حرف آغاز
سال 1939 ۾ محترم پير الاهي بخش صاحب سنڌ
جو وزير تعليم هو. موصوف پهريون دفعو بالغن جي
تعليم جو سلسلو جاري ڪيو. مان ان وقت ٿر پارڪر
ضلعي جو فرسٽ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر هوس ۽ مرحوم
عثمان علي انصاري مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص جو
هيڊماستر هو. تعليم بالغان لاءِ زمين هموار ڪرڻ ۽
عوام ۾ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ ننڍا ننڍا
مڪالما اسٽيج تي آڻي عوام کي خواندگي جا فائدا ۽
ناخواندگيءَ جا نقصان ٻڌائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي
وئي.
مرحوم انصاري صاحب مون کي فر مايوته
عرساڻي هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڻا مڪالما منهنجي هاءِ
اسڪول جي شايان شان نه آهن. تنهنجي زورِ قلم جو
آءُ معترف آهيان. اڄ تنهنجو امتحان آهي.هڪ اهڙو
مڪمل ڊرامو لک، جو آءُ پنهنجي اسڪول ۾ اسٽيج تي
آڻيان.
هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ڏنائين قلم هٿ ۾ کنيم.
هڪ سڄي رات ننڊ نه ڪيم ۽ ٻيو سڄو ڏينهن لکڻ ۾
مصروف رهيس ۽ هيءُ ڊرامو بفضل، خداوند تعالي
تڪميل کي پهچي ويو. ڊرامي جو نالو ”بدنصيب ٿري “
مرحوم پاڻ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڊرامي جو لب ولهجه
ٿري زبان ۾ هو.
مرحوم حافظ محمد صادق صاحب (ڊپٽي
ڊئريڪٽرايڊيوڪيشن) جو ان وقت مدرسه هاءِ اسڪول
ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ماستر هو، شاگرد کي ڊرامي جي
تياري ڪرائڻ جو ڪم ان جي سپرد ڪيو ويو. ڏينهن رات
جي محنت ۽ جفا ڪشيءَ بعد تياري مڪمل ٿي وئي ۽
تاريخ 7_مئي 1939ع تي ڊرامو پيش ڪيو ويو. ٿر پارڪر
ضلعي ۽ ميرپور شهر جي سڀني سربر آورد شخصيتن وڏي
اشتياق سان محفل ۾ شموليت ڪئي. صدارت ان وقت جي
ڪليڪٽر مرحوم نور نبيءَ ڪئي. ڊرامي جي سڄيءَ سنڌ ۾
جابجا تعريف ٿي ۽ هر هڪ جي زبان تي هن شاهڪار بابت
تحسين جا نعرا بلند ٿيا.
انصاري مرحوم ڊرامي جو مسودو پاڻ وٽ رکي
ڇڏيو ۽ جڏهن پاڻ ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي جو
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ ان سان گڏ ”سنڌيءَ لاءِ
مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، تڏهن
”بدنصيب ٿريءَ“ جي اشاعت جي مون کان 24 مارچ 1941ع
تي اجازت طلب ڪئي ويئي، جا مون بلڪل فراخدليءَ سان
برضاورغبت ڏني. مون کي اڍائي سؤ روپيه نقد پهريون
انعام ۽ اڍائي سو ڪتاب جون ڇپيل ڪاپيون معاوضي طور
ڏنيون ويون.
اشاعت بعد هن ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ اعلي مقام
حاصل ڪيو ۽ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ليکجڻ ۾ آيو.
محڪمه تعليم ان کي درسي ۽ انعامي طور ۽ لئبررين
لاءِ منظور ڪيو. اهو ئي سبب ٿيو جو هن ڪتاب جون
ڏهه ٻارهن ايڊيشنون هڪ ٻي پٺيان ڇپبيا آيا.
مان هن وقت پيرسن ٿي چڪو آهيان. ضعف بصارت
سبب پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم گهٽ ڪريان ٿو. ارادو ڪيم ته
پنهنجون جملي تصنيفات ”سنڌي ادبي بورڊ“ جهڙي نامور
اداري جي سپرد ڪريان، جئين هي منهنجون ڪاوشون
محفوظ رهي سگهن. ان ڪري مذڪوره بورڊ کي التجا ڪيم
ته منهنجا ڪتاب اداري جي تحويل ۾ ورتا وڃن. مون کي
پئسن جي لالچ نه آهي. بورڊ سڳوري جيڪي به ڏنو مون
کي قبول آهي.
”پريان سندي پار جو دُڪوئي دولت“
سنڌي ادبي بورڊ ڪرم فرمائي منهنجي آڇ قبول
ڪئي ۽ پنهنجي ٻين ڪتابن سان گڏ هيءُ ڪتاب ”بدنصيب
ٿري “به قبول فرمايو. چونڪ هيءُ ڪتاب هن وقت سنڌ
جي ٻن دانشگاهن يعني ڪراچي ۽ حيدرآباد بي اي آنرس
لاءِ سال روان کان درسي طور منظور ڪيو آهي. لهٰذا
سنڌي ادبي بورد ان جي پهرين اشاعت، آب وتاب سان
ڇپائي ناظرين ڪرام جي اڳيان موجود ڪئي آهي.
منهنجي خيال ۾ اها هڪ وڏي بي انصافي ٿيندي
جيڪڏهن هتي آءُ سنڌ جي لائق فرزند، علم جي قدردان،
خود هڪ اعلي اديب ۽ نواز محترم غلام رباني
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي شڪر ادائي نه ڪريان،
جنهن صاحب، مون کي پنهنجا ڪتاب بورڊ جي حوالي ڪرڻ
جو مفيد مشورو ڏئي منهنجي دل جي مراد پوري ڪئي.
حيدرآباد، سنڌ
والسلام
2-اپريل-1974ع
محمد اسماعيل
عرساڻي
بدنصيب ٿري
(ائڪٽ پهريون) (پردو
پهريون)
]ميرپورخاص
جو شهر سيٺ سڄڻ مل جي اوطاق ۾ سندس نفر ’ڍالو‘ ڇنڊ
ڦوڪ به پيو ڪري ۽ آهستي آهستي ڳائي به پيو:
اڄ عشق ۾ اوهان جي مون ڪيو مٿو اگهاڙو،
جوانيءَ ۾ جلد مل، نه ته ٿي ويندس ڪُراڙو.[
(مٿي تي هٿ هڻي) بابا، سڀ ڀا ڳ جو ڪم آهي.
آهن ته سيٺيون به ته اسان جهڙا ماڙهو) پر ڏس طولن
کي ٽيڪ ڏيو، ڪيئن نه ويٺا موزون ڪن! اسين ته پرڀات
کان وٺي اڌ رات تائين، سکڻن سترهن رپين لاءِ رت
ولوري ڀت ٿا ڪريون، ته به پر ماتما جي قدرت، مار
پوي سيٺين کي، راڄي ته بنهه نٿا ٿين! (ٿڌو ساهه
کڻي) وري به شخر جو منهنجو سيٺ سڄڻ مل ته ڪنهن حال
۾ آهي. ٻين نڀا ڳن جون ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته لگ ٿا
ڪانڊارجن. شال ڍڪيءَ جو ته منهن ئي نه ڏسجين!
اتي “چنيسر “ نالي هڪ ٿري، روزگار جي ڳولا
۾ ڀٿڪندو، اوطاق جي ٻاهرينءَ ڀت جي ڀر سان اچي
ڪانب ڪڍي ويهي ٿو. کٿي جي گوڏ ٻڌل اٿس، بدن تي ڊ
گهي ڦاٽل ۽ صدري ۽ مٿي تي ڇنل پٽڪو اٿس. وَرَ مان
سلفي ڪڍي وزم ٿو ڀري ۽ ڏوهيڙو ڏئي ٿو.)
منهنجي تلور تلين ۾، آءُ هت بند ياڻي،
مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾، ڦڙهه ۽ لاڻي،
ڪنديس رهاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾.
(ڍالو نفر ڏوهيڙو ٻڌي، ٻاهر ڀرو ٿئي ٿو ۽
چنيسر ڏانهن گهور ڪري نهاري ٿو. ڏوهڙي ختم ٿيڻ
تي هڪدم چويس ٿو.)
ڍالو_ متان ٿر يو آهين ٿر يو ؟
چنيسر _ (نوڙت سان هٿ ٻڌي) هائو سيٺ، گريب
ٿري آهيان،
ڍالو _ آهين ڪنهن ڌنڌي سان، ڪين وتين ٿو
ٽيشن تي ڳنڍيون ڪپيندو؟ (کلي ٿو)
چنيسر _ (ٿورو ڊڄي) نه ڙي سيٺ، مشڪين آهيان،
پيٽ گذر پيو نهاريان.
ڍالو _ (پنهنجي منهن) ٻيلي، سيٺ جي ڪوٺيءَ
تي، اوطاق تي، گهر منجهه، اندريون، ٻاهريون، مطلب
ته سورو ڪم آهي منهنجي سر تي. روج ٿو دانهون
ڪريان، پر سيٺ چوي ته ڪو ٿري ڄٽ ٿورڙي پگهار تي هٿ
ڪر، جو گانين جي شيوا ڪري ته تنهنجي جند ڇٽي پوي.
هاڻي ته وجهه آهي هن ٿريءَ کي ڇو نه وٺي کڻي
وهاريان ! (ٿريءَ کي) اڙي نانءُ ڇا اٿئي ؟
چنيسر _ سيٺ، چيسر “
ڍالو _ نوڪري ڪندين ؟
چيسر _ (مرڪي) سيٺ، عائون، ڪندوسين “
ڍالو _ پگهار گهڻو وٺندين؟
چنيسر سيٺ، او تو جي اکتيار[1]
آهي، ڪم ڏسي پوءِ قدر ڪج.
ڍالو_ تڌهن به، ابا ٻولي چڱي آهي،
چنيسر _ سيٺ، پو ڪم ڪهڙو ڪبو؟
ڍالو _ گانين جي کڙ ڪتر، ڏهائي، وٿاڻ جي
صفائي، ٻيو وري ڪهڙو ڪم!
چنيسر _ راضِي شاهه ڀلو ڪندءِ، مال چاري
پياري متارو ڪري ڏيندوسين، الا جو سونهه !
ڍالو _ چڱو ترس ته سيٺ وڏو اچي ته پگهار جي
صفائي ڪريون، اچي اندر ويهه“
چنيسر اندر اچي ٺهي ٺڪي ويهي ٿو ۽ ڏاڙهيءَ
تي هٿ پيو ڦيري. ايتري ۾ سيٺ سڄڻ مل به اندر اچي
ٿو، ڍالو نفر کي رام رام ڪري ٿو ۽ چنيسر نئڙي
سلام ڪريس ٿو، سيٺ هڪ ننڍڙي ڊيسڪ جي ڀر سان گدي تي
ويهي ٿو ۽ عينڪ ڪڍي پائي ٿو، ڀر ۾ رکيل بنڊين مان
هڪڙي کولي لکڻ شروع ڪري ٿو، ذري بعد عينڪ مٿي کڻي،
ڍالو ءَ کي چوي ٿو)
سيٺ _ اڙي هيءُ ڪير آهي؟
ڍالو _سائين هي ٿري آهي، ويچارو غريب اشراف
آهي، روجگار کپيس، گانين جي شيوا چڱي ڪندو. سيٺ _
(چنيسر کي) ابا، تون ڪاٿي ويٺو آهين؟ چنيسر _
(منهن تي مرڪ) سيٺ، پنهنجي گهرين، پيا ڏهاڙا
ڪاٽيون،
سيٺ _ ابا، اهو ٿو پڇانءِ ته گهر ڪاٿي اٿئي؟
چنيسر _ (هٿ سان به اشارو ڪري) سيٺ، ٿر مٿي
وو!
سيٺ_ (ٿورو خفي ٿي) پر ٿر ۾ به ڪهڙي هنڌ؟
چنيسر _ او هتان نه ڍري پوندين ٿر کي، ته
ڏوهه ٻارهان ڀٽون اُڪري، اربابين واريءَ ترائيءَ
مٿان، اوڍائي مٿان، ڇڇ مٿان، ڇپڻهار مٿان، اڪري،
هٿرائيءَ واري سن مٽي، اوڀر ندينءَ ڀٽ مٿي چونرڙا
نظر ايندءِ او، اتي ڇيلڙا وٺيو، ويٺڙا ڌينهڙا
گهاريون.
سيٺ _ (پنهنجي منهن) کو ٻلي بڪ ته ڪيتري ڪئي
آهي؛ (چنيسر کي) ابا، هتي ڪو سڃاڻي به ٿو؟
چنيسر _ (ڳٽڪار ڪري)
[2] سيٺ، هي ماجو
پهرو گهمرو آهي، جو سنڌ کي ڍري پيو آهيان. هيل سال
ڇنڊون پيون گهٽ، الا جو سونهن! ڏاڍو ڏڪر آهي. ڪک
مور ڪونه جڙي، سال بنهه مري ٿو. سگهو ڪو سائين
سانوڻ کي آڻي، ته پوءِ سيٺ کي چوئان؛ مان واري
ڍاٽيءَ مٿان چاڙهي، توڳن ڌيپلو گهمائي اچان. ڏاڙهي
آ مونجي (3) (ڌاڙهيءَ تي هٿ گهمائي ٿو،)
سيٺ _اڙي ايتري ڊيگهه ڇو ٿو ڪرين؟ ٻڌاءَ ته
هتي ڪو سڃاڻئي به ٿو؟
چنيسر _ سيٺ، سڃاڻي وري ڪو ڪونه ٿو؟
سيٺ _ پوءِ اسان کي ڪهڙي ڪل تون ڪهڙي چال جو
ماڻهو آهين؟ سڀاڻي چوري ڪري وڃين ته ؟
چنيسر _ (ڳٽڪار ڪري) نه ڙي سيٺ، نه. چوري
مونجي ڪتي جو به وڙ نانهه. اسان مارو ماڙو پرائيءَ
شيءِ کان ڀڇ پري وو؛ اي ڪم اُن سنڌ ين جو.
سيٺ _ (مرڪي به ٿو، مٺيان به ٿي لڳيس) اڙي،
هاڻي گهڻو بڪيئي معتبر! ٻڌاءِ ته پگهار ڪيترو
وٺندين؟
چنيسر_ تون پاڻ لائق آهينئين. آءٌ ڪو
چُوئان؟
سيٺ _ چڱو، اَٺ رپيا مهينو قبول اٿئي ؟
چنيسر _سيٺ، قياس وارو ماڙهو ٿي قدر ڪونه
ڪيئي. ڇوڪريا ڇوڪريا پنج روپيا چنڊان چنڊ پيا
ڪمائين مان ڏاڙهيءَ سين مڙس، اٺ روپيا ڳنهان؟ جي
مٿي نه، ته به ڇو ڪريين جيس ته ڪرينم پگهار منکي
مرضي ءَ تي ڏي، پوءِ ڪم نه وڻئي ته ڀلين لاهي کڻي
اٺ ڏج.
سيٺ ۽ نفر کلن ٿا.
چنيسر _(سيٺ کي) ڪو، سيٺ کيلين ٿو ؟
گير واجبي چو اٿمين ڪم؟
سيٺ_ چڱو ڀلا، رپيا پنج مهينو تنهنجا قبول
ڪم ايمانداريءَ سان ڪجان ۽ (نفر کي) ڍالا، وڃي، هن
کي وٿاڻ تي ڇڏ ۽ڪم ڪار سمجهائي اچينس.
(ڍالو ۽ چنيسر ٻئي وڃن ٿا،)
(پردو ڪري ٿو)
(ائڪٽ پهريون)
(پردو ٻيو)
(سيٺ سڄڻ مل جي گانين جي وٿاڻ جو ٻاهريون
ڀاڱو. چنيسر اچي ٿو. سلفي هٿ ۾ اٿس. ڪانڀ ڪڍي ويهي
ٿو ۽ ڏوهيڙا ڏئي ٿو.)
ماڙي چڙهي ماروئي، ٿي مارن موڙا ڏي،
چي، سڪ نه آندم سومرا! آندم ايرادي،
ته ميان موڪل ڏي، هن نماڻيءَ کي نٿو چئي.
الوالو
ڪريو مهاڙ ملير ڏي اُڀيائي آهي،
جامٿي ڏنيس ماروئن، سا لوئي نه لاهي،
او سومرا! ساهي، ستيءَ وجهه ۾ سنگهرون.
الوالو
ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،
نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙ ي،
نڱي ڪوڪ قلب سان، منجهان روح رڙي،
او ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.
الوالو
(سلفي سان سوٽا ڀري پنهنجي ئي منهن) ٻيلي،
ملڪ ته ٿر به امير آهي! پر هنين ڏينهين ته ڪوري بک
واهه ڙي ميرپور واهه! جهڙو سئيومين تهڙو ئي
ڏٺومين. شخر آهي! نوڪري ته جڙي، پگهار به ٺاهو ڪو.
مونجون ڪهاڻيون سڻي، سيٺ ويو موهجي! حال ته ڪمايون
ٿا چار ڏوڪڙ، جڏهين نه ڇنڊون پيون تڏهن وينداسين
وطن. (وري سلفي مان ڦوڪ ڀري کنگهي ٿو، پوءِ ڪافي
ڳائيندو، وچ وچ ۾ ڏوهيڙا به پيو ڌئي.)
1_ عمر رات ٻڌيون مون ڪي تاڙن تنوارون،
ستي ٿيون ستائن سنگهارن جون سارون،
هن مند مارون سنڙا، ويڙهين وڳ وارين،
ڇڇئان ڇيڪارئون ڇيلڙا، پٽين پهرائين،
نيڻ منهنجا ان کي ججهو جر هارين،
تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون،
2_ ڪيا ويس وڄڙين کنوڻ نت کسلي ٿي،
ڪري گوڙ واڄا، سڄن ٿيون ستارون،
پهري ڪيا پٽن ۾، وڄڙين وڌاڻا،
سور انين سومرا منگي اندر اڌاڻا،
اُوٺي ويڙا اُڪري، عمر! اباڻا،
ٻڪر ٻاٻاڻا، بسان شال پر ڪنهين!
3_ آٺا مينهن موٽي، ٿيون سايون ڀٽون سڀ،
چرن چاهه سان ڇيڪ ڇيلن قطارون.
جهڙڦڙ مٿي مارئين، جت چيها، چلڙ، چڪ،
اندر ٿو اُڃ مري، ساهه انهن جي سڪ،
پيؤن ساڻ ٻڪڻ ڀري، تان ڏيئي تڪ،
ور پريان سين پڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گهوريا،
4_ وڃان مان ملڪ موٽي، وطن ڏي وڇوڙيل،
متان ڏين مارو ڪي مٺيءَ کي ميارون.
اِيءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙي سين نه مسٽيان الا الا.
(اتي ڍالو نفر اندر لنگهي ٿو اچي)
ڍالو_ چنيسر، ڪيئن؟ ويٺو آهين موز ۾؟
چنيسر _ ڀائي، شخر آهي. سيٺ وٽ به ٻيو چنڊ
ٿو ڏسجي! مال مٿي پورهيو ڪري ڳويون
· به متاريون ڪيو آم
· پوءِ به سيٺ ذري ذري ڪري ٿو ڏمر چوي ته تون آهين صفا
چٽ بيوقوف اسين لسيءَ لپ جي سوهنج
· تي اٽڪيا پيا آهيون. مارو ماڙهو تڙين مٿان پاڻيءَ ڀرڻ جا مهند
ئي ملوڪ آهيون.
ڍالو_ ٻيلي هاڻ ڇڏ ڪاوڙ. وٺ هيءُ رپيو. ڪڪڙا
ويا آهن کپي. جيسين ٻي ڳوڻ وٺون، تيسين پنج سير
مورند واڻئي جي هٽ تان وٺي اچ. پر اچ سگهو، وئين؟
ڊوڙ ڪر، هان؟
چنيسر _ (رپيو هٿ ۾ وٺي) هن سڄي جا پنج سير
ڪڪڙا جڙاندا ڪه؟
ڍالو _ اڙي، نه ڀوڪ! جيتري پنج سير ملن،
اوترا پئسا ڏيئي، باقي ڏوڪڙ موٽائي وٺجانءِ.
چنيسر _ (کلي) تون ته چوئين ٿو، پر هو به ته
مهندان موٽائي ڏي ڪه. واڻئي ڪن روپيو جڙي ته مايڙي
مريس جو هيڪڙي ڪوڏي به واري کڻي ڏي.
ٿرين ته ڪيراڙن ڪن پائي وات ۾ وجهي، ست
مُڪون ٺوڪي کڻي هڻ، جي کڻي وات اَپٽين،
هيڪڙا ڏيندو ڪڪڙا، ٻيا وري ڏيندو ڏوڪڙ؛
اي آءُ ته ڪونه ٿو مڃين، تون مڃين ته ڀلين!
ڍالو _ (کلي) اڙي اهو ٿر ڇڏي آئين. هتي توکي
جيڪي پئسا موٽندا، سي واپس ڏيندو.
رڳو تون سچا ڏسي وڍجان ءِ.
چنيسر _ (کلي ٿو) سچا ڪ ڪوڙا ڪ؛ ڏوڪڙ به سچ
ڪ ڪوڙ ڪندا آهن ڪم؟
ڍالو _ ٻيلي، هاڻ جند ڇڏ، وڃ وڃ، سر نه چٽ.
چنيسر _ (هٿ ٻڌي) حاضر حاضر.
(چنيسر وڃي ٿو. پر دو چڙهي ٿو.)
(ائڪٽ پهريون) (پردو ٽيون)
(مورند واڻئي جو هٽ، اَن جون ڳوڻيون، پسار
جا پارڙا ۽ ڪنا، تيل ۽ گيهه جون دٻيون وغيره آسپاس
رکيل، ”مورند“ آسڻ تي ويٺو آهي، هرو ۽ کٻيتو، ٻه
گراهڪ اڳ ۾ ئي بيٺا آهن. مٿان چنيسر به اچي ٿو.)
چنيسر _ (ايندي ئي هڪل سان) اڙي سيٺ ! ڪڪڙا
ته ڏيجينم، پنج سير پڪا.
مورند _ (ڇڙٻ ڏيئي) بيهي ته ملنئي ٿا. تڪڙ
ڇڌ. چنيسر _ (آڪڙ مان) ڪي پئسا ڪين ٿو ڏيين ڪي جو
ڏڙهين ٿو ؟
مورند _ (ٿڌو ٿي، نرمائي سان) با با، تو کان
اڳ ۾ ٻڪي بيٺي آهي، تنهن کي ته هلايان. تون به ٿو
پتڻ پهچين.
چنيسر _ (خفي ٿي) سيٺ، اي تو هجي منهن مٿي
نٿو پوئي، اکر ڪهڙا ٿو اچاريين.
(سڀ کلن ٿا)
مورند _ (ٻن بيٺلن گراهڪن کي) ٻيلي، اوهين
چئو مون ڪهڙو گٿل لڦج ڪڍيو؟
چنيسر _ (موروند کي) اهو تپڻ ڪڄاڙو چئي؟
مورند _ (کلي) اي! پتڻ چيم پتڻ، ڪڏهن اهو
اکر ٻڌو ڪين اٿئي ڇا؟ پر ٻيلي، تنهنجو ڏوهه ڪونهي،
تون آهين ٿريو، تو کي ڪهڙي خبر پتڻ جي؟ اوهين پاڻي
سرڪ کي سڪو، اوهان کي پتڻ ۽ ٻيڙين جي ڪهڙي ڪل؟
چنيسر _ (اڇل مان) هائو، ٻيڙين جي ڪر ته رڳو
ان سنڌين کي! (کيسي مان ٻيڙيون ڪڍي، ڏيکاري) هي
تڏهن ٻيڙيون نه آهن ته سرن جون تيليون اهن ڪر؟
(سڀ کلن ٿا)
مورند _ ٻيلي اسان توبه ڪئي، جهل گندي،
پهرين تون وٺ ڪڪڙا، لاهه لڙ،
(ساهمي کڻي ڪڪڙا تورڻ وڃي ٿو،)
هرو _ (خارن وچان) اسين بيٺا پنڪيون کائون
هي ڄٽ ڄمائي، سودو اسان کان اڳ وٺي ٿو وڃي! اسين
تڏهن وڃون هليا ٻيو
مورند _ (پر ڀائڻ طور) ابا، پهرين تون،
پهرين تون، کيتو _ (ڇوٽ مان) پهرين پهرين جي ڳالهه
ڪانهي، اهڙي ٻه اکيائي ڪندين ته دڪان اسان کي به
کٽا ڪو نه آهن.
(ائين چئي هرو ۽ کيتو ٻئي ڪاوڙجي هليا وڄن
ٿا.) مورند_ (پنهنجي منهن) نوٽ آءُ به جيڪي اوهان
واڻين مان وٽيان ٿو، سي گهوريا ! اسان کي ڪمائي
آهي (چنيسر ڌي اشارو ڪري) هنن جاهلن سان، (اوهان
مان) ڪهڙي اپت اٿئون؟ رپئي جي سودي مٿئون ٻه ڏوڪڙ
ڪماياسين، ته به وڏو ڇيهه (تنهن وچ ۾ چنيسر گندي
پکيڙي آهي، مورند ڪڪڙا توري، گندي ۾ وجهي ٿو،) چي،
هي برکت،هي سائين ٻه، (راڳ ۾) او، سي ٿيا ٽي،
(ٽيون سير سچ پچ توري ڪو نه ٿو) وري هي چارسي ٿيا
پورا پنج (پنجون سير به اڌگيدو توري ٺڳي ٿو وڄيس)
ميان چنيسر! هاڻ ڪڍ ڏوڪڙ، تنهنجي ڪري ڏس ٻه گراهڪ
وڃاياسين.
چنيسر _ (اول ڪڪڙا گندي ۾ سوگها ٻڌي، پوءِ
پٽڪي جي ور مان رپيو ڇوڙي، مورند کي ڏيئي) وٺ وٺ،
ڀڄي مور ڪين ٿو وڃان. باقي ڏوڪڙ واري ڏي، ڪڪڙن جو
ڪيترو ٿيو ؟
مورند _ بابا، سو ائين چئين آنين ڪڪڙن جا
پنج سير، باقي تنهنجا ٿيا سوا ڏهه آنا، سي پنهنجا
وٺ. (سوا ڏهه آنا چنيسر کي ڏيئي مورند هٽ جي
اندرئين ڪمري ۾ هليو ٿو وڃي، چنيسر به هٽ کان
هيٺڀرو ٿئي ٿو، منهن ۾ هڪڙو جوان گڏجيس ٿو.)
چنيسر _ (جوان کي هڪل ڪري) اڙي جوان، هي
ڏوڪڙ ته ڌسي ڏينيم ته گهڻا اهين؟
جوان _ (ڏوڪڙ وٺي، هڪ ٻه ڪري ڳڻي) سوا ڏهه
آنا اٿيئي. (ڏوڪڙ واپس چنيسر کي ڏيئي) اڙي ڇو،تو
کي ڏوڪڙ به ڳڻڻ ڪو نه اچن ڇا؟
چنيسر _ (ڏوڪڙ واپس وٺي) پنڊ کي پتوئي ڪو نه
پوئي، اي ڪم آن پڙ هلين جو. (جوان وڃي ٿو هليو، هي
به آهستي سوا ڏهه آنا، چوندو، ٻه وکون مس کڻي ٿو
ته ور انگ وسري ٿو وڃيس، سو اتيئي ويهي ويچار ڪري
ٿو) چه چه ليکو ته ڀلجي ويو. هاڻ، سيٺ ڪن ڪهڙو
جباب ڪندس؟ (ٿڌو ساهه ڀري) انڪري پڙهيل ماڙهو
کاشو! الله وسري وڃيس، ڏوڪڙ نه وسريس. انهيءَ
ڳالهين شهري ماڙهو بنهه پکتا! (اتي ٻيو جوان اچي
لنگهي ٿو، چنيسر انهيءَ کي سڏي) اڙي يار ڳالهه ته
سڻ.
جوان _ ڇاٿو چوين ؟
چنيسر_ وڙهين ڪونه ٿو. رڳو ليکو ٿو پين. هي
ڏوڪڙ ته ڳڻي سڻائينم. ڏوڪڙ ڏيئس ٿو)
جوان _ (ڏوڪڙ ڳڻي، اتي جو اتي چنيسر کي واپس
ڪري) هي مڙ ئي سوا ڏهه آنا آهن.
چنيسر _ (کلي ٿو) هائوڙي هائو! هنن همراهه
به سوا ڏهه آنا سڻايا هوم. (جوان کان) سوا ڏهه آني
۾ ٽامي وارا ڏوڪڙ گهڻا ٿيا؟
جوان _ ايڪتاليهه پئسا.
چنيسر _ (عجب ۾) هئو گازي؟ ڀلا پايون؟
جوان_ سئو ٽيويهه.
چنيسر_ (تنهان ئي وڌيڪ عجب ۾) سئو ٽي ويهون
وو!
جوان_(کلي) اڙي، هڪ سئو ۽ ٽيو يهه، سئو ٽي
ويهون نه.
چنيسر _ ڳالهه تساڳي ٿي ! چوندا ڪين آهن ته
جهڙي سٺ، تهڙي ٽي ويهون، مون کي ڀلايين ڪو ٿو؟
جوان_ (کلي ٿو) متان ٿريو، آهين ٿر يو؟
چنيسر _اهيان ته بروبر ٿريو، پر سڻ ته سهين،
هو ليکو ڀلجي ويس، ڏوڪڙ گهڻا ٿيا ؟
جوان_ (کلي) اڙي، سوا ڏهه آنا پٽڪي جي
پلاند ۾ سوگها ٻڌي، وات سان چوندو وڃي، سوا ڏهه
آنا، سوا ڏهه آنا.)
(پردو ڪري ٿو)
(ائڪٽ پهريون) (پردو چوٿون)
(مير پور خاص جي هڪ گهٽي، چنيسر وات سان سوا
ڏهه آنا، سوا ڏهه آنا جهونگاريندو، اچي ٿو اتان لا
نگها ٿو ٿئي. اتئي ڪن تي هٿ رکي ڪافي ڳائي ٿو ۽ وچ
وچ ۾ ڏوهيڙا به ڏئي ٿو)
عمرا آءُ مري تان نه ڇڏيندي، سومرا !
مٽي مروئڙن جي.
1_ مينهن اُٺي مارئين لا لڻ ساڻ لڏ يندي،
مٽي ماروئڙن جي.
واجهائي وطن کي آءُ جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا ! ڪچ پهنوارن پاس،
ڏج ڏاڏڻي ڏيهه جي، سنجهان ولڙن واس،
ميا ئي جياس،جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
2 سري منهنجي سومرا ! ٿرن ڪين ٿڪيندي،
مٽي
ماروئڙن جي.
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
هي سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان !
مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان!
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ۾.
3_ هميراڻا هٿڙا، مهري ڪين مڃيندي،
مٽي ماروئڙن جي.
ڪريو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ،
سهج سوري ڀانئيان سومرا ! سندوءِ،
ملڪ ماروءَ جي آهيان، جور نه ٿيان جوءِ،
سوقلب ڪوٽ نه هوءِ جو هتيجن هٿ ڪيو.
(ڪافي ۽ ڏوهيڙا پورا ڪري، وري به وات سان
سوا ڏهه آنا، چوندو هليو وڃي ٿو)
(پردو چڙهي ٿو).
(ائڪٽ پهريون)
(پردو پنجون)
سيٺ سڄڻ مل جي ڪوٺي. سيٺ صاحب طول کي ٽيڪ
ڏيو گديءَ تي ويٺو آهي. پاسيرو ڍالو نفر ڌاڳا ويٺو
وٽي، وچ ۾ بلغاري چلم ٽيڪي رکي آهي، جنهن مان سيٺ
ڦو ڪون پيو ڀري، ڪوٺيءَ جي ٻاهران هڪڙو“ قلندر
فقير، جنهن کي مٿي ۾ لڏندڙ شيشن واري تاج ڍڪيل
آهي، سو سئن پيو هڻي.)
قلندر_ اي سيٺ وڏا ڌڻي ڪندءِ ۽ تنهنجو ڀلو،
اسان مشڪين کي پالهو نه موٽاءِ.
سڄڻ مل _فقير، کدا جي واسطي مٿو نه کاءُ.
قلندر_ او، رب سائين وجهندءِ ٻنيءَ ڪنيءَ ۾
برڪت! سوالي ءَ کي در تان خالي نه ڪڍ.
سڄڻ مل_ چيو مين هُل نه ڪر، ماٺ ڪري هليو
وڃ.
قلندر _ او ننگر سيٺ، نالي نانءَ ڌڻيءَ جي
اڄ ته ڪو قرب ڪر. روز اسين به ڪين ٿا اچون پنجين _
اٺين مهيني آياسين نه آئي جهڙا.
سڄڻ مل _ (هڏي ڏيئي) اڙي، هاڻي گهڻي بڪ
ڪيئي. اشراڦ، شراف جو تکم آهين ته وڃ باجار ۾،هتي
بيهي گوڙ نه ڪر نه ته ٻڌايانءِ ٿو، مان اهڙو کراب
ماڻهو آهيانءِ جو پوليس کي گهرا ئي، اتي جو اتي
رستي روڪ جي ڏوهه ۾ ٽنگائي ڇڏيندو سانءِ..
قلندر _ (سيٺ جي ڌمڪائڻ تي نه ڌمڪجي).
مايا اچڻي وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي پاءِ.
ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ،
سڦلي ٿيندي ساءِ جا ڏيندين نانءَ الله جي.
هردو دنيا دار جو پاهڻ کان به پري،
ديا نه اٿس دل ۾، جو دمڙي ڌرم ڪري.
(اهي بيت سر سان ڳائيندو، پڇاڙيءَ ۾ مست
قلندر جو نعرو هڻندو، هليو ٿو وڃي. سيٺ سڄڻ چلم به
پيو ڇڪي ته رکي رکي يا ته پيٽ پيو مهٽي يا به
اوڳرائي ڏيئي، وچ وچ ۾ چوي پيو واهگرو! واهگرو!
سچا پاتشاهه ! کئير سک سان نڀاهه ! ٿوري دير کن
رکي، ڍالو کان پڇي ٿو!)
سيٺ _ اڙي ڍالا، اڃا چنيسر ڪونه آيو ؟
ڍالو _ سيٺ وڏا،نه.
سيٺ _ ڪا مهل ٿي اٿس ! وڃي گرق ٿيو ڇا ؟
(اتي چنيسر اچي سهڙي ٿو) اڙي، ڪڪڙا آندءِ؟
چنيسر _ آنهه آنهه·
سيٺ_ (گنديءَ ڏي اشارو ڪري.) تڏهن گنديءَ ۾
ڇا اٿئي؟ ڪهڙا آهن نه؟
چنيسر_ آنهه آنهه.
سيٺ_(چنيسر جي هٿن مان گندي کسي ۽ کولي)
اڙي، هي ڪڪڙا نه آهن ته ٻيو ڇا آهي، بيوقوف پوءِ
به آنهه آنهه پيو ڪرين!
چنيسر _آنهه آنهه نه ڪيان ته ٻيو نهڪار
ڪريان ڪ؟
سيٺ _ آنهه آنهه معني هائو ڇا؟ (چنيسر ڪنڌ
ڌوڻ سان ها ڪري ٿو ۽ سيٺ کلي ٿو.)
سيٺ _ چرين ٿرين ساان اچي ڪم پيو آهي ! اڙي
مون کي ڏي باقي ڏو ڪڙ.
چنيسر _ (پٽڪي جي پَلوَ مان ڏوڪڙ ڇوڙي، سيٺ
جي هٿن ۾ ڏيئي) هٻي وٺو پانجا ڏوڪڙ.
سيٺ _ (ڏو ڪڙڳڻي) اڙي ڪڪڙا پنج سير گهڻي
مليا؟
چنيسر _ سوائين چئين آنين.
سيٺ _ته پوءِ باقي پوڻا ٻارهن آنا کپن. تو
سوا ڏهه آنا ڪيئن آندا؟
چنيسر _ سيٺ اي مشڪري ڇڏ. مون واٽ مٿي ٻن
همراهن ڪنان ڪين پڇو هو ڪ؟
سيٺ _(ڪاوڙ مان) بيو قوف ڪري ڇاٿو ؟اڙي
!باقي ڇهه پئسا ڪڍي ڪر ٻاهر.......
چنيسر _ (مر ڪي) مون کي متان اوڳو لڌ واٿئي
ڪ؟
آءُ ليکي جو تو ڳنا به پکتو آهيان. مون کي
ڀلايين ڪو ٿو؟
سيٺ _ (وڌيڪ ڪاوڙجي) هڪڙو ڇسو بيو قوف،ٻيو
وري پاڻ کي سمجهي قابل! مار پوءِ تو مان ڦا ٿو ڇو
اچي آهيان؟ پگهار ۾جيڪا ڪڦا يت پئي، سا ته تو ٽوٽا
وجهي ڪئي پوري، هاڻي ڪندين ڀانيان ٿوته ڪار کانو
ئي ڪوچ! (خار مان) نه کپي تنهنجي نو ڪري، وڃ هليو
_ وٺ هي مهِني جو پگهار (پيڍيءَ مان ڪجهه ڪڍي ٿو).
چنيسر _لوڌيين ڪو ٿو؟ پگهار ڏي ته رمندو
رهان، ناحق ڏاڙهيين ڪوٿو؟
سيٺ _ (نوٽ،چنيسر کي هٿ ۾ ڏيئي) وٺ پگهار،
وڃ نڪر!
چنيسر_(نوٽ _هٿ ۾ وٺي، اتي ئي موٽائي)
نوڪريءَ مان ٿو ڪڍين، پوءِ چٺيون ڪڄاڙي جون ؟
سيٺ _ (وائڙ وٿي) اڙي چٺي ڇاجي؟ ڀوڪ، هي نوٽ
آهي پنجن رپين جو!
چنيسر _ (نوٽ کي ووٽ سمجهي)
ووٽ وڃي ڏي ارباب تو
ڳاچيءَ
کي،
اسين باهه ڏيونس ڪ،
چرچو گهٻو ڦٽو ڪر.
اسان ڪن ڏوڪڙ ڏي ته موٽي ماڳ وڃون.
سيٺ
_ (برٽي)
الوءَ
مان ڦاٿس مرڳو!
چنيسر _ علو ڪهڙو؟
مونجهي جند ڇڏاءِ
پوءِ علو
ڄاڻي تون ڄاڻ.
سيٺ
_ (ڏند
ڪرٽي.
پيڍيءَ مان پنج رپيا ڪڍي،
چنيسر ڏانهن اڇلي،
ٻڌ پٽڪي سان، ڀڄ.
چنيسر_ آهن گهڻا؟
سيٺ_
ٻڌءِ ڪونه؟
پنج.
چنيسر _ اهن ته ڀلا ؟
سيٺ
_ (ڪاوڙ به پيئي لڳيس، کلي
به ٻيو) ڀلا ڀلا!
چنيسر_ (سيٺ کي پير ين پئي موڪلائي)
چڱو هاڻي دعا ڪج چيو چايو بشڪ
· ڪجانءِ،
اسان تو جو ليمڪ
· کاڌو
آهي.
سيٺ
_ چڱو چڱو، ليئر هوندوءِ
(چنيسر
وڃي ٿو)
(ائڪٽ
پهريون) (پردو ڇهون)
(ميرپورخاص
جي هڪ حويليءَ جي ٻاهرؤن، چنيسر جو ڳوٺائي
“دودو“
ڪانڀ
ڪڍيو
ويٺو آهي ۽ ڏوهيڙا
پيو چوي؛)
عمر!
ناڻي پار ڏي،
اڄ ڪڪر ٿيو ڪارو،
مندائتي
مينهن جي اڄ وسڻ جو وارو، او، ساجن
سوڀارو، ڀيڄ
ڀني گهر آئيو.
الو ميان
پير، ڏسُ ته
ڀلين ٿرجا ماڻهو ڏين.سنڌين
کي ته ان
ڪري
ڪو عقل ئي ڪونهي.....
چنيسر جو پڇائي پڇائي، پيرم
۾
ئي لڦون پوئي ويون
آهن،
اڃا پتو ئي ڪونه ٿو پوي........ آهي ته
پڪ
ميرپور ۾. پر ٻيلي، ڪيئن سڌ پوئي؟ جنهن
ڪنان ٿو پار ٻڇان، سو
کنيو ٻوٿ ٻيڻو ڪري (اهل ڪري ٿو). سيٺ وٽ ڏس مليو
ته
اتان
به
نوڪري ڇڏي ويو. نهاري نهاري مون پوڙهي جي اکين ۾
ئي پچون پئجي ويون
آهن.
هاڻ پڇان؟ سو ڪنهن ڪنان پڇان؟ تڙ ڳولي، ڪهڙا
ڳوليان؟ مير پور جي شهر ۾ تڙ ٿيا ڪتين ڪنان وڌيڪ
”پر ٻيلي، يار کي ڳولي هٿ ضرور ڪرڻو پيو.(پٽڪي
مان ٻيڙي ڪڍي،
دکائي،
پيئي ٿو.)
اٿ ٻيلي دودا، ويٺي ڪنان وڳندي ڀلي (ڏاڙهي ءَتي هٿ
گهمائي اٿي وڃي ٿو).
(پردو
چڙهي ٿو)
(ائڪٽ
پهريون) (پردو ستون)
(شهر
جي دنگ تي ڪکائين جهوپڙي،جنهن
۾ چنيسر رهي ٿو،
چنيسر هاڻي شهر ۾ پاڻي ڀرڻ جو ڪم ڪندڙ آهي.
ڪنواٽي
ڪلهن تي، جهوپڙي ۾ اندر اچي ٿو.
ڪنواٽِي
۽ دٻا رکي ويهي سلفي پئي ٿو ۽ ان بعد راڳ ڳائي
ٿو.)
ڪري
ياد دل ٿي ڌڻ جي ڌنارن کي،
پنهنجي پرت ڀرين پت
جي
پهنوارن کي،
سڪندي
سال ٿيا،
لنگهي ورهيه ويا،
پلپل پور پيا،
قضا
قهر ڪيا،
جدا
جاني ٿيا،
وڃين شال
ملان پنهنجي پيارن کي! ڀلو ڀلو.
ڀلو ڀلو! سيٺ
جي نو ڪريءَ کان پاڻي ڀرڻ جو پورهيوڀلو ! گهمري
گهمري سان ڏوڪڙ. ڏس ته ڪمائيءَ جي لالچ ڪلهائي ڇني
ڇڏيا آم. پر ٻيلي،
اپت سا لوهه آهي! (چليهه مان نورو ڇوڙي، پئسا ڪڍي
۽
ڍڳيون
ٺاهي اڳيان رکي ٿو.
هاڻي ته ڏوڪڙن
چليهه چٻي ڪري
رکي آم،
(چيلهه
تي هٿڙو گهمائي ٿو.) اڃا تولي مل وٽ هن مهيني جي
پاڻيءَ جو پگهار رهيل آم. اُني جو به اڄ اجام
· آهي،
او ملي ويو ته پوءِ موز لڳي ويندي.
(ائين
چئي ٽنگ تي جو ڦٽ اٿس، تنهن تان مکين
کي هڪلي، ڏسي ٿو.) پر، سنڌ جون مکيون به ڪي ڇتيون
آهن. ماس چڪي ڦٽو ڪيو
آن.
ڪا
اڳڙي هجي ته ٻڌي ڦٽي ڪريان.
چوندآهن
ته ماهيو ڇيڻو به ڦٽ کي ڀلو آهي.
(ڇيڻي
لاءِ هيڏي هوڏي نهاري ٿو.) ٻيلي ڇيڻو ته پيو آهي.
(اٿي ذرو کڻي ڦٽ تي رکي ٿو ۽ پٽڪي مان اڳري ڦاڙي،مٿان
ٻڌيس ٿو) هاڻي جي ڦٽ نه ڇٽو ته چوبو
ملڪ ۾ تڏهن دارون ٿيندو ئي ڪونهي !
(اتي
ڀائي تو لومل اندر لنگهي ٿو اچي)
تولومل
_ (ڏوراپي طور) اڙي چنيسر، ڪرين ڇا ويٺو؟ صبح
ساڻ
پاڻي ڏبو آهي، ڪين
شنان
ڪاڻ ويٺا سڪون. هاڻي ٿر يا، تون ڏاڍو
سست
ٿي پيو آهين.
چنيسر_ سيٺ
تولامل،
پاڻي جام، هيءُ
ڄنگهڙي پيئي آهي ضربجي، سو چوسون ته ڪريونس ڪو ٽيڪڙ.
تولومل
_اڙي مورک، پنهنجا ٽيڪڙ ڪهڙا ٿو ڪرين؟ هو
ميونسپالٽيءَ
جا
ڊاڪٽر جي ويٺا آهن، انهن وٽ نٿو لنگهي وڃن؟
چنيسر _
چون ٿا داختر مور ڳوعِضيائي
·
وڍيو ڪڍن!
تولومل
_چريا ڪونه ٿيا آهن، جو عضوا
وڍيندا. رڳو ڦٽ کي ڌوئي، صفا
ڪري، ملم پٽي ڪندا.
چنيسر _
سٿن
! ڌوندا ڦٽ ته پاڻي ڪين چورائيندو؟ هاڻي پٽي ته ڪي
آمينس
·
ٺاهوڪي. ماهيو ڇيڻو مکي ڦٽو ڪيو آمينس.
هاڻي ڦٽ سگهو ئي سسڪي ويندو.
تو
لو مل _ سڪندو ته ڪونه،
باقي
چڪندو سو سهي، مرڳو ڳهيلا، ٽنگ نه وڃائين!
چنيسر _ تڏهن اسين ٿرجا ماڙهو ڀوڪ اهيون ڪم؟
تولومل
_ (هجو
طور)
نه نه، آهيوته عقل جا اڪابر! رڳو جڏهن عقل ورهايو
ٿي،
تڏهن
ٻين جهلي هئي جهول، اوهان ٿرين جهليو هو پرڻ! پر
هاڻي ٻڌاءِ ته هن مهيني ۾ پاڻيءَ جاوارا گهڻا ٿيا
؟ حساب لاهي ڪر چڪتو.
چنيسر _ (هٿن سان صدريءَ کي مناڙي)
هئو،
حساب
لٿو پيو آهي. تون سيٺ هئين ٿو ڀلجين، سو مون هاڻي
حساب
ڪري بنديءَ مٿي چاڙهي ڦٽو ڪيو آ.
تولومل _ (کلي) تڏهن
ڪڍ پنهنجي بندي ته پتو پوي؟
چنيسر _ (صدريءَ جي
کيسي
مان گدامڙيءَ جون
ککيون
ڪڍي،
وائڙو ٿي پيو نهاري) اڙي، هي
ڇا؟
موسمدو(2)
هو
ته
ککيون ڪي ڳپل هونديون! (کيسي ۾ ککين لاءِ
وري ڦولهه وجهي ٿو ۽ کيسي کي اٿلائي ٻاهر ڪڍيٿو ۽
ڏسي ٿو ته کيسو ڦاٽو پيو
آهي.)
هوءِڙي
تولامل
رڻ ٿي ويو!
تولومل
_ ڇو ؟ ڇو؟
سيٺ
جي بندي ڦاٽي پيئي
ڇا؟ (کلي ٿو)
چنيسر _ سڻ ! پڙهيا سدائين ليکي ۾ وڃن ٿا ڦري،
تڏهن
هيءَ ٽل ڪئي آم. ته وري صدري سڄي ڪانهي،
جنهن
منجهه ککيو
سلامت
هون !
تولومل
_ پر ميان، تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ مون کي ٿي دير ٿئي.
جيترا وارا ڀريا هوندءَ، ککيون به اوتريون نڪرنديون،
تنهنجو
گيندو ککيون
اوڳاريندو ته ڪونه؟ هن مهيني ۾ گهمرا
انهن ککين جيترا مس ڀر يا هوندوءِ.
چنيسر _
(ٽي
آڱريون ساڄي هٿ جون سڌيون ڏيکاري)
او،
روز هيترا گهمرا ٿو لاهيان وو !
تولو
مل _
(ککيون
ڳڻي)
ته
بس،
مهيني ۾ سڄيون ساريون ارڙهن ککيون، سي ليکو ڪري ڏس
ته برابر آهن،
ٻيو ڇا کپئي
؟
چنيسر _ الا جو سونهه؟
تڏهن
پوريون آهن ڪ؟ پورهيتن جو پورهيو دانا ڪو نه
وڃائي. (خوش ٿئي ٿو،)
هاڻي ڏيئيم ڏوڪڙ.
تولو
مل _ (کيسي ۾ هٿ وجهي،
ڏوڪڙ
پيو ڪڍي)
بيشڪ،
پهرين ڏوڪڙ.
چنسير
ميان! امانت جا بار ڏاڍا ڏکيا آهن. اسان کي پاڻ
ڳڻتي آهي ته پراوا پورهئي جا پئسا
ڏيون
ته ڇٽي جند. پر ٻيلي، هاڻي پاڻي جي ڀرائي جا اگهه
لٿل آهن. (کيس ٻين پائي واري جي حساب سان پئسا ڏئي
ٿو)
چنيسر _ تولامل ! ڏسج ڪس ته ڪو نه ٿو لايين؟
تولو
مل _ ڀائي، رام جو نالو وٺ،
تون
گريب پورهيت، تنهنجو باجنُن
جو پورهيو ڪو گهٽ ڪري ڏبو ڇا؟ اهڙي ڪپت ڪا ڪبي
!
چنيسر_ تڏهن ڀائي، آئين واڻيا ماڙهو قياس وارا
آهيو. تولو مل _
(پئسا
ڏيئي)
هان وٺ، ٻين پائين حساب سان ارڙهن وارن جا ٿيا
يارهن پئسا پورا. (چنيسر پئسا وٺي ڳڻي ٿو.)
ڪئين
پورا ٿيا نه ؟
چنيسر _ (ڪنڌ ڌوڻي) هئو هئو، تولا
مل! پورا ٿيا، تون ڪو گهٽ
ڏيندين
ڪ.
(نوري
مان ٻيا پئسا ڪڍي، تولي مل کي ڏيئي) ڀائي تولا مل،
ڀلائي ڪري هي
ڪل ڏوڪڙ
ڳڻي ڏينم.
تو
لو مل _
(پئسا
ڳڻي)
مڙئي رپيا اٿئي.
چنيسر_
(خوشي
مان)
ڏوهه
رپيا ! نه نه، الا جو
سونهه!
تڏهن ته موز لڳي وئي. (پئسا وٺي نوري ۾ وجهي، نورو
چيلهه سان ٻڌي ٿو.) هاڻي تون هل ته مان ٽڪر ڳڀو
وات ۾ وجهي،
هير جو هير، گهمرو ڀري ٿو اچان.
(تو
لو مل وڃي ٿو) سنڌ ۾ لڳي پئي آهي چوري.
ماڙهن جا ٽپڙ مورهين کنيو وڃن.
هاڻي پئسا پاڻ وٽ رکڻ به چڱا ڪين
آهن.
ٻچا ٻار به ڪيترو وخت ٿيو ڇڏي
آيو آهيان. ان جو به پتو ڪونهي،
ٿر ڪنان ڪو ماڙهو به ڪو نه ٿو اچي، جنهن هٿ کڻي
ڌوڪڙ موڪلجن. ڀلا سنڌ ملڪ ٿيو ولاتن تي. ڪٿي جا
ڪير ڪٿي جا
ڪوهيارا!
(پريان هڪ ماڻهو تي نظر پويس ٿي ۽ نراڙ تي هٿ رکي
چتائي ڏسي ٿو)
ٻيلي، جهڙو دودو! ائين وري ڪئين هوندو؟ (دودو
ويجهو پيو اچي) هائو ير، آهي ته سچي پچي دودو.
(دودو
اچي ٿو،
ڀاڪر پائي ملن ٿا ۽ ويهي خبرو چارون ڪن ٿا، دودي
جي منهن تي چاپئين ڏاڙهي، هٿ ۾ لٺ۽ هيٺان گوڏ ٻڌل
آهي.)
چنيسر _ (دودي کي کينڪاري)
دودا کش؟
دودو _ شخر آهي،
چنيسر _ چاق؟
دودو _ الله جي مهرباني.
|