ڌيئرن وري پنهنجي مئي ماءُ جي امانت سمجهيو آهي
مون کي، اهڙو ڀڳ ڪنهن ورلي کي نصيب ٿيندو آهي.
ديويءَ مون کي ئي پيار نه ڏنو، منهنجي مڙيني پنهنجن ۽ پيارن کي
پيار ڏنو، هن کي پروان کي پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ به
رهيو.
جهڙي هوءَ مانسڪ طور پرٻل هئي تهڙي ئي سريرڪ ريت هوءَ درٻل هئي.
منڍ کان وٺي هوءَ سورنهن آنا صحتمند نه هئي. قبضي
وڌندي وڌندي موڪن تائين پهتي ۽ گئس وڌندي وڌندي
اؤگراين سان هن کي گويا دائم المريض بڻائي ڇڏيو.
گهر جي جوابدارين ۽ ڪم ڪار کان هن نٽايو ڪونه، هن
جو ائلوپٿيءَ کان وڌيڪ هوميوپٿيءَ ۾ وشواس رهيو
– پوءِ به هوءَ ائلوپتيءَ جي ور چڙهي ٿي ويندي
هئي. پهرين ڪامريڊ هاسا رام راوتاڻي هن جو خاص
ڊاڪٽر رهيو، هن جي آمريڪا هلي وڃڻ بعد موهن چئناڻي
آخرين دم تائين هن جو ڊاڪٽر رهيو. موهن کي هن پٽ
جهڙو ڏيار ڏنو ۽ هن به ساڻس توڙ تائين نباهيو. وچ
تي هڪ گهڻ گهري هن کي سينٽ جارج اسپتال ۾ به ڀرتي
ڪرايو. ۽ اتي خبر پيئي ته هوءَ ڪئنسر ۾ مبتلا آهي.
اتان کان وٺي هوءَ جيئڻ جو موهه ڇڏڻ ۽ نرموهي ٿيڻ
لڳي، پر منهنجي پروگرامن ۾ اڳئين جيان دلچسپي
وٺندي رهي. هڪ ڏينهن لاءِ وڃان يا هفتي لاءِ يا
وڌيڪ هوءَ مڪمل وڳا نمبر وار پائڻ لاءِ بئگ ۾ ٺاهي
وجهندي هئي ۽ جنهن شيءَ وستوُءَ جي ضرورت پوڻ جو
امڪان هوندو، اها به بئگ يا ٿيلهي ۾ ٺاهي وجهندي،
ڪپڙن جي چونڊ نه مون بمبئيءَ ۾ ڪئي، نه ٻاهر،
درحقيقت انهن جي خريداري به مون پاڻ ڪڏهن نه ڪئي.
ديوي نه رهي آهي، پوءِ به هن جا منهنجي سهوليتن
لاءِ ٺاهيل دستور سلامت آهن.
ٻاهر جا پروگرام وڌند رهيا ۽ ديوي ساڳئي نموني بئگ ۽ ٿيلهو تيار
ڪري مون کي ڏيندي رهي – گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي
هميشه جيان بالڪنيءَ ۾ بيهي مرڪي موڪلائيندي رهي.
منهنجو ساهه ٽنگجي پوندو هو، ڪڪيءَ کان سواءِ ٻئي
ڪنهن ڪلاڪار يا آرگنائيزرن کي ڪا سڌ پوڻ نه ڏنم.
ڪي آرگنائيزر جي منهنجي پرپٺ منهنجي گهر اچي
نڪرندا هئا- اهي اڪثر چوندا هئا، ”مالهي صاحب،
اوهان جي پرپٺ اوهان جي گهر خاطرداري وڌيڪ ئي
ٿيندي آهي. ڪي حجائتا آرگنائيزر بوريوليءَ تي لهي
منهنجي گهر ايندا ۽ ديويءَ کان منهنجي پرپٺ به
انگوڇو ٽوال وٺي سنان پاڻي ۽ نيرن ڪري ويندا هئا.
منهنجي هوندي جو حجاب هوندن سو ديويءَ جي
پنهنجپائي جي ورتاءَ ڪري لهي ويندو هون.
مون شوراتريءَ جو پروگرام پهرين امراوتيءَ لاءِ کنيو، پوءِ
رائپور جي ڀرسان ٽلڊا جا جوان گهر ۾ ڌرنو ماري
ويٺا. مان آناڪانيءَ تي، هنن ديويءَ کي چيو، ”دادا
کي اوهان سمجهايو نه.“ ديوي ڪڏهن پروگرامن جي کڻڻ
نه کڻڻ جي کرکسي ۾ نه ڦاٿي، هن ڀيري چيائين،
”جوانن جي مرضي رڳو نه. اوهان جي سنڌيت جي ٻيڙيءَ
جا اڳي پوءِ اِهي ئي رکوالا ٿيندا.“ مون کي ڳالهه
دل سان لڳي، مون پروگرام کنيو ۽ ان بعد مون
نؤجوانن جي پروگرامن کي اڳرائي ڏيڻ شروع ڪئي. ٽلڊا
۾ پهتاسين ته ڀاٽا پاڙا جا جوان آيا. ٽلڊا پهريون
دفعو آيا هئاسين ۽ ڀاٽا پاڙا اڳ ڪڏهن نه ويا
هئاسين، مون پهرين ته موٽ جون ٽڪيتون هڪ ڏينهن
اندر رزرو ڪرائڻ لاءِ چيو مان ته هنن ٻئي ڏينهن
رائپور ڪوٽا مان گوبند مالهيءَ پارٽيءَ جون پنجن
سليپرن جي رزرويشن جي سلپ ڏيکاري، ٻه ڳالهيون اِن
مان هڪ ئي وقت سڌ ٿيون، ٻاهر جي سنڌين جي هلندي
پڄندي ۽ سندن خود اعتماد ته هوُ مون کي پروگرام
لاءِ مڃائي ئي رهندا. مون چيو، ”ٺيڪ آهي، مون کي
گهر فون ڪرڻ ڏيو، ڪڪيءَ ۽ ڪلاڪارن جي گهر وارن
لاءِ خاطريءَ جو نياپو ڏيڻ ڏيو....“ فون ڪيم، آواز
پشپا جو هو. چيائين، ”مما بيحد بيمار آهي، اوهان
جو ڏنل فون نمبر لڳي نٿو. آنٽي نانڪي چوي ٿي هن کي
فورن اِسپتال ۾ ڀرتي ڪرايو....“
مان بلڪل منجهي ويس. چيم، ”اوهان ڊائريءَ مان فون نمبر ڪڍي
چيلارام سونيءَ کي فون ڪريو. جسلوڪ ۾ داخلا جو
بندوبست ٿي ويندو، مان جلد از جلد پهچڻ جي ڪوشش
ڪريان ٿو....“ رائپور لاءِ تڏهن اڃا ايئر سروس نه
هئي ۽ ڪيتري به ڪوشش سان ناگپور مان ويندڙ هوائي
جهاز تي پهچڻ ممڪن نه ٿيو، ٻئي ڏينهن صبوح جو ئي
ڪلڪتا ميل ۾ بمبئي اچڻ ممڪن هو. ڀاٽاپاڙا پروگرام
ڏنو- دل تي پٿر رکي، شومسٽ گو آن. گهر پهچي سڌو
اِسپتال ويس ته ديويءَ چيو، ”سنان پاڻي ۽ نيرن ڪري
سانهه ستيءَ سان اچو ها نه، مان اوهان پرپٺ مرڻ
واري نه آهيان. مون ڪو به ڀاري ڏوهه نه ڪيو آهي جو
اهڙي ڀارتي سزا ملي.“ اِهو ڀارتي ناريءَ جي روپ ۾
هن جو وشواس.
چئن ڏينهن بعد جئپور ۾ وڃڻو هو – اتي به شوراتريءَ جي سلسلي ۾
ئي پروگرام هو، شوراتريءَ کان ڏهه ڏينهن پوءِ!
ڪڪيءَ چيو، ”اوهان نه هلو. اوهان کان سواءِ جئپور
۾ ستن اٺن هزارن ٻڌندڙن اڳيان پروگرام ڏيڻ آهي
امتحان – سو به جهرو تهڙو نه. پر اوهان جي آسيس
سان ڏيئي چڙهنداسين.“
ديويءَ کي ڪنهن ٻڌايو، هن جو آپريشن ٻه ڏينهن اڳ ٿي چڪو هو.
چيائين، ” نه پاڻ ڪمزور ٿيو نه مون کي ڪمزور ٿيڻ
ڏيو. ٻه ڌيئر آهن، موهن (چئناڻي) آهي، نانڪي
(ڀائٽي ڊاڪٽر) آهي. ۽ هاڻ ته ناٺي به آهي، سڀ کان
وڌيڪ مان وڃڻ واري هونديس ته اوهان کي ڪيڏانهن وڃڻ
ئي نه ڏينديس. منهنجو قسم اٿو، پروگرام تي وڃو.
ڪڪي اڃا ايڏيءَ لائقيءَ تي نه رسي آهي جو اوهان
ڌاران پبلڪ پروگرام ڏئي.....“
ها، هن جي هڪ مراد پني هئي، اسان وڏي ڌيءُ شوڀا اُڪلائي گنگا
سنان ڪيو هو. جمنا سنان، ننڍي ڌيءُ کي شينهن ڪلهي
چاڙهڻ باقي آهي.
هوُءَ اسپتال مان کٽي ڇٽي آئي پر ويئي پؤڻي پوندي. پوءِ به ٻاهر
جي پروگرامن لاءِ بئگ ٿيلهو تيار ڪندي، بالڪنيءَ
مان مرڪي موڪلائڻ لڳي. هڪ ڦيرو ٻيو آيو هو، هوُءَ
هٿ سان ٽاٽا ڪرڻ به لڳي هئي!
27 جنوري 1980ع تي ٽي پروگرام هئا اسان جا، صبوح جو ساڍي ڏهين
بجي ڪي. جي. کلناڻي اسڪول ماهيم ۾، هڪ بجي ڪار ۾ ۽
طيءِ هيل هو ته ساڍي ٽين بجي دادر مان ناسڪ لاءِ
وڏي ٽئڪسي ڪري پنج ئي ڪلاڪار گڏ وينداسين. رات جو
ڏهين بجي شاديءَ جي ٻڪيءَ جو پروگرام هو. ان زماني
۾ پروگرام زوري مڙهبا هئا، اسان مٿان، ۽ ڇاڪاڻ ته
ڪڪيءَ جي زندگي ۽ ڳائڻ ساڳي ڳالهه بڻجي چڪا هئا –
زور بار اڳيان جهڪڻو ئي ٿي پيو.
26 جنوريءَ تي اسان جي سوسائٽي ڪمپائونڊ ۾ سال بسال ٿيندڙن ٻارن
جي راندين ۾ ديوي بلڪل سرهي هئي. هيٺ لهي ويٺي هئي
اچي، سوسائٽيءَ جو چيئرمن مان هوس، شام جو ڀائٽيءَ
جو به چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ساڻس ڳالهيون ٻولهيون به
ڪيون. 27 صبوح جو هوُءَ بستري تان اٿي ڪانه، ليٽي
رهي ۽ لڳو پئي لڱن ۾ سور اٿس.
مان سنان اپڻي ڪري تيار ٿيس، نيرن به منهنجيءَ ڀيڻ مون کي آڻي
ڏني. ناسڪ لاءِ ٿيلهو به تيار صوفا ڪم بيڊ تي رکيل
ڏٺم. پر ديوي جا هونءَ وقت جي پابنديءَ لاءِ تاهوت
لڳائيندي هئي، اها خاموش ليٽي ڀت ڏانهن نهاري رهي
هئي.
مون ساڍي نوين بجي ڪڪيءَ کي فون ڪيو، ”تون پاڻ ٽئڪسي ڪري ساز
کڻي ماهيم وڃ، پروگرام فون ڪجو.... ديويءَ جي
طبعيت ٺيڪ نه آهي.... ڪيتري؟ چوڻ مشڪل آهي..... هڪ
پروگرام نباهيو، اِن وچ ۾ خبر پئجي ويندي، گڊ لڪ.“
ديويءَ جي دک درد جو اندازو لڳائڻ واقعي ڪٺن هو. هن ڪا دانهن
ڪوُڪ نٿي ڪئي، ڪنجهي ڪرڪي به نٿي، پر هن جي چهري
جي ڀاؤن مان لڳو پئي ته هن کي تڪليف گهڻي هئي.
موهن آيو، سئي به هڻي ويو ۽ گوريون به ڏيئي ويو. چيائين، ”ٽنگن
۾ سور وڌندڙ اٿس.“
مون سان هوُءَ بلڪل خاموش هئي، سئيءَ بعد پڇيومانس، ”ڪيئن ٿي
ڀانئين؟“
جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”سور گهٽجڻ لڳو آهي.“ هن پاسو ڀت طرف
بدليو.
مان سمجهي ويس ته ڪو فائدو ڪونه ٿيو اٿس.
آرتوار جو ڏينهن هو اِهو. ٻنهي ڌيئرن کي موڪل هئي. شوڀا پنهنجي
گهر هئي، پشپا پهرين بلواڻيءَ جي ڌيءُ ڊاڪٽرياڻي
نانڪيءَ کي فون ڪئي. هن پاڻ وٽان ڪي گوريون گهرائڻ
لاءِ چيو. ائين به چيائين، ”ضرورت سمجهو ته مان
پاڻ اچان.“ ديويءَ چيو، ”هوُءَ ڇا اچي ڪندي؟ هڪ
ڊاڪٽر موهن ئي ڪافي آهي.“ پشپا پنهنجي ڀيڻ کي ڪوٺي
آئي. هوُءَ به ماءُ جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويئي،
هوُءَ بيٺي پير ئي باندرا مان نانڪيءَ کان گوريون
وٺڻ ويئي.
ديويءَ جي منهن مان ظاهر هو ته هوءَ سور ڪري لڇڻ ڦٿڪڻ تي به
ضابطو رکي رهي هئي.
ڪڪيءَ جو پهرئين پروگرام بعد فون آيو. چيومانس، ”بدتر حالت اٿس،
ٻيون پروگرام ڏيئي فون ڪجو.“
موهن وري آيو، اِن وچ ۾ هن ڪنهن وڌيڪ هوشيار ڊاڪٽر سان صلاح ڪئي
هئي، ظاهر هو ته ديوي صرف موهن سان پنهنجي حالت
بابت سچ سلي رهي هئي، موهن ٻين سئي هن کي لڳائي،
چئي ويو، ”اڌ ڪلاڪ بعد گلوڪوس چاڙهيندوسانس.“ جڏهن
موهن وري آيو ته مون بيماريءَ جو هن کان پڇيو. هن
چيو، ”اها ئي آهي، جيڪا مون سمجهي پئي – سپريسڊ
جانڊس. سائي چمڙيءَ دواران ظاهر ٿيڻ بدران رت ۾
هلي ويئي آهي....“
مان ڪجهه چوان ئي چوان، هن چيو، ”گلوڪوس بعد ڏسون ٿا. جي بدن جي
سوُر ۾ فائدو نه ٿيو ته ڪنهن ايڪسپرٽ کي گهرائبو،
هڪ سان مون فون تي ڪنسلٽ ڪيو آهي....“
هوُ گلوڪوس به چاڙهي ويو.
وري به فون تي ڪڪيءَ ئي ڳالهايو. ”ديوي هينئر ڪيئن آهي؟“ مون
چيو، ”جيترو ڀوڳي ٿي، اوترو لکائي نٿي. اوهان ناسڪ
وڃو، اتان فون ڪجو.....“ مون فون جو چوغو رکي
ڇڏيو. مون کي خبر هئي، مان روئندس يا نه، هوءَ
روئي پوندي، هن جو گلو ڀرجي آيو هو.
ساڍا ٽي لڳا هوندا، گلوڪوس جي باٽل پوري ٿي چڪي هئي، ديوي ڪافي
سرهي پئي لڳي. ائين مرڪي مون طرف ڏٺائين، ڄڻ چئي
رهي هئي، ”ڪيئن، روڪي رکيو ٿي مانوَ نه.“
اوچتو هوُءَ اٿي ويٺي، چيائين، ”سنڊاس ۾ وڃڻو اٿم.“
هن اٿي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. پشپا هن کي ڊوڙي اچي سنڀاليو، هن کيس
بستري تي ئي ڪجهه به ڪرڻ جو چيو. ٻئي کي تڪليف نه
ڏيڻ جو ضد اڃا به سلامت هو، هن جي من ۾. پشپا هن
کي سنڊاس ڏانهن وٺي ويئي. هوُءَ اتان اٿي، ڪمري
طرف آئي پئي ته هڪ ڪؤڙي رڙ هن جي وات مان نڪري
ويئي، هوُءَ پشپا جي سهاري باوجود، ڪرڻ تي هئي جو
مون هن کي سنڀاليو. رنڌڻي مان ڀيڻ به اچي ويئي.
ٽنهي سنڀالي صوفاڪم بيڊ تائين هن کي آندو. مون
ويهي، هن جو مٿو گوڏن تي رکيو مس ته هن جون بي جان
اکيون منهنجي منهن ۾ ئي کپجي بيهي ويون. مون کان
رڙ نڪري ويئي: ”الا، هيءُ ڇا ٿيو؟“
مان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيس.......
ڪي ڏينهن پوءِ سوچيم – عجيب آهي هيءَ دنيا، تنهن ۾ به استري پرش
کان پر ٻل آهي، ٻاروتن کان ئي، ننڍڙو هوس، ماءُ
وڃائي هيم، تڏڙيءَ دادن روئندي مون کي پرچايو هو.
ماءُ جي وڃائڻ بعد پشپا ۽ شوڀا روئي به رهي هئي،
موت بعد جي ريتين رسمن کي به منهن ڏيئي رهي هئي!
۽ ائين به سوچيندو رهيو آهيان، اڪثر، ”هوُءَ پوئين ڏينهن تي مون
کي پروگرام تي وڃڻ ڏئي ها ته مان پاڻ کي ڪڏهن به
معاف ڪري نه سگهان ها. پوءِ ڀارتي ناريءَ جي اِها
تمنا پوري نه ٿئي ها ته هوُءَ سهاڳ جي هٿن ۾ ساسين
سکالي ٿي....“
هن کي دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جا پرون پئجي ويا هئا نه ته مون کي ائين
روڪي نه ويهاري ها.
ڪڪيءَ کي اهڙا پرون ڪي سال پوءِ پيا، ۽ اِهي ڪي سال هوُءَ
مشغولين جي چڪرويوهه ۾ منهنجي همراهه ئي نه رهي،
وڌيڪ کان وڌيڪ ڪاريه جي مقصد کي پنهنجو به سمجهندي
رهي ۽ ان سان اڃا به وڌيڪ شخصي چاه سان نباهڻ لڳي.
ديويءَ جي هميشہ هميشہ هلئي وڃڻ جي ٻارهي واري ڏينهن اَمرناد
وارن کي ڪڪيءَ جي پهرين رڪارڊنگ لاءِ ويسٽرن آئوٽ
ڊور اِسٽوڊيو مليو هو – ٽن ڏينهن لاءِ، هنن وٽ
مهنو کن ٻيون تاريخون خالي نه هيون. ڪڪيءَ اِن وچ
۾ ٽي ٻيا پبلڪ/ خانگي پروگرام مون کان سواءِ
نباهيا هئا ۽ هاڻ مون کان سواءِ پهريون دفعو ڪئسيٽ
جي رڪارڊنگ نباهڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. مون پهرينءَ
ڪئسيٽ ”تنهنجو ئي آڌار“ لاءِ ڀڄنن جي وچور فون تي
ڪڪيءَ ۽ لکميچند کي ڏني هئي؛ رڪارڊنگ واري ڏينهن
تي صبوح جو ساڍي اَٺين بجي لکميچند باندرا مان ئي
ٽئڪسي ڪري ڪڪيءَ کي اسٽوڊيو وٺي ويو، ڪڪيءَ فون تي
مون کان ”آسيس“ گهري ورتي.
مان ان ڏينهن چئين بجي شام جو اسٽوڊيو ۾ پهتس، ست ڀڄن رڪارڊ ٿي
رهيا هئا، ۽ رڪارڊسٽ لکميءَ سان ڪڪيءَ جي آواز ۽
ادائگيءَ سان گڏ هن جي اسٽئمينا (اندرين شڪتي) جي
ساراه ڪري رهيو هو۔ لکميءَ چيو، ”مان هن گائڪا کي
ڪوٺيندو آهيان هنٽر.“ اوچتو، مون تي نظر پوڻ تي
رڪارڊرسٽ کي چيائين، ”هيءَ آهي هن يونٽ جو
هرتاڪرتا....“ ۽ ڪڪي جوابداري کڻي وٺڻ تي مون کي
چست ۽ ڦڙت ئي نه لڳي، مرداني لڳي. اچانڪ مون کي
ملڪاڻي صاحب جا ڪلڪتي ۾ ڪڪيءَ جي سنگيت پروگرام
ڏيندي اهي لفظ ياد آيا، ”مالهي، هيءَ نازڪ نينگري
ته هاڻ مچي مڙس ٿي پيئي آهي.“
۽ سنڌي ايڪانڪيءَ جو اَبو، ساهت – سنسڪرتيءَ جو پاسبان ملڪاڻي
صاحب ان ئي سال 1980ع جي ڊسمبر ۾ راهه رباني وٺي
رمندو رهيو. سنڌي ساهت جي دعاگو شخصيت ۽ سنڌي
ساهتڪارن – ڪلاڪارن لاءِ اتساه جو سرشار چشمو
منگهارام ملڪاڻي ساهتيڪ ۽ سنسڪرتڪ برادريءَ ۾ ڪنهن
جو استاد ٿي رهيو، ڪنهن جو پيءُ ٿي رهيو، ڪنهن جو
وڏو ڀاءُ ٿي رهيو. هوُ هر ڪنهن جو خير خواه هو ۽
ساهتڪ سنسڪرتڪ ناتن کي شخصي ناتن ۾ بدلائڻ ۾ جهڙس
ٻيو ڪو ورلو ٿيندو.
81-1980ع ۾ ڪڪيءَ جو چئجي کڻي راڳ سان روزمره جو ناتو جڙي ويو.
پروگرام، آڪاشواڻي، دوردرشن، رڪارڊ، ڪئسيٽون ۽
ريهرسلون. ان وچ ۾ لنبي وديش ياترا هانگ ڪانگ
(ٻيهر) منيلا، تاپئي، سينگاپور، جاڪرتا ۽ ٻانڊونگ
جي ڪري آياسين. ڪڪيءَ جي منهنجي پرپٺ سينگاپور جي
مکيه آرگنائيزر ارجن پران سان ”سازش“ ڪري ئي
منهنجو ايڪهٺون جنم دن شاهي ڪيڪ ڪٽڻ سان ۽ ”هئپي
برٿ ڊي ٽو يوُ“ ڳائڻ سان سينگاپور ۾ ڌام ڌوم سان
ملهايو ويو، ۽ ان ئي سال ڪيرت، ديال موٽواڻي، هنس
۽ مست جي زوربار تي مون پاليتاڻا ۾ سڀا جو
پريزيڊنٽ پد قبوليو هو.
سنڌي سياسي ۽ سماجي کيتر ۾ پارليامينٽ ميمبر بڻجڻ بعد آچاريه
ڀڳوانديو گمناميءَ مان روشنيءَ ۾ اچڻ تي انهن
ڏينهن ۾ خوف چمڪيو هو، هن منهنجي سنگيت پروگرامن ۾
دهليءَ ۽ ٻين هنڌ سنڌ ۽ سنڌيت جي فصيح زبانيءَ سان
حمايت ڪرڻ به شروع ڪئي هئي. پاليتاڻا ساهت سميلن
جو مهورت هن کان ڪرايو ويو هو ۽ سميلن بعد هو، ڪڪي
۽ مان هڪ ڪار ۾ احمد آباد آيا هئاسين ۽ اتان ئي
هوائي جهاز م دهليءَ ويا هئاسين. ويسٽن واري سندر
وڇاڻيءَ جي پٽ جي شادي هئي، ڪڪي ان سفر ۾ گهڻو تڻو
خاموش هئي. آچاريه ۽ مان ڳالهائيندا رهيا هئاسين –
ورلڊ سنڌي ڪانفرنس جو ويچار ان وقت آچاريه جي دماغ
۾ گهسيو هو. ۽ ان کي حقيقت بنائڻ لاءِ مون هن کي
سنڌين جي رهنمائيءَ لاءِ گڏيل (ڪليڪٽو) اڳواڻيءَ
جو آئيڊيا ڏنو هو. ڪي سال پوءِ دهليءَ ۾ اهو ورلڊ
سميلن اڌو گابري ڪاميابيءَ سان ٿي گذريو. مان ۽
ٻيا ذري گهٽ سڀ ناميارا ساهتڪار ان ۾ شريڪ نه ٿيا.
چئجي، اسان ان جو بشڪار ڪيو ۽ ڪڪيءَ به سندر
وڇاڻيءَ ۽ ٻين طرفان زور بار تي شرڪت نه ڪئي.
منهنجي ڪري ئي نه پنهنجي ڪري به هوُءَ سياسي
اڳواڻن طرفان ساهتيڪ ۽ سنسڪرتڪ کيترن ۾ دست
اندازيءَ جي حق ۾ نه هئي. جيتوڻيڪ دهليءَ ۾ هوندي
آچاريه جي لوڪ سڀا ۾ سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ تي هن جي
بنگلي تي مون کي ۽ ديديءَ کي ساڻ ڪري خاص گلدستو
ڀيٽ ڪرڻ هلي هئي، ۽ گلدستي ڀيٽ ڪرڻ جو ويچار هن کي
پنهنجي سر آيو هو!
81-1980ع جي مشغولين جي چوٽيءَ وارن ٻن سالن ۾ ڪڪي بيحد خوش
رهي- من ڪري ۽ ڇاڪاڻ ته هوُءَ من جي اِڇا شڪتيءَ
سان ئي تندرست رهندي آئي هئي، هوُءَ صحت ڪري به
سرهي لڳندي هئي. الائي گهڻا ڀيرا چيائين، ”اوهان
مون ۾ جيئڻ جي موهه کي اجاگر ڪري رهيا
آهيو.“سکمنيءَ جي ڪئسيٽن نڪرڻ تي ته هوءَ گويا
ڦولي نٿي سمائي. هن کي ڄڻ ته پر لڳي ويا، ويتر جو
لکميچند چيس، ”ڀڳونتي، توسان گڏ دادا ۽ منهنجو
جنم به سڪيارٿو ٿيو آهي.“ مون کي ياد آهي، خوشيءَ
وچان هن جون اکيون اشڪبار ٿي آيون هيون!!
پنجواڻيءَ جو ستر جنم نومبر 1981ع ۾ ملهايو ويو ته ڪڪي بيحد
خوش. هن کي صرف اهو ارمان هو ته اهو محدود جڳهه ۾
گهٽجندڙ حاضرينن وچ ۾ ملهايو ويو هو، جيئڻ جو هن
جو پنهنجو موهه برقرار هو ۽ ان ڪري هوُءَ 1981ع جي
ڊسمبر ۾ اسپتال جو لڪ سولائيءَ سان لنگهي چڙهي.
در حقيقت اهو لڪ هن لاءِ پنهنجي جيون جي ڳاڻ ڳڻين اتفاقن ۾ من
ڪري مهانگي ۾ مهانگو هو.
ان ڊسمبر ۾ شادين جي ڌوم هئي ۽ اسان جي هڪ هٽي زور هئي. اوچتو
ڪڪيءَ ساهه کڻڻ ۾ دقت محسوس ڪرڻ شروع ڪئي. عجب اهو
ته پروگرامن ۾ ڳائيندي هن کي ان وقت جي سمڪ به نه
رهي. هڪ آرتوار تي مها لڪشميءَ جي ساڌي ٻيلي جو
پروگرام به مون کان وڌيڪ ڪڪيءَ ئي مڙهجي ويو. اتي
هن جي ڪٽنب جو گهرو واقف ڊاڪٽر موهن کلناڻي به اچي
نڪتو. ڪڪيءَ چيو، ”ڊاڪٽر موهن سان صلاح ڪريان؟“
مون چيو، ”ڀل.“ ٻئي ڏينهن سورم تي کلناڻيءَ جي
اسپتال ۾ وياسين. هن چيو، ”سڀاڻي هارٽ سپيشلٽ
ڊاڪٽر نلا جو هندو جا اسپتال ۾ وارو آهي،
ڏيکاريوس. هروڀرو ڊڄڻ جي ڳالهه ڪانهي.“ اهو سومر
هو ۽ جمع ڏينهن اسان کي يوٿ ائسوسئيشن طرفان
منائجڻ واريءَ ”ڀڳونتي ناواڻي“ نائيٽ ۾ بهرو وٺڻ
لاءِ نڪرڻو هو، هڪ گهڻگهرو، ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي
پوري خبرچار ۽ اثر رکندڙ ڪڪيءَ وٽ اچي ويو، منجهند
جو هوُ به ڪلڪتي هلڻو هو. چيائين، ”سڀاڻي ڇو، اَڄ
ٿا ڊاڪٽر نلا جي پرائيويٽ ڪنسلٽنگ روم ۾ هلون.“
مان به هنن سان گڏ ويس، مان ٻاهرين روم ۾ ترسيس،
پندرنهن ويهن منٽن کان پوءِ ڪڪي ۽ گهڻگهرو ٻاهر
نڪتا. گهڻ گهري چيو، ”ڊاڪٽر چوي ٿو، ”هينئر جو
هينئر جس لوڪ ۾ ڀرتي ٿئي، مانيٽر تي جاچ ڪري، ٻن
ڏينهن اندر علاج ڪري هن کي ڊسچارج ڪندس، ٻڌر ڏينهن
اسپتال کان ٻاهر ۽ جمع ڏينهن ڪلڪتي.“
ڊاڪٽر جس لوڪ ۾ فون ڪئي ۽ اتان ئي ڪڪيءَ پنهنجي ڀاءُ ايشوُءَ کي
به فون ڪئي، ڪڪي، مان ۽ گهڻگهرو جس لوڪ ۾ پهچي
وياسين، مانيٽرمشين به ڪڪيءَ جي ڪمري ۾ لڳي ويئي،
اوچتو گهڻ گهري کي ويچار آيو ته هن ڪمري ۾ مٽ
مائٽ، ٻيا واقف گهڻا ايندا، انٽينسو ڪيئر يونٽ ۾
هڪ بيڊ خالي آهي، اتي ٿو بندوبست ڪريان، ڪڪيءَ ۽
مون کلندي کلندي موڪلايو.
ان رات ئي ڪڪي سپ نه ماري سپ جو سراپ ماري جي ڪهاوت جيان سچ پچ
بيمار ٿي ويئي. انٽينسو ڪيئر يونٽ ڪري ملاقاتين تي
ته بندش هئي، منهنجي هن سان گهڻي ڳالهائڻ تي
پابندي رهي، ۽ اهو سچ به سڌ ٿيو ته طبيبن جي تات
نه پئجي ۽ اسپتال اچڻ پنهنجي مرضيءَ مطابق هجي نه
هجي، نڪرڻ پنهنجي وس ۾ نه آهي، ڊاڪٽرن سنپورڻ جاچ
لاءِ ٻن ڏينهن بعد انٽينسو ڪيئر يونٽ مان ڪڪيءَ کي
ڪڍي به هڪ هفتو اسپتال ۾ رهايو ۽ ان وچ ۾ ڀڳونتي
ناواڻي نائيٽ ۾ ڪڪي، مان ۽ ڪلاڪار ڪلڪتي وڃي نه
سگهياسين.
ڪڪيءَ جي اسپتال ۾ رهائش جي دوران ۾ ئي ڊاڪٽر چيو، ”ڪڪيءَ کي
ننڍي هوندي سورنهن سالن جي عمر ڌاري ٽائفائيڊ تپ
ٿيو هوندو، تڏهن هن جي گوڏن ۾ رميٽڪ پين (وائي
سور) پيو هوندو، ان جي اثر هيٺ دل جو هڪ والوَ
Valve
(پردو) سوڙهو ٿي ويو آهي، رت جو وهڪرو سولائيءَ
سان نٿو ٿئي، ان جو آپريشن ٿيندو.“ جڏهن ڊاڪٽر
چيو، ”ان آپريشن مان بچڻ جو سيڪڙو؟“ چيائين،
”ڀارت ۾ هونءَ پنجاسي سيڪڙو، هاڻي ٻيانوي سيڪڙو،
آمريڪا ۾ ڇهانوي ستانوي سيڪڙو آپريشن ڪامياب ويندا
آهن.“
ڪڪيءَ هڪ وڌيڪ سوال پڇيو، ”آپريشن مان بچڻ نه بچڻ جو سوال نه
آهي، مان آپريشن بعد ڳائي سگهنديس، ائين ئي، جيئن
هاڻي ٿي ڳايان؟ اهو ڇا سؤ سيڪڙو مڪن آهي؟“
ڊاڪٽر چيو، ”اها گئرنٽي توکي آمريڪا جو ڪو ڊاڪٽر به نه ڏيندو.“
ڊاڪٽر جي هلئي وڃڻ بعد ديويءَ جي سامهون ڪڪيءَ وڏو ٽهڪ ڏنو.
چيائين، ”مان آپريشن نه ڪرائينديس، ان مان بچڻ جو
سؤ سيڪڙو آسرو نه آهي، ان ڪري نه، ان ڪري جو ان
سان سؤ سيڪڙو ڳائڻ جي خاطري نٿي ملي.“
ديديءَ، ڪڪيءَ جي ڀاءُ ايشوُءَ ۽ مون ڊاڪٽر سان هن جي ڪنسلءنگ
روم ۾ ڳالهايو. هن چيو، ”آپريشن هروڀرو هينئر
لازمي ڪونهي، اڳتي هلي ڪرائجو ضرور.“ وڌيڪ چيائين،
”ائين ته ڪڪي ذري گهٽ نارمل آهي.“
ڪو مائٽ هن کي ڳائڻ کان منع نه ڪري، ان لاءِ ڊاڪٽر کان اسپتال
مان ڊسچارج ڪارڊ تي لکائي ورتائين ته ”هيءَ
پروگرامن ۾ ڳائي سگهي ٿي.“ روبرو ڊاڪٽر چيس، ”ٿڪ
محسوس ٿئيئي ته هڪدم ڳائڻ بند ڪجانءِ.“ ڪڪيءَ کلي
چيس، ”ڊاڪٽر صاحب، ٿڪ نه ٿئي ته ڀل اڳئين جيان
ڳائيندي رهان.“پوءِ گنڀير ٿي چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب،
جنهن ڏينهن مان ڳائي نه سگهيس تنهن ڏينهن مان جيئڻ
نه چاهينديس.“
هڪ ٻن مهنن بعد هن جو ڊاڪٽر بدليو، هوُءَ هاڻ ڀاءُ جي پاڙيسري
هارٽ اسپيشلسٽ جوان ڊاڪٽر پرڪاش بالاڻيءَ جو علاج
ڪرڻ لڳي. هن ٽين ٽين هفتي پينسلن جي خاص انجيڪشن
هڻائڻ لاءِ چيس ۽ رت جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ
خاص گوريون ڏنيون. هن آپريشن لازمي نه سمجهيو،
ڳائڻ تي به ڪا روڪ ڪانه وڌي، ويتر ڊاڪٽر پرڪاس
هوميوپٿيءَ جي خلاف نه هو، بايو ڪيمڪ جي حق ۾ به
هو. ڪڪيءَ جي ٻيگهي متي.
مگر مان کير جو سڙيو، به ڦوڪي پيئڻ لڳس. پروگرام گهٽائي ڇڏيم،
ٻن سالن بدران ٽن سالن جي لٿي وجهڻ شروع ڪيم،
پروگرام ٻن قسمن جا کڻڻ لڳس هڪڙا جي سنڌيت جي لهر
جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ بلڪل ضروري هئا ۽ ٻيا اهي
جن لاءِ زوربار بيحد گهڻو هو – سفر جون سهوليتون
هر آرگنائيزر کان ورتم. ڪڪيءَ لاءِ هوائي جهاز، جي
ايئر سروس هئي نه ته سيڪنڊ ڪلاس، اي. سي. يا فرسٽ
ڪلاس پروگرام دير ۾ دير هڪ بجي رات تائين،
آرگنائيزرن کان پهرين ئي لکائي وٺڻ لڳس، ان ۾ ڍل
ڪڪي پاڻ ڏيندي هئي. ”اڃا مان ٿڪي ڪٿي آهيان؟ ميلو
اڃا متو هاڻي آهي. ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي آيا
آهن.“ ۽ مان ٿوري ڍل بعد واڳ ڇڪيندو هوس، پلئه
پارائيندو هوس – ائين چئي، ”راند رس ۾ ڇڏڻ کپي،
ميلو متل ڇڏڻ کپي.“
۽ سفر ۾ ڪڪي مون کي سنڀاليندي هئي. گهر وارن ۽ ڪلاڪارن طرفان
منهنجو سلامت رکيل رئيسپڻو ڪڪيءَ به برقرار رکيو،
هاڻ جو اسان ٻه ٻين کان الڳ سفر ڪرڻ لڳا هئاسين،
هوُءَ اڪثر منهنجي لفطن کي ابتو ڦيرو ڏيئي چوندي
هئي، ”اسٽيج اوهان سنڀاليو، سفر مان سنڀالينديس.“ |