پنجابي _ پوءِ ته نصف لڪ نصف لي هاذا قوم
جاهلون. (ٻيئي تاڙي ملائي کلن ٿا)
سنڌي –هائو، اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو، هي جي
ٿيا جاهل! چڱو، السلام عليڪم اڄ شام جو، هن ئي
هنڌ. (سنڌي ڀائيوار هٿ، هٿ ۾ ملائي موڪلائي وڃي
ٿو،)
پنجابي- ملڪ ۾ ملت جو خيرخواه چڱو ملي ويو
اٿم. آخر اسان پرديسين کي به جيستائين اهڙا محب
وطن سنڌي نه ملندا، تيستائين اسان جي رهبري به
ڪيئن ٿيندي؟ خير هيترو وقت ته خيالي پلاءُ پچايا
ويا آهن، ڏسجي خدامسب الا سباس آهي.(مٿي نهاري
ٿو.)
(پنجابي- دوا فروش وڃي ٿو نه مٿان چنيسر
کوهه جي ڀر ۾ اچي ڪلهن تان پنهنجي ڪنواٺي لاهي پٽ
تي رکي ٿو. سلفي دکائي پيئي ٿو ۽ ڪجهه جهونگاري به
ٿو.مٿان دودو به اچي ٿو سهڙي.)
دودو- سلام اليڪم.
چنيسر- ماليڪم سلام دودا، ڀلين آئين ڀلين!
مون به ويٺي تو جي واٽ نهاري. چوئان پيو سج به ٿو
اڀري، همراهه جو پتو ئي ڪونهي.
دودو- (کلي) سج اڀري ٿو ڪ الهي ٿو؟
چنيسر – (ورندو کلي) پر دودا، انسان ويچاو
آهي ماڙهوءَ جي آچار. ڪڏهن ڪڏهن زبان مان ڀل به
ٿيو وڃي.
دودو- کئير، او ته ڦڪر ڪونهي، پر هي توجو
جکم (چنيسر جي ٽنگ واري زخم ڏي اشارو
ڪري)ار...ر...ربنهه ڪيم ٿو وڻيم تون به هاڻ ٿيو
اهين شو هري. مرسدين مان ويساهه ويو اٿئي نڪري،
داخترن جي تات ته شل ڪوم پوئي، هي، جيڪو ميرپور
وارو پير اٿئي،ان جو نالو به پڇي آيو آهيان، ڪاني
ڪرامت جي ٻي پچار ڇڏي ڍار، بنهه مئا ويٺو جياري.
چنيسر –الله جو؟
دودو-سونهه.
چنيسر-دودا، مرشدين کان آءُ ڦريو ڪين اهيان،
ابو چوندو هو ته مرشدين کان جيڪو ڦريو، سو ڦر يو
پر ڳالهيون اسان وارو ملو به عقل جون ٿو ڪري.
دودو-اوڇا ٿو چوئيءَ
چنيسر-چوندو اهي ته ابا،پراڻي وخت وارا مرشد
ئي مري ويا، هاڻي آهن ٺڳ، رڳو پڳو مريدين ڪنان
ڏوڪڙ ڦري، ڪن ڀينگيو.
دودو-ائين بروبر آهي، پر چنيسر ڏس، تون سالڪ
مرس اهين، هي ڏسج (اڱر يون ڏيکاريس ٿو،) پنج
آڱريون اهن، ڪي پنج ئي بروبر آهن؟ ڪي چڱا، ڪي
مٺا، هي مانڊاڻون جو منڊيو اهيس سو به ڪن جي ڪري
ته پيو هلي!
چنيسر _ سو هروڀرو پيرن جي ڪري پيو هلي ڪ؟
دودو _ چه چه آءُ ائين ڪونه ٿو چوئان، پر
ڀلين جو اولاد آهي نه؟ ڪنو پاڻي هوندو، ته به باهه
وسائي ڦٽي ڪندو. چريا کريا هوندا ته به هن جي پٺ
زور ٿي نه؟
چنيسر-ڪنو پاڻي باهه بروبر وسائيندو، پر ڌپ
ته منجهانس ڪانه ويندي نه؟ (کلي ٿو.)
دودو- ٻيلي تون آهين هير پڙهيو ٿي پيو،
توسان بهينش ڪري آءُ ڪو پڄندس؟ مرضيءَ جو آهين
مالڪ.
چنيسر- ڀلا، سائينءَ جو نالو ڇا آهي؟
دودو _ سائين شمشير علي شاهه.
چنيسر _ دودا ٻيلي نالو ئي برڪت وارو اهيس.
دودو- ماٺ نه ڪرئين؟ زاد نه بيهي، سارو
ڏينهن پڪو ڪيو آم، تڏهن مسين مسين ڳالهه مگز ۾
ويٺي آم، هير آءُ به ويو هوس ڪا ڇيڻين جي ڀري ڪرڻ.
ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ڪڙهي ڀري ڪيم هيڪڙي، سا کڻي ٿي آيس
شوهر ۾ ته وڪڻان ته من ڪي ٻه –چار ڏوڪڙ ٿي پون.
چنيسر – (کلي ٿو.) دودا، پر انهيءَ ڳالهئين
سنڌ زور!
راضي شاهه جو سونهه، هاڻي پانجي ٿر مٿي
ڇيڻين کي پڇي ڪير؟ هتي سنڌ، ڇيڻو به ڏوڪڙ ڪريو وڃي
وو، مهتا ته مور ڳو ڇيڻي ڀتر تي مرن پيا مرن وو!
روز صبح جو ڪولهڻيون ڏسندين ته ڇيڻا ڀتر وڪڻنديون
وتن. واهه ڙي سنڌ ملڪ واهه!
دودو-هئو چنيسر، اپائي به سنڌ، وري کپائي به
سنڌ!
چنيسر – هئو پئسين مين ماڙهوءَ جو ماهه به
جيترو کپيئي اوتر ڳنهه. (ٽنگ تي هٿ لائي سور کان
دانهن ڪري ٿو.)
دودو- پو تو سين ٿي ڳالهه ڪيم ؛ ڇيڻا کڻي
اچان جو شوهر ۾ ته سائين، شمشير جو کليڦو صالڻ
فقير منهن پئجي ٿو وڃيم.
چنيسر- سڃاڻندو هئين ڪ؟
دودو- ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري) مون کان پڇائين؛
ٿري فقير، ڇيڻين جو ڪيترو ملهه؟
مون چيومانس؛ سائين، توجي اکتيار. پوءِ ته
آءُ ٽين آني ٿي، هو ٽڪي تي.نيٺ چيائين؛ ابا، ڀلي
پاسي ڇيڻا ويندا، بازن ۾ پوندئي سگهه، آءُ به
اهيان کليڦو سائين شمشير علي شاهه جو، صالڻ فقير
منهنجو نالو اٿئي. سائينءَ جي بٺيءَ لاءِ کپن
ڇيڻا جتي هر ڪو اوي سوي اچيو تل ڦل ڪري. اهو ٽڪو
اسين ملهه ڪونه ٿا ڏيون، پر دعا جو ٿاڏيونءِ. تون
کانگاهه ڏي کڻي هل، پوءِ ته تو جي مرضي پوئي ته
لاهيج نه ته توکي ٻڌندو ڪونه؟
چنيسر-پوءِ لاهي آئين ڪ؟
دودو-ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين؟
سائين بادشاهه جي کانگاهه ڏسي، آءُ ته ڏري
ويس، سوين سوالي ويٺا هئا، ڪارن شيدين جو ته ڇيهه
ئي ڪونه هو! پو ته کليڦن مون کي سائينءَ جي ڪرامتن
جون اُهي اهي کبرون سڻايون، جو الله جو سونهه مون
ٽڪي تان به هٿ کڻي ڦٽو ڪيو. سائين ڌين مان پٽ ڪريو
ڏي! ٻي پچار ڪهڙي ٿو ڪرين؟
چنيسر – توزيارٿ ڪئي؟
دودو-ڳه ڳه!(ڳٽڪار ڪري ٿو) مون پاڻ تو جي به
ڳالهه سڻائي ڏني ته مانجو مٽ آهي چنيسر، او پاڻ
ويچارو جکي پيو آهي، کليڦي صالڻ فقير چو ته مار!
هيترو وقت پي سور سٺا اٿس، سائين جي مچ جي کاڪ ۽
مٽيءَ جو پاڻي ڪر انهيءَ ٽاڻي ڇڏائي ڇڏيس ها،
چنيسر- تڏهن دودا، کڻي سائينءَ ڀيڙو ٿجي؟
هير مورڳو سور کان پاڻي به ڪين ٿو ڀري
سگهان.
دودو- مون کي ته کليڦي چو ته مريد ٿي، پر
مون چو ته چنيسر سان صلاح ڪريان پو، تنهن تي چوئين
ته چنيسر کي ڀيڙو وٺي آءُ، ڀاڳ ٿا اوهان ٿرين جا
کلن، جو هڪڙو مرشد ڀلو ٿو مليانو.
چنيسر – ٻيلي دودا، مرشد ڪونه وٺنداسين، اي
گهوڙو پاڻ ڳنان در مٿي ٻڌو ڪونه ٿيندو. پوئتان پيڙ
هيون پيون ڏن ڀرين، اهڙو ڪم ڪچو ڪونه ڪبو. باقي
دعا دڦا، ڪو ڦيڻو ڇنڊو ڪرائي، سنت ڏيئي موٽي
اينداسون.
دودو- جيڪا تو جي مرضي، پر چنيسر، هيڪواري
هلڻ ضرور کپي، ڏاهن چيو آهي ؛ ڪک هيٺ لک لڪو پيو
آهي. سائين سڻجي بنهه ڪرامت واروپيو. هلي زيارٿ به
ڪري اينداسون، دعا به مڱي اينداسون، سڀاڻي هلڻ
کپي. سائين ملي ٿو صبح جو چنيسر، کلق ٿي اچي ڏاڍي،
تو جي مانجي اتي پچار ئي ڪانهي.
چنيسر- اول کئير، صبح جو هلنداسين.
(پردو
ڪري ٿو.)
(ائڪٽ ٽيون) (پردو ٻيون)
(شاهي سڙڪ تي، ڪنڊ پاسيرو، ٽي پتيباز پنهنجو
ڄار پکيڙ يو ويٺا آهن.)
پهريون – (سگريٽ مان سوٽو ڀري) مولا! ملاءِ
ڪو متين جو موڙهو، ڳنڍين ڳوڙهو.
ٻيون – (ساڳي سگريٽ مان همراهه کان وارو
وٺي) ياعلي! ته هٺي ڌڪ حرفت جو ڪيو نس اتيئي پورو.
ٽيون- پيران پير! کٽيءَ ڪمائيءَ مان اسين به
ورهايون ڪو اڄ تنهنجي يارهينءَ جو چورو.
(اتي ٻاهران ٻن ڄڻن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڏجي
ٿو.)
هڪڙي سڙڪ هي آهي؟
ٻيو آنهه، آنهه.
هڪڙو – متان ڀل ته ڪيم ٿو ڪريين؟
ٻيو-ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري.)
پهريون ٽپتائي – (ڪن ڦرڙائي) دوستو، هاڻي ڪا
ڏيکاريو مڙسي. آهن ٻيئي ٿر ڀوڪ.
ٻيا پتيباز – مولائي، رک مشڪل ڪشا تي ڪي
وڪيا هوندائون ڇيلا يا ٻڪر ته مورو چيلهه وارو
ڪريون ٿا خالي.
(هڪڙوپتا هلائي ٿو، پيا پئسا رکن ٿا.
ايتريءَ ۾ دودو ۽ چنيسر اچن ٿا،)
دودو- چنيسر، هي جوان ڇا تي ڀيڙاٿيا آهن؟
چنيسر – شوهرن ۾ سداائين ميلا لڳا پيا آهن.
پتيباز – (هنن ڏي نهاري.)يارو!قسمت، نصيب
وارو کائي! بخت ڀاڳ کائي!
(دودو ۽ چنيسر به رڙهي ويجها ٿين ٿا۽ ڏسن
ٿا، ٻين کي کٽندو ڏسي دودو هر کي ٿو،)
دودو- (چنيسر کي پاسي تي وٺي) چنيسر، ڪهڙي
صلاح؟
آزمائيندين ڀاڳ ڪ؟
چنيسر- دودا، مون وٽ ڏوڪڙ ڪونهي، نه ته کيڏ
مون سمجهي ورتي آهي. روپيا ٻه چار کڻي وجهجن ميدان
۾.
پتيباز- قسمت، نصيب وارو کائي! ڀاڳ، بخت
وارو کائي! رکي رکي رپيو، جنهن جي دل چاهي.
(سندس ماڻهو راڻيءَ تي رپيو رکن ٿا، کٽن
پيا.)
دودو- (چنيسرکي) توجي صلاح هوئي ته روپيا
ٻه،چار کڻي ڦينڪيون. جي ڏنو ڀاڳ ڀيڙو ته دال مان
سيرو، جي ڏني بخت دٻ ته سيري مان رٻ! (کلن ٿا.)
چنيسر- هئو، ڀاڳ جو ڪم اهي، يا ته ٻٽ ٻهون
ياته ڪپو ڪڇ ۾!
دودو- هنن همراهن کان بچون ته سهي؟
چنيسر- هئوڀلين، (هنن مان هڪڙي کي سڏ ڪري
ٿو،) اڙي سنگتي، اورهون ته اچج، (هو اچي ٿو،)
ٻيلي، کبر ڏي گهڻو هارايو اٿئي؟
همراهه – هارائي منهنجو جو تو.چار رپيا کٽيا
اهنم، بيٺي جي ويرم ۾، (هو ران ڪن ۾) رانديگر ڪو
آهي نئون ڀوڪ خبر پويس ئي ڪانه ٿي. مان ۽ منهنجو
هو ٻيو دوست راڻيءَ واري پتي جي ڪنڊ ٿوري ڀڃيو
ڇڏيون، پوءِ کنيو انهيءَ تي رپيو رکون ته رپئي جا
ٻه ٿيو ملن، ٻن جا چار ٿيو اچن. هتي ته گهڙيءَ جو
کيل لڳو پيو آهي. چڱو هاڻ مون کي ڇڏيو ته ٻه – چار
رپيا ته ڪمائي وٺان، (وڃي ٿو ته دودو ڇڪي جهليس
ٿو،)
دودو- يار، بيهي ته سهي، اسان سان ٻڌيءَ
ٿيندين؟
همراهه-هائو يار،ڇو نه ٿيندس؟ هوريان ته
ڳالهه ڪر، ٻڌي وٺندو ته ٽهي ويندو.
چنيسر – (هو ريان) ڀلا اسان کي به پتي جي
ڪنڊ ڀڃي ڏيکار ته اسين به کٽون،
همراهه- سو به رپيا ته ڪڍ، سگهو ٿي، اڃا ته
رڳو پيو ڳالهيون ڪرين؟ هاڻي به ويو ٿي هليو، جنهن
کي مس مس ريجهائي ويهاريو اٿئون.
(وڃي ٿو ۽ رپيو رکي ٿو)
دودو- چنيسر ٻيلي، اڄ ته اٿئي ٻيڙا ئي
پار.رپين کي کول ته موج لڳي.
چنيسر- دودا، پنڌ ٿورو ۽ اجورو گهڻو. ڳالهه
۾ اهي مڙئي شڪ!
دودو-ٻيلي، اکئين پيو ڏسين، ٻيو تو جي مرضي،
تون هاڻي به – چار اکر پڙهيو اهيين، سو ضد بنهه
ڪونه ڇڏيندين.
چنيسر- نه نه، دودا اولڙائي ڪرڻي آهي.
قسمت، نصيب وارو کائي! بخت، ڀاڳ وارو کائي،
راڻيءَ تي رپيو اچو، اچو يارو قسمت آزمانو! رپيا
ڪمايو!
چنيسر _ ڏسان ته سهي ڪهڙي پتي تي بازي آهي؟
پتيباز – (راڻيءَتان رپيو کڻي) با با، بيشڪ
ڏس، لڳي ڪانهي، ڪپت ڪانهي، دغا نه آهي، دولاب نه
آهي، هڪڙو پتو آهي، ٻه نه آهن. رپيو، رپيو اچو
اچو.
همراهه راڻيءَ جو پتو چنيسر جي هٿن مان وٺي
ڪنڊ ڀڃي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ اک سان اشارو ڪريس ٿو ۽
پتيباز پتا هلائي ٿو،)
چنيسر- (پتي تي رپيو رکي) منهنجو هن پتي تي
آهي اٿلاءِ ته کبر پوئي؟
(راڻي نڪري ٿي ۽ کٽي ٿو،)
همراهه – رک ٻيو رپيو. نه نه، آءُ ٿو
رکان.منهنجو وارو آهي،
چنيسر – آءُ ٿو رکان.(رپيو رکي ٿو ۽ وري به
کٽي ٿو،)
همراهه – (پتيباز کي) اسين هاڻي ٻه رپيا
رکنداسون.
پتيباز – (مڪر ڪري) يار، بازي رپيي رپيي جي
آهي.ٻه ٻه رپيا رکڻ ڪونه ڏيندس؟
همراهه-واهه يار اهڙو جي کٽل آهين ته پوءِ
راند ڇاجي ٿو ڪرين؟ واهه رانديگر! بازي هاڻي ٻن
رپين جي ٿيندي؟
پتيباز – ٻيلي، اڄ مون کان ڪيترو کٽيو اٿو!
اڄ ڪا منهنجي برائي آهي. رڳو هارايو اٿم ٻه، ٻه
رپيا ڀلائي ڪري نه رکو.
چنيسر- ڇو يار، رکنداسين ته
جوڙو رپين جو، نه ته بس.
دودو- (کلي) هئو، ميلو چوندا آهن ته متو
ڀلو، ۽ مال کتو ڀلو.
پتيباز- چڱو يار رکو، سڀڪو ڀاگ قسمت پنهنجي
ٿو کائي! (پتا هلائي ٿو.)
چنيسر- منهنجو جوڙو روپين جو هن پتي تي
آهي،کول! (پتيباز کولي ٿو ته راڻي نه آهي ۽ چنيسر
هارائي ٿو.)
دودو- چنيسر، حيڦ هجنئي، پتو پڌري پٽ پيو
آهي، ته به ڀلجي وئين!
همراهه – مون ڏي نهارين ها، اشارو به ڏنو
مانءَ (دودي کي اشاري سان ڪنڊ ڀڳل ڏيکاري) تڏهن به
پتو ڪونه پيئي!
چنيسر –مڙيئي کئير آهي، وڙهوم ڪيم انسان
ويچارو اهي ماڙهوءَ جي آچار. تڪڙ ۾ ڀل ٿي ويئي، ڀو
ڪونهي، ٻئي دڦي ڏسو، اڃا پنڊ جي هڙ جو ڪوم ويو
آهي.
پتيباز- قسمت وارو کائي! بخت ڀاڳ وارو کائي!
نصيب وارو ڪمائي! رکو رکو، (پتا هلائي ٿو.)
همراهه – هن دفعي مان رکندس.
چنيسر –ڀلين ڀلين،
همراهه – (ٻه رپيا رکي ٿو ۽ کٽي ٿو) ڏٺءِ؟
(پتو کڻي ڪنڊ چٻي ڪري ٿو.) هاڻي سنڀالي رکج.
چنيسر – (پتيباز کي) جهٽ ڪري پتا هلاءِ.
پتيباز- اچو، اچو، ڀاڳ وارو کائي! نصيب وارو
کائي! (پتا هلائي ٿو.)
(چنيسر ٻه رپيا رکي ٿو ۽ هارائي ٿو)
چنيسر – (ڪياڙي کنهي ٿو ۽ دودي کي) دودا، اي
وري ڪئين ٿيو؟
همراهه – (چٻرو ڏئي) هي وري ڪئين ٿيو!
منهنجي چوڻ تي هل ته پوءِ ڏس ته کٽين ٿو، ڪين
هارائي ٿو.
چنيسر – (همراهه کي) ادا، وارو ڪر هير چار
روپيا وڃائي ويٺو اهيان. الاجي اک تر ڪيو وڃي،
الاجي ڇا!
همراهه – ٺهيو هاڻي فڪر نه ڪر، جتي مان چوان
اتي رکج. پوءِ ڏس رنگ.
چنيسر – ٻيلي، راضي شاهه ڀلو ڪري، چار رپيا
واري ڏنيم. نه ته مري ويندس.
دودو – هائو سنگتي، هي مڙس گريب اٿئي.
همراهه – (پتيبازکي) اڙي هلائي پتا، گهڻن
سان چرچا ڪيااٿئي.
پتيباز – پتا هلائي ٿو.) نصيب وارو کائي!
قسمت وارو کائي!
همراهه – چنيسر، رک هي ٻه رپيا.
(چنيسر ٻه رپيا رکي ٿو، پتيباز پتو اڇلائي
ٿو ته چنيسر هارائي ٿو.)
چنيسر – دودا، هاڻي مور رڳو ڦرجي رهياسين.
چيوسين ته سائين جا سنت جا ڪي پئسا ملي پون ته
مورڳو پنهنجي هڙ به چٽ!
دودو – هئو، چوندا آهن ته آئي سڱن کي، وئي
ڪن به ڪپائي.
چنيسر – ڀلا هاڻي؟
(اتي جواري کسڪي وڃن ٿا.)
دودو – (جوارين ڏي نهاري) چنيسر، هي ته ڀڄي
ويا. مار! هي ڪي پاڻ ۾ صلاحي هئا.
چنيسر – بس. (نصيب تي هٿ هڻي) مون ته مهندئي
چو ٿي ته پنڌ ٿورو اجورو گهڻو، ان ۾ ڪو خلل آهي.
پر بس هو ته الاجي ڪير هئا، ڪيڏانهون ويا؟
دودو – چنيسر، هاڻ، اهي سور پوءِ رونداسون.
هن ٿاڻي هل ته سائين وٽان ٿي اچون، سائين دعا ڪندو
ته رزق ۾ برڪت پوندي.
چنيسر – ادا، سائين ڏي هلندي ئي واٽ تي هي
چڱو سوڻ ٿيو آهي! هاڻي اتي پڄون ته الاجي ڪهڙو حال
ٿيندو؟
دودو – مڙئي الله موچاري ڪندو. (وڃن ٿا.)
(پردو چڙهي ٿو)
(ائڪٽ ٽيون) (پردو ٽيون)
(پير جو مڪان. پير صاحب اندر ڀرو، مراقبو
ڪڍيو، چادر اوڍيو ويٺو آهي، انهي هنڌ کي مٿان انهي
ململ جو پردو ڏنل آهي. ٻاهر تي ٻه خليفا؛ هڪ صالڻ
فقير ۽ ٻيون منٺار فقير، منجين تي پاڻ ۾ ڳالهيون
پياڪن.)
منٺار – صالڻ فقير، هاڻي زمانو ئي ٻيو اچي
ويو آهي. داتا ۾ ويهه ڪندين ته اڳي سائين جن سان
گڏ مسافرين ۾ نڪرندا هئاسين ته برن ۾ بازاريون لڳي
وينديون هيون! گهوڙ ن جا گاهه داڻا، رسايون رڙيون،
منزلن جا بندوبست، مريد قلبان پيا ٿيندا هئا،
صالڻ فقير – منٺار فقير، اهي مزيدار يون ئي
مون کان پڇ. اهي زمانا تو کان وڌيڪ مون ڏٺا.
ڏينهين هي ناري جو پٽ سڄو هن گاديءَ جو مريد هوندو
هو. زميندار، زميندار جي ذات سجدا پيا ڪندا هئا،
پر ٻيلي، اڳين ماڻهن جا عقيدا زور هئا.
منٺار فقير- عقيدا هيئر به ساڳيا آهن، پر
هيءَ جا پڙهه پڙهان لڳي پيئي آهي، ڪم خراب انهيءَ
ڪيو آهي نه جيڪو ٿو چار اکر پڙهي جو قلب ئي ڦر يو
وڃي. پير فقير کان منهن موڙيو وتي.
صالڻ فقير – مطلب ڳالهه جو ته سڄي حڪومت کي
گهمرو اچي ويو آهي، هاڻ جيڪو اسڪولن جو وزير، جيڪو
اڳي هتي ميرپور ۾ آيو هو، سو آهي ته پاڻ به پير،
پر تڏهن پاڙهڻ تي آڻي زور رکيو اٿس. پنهنجي پيريءَ
تان به پڪ هٿ کنيائين پر هاڻ اچي پيو آهي ٻين جي
روز پٺيان.
منٺارفقير- هائو، سڀئي جا مريد کاري ڇڏيندو،
ڇو ته جيڪو ويندو پڙهندو، سو ويندو کرندو.
صالڻ فقير – بس، پاڻيهي ٿا پاڻ سان ڪن!
منٺار فقير- ٻيلي صالڻ فقير، ڏکي ڳالهه
لڳندئي باقي سچ ته ائين آهي، ڀلا، نسوري ٺڳي به
ڪيترو وقت هلندي؟ اٻو جهن جا ته جهڳائي جهڻ ٿي ويا
آهن، خدا ڏاڍو آهي!
صالڻ فقير- پيرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پاڻ کي ڏوهه
نٿو ڏين؟ پير پاڻيهي ته ڪين ٿا اڏامن؟ انهن کي به
اسين ٿا اڏايون. ٻڌايو ماڻهن کي ڪوڙيون ڪرامتون،
ڏيو ڏٽا وتون غريبن کي ڦرائيندا. اسان جا سائين
نماز کي ويجها به ڪونه وڃن، ته اسين چئون ته مڪه
مديني ۾ روز ٿا نماز پڙهن! هو پيئن پنگ ته اسين
چئون ته کير ٿا پيئن، اها ئي ڌوڙ اسان کي پئي آهي
نه.
منٺار – پرفقير وڏا، ڪيئن ڪجي؟ ورهيه انهيءَ
درتي ڀٽڪندي ٿيا آهن. حرام جي هڏي پيت ۾ پئجي ويئي
آهي، هاڻ ته پاڻ کان ڪوڏر کنئي ڪانه ٿيندي؟
صالڻ فقير-ادا، ڪوڏر نه کنئي ٿيندي ته
هينئر آهن به بک جا چڪ! ڪالهه هڪڙو ٿريو گڏجي ويم
تنهن کي ريبي ريبي آندم درگاهه تي، ڇيڻن جي ڀري
به ڇڏائي مانس ۽ ڏٽا ڏيئي ڪريانس ٿو مريد. انجام
اچڻ جو اٿس، جي آيو ته هن گهڙيءَ ٿو اچي.
(ٿورو رکي) مولا ٿو ڄاڻي ته ٽامي جي پائي به
ڪانهيسون، الله آڻيس ته ڪريون ڪاهڙ ڪوسي! ٻيو هيئر
ته جنهن مريد ڏي ٿا وڃون ته موچڙي جيڏو سونڊ چڙهيو
پيو اٿس، اڳي اسين آڪرا هوندا هئاسين، هاڻي ويچارا
ٿيو وڃيو بيهون ته ڪو پچي به ڪونه ٿو.
منٺارفقير-فقيروڏا،سچ ٿو چوينءَ هيءَ ته وقت
ڏاڍو نازڪ آهي، ٿري پئسي تي ته ساهه ڏيندا ٿا رهن،
گهڻي اميد رکڻ اجائي آهي.
صالڻ فقير-زور آور، جي مولا ٿو سڻي ۽ اچي ٿو
نڪري ته پوءِ ڏسج منهنجا ڪم، تڏهن ايڪيهه ورهيه
خلافت ئي ڪانه هلائي اٿم، اهڙيون رٿون رٿي ڇڏيون
اٿم، جو هڙ ۾ جيڪي هوندس، سو اتي نه رکيائين ته
منهنجو نالو صالڻ لاهي ڪنهن ڪتي تي رکجان.
منٺار فقير- (کلي) مون کي آهي ته خاطري،
اسين سڀ تنهنجا ٻالڪا آهيون. تون ڏاند ڏهڻ وارو
آهين، پر خدا ڪري، هجي ڪومت جو موڙهو، ڳنڊجو
ڳوڙهو!
صالڻ فقير-ها، تنهنجا پٽ بچن،! رڳو هڙ ڪوسي
هجيس پوءِ ڏاڙهي مٿو ٻئي چٽ ڏسندينس. هوءَ مائي
ڏٺي اٿئي جا ٻار کڻيو، درگاهه جي پر۾ ويٺي آهي؟
منٺارفقير- هائو،
صالڻ فقير-ته بس، رک رب تي. سائين بادشاهه
کي اڳئي ستر ڏيئي ڇڏيو اٿم، سڙيا ويٺا آهيون. هيئر
اکيون الله ۾ ۽ انهيءَ ٿريءَ ۾ آهن.
(چنيسر۽ دودو اچن ٿا.)
دودو سلاماليڪم!
صالڻ فقير- ماليڪم سلام.ابا،ڀلي آيا. (دودو
هٿ وٺي چيس ٿو ۽ چنيسر به ائين ڪري ٿو،) ابا،
اوهان جو ڀاڳ سڀاڳ ته ڪو سڻائو آهي.سائين مريدن
ڪرڻ کان هاڻ بنهه ونئون ٿو وڃي. ڏهه لک مريدن جا
اڳئي اٿس، هاڻي فرمائين ٿا ته ڪيترن کي اسين بهشت
۾ وٺي وينداسين؟ تنهنجي پاران حيلا حوالا، منٿون
معذرتون ڪيون اٿم، تڏهن مسين مسين قبول ڪيو اٿن.
سو به فرمايائون ته تون وڏو خليفو آهين متان دل ۾
ٿيئنئي. تڏهن ٿا مڃون،
چنيسر- هئو گازي! ڏهه لک مريد وو!
صالڻ فقير- تڏهن ابا، ٻيو ڇا؟ فيض جا دريا
جاري آهن. لکين لعل ٿيو وڃن. جنهن ڏي ٿا پاڻ اک
کڻن، سومالا ٿيو وڃي.
صالڻ فقير- (دودي کي) ابا، هيءُ درويش ڪير
آهي؟
دودو- سائين، مانجو مٽ ٿئي ويچاري کي ٽنگ
مٿي ڦٽ ٿي پيو آهي. سور ڪنان بنهه مري ٿو وو!
صالڻ فقير- (چنيسر جي ٽنگ ڏسي) مار! ابا چڱو
جو اچي وئين. بس هاڻ هر مشڪل آسان. علي نگهبان!
چنيسر- کليڦا، سوال ٻه، ٽي دل ۾ سانڊي آيو
آهيان،
صالڻ فقير-دل ۾ نه رک،چئي ڏي. هيءَ جاءِ
اميد جي آهي. ڊپ نه ڪر.
چنيسر- هڪڙو ته درد ڪنان ڇٽان.ٻيو ته واٽ
مٿي ايندڙي ٽپتاين ڦريو آم. بکت بنهه ڦٽل آم، او
به ڀلو ٿئي، ٽيون وري ڏوڪري به سنيها پئي موڪلي ته
هڪڙو ٿرين ڏڪار، ٻيو مال ۾ موڙو، مکڻ جڙئي ڪونه،
ڏهه.پندرهن جيڪي ڳويون اهين، ان ۾ به برکت آهي
ججهي! مکڻ جام ٿئي، جنهن منجهون ڪو اپراسو ٿئي.
صالڻ فقير- (کلي) ابا، مون ڀانيو ته ڪو وڏو
سوال ڪندين، اهي ڪم ته سمجهه سڀ ٿي ويا، هاڻ توکي
سائينءَ سان ملاقات ڪرايو ٿا، ادب سان پيرين پئي
پري ٿي ويهه توکي دعا دفا، ڦيڻو ڇنڊو به ٿا
ڪرايون، تعويذ به لکائي ٿا ڏيون. پوءِ سڀ سهنج،
اسان جو قدر پوءِ پائهي ڪج. سائين ءَ مهندان جيڪي
نذارانو رکندين، سو کٽندين، جيترو گهڻو رکندين،
اوتري گهڻي برڪت پوندئي، (منٺار فقير کي)منٺار
فقير، سائينءَ کي اطلاح ڪر نه قبلا! ٻه آيا آهن،
(منٺار سنهي چادر جي وچ مان اندروڃي ٿو،
تيتر صالڻ فقير، جوٽون ڀڇي هٿ کولي، الله هو!الله
هو! الله هو. پيو ڪري، کن پلڪ پڄاڻان منٺار فقير
ٻاهر تي پڌرو ٿئي ٿو.)
منٺارفقير- (ٻاهر اچي) پاڻ مالڪن گهرايو آهي
ته سائلن کي وٺي اچو.
صالڻ فقير- (سائلن سان گڏ اندرڀرو ٿي) با
با، قبله عالم کي پيرين پئو.
(پير مراقبول ڪڍيو وٺيو آهي، دودو۽ چنيسر
پيرين پون ٿا، هٿ چمن ٿا ۽ پر ڀرو گوڏا ڀڃي ويهن
ٿا، پير صاحب اوچتو رڙ ڪري ٿو.)
پير صاحب- ابا خليفا، هٽ ڪريو مٽيءَ مان
پاڻيءَ جي ڇل ته ڀري ڏنو، جلدي ڪريو، جلدي ڪريو،
خيلفو صالڻ –حاضرقبلا! (جهٽ ۾ ڇل ڀري ڏئي
ٿو.)
پير صاحب – (پاڻيءَ جون ٻه تريون ڀري اُتر
طرف اڇلي ٿو ۽ چوي ٿو) سبحان الله وبحمده، سبحان
الله وبحمده.
(ويٺل حيران ٿين ٿا، خاص ڪري خليفو صالڻ،)
خليفو صالڻ- جيئداقبلا! هيءَ ڪهڙو اسرار هو؟
پير صاحب – ابا، پنهنجي شهر جي بازار کي
اتر طرف کان اچي باهه لڳي ۽ وڪوڙي ويئي. پنهنجي
مريد حاجي خالق ڏني ميمڻ اسان کي سڏ ڪيو. امالڪ
مريد سان اوکيءَ ويل وڃي حامي ٿياسين. پاڻيءَ جون
ٻه لپين اڇليونسين ته الله پاڪ جي فضل سان باهه
وسامي ويئي! شهر ۾ هراس گهٽ آهي، نه ته سڄي بازار
خاڪ ٿي وڃي ها.
صالڻ فقير- قلبان وڃان سائين جي نانو تان!
صدق! صدق! منهنجا سهڻا پير! اهي تنهنجون مريدن سان
ڀلايون نه هجن ته هوندو ڪهڙو حال ٿئي!
چنيسر- (دودي کي) سچو هٺئين دودا ٿرين به
پير مريد ڪتن کان ئي گهڻا، پر واه ڙي سائين توجي
ڪرامت!
پير صاحب- بابا، ادب ڪريو، اسان کي ظاهر نه
ڪريو، اسين گنهگار آهيون، اسان ۾ ڇا آهي.
دودو - چنيسر سڻين ٿو؟ وري ايءِ نهٺائي!
(اوچتو هڪ مائي اندر دانهون ڪندي اچي ٿي. ٻار، جو
ڪڇ ۾ اٿس سولاهي پير جي پيرن وٽ رکي ٿي، ۽ روئي
ٿي، اوڇنگارون ڏئي ٿي،)
پيرصاحب- صبر! صبر! صبر جو ڦل ڀلو آهي.
ڳالهه ته ڪر توسان ڪهڙي ويڌن آهي، اميد ته مشڪل
آسان ٿي پوندو.
مائي- (روئڻ بند ڪري) سچا مرشد! توهن
ٻانهيءَ کي ستن ڌيئرن مٿان دعا ڪئي هئي ته هاڻ پٽ
ڄمندو، هن بنديءَ کي هڪڙو ڦوٽو به ڏنو هوئي ته
کائي ڇڏ، ۽ پٽ ڄمئي ته نالو ڦوٽو رکجانس.پر آءُ
مٺي آهيان، وري به مون کي اٺين نياڻي ڄائي آهي.
مون وٽ الله جو ڏنو مال رزق گهڻو آهي پر پٽ ڪونه
اٿم. سڀ ملڪيت تو سهڻي جي نالي تان قلبان آهي، لکي
ٿي ڏيان، پر منهنجي هيءَ نياڻي ڦري پٽ ٿئي،
پيرصاحب – بابا مائي! اها ته قدرت الاهي
آهي، اسان جي وس ۾ ڇا آهي؟ جو ڌيءَ مان پٽ ڪري
سگهون!
مائي – (اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي) بس نه ته
آءُ تنهنجو در ڪونه ڇڏيندس، (وري روئي ٿي،)
صالڻ فقير-قبلا! ويچاري مسڪين تي رحم ڪريو.
ڏهن هزارن جي ملڪيت اٿس. ڪير سنڀالڻ وارو ڪونهيس.
ڏين جو ڌڻ اٿس. تنهنجو در ڇڏي ڪيڏانهن وڃي؟ کڻي
نياڻيءَ تي رحم جو هٿڙو گهمايو ۽ دعا ڪريو ته مطلب
پورا ٿي ويندس.
پير صاحب –چڱو، مائي بابا، روءَ نه، (ٻار
مٿان هٿ ڦيرائي) هيءُ ته ڇوڪر آهي، نياڻي ڪٿي آهي؟
تون ڀلي آهين.
مائي – (ٻار ڏي نهارڻ ڌاران) جيئين بچين،
آءُ انڌي ڪانه ٿي آهيان.
صالڻ فقير- هون هون،اکيون پٽي ڏس، پاڻ رحم
جو هٿ ڪين ڦيرايائيون؟
(مائي اڳ جي سيکاريل، ڪوڙ ڪوڙ ڪري، ٻار کي
جاجي ڏسي ٿي ۽ خوش ٿي کلي ٿي.)
مائي – صدقي وڃان منهنجا سچا مرشد! مون سڀ
پنهنجي ملڪيت توتان قلبان ڪئي،آءُ در جي ٻانهي ٿي
گذارينديس. مون کي الله سائينءَ پٽ ڪري ڏنو! مرشد
سائينءَ پٽ ڪري ڏنو! (ٻار کي ڪوڏائيندي وڃي ٿي)
(دودو ۽ چنيسر، حيران ٿي وڃن ٿا،)
چنيسر – دودا، ڪي ڏٺءِ؟
دودو- چنيسر، تون ڏس پڙهيو آهين، ڪين ٿي
مڃيئي نه!
چنيسر – مانجو پيءَ به مڃيندو. اکين ڏٺي ڪير
نه مڃي؟ هئو ٻيلي، ڪرامتون اهڙيون، ڀلو ڀلو!
قبلا،هير ڪا مون مشڪين کي به چوکي دعا ڪر.
پير
صاحب – (جهنڊ مان اندران ڳالهائي ٿو.) ابا، تنهنجو نالو
چنيسر آهي ۽ ٻئي جو دودو. ٻئي ٿر جا آهيو، تنهنجا
سوال ٽي آهن. هڪ ته ڦٽ ڇٽِي، بيو بخت کٽِي ۽ ٽيون
مکڻ جام ٿئي. چڱو هاڻي...
چنيسر – (ڏرڍو خوش ٿي) دودا، ڪيئن ٿو ڀانين؟
سائينءَ کي ڪيئن ڪل پيئي ته مانجي دل ۾
ڪڄاڙو آهي؟
دودو- اڙي چريا، سائين ته دلين جو مالڪ آهي
نه!
چنيسر – هئو، هئو!
پير صاحب- صالح فقير! درگاهه جي مچ جي خاڪ
کڻي، هن جي ڦٽ تي رک، مٽيءَ جو پاڻي پيارينس. ٻه
تعويذ لکي ڏينداسونس. هڪڙو ساڄي ٻانهن جي ڏوري ۾
ٻڌي ته بخت ٿئيس ۽ ٻيو ڀلي ڳوٺ موڪلي ته منڌيءَ جي
ڳن ۾ ٻڌڻ ته مکڻ جا دڙالڳي ويندا،وڏن جي دعا سان.
صالڻ فقير-حاضر قبلا، پر ڪادل سان دعا ڪجوس.
پير صاحب – بابا، پير ڀلو،ڪين ويساهه ڀلو؟
جهڙ هوندي نيت، تهڙي مراد ملندي. جيڪو ماڻهو
جيترو يقين ڌاريندو، اوتر کٽندو.
(منٺار اندر اچي ٿو.)
منٺار فقير- قبلا، حاجي خالقڏني کي پاڻ سان
وٺي اچي ٿو،)
خالقڏنو – (پيرکي پيرين پئي) قبلا، نالي تان
قربان وڃان! اڄ باهه اهڙي لڳي هئي، جو سڄو شهر ناس
ٿي وڃي ها، توسهڻي کي نالو وٺي هڪل ڪيم. اوچتو نڪو
ڪڪر، نه ڪاوڄ، نه ڪا کنوڻ ۽ نه ڪاگوڙ. اچي جا برست
وٺي ته ڪاڏي وئي باهه، ڪاڏي وئي جر! بچاءُ ٿي ويو.
منهنجا مرشد، هي سڀ تنهنجون ڀلايون آهن، (ڳوٿري
ڪڍي) هيءُ نذرانو سئو رپيا قبول پون.
پير صاحب – بابا،اسين ته هن دنيا کان لاطمع
ماڻهو، پئسن کي ڌوڙ وجهون. موٽائي کڻي وڃ. اسان جي
پٺيان ڌن به اجهوهيئن پيو ڌڪا کائي!
(صالڻ فقيرکي) صالڻ فقير، اهو گلم جو پاوُ
ته مٿي کڻ ته حاجي خالقڏنو لقاءَ ته ڏسي!
صالڻ فقير پاوُ مٿي ٿو کڻي ته خالقڏنو ميمڻ،
اڳ ۾ ئي سيکاريل، عجب ڏيکار چوي ٿو؛ هيترا رپيا!
صالڻ فقير وري گلم جو پاوُ هيٺ ٿو ڪري.)
پير صاحب – ابا، حاجي خالقڏنا! ڏٺءِ؟ اسان
وٽ ته دولت ڌڪا پئي کائي، پر اسان کنئي آهي فقيري.
خالقڏنو –قبلا، هي چار ڪوڏيون فقط سائينجن
جي بٺيءَ لاءِ نذرانو ٿو ڏيان، جتي غريب غربو پيو
کائي ٻيو سائينجن کي خداوند ڪريم محتاج ڪونه ڪيو
آهي.
پير صاحب – چڱو، ابا صالڻ فقير، حاجي
خالقڏني کان وٺو، متان دل ۾ ڪري.
(صالڻ فقيرڳوٿري وٺي ٿو.)
صالڻ فقير- (دودي کي) ابا، هيءُ فقير جو
ننگر آهي، تنهن ۾ جيڪو نذر نياز رکئو هجي، اهو رکو
ته اُئون. هاڻي قبلي جن وري ويندا مڪي مديني نماز
ادا ڪرڻ، سهگا ٿيو.
خالقڏنو –ٿر يا فقير، هٿ کي ڪشادو ڪريو هتي
ڏنو اٿو ٻنو.
چنيسر- (دودو ڏي نهاري ٿو) دودا، هٿا؟
دودو- ادا، سائينءَ کي توجي ٻن –ٽن ڏوڪڙين
جي پرواهه ڪانهي، توجي مرضي.
چنيسر – مرضي وري ڪڄاڙي جي! پنڊ وٽ رپيا
مورهين آهن ڏوهه،
صالڻ فقير-فڪر نه ڪر، جيڪي آهي سو کڻي رک،
دل نه هڻ، يقين سان رک ته کٽندين.
(چنيسر ويچارو ڏهه رپيا رکي پيرين پيئ
موڪلائي ٿو.)
دودو۽ چنيسر – هاڻي ڌڻيءَ لڳ ڪا دعا ڪج.
(پير صاحب پٺي ٺپرين ٿو.)
صالڻ فقير- ابا، هاڻ اٿو ته درگاهه تي هلي
اوهان کي خاڪ شفا ۽ آب حيات ڏيون ۽ تعويذ به لکائي
ڏيون.
(سڀ نڪرن ٿا، باقي خالقنڏنو ۽ پير سائين رهن
ٿا،)
خالقڏنو- قبلا، ڏهه رپيا به چڱا اڄڪلهه
ماڻهن ۾ ڏيڻ ڪٿي آهي!
پيرصاحب – (مراقبو لاهي) حاجي خالقڏنا، ڏاڍو
مهل سر آئين، ٿرين جا طاق لڳي ويا، ڳو ٿريءَ ۾ ڇا
وجهي آيو هئين؟
خالقڏنو-سائين، وجهي آيو هوس چيني جا ٽڪر.
ٻيو مون وٽ الله جو نالو، تنهنجو نالو آهي.
ٻيو ڇا آهي. (کلن ٿا.)
پير صاحب – مائيءَ واري ڪرامت به عقل چرخ
ڪري ڇڏين، اها کيڏ خليفي صالڻ فقير جي هئي ۽ هي
گلم هيٺيون رپيا، تنهن ۾ به وري توئي ستر وٺايو!
في الحال موج لڳي ويئي، حال ته ڪريونس ٿا.ڀنگون
ٿاڌلون، پوءِ وري به ڏيندو مولا.
خالقڏنو –هائو قبلا، مولا ڪو ڇڏيندو ڪيئن؟
وهابين جو ٿيو آهي منهن ڪارو، پيا ڀونڪن، جيسين
ماڻهو جاهل آهن، تيسين
پنهنجي ماني ڪتا به ڪونه کائيندا،
(کلن
ٿا
۽ تاڙيون
ملا ئين ٿا،)
(پردو
ڪري ٿو.)
(ائڪٽ
ٽيون) (پردو چوٿون)
(کوهه
جي اڳيان، ميدان تي پنجابي دوا فروش تقرير ڪري
رهيو آهي،
ڪيترا
ماڻهو ارد گرد بيٺا آهن، دوا فروش جو سنڌي ڀائيوار،
چنيسر
سان
گڏ بيٺل نظر اچي ٿو، ساڻس ڳالهائي ٻيو.)
پنجابي کهتاهي؛
سچائي
چهپ نهين سکتي
بناوٽ
کي اصولون سي
که
خوشبو آنهين سکتي
کبهي
کاغذ کي
ڦولون
سي.
مهربان دوستو، ميرپورخاص جي باشندن کي اڪثر
بدهاضمي
جي شڪايت آهي، پاڻي خراب آهي. بدهضم آهي، کوهن ۾ ڪي
اهڙيون معدنيات آهن، جنهن ڪري کاڌو هضم نٿو ٿئي.
بيڌڙڪ
هڪڙي شيشي، جنهن ۾ پنجاهه ماڻهن جي خوراڪ موجود
آهي.
آزمايو،
اسان جي ڪمپنيءَ فقط عام خلق جي فائدي لاءِ لکها
رپيا خرچ ڪري، هيءَ دوا تيار ڪئي آهي. کاڌي جي
مٿان هڪ چمچو دوا جو ۽ ڏهه چمچا پاڻيءَ جا ملائي،
پي ڇڏڻ گهر جي.
اميد ته بد هاضمي جي شڪايت باقي نه رهندي.
قيمت
دوا جي؟ دوا بلڪل
بي
بها آهي، هزارين رپيا قربان آهن.
(ڇپيل
اشتهار ڪڍي ڏيکاري ٿو،) ولايت جي مشهور ڊاڪٽر جا
سرٽيفڪيٽ هن دوا جي باري ۾ موجود آهن، کلِي
شيشون
جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ فروخت ٿي چڪيون آهن.افسوس
اسان جي
هندستان ۾ جهالت سببان، ماڻهن هن دوا جو پورو
فائدو نه ورتو آهي، صرف ٻه ڊزن شيشون باقي رهيون
آهن.
ڪهڙو
خوشنصيب دوست آهي، جو هن آب حيات کي هٿ ڪري،
خضري
عمر حاصل ڪندو؟ قيمت صرف اٺ آنا، آهي ڪنهن صاحب کي
ضرورت؟
سنڌي
– (چنيسر کي) دوا جي ڳالهه ڪهڙي ٿو پڇين! (شيشي ڏيکاري)
ههڙيون مون پاڻ چار شيشيون ورتيون آهن، هڪڙي
سدائين
منهنجي کيسي ۾ پيئي آهي، پچار ڇڏي ڏي، منڊيءَ تي
ٽڪ!
هن مان مون سئو رپيا ڪمايا آهن. جنهن کي آڻيودوا
ڏيان، تنهن ڄڻ ڪوڙ ٿي ڪيو،
چالهين بيمارين تي دوا پوي ٿي!
چنيسر- ٻيلي، اسان ماڙهو ٿر جا، ميرپور ته اسان
جو
پيٽ ئي بندي ڦٽو ڪيو
آهي،
سنڌ
جي ڀيت ۾ ٿر رڳو انهيءَ ڳالهئين ملوڪ، پاڻي سو
کارو اهيس، باقي جهنگل ايترو سوکو اچي،
جو
ڪر مکڻ مان وار نڪري ويو وو!
سنڌي
– (دوافروش کي) حڪيم صاحب،
ڊزن
شيشن جو ڏجو، هن جوان کي کپن، (ٻيا بيٺل ٿورو عجب
کائين ٿا،)
هڪ ماڻهو – هڪ ڊزن
شيشيون!
(دوافروش
ڊزن
شيشيون
کڻي ڏي ٿو،)
چنيسر-
ايترن
کي
پنڊ ڪيڏانهن ڪندو؟
سنڌي
_ زور آور، هي اڻلڀ شيون وري يانصيب! وٺي ڇڏ، ڪي
پڇائينديون ڇا؟
چنيسر _ ٻيلي مون ڪن ڪود کان ته ڪونه اپٽڻون آهي؟
سنڌي
–
افسوس، هي ڪيميا هٿان ٿو وڃائين!
(دوا
فروش کي) حڪيم صاحب، ڏيوس،
چنيسر کي ڪلهي تي هٿ هڻي) زور آور، تون وٺ ته
سهي، جڏهن هنن دوائن جو نفعو کائي ڏٺءِ تڏهن پاڻي
ڀرڻ به وسري ويندءِ.
چنيسر- پر ٻيلي،
ڏوڪڙ
پڻ هوئي
نه؟
سنڌي-
(دوا فروش کي) حڪيم صاحب ڊزن جي حساب
تي
ڪجهه گهٽ وٺو،ڊزن
جا اسين پنج رپيا ڏينداسون.
پنجابي – مال ڪمپني جو
آهي،
ڀلي ته ڪو غريب فائدو وٺي،
فڪر
نه آهي، هيءُ
جوان
غريب ٿوڏسجي رعايت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
چنيسر- پوءِ پنج رپيا ڳنهين ٿو ڪ؟
پئسا ڇوڙي ٿو،)
سنڌي-مون
کي ڏي.(رپيا
وٺيس ٿو) حڪيم صاحب، وٺو هي پئسا، جيڪڏهن ڪاٻي
عمده دوا هجي ته ان جو پڻ بيان ڪريو. هيءُ
دوست ٿر جو ماڻهو آهي، جتي ڊاڪٽر طبيب بلڪل ٿورا
آهن ۽ ههڙين نايات دوائن جي سخت ضرورت آهي.
چنيسر-
اڙي، نه ڙي نه ٿر ۾ وري دوائن جو کپ ڪٿان آيو ٿر
جا ماڙهو دوائن تي ڏوڪڙ خرچڻ سوران موت مٺو ڪن.
داختر
ٻين ۽ طبيبن کي بک ڪونه مرڻو
آهي،
جو ٿر ۾ اچي ويهندا،
اتي
نه سڀني بيمارين جي ٻڪي
آهي
جهڻ.(سنڌيءَ
کي) ڪوٿو مون کي ڏنا ڏيو ڏوڪڙ خرچائين؟ مورڳو ڇڏ
ته وڃان هڪڙو ڦريو آم جورئين، ٻيو ڏوهه رپيا
ٺڳي ويم کليڦا. باقي هڙئي ٿو ڪرينم تون خالي ته
ٿئي
اکاڙو
ئي آجو؟ ڪي ايترو
ته
ڇڏيو
جو
ڏوڪريءَ ڪن پڻ منجان. پير جي
کاڪ
ته مورهين ڦٽ ئي مڃائي رکيو
آهي.
ڇٽڻ ته ڇٽڻ
جي
ماڳ، ڪرڳو موٽي ٿي ٽنگ ڪڙهي! اڃا
ڪو
ملهام هوئي
ته
ڏئينم
ته
جکم ته ڇٽيم.
پنجابي – (شيشي ڏيکاري) مرهم اڪسيرالشفا. مهربان
دوستو، هي ملم زخم جي لاءِ بجليءَ جو اثر رکي ٿو.
ڪهڙو به ڦٽ هجي، وڍهجي، ڏڍ هجي؛ يڪدم زخم کي گرم
پاڻي سان
صاف
ڪري، هن ملم اڪسيرالشفا
مان هڪڙو پهو ٺاهي زخم تي رکي، پٽي ٻڌي ڇڏجي. صبح
جو پٽي ٻڌو، شام جو زخم ميٽجي ويندو سور هٽي
ويندو. خارش گم ٿي ويندي،
گوشت ڀرجي ايندو چمڙي نرم ٿي ويندي. هن ملم کي
ڊاڪٽرن يوناني حڪيمن ۽ ويدن سڀني گڏجي، سٺ ورهين
جي دماغ سوزي کان پوءِ،
استاد جالينوس، ارسطو ۽ لقمان حڪيم جي قديم نسخين
تان تيار ڪيو آهي!هر قسم جي ڦٽ لاءِ جادو جو اثر
رکي ٿو.ورهين جا ناسور هڪ دم ۾ دور، قيمت صرف هڪ
شيشيءَ لاءِ چار آنا، اسان جي ڪمپنيءَ فقط دوا جي
مشهوريءَ لاءِ هي دواسستي اگهه تي ڏيڻ منظورڪئي
آهي. آئيندي مهيني
کان
هيءَ شيشي ڏهن رپين کان گهٽ وڪروڪرڻ ۾ نه ايندي،
آهي ڪنهن مهربان کي هن بي بها
جوهر
جي ضرورت؟
چنيسر- (حڪيم
کي)
الله جو سونهه!هي
ملهام ايهڙو ڀلو آهي ڪ؟
هڪڙي شيشي ته مون ڪڻ به ڏيج.
سنڌي-
ٿري، سونيٺ ٿري. هڪڙي شيشي ٿو وٺين؟ (حڪيم ڏي
اشارو ڪري) هي مسافر اڄ هتي سڀاڻي هتي. تنهنجي ڀا
ڳين اچي نڪتو آهي، وٺ ته ذرن شيشيون ته وٺ، هن
ملم جو، بلا کاڌل ماڻهو تي هڪدم اثر ٿئي ٿو.
چنيسر –
الله جو سونهه 1 (دوا فروش کان) داختر هئو.
پنجابي- هي ملم نانگ،
ڀلا، ڪاريهر، کپر، پيڻ، ڪنڀاري، ٻه – منهين،
گهوڙيل، هڻ کڻ سڀني جي کاڌل کي، اکڇنب ۾ اٿاري ابو
ڪري ٿو بلا کاڌل، موت جي بستري تي آخري دم
کڻي
رهيو هجي، هن ملم جي استعمال سان عزرائيل جي چنبن
مان انهيءَ دم آزاد ٿي سگهي ٿو. هن ملم ۾ ٻن سون
قسمن جا جواهرات ۽ چار سو جبلن جون نايات ٻوٽيون
ڪم آندل آهن.
سنڌي-
ٻڌءِ هاڻ ڪيئن ٿو ڀائين؟
چنيسر-
ٻيلي، هن ملهام جي ٿر ۾ گهڻي کاٻي
آهي
هي آرهڙ جا
ڏينهن
آيا نه بس، بلائن جون ڦوڪون
سڻندين
وو! روز بلائن جا ٿڦاق سڻندين. پيڻ جو ته هيڪار هن
ڏينهن کوڦ آهي. (دوا فروش کي) بڇڙيءَ کاڌل کي
ڦائدو پوندو؟
پنجابي- پيڻ جو زهر ته خاص طرح هن ملم ۾ ملايل
آهي!
چنيسر-
ته
ڀلا، ٻه شيشيون ڪري ڏئينم.
سنڌي
– (دوا فروش کي) حڪيم صاحب،ڏيو
هڪ ڊزن شيشيون. چريا ڪو پنهنجي وس ڇڏيا ڪيئن؟
(چنيسرکي)
وٺي درجن شيشيون.پوءِ به توکي نه کتيون،ته
مون کي ڏيئي پئسا وٺي وڃج، چريا! ههڙيون قيمتي
شيون ڪير ڇڏي! (وٺي ڏئيس ٿو ۽ چنيسرٽي رپيا ڏئي ٿو)
حڪيم
صاحب،
آهي ڪاهن کان به عمدي دوا يا بس؟
پنجابي- (ٻي هڪ شيشي ڪڍي) سرمو اڪسيرالبصر، مهربان
دوستو، اکيون ته نور، نه
ته
سڀ
آهي ڪوڙ، هي بي بها سرمو اڪيسرالبصر آهي، جنهن کي
خاص هندستان جي راجائن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.هن
جي اندر سچي مومياڻي، برابر هڪ هزار ڀيرا عرق
گلاب ۽ بيد مشڪ ۾ بيٺل آهي، ڌنڌ هجي،
خارش
هجي، ڦلو هجي، اڇا پردا هجن، موتيو پاڻي هجي،انسان
بلڪل ندارد نابين هجي: هڪدم ميدان تي لهي اچي.
آزمائي ته هي سرمو ڪيئن نه منٽن جي اندر هرهڪ
امراض چشم کي شفا بخشي ٿو، بلڪ دوستو،
هڪ مادر زاد انڌي کي به ديد
بخشي
ٿو. آهي ڪنهن صاحب کي هن تحفي
بي بها جي ضرورت؟
چنيسر-اي انڌا ماڙهو سنڌ ۾ ٿيندا آهن.جو
ننڍي وڏي کي ڏس ته عينڪ اکئن مٿان چڙهي پيئي آهي،
اسان کي ته راضي شاهه پناهه ۾ رکندو. (سڀ کلن ٿا،)
پنجابي – طاقت جون گوليو، قبض ڪشا ۽ حب، ٻيون هر
قسم جون دوائون ۽ ياقوتيون هرهڪ جي
تعريف
بيان کان ٻاهر آهي.جنهن
صاحب کي ضرورت هجي، آواز ڪري گهري وٺي.
ورنه بيان بند ڪجي ٿو.
چنيسر – اي ته الاجي ڪهڙا نالا ڳنهي ويو؟ ٻيلي،
(سنڌي ءَ کي) هاڻ ته هڙئي ڪيئي پوري. مون دل ۾
چويو هو ته پير
سان
ڪوڙ ڳالهايان ته رڳو ڏوهه روپيا آنم، ائين ڪري
ڏوڪڙ بچائي ٿو وٺان، پر تو جي مان
کي
هي شيشا ۽ شيشيون وٺي کڻي ڏنا
اي آءُ رکندس ڪٿي؟
سنڌي
– ٿر مٿي اهي گهڻي ڪتب ايندءِ.
پنجابي ۽ سنڌي –
ميان چنيسر، هاڻ ڀلا پاڻ به هلون؟
سنڌي-
جيڪا صلاح.
پنجابي ۽ سنڌي-
ميان چنيسر هاڻ السلام عليڪم.
چنيسر-
ماليڪم سلام –کش هجو!
(پنجابي
۽ سنڌي
وڃن ٿا ته چنيسر پاسي ويهي، شيشيون ٺاهي ٻڌي ٿو، ۽
پئسا چلهه مان ڇوڙي سنڀالي ٿو.
پينسل ڪڍي ڪاغذ تي حساب ڪري پوءِ کلي ٿو.)
چنيسر-ڇهه روپيا جواري ڦري ويام،
ڏوهه
روپيا کليڦن رت ڪيام. پنج ۽ ٽي ٿيا اٺ، سورهن
داختر جي بلي،ڪل چوويهه
روپيا
ته
ٿيا ناس.
(باقي
روپيا ڳڻي ٿو،) باقي بچيا
آهن
ڇهه روپيا. (تڌو
ساهه ڀري هوءِ ڙي
سنڌ!
هرڻ جتي کائي آتي اوجهه ڏئي! ڪمائين به تون ته
وڃائين به تون،ٿر مٿي اي چوويهه روپيا ڪر سوکو ڪري
ڇڏينم ها! ٻين ڏوڪڙين جو اهڙو سور ڪيم ام، باقي
پير وارا ڏوهه روپيا ته ناحق ئي ناحق ناس ٿي ويا.ڪرامتون
ڪيتريون ڏٺيوسين!
پر ڦٽ مٿي ڪرامت ڪوبه اثر ڪونه ڪيو.
اها جٺ
مان سان ني دودي ڪي!(ٿڌو ساهه ڀري) هيڻا ڪا الله
سائين اهڙي واٽ ڪڍي ڏئيم، جوري پوريئي رپين
جا
ڍير لڳي وڃن! واه ڙي مولا! مالڪ اهيين. ٻانهي جو
سڏ سڻيج!
(سلفي
ڪڍي ٻه، چار سوٽا مس ڀري ٿو ته مٿان هڪ
لاٽري فروش هڪ ڪو ڏيندو اچي.
جنهن
تي ماڻهو اچي ٿا مڙن.)
لاٽري فروش-
لاٽري بخت سڪندر ٺاهي،
لاٽري جارج ڇهون بنائي. خريد ڪري جيءَ جنهن جو
چاهي،اچو
ٽڪيٽ پنجين رپين آهي،
اچو،اچو.
غريب
مان شاهو ڪار، فقير مان امير گدا مان شاهه، هاريءَ
مان زميندار، بيل گاڏي مان مرٽر ڪار، لاٽري اوهان
کي لاٽ بنائي، سون
سڄو گهر گهاٽ بنائي،
اچو،اچو
پنجين رپئين ٽڪيٽ،پهريون
انعام هڪ ڪروڙ، ٻيو انعام پنجاهه لک.چوٿون
انعام پنجاهه.
هزار، آهي ڪو بادشاهه جو خواهشمند؟ آهي ڪو امير
بڻجڻ جو آرزو مند؟ لاٽري اوهان کي قارون ڪري
ڇڏيندي. امپريل بئنڪ اوهان جي گهر ۾ رهندي، هٽلر
اوهان کان قرض گهرندو. مسوليني اوڌر گهرندو،
ٿيڻ جي شاهه گدا مان چاهيو،
ٻارڻ ٻچن کي ٽڪيٽ وٺايو،
لاکون رپيا انعام اُٺايو،
بنگلاماڙيون،
محل بنايو،
منڊم
وٺي موٽر ۾ گهمايو.
آهي
ڪو جو اچي؟ آهي ڪو جو وٺي؟ (ٽڪيٽ ڏيکاري) پنج
رپيا، پنج رپيا،
پنج رپيا پنج
رپيا.
چنيسر- اڙي همراهه،
نچين ٽپين پيو اهي ڪڄاڙو؟
لاٽري فروش-
توکي
خبر نه آهي؟
(ٽهڪ
ڏيئي ٿو.) اڙي چريا،هي
لاٽري جون ٽڪيٽون آهن. پنج رپيا ٽڪيٽ جو ملهه آهي.
هڪ مهيني کان پوءِ بخت کلندا، جنهن جو نمبر
نڪرندو، ان کي ڪروڙين رپيا ملندا،بختن
وارو
کائي!
پنجن رپين ۾ مزا اڏائي!
چنيسر- متان اهي اي پڻ ڪاپتن واري ڪار ڪم؟
لاٽري فروش- نه نه، هرگز نه، هي هر
شاهه
شاهوڪار
وٺي ٿو. ٻاويهن ڪروڙين جو ٽڪيٽيون ڏهن ڏينهن اندر
وڪامي چڪيون آهن.
وٺي ٽڪيٽ سو، دل جنهن جي چاهي،
بخت
نصيب ڀلي آزمائي!
چنيسر- ٻيلي، خدا کي بنهه هير سوال پي ڪيم ته ڪا
اهڙي واٽ ڪڍي ڏيئم جو ري ٻڪيءَ ٻاجهه ٿئي،
بناپوڙهيي روپيا ملنم.سائين شمشير علي شاهه به بکت
جي دعا ڪي آم. هاڻ
جواري
به ڦري ويم نه؟
هتي
به
کڻيو ٿو بکت آزمايان! ڇهن روپين مان پنج خرچي ٿو
ٽڪيٽ ڳنهان،
بافي
روپيو ڪنداسون خرچ پکو، تيسين وري آٺاڙيون اميد ته
ٿينديون پوريون، پاڻيءَ ڀراڻيءَ جا ڏوڪڙو پڻ ملي
ويندا (ٽڪيٽ فروش کي) ڀلا، هڪيڙو ٽڪس ته مون ڪن به
ڏيئي ڇڏج، پر بسم لله ڪري ڪڍيج،
لاٽري فروش-(ٽڪيٽ ڦاڙي ٿو،) بسم الله!
اچو، اچو باقي ٿوريون ٽڪيٽون رهيون آهن،
لاٽري ڙي لاٽري!
تنهنجو
مٽ نه ڪوثاني،
انڌي جي تون لٺ آهين، بکئي جي ماني.
(ٽڪيٽ
ڏئيس ٿو۽ پنج رپيا وٺي ٿو.)
چنيسر-
ڀلا،
هي لمبر ڪڏهن کلندا؟
لاٽري فروش-هڪ مهيني کان پوءِ او! هن سامهون پان
واري جي دڪانن تي نمبرن جي لسٽ ايندي.اتي
اچي ڏسجاءِ. ٽڪيٽ قابو ڪجان،
چنيسر- (ٽڪيٽ پٽڪي جي پلو ۾ ٻڌي) هاڻ
ڇٽو اهين، پٽڪو ڦاٽي وڃي ته ڀلين باقي ٽڪس نه وڃي.
لاٽري فروش –اچو، اچو جلدي جلدي جلدي باشاهه بنجو!
جلدي
جلدي راجا بنجو!
(ڊراپ
سين)
(ائڪٽ
ٽيون) (پردو پنجون)
(ٿر
ملڪ ۾، چنيسر جو ڪکائون چوُنرو.
چنيسر جي ڏوڪري، ناجل، منڌيءَ کي تعويذ ٻڌيو، ڏڌ
به ويٺي ولوڙي ته
ٿريڪو راڳ به پئي چوي. ٻار ننڍا پاڻ ۾ راند ويٺا
ڪن، مٿان دودو اچي ٿو.)
دودو- ڏوڪري ڪيئن، ويٺي
اهين کش؟
ڪو
تائيٿ ڪيو اثر ڪ نه؟
ڏوڪري-
دودا ادا، ڀاڻهين ته اسان کي سور ڏئي ڇڏيا آهن،
ڏوڪڙ ته ڪونه مڪئين، پر چوسون تائيٿ ئي ڀلو! پر
تون منهنجو ڀاءُ ويٺو آهين ته جڏانڪر تو تائيٿ آڻي
ڏنو آهي، او ڏينهن، هي ڏينهن، مکڻ اکئين ڪونه ٿا
ڏسون. جيڪو ذرو ٿيندو هو سو به صڦا بس! جهڳي جهڳي
مانجون ٻانهون ٿڪجو پون.
دودو- مائي، تائيٿ ته ميرپور واري پير لکيو آهي،
جنهن جون ڪرامتون ته اسين اکئين ڏسي آيا آهيون.
پوءِ ڌڻي ڄاڻي ڪو ٿي ويس!
ڏوڪري-
صدقي وڃان، مرشيد
جي نالي تون!
متان سنت ڪانه جڙي هوئهيس؟
دودو- سنت جي ڪهڙي ڳالهه ٿي پڇين؟ کليڦن
بنهه ويهون واهي
ڇڏيون، ڏوهه روپيا ڦريا اهنس وو!
ڏوڪري-
الله جو؟
دودو- سونهه!
ڏوڪري-
مئو پير
ته
ڪونه هو، ڪو ڌاڙيل هو ڪ! ڏهين روپين سان اسين ٻي
ڳئون ڳنهون
ها ته اٺ سير کير ٻنهي مهلين ڏئي ها.
دودو- ڪرامت ته اکئين ڏٺي ٿو سڻايهين. پير ته
ڏوهين پيرين جي مٽ هو. باقي تون جيئين کپيئي تيئن
چو.
ڏوڪري-
آ ادا، پر ڏسين نٿو؟ رهيو کهيو مکڻ به مورهين بس
ٿي ويو!
دودو- سائينءَ ڳالهه ڪا سمجهي نه هوئي ته ڀلين،
باقي
ڪرامت وارو بيشڪ هو. متان نائيٿ ابتو لکي ويٺو
هوئي ته ڪو شڪ!
ڏوڪري-
ته اِها ڳالهه ڪج. ٻيو اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي ويو!
ڀلاءِ، پوءِ آخر ڀاڻهين ايندو ڪه سنڌ کي ويٺو
رهندو؟
دودو- سڻايو ڪين هو هاڻ
پوڙهين واري اشڪول ۾ پڙهي پکتو ٿيو آهي؟ واڻين
کي
به
ڀلايو وڃي!
ڏوڪري-
(کلي)
الله جو؟
دودو- سونهه!
ڏوڪري-
اي ڪم ته ڀلو، پر هاڻ
نوڪري انگريچ ڳنان ڪڏهن جڙندس؟
دودو-
ڪالهه
ويو هو ڏيپلي، مصري
بجير
ڳالهه ٿي ڪي ته آئون ميرپور چنيسر کي گڏيو هوس.
ڳالهه ٿي ڪيئين ته اشڪولن واري وجير آڏر ڪيو آهي
ته پوڙهين جي اشڪولن ۾ جيڪي پڙهن ٿا، انهن ڪڻ
پٽيوالن جي نوڪري جڙندي.
ڏوڪري-
آ، ادا، پوءِ سڻ! (کلي ٿي) ڀاڻهين
کي
پوءِ
رتو پٽڪو به سرڪار مان جڙندو؟
دودو- ٻيو جي نه ته، ڊيپٽن ساڻ ڀيڙو ٿرين ته اچي
گشت ڪندو.
ڏوڪري-
(کلي ٿي)
آ،
ادا، پو پنهنجن ڪاڻ سڃاڻيندو ڪ
نه؟
دودو- چنيسر جون ٻيون پچارو ڇڏي ڏي. ماڙهو آهي
بنهه لائق. ميرپور ۾ جيڪو گوڏير ٿو مليس، ان ڪڻ
ماني ٽڪيءَ جي صلاح به مڙسا مڙسيءَ ٿو ڪري.
ڏوڪري-
هان، ادا، پوءِ تپيدار ڪڏهون ٿيندو؟
دودو- ايءَ سڌ ڪانهيم. پر ٿيندو مڙئي سگهيرڙو.
(اچي
چنبڙنس ٿا.)
ڏوڪري-
صدقي ٻچن تان وڄان، کوڙ روٽلا. رڳو جهڻ لپ
جهڳڻ
ڏيوم
(جهڻ ولوڙي ٿي ۽ راڳ ڳائي ٿي.)
(پردو
ڪري ٿو) |