سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ادب ۽ اديب:

(عجب، هي رشتا ناتا!)

 

صفحو :2

ٻئي ڏينهن صبوح جو ڪيرت تولي وٽان فون ڪئي: مالهي، هيءُ وڇاڻي ڀائر راڳ جا شيدائي ٿا ڏسجن. هينئر فون آئي آهي ته شام جو پنجين بجي ساڳئي رات واري بنگلي ۾ راڳ جي محفل رکڻ ٿا چاهن. رات جي روٽيءَ جي نه دعوت ڏني اَٿائون. مڪاني ڪلاڪارن کي مڃايو اٿائون. ڪلا هزاري صوبح جو پهتي آهي. هوءَ به ايندي، تون به ڪلارڪن سميت اچجان.“

مون کي رٿ نه آئڙي؛ چيم، ”شاهوڪارن لاءِ پروگرام ڏيڻ تي منهنجي دل نٿي ٿئي....“

ڪيرت چيو، ”هتان جا ساٿي جيون گر سهاڻي ۽ شنڀو جئسنگهاڻي چون ٿا، پروگرام ڏيڻ کپي. سميلن لاءِ پريم ۽ سندر ڪافي مالي امداد ڪئي آهي، کوٽ جي حالت ۾ اڃا به وڌيڪ مدد ڪندا. ٻيو ٻڌ، هي خواهان آهن ڀڳونتيءَ کي ٻڌڻ لاءِ، منهنجي صلاح آهي پروگرام ڏيڻ کپي.“

مون چوگي تي هٿ رکي ڪڪيءَ کي ٻڌايو ۽ هن کان رايو پڇيم. وچ ۾ اَچنتاڻيءَ چيو، ”شاهوڪارن جا به نخرا آهن،”سڀاڻي رابيندر رنگ منچ تان پروگرام ته ٻڌندائي...“ مون ڪڪيءَ ڏانهن نهاريو، هن چيو، ”هت واندي ويهڻ کان پروگرام ڏيئي اينداسين.“ مون ڪيرت کي چيو، ”ٺيڪ آهي، پنجين بجي شام جو پهچنداسين.“

اچنتاڻيءَ چيو، ”مان نه هلي سگهان ته....“

ڪڪيءَ چيو. ”اسين ٽئڪسيءَ ۾ وينداسين. هونءَ به اوهان سدائين تڪليف ڇو وٺو؟“

اچنتاڻي ککو وکو ٿي ويو. چيائين. ”مون کي پڳڙين تي وڃڻو آهي.“

مون چيو. ”ٺيڪ آهي، اسين ٽئڪسيءَ ۾ وينداسين. ممڪن آهي، موٽ لاءِ ڪار ڏين.“

اچنتاڻي پنهنجي ٻڏتر ختم ڪري ورتي. چيائين، ”چڱو، مان اوهان سان هلندس. راڳ ٻڌڻ، سو به داديءَ جي مک مان، اِهو موهه مان ڇڏي نه سگهندس، منوُءَ  (پٽ) کي پڳڙين تي موڪليندس.“

وري کلي ڪڪيءَ ڏانهن نهاري چيائين، ”دادي، سميلن ٿي رهڻ بعد منهنجي گهر به پروگرام ڏيڻو پوندؤ.“

ڪڪيءَ جواب نه ڏنو. مون کي خراب لڳو، مون چيو، ”منظور، هت به پروگرام ڏينداسين.“

اڪيلائيءَ ۾ ڪڪيءَ چيو. ”اچنتاڻي ڪافي سٺو ماڻهو آهي، مهمان نواز به آهي، حسد کان به پري آهي. پر لڳي ريسارو ٿو، خاص طور وڇاڻين سان هن جي نٿي پوي. لڳي پاڻ به شاهوڪار ٿو پر....“

عجب مون کي به لڳو. گويا ڏاڍيان سوچيندي (thinking aloud) چيم، ”ويسٽن وارا هن کان پوءِ چڙهيا ٿا ڏسجن؛ سوشل لائيف ۾ اچنتاڻيءَ به پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه جوڙي آهي. اچنتاڻيءَ جي جڳهه محدود رهي آهي، وڇاڻين جي وڌيڪ وسيع ٿي ويئي آهي. پر دل ڪري اچنتاڻي ڪافي سٺو انسان آهي.

ڪڪيءَ مون سان سهمت ٿيندي چيو. ” دل وارو شخص آهي، اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي.“

۽ شام واري خانگي پروگرام ۾، جئن اميد رکي ويئي هئي، ڪڪي ميدان ماري ويئي. هن جي اواز ۾ ادائگيءَ مڙني کي متاثر ڪيو. هئا وڇاڻين جا ڪٽنبي، سنٻنڌي، آجيان سڀا جا مکيه ميمبر جن سميلن ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي سهائتا ڪئي هئي. ديديءَ کي مون پهريون دفعو ڏٺو. موٽي ديهه واري، سانوري، ملنسار ۽ رعب واري. ڀائرن خواهه ٻين تي هلندي پڄندي به چڱي هئس. جتي هوُءَ ڪڪيءَ تي مفتون ٿي ڏٺي تتي نظر انداز مون کي به نٿي ڪيائين. اَچنتاڻيءَ جو به چڱو خيال پئي رکيائين. اچنتاڻي مون کي اُڌارو اُڌارو لڳو. ديديءَ جو ڪڪيءَ ۾ ايڏو گهڻو چاهه هن کي راس نه پئي آيو، زبان سان چيائين ڪجهه به نه ٿي، پوءِ به مون دل ئي دل ۾ چيو. ”مهمان نوازيءَ جي صدقي پيا ٻن باهين ۾ آهيون. هڪ طرفي يا / ۽ ٻه طرفي ايرکا ڪڏهن نه ڪڏهن ڀڙڪو کائي سگهي ٿي.

ائين به سوچيم، ”هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪڪيءَ جا ٻه شرڌالو پيدا ٿيا آهن، خدا خير ڪري.“

۽ تڏهن ئي ٻنهي کان يا ٻنهي مان ڪنهن به هڪ کان جند ڇڏائڻ ممڪن نٿي نظر آيم! ۽ جند ڇڏائڻ تي به دل نه ٿي.

موٽندي ڪڪيءَ چيو. ”هيءُ خانگي پروگرام ديديءَ رکايو هو.“

اَچنتاڻيءَ چيو، ”منهنجي گهر واري پروگرام ۾ مان وڇاڻين ۽ موهنيءَ کي نه گهرايان ته؟“

ڪڪي سهمجي ويئي. هوُءَ مون ڏانهن ڏسڻ لڳي، سوالي نگاهن سان.

مون پهريندي محسوس ڪيو، اَچنتاڻيءَ کي چوڻو صرف ديوي هو پر ڪڪيءَ جي جذبات جو لحاظ رکي وڇاڻين کي به ڳنڍيو هئائين. ڪڪيءَ جي سوالي نگاهن کي نظر انداز ڪري اچنتاڻيءَ جي سوال جو جواب ڏنم، ”ڀل هنن مان ڪنهن کي به نه گهرائجو.“

نويڪلائيءَ ۾ ڪڪيءَ کي چيم، ”اَچنتاڻيءَ اڳيان ديديءَ جو نالو به نه ڳنهه ۽ نه هن جي ساراهه ڪر. اچنتاڻيءَ جي ريس کي ايرکا جي شڪار بڻجڻ کان روڪڻ جو اِهو ئي طريقو آهي.“

ڪڪيءَ مرڪي چيو، ”- As you say هنن ٻنهي جي ناتن وچ ۾ به رهبري اوهان کي ڪرڻي پوندي.“

سميلن جي سموري ڪلچرل پروگرام جي واڳ ڏور منهنجي هٿ ۾ رهي، ٻه ٽي راتيون، پهرين رات جو مکيه مهمان هو اندر ڪمار گجرال جو آءِ. ڪي. گجرال سڏجڻ لڳو هو. اُن وقت هوُ انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جو منسٽر هو. پروگرام جي دؤران ۾ هڪ گروپ جو اڌ ڪلاڪ جو پروگرام اَنائونس ڪري مان آڊيٽوريم ۾ هن سان وڃي ويٺس. مون کي چيائين، ”پنهنجي گروپ جي مکيه گائڪا کي سويل منچ تي آڻ.“ مون چيومانس، ”مان ڪوشش ڪندس پر پڪ نٿو ڏيانءِ جو ٽوليون گهڻيون آهن ۽ پروگرام منهنجي هٿ ۾ آهي. ٻيا ڪلاڪار ناراض ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا.....“

مون گجرال کي ٻه ٽي سال اڳ هند پاڪ وچ ۾ شملا سمجهوتو ٿي رهڻ بعد، ان جي ماتحت ڪلاڪار منڊل سان سنڌ وڃڻ ۾ سرڪاري سطح تي مدد ڪرڻ لاءِ آفيشل خط لکيو هو. هن به آفيشلي جواب ڏنو هو، ”تنهنجو خط پرڏيهي معاملن جي کاتي ڏانهن موڪليل آهي.“ پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽريءَ لکيو،”توهان جو خط منسٽر آف انفرميشن ائنڊ براڊ ڪاسٽنگ اَسان ڏانهن موڪليو آهي، اُهو زير ويچار آهي.“

اُن بعد منهنجي رمائينڊر جو به ڪو جواب ڪونه آيو. آٿرس گلڊ جي سالياني ميڙ جو اُدگهاٽن ڪندي گجرال مون کي ۽ ڪيرت کي ويٺل ڏسي چيو، ”منهنجا ڪي سنڌ جا ساٿي هت ويٺا آهن جن سان ڪراچيءَ ۾ فرينڊس آف سوويت يونين سنسٿا ۾ گڏ ڪم ڪيو هوم....“ ظاهر هو ته اِندرا سرڪار ۾ هجڻ ڪري هن اِهو جتائڻ نه چاهيو ته ڪو ڪراچيءَ ۾ هوُ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان جڙيل هجڻ ڪري اَسان سان لهه وچڙه ۾ آيو هو. اُدگهاٽن رسم بعد چانهن جي دؤر وقت هوُ اسان سنڌين طرف وڌي آيو. مون کي چيائين، ”مالهي، تون پاڪستان ۾ پرسونا گريٽا (اَڻ گهربل شخص) آهين اِها سڌ مون کي پاڪستاني پرڏيهي کاتي کان پيئي. هر پروگرام ۾ چوندو رهين ٿو، سنڌ آزاد ٿيندي، توکي ڪيئن گهرائيندا؟ ها، جي تنهنجي گروپ توکان سواءِ وڃڻ چاهي ته مان اُن کي موڪلڻ جي ڪوشش ڪري سگهان ٿو.“

مون بنا گروپ جي سنڌ وڃڻ جو سوال ئي نٿي اُٿيو. ڪڪي هت ئي مون بنا پروگرام جو سوچيندي ئي نه هئي.

اُن بعد اسين هڪ ٻئي سان هاڻ سميلن جي ڪلچرل پروگرام جي دؤران ۾ گڏيا هئاسين. مان ستت ئي پروگرام جي سنچانڪ هجڻ ڪري بئڪ اسٽيج موٽي آيس. هن ڪيرت کي منهنجي گروپ کي منچ تي آڻڻ لاءِ چيو. ڪيرت مون کي چيو، ”ڪي ڪلاڪار ضرور ناراض ٿيندا پر گجرال جي تمنا پوري ڪرڻ کپي.“ مون هڪ سمجهوتو طيءِ ڪيو، مون پنهنجي پروگرام کي ٻن حصن ۾ ورهايو. پندرنهن منٽ گجرال اڳيان باقي پندرنهن منٽ پروگرام جي آخر ۾، جئن ٻڌندڙ پڇاڙيءَ تائين ويٺا رهن.“ پوءِ به ڪي ڪلاڪار ناراض ٿيا ئي.

ڪڪيءَ جي آواز جو جادو گجرال مٿان به هليو. هوُ هلئي وڃڻ کان اڳ بئڪ اسٽيج تي آيو. سڌو ڪڪيءَ وٽ اَچي هن کي مبارڪون ڏيندي چيائين، ”جيتري اُميد رکي هئم، تنهن کان بهتر ٿي ڳائين، شڀ ڪامنائون.“ مون کي چيائين. ”اِها سياست جي لعنت آهي جو سنڌ جا سنڌي هن کي ٻڌڻ کان وانجهيل آهن.“

اَچنتاڻيءَ جي گهر خانگي پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ديدي پنهنجي هڪ ڀيڻ ڪملا سان گڏ هلي آئي. اَچنتاڻي گهر گهڙي آيلن جو نرادر ڪيئن ڪري؟ مان پنهنجي مليل ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ تي هوس جو اَچنتاڻيءَ مون کان اَچي پڇيو. ”دادا، موهنيءَ کي اَڄوڪي پروگرام جو اوهان ٻڌايو؟“ مون چيو، ”نه ته.“ اچنتاڻيءَ وري پڇيو، ”ڀلا دادي ڀڳونتيءَ؟“ مون چيو، ”مان نٿو ڀانيان، ڪڪي اهڙي ڪچي آهي؟“ ڪڪي پنهنجي ڪمري ۾ اڃا سنڀري رهي هئي. ڪڪيءَ هيڪاري پڇيس، ”ديدي آئي آهي ڇا؟“

اَچنتاڻيءَ پهرين ته مرڳو پروگرام رد ڪرڻ چاهيو پر هن جا پنهنجا عزيز ۽ متر زالين مردين ايندا رهيا.

ديديءَ ڪڪيءَ سان ڀاڪر پائي گڏجندي چيو، ”مٺي، تو ته ڪونه ٻڌايو. منهنجي من مون کي چيو ته ڪو راڳ جو شيدائي توجهڙيءَ گائڪا کي ڪا شام بنا ڳائڻ جي نه ڇڏيندو. نه ته به مکا ميلو ته ٿيندو ئي، اِهو سوچي ڪملا کي ساڻ ڪري هلي آيس، هت اچي ڏٺم ته منهنجو من صحيح هو.“

اَچنتاڻيءَ کي پڪ ٿي ويئي ته ڪڪيءَ ۽ مون هن جي وشواس کي ڌوڏيو نه هو. هن جو اوچتو ديديءَ طرف رخ ۾ ڦيرو اچي ويو، ڏاڍو آدرڀاءُ ڪرڻ لڳس. مکيه مهمان ديدي بڻجي ويئي!

پروگرام جي دؤران ۾ هڪ متر جو فون آيو، ”سڀان پريم وڇاڻيءَ جو جنم دن آهي. هن کي ڀڳونتيءَ جو پروگرام کپي. جيترا به پئسا چوندين، اوترا ملندءِ.“

مون چيو، ”سڀاڻي صبوح جو اسين گواليار وينداسين. لڇمڻداس پمناڻيءَ معرفت اُتي هوليءَ جو پروگرام ڏيڻو آهي.“

هوُ متر سڀا ۽ سميلن سان نزيديڪيءَ تان جڙيل هو. چيائين، ”اسان جا سڀ ساٿي چاهن ٿا ته تون پروگرام وڇاڻيءَ کي ڏي. پمناڻيءَ سان تاريخ بدلاءِ.“

مون چيو، ”پروگرام جو اعلان گولايار ۾ ٿي چڪو هوندو. پمناڻي اسان جي ڪارپت بچائي نه سگهندو. عام ٻڌندڙن تي اثر ويهندو ته اسين واعدي جا پڪا نه آهيون، پئسن تي ڦرندا گهرندا آهيون.“

متر ناراض ٿيو مگر مان پنهنجي من کي هن جي ڳالهه مڃائي نه سگهيس.

پروگرام پوري ٿيندي ديديءَ چيو، ”مون ئي پريم کي چيو هو، ڪڪيءَ جو پروگرام رکائڻ لاءِ.“ هن به ڀڳونتيءَ کي ڪڪي چوڻ شروع ڪيو هو.

ٺڪ پريم جو فون آيو- فلڪ ۾ حجت جو عجيب سنگهه هو، هن جي آواز ۾، اِهو به چيائين، ”مان بلئنڪ چيڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“

مون چيو، ”سائين منهنجا، اوهان منهنجا نوان نوان واقف ٿيا آهيو، تنهن ڪري اِها سڌ ڪا نه اَٿؤ ته مان پئسي کي واجبيءَ کان وڌيڪ اهميت نه ڏيندو آهيان.“

هن چيو، ”اوهان کي منهنجي دل رکڻ کپي.“

مون چيو، ” مان مجبور آهيان. ٻئي سال اوهان جي جنم ڏينهن تي اچبو ۽ ڪا ڀيٽا نه وٺبي.“ مون به پنهنجي طرفان درياه دليءَ جو اظهار ڪيو.“

هن ناراضپي مان چيو، ”جيڪا اوهان جي مرضي.“

ديدي ناراض ٿي ته اِها ڏيکاري ڪانه ڏنائين. ها، ويندي ويندي ايترو ضرور چيائين، ”پروگرام کڻو ها ته اسين سڀ خوش ٿيون ها.“

اچنتاڻيءَ زبان سان به ڪجهه نه چيو ۽ چهري جي ڀلو مان به دل جي ڳالهه ظاهر نه ڪئي.

مون ڪڪيءَ کي ٻڌايو، ”بلئنڪ چيڪ موٽايو اَٿم.“

ڪڪي پهرين ئي سمجهي ورتو هو. مرڪي چيائين، ”اِهو ڇا پهريون دفعو ڪيو اَٿو؟“

ها، هڪ بلئنڪ چيڪ ورهيه اڳ موٽايو هوم، تڏهن پئسا نه وٺندا هئاسين، مٽڪي ۾ آيل پئسا به آرگنائيزرن کي ڏيئي ايندا هئاسين. جيڪي ڪي بند لفافي ۾ ڏيندا هئا، اُهو سڀ ڪلاڪار و رهائي کڻندا هئاسين. خانگي پروگرام کڻندا ئي نه هئاسين. اُن دؤران ۾ ڪيترا دفعا سٺيون آڇون به نه قبوليون هيون. هڪ لڱا گيا جو هڪ سڄڻ بمبئيءَ چڙهي آيو. هن پاٽنا ۾ گرو گوبند سنگهه جي جنم دن تي پروگرام ٻڌو هو. چيائين، ”ڇهن ڌيئرن پٺيان پٽ ڄائو اَٿم. اُن خوشيءَ ۾ پروگرام ڏيو. لولي به ڏيوس ۽ لاڏا به ڳايو. پئسا جيڪي چئو.“ اِسڪول ۾ ماستري ڪندو هوس، تڏهن، هڪ ماستر چيو، ”اوهان ا ته ڀاڳ ٿا ڦاٽن“ مان ڪجهه چوان ئي چوان، گيا مان آيل سڄڻ کيسي مان چيڪ بوڪ ڪڍيو، بلئنڪ چيڪ کولي چيائين. ”رقم لکو....“ مون چيو، ”معاف ڪجو. سوال پئسن جو نه، اُصول جو آهي. شاهوڪار پٽ ڄمڻ تي بلئنڪ چيڪ ڏيندو، غريب سکڻي دعا ڏيندو. مون لاءِ ٻئي برابر آهن، ۽ جي اِن ريت پروگرام ڏيڻ شروع ڪيا ويا ته هڪ ڏينهن به آرام ته نه ملندو، پئسا به گهڻا نه ملندا.“

اُن ماستر ئي چيو. ”سو وري ڪيئن”،

”سو هيئن،“ مون چيو. ”نوي سيڪڙو کان مٿي ماڻهو اَڻ سرنديءَ وارا آهن.“

۽ پروفيشنل ٿيڻ بعد خانگي پروگرام ٽارڻ ناممڪن بڻجي پيو هو. مگر کنيل پروگرام پئسن جي ويديءَ تي سواهه ڪرڻ لاءِ مان پاڻ کي مڃائي نٿي سگهيس. ڪڪيءَ کي چيم، ”پريم کي انڪار ڪري سٺو ئي ڪيو نه؟“

ڪڪيءَ چيو، ”پروگرام کڻڻ نه کڻڻ اِهو اوهان جو ڊپارٽمينٽ آهي...“ پوءِ چيائين، ”صحيح ئي ڪيؤ، پئسا نصيب سان ملندا آهن.“

اچنتاڻي چپ چاپ بيٺو هو اوستائين. گويا جملو پورو ڪندي چيائين، ”عزت اُصولن تي محڪم بيهڻ سان ملندي آهي.“

مون کي خبر هئي ته هوُ دل ئي دل ۾ بيحد خوش هو، منهنجي اُصول پرستيءَ تي، خاص ڪري جڏهن اُن پريم جهڙيءَ ماڊرن هستيءَ کي اِنڪار ڪيو هو.

۽ گواليار جي پروگرام لاءِ ڀيٽا ملي- ٽوڪن، نالي ماتر اڍائي سؤ روپيا، مٽڪي ۽ باجي تي آيل پئسا کڻڻ لاءِ آرگنائيزرن مجبور ڪيو.

وڇاڻين ضد ۾ تار ڪري جئپور مان ڪملا ڪيسواڻيءَ کي گهرايو- پريم جي جنم دن اُتسؤ ۾.

اِن ڪري ٻه مهينا پوءِ جڏهن مون کي اچنتاڻيءَ جي تار ملي ته حيران ٿي ويس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org