جوڌپور ۾ بمبئيءَ جي ٽائيمس آف اِنڊيا ٻئي ڏينهن
تي ملندي هئي. ٽن هفتن ۾ سنڌ جي ٻن خبرن مون کي
متوج ڪيو. جنوري 1948 جي وچ ڌاري ڪراچيءَ جي
ڪميونسٽن جو گرفتار ٿيڻ ۽ 2 فيبروريءَ ڪراچيءَ جي
فسادن. هڪ سان منهنجا همراهه ٻڌل هئا ۽ ٻينءَ سان
منهنجو وڏو ڀاءُ. پهرينءَ خبر پڙهڻ سان منهنجي دل
دانهن ڪئي، ”ڪاش ملن به هنن سان گڏ هجان ها!“ اهو
سڄو ڏينهن ملول رهيو هوس. اُمريءَ جي کل مسخريءَ
به ڪو هيانءُ هلڪو نه ڪيو هو. ٻينءَ هڪ طرف آخري
طور سنڌ وڃڻ جي ٻڏتر کي ختم ڪيو هو ۽ ٻئي طرف ڀاءُ
جي سلامتيءَ لاءِ چنتا جاڳائي هئي. خاص طور جڏهن
ان ۾ ٻن هندن جي مارجي وڃڻ جو برو سماچار هو.
مان ٻئي ڏينهن ئي جوڌپور کان ڪرمسد روانو ٿيس.
منهنجا پت سنوان ٿيا، جڏهن ڀائوءَ جي تار پڙهيم:
آءِ ائم سيف، ريچنگه سوُن.(مان سلامت آهيان، جلدي
اچي رهيو آهيان.ـ بلواڻيءَ اِن وچ ۾ ڪرمسد پهتو.
ڪراچي فسادن جو وستو روار بيان ٻڌايائين. هن جي
چوڻ موجب غير سنڌي مسلمانن فساد ڪيا هئا. سنڌي
مسلمانن جان مال جي سلامتيءَ جو خطرو کڻي به هندن
کي بچايو هو. هن جو روم ميٽ ۽ اسان جو ڳوٺاڻي
موٽومل ليڏواڻي قتل ٿي ويو هو ۽ هن جا ڪراچيءَ ۾
پير تپي پيا هئا. هن چؤ چاءُ ڪري سنڌي مسلمان
آفيسرن جي مدد سان پنهنجي استعفا ئي منظور نه
ڪرائي هئي، پر پراويڊنٽ فنڊ جا پئسا به ورتا هئا.
هن پنهنجي عهدي کي سٺي نموني سنڀالڻ جو سرٽيفڪيٽ
به حاصل ڪيو هو. هن دهليءَ وڃي اِن سرٽيفڪيٽ جي
آڌار تي سينٽرل گورنمينٽ جي ملازمت حاصل ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. هن اِهو به فيصلو ڪيو ته جئن ٻئي ڀائر
گڏ رهي سگهون، هوءَ بمبئيءَ لاءِ پوسٽنگ جو آرڊر
وٺندو. هن دهليءَ مون کي به هلڻ لاءِ چيو، هن جو
خيال هو ته مان ڪنهن نه ڪنهن سنڌي ڪانگريسي معرفت
هن کي دلپسند نوڪري وٺي ڏيارڻ ۾ مددگار ٿيندس.
دهليءَ ۾ منهنجي مدد کانسواءِ پنهنجيءَ محنت ۽ ڊڪ
ڊوڙ سان ڀائوءَ بمبئيءَ ۾ آڊيٽر جنرل جي آفيس ۾
اپر ڊويزن ڪلارڪ جو پوسٽنگه آرڊر هٿ ڪري ورتو. اِن
۾ هفتو لڳي ويو. اِن هفتي ۾ اسان دهليءَ جون
تواريخي ۽ ٻيون مشهور جڳهيون ۽ هنڌ ڏسي ورتا.
پوسٽنگه آرڊر ڀائوءَ کي نراس ڪيو. سنڌ جي روينيو
کاتي ۾ هو ضلعي جو حضور مختيارڪار هو، اڳتي هلي
ڊپٽي ڪليڪٽر بڻجڻ جو آسرو هوس. شايد اِن نراسائيءَ
مٿان غالب پوڻ ۽ ڳڻ ڳوت ڪرڻ لاءِ (هن کي چارج وٺڻ
لاءِ مهيني جي مهلت مليل هئي) هن چيو، ”ڪرمسد موٽي
هلڻ کان اڳه هردوار مان ڇو ڪين ٿي اچون؟“ مون چيو،
”هردوار مان ئي ڇو، آگري مان به ٿيندا ٿا هلون.“
هردوار خواه آگري ۾ مان ڀائوءَ جو سونهون رهيس.
ٻنهي هنڌ شرنارٿين، طور پنجابي پناهگيرن جي
گپاگيهه هئي. هردوار ۾ هڪ اڌواڌ ڏکڻا واري پنڊي
پنهنجي گهر ۾ رهائش جو بندوبست ڪري ڏنو پر آگري ۾
ڌرمشالائون ايتريون ته ڀريل ۽ گنديون ٿيل هيون جو
اسان آگري فورٽ جي ويٽنگه روم ۾، مسافرن وچ ۾ ٻه
بسترا وڇائڻ جي ڳجهه ملي وڃڻ تي غنيمت سمجهي. سڀ
پليٽ فارم پنجابي، سنڌي ۽ سرحدي پناهگيرن سان ٿيل
هئا. ٽرنڪن جي ديوارن سان هنن اتي الڳه الڳه گهر
به جوڙي ورتا هئا.
مون هن ڀيري تاج محل جي حسن جو لطف ڏينهن جو خواءُ
چانڊوڪي رات ۾ ماڻيو.
ٻئي ڏينهن صبوح جو ڀائوُ چيو، ”ٻاهر جي گپاگيهه ۾
پيسجڻ کان بهتر آهي ته نيرن هت پهنجن بسترن تي
ڪريون.“ مان هن سان سهمت ٿيس ۽ نيرن آڻڻ لاءِ
ويٽنگه روم کان ٻاهر نڪتس، مون اڳئين ڏينهن شام
جو ئي جاچي ورتو هو ته اسٽيشن کان ٻاهر، بڪنگه
آفيس جي ٻاهر ڀت لاڳيتو هڪ سنڌيءَ پنهنجو خومچو
کڙو ڪيو هو. ڪالهه سندس خومچي ۾ ڇولا، ڍٻل ۽ پٽاٽي
چاپُون هيون. پلن جي يڪي جي شڪل واريون! ڇاپن جي
شڪل ۽ هندي سنڌي مڪس ٻوليءَ مان مون سمجهي ورتو هو
ته پڪ ئي پڪ سنڌي آهي. صبوح جو وري پڪوان ۽
دال،ڌاڻن ڦودني جي چٽڻيءَ ۽ بصر جي ڪتر سان پئي
ڏنائين.
هن وٽ به ڀيڙ هئي. اوچتو پٺيانپنهنجو نالو ٻڌم، ”
گوبند!“ زنانو آواز، صرف هڪ لفظ هو ليڪن پوءِ به
مون کيس سڃاڻي ورتو ۽ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
آواز سڃاڻڻ ۾ دير لڳم پر آواز واري استريءَ کي
سڃاڻڻ کان اڳه ٿورو منجهيل رهيس.
”ماما!“ هنجي ماٽيليءَ ڌيءُ چيو، ۽ اچي مون سان
چنبڙي. هوُءَ ڪافي وڏي ٿي ويئي هئي.
”تون! پٺاڻي! ۽ هت!“ مون چيو، مان حيران به هوس ته
خوش به.
هوءَ منهنجي ويجهو پهچي چڪي هئي، ”پٺاڻي ٿي لڳان
توکي؟“ هن پڇيو.
هوءَ پٺاڻي بنهه نٿي لڳي. شڪل جي جهڪي ته سنڌ ۾ ئي
ٿي چڪي هئي. هينئر ڪافي ڪاراٽيل ٿي لڳي. هنجو آواز
به اَٻالو هو، پنهنجي فلڪ کوهي چڪو هو.
مون چيو، ” اوهان اِتي ئي بيهو. مان اِجهو آيس.“
ٻه پڪوان ۽ دال چٽڻي وٺي، ڀائوءَ کي ڏيئي چيم،
”اوهان نيرن ڪريو. مان اچان ٿو.“
مون پٺاڻيءَ وٽ پهچي چيو، ”مونکي سنڌ ڇڏڻ کان هت
پهچڻ تائين سربستي ڪهاڻي ٻڌاءِ“.
هن مرڪيو ۽ چيو، ” هاڻ ڇا ڪهاڻي لکڻ بدران ٻڌڻ لڳو
آهين.“ پوءِ گنڀير ٿي چيائين، ”اَچ.“
مان چپ چاپ هن ۽ ڌيڻس پٺيان هلڻ لڳس. هن بڪنگه
آفيس جي ورانڊي ۾ ئي پنهنجو نواس آستان ٺاهيو هو.
اُتي ڏٺم، هنجو پٽ ٽرنڪ تي ويهي هڪ تسريءَ ۾ پيل
ڀڳڙا کائي رهيو هو. مون ٽرنڪ تي ويهي پڇيو، ”
تنهجو پتي؟“
”هو هن سنسار ۾ نه رهيا آهن.“
هيڏي ڏک ڀري ڳالهه هن سنجيده نموني ۾ چئي! مونکي
به حيرت به لڳي ته آتت به مليو. هوءَ وڏي ۾ وڏو دک
سهي به سلامت هئي-هن جي دک ڀري ڪهاڻي، جا ڪن ٻين
ورهائي ۽ لڏ پلاڻ جي شڪار سنڌي نارين جي به ٿي ئي
سگهي، ڪجهه هن ريت هئَي:
هن جو پتي دوڪان ۽ جڳهه جي نيڪال لاءِ سنڌ ۾ ٿي
رهيو. پٺاڻيءَ ۽ ٻارن کي هن اڳه ئي لڏي آيل ڀيڻوئي
وٽ اجمير موڪليو. ڪجهه روڪڙ اڳه ئي لڏي آيل ڀيڻوئي
کي ڏني هئائين، ڪجهه پٺاڻيءَ هٿ به موڪليائين.
پٺاڻيءَ پيسا سڀ بئنڪ ۾ جمع ڪرايا پر هن جو پتي نه
آيو. 2 فيبروريءَ وارن فسادن جو بک بڻيو هو.
ڀائوءَ جي چوڻ موجب هن جي متر ليڏواڻيءَ کانسواءِ
هڪ ٻيو به سنڌي هندو قتل ٿيو هو. پٺاڻيءَ جو گهٽو
اِهو ٻيون شمار ۾ نه آندل ٽيون.
پتيءَ جي ڀيڻوئي پٺاڻيءَ ۾ بري نظر وڌي ۽ ڌر تتيءَ
جو هن جو ست ٽوڙڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ اچي ڌمڪيون.
پٺاڻيءِ هن کي ڀر ڪري چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ننڍي ڪڪي
کي هنج کڻي، ڌيءُ جي آڱر پڪڙي ۽ وڏڙي پٽ کان مٿي
تي ٽرنڪ ۽ بسترو کڻائي اچي گاڏيءَ ۾ چڙهي. هن اِهو
ڌيان به نه ڏنو ته گاڏي ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. ان
گاڏي کيس اڳئين ڏينهن آگري آڻي ڇڏيو هو.
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته وچ ۾ جڏهن مون هن جي
نڻان جي روش بابت پڇيو ته هن پنهنجي اصلوڪي سڀاءَ
سمجهه سان نباهيندي چيو هو، ”هن هڪ اک رقم تي رکي
۽ ٻي ٻوٽي ڇڏي.“ هن جي سورن جي ڪهاڻي آگري تائين
اچي دنگه ڪيو ته مون بي اختيار پڇيو، ”هاڻ ڪيڏانهن
ويندينءَ؟“
هن جو پٺاڻي پڻو جو پتيءَ جي ڀيڻوئي کي چماٽ هڻڻ
سان اُجاگر ٿيو هو، اُهو اڃا به سجيو بڻيو.
چيائين، ” مان جيئنديس، هنن ٻارن جي سانگي.“ وري
هن جي چپن تي هن جي اڳوڻي فلڪ ڀري مرڪ موٽي آئي
هئي. چيائين، ” ڪالهه تائين نراس هيس. اڄ جڏهن
ڄاڻان ٿي ته منهنجو ڀاءُ موجود آهي، آس جو ترهو
ملي ويو اٿم.“ مون هن کي ڀيڻ ئي نه سمجهيو، سچ پچ
ڀاءُ جو سهارو به ڏيڻ چاهيو پر پٺاڻيءَ پڻو هن جي
هردي تي مڪمل ريت هاوي هو. چيائين، ”مان توکي
ڳولهي ئي لهنديس، سنڌ ۾ به ڪترائيندو هئين، ڪيئن
به ڳولهي لهندي هئي سانءِ. هاڻ به همت ٽٽڻ لڳي ته
توکي ڍونڍڻ لڳنديس. دُعا ڪر، اهڙي شامت نه
اچي....“ مون هن جي اصلوڪي سڀاءَ کان واقف هجڻ ڪري
پنهنجي وهه ڇڏيو. هن جي چوڻ تي ڀائوءَ کي به ڪجهه
نه ٻڌايو. سنڌي نارين کان ئي ڀارت جي آزاديءَ گهڻي
۾ گهڻي اگني پريکشا ورتي. گهڻيون اُن مان صحيح
سلامت نڪتيون، اڳي کان اڳريون به ٿيون ها، ڪي ڳاڻ
ڳڻيون پٺاڻيءَ جي نڻان جيان خود غرض به نڪتيون ته
تنگدل به ٿيون.پر بيشمار سنڌي ناريون هوت جون مجسم
صورتون، پرشارٿ جون پتليون ۽ ڪاميابيءَ جون ڪوڏيون
بڻيون. هنن نرواس ۾ آس کي اجاگر ئي نه ڪيو، ان کي
عملي روپ به بخشيو. ذري گهٽ هر سنڌي استريءَ پاڻ
محنت ڪئي، پتيءَ کي پرشارٿ لاءِ اُتساهت ڪيو ۽
ٻارن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ئي نه سيکاريو، ڪٽنب
جي بار کڻڻ جي قابل به بڻايو. سنڌين جي ڀارت ۾
نئين سر وسجڻ جي شروعاتي دؤر ۾ سنڌي استريءَ جو
اِهو يگانو يوگدان سنڌين جي اِتهاس جو سونهري باب
بڻيو رهندو.
3-وري وسجڻ جي راهه تي
ڪرمسد پهچڻ تي ڀائوءَ بمبئيءَ ۾ اپر ڊويزن ڪلارڪي
ڪرڻ بابت دل من هڻڻ لڳو. آقي باقي جو سڏ پيس ته
سوراشٽريه جي نئين پرانت جو چيف سيڪريٽري مٿراڻي
بلواڻيءَ جو واقف هو، هن کي سئو راشٽريه ۾ پنهنجي
دلپسند هيڊ اڪائونٽنٽيءَ جي نوڪري ملڻ جو من ئي من
۾ آسرو نظر آيو. ڀائو بلواڻيءَ سان راجڪوٽ هليو
ويو ۽ مان اڪيلي سر بمبئيءَ هليو آيس. اديءَ وٽ
رهڻ لڳس. سنڌين جو پرشارٿ جي مارگه تي پهريون قدم
کڄي چڪو هو. ڌوٻي تلاءَ کان وٺي بوري بندر تائين
آزاد ميدان جي ڪناري کٽولا ئي کٽولا وڇائنجي ويا
هئا. اِهي سنڌين جا طرح طرح جي ويڪائو چيزن جا
دوڪان هئا. گول گوپن (هت انهن کي پاني پوري ٿي
سڏيائون) کان چمپلن تائين، کاڌي کان هر ضروري چيز
جو اسٽال کلي ويو هو، کٽن تي. اِن طرح آرٿڪ واه تي
سنڌين جي نؤنرماڻ جي سلسلي ۾ پهريون عملي قدم کڄي
چڪو هو. ۽ اِن تي کٽن جي قطار وچ ۾ هڪ کٽ تي سنڌي
ڪتاب به وڪري لاءِ موجود هئا. اَشوڪ ڪشوراڻيءَ جو
اِهو بڪ اسٽال گويا پهريندي ئي، سنڌين جي جسماني
بک مٽائڻ سان گڏ دماغي خوراڪ جو به بندوبست ڪري
رهيو هو، آرٿڪ ۽ سنسڪرتڪ وڪاس گڏوگڏ هڪ ئي وقت هڪ
ئي هنڌان شروع ٿي رهيا هئا. اشوڪ جو ڪراچيءَ ۾
بولٽن مارڪيٽ وٽ بڪ اسٽاپ هو، جتي سڀني پبلشرس جا
ڪتاب وڪامجندا هئا. هو ڪتابن جا کوکا ڀرائي پاڻ
سان کڻائي آيو هو ۽ اهو ادبي خزانو سنڌي گهرن لاءِ
ونڊجڻ ورهائجڻ لاءِ هڪيو حاضر هو. خود بهاري
ڇاٻڙيه جي رخ ۾ ڦيرو آيل هو. آقي باقي جو مون
پنهنجو آخرين فيصلو ٻڌايومانس ته ٻولي وارڻ کان
اڳه ان کي بچائڻ جو يتن ڪرڻ کپي ته هنجو حوصلو به
وڌيو ۽ وشواس به. هن پنهنجن ڪتابن جا ٽي کوکا ۽
نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان ڇپايل ڪتابن جو هڪ کوکو
پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ڪراچيءَ مان بمبئيءَ سنڌ ۾
هوندي ئي موڪلارايو هو.اِهي کوکا کليا ۽ آزاد
ميدان تي اشوڪ جي دوڪان تي آيا. اشوڪ مون کي چيو،
”ڪامريڊ، ڪر الله تهار، ڳنڍ مون سان ڀائيواري ۽ ٿي
وڃ شروع.“ مون به ’ها‘ ڪٿي ۽ اشوڪ منهنجي وهڻ لاءِ
ماهيم سٽيشن ڀرسان قريشي محل(جتي پوءِ رام
بنجواڻيءَ جو گهر ٿيو) جي سامهون هڪ مرهٽي اخبار
فروش سان هن جي اسٽال ۾ بڪ اسٽال کولڻ لاءِ
بندوبست ڪري آيو، مسواڙ تي. نوين بجي صبوح تائين
هوُ اتي اخبارون وڪڻندو هو ۽ پوءِ هو. اِهو منهنجي
حوالي ڪري ويندو هو. بچيل اخبارون به مان هنجي
پاران وڪڻندو هوس. اشوڪ آزاد ميدان وارو اِسٽال
سنڀالڻ لڳو. مان منجهند جو ٻه ٽي ڪلاڪ ماهيم مان
ڌوٻي تلاءَ تي هليو ايندو هوس. ان ئي دوران ۾
ڪانگريس اڳوان چوئٿرام وليڇا جي ڀائٽين يا ڀاڻيجن
بزار گيٽ اسٽريٽ ۾ هڪ پرنٽنگه پريس کولي ۽ اُتي
سنڌي ٽائيپ جو بندوبست ۽ ڪيائون. بهاريءَ نئي دنيا
کي هند ۾ جيارڻ جو سلجهاءُ ڏنو ۽ مون کي ايڊيٽر
بڻجڻ جي آڇ ڪيائين. مون اُها نه قبولي پر ساڻس
مڪمل سهڪار ڪرڻ جو واعدو ڪيو. نئي دنيا جو آغاز ٿي
ئي ويو. اِن کان ستت پوءِ به ڳالهيون ٻيون ٿيون.
بهاريءَ پهريندي ئي پاڪستان لڏي ويل مسلمانن جي
ملڪيت/جڳهه ملڻ جي درخواست ڪئي هئي. ان لاءِ هن
ڳولها به ڪٿي ۽ ڊڪ ڊوڙ به ڪئي. ڳولها ۽ ڊڪ ڊوڙ به
ڪئي. ڳولها ۽ ڊڪ ڊوڙ جي سنگم رنگه لاتو. بهاريءَ
کي ميمڻ واڙا ۾، مسجد بندر ريلوي سٽيشن ڀرسان،
محمد علي روڊ تي ٺهيل ٺڪيل پرنٽنگه پريس ملي ويئي.
هن سنڌي ٽائيپ جو بندوبست ڪيو ۽ نئي دنيا اُتان
ڇپجڻ لڳي. اشوڪ ۽ مون کي به ڌوٻي تلاءَ تي ميٽرو
سئنيما لڳه ميٽرو ريسٽارنٽ ٻاهران ڪٻاٽ روپي بڪ
اسٽاپ پنج-سؤرپيه ڏيڻ سان ملي ويو. اشوڪ ان ميٽرو
اسٽال تي وهڻ لڳو. جنهن جو نالو رکيوسين بڪ لورس
ڪارنر. ماهيم وارو بڪ اسٽال به في الحال سلامت
رکيوسين. مان منجهند جو ميٽرو ريسٽارنٽ اندر يا
ٻاهر بڪ اسٽال تي وهڻ لڳس. ماهيم واري اسٽال تي
وڪرو گهٽ ڏسي، اُتان مسواڙ تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيڻ
لڳاسين. پر اُپراسو اُن مان به نه جهڙو هو. صبوح
شام کوليندو ضرور هوس جو اهو فرض نبائڻ ۽ وقت ڪاٽڻ
جو ذريعو هو. ان کانسواءِ اتي ٻن شخصيتن جي ڪشش به
هئي. هنن مان هڪ هو مشهور اردو ليکڪ سدرشن، هن جي
ڪهاڻين جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ ئي پڙهيا هئم، خاص طور
’سندر ساهتيه‘ رسالي ۾. هو ان وقت آفيشل رائيٽر
طور سهراب موديءَ جي منروا موويٽون سان جڙيل هو.
خوش خلق، سادو ۽ پراون کي پنهنجو ڪرڻ وارو هو. هو
نت نيم سان روز شام جو ماهيم اسٽيشن تي لهي، گهر
وڃڻ کان اڳه اڌ منو ڪلاڪ مون وٽ اچي وهندو هو. هو
اُس کان بچڻ لاءِ به ڇٽي ساڻ کڻندو هو. ساهتيه/
سنسڪرتيءَ تي خيالن جي چڱي ڏيوٺ ڪندا هئاسون. هن
جو وڏو پٽ ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ جي نالي کان ئي ونءُ
ويندڙ هو، ننڍو پٽ ڪل ڀوشڻ ترقي پسند اردو ليکڪن
جي جمائت جو سرگرم ميمبر هو. هوُ به ڪڏهن ڪڏهن مون
وٽ اچي رهندو هو ۽ ساهتيه تي ڳائيندو هو.ٻي شخصيت
سنڪي ٽائيپ هو، نالو وسري ويو اٿم. گذاريندو به
گمناميءَ ۾ هو. رهندو اڪثر ماضيءَ ۾ هو. مڪان
قريشي محل ۾ گرائونڊ فلور تي هوس. اهو ڪامريڊ
گنجيءَ ٽپڻ، ٿورن بچيل اڇن وارن، ٿلهن شيشن واريءَ
عينڪ سان سدائين ٻانهن بنا گنجيءَ ۽ وڏي ڪڇي ۾
ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا مون وٽ هليو ايندو هو. هن جي
دعويٰ هئي ته هوءَ ننڍي هوندي ڀڳت سنگهه جي ٿورن
چونڊ همراهن مان هو ۽ هن جيل به ڀوڳيا هئا. ڳالهيو
۽ سياست جو چڱو ڄاڻو. تواريخ ۾ هن جو نالو مشهور
نه ٿيو، سمي سان مون کان به اهو وسري ويو پر هن جي
قربانيءَ ۽ تنگدستيءَ جا ٻه شاهد، هن جا جواڻ جماڻ
پٽ منهنجي اکين سامهون هئا. هڪ جو نالو شايد ڪيدار
هو يا خود سندس نالو ڪيدارناٿ هو؟ ٻئي اڻ پڙهيل
هئا ۽ اڻ گهڙيا ڪاٺ. ڪنهن ننڍيءَ ۾ ننڍيءَ ملازمت
۽ آجيوڪا جي ذريعي لاءِ ماريا ماريا ڦرندا هئا.
مان پاڻ ان حالت ۾ به هوس جو هنن جي ڪا مالي امداد
ڪري سگهان. مٿان انقلابي ڪامريڊ جي خود داري؟ هڪ
ڏينهن راشن نه هجڻ ڪري وڏو پٽ مون وٽ آيو. مون هن
کي ٿورا پئسا ڏنا، شام جو ڪامريڊ اچي مون مٿان
بگڙيو. چي: اسان انقلابي آهيون، بڪاري نه آهيون،
اسان بک مرنداسين، قرض نه کڻنداسين، ڪنهن ڪامريڊ
جو به نه. هن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪميونسٽ پارٽيءَ
سان وابستگيءَ جو ٻڌايو هوم. ٿورو ٿڌو ٿيو ته
چيائين. ”ڪامريڊ، منهنجي ٻارن کي کار نه، راشن نه
هوندن ته روزگار لاءِ پاڻ وڌيڪ شدت سان هٿ پير
هڻي، محنت مزوري ڳولهي ٺندا.“ هن جي پتني زنده نه
هئي، رسوئي ٽيئي ويلا ڪامريڊ پاڻ ڪندو هو. ڪامريڊ
کي گنجي به هئي، پر هن جا پٽ صرف وڏن ڪڇن ۾ ڏسڻ ۾
ايندا هئا. اڄ ٿو سوچيان. ڪامريڊ وارا قربانيءَ جا
ماڻ ماپا، خود داريءَ ۽ ديش ڀڳتيءَ جا چنهه
ڪيڏانهن ۽ ڪيئن گم ٿي ويا؟ ماهيم جي بڪ اسٽال تي
وهڻ واري دور ۾ ٻه دفعا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
سيڪريٽريٽ جو عيوضي ضيا الحسن (يا ضيا پٺيان ٻيو
ڪو نالو هو؟) مون وٽ آيو. پهريون هو پارٽيءَ طرفان
دعوت کڻي آيو ته مان پارٽيءَ ۾ داخل ٿيان، ٻئين
ڀيري هو پارٽي جو مئنڊيٽ کڻي آيو. مون ٻئي گهمرا
هن کي ڪجهه هنريت تي چيو، ”منهنجو پنهنجو آزمود
اهو آهي ته مان سياست جي ڏانءُ جو نه آهيان. سياسي
داءَ پيچ مون کي پريشان ڪندا آهن. پارٽيءَ تي
آڌارت راڄنيتي جي ته قابل به نه آهيان. تنهن سواءِ
مان سمجهان ٿو ته مون تي صوفيزم ۽ مارڪسواد جي
مرڪب ازم جو اثر آهي. ان جي تقاضا هي ته مان سياست
جي جهنجهٽن به نه پئي، ٽڙيل پکڙيل سنڌي جاتيءَ جي
ٻوليءَ،ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ
ڪم ڪريان.“ هو ناراض ٿيو، پوءِ به مان پنهنجي
انڪار تي محڪم رهيس. تن ڏينهين جمال دين بخاري به
بمبئيءَ اچي پهتو. شايد اپ کنڊ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ
جي گڏيل سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميٽنگه سڏايل هئي. گڏجڻ
لاءِ نياپو موڪليائين. مان سئنڌرسٽ روڊ تي راج
ڀون ۾ هن سان گڏجڻ ويس. ان وقت منجهند جي روٽي
کائڻ بعد نلڪي تي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پي. سي
جوشي پنهنجا برتڻ صاف ڪري رهيو هو. بخاريءَ هن کي
منهنجي واقفيت ڏني. هن مون ڏانهن ڏسڻ ڌاران بي رخو
بخاريءَ کي چيو، ”چئينس ته سگهو ئي پارٽيءَ ۾ داخل
ٿئي.“ مون بخاريءَ کي به پنهنجو محڪم ارادو ٻڌايو.
شايد، هن کي ڪراچيءَ ۾ پارٽي سيڪريٽري شپ ڇڏڻ وقت
پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ لفظي ڇڪتاڻ ياد اچي ويئي. هن
مون تي وڌيڪ زوربار نه آندو. جڏهن مان هن کان
موڪلائڻ لڳس تڏهن ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ جذباتي
آواز ۾ چيائين. ”ڪامريڊ، جتي هجين سکي هجين، عوام
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهين.“ ههڙي نرموهيءَ جون
اکيون اشڪبار هيون، مون به لڙڪ پي وڃڻ جي ازحد
ڪوشش ڪئي.
اِن وچ ۾ منهنجي شخصي زندگيءَ به ڪي ڪروَٽون
بدليون هيون. ڀائوءَ کي ڀاونگر ۽ ٽريزري آفيسر جي
نوڪري ملي ويئي هئي. پگهار سنڌ جيترو ڪو نه ٿي
مليس،مگر نوڪري سندس ڏانءَ ۽ چاهه جي هئي. ڪرمسد ۾
ٻن ڀائرن جي گڏ رهڻ جو سپنو ساڪار نه ٿيو.
منهنجيءَ ڌرم جي ڀيڻ اُمريءَ جو ڀيڻويو به جوڌپور
مان اڪيلو بمبئيءَ گهر ۽ دوڪان ڳولهڻ لاءِ هليو
آيو. دوڪان ته نه مليس، گهر جو بندوبست ڪري
ورتائين. پنهنجي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ به.
ڪانديوليءَ جي سنڌي ڪالونيءَ ۾ سنڌي واپارين طرفان
جڙندڙ لي بئَرڪ ۾ ڇهون ستون ڪمرو وٺي آيو. |