سنڌڙي کي الوداع
سنڌ
اسيمبلي جي چونڊين جي نتيجن ظاهر ٿيڻ بعد بخاري،
سوڀو ۽ مان ڪراچيءَ پهتاسين ته سوامي انگديو اڳه
ئي اُتي موجود هو. هن به حيدر جي ورڪ ڪئي هئي. هن
۽ بخاريءَ وچ۾ سس پس شروع ٿي. پهرين هنن سوڀي کي
همراز بڻايو ۽ پوءِ مونکي به. سکر جو هڪ هندو سيٺ
هو. جنگه جي دؤران ۾ هن وٽ ٻئين نمبر جو اَٿاه
ناڻو گڏ ٿيو هو. هن اِن ناڻي مان پريس خريد ڪري
ڪميونسٽ ساهتيه ڇپائي سنڌ ۾ ڪميونسٽ خيالات ڦهلائڻ
جي حق ۾ هو. بخاري اِن ناڻي مان فل ٽائيم ورڪرس
جمع ڪرڻ جي صلاح ڏني. سوڀو سوامي سان همراءِ ٿيو.
مونکي چيو ويو ته ڪا پريس ڏسان، شاهي. ضرورت پوڻ
تي اُها روزاني اخبار به شايع ڪري سگهي. چاليهه
هزار اسانجي هٿ لڳا هئا، تنهن مان ڏهه هزار پارٽي
ورڪ بلي بخاري پاڻ وٽ رکڻ وارو هو. جنگه بعد هر
چيز مهانگي ٿي هئي. گوبند پنجابيءَ پنهنجي پريس ٽن
هزارن ۾ گجراتي سڄڻ نينسيءَ کي وڪي هئي. نينسيءَ
کي اُن جا هاڻي ٻارنهن ٿي مليا. پريس ۾ نه مشينون
روزاني اخبار جي ڏانءَ جو هيون ۽ نه ئي اُن جي
جڳهه وڏي هئي ۽ نينسيءَ کي پريس ڦري هئي، هوُ ان
ئي وڪڻڻ لاءِ تيار نه هو پر وڪڻندڙ کان دلالي ملڻ
جي آسري تي هن ڦولهه وڌي ۽ امپيريل بئنڪ سامهون
مئڪليوڊ روڊ تي هڪ پريس جو سؤدو ڪرائي ڏنو. پريس
جو مالڪ، نالو مان ڀانيان ٿو آڏواڻي هوس، ڪي وڏي
عمر ۽ ڪي سنڌ جي تيزيءَ سان ڦرندڙ حالتن ڪري پريس
وڪڻڻ لاءِ آتو هو. پريس کي وڏي جڳهه هئي، ڪنڊ تي
هجڻ ڪري ٻن پاسن جو ورانڊو به اُن جي بلي هو.
نينسيءَ چٿر زبانيءَ سان چاليهن جي طلب تان لاهي
لاهي هنکي ٽيهن هزارن تي آندو ۽ اُن اگهه تي
آڏواڻي محڪم بيٺو رهيو. پريس ۽ اُن کانوڌيڪ جڳهه ۽
هنڌ بخاريءَ، سوامي ۽ سوڀي کي راس آيو. صلاح بيٺي
ته پريس منهنجي نالي ۾ خريد ڪئي وڃي ۽ چؤيڙن ۾
بخاريءَ، سواميءَ، سوڀي ۽ منهنجي هڪ جيتري
ڀائيواري ڏيکاري وڃي. پريس ورتي ويئي ۽ اُن جو
نالو رکيو ويو- ” نئي دنيا پرنٽنگه پريس“.
مون اِن وچ ۾ پنهنجي ڌنڌي جا پر پکيڙيا هئا.
پبلسٽي سروس ۾ ايسر پوپلي کان سواءِ هڪ ڪلارڪ-
ڪئنوسر پگهار تي رکيو هو، ڊنگي ٿڌاڻيءَ معرفت ننڍي
پئماني تي پني خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو
هوم. اِهو گويا پلسٽي سروس جي وڏي ۾ وڏي گراهڪ
جوتشي ايم. ايس. شرما جي دوستيءَ جو بونس هو
منهنجي لاءِ. ايم. ايس- شڙماعالم گدواڻيءَ سان گڏ
فارورڊ بلاڪ جو فائونڊر ليڊر هو. جتي هن لاءِ
مشهور هو ته هوُ پيسن ڏيڻ ۾ ڪنجوُس هو تتي مون
لاءِ هو حد کان وڌيڪ فراخدل هو. ڪڏهن ڪڏهن مان
کانئس اڳواٽ پيسا به وٺي ايندو هوس. هن جي ڄاڻ ۽
صلاح ۾ سنڌ جي گهڻن ڄاتل سڃاتل هندو مسلمانن
اڳواڻن جو وشواس هو. ڪيترائي ڌنڌي تي وڃڻ کان اڳه
هن وٽان ”جل“ پي ويندا هئا. ڊنگو ٿڌاڻي به اُنهن
مان هڪ هو. هوُ هڪ طرف ڄيٺمل پرسرام جو شش هو، ٻئي
طرف بخاريءَ جو يار هو، ٽئين طرف ڪامياب واپاري هو
۽ چوٿين طرف هوُ روز صبوح جو ايم. ايس. شرماوٽ
”جل“ جي انجلي وٺڻ ايندو هو، ۽ هو يارن جو يار.
شرما جي چوڻ تي ئي هن مون کي پني جي خريد و فروخت
۾ ٿورو اُپراسو حاصل ڪري ڏنو هو. هڪ ٻي به راز جي
بات ڪري ڇڏيان. اي. ڪي. هانگل ڪامياب اسٽيج ۽ فلم
اداڪار سنڌ ۾ هارمونيڪا ڪلب ۾ راڳه ۽ ائڪٽنگه جو
جوهر به ڏيکاريندو هو ته ڪامياب ٽيلر ماسٽر به هو.
هن مالڪ جي ملازمن سان هڙتال ۾ ساٿ ڏنو ۽ پنهنجي
نوڪري وڃائي. هوُ بخاريءَ جي صحبت ۾ مزدور هلچل ۽
ڪميونسٽ پارٽي ۾ چست بڻيو. هنجي استري هن جي مالي
ترقيءَ لاءِ جپ تپ ڪرڻ لاءِ اڪثر ايم. ايس. شرما
وٽ ايندي هئي. هن ته مون کي سڃاتو پئي. ڪٿي مان
هانگل سان نه ذڪر ڪري وهان؛ هن شرما معرفت مونکي
منع ڪرائي ڇڏي. اڄ ڏينهن تائين مون هانگل سان اِن
بابت ٻڙڪ به نه ٻولي آهي. اڄ ان حقيقت ظاهر ڪرڻ
سان هانگل ۽ هنجي پتنيءَ وچ۾ غلطفهمي پيدا ٿيڻي
ڪانهي- اِها پڪ اٿم. صرف اِهو ئي جتائڻ ٿو چاهيان
ته ڀارتي ناري پتيءَ جي بهتريءَ جي ڏس ۾ ڪافي چنتت
۽ سگردان رهندي آئي آهي. پتي ڀل ناستڪ هجي، ڀارتي
ناري ويساهن ۾ وڪوڙيل رهي آهي.
مون
بامبي بزار ۾ ڪتابن ۽ سٽيشنريءَ جو دوڪان، نئي
دنيا اسٽور جي نالي سان قائم ڪيو، پريس خريد ڪرڻ
کان اڳ ئي. اُن پٺيان به هڪ ادڀت شخصيت جي ياد
محفوظ آهي.
اٽڪل ٻه سال اڳه يعني 1945ع جي شروعات ۾ عجيب
سوامي منهنجي ڳوٺ ۾ آيو- سوامي سيتارام. هن جو
نالو ڇا هو، اصل ڪٿانجو هو- اِها سڌ ڪنهنکي نه
هئي، وڏن وارن ۽ ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ سان پيرن تائين هڪ
سنهڙي سوٽي چوغي ۾ ملبوس، سانوري رنگه جو پير مرد-
چوغو سنڌي- هندي اکرن ۾ ”سيتارام“ سان جهنجهيل؛ ۽
جنهن تنهن هنکي سيتا رام پئي سڏيو. شرڌانن هنکي
سوامي سيتارام بڻائي ڇڏيو.
هنجي واقفيت مون سان سنواس طبيب جي ٽئين نمبر پٽ
۽ ڪنهن وقت جي منهنجي هم ڪلاسيءَ ٽيڪوُءَ ڪرائي.
هو مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ بعد پيءُ کي جڙي ٻوٽين ڪٽڻ ۽
ڪشتن ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو هو. مونکي سوامي سيتارام اُن
گوڌو رام جي مڙهيءَ ۾ پهريون دفعو گڏيو، جتي لالو
مليو هو. پهريندي سواميءَ پڇيو، ”سون کپيئي“ عجيب
سوال هو. مان ٽيڪوءَ ڏانهن نهارڻ لڳس. هن چيو،
”سوامي سون ٺاهي ڄاڻندو آهي،“ پوءِ گويا مونکي
ڳالهه جي تهه تائين پهچائڻ لاءِ چيائين، ”جڙي
ٻوٽيءَ مان.“ مون حيرت مان پڇيو، ”جڙي ٻوٽين مان
سون ٺهندو آهي؟“ هن چيو، ”اِهو ئي ته سواميءَ جو
ڪمال آهي.“ ٽيڪو اهڙي نموني ڳالهائي رهيو هو ڄڻ ته
هن اِهو ڪمال اکئين ڏٺو هو. پوءِ به مون پڇيومانس،
” تو اهو ڪمال ڏٺو آهي؟“ هن وري به وشواس سان چيو،
”سوامي اِهو مونکي سيکاري رهيو آهي. عملي آزمائش
لاءِ هڪ وڌيڪ شخص جي ضرورت جو آزمائش ڪامياب وڃڻ
تائين سڀ ڳالهيون سيني اندر سانڍي. مون سواميءَ کي
تنهنجو نالو ڏنو آهي ته ڳوٺ ڀر ۾ تون ئي آهين جنهن
تي هوُ مڪمل نموني وشواس ڪري سگهيٿو.“ مون اهڙي
يگاني وشواس لاءِ ٻنهي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو؛ ”مان
رضا تي راضي رهندڙن مان آهيان، مونکي سون سان موهه
نه آهي.“ راضا تي راضي ته هوس ئي؛ ساڳئي وقت جڙي
ٻوٽين مان سون ٺهندو آهي، اهڙو وشواس به ڪو نه ٿي
ٿيم. مان هنن کي مڙهيءَ ۾ ئي خيرباد چئي آيس.
مان
ڪراچيءَ ۾ اچي ڪم ڀيرو ٿيس، ٽن چئن مهنن بعد ٻڌم-
ڪن پدرٿن کي ڪڙهائيءَ ۾ ڪاڙهيندي بم جهڙو ڌماڪو
ٿيو هو ۽ ٽيڪوُءَ جي کاٻي ٻانهن ڪرائيءَ تائين جلي
وئي هئي ۽ هن پوءِ اُها ڪرائيءَ تائين ڪٽائي هئي!
مان
ڳوٺ ايندي سوامي سيتارام جي لوڪ پريتا جون
ڳالهيون ٻڌندو هوس؛ ٽيڪوءَ جي ٻانهن وڃائڻ لاءِ هو
جوابدار هو- اِها ڳالهه ٽيڪوءَ بم لڪائي هئي. سيتا
رام هلڻ يوناني دوائن جي گڻن جي اُپٽار ڪرڻ ۽ نسخا
ڏسڻ لڳو هو. مان هن سان گڏيس ڪو نه، ٻه ٽي دفعا
نياپا ملڻ جي باوجود.
1946ع جي آگسٽ سيپٽمبر ۾ ڳوٺ آيس ته سوامي اسانجي
گهر جو ڀاتي بڻجي چڪو هو. رهندو اسانجي کوهيءَ
واري جڳهه ۾ هو. بابا مسواڙيءَ کان خالي ڪرائي
هنجي حوالي ڪئي هئي. هو کائيندو ٽي ئي ويلا اسان
وٽ هو، گهڻو تڻو منهنجو ڪو نه ڪو ڀائيٽيو صبوح جي
چانهه، نيرن، منجهند، شام جي چانهه ۽ رات جو کاڌو
هنکي پهچائي ايندو هو. هنجي ڪري اَسانجي گهر ٻه
ڀيرا چانهه ٺهڻ لڳي هئي. مون لاءِ اهو رهسيه رهيو.
بابا جو سون ٺاهڻ ۾ موهه يا وشواس هجي. اِها دعا
دل سان نٿي لڳي.ڀائوُ اهڙو دويهه وسوڙو ٿي نٿي
سگهيو. پوءِ سوامي گهر جو مربي ڪيئن بڻيو؟ ۽
منهنجي اچڻ جي ٻئي ڏينهن، نيرن کڻي ويل ڀائٽيءَ
چيو، ”سواميءَ اوهان کي سڏايو آهي.“ مان اُهو
ڏينهن نٽائي ويس. ٻئي ڏينهن بابا چيو، ”سواميءَ
سان گڏجڻ ۾ تنهنجو ڪجهه ويندو ته ڪو نه؟“
ٽئين ڏينهن مان سواميءَ وٽ ويس. اڳه تي طيءِ ڪري
ويس ته مان هنجي ڪا ڳالهه مڃيندس ڪو نه. هن مونکي
آيو ڏسي چيو، ”مون تو تائين پهچڻ لاءِ تنهنجي پيءِ
۽ ڀاءُ تي پنهنجو اثر وڌو آهي. ڪو دوکو نه ڏنو
اٿم. چيو سچ اٿم ته جپ تپ سان مان ڀارت جي اکنڊٽا
سلامت رکي سگهانٿو. مونکي هڪ اهڙي پوئلڳه ۽ مددگار
جي ضرورت آهي جنهن ۾ چار وصفون هجن، پڙهيل هجي،
سنڌ جي زمين سان محبت ڪندڙ هجي، هندڪي مسلمانڪيءَ
کان مٿي هجي ۽ لاطمع هجي۽ هجي هن ڳوٺ جو؛ جتي هندن
مسلمانن وچ۾ سازي مثالي رهي آهي.“ مون چيو، ”سازي
هن ڳوٺ ۾ به سواه ٿي ويئي آهي.“ هن چيو، ”اڌ ۾ نه
ڪٽ. موسيٰ خان اٻوجهن کي ڦسلائڻ ۾ گهڻو وقت ڪامياب
نه ويندو. تون صرف يقين ڏيار ته ايندڙ جولاءِ آگسٽ
۾، هت هن ئي جڳهه تي مان جيو هوُن ڪرڻ وارو آهيان.
اِن هوُن ۾ تون منهنجو مڪمل ساٿ ڏيندين. تيستائين،
هيءُ وهاڻو مٿي ڪر.“
مون
هنجي بستري وارو وهاڻو مٿي ڪيو، اُتي نوٽن جو بنڊل
پيو هو. هن چيو، ”اِهو کڻ، اِن مان ڪو به واپار
ڪر. اِن واپار جو واسطو لکڻ پڙهڻ سان هجي. في
الحال مون کي تو وٽان ٻيو ڪجهه نه کپي.
مون
ڇو ۽ ڪيئن اِهي رپيا کنيا- اڄ توڻي ڪجهه چئي نٿو
سگهان. ٽي هزار هئا اِهي. ۽ انهن ٽن هزارن مان ئي
ڪتاب ۽ اسٽيشنريءَ جو دوڪان بامبي بازار ۾ ورتم.
پريس خريد ڪرڻ بعد روز مره جو روٽن هن طرح ٺهي
ويو. پوري ساڍي اٺين گهران نڪرندو هوس. پهريون
داٻو ٽڪنڊي پارڪ وٽ ايم. ايس- شرما- جي گهر- آفيس
۾ ڪندو هوس، تنهن کان پوءِ پارٽي آفيس ۾ لائيٽ
هائوس جي سامهون. اُتان ساڍي ڏهين پنهنجيءَ آفيس ۾
پهچندو هوس. ٻارنهين تائين پوپلي ۽ ڪلارڪ کان نوان
اشتهار وٺي، ٽائيپ ڪري پٽيوالي کي ڏيندو هوس ته هو
ڌار ڌار اخبارن ۾ سائيڪل تي وڃي پهچائي اچي. پوءِ
آفيس ڪلارڪ حوالي ڪري پريس ۾ پهچندو هوس. اُتي
چئين پنجين بجي شام تائين وهندو هوس. ماني پريس ۾
گهرائيندو هوس. اُها کائي يا اُن کان اڳه اڌ ڪلاڪ
دوڪان جي پگهاردار سيلسمئن کي فرصت ڏيندو هوس ته
ماني کائي اچي. پريس ۾ موٽڻ کان اڳه هن سان حساب
ڪتاب به ڪندو هوس ۽ نئين مال جي خريديءَ جو
انتظام به ڪندو هوس. شام جو آفيس ۾ ڇهين تائين
وهندو هوس، اُتان وري پارٽي آفيس ۽ پوءِ اٺين
ساڍي اٺين بجي گهر لاءِ روانو ٿيندو هوس. پارٽي
آفيس ۾ بمبئيءَ مان ايندڙ پارٽي لٽريچر ۽ پيپلس
ايج جنهنکي شايد نيو ايج سڏڻ شروع ڪيو هئائون.
انهن جو ذمو به منهنجو هو.
پريس جاري ٿيڻ تي بخاريءَ هفتيوار ”صداقت“ شروع
ڪرائي. پرنٽر پبلشر مان رهيس، ايڊيٽر بخاري رهيو.
اُن لاءِ ”نيو ايج“ ۽ ٻين مارڪسوادي ڪتابن تان
بخاريءَ طرفان چونڊيل ليکن جا ترجما گهڻي ڀاڱي مان
ڪرڻ لڳس. هڪ مسلم ڪمپازيٽر، ڪامريد علي نالو هوس
شايد، اردو ايڊيشن تان ڪي ترجما ڪندو هو. ڪيتير به
سٽوڊنٽس ڪانگريس کان پدظمن ٿي اسان طرف هليو آيو
هو. هوُ به ”صداقت“ لاءِ ترجمان ڪرڻ لڳو هو.
ڪميونسٽ مئنيفيسٽو به مون ۽ سوڀي ترجمو ڪيو.
انهن مريني ڳالهين کان اڳ، مان سمجهانٿو، بخاري
احمد آباد مان هڪ استري وٺي آيو هو. اُن وقت نئي
دنيا ڪتاب گهر آفيس ۾ سوڀو، عبدالستار ۽ مان
هئاسين. ايندي ئي چيائين، ”Meet
my wife“
هنجو نالو هو شانتا، وڌوا هئي ۽ احمد آباد ۾ ڪنهن
ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي. ٿورو اڳه ڪميونسٽ پارٽيءَ
جي سينٽرل ڪاميٽيءَ ڪنوارن مردن خواه استرين-
ميمبرن کي هدايت ڪئي هئي ته هوُ شادي شده ٿين.
بخاري گويا اِهو سڏ اونايو هو. نرگس- ٻاٽلي والا ۽
جوشي- ڪلپنا جوڙيون به اِن هدايت موجب جڙيون
هيون.. بخاري ۽ شانتا پارٽي آفيس ۾ رهڻ لڳا.
ڪميون، ڪامن ڪمن به شروع ڪيو. رڌ پچاءَ شانتا ڪندي
هئي. کاڌو بخاري، شانتا، سوڀو، ڪيرت ۽ عيشي اِن
ڪميون ۾ کائيندا هئا. مان به منجهند جو ويٺو اُتي
کائڻ لڳس. کاڌي کان اڳ يا پوءِ ”صداقت“ جي هلندڙ
پرچي جو مئٽر طيءِ ٿيڻ لڳو. قاضي مجتبيٰ اسيمبلي
اليڪشن ۾ نارائڻداس بيچر کان کٽيو هو ۽ هو مسلم
ليگه وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري بڻيو هو. هوُ
ڪافي ٺاٺ باٺ سان رهڻ لڳو هو، هڪ مزدور، پوءِ
مزدور اڳواڻ ۽ هاڻ پارليامينٽري سيڪريٽري، وزير
بڻجڻ جي تاڙ ۾! چڱي ترقي ٿي هئي هنجي ۽ اُها ترقي
هنجي هلت ۽ چلت مان به بکڻ لڳي هئي. پوءِ به هنجا
بخاريءَ ۽ پارٽيءَسان دوستاڻا ناتا هلندا آيا.
اندر ڪمار گجرال ( آءِ ڪي. گجرال) پوءِ ڀارتي
وزارت ۾ منسٽر آف اسٽيٽ به بڻيو، سويت يونين ۾
ڀارتي ايلچي به بڻيو ۽ هينئر مخالفتي اڳواڻن ۾ ڪا
اهميت رکي ٿو) به اِن وچ۾ ڌنڌي ڪري ڪراچيءَ ۾ مقيم
ٿيو هو، ڪراچي اچڻ کان اڳه پنجاب ۾ سٽوڊنٽس
فيڊريشن جو اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو چست ميمبر
رهي چڪو هو. هوُ ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان
وابسته رهيو. هوُ ٻين همراهن جي ڀيٽ ۾ بخاريءَ،
سوڀي ۽ منهنجي ويجهو رهيو. هن جي آفيس منهنجي
بندر روڊ واري پبلسٽي آفيس جي سامهون لڪشمي
بلڊنگه ۾ هئي. هن وٽ شور ليٽ ڪار هئي، پاڻ ڊرائيو
ڪندو هو. اسان ٽي ڪم پوڻ تي اها ڪار ڪتب آڻيندا
هئاسين ۽ هوُ گويا اسان جو ڊرائيور بڻجي هلندو هو.
بخاري ۽ سوڀو ڪڏهن ڪڏهن رات جي ماني وٽس پلازا
سئنيما ڀرسان سندس گهر کائيندا هئا. هئوَ ڪافي
ذهين ۽ دماغي. هوُ سارو ڏينهن ڌنڌي جي چڪر ۾ ڦاٿل
رهي، شام جو اسان سڀني يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ جي صحبت ۽
دماغي ورزش ڪرڻ جو ڪانکي رهندو هو....
راشٽريه سطح تي راڄنيتي حالتن ۾ ڪافي تڪڙاءَ سان
پردا لهندا چڙهندا رهيا، عارضي سرڪار ۾ پهرين
جواهر لال نهرو ۽ ڪانگريسي عيوضي شريڪ ٿيا. مسلم
ليگه ”نجات ڏينهن“ ملهايو؛ ڪلڪتي، بمبئيءَ ۽ ٻين
هنڌن تي فرقيوارانه فساد ٿيا. ايٽلي سرڪار مسلم
ليگه کي خاطري ڏني ته عارضي سرڪار ۾ اُن جي شرڪت
ڪرڻ سان پاڪستان جي طلب بابت اُن تي ڪو الٽو اثر
نه پوندو، مسلم ليگه سڏ جي پڙاڏي طور پنهنجا عيوضي
عارضي سرڪار ۾ شامل ڪرايا پر اُن ۾ هڪ شيڊول- ڪاسٽ
اڳوان جگنناٿ منڊل نالي به منتخب ڪيائون، ٻٽو مقصد
هو اِن جو- هڪ طرف جتائڻ چاهيائون ته ليگه صرف
مسلمانن جي عيوضي جماعت نه آهي، اِن کي هريجنن جي
حمايت به حاصل آهي، ٻئي طرف اِهو ڏيکارڻ چاهيائون
ته ڪانگريس کي سڀني هريجنن جي مڃتا حاصل نه آهي.
ڪانگريس- ليگه جا متڀيد سرڪاري ڪاروبار ۾ به
ناميان ٿيا- ۽ سردار پٽيل گهڻو پوءِ اعتراض ڪيو ته
هوُ ديس جي ورهاڱي جي حق ۾ اِن ڪري به ٿيو جو هن
کي انديشو رهيو ته ليگه آزاد ڀارت جي سرڪاري
ڪاروبار ۾ به من ماني ڪري روڙا اٽڪائيندي.
سنڌ
۾ اسيمبليءَ ۾ جي. ايم. سيد طرفان پيش ڪيل پاڪستان
جي طلب وارو ٺهراءُ گهڻائيءَ سان بحال ٿيو. سنڌ
اسيمبلي گڏيل هندستان جي پهرين پرانتڪ اسيمبلي هئي
جنهن اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو.
۽
فيبروري 1947ع ۾ ديش جي راڄنيتيءَ ۾ وڏو ڌماڪو
ٿيو. بمبئيءَ ۾ جهازين بغاوتن ڪئي، اِن جو پڙاڏو
ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙيءَ تي به گونجيو. سوڀو ڀڙڪي
اُٿيو. پارٽي طرفان عيد گاهه ميدان تي ميٽنگه ٿي.
بخاريءَ يلغاري تقرير ڪئي پر سوڀي جي هڪ هڪ لفظ
مان انگريزن ۽ سلطنتشاهيءَ خلاف ڌڪار پئي ٽپڪي.
اعلان ڪيو ويو ته ٽئين ڏينهن تي عام هٽ تاڙ ٿيندي،
مزدور اسٽرائيڪ ڪندا ۽ جلوس ٺاهي عيد گاهه ميدان
تي ايندا ۽ عام ميڙ ٿيندو جتي سلطنتشاهي ڏاڍ خلاف
آواز اُٿاريو ويندو. پريس ۾ پارٽي سيڪريٽريءَ جي
ناتي منهنجي نالي ۾ اِن هڙتال ۽ ميڙ لاءِ سڏ ڏنو
ويو. ٻين پارٽين خاص طور ڪانگريس ۽ مسلم اڳوانن کي
سڏ ۾ سڏ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي ويئي. ٻئي ڏينهن صبوح
کان وٺي ڪارخانن ٻاهران ۽ شهر اندر مکيه چؤنڪن تي
تقريرون ڪيونسين. پريتم ٽهلراماڻيءَ جي گهر جهنڊن
۽ پلئه ڪارڊس ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿي ويو- رات جو الڳه
ٿيندي فيصلو ڪيوسين ته بخاري پارٽي آفيس ۾ رهي،
سوڀو نئي دنيا ڪتاب گهر ۽ مان پريتم جي گهر رهان.
باقي ڪامريڊ جي مزدور يونينس سان ٻڌل هئا سي
پنهنجن دوستن يا ڪنهن نه ڪنهن مزدور ڪامريڊ وٽ رهن
۽ پرڀات کان وٺي جدا جدا ڪارخانن ۽ مزدور بستين
مان جلوس شروع ڪرائن. اُها رات مون ننڊ نه ڪئي پر
منهنجي من اندر ڪا ٻڏتر پيدا ڪا نه ٿي ۽ نه مان
ڊنس ئي. ها، ڪي انديشا ۽ وسوسا سڀاءَ ڪري منهنجي
من سان جڙيا رهيا. صبوح جو مقرر وقت تي نوين بجي
مان برنس روڊ کان ٽه ڪنڊي پارڪ وٽ پهتس. عيد گاهه
جي چؤگرد بندوقن سان ملٽري بيٺي هئي، بند روڊ جا
ٻئي پاسا ملٽري ڪارڊن ڪيا هئا ۽ ٽڪنڊي پارڪ اڳيان
ملٽري جيب بيٺي هئي. اُن تي ڊزن کن وديشي فوجي
مشين گنن سان بيٺا هئا. بند روڊ جي ٻنهي پاسن کان
”انقلاب زنده باد“ ۽ ”هم هندستاني ايڪ هئن“ جا فلڪ
شگاف نعرا فضا ۾ گونجي رهيا هئا. چؤڌاري مزدور ۽
ماڻهن جو سمنڊ هو، اَٿاه. مان ملٽري جيپ طرف وڌڻ
لڳس. ايتري ۾ تاجمحل سئنيما واري پاسي کان کليل
جيپ ۾ سنڌ جو مکيه وزير سر غلام حسين اچي سهڙيو.
جيپ مون ڏانهن وڌندي آئي. غلام حسين ٻاڏائيندي
چيو. ا”ادا، مهرباني ڪر، هيءُ مظاهرو بند ڪراءِ.“
مان سمجهي ويس، ڪنهن ٻڌايو هوس ته مظاهري جو سڏ
مون ڏنو آهي. مون چيومانس، ”مونکي ڪا اختياري
ڪانهي. اسانجا اڳواڻ ...“ غلام حسين ٺهه پهه چيو،
”هوُ گرفتار ٿي چڪا آهن. فيصلو توکي ڪرڻو آهي-
منهنجي صلاح مڃ، مظاهرو بند ڪراءِ. ملٽريءَ واڳون
پڪڙيون آهن. ناحق قتل عام ٿيندو...“ اِن وچ۾ مونکي
آيو ڏسي ٻنهي پاسي مزدورن ۽ ماڻهن ملٽري ڪاردن
ٽوڙي ڇڏيو. هڪ پاسي اڳيان اڳيان هو گلاب ڀاوناڻي ۽
ٻئي پاسي عيشي وديار ٿي. مان ٻڏتر ٿي ڪري رهيو هوس
جو محمود هارون آهستي هلندڙ موٽر ڪار مان ٻاهر
جهانڪيو ۽ چيو، ” ڪامريد، عيد گاهه ميدان تان
جهنڊا لهراءِ، ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيندا ۽ ملٽري موٽي
ويندي.“ محمود وزير هو ۽ مجتبيٰ هن جو ئي
پارليامينٽري سيڪريٽري هو. ظاهري ڪميونسٽ همدرد
هو. مکيه وزير گوڙ گهمسان ۾ گم ٿي چڪو هو، هارون
کي به ملٽريءَ وارن موٽر تيز هلائي وڃڻ لاءِ چيو،
۽ مان ٻڏتر ۾ وچ رستي تي حشام ماڻهن وچ۾ بيٺو
هوس.مزدور اڳواڻ منهنجي چؤڌاري سيفٽي ڪارڊن جوڙي
ورتو هو. هڪ مسلم مزدور اڳواڻ چيو، ”محمود هارون
جي ڳالهه مڃڻ کپي...“ يڪا يڪ ٻين مسلم اڳواڻن به
سر سر ملايو. محمود ۽ ليگ جو اثر مزدورن ۾ به ٿيڻ
لڳو هو. اچانڪ مون کي انديشو ٿيو، مزدور نه فرقن ۾
ورهائجڻ لڳن. مون چيو. ”چڱو جهنڊا لاهيو...“ گلاب
۽ عيشي به مون سان سهمت ٿيا. اوچتو ڌوڪ ڌوڪان ٿي
ويئي، مزدورن ۽ ماڻهن سمجهو، جهنڊا ملٽڙيءَ وارن
لهرايا آهن. گلاب، عيشي ۽ مان انبوه وچ۾ الڳه الڳه
ٿي وياسين. گولين جا آواز ٿيا ۽ هڪ گولي مون کان
ڪي فوٽ پري هڪ نائين سالين جي کوجي نينگر کي لڳي.
ملٽريءَ گويا مونکي ڊيڄارڻ چاهيو. ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ
پيئي. ڳوڙها گئس جا گولا اُڇلايا ويا. وايو منڊل ۾
دونهون ئي دونهون ڦهلجي ويو، مون کي اِن وچ ۾
ماڻهن کنڀي کڻي برنس روڊ بندر روڊ جنڪشن جي فوٽ
پاٿ تي پهچايو هو. بالڪنين مان باردين سان پاڻي
پئي وسايو ويو، ڳوڙها گئس جي اثر گهٽائڻ لاءِ. مون
کي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ته ڇا ڪريان. مونکي ههڙي
قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو- اِهو ته مونکي
ڪڏهن خواب خيال ۾ به نه آيو هو. اوچتو سينڃاري شو
ريلت ڪار اچي منهنجي اڳيان بيٺي. اِندر ڪمار گجرال
اُن وقت مون لاءِ ڪامريڊ نه، فرشتو بڻجي آيو هو.
هن ڪار جو دروازو اڳه ئي کوليو هو. هن چيو،
”ڪامريڊ آئو...“ منهنجي چڙهي وهڻ ۽ دروازي بند
ڪرڻ تي هن کي ڪار کي برنس روڊ طرف ڦيرايو. مون
اِندر کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن چيو، ڪليڪٽر
هولٽ وٽ ٿا هلون. انگريز هجڻ جي ناتي هو ملٽريءَ
جي انگريز آفيسرن تي اثر وجهي سگهي ٿو؛ تنهن کان
سواءِ اِها به خبر پوندي ته ملٽريءَ جو ضابطو
ڪيستائين آهي.“ هن ڪار کي فريئر روڊ طرف موڙيو.
هولٽ جي ايمانداري ۽ ديانت داري مشهور هئي. هولٽ
جي آفيس ۾ پهچي اندر ڪمار پني ٽڪري تي منهنجو نالو
لکيو ۽ اُن هيٺان لکيو، سيڪريٽري ڪراچي ڪميونسٽ
پارٽي. هولٽ اُمالڪ اسان کي پاڻ وٽ گهرايو. هن
اسانکي وهڻ لاءِ چيو. اسان ويٺاسين مس ته هنجي
ڪرسيءَ جي کاٻي دروازي مان ڊي. ايس.پي. اندر گهڙي
آيو. هو اتنگل اِنڊين هو؛ نالو پيٽرس يا پيٽرسن
هوس. هن هولٽ کي سلام ڪيو. هن مون طرف اِشارو ڪري
انگريزيءَ ۾ چيو، ”سر، مان هنکي گرفتار ڪرڻ ٿو
چاهيان. رات کان وٺي هنجي گرفتاريءَ جو وارنٽ مون
وٽ آهي، تعميل لاءِ...“
مان
بي اختيار اُٿي بيٺو هوس. هولٽ مون کي وهڻ جو
اشارو ڪيو ۽ ڊي. ايس. پيءَ کي انگريزي ۾ چيو،
”اوهان هنکي منهنجي آفيس ۾ گرفتار ڪري نٿا سگهو.
اوهان هنکي گرفتار ڪرڻ جو موقعي وڃائي ويٺا
آهيو.مان چوانٿو، هنکي منهنجي آفيس کان ٻاهر به نه
پکڙجو. هنجو ٻاهر هجڻ ضروري آهي.ملٽريءَ لاءِ به
ته ماڻهن لاءِ به. اَمن اَمان قائم ڪرڻ لاءِ“ ڊي
ايس .پي منهن ڀيلڙو ڪيو، بيٺو رهيو. مون من ئي من
۾ چيو، رات مونکي به گرفتار ڪن ها ته بهتر ٿئي ها.
ظاهر هو، مون من ئي من اندر اُن ڏينهن ڪافي ڀوڳيو
هو. هولٽ، اسانکي ڪجهه چوڻ ڏيڻ کان اڳه ئي
چيو،”ملٽريءَ جي هد عيدگاهه،ميدان جي چؤگرد چئَن
فرلانگن تائين آهي. ماڻهو ڇڙو ڇڙ ٿي رهيا آهن.
اوهان وڃو، ماڻهن جي هلئي وڃڻ ۾ تيزي آڻيو. نه ته
معاملو وري اسان شهري اختياري وارن جي هٿن مان
نڪري ويندو. اوهان وڃي سگهو ٿا.“ هوُ فائل اُٿلائڻ
لڳو.
اسان اڃا ورانڊي ۾ هئاسين جو قاضي مجتبيٰ گڏيو.
چيائين، ”محمود هارون مان پتو پيو ته اوهان هت
آهيو.“ مون ڏانهن نهاري چيائين، ” ڪامريڊ، مان
واردات واري هنڌ تان ٿي آيو آهيان. حالتون بهتر
ٿيڻ لڳيون آهن. چڱو ٿيو، تون هليو آئين.هيئنر اُتي
انبوه ڪونهي، چڱا ماڻهو اڃا اُتي ۽ ارگرد آهن.
ملٽري به بيٺي آهي، پهري سجاڳه. تنهنجي اُتي هلڻ
اسان بکيڙو وڌڻ جو اِمڪان آهي. اِن ڪري اساناول
گوليباريءَ ۾ مري ويلن جي عزيزن وٽ اعزاپرسي ڪرڻ
ٿا هلون. لسٽ ۽ ائڊريسون منهنجي آفيس ۾ تيار
هونديون.“ پوءِ اِندر کي چيائين، ” ڪامريڊ، تون
پنهنجيءَ آفيس ۾ وڃ. مان هن سان رهندس، سڄو وقت.
شام تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پوءِ تنهجي گهر
اينداسين.“
مون
پريتم جي گهران نڪرڻ کان اڳه صرف هڪ ٽوست کاڌو هو
۽ چانه پيتي هئي. ۽ هينئر به، مونکي نه بکه هئي،
ته چانهه جي ٻاڙ لڳي هئي. سگريٽ چڪڻ به ياد نه
هوم.
مجتيٰ مونکي پنهنجيءَ آفيس ۾ وٺي هليو. تيار ٿيل
لسٽ ۾ مري ويلن جا نالا نوَ هئا پر مڪمل ائدريسون
صرف پنج هيون. مجتبيٰ جيپ پاڻ هلائڻ لڳو ۽ مان
سندس ڀرسان ويٺس. پهرين اُن بوري نينگر جي گهر
وياسين جو منهنجي نزديڪ شهيد ٿيوهو. هنجي ماءُ
روئي رهي هئي. اِن طرح هڪ ٻئي پٺيان روڄ راڙي وارن
پنجن گهرن مان اشڪبار اکين سان ٿي آياسين. مڙهه
اڃا گهرن ۾ يا ٻاهر پيا هئا- اڇن ڪپڙن سان ڍڪيل.
مونکي يا منهنجي همراهن کي ڪنهن ڏوه نه ڏنو، هر
هنڌ ملٽريءَ ۽ انگريز خلاف پٽ پاراتا هئا.
مان
ائين وسهڻلڳس ته جي ملٽري سرڪار بخاريءَ ۽ سوڀي کي
جلدبازي ڪري گرفتار نه ڪري ها يا ۽ مزدورن ۽ عوام
کي پنهنجو اهنسڪ اعتراض پيش ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ها
ته نه گولي هلي ها ۽ نه انبوه اشانت ٿئي ها. گهڻو
پوءِ مجتبيٰ ئي ٻڌايو ته سوڀي جي تقرير مان انگريز
حاڪمن کي بغاوت جي بوءِ آئي هئي.“
چئين ساڍي چئين بجي عيد گاهه ميدان تي آياسين.
ملٽري به گهٽيل هئي، ماڻهو به گهٽيل هئا. ارد گرد
رستن تي ماڻهن جا ميڙاڪا اڃا به هئا. بالڪين ۾ به
ماڻهو اڃا ڳاهٽ هئا. مجتبيٰ چيو، ” ڪانگريس
نيتائون، مسلم ليگه اڳواڻ ۽ تون ٽنهي پارٽي جهنڊن
سان هڪ کليل جيپ ۾ وهو ۽ ماڻهن کي گهر موٽڻ جي
صلاح ڏيو.” مسلم ليگه طرفان محمود هارون وهڻنه
قبوليو ته مان وهندس. مسلم ليگه جو عيوضي بڻجي.“
ضلع ڪانگريس پريزيڊنٽ سوامي ڪرشنانند وٽ وياسين ته
هوُ اچي مون مٿان مٽيو، ” اوهان ڪميونسٽن ئي
هنگامو ڪيو آهي،هاڻ منهن به اوهان ڏيو.“ قاضي
مجتبيٰ ڊاڪٽر ناراچند لالواڻيءَ کي لڳو، هوُ
ڪميونسٽ همدرد هو. هن جئَن تئن سوميءَ کي مڃايو.
مجتبيٰ جي جيپ ۾ مسلم ليگه جهندو اڳه ئي هو. هن
محمود هارون يا ڪنهن ٻئي ليگي اڳواڻ سان نه
ڳالهايو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جهنڊو ڪنهن کي گوڙ
گهمسان ۾ هٿ لڳو هو، اُهو مليو. سج اندر ٻاهر هو
جو جيپ ٽن جهنڊن سان ٽه ڪنڊي پارڪ وٽ پهتي. ماڻهو
چڱي تعداد ۾ جيپ جي چؤداري مڙي آيا. ملٽريءَ وارن
به پنهنجون بندوقون سنڀاليون. لائوڊ اسپيڪر جو جيپ
۾ انتظام ڪيو ويو هو. پهرين سوميءَ ڪرشنانند تقرير
ڪئي- هن ڀلي مانس ڪميونسٽن کي لوئن بدران انگريزن
۽ ملٽري وارن تي ڇوه ڇنڊيا. هن کانپوءِ ڊاڪٽر
تاراچند، مون ۽ مجتبيٰ تقريرون ڪيون ۽ ماڻهن کي
گهرن ڏانهن موٽڻ جي صلاح ڏني. مون مجتبيٰ مزدورن ۽
ماڻهن جي دڳو جودگيءَ سانس کي به ساراهيو ۽ شهيدن
کي سلام به ڪيو. جيپ بندر روڊ تان ڦري وري ٽڪنڊي
پارڪ وٽ آئي. واٽ تي چئَن پنجن هنڌن تي چئني ساڳئي
واري وٽيءَ سان تقريرون ڪيونسين. اِن وچ۾ رستن ۽
گهرن جون بتيون ٻري چڪيون هيون. ٽڪنڊي پارڪ وٽ
پهچي ڏٺوسين، ماڻهو بلڪل ٿورا هئا ۽ ملٽريءَ وارا
به ڳاڻ ڳڻيا هئا.
اُن
رات مون ۽ مجتبيٰ اِندر ڪمار جي گهر ماني کاڌي.
مونکي اڃا به بکه نه لڳي هئي، پاڻي به ڏينهن ۾
دفعا مجتبيٰ جي آفيس ۽ سوامي ڪرشانند جي آشرم ۾
پيتو هوم.اِندر ۽ مجتبيٰ جي زوربار تي ٻه ٽي گره
جئَن تئن کاڌم. سمهيس نٿي دنيا ڪتاب گهر آفيس ۾،
عيشي ۽ گلاب ليٽيا پيا هئا جو مان اُتي پهتس.
عيشيءَ چيو، ” اسان سمجهيو ۽ نيو سنسار سماچار ۾
ته ڇپيو به، ته تون به گرفتار ڪيو ويو هئين....“
مون
اِن وچ۾ پاڻکي بيحد ٿڪل محسوس ڪيو هو. سرير خواه
من ڪري. گنگ ٻوڙ ڪري سمهي پيس. هنن به شايد به
محسوس ڪيو ته مونکي آرام جي سخت ضرورت هئي. هنن
پاڻ۾ سس پس نه ڪئي.
ٽنچئن ڏينهن يا هفتي بعد سوڀو ۽ بخاري جيل مان ڇٽي
آيا.مان اِن وچ۾ سوچ ويچار ڪري اِن نتيجي تي پگتو
هوس ته مان جنگه جي ميدان ۾ بيڪار آهيان، صرف صلح
سانت ۾ ئي ڪارائتو ۽ اثردار اڳوان بڻجي سگهان ٿو.
اِها به من ئي من ۾ خوشي رهيم ته بيڪار هوندي به
جنگه جو ميدان ڇڏي نه ويس. مون هڪ ڏينهن بخاريءَ
کي عهدي تان استعفا ٿو ڏيان.“ هوُ اِن وچ۾ سڄي
معاملي جي جاچ پڙتال ڪري چڪو ه و پر مونکي چيو
ڪجهه نه هئائين. هينئَر دستوري طرح پنهنجي نڪ تي
هيٺ سري آيل عينڪ جي شيشن مٿان نهاريندي چيائين،”
ڪمونيسٽ پارٽيءَ ۾ ڪو عهديدار استعفا ڏيئي نه
سگهندو آهي. هنجي ڪا غلطي يا لاپرواهي هوندي آهي
ته هنکي عهدي تان موقوف ڪيو ويندو آهي. توکان غلطي
نه ٿي آهي، لاپرواه به نه رهيو آهين؛ صرف اڻ
آزمودگار هجڻ ڪري صورت حال سمجهي نه سگهئين. توکي
استعفا ڏيڻ جي نه، انقلابي صلاحيت اپنائڻ جي ضرورت
آهي.“ سوڀو پري ڪرسيءَ تي ويٺو ڪتاب پڙهي رهيو هو.
هن کلي چيو، ” تنهنجو صوفي پڻو ڪميونسٽ پڻي مٿان
غالب پيو ۽ اڃا به آهي.“
مونکي سوڀي جي راءِ دل سان لڳي. من اندر سوال
اُٿيو، ” مان صوفي پڻو تجي سگهندس؟ ساڳين حالتن
هيٺ ساڳي ٻڏتر نه ڪندس؟“ ڪو تسليٰ بخش جواب من
اندر نه مليو. مون بخاريءَ کي چيو، ” مان ساڳين
حالتن ۾ صحيح ۽ غلط بابت ڪو فيصلو ڪري سگهندس.
مونکي عهدي کان آجو ڪريو، مهرباني ڪري.“ بخاري ٻن
ڏينهن بعد ئي ڪراچيءَ جي ڪميونسٽن جي ميٽنگه
ڪوٺائي. ڪنهن به منهنجي خلاف نه ڳالهايو. مجتبيٰ
به حاضر هو. هن هيڪاري منهنجي گهڻي ساراه ڪئي. هن
ته گويا ڪو راز سليندي ازخود آهستي ڳالهائيندي
چيو، ” محمود جي چوڻ بعد به جي جهنڊا نه لهرايا
وڃن ها ته مزدور به فرقيوارانه حدن ۾ ورهائجي وڃن
ها. هينئر گهٽ ۾ گهٽ مزدورن جي پاڻ۾ ۽ مزدورن ۽
عوام جي يڪوجودگي برقرار رهي.“ الئي ڪيئن، محمود
جي جهندن لهرائڻ جي عرض مان هڪ قسم جي چتاءَ جي
بوءِ اڻ لکي ئي، مونکي به آئي هئي. بخاريءَ محمود
هارونکي نظر انداز ڪري پنهنجو رايو دهرايو، ” ملهي
ڪا غلطي نه ڪئي، ڪا لاپرواهي نه ڪئي، صرف صحيح
فيصلو نه ڪري سگهيو. هنکي انقلابي صلاحيت اپنائڻ
جي ضرورت آهي...“ منهنجي استعفا جي طلب ڪنهن نه
ڪئي،سوڀو ته بلڪل خاموش رهيو. مون سڀ حالتون ۽
حقيقتون بيان ڪيون ۽ بلڪل درڍٽا سان چيو،” مهرباني
ڪري منهنجي استعفا قبول ڪريو.“ بخاري باهوڙجي ويو.
چيائين،” جي تون پنهنجيءَ هوڏ تي قائم آهين ته
اسين تنهنجي استعفا قبول ٿا ڪريون ۽ تنهنجي جڳهه
تي ڪامريد هنگل کي ٿا مقرر ڪريون.“ حاضرين ساٿي سن
۾ پئجي ويا، بخاريءَ ميٽنگه برخواست ڪئي. مون دل
مٿان ٻوجهه هلڪو ٿيل محسوس ڪيو.
گهڻي ۾ گهڻو خوش منهنجي پتني ٿي؛ هوءَ قومي وايو
منڊل ۽ اهنسڪ طور طريقن ۾ وشواس رکندڙن وچ۾ پلي
پوشي هئي. بلواڻيءَ جي ميارام چيلارام مع رفت مون
تي نظر به اِن ڪري پيئي هئي، جو مان ڪانگريس
ويچارن جو نؤنهال هوس. منهنجو ڪميونسٽ بڻجڻ
بلواڻيءَ کي نه آئڙيو هو، مگر ديوءَ شڪايت ته نه
ڪئي هئي. هوءَ رضا تي راضي رهڻ لڳي هئي، هوءَ
بخاريءَ ۽ سوڀي کي به ڪٽنبين ۾ ڳڻيندي هئي ۽ هنن
جي مهماني آدرڀاءَ ۽ سڪ سنيهه سان ڪندي هئي. عيد
گاهه جي معاملي هنکي ڌوڏي ڇڏيو هو؛ خاص طور جڏهن
چار ڏينهن ۽ چار راتيون مان هنکان ڪٽجي ويو هوس ۽
منهنجي باري ۾ هن اُفواه به ٻڌا پئي. هن منهنجي
پارٽي سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعفا ڏيڻ ۽ گهر
سويل موٽڻ بابت ڪڏهن ورجايو ڪونه.پنهنجي سرهائيءَ
جو به ڪو اظهار چپن تي نه ڪونه آندو- پوءِ به هن
جي من جي خوشي هن جي هلت چلت مان ليا پائيندي رهي.
هن جي سڀاءَ ۾ رنگيني وري آئي هئي.
مونکي پارٽي ورڪ مان فارغ ڏسي منهنجي پبلسٽي سروس
۾ ڀائيوار ايسر پوپلي صلاح ڏني، ماهوار مخزن
ڪڍجي. اشتهارن ملڻ ۾ دقت ڪانه ايندي، پريس جي
سهوليت به موجود آهي. مونکي هنجي صلاح جچي. ” نئي
دنيا“ ماهوار مخزن جاري ٿي. اُها پهرين فلمي ۽
پوءِ ساهتيڪ وڌيڪ رهي. ان جي اردگرد ساهتڪارن جي
جماعتبندي به ٿي..سنڌي ادبي سنگت به جڙي جنهنجو
پريزيڊنٽ آسانند مامتورا ۽ جنرل سڪريٽري مان
چونڊيس. جائنٽ سيڪريٽري بهاري ڇا ٻريه يا شيخ اياز
چونڊيو ويو هو.
جهازين جي بغاوت انگريزي حڪمرانن کي به ڌوڏي ڇڏيو.
اوچتو، ويهين جون تي برطانيه جي وزيراعظم
پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو ته ڀارت 15 آگسٽ تي آزاد
ٿيندو ۽ اِن کان اڳه 14 آگسٽ پاڪستان وجود ۾
ايندو. طاقت بدلي ڪري ڏيڻ لاءِ ويول جي جڳهه ئي
مائونٽيبيٽن کي گورنر جنرل ۽ پويون وائسراءِ ڪري
موڪليو ويو. جلد ئي مرڪزي سرڪار جي ملازمن کي ٻنهي
ملڪن مان ڪنهن به هڪ لاءِ آپٽ ڪرڻ جو حق ڏنو ويو.
آزاديءَ کان اڳه، پاڪستان جي وجود کان اڳه ئي
ڪراچيءَ مان لڏ پلاڻجي شروعات ٿي ويئي، گهڻي ڀاڱي
مرڪزي سرڪار جي ملازمن ۽ هنن جي ڪٽنبين سنٻنڌين
جي. في الحال ڳوٺ لڏ پلاڻ کان آجا رهيا. مان
جولاءِ جي وچ ڌاري ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ڳوٽ ويو هوس.
بابا کي ماما اوچيرام سان ڳالهائيندي ٻڌم: انگريزن
جي حڪومت کان اڳه به هندو سنڌ ۾ رهيا پيا هئا،
تنهن سواءِ ڪن ڪٽر مسلمانن حڪمن جي ظلم کان تنگه
ٿي هندن سنڌ مان اڳه به لڏ پلاڻ ڪئي هئي، حالتن
سڻائي ٿيڻ تي واپس وريا هئا.
اسانجا پنهنجا وڏا به راجستان جي ” ڪوٽ“ مان هت
اچي مقيم ٿيا هئا، نئين سر هاڻ به، گهڻا هندو
رهندا؛ جي لڏيندا سي به جلد واپس ورندا...“ مون
ڪراچيءَ ۾ لڏپلاڻ جي شدت ڏٺي هئي؛ دل ئي دل ۾ چيم،
”شل ائين ٿئي.“ |