِتفاق سان ئي ورتو آهي. پنهنجي ضرورت جي شيءِ به ورلي ورتي هوندم. خود منهنجي ضرورتن جي ڳڻتي مون نه ڪئي آهي. حيات رهڻ تائين ديوي ڪندي هئي. هاڻ اُمري ڪندي آهي. ڪڏهن ڪهڙو وڳو پائڻ کپي، ڪهڙو رومال کڻڻ کپي اِهو به مون پاڻ ڪڏهن طيءِنه ڪيو آهي. ويندي ٻيڙين سرگريٽن تائين... سگريٽن ٻيڙين ڇڪڻ جي به هڪ ڪهاڻ: رهي آهي، گويا. سنڌ ۾سڪولي ۽ ڪاليجي جيون ۾ نه مون سگريٽ کي هٿ به نه لاٿو. ننڍي هوندي اوطاق ۾ چلم مان لڪي لڪي بڙڪا ڪڍڻ بعد تماڪ سان منهنجو پالو ڪافي دير سان پيو، سنڌ ڇڏڻ کان سال سوا اڳه. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پيئڻ لڳس سو به 999 جنهنکي زنانو سگريٽ ڪوٺيندا هئا. سگريٽ جي عادت ڀارت ۾ پيم. ڪريون اي سان شروعات ڪيم جو منهنجو وڏو پڦاٽ اِهو ئي برئنڊ ڇڪيندو هو ۽ پاڻ ڇڪيندو هو ته مونکي به هڪ سگريٽ هٿ ۾ ٿمائي ڇڏيندو هو، ” ننڍا ماما، جيترا گهڻا سگريٽ تون ڇڪيندين اوترا گهٽ مان ڇڪيندس“. ڪريون اي، پنجاه سگريٽن جي دٻي ۾ ملندو هو ۽ منهنجو پڦاٽ راز هڪ دٻو خريد ڪندو هو. مون پنهنجن پيسن سان گولڊ فليڪ وٺڻ شروغ ڪيو ۽ اُن تان لهندو لهندو اچي اسٽار سگريٽ تي پهتس. اِن وچ۾ ڪوبه نئون برئنڊ هڪ دفعو ڇڪي ضرور ڏسندو هوس. سڳن آهوجا چار منار سگريٽ پئندو هو. هن منهنجي سڪول ۾ ماستري ڪرڻ شروع ڪئي ته مان به هنجو سگريٽ ڪڏهن ڪڏهن ڇڪيندو هوس. هڪ ڏينهن چيومانس،  ”يار، هن کان ته ٻيڙي بهتر هوندي.“ سڳن چيو،” اڄ کان وٺي ٻيڙي ڇڪيندس.“ ۽ سچ پچ ٻيڙيون ڇڪڻ لڳو. مان به هنجي بنڊل مان ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙي تڳائي پيئڻ لڳس. سگريٽ ڇڏي ٻيڙي پيئڻ تائين پهتس رتوڪ گهٽڪ جي صحبت ۾، هوُ ٻيڙين جو چين سموڪر هو. وات تي نه ته هن جي هٿ ۾ ٻيڙي، هن جي ڳالهائڻ جي دؤران ۾ اڌ ۾ وسامي ويل، ضرور هوندي. هوُ شوا جي ڇاپ ٻيڙي پيئندو هو. جنهن تنهن کي ٻيڙي آڇيندو هو ۽ ٻيڙي ئي پيئڻ جي ڀلامڻ ڪندو هو. مان ته ٻيڙي جو عادي بڻيس ٿي پر هن جي ڀلامڻ جو اثر مهيش  ڪؤل ۽ جيوتي سروپ تي به پيو. هيمنت ڪمار به ڪڏهن ڪڏهن رتوڪ دا کان ٻيڙي گهري وٺندو هو.هڪ دفعي رتوڪ  جي پرپٺ بمل راءِ مون کان پڇيو، ”ٻيڙي سچ پچ اهڙي سٺي آهي، جهڙي رتوڪ ٿو چوي؟“ مون هڪ ٻيڙي هن ڏانهن وڌائي مون لائيٽر سان اُها سلگائي به، بمل راءِ اچي کنگهه ۾ ڇٽڪيو. کنگهندي کنگهندي چيائين، ”هم باز آئي اس محبت سي.“

مون کي پهرين ڌيءُ ڄائي- شوڀا. هوءَ ماءُ ۽ منهنجي لاڏلي ته بڻي، منهنجي ڌرم جي ڀيڻ اُمري جي ته هوءَ نور نظر بڻجي پيئي. هنجي سانگي هوءَ اسانجي گهر جي ڀاتي بڻجي پيئي. چوڏهن مهنن بعد ٻين ڌيءُ ڄائي-پشپا. هوءَ ماءُ جي لاڏلي رهي. شروع ۾ وڏيءَ سان منهنجو موهه وڌيڪ رهيو. چرچي ۾ ماڻهو چوندا هئا وڏي پيءُ جي ڌيءَ آهي ۽ ننڍي ماءُ جي. ديويءَ ۽ منهنجي ڀيڻ اُمريءَ هنن جي سانڀر ۾ اچڻ کان اڳه ئي هنن کي جاڙيون ڀينر ڪري هلايو- هر طرح صرف سڪول ۾ هوُ الڳه الڳه ڪلاسن ۾ ويهندون هيون. مان هنن کي بيب ۽ پشو ڪوٺيندو آهيان، منڍ کان وٺي.

منهنجو موه هو يا ماءُ جي تربيت هئي. مان رتوڪ گهٽڪ وٽان ريهرسل پروگرام تان اڌ رات گذرئي موٽندو هوس ته ٻئي جاڳي اُٿنديون هيون. مان اڪثر هنن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه، ٻيو نه ته ڀڳڙا/ڀوهي مڱه/ ڪرمرا وٺي ويندو هوس. ماني ماني کائيندس ته هوُ به ويٺيون چر چر ڪنديون. منهنجي سمهڻ بعد هو سمهنديون. هوُ ننڊ ۾ ئي هونديون جو مان سڪول هليو ويندس ۽ جي هنن کي رات جو جاڳه نه ٿي ته ماءُ سان وڙهنديون: رات اُٿاريئه ڇو نه؟ پوءِ منهنجي اچڻ تي ماءُ هنن جي نه جاڳڻ تي به جاڳائيندي هئي. ماءُ چوندي-”دادا آيو آهي!“ هوُ جاڙيون ڀينر اکيون مهٽيندي اُٿي کڙيون ٿينديون. هوُ پڇنديون ڪونه، پاڻ کان پاڻهي ٻه پڙيون هنن جي پلاندن تائين پهچي وينديون. کولڻ کان اڳه هوُ منهنجي ڀرسان اچي وهنديون.

آرتوار مان گهر ۾ ئي رهندو هوس. لکڻ جو بهانو بڻائي، لکندو به ضرور هوس- اُن لاءِ ٽيبل بدران کٽ تي وهاڻو، نوٽ بڪ ۽ فائونٽن پين هڪي هوندي. وچ وچ ۾ پاپڙ پاڻي ۽ چانهه جو دؤر هلندو ۽ گهر وارن کي اِهو سنتوش رهندو ته آرتوار سندن بلي آهي.

بابا ڀائوءَ سان گڏ رهيو. بدلي نوڪريءَ جو ڏاج آهي. اِن عقيدي جي عمل سروپ ڀائوءَ جا گهر سؤراشٽريه جي ڊسٽرڪٽ ٽائونس ۾ ڦرندا رهيا. مان ڪيئن به وقت ڪڍي سال ۾ هڪ دفعو ڀائوءَ وٽ ويندو هوس. سؤراسٽريه جا وڏا شهر سڀ ڏٺم. سؤراشٽريه جي مسافري تڏهن ڪافي اڻانگي ۽ ٿڪائيندڙ هئي. ويرگام تي ئي نه ڪڏهن ڪڏهن سريندرنگر يا/۽ راجڪوٽ تي به گاڏي بدلائڻي پوندي هئي. بابا سال ۾ ٽي چار ڀيرا بمبئيءَ ايندو هو، رهندو مون وٽ هو پر منجهند جي ماني ڪاليا ديويءَ تي اديءَ وٽ کائيندو هو. اديءَ جو مون ۾ موه جئن جو تئن قائم رهيو. هفتو هن وٽ نه ويندو هوس ته اسٽال تي يا اسڪول ۾ هلي ايندي هئي. هوءَ مهني ۾ هڪ دفعو ڪانديولي به ايندي هئي، هڪ ٻه رات رهندي هئي. هوءَ منهنجي ماءُ، ديويءَ جي سس ۽ ٻارن جي ڏاڏي بڻي رهي.

ڀڳونتيءَ ۽ هنجي گهر وارن سان منهجي گهرائپ وڌي ته ڀڳونتيءَ جي ماءُ، ڀاڀيءَ ۽ ديويءَ اُن کي ٻن گهرن جي گهرائپ ۾ بدلي ڇڏيو. ٻنهي گهرن جي ڀاتين جو هڪ ٻئي وٽ اچڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن رهڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو. ڀڳونتيءَ جو وڏو ڀاءُ ريجهو ساهت منڊل جي سرگرمين ۾ منهنجو ساٿي بڻيو ته هن جو منهنجي گهر اچڻ وڃڻ وڌيو. اِپٽا ۾ ٻيو ڀاءُ ايشو چست ٿيو ته وري هنجو به منهنجي گهر اچڻ وڌيو.

گل آسناڻي بدلي ٿي ويو تڏهن به ريهئَبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن منهنجو ڇهه هزار قرض منظور ڪيو. ورتم ٽي هزار ڀائٽي جي طرفان دوڪان جي سيڙپ جي سهيڙ نه ڪري سگهڻ ڪري قسطون ڀرڻ ئي محال ٿي پيون. سرڪار تنهن وقت پاڪستان ۾ ڇڏي آيل ملڪيت لاءِ وڌ ۾ وڌ اٺن هزارن جا بانڊ ڏيڻ شروع ڪيا هئا ۽ زرعي جائداد لاءِ به ڪي اسٽئيڊرڊ ايڪڙ الاٽ ڪرڻ جو پروانو ڏنو هئائون. مون اسٽئنڊرڊ ايڪڙ جو پروانو ته صحيح ڪري ڀاءُ کي موڪليو، باقي اٺن هزارن جو بانڊ پنجاه سيڪڙو تي وڪڻي، ٽي هزار وياج سميت هڪ ئي وقت ريهئبليٽيشن فنانس ڪاروپوريشن کي موٽايم.

اِن وچ۾ بابا بمبيءَ آيو هو. جئرام جي دوڪان ته سنڀالي سگهڻ تي هن کي به ڇينڀيائين ۽ مونکي به ٽوڪيائين: ” تون صرف پنهنجو ڀلو برو ڪڏهن سوچڻ شروع ڪندين؟ هليو آهين سڀني سنڌين جو ڀلو ڪرڻ، پهرين پنهنجي گهر جي ته سوچ.“ مون به چڙي چيو، ” اوهان سڀ ڪجهه جئرام کي ڇو نه ٿا سمجهايو؟ ننڍو کير پياڪ ٻار ته نه آهي. تنهن سواءِ هوُ منهنجي منڃي ڪٿي ٿو؟“ معاملو اِتي ئي رهي. بابا ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ موٽي ڀاونگر ويو. هفتي کان پوءِ ڀائوءَ جي تار آئي. ” فادر سيريس-ڪم فرسٽ ٽرين.“ مان سراپجي ويس-ناحق بابا کي سامهون جواب ڏنم. مان ديويءَ کي به ساڻ وٺي شام واري گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس. بابا ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو. مان هفتو رهيس. بابا ڏينهون پووءِ سرهو ٿيندو ويو. هڪ ڏينهن مونکي پاڻ وٽ ڪوٺيائين. جهيڻي آواز ۾ چيائين، ” متان سمجهين مان توسان ناراض آهيان. منهنجو تخم آهين، ڪيترين ڳالهين ۾ مون تي ويو آهين. ٺاروءَ (ڀائوءَ) کان وڌيڪ. هاڻ ته سياسي پرپنڇ کان پري جيڪو ساهتيه ۾ نالو ڪڍيو اٿيئي، اُن تي مونکي خوشي آهي ته فخر به صرف سڀاءَ کي اڃا به سيتل ڪر. موقعي موقعي جو مرم سڃاڻ. مونکي توسان ڪا شڪايت ڪانهي. ٻئي ڀائر کيرکنڊ ٿي هلجو دادن ته سويل ئي وڃي سکي ٿي...“مونکي ڪو ڏڍ مليو! پوءِ به منهنجو من روئڻ لڳو هو.

اَدي ۽ منهنجو پڦاٽ ڄيٺو به ڀاونگر اچي ويا هئا. بابا جي حالت بهتر ٿيندي ڏسي جيٺي اديءَ کي ڇڏي مون سان گڏ بمبئيءَ موٽي اچڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ڏينهن اسين نڪرڻ وارا هئاسين تنهن ڏينهن بابا وري مونکي سڏيو ۽ چيو، ” اڄ نه وڃ هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ وڃج. ڀل پرنسپال کي تار ڪري ڇڏ.“ جيٺو به ترسي پيو. اوڏي مهل صبوح جا يارنهن لڳا هئا. چئين بجي شام کان بابا جي طبيعت بگڙجڻ لڳي. ساه ۾ مونجه ۽ دست جاري، اُٿڻ وهڻ کان هلاکه. ڊاڪٽر آيو. اسپيشلسٽ آيو، ڦڪين فرق نه ڪيو. ڀائوءَ جي ڌرمجي ڀيڻ ’پا‘ جا ڀاونگر جي مهاراجا جي ڀاڻيجي هئي. هوُءَ راج جوتشيءَ کان پڇي آئي. هن جو چوڻ هو ته جي رات جا اڍائي بجا ڪڍي ويو ته چڙهي پوندو. رات جي ٻارنهين ساڍي ٻارنهين اُڀ اکئين ڏسڻ ۾ آيو. منهنجي من جي پيڙا ايتري وڌي ويئي جو ڇهه مهنا سانده سگريٽ ڇڏي ڏيڻ بعد اُن جي بيحد ڇڪ ٿي ’ٻا‘ کي چيم، ” ڪٿان به سگريٽ/ ٻيڙي آڻي ڏي. منهنجو ساهه به ٿو گويا منجهي.“ هوءَ پاڙي ۾ ڪنهن واقف کي جاڳائي برڪلي سگريٽن جو پاڪيٽ وٺي آئي. پرڪلي سگريٽ اڳه هڪ دفعو ئي ڇڪيو هوم، راس نه آيو هو مونکي. ڏڪندڙ هٿن سان ڦرڪندڙ چپن تي اُهو رکيم. جلايو تيلي باري ’ٻا‘ ئي مونجه گهٽي، انتظاري وڌندي ويئي. هر هر اکيون ڪٻٽ تي رکيل گهڙيال ڏانهن کڄي ٿي ويون ۽ پوڻا ٽي ٿيا. دل تان بار هلڪو ٿيو. بابا جو منهن سرهو ٿيڻ لڳو. مگر اِها هلڪاڻ ۽ سرهائي ٻئي يڪايڪ پوڻين چئين بجي گم ٿي ويون. اديءَ هيانءُ ڦاڙي رڙ ڪئي، ” ڀائو!“ ڀائوءَ دل تي پٿر رکي ڇڏيو، مان دل جهلي نه سگهيس. ڦٽئي هيانءِ رئڻ لڳس. اديءَ چيو، ” مان تنهنجي ماءُ سلامت ويٺي آهيان نه.“ هوءَ روئي به پيئي ۽ ڏڍ به پيئي ڏئي! ڀائوءَ دل جو دکه دل ۾ ئي دٻائي چيو، ” اڳه به انگل آرا مون سان ڪندو هئين. هاڻ به مان تنهنجا انگل آرا سهڻ لاءِ زنده آهيان“. ’ٻا‘ به مون سان ائين جڙي رهي جيئن جيڪر دادن جڙيل هجي ها. مون سچ پچ دادن کي اُن وقت ڏاڍو ياد ڪيو. زندگيءَ جي پهرين سانڀر منهنجي ذهن ۾ تازي ٿي اٿي، بار بار. ڪيئن نه ماءُ جي ديهانت وقت تڏڙيءَ ڀيڻ وڏي ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڏيرج پئي ڏنو!

چوٿين ڏينهن ڀائوءَ مونکي چيو، ”ديوي هتي رهي پيئي هجي، تون بمبئيءَ وڃ. اُتي من ٻي پوندءِ. مشغوليون پيڙا کي ٿم ڏينديون.“ هن اُن ئي ڏينهن مونکي ۽ جيٺي کي بمبئيءَ اُماڻيو پاڻ ۽ ’ٻا‘ گاڏيءَ جي ڇٽڻ تائين سٽيشن تي بيٺا رهيا.

مون پنهنجي سڀاءَ ۾ سيتلتا ايندي ڏٺي، سهنتشڪتي وڌندي محسوس ڪئي.

مان سڪول ۾ سخت ماستر سمجهيو ويندو هوس. مامتورا بيحد ماٺيڻي ۽ نرم سڀاءَ جو هو ۽ اسان وٽ وديارٿي اڙٻنگه ۽ ٽسينگه. ماستر، ماسترياڻيون به ڪنهنجي شڪايت ڪندا ته مون سان ۽ ڇوڪرا سڌا هوند ته مون سان، منهنجي ڇڙٻ يا مار سان. ڇوڪرين ۾ به منهنجو هڪ قسم جو ڏهڪاءُ هوندو هو. ڀڳونتي جڏهن ڪڏهن چوندي هئي، ” اوهان ڪلاس جي ٻاهران لنگهي ويندا هئا ته سڄو ڪلاس ڏڪڻ لڳندو هو. اڙٻنگه ۽ حرڪتي ڇوڪرن لاءِ مان ’مار سنوار‘ سمجهندو هوس. مامتورا ٻه ٽي لڱا چيو، ” ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني. تنهن سواءِ پراوا ٻار جي سڪول کان ٻاهر مائٽن جي ضابطي ۾ نه آهن تن کي ٽن چئن ڪلاڪن جي سڪول اندر ڪهڙو سڌاري سگهندين؟“ مار گهٽايم، قطعي بند نه ڪيم-عجيب نموني هڪ ڀيري ديويءَ منهنجي ننڍي پشپا جي ڪنهن حرڪت جي دانهن ڏني. مان هن کي مارڻ لاءِ وڌيس. هوءَ ڪنبندي ڀڄندي ويئي اسانجي گهر مان، ٽيڪامل جي گهر اُتان اسانجي گهر سنان جاءِ ۾ اچي لڪي، مون هن مٿان ڌڪ اولاريو ته هنجون اکيون مونکي هيسيل هرڻي جهڙيون لڳيون. مون هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، تنهن بعد ڪنهن تي به هٿ نه هلايو اٿم. دل ئي دل اندر پشپا کي ان لاءِ مڃيندو آهيان.

منهنجي زندگي اتفاقن ۽ تضادن کانسوءِ به ادڀت ۽ غيررواجي رهي آهي- ڪڏهن ڪڏهن ان جو ڪو حد حساب ئي نه رهيو آهي. هڪ سڄن مونکي مارڻ جو دڙڪو ئي نه ڏنو، وقت ۽ هنڌ به مقرر ڪيو، ٻئي هڪ متر(؟) منهنجي سندس شهر مان رواني ٿيڻ تي منهنجي گهر سترام روهڙا جي نالي ۾ تار ڪئي، ” مالهي حادثي ۾ مري ويو.“ اُن ڪو وئل وهايو ديوءَ، اُمريءَ ۽ ٻارن مٿان! خير، انهن جو ذڪر مهل ۽ هنڌ تي ڪندس هت هڪ غير رواجي واقعي جو ذڪر ٿو ڪريان:

ميٽرو ريسٽارنٽ جي مالڪ ايراني ڀائرن جو مون تي خاص راضپو هو. منهنجي گهران گهرايل ماني مان ۽ منهنجا همراه ريسٽارنٽ ۾ کائيندا هئاسين. اِن لاءِ اسانئي پليٽون ۽ پاڻيءَ جا گلاس ته ملندا ئي هئا، ڪچونبر آچار به ملندو هو. مفت ۾ ۽ سروس ٻين گراهڪن کان بهتر ملندي هئي. ڪو نئون ويٽر آيو. ڪچونبر آچار ۽ سروس ۾ گس گساءُ ڪرڻ لڳو. مون هنکي جهڻڪيو. ٻئي ويٽر چيس،”منشيءَ کي ناراض ڪندين  ته نوڪري سلامت نه رهندءِ.“ هو ڪا دير ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو.

مان سڪول جي رسيس ۾ به اڪيلو چانهه پيئڻ ميٽرو ريسٽارنٽ ۾ هليو ايندو هوس. ٻئي ڏينهن مان رسيس ۾ چانهه پي اڃا ريسٽارنٽ مان نڪتس ئي مس ته هڪ شخص مونکي کاٻي اک ڌارو غوشو هڻي ڪڍيو. منهنجي عينڪ جو شيشو ۽ فريم ٽٽو ۽ عينڪ پٽ تي ڪري پيو. هو ٻيو غوشو هڻڻ تي هو ته هڪ ئي وقت ٻه ٽي ڄڻا هن کي پڪڙي بيٺا. ايلفنسٽن ايڊيوڪيشن ڪاليج جو هڪ پروفيسر به هو هنن ۾. هوُ مونکي ٻانهن کان وٺي سڪول ڏانهن وٺي هليو. واٽ تي چيائين ”مالهي جي، پوليس ۾ رپورٽ ڪري ڇڏ نه ته اِهي گونڊا روز ستائيندءِ.“اتفاق اهو ٿيو هو سڪول جي فاٽڪ وٽ پهتاسين ته ليکو تلسياڻي اچي لنگهيو. اُن وقت هوُ وڪالت ڪندو هو ۽ آفيس طرف ڪالباديوي روڊ ڏانهن پئي ويو. سربستي حقيقت ٻڌائي مانس. هن چيو، ”پوليس ۾ رپورٽ ڪر. مان ٿو توسان ايسپلئنيڊ پوليس ٿاڻي تي هلان.“ مامتورا کان موڪل وٺڻ لاءِ مان سڪول آفيس ۾ ويس. مامتورا جو ته منهنجي اک طرف ڌيان ويو، نه عينڪ نه هجڻ ڏانهن. مون چيومانس ” اڌ ڪلاڪ ۾ اچانٿو.“ ليکو ۽ مان پوليس ٿاڻي تي پهتاسين ته ڪي گونڊا اڳه ئي منهنجي خلاف رپورٽ لکائي رهيا هئا. هنن سان ڪو وڪيل نه هو، مون سان هو. ليکو سب انسپيڪٽر کان پڇيو، ”هنن جي شڪايت ڪهڙي آهي؟“ هن وراڻيو، ” هوُ چون ٿا ته منشيءَ ڪالهه ڪنهن استريءَ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آهي.“ ليکوُءَ پڇيو، ” اها استري ڪٿي آهي؟“ گونڊي چيو ”گهر آهي.“ سب انسپيڪٽر به هاڻ حقيقت سمجهڻ لڳو هو. چيائين، ” استري وٺي اچو.“ وري ليکوءَ تي رعب ڄمائڻ لا چيائين. جي هن تنهنجي اصيل کي سڃاتو ته هن تي مقدمو داخل ڪبو.“ ليکوءَ چيو، ” سڃاڻپ هت نه، اُتي ٿيندي جتي هوءَ چوي ٿي منهنجي دوست هن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آهي. آس پاس جا ماڻهو هوندا گول ۾، منهنجو متر به هوندو- هوءَ هنکي سڃاڻندي ۽ ڏسندي ته منهنجي متر هن سان ڪهڙي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ۽ ڪهري تز جڳهه ۽ وقت تي.“ سب انسپيڪٽر گونڊي کي چيو، ” تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“ هوُ منجهي پيو. سب انسپيڪٽر چيو، ” اسين واردات جي جڳهه تي ٿا هلون سڀ جو سڀ ۽ حولدار استريءَ کي وٺي ايندو. تون صرف هنکي ڏس ڏيندين.“ ميٽرو سينيما جي ٻاهر هڪ گول چڪري ۾ ماڻهو مڙي ويا. مونکي به چيو ويو، ڪٿي نه ڪٿي بيهه.“ پوليس وارو هڪ استريءَ کي وٺي آيو. شڪل صورت ۽ ڪپڙن لٽن ڪري ته ڪنهن به ڪشش جو باعث نه هئي ۽ هئي مون کان به ڪافي وڏي.“ تڙ تڪڙ ۾ گونڊي مڙيئي ڪنهن به استريءَ کي گهرايو هو ۽ پوليس واري شايد هنکي شيرواڻيءَ جي نشاني ٻڌائي هئ. هوءَ مهانڊا نه ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ وڃي هڪ کوجي ڏانهن اشارو ڪيائين. سب انسپيڪٽر ڪنڌ ڌوڻيو. استريءَ وري به ڪپڙا جاچيا. هڪ ڊگهي چوغي وري مارواڙيءَ ڏانهن اشارو ڪيو. ليکوءَ هڪدم رڙ ڪئي، ”انسپيڪٽر، تماشو بند ڪر. منهنجي متر کي هن ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي. ڇيڙ ڇاڙ ڪيئن ۽ ڪنهن ڪيس؟“ ۽ گونڊو مون وٽ هليو آيو. مونکي چيائي، ” مونکي منهنجي ويٽر دوست ڀڙڪايو.“ ليکوءَ مون کان پڇيو، ” ڪوڙي فرياد لاءِ گرفتار ڪرارايونس؟“ مون کلي چيو. ”رهڻ ڏي“ ويٽر ته اُن ڏينهن ريسٽارنٽ ۾ آيوئي ڪونه هو. وري آيو به ڪونه. ورهين پڄاڻا مونکي ناولٽي سئينما جي ڀر واريءَ ريسٽارنٽ ۾ مليو. هنجي ٽيبل مون واري نه هئي پوءِ به آيو ۽ چيائين،” منشي مونکي معاف ڪر منهنجي ڪري توکي تڪليف سهڻي پيئي.“ مون چيو، مون تنهن ڏينهن ئي توکي معاف ڪري ڇڏيو هو.“ سچ چيو هوم جتي ضروري ۽ جماعتي ڳالهين ۾ منهنجي ياداشت پڪي پختي آهي تتي شخصي سطح تي مونکي ڏکوئيندڙ ڳالهين جي يادگيريءَ جي ۽ عدوات جي عمر تمام ننڍي رهي آهي. اتفاق اهو آهي جو اڄ ئي دي انڊين پوسٽ ۾ پنجاب جي انسپيڪٽر جنرل جو آءِ. اي. ايس. استري آفيسر سان ڇيڙ ڇاڙ جي ڪهاڻي قصي جو وري ذڪر ٿيو آهي ۽ ليکوءَ جو خط به منهنجي اڳيان رکيو آهي. خير.....

ڀائو ڀاونگر مان بدلي ٿي ويو، هن جو ’ٻا‘ سان سنٻند نه رهيو مگر هوءَ مون سان ’ڀيڻ‘ جي حيثيت ۾ لکپڙه ڪندي رهندي هئي. هڪ دفعو ته هوءَ اسانجي گهر به آئي. ٻه راتيون ٽڪي به. هوءَ وڌوا هئي ۽ مان ڀاءُ جي حيثيت ۾ هنجو ڏڍ هوس- جاتيءَ ۽ ٻوليءَ جي فرق جي باوجود.

1960 جي فيبروري مارچ ۾ هن جو ديهانت ٿيو. هن جو ڏير پوسٽ ڪارڊ تي هڪ جملو لکي موڪليو ’ٻا‘ چلي رهي.

مان اُن ڏينهن ملول رهيس. ديويءَ ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ” مان اوهان جي من جي حالت سمجهانٿي. دادان بي وقتو دنيا ڇڏڻ تي اوهانجي من ۾ ڀيڻ جي سنيهه جي بک سلامت ڇڏي ويئي آهي. شڪر آهي، اُمري اسان وٽ آهي. ڇوڪرين کي اڃا اها سڌ ڪانه پيئي آهي ته هوءَ هنن جي سڳي پڦي نه آهي.“ ۽ في الحال بس.


 

مونکي ناٽڪ نويس رتوڪ گهٽڪ ( مشهور بنگالي فلم ۽ ڊراما ڊئريڪٽر) بڻايو. هن هڪ عجيب طريقو اختيار ڪيو. پهريندي ئي چيائين” ٻڌو اٿم ناول لکندو آهين. تون ناٽڪ لکي نه سگهندين.“ اها مون لاءِ للڪار هئي ۽ مون ”مسافرون ڪي ليئي“ ٽن انڪن جو ناٽڪ لکيو. اُن دؤران ۾ رتوڪدا ڪو ستايو مونکي! مون پهرين 120 صفحا لکيا. رتوڪ ٻڌڻ کان انڪار ڪري چوڻ لڳو، ” اسي صفحن ۾ آڻ ڪنهن به ڪردار، واقعي ڪڍڻ ۽ مکيه مقالن کي گهٽائڻ بنا“. جئن تئن ڪري اهو آديش بجا آنديم. هن اسي صفحا ٻڌا، پر ڪنهن راءِ زني ڪرڻ ڌاران چيائين، ” ڏهه صفحا گهٽاءِ“ ۽ جڏهن ستر صفحن تي آندم تي سرهو ٿيو، پر چار ڪلاڪ صلاحون ڏيندو رهيو، اڃا به ڏهه صفحا گهٽائڻ لاءِ. مون کي اهو ڏينهن عمر ڀر ياد رهندو. جڏهن هن سٺ صفحا ٻڌڻ بعد دل کولي داد ڏنو. اهو ”داد“ اڄ تائين مون کي ناٽڪن لاءِ اُتساهت ڪندو رهيو آهي.

گوبند مالهي (نئين دنيا 63)

 


 

گوبند مالهي

ڪمزور بدن، مٿي جا اڳيان وار کسيل، کليل پيشاني، هميشه شيروانيءَ ۽ سوڙهي پجامي ۾ ملبوس، انهن وصفن کي جيڪڏهن ملائبو ته مالهي ٺهي پوندو. اسان نون ليکڪن ۽ شاعرن ۾، ترقي پسند ادب جو معمار چوائڻ جو حق شايد مالهيءَ کي ئي آهي. نون لکندڙن مان مالهي ئي آهي، جنهن کي اسانجي بزرگ ساهتيڪارن جي صف ۾ جڳهه نصيب آهي. باقي اسانکي ته هو پڇن به ڪونه! ماڻهو منجهي پوندا آهن ۽ ان ڳالهه  ۾ ڪڏهن شڪ به آڻيندا آهن ته هو ڪو سچ پچ مالهي آهي. بمبئي ۾ اچڻ بعد، هاڻ مس مس جدوجهد ڪري وڃي ڪنهن آمدني جي وسيلي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. هاءِ اسڪول فار سنڌيز هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ تواريخ ۽ جاگرافي پاڙهڻ ، سندس دلچسپي جهڙا ڪم آهن. ادبي ڪلاس جو هو هڪ تکو تنقيد نگار (Critic) آهي. هڪ ئي ليک تي جيڪڏهن تنقيد ڪرڻي هوندس ته بنا بيهڻ جي چوندو ويندو.

(موتي پرڪاش- زندگي1950)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org