مون دهليءَ وڃڻ به وڌائي ڇڏيو- ڪي پروگرامن ڪري ۽ ڪي صرف ديديءَ
جي ڪري. اتي ڪڪيءَ کي سريرڪ طور آرام ملندو هو ۽
مانسڪ ريت تسڪين پڙپندي هئي، وڏي ڳالهه ته ديديءَ
جي صحبت ۾ ۽ هن سان وڙهندي ٺهندي، رسندي پرچندي
ڪڪيءَ جو جيئڻ سان موهه سلامت رهندو آيو.
اچنتاڻي به ڪڪيءَ جي اسپتال مان نڪرڻ بعد بمبئيءَ آيو هو، هن
گؤهاٽيءَ اچڻ جي تڪليف ڪڪيءَ کي ڏيڻ نه چاهي خاص
ڪري جڏهن مان دور دراز هنڌن تي وڃن ڇڏي ڏنو هو،
هوُ جلد جلد بمبئيءَ پنهنجي هڪ ڌيءُ وٽ باندرا اچي
رهڻ لڳو، ڪڪيءَ کي هن جي آئي به آٿت ملندو هو.
هڪ دفعي دهليءَ ۾ اسين چار ئي ديديءَ جي گهر گڏياسين – ديديءَ
پنهنجو جملو دهرايو، ”مٺي، ڏسجانءِ ويٺي، مان دنيا
مان تنهنجي ڏسندي ڏسندي اٿي وينديس.“ ڪڪيءَ ڪجهه
نه چيو، مان به چپ ويٺو رهيس. اچنتاڻيءَ چيو،
”ديدي.“ هوُ به هاڻي موهنيءَ بدران ديدي چوڻ لڳو
هو. ”تون سورنهن آنا صحتمند آهين. هن چؤياريءَ ۾
پهرين منهنجو ئي نمبر آهي. مان گورين جو ٻڪ هر روز
وٺندو آهيان.“ ڪڪي گنڀير ٿي ويئي. چيائين، ”اوهان
ٻنهي اهڙي اَشڀ ڳالهه ڪڍي ته مان ناراض ٿي
وينديس.“
مون کلي چيو، ”اسان چارئي جيئڻ جو پٽو لکائي آيا آهيون. ڪڪيءَ
گنڀيرتا سان چيو، ”جيئڻ ٿورو يا گهڻو، سڪيارٿو هجڻ
کپي.“ مون ڳالهه کي اتيئي روڪڻ لاءِ فيصل ڪن نموني
چيو، ”اسان مان ڪنهن جو به جيون اڪيارٿو نه رهيو
آهي.“
منهنجي من ۾ پڙاڏو ٿيو، ”اڪيارٿي سڪيارٿي جيون جو ماپو هر ڪنهن
لاءِ ساڳيو نٿو ٿئي.“ مان انڊور پهچي ويس. اڪيارٿي
سڪيارٿي جيون جي ڳالهه ڪي سال اڳ ڪڪيءَ ڪڍي هئي
ڪرشن کٽواڻيءَ جي اڳيان، اسان جو انساني رشتن ناتن
جو ٻيون انوکو ٽڪنڊو هو. مون ڪرشن کي پيار ڏنو هو،
ڪڪيءَ هن کي عزت ڏني هئي – ڪرشن مون کي سنيهه ڏنو
هو ۽ هن جو ڪڪيءَ سان موهه هو. انڊور به اسان جو
آرام گاهه رهيو، ويساهين رهيو، گهر کان ٻاهر گهر
هيو. ڪڪي، مان ۽ ڪرشن ساڳيءَ ويولينٿ تي رهياسين
اڪثر. ڪڪي اسپتال مان نڪرڻ بعد جئن پوءِ تئن اسان
ٻنهي جي لفظن کان وڌيڪ چاهتا انوسار آتم نرڀئه ۽
خود وشواس واري بڻجي پيئي. ان وچ ۾ 81-1980ع تائين
سنڌي ووڪل ڪلچر بچاءَ جي لهر وڌي ان جي ڦهلاءُ جو
سيلاب بڻي هئي. جيترا ميلا وڌيا هئا، اوترا ڪلاڪار
نه وڌيا هئا- ۽ هونءَ به ڪلا جي کيتر ۾ لوڪپريه کي
وڌيڪ وجهه ملندا آهن. ورسيون ۽ ميلا ٽي ٽي، ان کان
وڌيڪ راتيون به هلندا هئا ۽ هلندا به رات جو ڏهين
کان ڏينهن چڙهئي تائين هئا. ٽن چئن مکيه ڪلاڪارن/
ٽولين جو هر هڪ ميلي ۾ هجڻ لازمي هو، ۽ مون اها به
ڪوشش ڪئي ته اسان ڪلاڪار ٽڪر جون نه ٿا، سهڪار ٿا
ڪريون. ان ڪري مان ڪوشش ڪري اهي ميلا يا ميلن جا
اهي ڏينهن پروگرام نه کڻندو هوس جتي ساڳيءَ طرز تي
پروگرام ڏيندڙ گائڪ يا گائڪائون هجن. ايڪڙ ٻيڪڙ
پروگرامن کان سواءِ. ۽ مون اها به پرداخت ڪئي ته
گهٽ ۾ گهٽ اسان چڙهت ۽ غير صحتمند چٽا ڀيٽيءَ کان
ڪنارو ڪندا رهون. ڪڪي ته ان سلسلي ۾ پهرين حڪم جي
بندي رهي ۽ پوءِ سؤ فيصد سهمت رهي، ڪلاڪارن جي
سهائتا ۽ سهڪار ۾ ڪڪي مون کان اڳري رهي – مان
سنديس ٿڪ ۽ پريشانيءَ ڪري نٽائيندو هوس ته هوءَ
چوندي هئي – ”اوهان پاڻ ئي چوندا اهيو، اسان
ڪلاڪارن جي پنهنجي برادري آهي.“ ڪلا کيتر جي ٻن
وڏن مهارٿين ماسٽر چندر ۽ پنجواڻي صاحب ۾ هڪ قسم
جي رقابت جي ڀاونا هئي، تتي سندن جنم اُتسوُ جلسن
۾ ڪامن فئڪٽر اسان هئاسين – البت پنجواڻي صاحب سان
گڏ پروگرام به ڏيڻ جا موقعا ملندا هئا – بمبئيءَ ۾
۽ بمبئيءَ کان ٻاهر. ۽ ٻوليءَ ۽ سنسڪرتي بچائڻ جو
ڪاريه به ساڳيو هو.
ڪڪي اسپتال جو لڪ لنگهائي نئين سر زندگيءَ سان نينهن جو ناتو
نڀائڻ لڳي. جئه هند اليڪٽرانڪس طرفان ملهايو
ڀڳونتي ناواڻي نائيٽ ۾ هن جو اتساه ۽ چستي چوٽيءَ
تي هئي. پنجواڻي صاحب ان پروگرام ۾ سهڪار ڪندي
چيو، ”پورنماسيءَ جو چنڊ گرهڻ مان نڪتو آهي، ان جي
چمڪ ڌمڪ وڌيل ئي آهي، شل ان کي وري گرهڻ نه لڳي.“
ان ئي پروگرام ۾ قدرشناسيءَ طور مليل رقم وياج تي
رکي ڪڪيءَ پنهنجي ماتا لڪشميءَ جي نمت هر سال ڪنهن
نه ڪنهن ڪلاڪار کي انعا،م ڏيڻ جي پڌرائي ڪئي.
ماسٽر چندر جو پنجهتر جنم دن آچاريه ڀڳوانديو جي سرجوشيءَ سان
ملهايو ويو هو ۽ ان جي صدارت لاءِ هن پاڻ کان وڌيڪ
مشهور پارليامينٽ ميمبر يشپال ڪپور کي آندو هو.
ماسٽر چندر جي جائز ساراه ٻڌڻ بعد هن ماستر جي
زباني ڪو گيت / ڪلام ٻڌڻ چاهيو. ماسٽر جئن تئن هڪ
ٽڪ ڳائي چيو، ”گلو نٿو هلي.“
ماسٽر چندر لاءِ شرڌا ڪڪيءَ کي منهنجي صحبت ۾ اچڻ کان اڳ، ڪافي
ننڍي هوندي کان هئي.
ان پروگرام ۾ ماسٽر چندر جي هڪ گيت سان عقيدتمندي پيش ڪري ڪڪي
پنهنجي گهر پهتي ۽ مان هن وٽان نڪرڻ لڳس ته جنسي
مون کي پيرين پوندي چيائين،”آسيس ڪجو، منهنجي اهڙي
حالت نه ٿئي. مان مرڻ گهڙيءَ تائين ڳائڻ ٿي
چاهيان.“ هن جنسي ٻاڏايو، ”دعا ڪريو نه.“ ماسٽر
چندر سان همدردي ڪندي هوءَ گويا پاڻ تي قياس ڪرڻ
لڳي هئي. وري چيائين، ”جئن ڪنور رام صاحب هڪ ميلو
مچائي ٻئي ميلي ڏانهن ويندي ساسين سکالو ٿيو، جئن
مان به ڳائيندي هلي وڃڻ ٿي چاهيان.“ مون چيو،
”ڇوڪري، تنهنجي به ڪنور رام جيان رهجي ايندي.“
ماسٽر چندر لاءِ هن کي جا عزت هئي، ان جو اندازو ان واقعي مان
لڳائي سگهجي ٿو: ان کان ٿورو اڳ اسان ڪوٽا ويا
هئاسين، نيرن هڪ بانيڪار سڄڻ جي گهر هئي. نيرن تي
هن جو ولائت مان آيل هڪ مهمان به شامل ٿيو، هن
ڪڪيءَ جي آواز جي ساراه ڪندي چيو، ”دادي، ڪنور رام
صاحب جي آواز بعد اوهان جي آواز دنيا ڀرجي سنڌين
کي گهڻي ۾ گهڻو موهيو آهي.“ هن بلڪل نمرتا سان
چيو، ”وچ ۾ سنگيت آچاريه ماسٽر چندر جو آهي.“
جئه هند اليڪٽرانڪس جي رميش ٽنئراڻيءَ ضيا صاحب جي گيتا رڪارڊ
نه ڪرائڻ جي گويا مجرائيءَ طور سي. لکميچند جي ڌن
۾ هن جي نائين محلي جي سلوڪن جو سنڌي انواد ڪڪيءَ
جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي فرمائش ڪئي. ڪڪيءَ چيو،
”مان روئي پونديس، مون کي منهنجي ماءُ ياد آچي
ويندي.“ هن جي ماتا، ڀاڀي لڇميءَ جي ديهانت بعد جي
پاٺ صاحب جي ڀوڳ تي هڪ سنڌي پاٺيءَ نائين محلي جا
سلوڪ اهڙي ته جذباتي ڍنگ ۾ ڳاتا هئا جو ڪڪي
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ ۾ اچي ڇٽڪي هئي. هن ڳائڻ جي
ڳالهه نه مڃيندي راهيءَ جو ڀڄن گنگنائڻ شروع ڪيو،
”رهي ڏينهن ٻه چار، مسافر موٽي ويندو.“
مان شايد موقعو ڏسي رڪارڊنگ لاءِ ڪڪيءَ کي مڃائي وڃان ها پر ان
وچ ۾ راڻي گدواڻي پنجابيءَ ۾ نائين محلي جا سلوڪ
سنڌي سمجهاڻيءَ سان ڪئسيٽ ۾ ڀريا. چڙهت نه مون کي
راس آئي نه ڪڪيءَ کي اچي ها، جي مان چوانس به ها.
ڪنور رام جي ورسيءَ جي دؤران ۾ ئي ڀڳت گهنشيام کي اجمير ۾ دل جو
دؤرو پيو ۽ هو پاڻ کڻائي وسڻ شاه جي ورسيءَ ۾ هڪ
شيواڌاريءَ جي گهر بستري داخل هو، جڏهن اسان ڪنور
رام جون ورسيون نباهي هر سال جيان وسڻ شاه جي
درٻار ۾ پهتاسين، مان، ڪڪي ۽ ٻيا ڪلاڪار سراپجي
وياسين، ڪڪيءَ جون اکيون اشڪبار ٿي ويون ۽ من
ڊانوان ڊول رهيو، ڏينهن جا ڏينهن. اسان پنهنجي
پروگرام ۾ گهنشي جي صحتمند ٿيڻ لاءِ پلئه پاتو
تڏهن به ڪڪيءَ جو آواز گويا گلي ۾ اٽڪيو رهيو.
گهنشيام ٺيڪ ٿيو، ڳايائين به پر زندگيءَ هن سان
گهڻو وقت نه نباهيو. اسان بمبئيءَ کان ان وقت ٻاهر
هئاسين. مان اعزا پرسيءَ لاءِ گهنشي جي گهر ويس.
ڪڪي نه هلي. چيائين، ”اعزا پرسي ڪنهن سان؟ اسان
سان به ٿيڻ کپي.....“ هوءَ چپ ٿي ويئي. هوءَ اڪثر
مون جيان سوچڻ ۽ ڳالهائڻ لڳي هئي.
۽ 1984ع ۾ هن ٽي ٻيون چوٽون سهسايون – پهرين جنوريءَ ڌاري
گوهاٽيءَ ۾ اچنتاڻي راهه رباني وٺي رمندو رهيو. ان
کان اڳ هن جو مون وٽ خط آيوهو، ”بڙودي ۾ ساهرن ۾
شادي اٿم، هتان سڌو اتي ويندس. پوءِ دهليءَ وڃڻ
کان اڳ بمبئي ايندس. اوهان ۽ دادي ڀڳونتيءَ جي
صحبت جو ڪي ڏينهن مزو ماڻيندس. اوهان جا پروگرام
نه هوندا ته اوهان کي به دهليءَ ساڻ وٺي هلندس.“
مقرر تاريخ آئي، ويئي. اسان اهو ڏينهن، ٻيو ڏينهن، انتظار ڪيو،
ڪندا رهياسين. اوچتو خط مليو، هو گؤهاٽيءَ مان
بڙودي لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهڻ بدران عدم ڏانهن هليو
ويو- جتان ڪو موٽيو ڪونهي.
سچ پچ اَٺ ڏهه ڏينهن اسان جا پروگرام نه هئا، ڪڪيءَ چيو،
”دهليءَ ٿا هلون.“
ديديءَ ۽ اسان وچ ۾ ڦري گهري اچنتاڻيءَ جو ذڪر ئي نڪتو. مان ۽
ديدي ڪار ۾ اچنتاڻيءَ جي گهر وياسين. ڪڪيءَ هلڻ جو
ست نه ساريو. اسان به ڏاڪڻ چڙهندي هڪ ٻئي جو هٿ
پختو پڪڙيو هو، پر اچنتاڻيءَ جي گهر کي تالو پيو
هو. ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت گذري وڃن بعد به ڪو
گؤهاٽيءَ کان واپس نه آيو هو. مون پهريندي دل ٻڌي
ديهانت جي خبر ملندي اچنتاڻيءَ جي پٽ ڏانهن خط
موڪليو هو. پر اچنتاڻيءَ جي ياد کي خيرباد ته اڃا
تائين به نه ڪري سگهيو آهيان. ڪڪي به يا عمر
اچنتاڻيءَ سان نه ناتو ٽوڙي سگهي، نه هن کي ڀلائي
سگهي. دکي ديدي به هئي. دل سان.
اچنتاڻيءَ جي گهر جي ڏاڪڻ تي ئي، هٿ هٿ ۾ هوندي ئي ديديءَ چيو،
”دادا، مون کي پرون ٿا پون اچنتاڻي جلد مون کي به
سڏ ڪندو.“ ڦڪي مرڪ مرڪي چيائين. ” مئي پڄاڻا به هن
جي دل ٿيندي هوندي مون سان هجا ڪجا پائڻ تي.“ مون
ڏاڪڻ تي ئي بيهي هن جي هٿ مٿان پنهنجو ٻيو هٿ رکي
چيو، ”ديدي، خدارا اهڙي ڳالهه ڪڪيءَ جي اڳيان نه
ڪج، ڪڏهن به.“ مان پرون لفظ تي ئي ڊڄڻ لڳو هوس.
منهنجي ڀيڻ دادن کي به پرون پيا هئا اسپتال ۾ ۽
هوءَ سنئين لڱين گهر نه آئي هئي.
ديديءَ سچ پچ ڪڪيءَ سان کل مسخريءَ ۾ به مري وڃن جي ڳالهه نه
ڪئي.
پوءِ به هيءُ انساني زندگيءَ جا عجيب رشتا ناتا.
سيپٽمبر جي شروعات ۾ ديديءَ فون تي ڪڪيءَ کي چيو، ”هانگ ڪانگ
مان گيان اچڻ جي دعوت سان گڏ اوٽ موٽ هوائي جهاز
جي ٽڪيٽ موڪلي آهي. هفتي کن لاءِ وينديس. تنهنجي
گواليار جي پروگرام کان اڳ موٽي اينديس. گهر کي
سجايو اٿم، تنهنجي لاءِ. داد ۽ اوهان گواليار مان
دهليءَ اچجو. ڏسي، داد ڏجو، هانگ ڪانگ مان تنهنجي
لاءِ ڇا آڻيان؟“
مان ڪڪيءَ وٽ ويٺو هوس، ڪڪيءَ چيس، ”تون پنهنجو پاڻ صحيح سلامت
آڻج، اها ئي تنهنجي سؤغات ٿيندي.“
ديديءَ جو آتم وشواس وارو آواز آيو، ”مٺي، تنهنجي منهن ڏٺي بنا
مان مرڻ واري نه آهيان.“
۽ ديدي هانگ ڪانگ مان دهليءَ پهتي. ڪڪيءَ ۽ منهنجي ٻئي ڏينهن
دهليءَ پهچڻ جو انتظار به نه ڪري راهه رباني وٺي
رمندي رهي.
مان دهليءَ ديديءَ جي گهر اندر گهڙندي ئي اچي روئن ۾ ڇٽڪيس. عجب
اهو جو ڪڪي چپ چاپ مرجهايل منهن سان ديديءَ جي
ڪمري اندر گهڙي ويئي. هوءَ ڦٽي هانءُ پگڙين جي رسم
جي دؤران پهرئين ڀڄن تي رني، ۽ مون سامت جو ساه
کنيو.
ڪنور رام جي ورسين ۾ ٻه مهينا پيا هئا، پوءِ به مون کي چورا
کورا لڳي ويئي. ڪڪي جا عقل ۾ اڪابر ٿيندي ويئي هئي
تنهن چيو، ”پروگرام کڻو. هن سال سلامت هونديس، پڪ
ڄاڻو.“ پوءِ کلي چيائين، ”ڇا مووڪ وارن جي هڪ
ڪئسيٽ جو ڀرڻي آهي- لوليءَ کان ماروُءَ تائين،
موهن ڇاٻڙيا منهنجو مسڻ رلائي ڇڏيندو.، هن دل سان
ٽهڪ ڏنو.
اهو سال ته ڪنور رام جي ورسين جو نبهي آيو- پروگرامن جي دؤران ۾
به ڊڄندو رهيس، پر ڪڪي ائين هلي، ڄڻ هن ڪڏهن مرڻ
جي ڳالهه ئي نه ڪئي هئي.
مان بهاني ڪ بهاني ان آخرين ڪئسيٽ جي رڪارڊنگ مهمل ڪندو رهيس.
هڪ ڀيري موهن ڇاٻڙي منهنجي تاريخن نه ڏيڻ تي ٿورو ناراض ٿي ويو.
ڪڪيءَ هن جي وڃڻ بعد چيو، ”اوهان پاڻ ئي چوندا
آهيو، اَجل آهي جنهن جو وقت به مقرر آهي، هنڌ به،
ايندو جڏهن اچڻو هوندو. اوهان ائين هلو جئن هلندا
آهيو، فلڪ سان، صرف هڪ دعا ڪجو، اسپتال ۾ نه – گهر
۾ ساهه ڇڏيان.“
پوءِ به، مان شاه جي لفظن ۾ ڪتيندو به رهيس، ڪٺيندو به رهيس ۽
ڪڪيءَ جي زندگيءَ لاءِ دعا گهرندو به رهيس- منهنجو
وشواس ڌڏي ويو هو، ان کي ٿوڻيون ٿنڀ ڏيندو پئي
رهيس....
ڪئسيٽ ڀري، اها نڪتي ۽ موهن ڇاٻڙيه ڪڪيءَ کي ڏيئي ويو، تنهن
ڏينهن.....
تنهن ڏينهن مان هن جي گهر پهتس ته هن جي ٽيپ رڪارڊر مان آواز
اچي رهيو هو، ”هيءُ جڳ مسافرخانو.....“ اهو ٽيپ جو
پويون گيت هو. پوءِ به هن اهو اڌ ۾ بند ڪيو ۽ نيم
– انوسرار مون لاءِ بسڪيٽ ۽ پاڻيءَ جو گلاس کڻي
آئي. هن وري ڪئسيٽ چالو ڪئي، ان جو آواز ڌيمو ڪري
چيائين، ”واقعي، جڳ مسافرخانو آهي. ۽ مان ان
مسافرخاني مان ڪنور رام جي ورسين وچ ۾ هلي
وينديس....“
مون زور لڳائي، اکين ۾ آنسو اچڻ نه ڏنا، ڳالهايم به ڪونه.
هن وري چيو، ”زندگيءَ جو انت موت آهي – اوهان پاڻ چوندا
آهيو.....“
مان اداس ٿي ويو هوس شايد. هن کلي چيو، ”مايوس ڇو ٿا ٿيو؟ هاڻي
ته ڪانه ٿي مران، اڃا اَٺ مهينا پيا آهن، ڪنور رام
جي ورسين ۾.“
مان اڃا به اواڪ هوس، هن وري اکين ۾ شرارت ڀري چيو، ”اڃا ته هڪ
خوشيءَ جو موقعو وچ ۾ آهي، کنڊوا ۾ اوهان تي
سيمينار جو، اوهان جي سنمان جو....“
ريهرسل هئي، ان ڏينهن، منهنجو من نه لڳو پر ڪلاڪارن اڳيان ٻڙڪ
نه ڪڍيم. ڪلاڪارن جي هلئي وڃڻ بعد هن چيو، ”اوهان
پاڻ چوندا آهيو حال ۾ رهڻ کپي. ۽ حال اهو آهي ته
مان خوش آهيان، منهنجي نئين ڪئيسٽ مارڪيٽ ۾ آئي
آهي....“
۽ منهنجي اتفاقن جي زندگيءَ ۾ بلڪل ٻئي ڏينهن اجمير جو لڇمڻداس
نالو هوس شايد، اهو بوريوليءَ ۾ لهي، بئگ بسترو
مائٽ وٽ ڇڏي هن سان مون وٽ هليو آيو. ”هن سال
اوهان کي ڪنور رام جي ورسيءَ ۾ اجمير پروگرام ڏيڻو
ئي پوندو.“
مان شام تائين فيصلو مهمل ڪيو، ڪڪيءَ( پوءِ سمجهيم، مون کي نراس
ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ) چيو، ؟لڻو، اول خير،
نباهينديس.“ اوڏي مهل ته مان بيحد خوش ٿي ويس.
۽ ان سال راجن چاولا ( هاڻ ڏاسواڻي) لنڊن جو پروگرام آڇيو.
ڪڪيءَ ڏاڍي چاهه مان چيو، ”ياد اٿوَ نه، ته
امراوتيءَ ۾ ٽي سال اڳ ميزبان منهنجو هٿ ڏسي چيو
هو ته پنج ڀيرا ڀارت کان ٻاهر ويندينءَ، اهو پنجون
ڀيرو لنڊن هوندو.....“
جنهن ڏينهن ويزا جو بندوبست ٿيو ۽ ٽڪيٽون مليون، تنهن جي ٻئي
ڏينهن چيائين، ”يورپ هلون ته ٿا پر مان شايد جيئري
واپس نه اچان.“
مان اکيون ڦاڙي هن ڏانهن ڏسندو رهيس.
هن وري چيو، ”چوندا آهن،خواب ۾ شادي ڏسبي آهي ته موت اچڻ جو
امڪان رهندو آهي.“
مون چيو، ”چئين ته نه هلون.“
چيائين، ”هلنداسين ضرور، موٽنداسين به ضرور. مان مرنديس گهر ۾،
پنهنجي پلنگ تي.“
۽ جنهن رات هوائي جهاز پڪڙڻ لاءِ ايئروڊرم تي پهتاسين ته
لکميچند چيو، ”سفر ڪامياب ويندو، مان گهران نڪتس
ٿي ته رات ٿي وڃڻ بعد به هڪ ڪائي مساڻ طرف ويندي
ڏٺم.“
ٻڏندڙ کي ٻوڙن جو سهارو مليو، مون کي به ٿوري گهڻي تسڪين ملي.
هڪ گيسر يا لاپرواهي ٿي ويئ، ٽين ٽين هفتي پينسلن جي لڳندڙ
انجيڪشن وٺي پاڻ سان نه کنئين، مان وٺڻ پيو وڃان
ته ڪڪيءَ چيو، ”مون نالو کنيو آهي، اتي هلي
وٺنداسين ۽ لنڊن ۾ ته هيڪاري بهتر ملندي.“
لنڊن مان اسين اسپين هليا وياسين، ۽ اتي جيڪا انجڪيسن جئن تئن
لڪ ڇپ ۾ ملي، (پينسلين تي بندش هئي) اها گهربل
پاور کان گهٽ جي هئي.
رات جو ڪنهن آرگنائيزر وٽ تڪليف ٿي، مون هن کي هوميوپٿي دوا
ڏني. پوءِ به ڊنوڊپ ڪري ميزبان ائمبولينس گهرائي.
ڪڪي ٻئي ڏينهن ئي مون کان سواءِ آرگنائيزرن،
ميزبانن ۽ ڪلاڪارن کي ذري گهٽ نارمل لڳي. هن مون
کان بايوڪيمڪ گورين جي شيشي رات ئي وٺي ڇڏي هئي،
ڊاڪٽرن وري دل جي والوُ جي آپريشن ڪرڻ جي صلاح
ڏني. ڪڪي هڪ تي، آپريشن جي ٽيبل تي ئي مان مري
وينديس. مان بمبئيءَ پنهنجي گهر پهچڻ ٿي چاهيان-
جيئري جاڳندي. هن آپريشن جي ڇهن مهنن جي مهلت لکيت
۾ وٺي ڇڏي.
مون چيومانس، ”چڱو، لنڊن ۾ ڪن ماهر ڊاڪٽرن سان ٿا صلاح
ڪريون....“
۽ لنڊن پهتاسين ته هوائي جهاز مان لهي راجن جي گهر ويندي ئي
راجن چيو، ” اوهان جون موٽ جون ٽڪيتون يا سڀان جون
يا پندرنهن ڏينهن پوءِ جون ٿي مليون، مون سڀاڻي
جون وٺي ڇڏيون آهن......“ چندرو ملڪاڻي به ان وقت
اسان سان ڪار ۾ هو.
ڪڪيءَ اکين جي اشاري سان چيو، ”منهنجو آپريشن ٿيڻو ئي ڪونهي.“
اڪيلائيءَ ۾ چيائين، ” مان صحيح سلامت بمبئيءَ
پهچنديس. ڪنور رام جي ورسين تائين ترسنديس. پوءِ
جي جيئري رهيس ۽ اوهان چاهيو ته مان آپريشن ضرور
ڪرائينديس.“ ۽ هن وري چيو، ”۽ آپريشن مان اوهان جي
ڪري ئي ڪرائينديس.“
اسان 14 آگسٽ بمبئيءَ پهتاسين. ڪڪيءَ ان ڏينهن ئي ڊاڪٽر پرڪاش
کان پينسلن جي انجڪيشن هڻائي ۽ هن کي بارميلوناڊا
جي ڊاڪٽرن جو رايو ٻڌايو. ڊاڪٽر پرڪاش آپريشن
لازمي نه سمجهيو، پنهنجون گوريون جاري رکڻ لاءِ
چيو.
سيپٽمبر جي وچ ڌاري ويسٽن ٽي. وي جي پريم وڇاڻيءَ جي ڌيءُ
شاديءَ جا پروگرام ڏنا؛ سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ جو
لوناوالا ۾ مست طرفان ڪوٺايل تعليمي ڪانفرنس ۾ به
ڪڪيءَ ڳاتو – ڪنهن کي خواب نه خيال ته مهنو پوءِ
هوءَ جسماني طور نه هوندي.
منهنجي آنڌ مانڌ آڪٽوبر جي ڏهين تاريخ دسهڙي کان وٺي مگر ڪڪيءَ
ان ڏينهن ٽنگ جي سور کان منڊڪ منڊڪ ڪندي به کار
جمخانا ۾ رانوڻ جلڻ جو اُتسوُ ڏسڻ هلي. ڀاڻيجن سان
ڦٽاڪا به ٻاريائين، منڊڪ منڊڪ هن جي ان ڪري هئي جو
گوڏي ۾ سور پيو هوس ۽ ڪنهن زور سان مالش ڪئي هيس.
مون کي يورپ کان اڳ کنيل اجمير جي ڪنور رام ورسيءَ
لاءِ پنهنجي ۽ منهنجي جئپور تائين هوائي جهاز جون
ٽڪيتون بڪ ڪرائڻ لاءِ چيائين، ڪلاڪارن جون ريل جون
ٽڪيٽون اڳ ئي رزرو ٿي چڪيون هيون – هفتو پوءِ هن
جي منڊڪ منڊڪ ۾ ڪو فرق نه پيو ته مون اجمير جو
پروگرام رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سومر 20 آڪٽوبر تي ريهرسل کان اڳ ئي ڪلاڪارن کي چيم، ”ٽڪيٽون
واپس ڪري اچو، مان سڀاڻي- صبوح جو اجمير نه اچڻ جي
تار ڪري ڇڏيندس.“ ڪڪيءَ پهرين ته چيو، ” اسان اڳ
ڪڏهن کنيل پروگرام رد ڪيو آهي؟ هلنداسين. مان
منڊڪائي به پروگرام ڏينديس.“ منهنجي مٿان هن جو
ڪنور رام جي ورسين نه ڏسڻ جو چتاءُ حاوي پئجي ويو.
چيم، ” پرديس ۾ خدا نه ڪري ڪجهه ٿي پيو ته اهي
ماڻهو ۽ هنن کان وڌيڪ آرگنائيزر چوندا، ڇو آيا؟“
هن چيو، ”ٺيڪ آهي. اچو ته ڀلا ريهرسل ته ڪريون.“ ۽
شروع ڪيائين نئون گيت، ”جيون آهي، ريل گاڏي....“
ڪلاڪار ويا ته ڊپٽو ڳچيءَ ۾ وجهي هٿ جوڙي سر جهڪائي چيائين،
”مون کي معاف ڪجو......“
ڍمون ڀريل گلي سان چيو، ”ڇوڪري، تو منهنجو ڇا بگاڙيو آهي جو
معاف ڪريانءِ.توهيڪاري آنجهيءَ مانجهيءَ، تتيءَ
ٿڌيءَ ، تڪليفون سهي به ساٿ ڏنو- مون سان به،
منهنجي مقصد سان به سنڌي جاتي توکي وساري نه
سگهندي.“
صبوح جو فون ڪيائين، ”منهنجي مٿي جي چرپر گهٽيل آهي، دماغ گويا
ڦاٽي ٿو.“
مان هن وٽ پهتس- اها ئي منهن تي مرڪ، چيائين، ”زندگيءَ ۾ مون به
اوهان کي گهٽ پريشان نه ڪيو آهي.“
ڊاڪٽر پرڪاش بمبئيءَ ۾ نه هو، هن جو پيءُ آيو. چيائين، ”گوڏي جي
زوردار مالش ڪري رڳون ٽٽيون آهن، مٿي جي چرپر تي
اثر ٿيو آهي.“ هن ٽن انجيڪشنن جو ڪورس لکي ڏنو –
اهي انجڪيشن ڪيترن دڪانن تي نه هئا. جئن تئن وٺي
آيس، پهرينءَ انجڪيشن سان حالت بهتر ٿيس، سجو
ڏينهن سرهي رهي، ڀائرن، ڀاڄاين ۽ هڪ ڀيڻ کي
گهرايائين يا اهي پاڻ کان پاڻهي يا اطلاع سان
پهتا، رات جو مون کي فون تي چيائين، ”فرحت اٿم،
نشچنت ٿي سمهو.“
مان صبوح جو سوائين اٺين بجي هن جي گهر پهتس. ٻي سرت هئي، صرف
مٿيون چپ ۽ ڄاڙي ڦڙڪي رهي هئي. ڊاڪٽر جي ٻين
انجڪيشن بعد اها حالت ٿي هيس.ڊاڪٽر جي راءِ
هئي:پوين پساهن تي آهي.
منهنجي من ۾ آيو، ”حڪم جي بندي بنا موڪلائڻ جي ڪيئن ٿي وڃي؟“
اوچتو هن جون اکيون کليون ۽ مرڪي مون ڏانهن نهاريائين. مان پلنگ
جي پيرانڌيءَ کان بيٺو هوس. مون پڇيو، ”ٺيڪ آهين؟“
ڪنڌ ڌوڻڻ سان ”ها“ ڪيائين. مون پڇيو، ”ڪجهه
کپيئي؟“ آهستي گويا ڀڻ ڀڻ ۾ چيائين، ”پاڻي.“ هن
جي سيرانڌيءَ کان پلنگ جي اُڀيءَ ڪنار تي پاڻيءَ
جو گلاس پيو هو. هن جي هڪ ڀاڄائيءَ چيو، ”هن جو ئي
آهي.“ مون ان گلاس مان هن جي ليٽئي ئي پاڻيءَ جا
ڪي ڍڪ هن جي وات ۾ وڌا. هن اکيون پوريون، وري بي
جان بڻجي ويئي ۽ هن جي مٿين ڄاڙي ڦڙڪڻ لڳي.
ڊاڪٽر ان وچ ۾ تاهوت لڳائي، ”هلو هلو، کڻائي هلوس، ڊائمنڊ نرسنگ
هوم ۾ ڊاڪٽر انتظار ڪندا هوندا.“
منهنجي من ۾ آيو، ”جي وڃڻ ئي ٿي چاهي ته ائين پلنگ تي ليٽئي ئي
وڃڻ ڏيوس.“ هن جا بمبئيءَ ۾ رهندڙ ڀائر، ڀاڄايون
۽ ڀيڻ سڀ موجود هئا، هڪ ڀاءُ پاسي واريءَ کان ڪار
وٺڻ لاءِ ڊوڙي به ويو هو، منهنجي من ۾ به اميد
برخلاف اميد جاڳي هئي.
۽ هن جو تخمينو صحيح ئي نڪتو. آپريشن ٽيبل تان هوءَ جيئري نه
لٿي.
مان رودن جي ماحول ۾ به چپ هوس. مان ٺوٺ بڻيو ويٺو رهيس، اکين ۾
آنسو به نه آيا.
صرف پاڻ کان پڇندو رهيس، ”هوءَ هلي ويئي؟“
اَڄ ڏينهن تائين منهنجو من مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته هوءَ هلي
ويئي، خير....
اعزا پرسيءَ جون تارون، خط ۽ ٺهراءَ آيا، ايندا رهيا.
ٻه تارون سنڌي لفظن ۾ رومن اسڪرپٽ ۾ آيون، ٻئي بمبئيءَ مان ڪيل
هيون، الڳ ڏينهن تي. ٻنهي ۾ لکندڙن جا نالا جذبات
جتائيندڙ هئا.
”ٿورن ڏينهن بعد فون آئي، مون چيو، ”هلو“
”مان ڪير آهيان؟“
”ڪٿان ٿي ڳالهائين؟“
”پهرين ٻڌاءِ ته ڪير آهيان.“
”همدرد همشريڪ.“
”سو تار توکي پهتي.“
”ها، همدردي به محسوس ڪيم.“
”همشريڪي نه؟“
”ٻي هڪ تار به سنڌيءَ ۾ آئي.“ مون ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو.
”سو ان ۾ به چڙهت ٿي، پرواهه ناهي، سڄي عمر چڙهت سٺي اٿم.“
”هوُ ڪو همت لال آهي.“
”وري به شڪر آهي.“
”ڪٿان ٿي ڳالهائين؟“
”آمريڪا مان، ڌيءُ وٽ آئي آهيان، پهرين سوچيم ڀارت موٽان، پٽ
منهنجو اتي آهي. پر مون توکي ڪمزور ڪرڻ نه چاهيو،
هن بعد به نه ڪنديس، پر جي ڪمزور ٿي وڃين ته...
نه، نه، تون ڪجهه نه ڪج، مون کي سڌ پئجي ويندي جئن
هن دکدائڪ ديهانت جي پيئي، مان.... اچي وينديس.“
هن جو گلو ڀرجي آيو، هوُءَ چپ ٿي ويئي. مان چپ
هيس، منهنجون اکيون اشڪبار ٿي ويون هيون.
”چڱو رکان ٿي.“ هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
”آسرو نام جو.“ فون ڪٽجي ويئي.
مان سوچڻ لڳس، سوچيندو رهيو آهيان:
هي رشتا ناتا
عجيب، رشتا ناتا!
مرندا نه آهن
ٽٽندا به ناهن
۽ بس. |